’پُل تي ويٺل نوجوان‘ (مهراڻ 78/1) پڙهي ڪجهه لکيم
پئي؛ پر مسئلو پورو نه ٿيو آهي. جي ڪهاڻيءَ جي
جوڙجڪ تي چوان ته اڃا ڪجهه وڌيڪ لکان؛ پر اصل
مسئلي کي پوريءَ طرح نه نباهيو ويو آهي. ڪردار کي
نه رڳو ٻاهرين واسطيدارن جو وڪٽم ڪري ڏيکاريو ويو
آهي؛ پر گهر وارائي سڄي معاملي يعني ڳوٺاڻي لائيف
کان ڦري شهري لائيف نه سمجهڻ ڪري غلطفهميءَ جا
شڪار آهن. ان جي جواب ۾ مان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه
آهيان، ته موڪل تي گهر پهچڻ تي هڪ ئي ڏينهن گهر
جون سڀ ڪوتاهيون پڌريون ڪري ڪردار کي ڊيڄاريو وڃي.
ڪردار جو پيءُ کير بنا چانهه ويٺو پيئي، ڀينر سبڻ
جو ڪم ڪري گذر ڪن ٿيون، مسواڙ ۽ سامان لاءِ قرضي
اچن ٿا، ٻار روئن ٿا خرچيءَ لاءِ؛ پر هو ڏئي نٿو
سگهي _ ۽ ان هوندي به شاديءَ جي ڳالهه! نه ڪردار
کي گهرو حالتن جو پتو آهي، نه ئي مائٽن کي پٽ جي
پونجيءَ ۽ خرچ جي ٻيٽ! اڃا به ڪردار جي پت وائکي
ڪرڻ لاءِ دوستن جي بڇ ڪرائي ويئي آهي ۽ چانهه جي
دڪان تي کيس بي عزتو ڪيو ويو آهي. مان سدائين ان
خيال جو آهيان ته ڳوٺن ۾ ڪوبه ڪنهن کان ڳجهو ناهي_
ان تي گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو؛ پر انساني
سئڪالاجيءَ کي نروار ڪرڻ اعليٰ اديب جي گهرج آهي.
ڪهاڻيءَ جو ڪردار هڪ ڳوٺاڻو سنڌي نينگر آهي، جو
ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ شهري حالتن کي منهن ڏيڻ
کان لاچار آهي، ايتريقدر جو هو پنهنجي گهر وارن کي
به پرچائي نٿو سگهي يا چئجي ته سندن ڪنهن به ڪم
نٿو اچي. ڪهاڻيءَ جو پلاٽ ان نوجوان جي پنهنجي ڳوٺ
ڏانهن واپسيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ سڄو ڪرتب ستن
ڏينهن جو ڏيکاريل آهي. ان عرصي ۾ هن جي مزاج ۾ ڦير
گهير جي چِٽ چٽڻ ۾ اديب ڪمال ڪيو آهي؛ پر جڏهن مان
انهن ڏک ڀريل وارداتن کي سنڀاريان ٿو، ته ان پڇڻ
ري رهي نٿو سگهان ته، ڪردار کي پنهنجي آڪهه جي
گهرجن، ضرورتن ۽ حوصلي افزائيءَ سان گڏوگڏ، پنهنجي
اهليت ۽ جوابداري محسوس ٿي هئي يا نه؟ ڪيهر ته
ڪردار کي ڳوٺ ڪجهه سکڻ ماڻڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ گهر
اچي کيس سڀني کي منهن ڏيڻو پيو، اهو شايد هڪ اتفاق
هو. لاشڪ شخصي طرح اديب هڪ سنڌيءَ جو ڪراچيءَ ۾ هو
بهو نقش چٽيو آهي. پر ڏسڻو آهي ته ان موضوع کي
سلجهائڻ لاءِ هو ڪهڙو ڪردار ٿو ادا ڪري؟ ڏسڻ ۾ ته
ائين ٿو اچي، ته هو هڪ ڪم چور، ٻين جي آسرن تي هلڻ
وارو ۽ شخصي طرح گدلو هو؛ پئسي جي وهنوار ۾ به
ٺيڪ نه هو، آفيس وڃڻ ۾ به ڪوتاهي ٿو ڪري ۽ اديب جي
سڄي ڪوشش ان تي آهي ته، هو بي ڏوهه آهي ۽ سڄي دنيا
سندس دشمن آهي يا هن جي مصيبتن کي نٿا سمجهن. گهر
جا ڀاتي ناهن؛ پر هن کي تنگ ڪري هن کي نپوڙي رهيا
آهن. ماءُ جو ڪردار پوري طرح ڏيکاريل ناهي. سوال
هڪ ڳوٺاڻي آڪهه جو اٿاريل آهي، پر ڇيهه وڃي
ڪراچيءَ ۾ سنڌي ملازمن جي تڪليف تي ٿيو آهي، سو به
هڪ طرفو!
(مهراڻ 78/4 سچ پچ آزاد نظم هڪ قدر مقرر ٿئي ۽ ٽه _ ٽنگي اسٽول
کي فرنيچر جي نانءُ نه سڏجي ته، سليم ڳاڙهويءَ جو
’ناچ‘ ۽ احمد خان آصف جو ’هن بازار جون مايون
آهن‘ ماڊل ڪجي ته نئين دور جي ان صنف جي سونهن جو
وستار جيڪر سولو ٿي پوي. ’بازر جي ماين...‘ جي هڪ
هڪ سٽ موضوع جو چڀندڙ انلارجمنٽ آهي. پوءِ شاعر
کليل اکين سان ڏسي اسان جي ذهن کي ڌونڌاڙي پنهنجو
سنيهو ٿو ڏئي نه مون کي ۽ توکي؛ پر انسان ذات کي.
سليم ڳاڙهويءَ کي به احمد خان آصف سان برئڪيٽ ٿو
ڪريان. ٻنهي ۾ موضوع جو به ڪنهن قدر لاڳاپو آهي،
ڄڻ گڏجي
duet
ڪيو اٿن. نثار بزمي جي چور هجي ها ته ڇا ٿئي ها
ڀلا اهي شعر ڪيئن لکي ها. فرض ڪريو جي نانگ ٿئي
ها، ته لڇڻ به نانگ وارا هجنس ها! ۽ اهو سندس وس ۾
نه هجي ها ته چڪ پائڻ لاءِ هن وٽ ڪي قدر ٿي سگهن
ها! سرڪش سنڌيءَ ’ماروئڙن ماڳ‘ ۾ پاڻ ملهايو آهي.
سنڌ جي برپٽن ۽ واهڻن کي شان بخشيو اٿس. دعائن جا
انبار ارپيا اٿس؛ پر ’عالم سڀ آباد ڪرين‘ واري
شاهاڻي لات سان ڪين نباهيو اٿس. پيار ۽ محبت کي
سنڌ سان ونڊڻ جي معنيٰ اها ناهي ته، دعا شروع ئي
پِٽَ سان ڪريو:’... مدعي تنهنجا ميرا ٿين...‘
منهنجي سڪ ڪڏهن به ڪنهن جو مٺو نه گهرندي. سروپ جو
گيت برابر گيت آهي؛ پر جي پهريون هلڪو ۽ اڻ ٺهڪندڙ
بيت ڪڍي ڇڏجي. گيت جي سونهن سهڙيندي نهايت گنڀير
سنهيو ڏنل آهي: ’آءُ ته تنهنجي دل ۾ ڀريان ڌرتيءَ
جا ڏک سور‘، گيت جي زينت اها سوچ لوچ آهي؛ پر
شروعات واري بيت ۾ ڪَنَ تي هٿ رکي جهنگلي روايت
واري عشقي هونگار آهي. گيت جي هڪ هڪ تُڪ ۾ سونهن
اوتيل آهي. ان ريت نين تشبيهن ۽ تصورن سان اسان جي
ٻولي مالا مال ٿي سگهي ٿي. تنوير جي شاعريءَ جو
سنڌ کي ضرور قدر ٿيڻ گهرجي. اهو سچ آهي ۽ قبول ڪيل
آهي ته:
تڏهن شعر تنوير لکبو آ پاڻهي
جڏهن گهاءُ دل تي ڪوئي کائبو آ.
مون کي نثري نظم (اهي توهان جا اکر آهن) نه وڻندو آهي، ونءُ
ويندو آهيان؛ پر الائي ڇو ناگپال جو ’تون ڇا آهين‘
وڻيم پيو. ڪي شاعراڻيون لاٽون ۽ ڄڀيون منجهس سمايل
آهن. ”سقراطي سچ“ خبر نه اٿم ته سقراط ڇا چيو آهي؟
پر پليٽو شاعر کي پنهنجي ريپبلڪ مان جلاوطن ڪري
ڇڏيو هو. ”ڪوي هچارا“ پر ان هچارپڻ جون ريکون
چڱيون الجهايون اٿئين. بس شاعر جي اندروني چِتو
نتا تي چوکي اُلٽ ڪئي اٿس. شاعر کي سڃاڻڻ لاءِ
ڪيترن شاعرن جفاڪشي ڪئي آهي، دل پيئي ٿئي ته اهو
لکان، پر ڪڏهن لکندس. انسان جي اوينٽ ليس گذر کي
ڀانت ڀانت جي ڀاونائن ۽ اوجاڳن کي اڪيرڻ ۾ توهان
گهٽ نه ڪئي آهي. بس اهو گهڻي ليکي عام حياتيءَ جو
چِٽ آهي. آزاد نظم (ٻئي ڏينهن جو دوزخ) جي پهرين
تشبيهه سٽ سٽ سان گڏ ٿي اچي ٿي پُڃاڻي ڪري؛ هڪ ئي
خيال جي نروار لاءِ اڪيچار لفظي تصويرون ۽ آخر ۾
چار سٽون، مٿي چيل مسئلي جو سلجهائڻ ۽ حقيقت کي
منهن ڏيڻ ته:
بي صبر خواهش کي سڀاڻي جا ڏٽا ڏيئي سمارهڻ ليءِ
وري ٻئي ڏينهن جي دوزخ کي ٻارڻ ليءِ.
اهو سڀ انساني جيون جو هڪ چتر آهي. ڪي ڪي انسان، خدا جا پيارا
نڪري اچن ٿا، جي ٽريڊيشنل ماٺ ۽ مڃتا واري زندگيءَ
کان مٿي ٿي انسان ذات کي دڳ لائين ٿا. هيءُ ٻئي
ڏينهن جو دوزخ ناهي؛ ڏينهن کان پوءِ ڏينهن جو دوزخ
آهي، جو ڄمي، هل هلي مري ٿو وڃجي. توهان ’سوچ _
لوچ‘ ۾ لکيو آهي ته ’گهڻا ته شاعريءَ جي شروعات ئي
نثري نظم سان ٿا ڪن‘. ان تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ کپندو
هو. ٿورو ’ٽنگيل _ ڪوٽ‘ لاءِ به چوندس ڪهاڻي
پڙهندي نه رڳو حيدرآباد، پر ان جي ماحول ۽ ماڻهو
اکين آڏو اچي ويا. مان حيدرآباد جو آهيان ۽
حيدرآباد پارٽيشن کان اڳ ڇا هئي، مون کي ڀليءَ ڀت
ياد آهي. ليکڪ چئي ڇا ٿو ته، هر روز ڏهه ڍڳي
گاڏيون پسارڪي ڪوٺيءَ تي اڍائي مڻن جي ڳوڻين سان
ڀرجي اينديون هيون ۽ حمال لاهيندا هئا ۽ سيٺ
کيمنداس هڪ پائي ڳوڻ جي حساب سان کين ڏيندو هو.
منهنجي لاءِ اها هڪ فيري ٽيل آهي. مون کي عجب لڳو
ته پسارڪو سامان گهرائڻ وارو ٻاهرين ملڪ مان
گهرائيندو به هو ته، ٻاهرين ملڪن ۽ ڀر وارن علائقن
ڏانهن موڪليندو به هو. حيدرآباد جي حيثيت ڪهڙي؟ نه
هوائي اڏو، نه ئي سامونڊي بندر؛ رهي کهي ريلوي
اسٽيشن هئي، جتي مهيني ٻئي جو سامان گهرائيندا
هوندا! نه ته اهو شغل ڪراچيءَ لاءِ هو. سيٺ جي
ڪوٺي حيدرآباد جي ميان فقير جي پڙ ۽ قلعي جي وچ تي
ٿي سگهي ٿي، اتي روزانو ڏهن ڍڳي گاڏين جو اچڻ وسهڻ
جوڳو ناهي. ان وقت شهر جو آدم هڪ لک کن هو، ۽
’ڀيرومل‘ حمال ٿي نٿو سگهي. هندو مزوريءَ لاءِ
خيال ۾ نٿو آڻي سگهجي. ڪهاڻي ’ڀيرومل‘ جي نه، پر
هڪ مزور جي آهي، ته ڪيئن محنت کان پوءِ ڪافي يا
راڳ ڳائي دل کي خوش ڪندو هو. هن جي ڪئريڪٽر لهڻ
لاءِ ڪهاڻي ڪجهه نٿي چئي. ڀيرومل چلم پيئندو هو،
پاڙي جي ٻارڙن سان هريل مريل هو، مان مڃان ٿو؛ پر
جي مري ويو ته سڀ ائين ئي مرندا آهن. يعني ڳالهه
آهي ته ويچارو هڪڙو ڀيرومل مري ويو! ان کان وڌيڪ
ڪهاڻيءَ جو ”پيٿاس“ ڪونه ٿو سمجهيم. ’ٽنگيل ڪوٽ‘
ليکڪ کان ڳوڙها ڳاڙايا آهن، ته مون کي ساڻس همدردي
آهي؛ پر اهو مسئلو غربت ۽ شاهوڪاريءَ جو آدجڳاد
کان آهي ۽ سڄي دنيا ان کي حل ڪرڻ لاءِ مٿا مونا
هڻي پئي؛ پر انسان اڃا بيوس آهي _! سوچ لوچ پڙهيم
۽ خوش ٿيس.
_گرداس واڌواڻي، ڪراچي سنڌ.
”مهراڻ“ ور ور ڪري پڙهيم. ’سوچ _ لوچ‘ وقتائتي ۽ اندر جي اپٽار
هئي. ٽائيٽل نه وڻيو. علي بابا، طارق شوڪت جون
ڪهاڻيون وڻيون. تنوير عباسيءَ جو مضمون معلوماتي
هو. شاعريءَ ۾ طالب الموليٰ، سحر امداد، استاد
بخاري، سليم ڳاڙهوي، داغ ٽکڙائي ۽ اوهان جي شاعري
وڻي، خاص ڪري هي شعر:
انڌا اکيون ڦاڙي ڏس
سورج ناهي؟ ٻيو ڇاهي
_راهي چنا، ڄام شورو.
’سوچ _لوچ‘ ۾ اسم تصغير (!) جو آزاد مون کي نٿو وڻي. ’سوچ _
لوچ‘ کي ور ور ڪري پڙهيم شوڪت جي ڪهاڻي(!) ورجايل
موضوع آهي ته سندس ناول ڇا هوندو؟! مدد ۽ طارق جون
ڪهاڻيون اڻ وڻندڙ ۽ خشڪ هيون. شاعريءَ ۾ نثار
بزمي، بشير شاد، ملڪ آگاڻي، تنوير ۽ ذوالفقار سيال
جون شيون سٺيون هيون. قاضي قادن تي تحقيق آفرين
جوڳي آهي. _ممتاز عباسي، لاڙڪاڻو
’لطيفي لات‘ ساراهه جوڳو سلسلو آهي. پوئين ”مهراڻ“ ۽ هيلوڪي
”مهراڻ“ جي شاعريءَ ۾ واضح فرق محسوس ڪيم. ’سوچ _
لوچ‘ ۾ توهان جون جديد شاعرن ڏانهن لکيل سٽون ته
’الوميان ٽائيپ واري هرڪو رهڙيو وٺي‘ مون کي
ڏاڍيون ڪارائتيون لڳيون. نوان شاعر بنا ڪنهن محنت
۽ ڄاڻ جي شاعريءَ ۾ اچيو پير ڌرين.
_ياسمين، خيرپور
’سوچ _ لوچ‘ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي آهي؛ ان تي عمل ڪرڻ لازمي
آهي. شاعريءَ ۾ سروپ، تنوير، سرڪش ۽ توهان جا شعر
پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪهاڻين ۾ علي بابا ۽ مدد پاڻ
ملهايو آهي. ’ڏات جي ڏيهه‘ مان معلوم ٿو ٿئي ته
سنڌي ڪلاڪار ڪيترو نه مصيبتن جي گهاڻي ۾ پيڙهجي
رهيو آهي. ’ٿاريلا ۽ ٿر‘ لکڻ تي دوست ڏيپلائي
کيرون لهڻيون.
_شنڪر لهاڻو، مِٺي
”مهراڻ“ ٽائيٽل کان آخري صفحي تائين خوبصورت آهي. هٿ
سان پاتل گهيرن مان لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي ڪڍڻ تي
مبارڪون. ادب يا ته ادب آهي يا اهو ادب ناهي. پوءِ
اهي پراڻيون، پاروٿيون، ڪٽيل ۽ مئل رسمون ڇو؟
سقراط چيو هو ته: ”لفظن جو غلط استعمال دنيا جو سڀ
کان وڏو گناهه آهي.“ ان تي تفصيلي طور روشني ’سوچ
_ لوچ‘ ۾ وڌي وئي آهي. اهو بلڪل سچ آهي ته:
”جيڪڏهن ڪير به ڪنهن به لفظ کي ٻڌل ۽ پڙهيل معنيٰ
۾ ڪم ٿو آڻي ته اهو لفظ جي حرمت کان واقف ڪونهي.“
ان جي نتيجي ۾ جيئن اوهان چيو آهي ته : (الف)
ويجهڙائيءَءِ ۾ سڄاڻ پڙهندڙ جي ڀيٽ ۾ ڏڏ لکندڙ
وڌيڪ اُڀڙيو آهي، (ب) سٺي ليک جي ٽائيٽل سان بي
معنيٰ ٺيٺ سنڌي اکرن جو ڍير وڌيڪ گڏ ٿيو آهي. ٻه
قافيا ملائي ٽيڙو ۽ الوميان ٽائيپ وايون رهڙڻ سان
ڇپائيءَ جو مسئلو پڻ پيدا ٿيو آهي. اوهان
ايڊيٽريءَ جي مقدس معيار کي قائم رکيو آهي ۽ ذاتي
وڻت اڻ وڻت کان مٿانهان ٿي لکندڙن جي سڀني طبقن
سان انصاف ڪيو آهي. ’استاد، واجد، مير محمد
پيرزادي، سروپ، تنوير ۽ سحر جي شاعري وڻي. اوهان
جا نظم ۽ غزل وڻيا؛ ’اونڌاهيءَ ۾ تيلي ٻاري آئيني
کي جاڳايان‘ پڙهڻ سان باطن ۾ جيڪو خوشبوئن جو سفر
ٿئي ٿو، تنهن کي
Discuss
ڪرڻ لاءِ الڳ
Sitting
کپي. مدد ۽ طارق جي ڪهاڻين متاثر ڪيو. علي بابا ۽
حليم مايوس ڪيو. سحر جي ڪهاڻي وچولڙي هئي. ناٽڪ
سٺو آهي: پر اياز عالم ٿورو جذباتي ٿي ويو آهي.
ڳالهه ٻولهه ۽ خاڪو وڻيو. لکندڙن کي انهن صنفن
ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڊاڪٽر بلوچ جو مقالو
جاندار آهي. قاضي خادم جو تبصرو وڻيو. فتاح وِهه
جهڙو سچ چيو آهي.
_آثار آرائين.
هيل ڪهاڻين جو ڀاڱو ڀرپور هو. حليم بروهي ته ڪمال ڪري ڇڏيو،
مزاح لکندي لکندي ايڏي سيريس ڪهاڻي لکي اٿس. کيس
داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. مدد به اڳي کان
اڳرو رهيو. طارق عالم ابڙي سٺي ڪوشش ڪئي آهي. علي
بابا جو ڪجهه وقت اڳي الجهيل ۽ وکريل لڳندو هو هيل
سلجهيل لڳو ۽ هڪ ڀيرو وري به ثابت ڪري ڏيکاريائين
ته پاڻ واقعي سنڌ جو سرموڙ ڪهاڻيڪار آهي. سانول جي
ڪهاڻيءَ ۾ لفظن کي لٺيون هڻي زوري جڪڙيو ويو آهي.
نسيم جي ڳالهه ٻي هئي _ هو لفظ ڳوليندو ڪونه هو.
نسيم ٻولي توڙي پلاٽ کي هڪ ئي وقت ڏاڍي مهارت سان
گڏوگڏ هلائيندو هو. سانول کان صرف ڏور جو هڪ ڇيڙو
جهليو ٿيو آ. شوڪت شورو هميشه جيئري جاڳندي حقيقت
لکندو آهي. شاعريءَ ۾ عبد منگيو جو نظم وڻيو. نون
لاءِ ڪجهه صفحا مخصوص ڪيو. ”ٽانڊاڻي جي لاٽ“ ڇو
بند ڪري ڇڏيو اٿوَ؟ پڙهندڙن جو تعارفي سلسلو پڻ
بند ڪري ڇڏيو اٿو! قاضي قادن جي ڪلام تي ڇنڊ ڇاڻ
ادب ۾ سٺي روايت آهي.
_ڦل علي نواز سعيد، نواب شاهه.
”مهراڻ“ پڙهندو اچان. خاص ڪري مضمون هر پرچي جي جان
هوندا آهن. ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جا مضمون ڏاڍا پسند
اٿم. سنڌي ادب ۾ تنقيد نه هئڻ جي برابر آهي. ڊاڪٽر
ٻوهيي ان طرف قدم وڌائي، تنقيد جا معيار ۽ ماپا
ڏسي، اسان تي ٿورو ڪيو آهي. قاضي قادن تي لکيل
مضمونن سٺي معلومات ڏني. سنڌي ادبي بورڊ کي اهي
112 بيت ڇپائڻ گهرجن.
_غلام مصطفيٰ زرداري، ٽنڊو آدم
هن علمي ۽ ادبي دستاويز اونداهه ۾ گم ٿيل ذهنن کي نئين
روشني ڏني آهي. ’مهراڻ‘ ۾ شايع ٿيل علمي ۽ ادبي
سرمايو سون مثل آهي. جنهن لاءِ واڌايون. جي وقت
وڇوڙو نه آندو ته اسان تا دم هن جا پرستار
رهنداسين. ”لطيفي لات“ ۽ طالب الموليٰ جي غزل
متاثر ڪيو. نثار بزمي سرسي ڪئي. ڪهاڻين ۾ ”سو رپيا
نوٽ ماڻهو“ وڻي. ”ڏات جي ڏيهه ۾“ گهڻو پسند آيو.
هن ناٽڪ ۾ سماج تي تعميري تنقيد ڪئي وئي آهي ته:
عظيم ليکڪن جو حال هيڻو ڇو ٿو ٿئي؟ جڏهن ته اهي
سماج جا عظيم تر ۽ اهم فرد آهن. ترجمي جي ڀاڱي ۾
اوهان خوب محنت ڪئي آهي. تبصرا وڻيا. مقالن ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مقالو معلوماتي هو.
_محمد اسلم صابر، ڪنڌڪوٽ
پرچو وڻيو. ڪي ڪوتاهيون ٽنبيل ٿيون ڏسجن يا همٿ
افزائيءَ جي نانءُ هيٺ اٽڪايل! هونءَ رچنائون
سٺيون آهن. هڪ دکدائڪ خبر ڪن پئي اٿم، شل من گهڙت
هجي ته تون ”مهراڻ“ ڇڏين ٿو..................: دل
کي جو جهوٻو آيو تنهن کي اکر نٿا اڪري سگهن. ادب
کيتر ۾ جا چرپر آئي آهي سا ٺاپرجي ويندي. نئين ڪلا
جو آرنڀ انت ٿي ويندو: نڪوري سوچ ۽ نواڻ بند ٻُنجي
هيٺ! سچ ايڏي چڙهيل وير جو موٽڻ ٻيڙياتن کي ماڻڪ
ميڙڻ کان سواءِ موٽائيندو.
_ڪنيهو تنها، شهدادڪوٽ
”سوچ _ لوچ“ کان وٺي آخر خط تائين ور ور ڪري پڙهيو اٿم. شاعري
واري ڀاڱي ۾ مظهر جلباڻي، راهي چنا، ج. ع.
منگهاڻي، مختيار ملڪ، تنوير عباسي، سحر امداد،
زبيده ميتلو ۽ ذوالفقار سيال وڻيا. ڪهاڻين ۾ علي
بابا ”سو رپيا نوٽ ماڻهو“ جي ڪمزور پلاٽ جي
باوجود، لکڻ جي ڏانءُ جي آڌار تي ڳالهه کي کڻي
ويو. حليم بروهي ”روپوش“ لکي پنهنجي روايت کي ٽوڙي
ڇڏيو. طارق عالم جي ڪهاڻي ”پيلو ڌنڌ“ ٿرٿلو
مچائيندڙ هئي. ليکڪ کيرون لهڻي. وليرام ولڀ ۽ مدد
علي سنڌيءَ جي لکت ڪانه وڻي. مدد جا هر هنڌ
ڊائريءَ جا ٽڪرا پڙهي ائين ٿو ڀانئجي ته پاڻ هاڻي
خاطي کوکو رهجي ويو آهي. بهرحال سندس لفظن جو
سٽاءُ وڻندڙ آهي.
_آزاد جتوئي، ڏوڪري
”مهراڻ“ جي ”سوچ _ لوچ“ ۾ موتين مالها پوئي ڇڏي ٿئي. سائين طالب
الموليٰ رنگ لائي ڇڏيو. سليم ڳاڙهوي ۽ داغ جون
ڪافيون پرچي جي سونهن هيون. استاد بخاري فطرتي طور
نظاري جو ڀرپور چٽ چٽيو. ”فرض ڪريو....“ ٻاراڻا
خيال هئا. راشد مورائيءَ جي وائي قومي رنگ ۾ رتل
هئا. ظفر الدين عباسي جي ”لڦون لڦون ٿيو چنڊ“ ۾
آفاقيت آهي. حليم صحيح سماجي ڏيک ڏيکاريو. علي
بابا چڱيرو لڳو. ”دل اندر درياو“ وڻي. وليرام وکر
وهائيندو اچي. هيري ٺڪر ادب ۾ هڪ وڻ پوکيو آهي
جنهن جي سڀ ڇانو ماڻيندا. ڊاڪٽر بلوچ، تنوير صاحب،
۽ سنديلي صاحب اسان جهڙن اٻوجهن جي رهنمائي ڪئي
آهي.
_ناز سهتو، ڪنڊيارو.
ٽائيٽل ڪو تاثر نه ڇڏيو. هن ڀيري علي بابا مونجهارن مان نڪري،
سٺيون سوچون ٺيٺ سنڌي لفظن ۾ پني تي پکيڙيون آهن.
ٻيون ڪهاڻيون ائين هوين. ’قاضي قادن جو ڪلام‘ تي
مضمون سٺا هئا. ’مهراڻ‘ وقت تي آڻيو
_ تراب سنڌي، شڪارپور سنڌ.
تنهنجي سموري ڪلام سان اتفاق نه به رکندو هجان، پر ص 41
وارو نظم ‘آءُ اڃا به اهو ئي تنها...‘ بيحد پسند
آيم. شاعريءَ ۾ سليم ڳاڙهوي، نثار بزمي، احمد خان
آصف، مسڪين راشدي، مظفر جلباڻي، مير محمد پيرزادي،
اشرف آصف ۽ مختيار ملڪ پاڻ ملهايو آهي. ذوالفقار
سيال جي ڇهن سٽن کي غزل چئي غزل جي صنف سان چٿر
ڪئي وئي آهي. ’قاضي قادن جو ڪلام‘ تي ڊاڪٽر بلوچ،
عبدالڪريم سنديلي ۽ تنوير جي ڇنڊ ڇاڻ معلومات جو
ذخيرو ٿي پئي آهي. ٽائيٽل تي نانگن ڀوتن بدران سنڌ
جو مهراڻ ڏيو، ته هوند ’مهراڻ‘ ماهي کير ۾ مصريءَ
جي ڳڙين جيان ٿي پوي.
_اميد خيرپوري
”مهراڻ“ پڙهيم. جس هجيوَ. مخدوم صاحب جو غزل رسالي جي
سونهن هو. تنهنجو هي شعر: ’اڄڪلهه ماڻهوءَ تي،
ڪُتي وانگر ٿو باهي‘ نواڻ سان ڀرپور هو. علي بابا،
مظهر جلباڻي، سحر امداد، راشد، بشير شاد، سرڪش،
ڊاڪٽر بلوچ ۽ تنوير پاڻ موکيو آهي.
_دوست محمد بروهي بلوچ، پريا لوءِ.
هن ڀيري علي بابا پاڻ ملهايو آهي. حليم بروهيءَ به واهه جو لکيو
آهي. ’تيءَ جيترو آسمان‘ ۽ فوڪس کان ٻاهر زندگي‘
خاص نه هيون. ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر سنديلي جا مضمون
سٺا هئا. سليم ڳاڙهويءَ جو گيت سٺو هو. تنهنجا
ٽيڙو ۽ سحر جو هي شعر وڻيو اٿم: ’سور پيئڻ کان
پوءِ ئي، رات ڄڻيندي سج _ پگهري پوندي برف ۽
لهريون لهنديون لانءِ.‘
_خالد الزمان گاجڻي، هالا نوان |