سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :10

 ”آتم ڪهاڻي“ نثر جي هڪ بيحد نازڪ ۽ اهم صنف آهي؛ ان کي نڀائڻ لاءِ سچائي  ۽ بيباڪي پهريون ۽ پويون شطر آهي. اها حقيقت آهي ته سنڌي ادب ۾ خاص ڪري گذريل ٽين ڏهاڪن ۾ هن صنف ڏانهن جوڳو ڌيان نه ڏنو ويو آهي.

هتي سائين محمد صادق ميمڻ جي ”آتم ڪهاڻي“ ڏيڻ جو مقصد نه رڳو انهيءَ کوٽ کي پورو ڪرڻ آهي؛ پر ساڳئي وقت لکندڙن کي ان صنف ڏانهن ڌيان ڏيارڻ لاءِ اڀارڻ پڻ آهي. هن ”آتم ڪهاڻيءَ“ ۾ ان وقت جي حالتن، ماحول، ڪردارن ۽ انهن جي سڀاءَ ۽ ڪُڌين سماجي رسمن جي چِٽ چٽڻ سان گڏوگڏ، اڪيلي ماڻهوءَ جي جيئن ڪارڻ جاکوڙ جو وزنن آهي. آس اٿم ته ”مهراڻ“ جا پڙهندڙ ان کي دلچسپيءَ ۽ ڌيان سان پڙهندا.

_امداد

 

هڪ ڪروڙ پائونڊ نوٽ

 

مارڪ ٽئين

ثريا مخدوم

 

        (مارڪ ٽُئين امريڪا جي جديد ادب جي بانين مان ليکيو وڃي ٿو. هو 1835ع ۾ ڄائو ۽ 1910ع ۾ وفات ڪيائين. سندس اصل نالو سيموئل ڪليمنن هو. هن پنهنجي ادبي زندگيءَ جي شروعات ننڍين ڪهاڻين سان ڪئي؛ پر اڳتي هلي هو هڪ ناول نويس جي حيثيت ۾ مشهور ٿيو. ”هڪلبيري فن“ سندس هڪ شاهڪار ناول آهي.

مارڪ ٽئين بنيادي طور هڪ مزاح نگار آهي؛ پر سندس مزاج اتاڇرو نه آهي، ان ۾ اونهائپ ۽ دٻيل طنز آهي. ان جو مثال هيٺ ڏنل ڪهاڻيءَ مان به ملي سگهي ٿو. ان ۾ هن کِل ئي کِل ۾ انگريزن جي ڪن اڻوڻندڙ رواجن، جيئن ته هر معاملي کي شرط سان نبيرڻ ۽ دعوت جي روايتي شروعات ڪرڻ واري دستور تي ٽوڪ ڪئي آهي. ٻيو ته ان ڪهاڻيءَ ۾ پونجيوادي سماج هڪ ناسور کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن موجب هڪ سماج ۾ عزت لائق رڳو اهو ماڻهو آهي، جنهن وٽ پئسو آهي. ان ڪهاڻيءَ جو سورمو (Hero) هڪ غريب ڇوڪرو آهي، جنهن جي هونءَ ته ڪابه حيثيت نه هئي؛ پر جڏهن هن وٽ هڪ ’وڏو‘ نوٽ اچي وڃي ٿو، ته هو هڪدم مانَ وارو بڻجي وڃي ٿو، هن جو حسب نسب پڻ اعليٰ ٿي پوي ٿو. جيتوڻيڪ هو پوءِ به هٿين خالي رهي ٿو؛ پر رڳو ان ’وڏي‘ نوٽ جي جهلڪ سان ئي اهي سڀ آسائشون ماڻي ٿو، جيڪي پونجيوادي سماج ۾ مٿاهين طبقي جا ماڻهو ماڻين ٿا، ايتريقدر جو لقب به ملن ٿا.

مارڪ ٽئين پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو مسپي درياهه جي ماٿريءَ ۾ گذاريو، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو، جو هن جي اڪثر ڪتابن ۾ درياهه جي زندگيءَ ۾ اهڃاڻ ملن ٿا. ڪي ڪتاب ته هن لکيا ئي ان زندگيءَ جي باري ۾ آهن. هيٺ ڏنل ڪهاڻيءَ ۾ پڻ اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا. _ثريا مخدوم.)

مان جڏهن ستاويهن سالن جو هوس، تڏهن سئن فرنسسڪو ۾ کاڻين جي هڪ دلال جو ڪلارڪ هوس، ۽ انهيءَ ڪري هر قسم جي ڏيتي ليتيءَ ۾ ڀَڙُ ٿي ويو هوس. مان دنيا ۾ اڪيلو هوس. مون وٽ اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي، جنهن تي ڀاڙيان ها، سواءِ پنهنجي ڳُڻن ۽ چڱن لڇڻن جي؛ پر اهي منهنجي قسمت ٺاهڻ ۾ منهنجي مدد ڪري رهيا هئا ۽ مان آئيندي لاءِ مطمئن هوس.

هفتي جي پوين ڏينهن ۾، منجهند جي مانيءَ کان پوءِ منهنجو وقت، منهنجو  پنهنجو هوندو هو. ان وقت مان هڪ ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، سمنڊ ۾ سير ڪرڻ ويندو هوس. هڪ ڏينهن مان تمام پري نڪري ويس ۽ درياهه تائين وڃي نڪتس. بس پوءِ ته واپس ورڻ جون اميدون لاهي ويٺس؛ پر اتفاق سان هڪ ننڍو ڦرهو جهاز وٽان اچي لانگهائو ٿيو، جنهن مون کي کنيو. اهو جهاز لنڊن ڏانهن وڃي رهيو هو. اها تمام وڏي ۽ طوفاني مسافري هئي. هنن مون کان ڀاڙي جي عيوض هڪ عام تاروءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرايو. جڏهن مان لنڊن جي بندر تي پهتس، ته منهنجا ڪپڙا ميرا ٿي چڪا هئا ۽ منهنجي کيسي ۾ صرف هڪ ڊالر وڃي بچيو هو. انهيءَ رقم مون کي چوويهه ڪلاڪ پاليو ۽ پناهه ڏني. ٻيا چوويهه ڪلاڪ مون بنا کاڌي ۽ اجهي جي گذاريا. ٻئي ڏينهن صبح جو نِستو ۽ بکيو، مان پنهنجو پاڻ کي پورٽ لينڊ پليس تي گهليندو پئي ويس ته اتي هڪ ٻارَ، جنهن کي سندس نوڪرياڻي گهمائي رهي هئي، هڪ ناسپاتي _ هڪ چَڪَ گهٽ _ گٽر ۾ اڇلائي.

مان هڪدم بيهي رهيس ۽ پنهنجي آسائتي اک ان گپ جي خزاني ۾ کُپائي ڇڏيم، منهنجو وات پاڻي پاڻي پئي ٿيو، منهنجي پيٽ ان لاءِ ليلايو، منهنجي سڄي وجود ان جو خيرات گهريو؛ پر هر ڀيري جيئن مان ان کي کڻڻ لاءِ نِوڙيس ٿي، ته ڪنهن لنگهندڙ اک منهنجو ارادو تاڙي ورتو ۽ مان وري سڌو ٿي، اهڙي ته لاپرواهي ڏيکاريندو هوس، ڄڻ ته مون ان ناسپاتيءَ لاءِ ڪڏهن سوچيو به نه هو. اها حالت ٿيندي ئي رهي ۽ مان ناسپاتي کڻي نه سگهيس. آخرڪار مان ايڏو ته نااميد ٿيس، جو شرم حيا جا ليڪا لتاڙي، ناسپاتي کڻڻ وارو ئي هوس، ته منهنجي پويان هڪ دري کلي ۽ هڪ پرئي مڙس مون سان ڳالهائيندي چيو:

”مهرباني ڪري هيڏانهن اچ.“

مان ان گهر ۾ گهڙيس، جتي هڪ باوردي نوڪر جي سونهپ ۾ مون کي هڪ عاليشان ڪمري ۾ پهچايو ويو. ان ڪمري ۾ پوڙهن همراهن جو هڪ جوڙو ويٺل هو. نوڪر کي ٻاهر موڪلي، هنن مون کي ويهڻ لاءِ چيو. ميز تي پيل مانيءَ جي بچيل ٽڪرن مان لڳو ٿي، ته هنن تازو نيرن ڪئي هئي. انهن مانيءَ جي ڳڀن مون تي جادوءَ وارو اثر ڪيو. اها ڄاڻ ته رڳو مون کي ئي آهي، ته مون ڪيئن پاڻ کي جهليو پليو. منهنجون اکيون انهيءَ کاڌي ۾ کُتل هيون، پر مون کي کاڌي کائڻ جي ڪابه صلاح نه ڪئي وئي. بس پوءِ ته جنهن پيڙا مان مون کي لنگهڻو پيو، تنهن جي خبر ته منهنجي دل کي ئي آهي.

هاڻي، ڪا ٿوري مهل اڳ اتي ڪجهه ٿيو پئي، جنهن جي باري ۾ مون کي ان کان پوءِ ڪافي ڏينهن تائين ڪا خبر نه پئجي سگهي؛ پر اوهان کي مان اهو سڀڪجهه هاڻي ٻڌائيندس.

هنن ٻنهي پوڙهن ڀائرن جي وچ ۾، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ گرما گرم بحث هليو پئي، ۽ انهيءَ ٺهراءَ تي پورو ٿيو هو، ته ان جو فيصلو شرط سان ڪيو ويندو، جيڪو هر معامل کي نبيرڻ جو انگريزي طريقو آهي.

اوهان کي ياد هوندو، ته هڪ گهمري انگلنڊ جي بئنڪ ڪنهن ڌارئي ملڪ سان ڏيتي ليتيءَ جي سلسلي ۾، هڪ خاص مقصد لاءِ ڏهه لک پائونڊن جا ٻه نوٽ جاري ڪيا هئا؛ پر ڪنهن سبب جي ڪري انهن مان صرف هڪ استعمال ڪيو ويو هو ۽ اهو نيڪال ٿي ويو هو؛ ٻيو اڃا تائين بئنڪ جي خزاني ۾ پيو هو. اتفاق سان اهي مالدار ڀائر ڳالهيون ڪندي اچي ان ڳالهه تي ويچارڻ لڳا، ته هڪ صفا ايماندار شخص جي هوند ڪهڙي حالت ٿئي، جنهن کي لنڊن جي شهر ۾ صفا هيڪلو ڇڏيو وڃي ۽ هن وٽ ٻيو ڪجهه به نه هجي سواءِ انهي بئنڪ نوٽ جي. جنهن کي ظاهر آهي ته هو ظاهر ڪري به نه سگهندو. ڀاءُ ’الف‘ چيو ته هو لنگهڻ وگهي مري ويندو؛ ڀاءُ ’ب‘ چيو ته ائين نه ٿيندو. ڀاءُ ’الف‘ تنهن تي چيو، ته هو ان کي بئنڪ يا ڪنهن به ٻئي هنڌ ڏئي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته ٿڏي تي ئي گرفتار ٿي پوندو. اهڙيءَ طرح هو تڪرار ڪندا رهيا، تان جو ڀاءُ ’ب‘ چيو، ته هو ان لاءِ ويهه هزار پائونڊ شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهي، ته اهو ماڻهو انهن ڏهن لکن تي ڪهڙيءَ به طرح ٽيهه ڏينهن گذارو ڪندو. ۽جيل کان به ٻاهر هوندو. ڀاءُ ’الف‘ هن کي ورائي ويو. نيٺ ڀاءُ ’ب‘ بئنڪ ۾ ويو ۽ اهو نوٽ کڻي آيو. توهان ڏٺو، صفا هڪ انگريز وانگر‘ پوءِ هن هڪڙو خط لکرايو، جيڪو سندس منشين مان هڪ سهڻن اکرن ۾ لکيو ۽ ٻيئي ڀائر ان کي ڏيڻ لاءِ سڄو ڏينهن ڪنهن صحيح ماڻهوءَ لاءِ واجهائيندا رهيا. هنن ڪيترائي ايماندار ماڻهو سامهون لنگهندي ڏٺا پر اهي ذَهين نه هئا. ڪيترائي ذهين هئا، ته وري ايماندار نه هئا. جن ۾ وري اهي ٻئي ڳڻ هئا، ته اهي غريب نه هئا، يا جيڪڏهن ڪافي غريب به هئا، ته اووپرا يا ڌاريا نه هئا. مطلب ته هر ڪنهن ۾ ڪانه ڪا کوٽ هئي، تان جو مان هنن جي ور چڙهيس ۽ هنن مڃيو ته مان هر لحاظ کان صحيح ماڻهو هوس؛ سو هنن مون کي يڪراءِ چونڊي ورتو _ ۽ هاڻي اتي اهو ڄاڻڻ لاءِ سيڙهيو ويٺو هوس، ته هنن مون کي ڇو سڏايو هو! هنن مون کان منهنجي باري ۾ سوال پڇڻ شروع ڪيا ۽ جلد ئي کين منهنجي ڪهاڻي معلوم ٿي وئي. پوءِ نيٺ هنن مون کي ٻڌايو، ته مون کي سندن هڪ ڪم ڪرڻو آهي. مون کين ٻڌايو ته مون کي ان لاءِ سچ پچ ڏاڍي خوشي ٿيندي، ۽ پڇيم ته اهو ڪهڙو هو؟ پوءِ هنن مون کي هڪ بند لفافو ڏنو ۽ چيو ته مون کي ان جي اندر پنهنجي ڪم جي وضاحت ملندي. مون ان کي کوليو ئي ٿي ته هن چيو: نه، ان کي پنهنجي جاءِ تي کڻي وڃان ۽ تيستائين اُٻهرو نه ٿيان. مان منجهي پيس ۽ ان معاملي تي وڌيڪ بحث ڪرڻ گهريم؛ پر هنن ائين ڪرڻ نه ڏنو؛ سو اهڙي قسم جي عملي ڀوڳ تي پاڻ کي بي عزت ۽ ڪريل محسوس ڪندي ۽ پوءِ به ان سان منهن ڏيڻ لاءِ مجبور هوندي، ڇو جو امير ۽ طاقتور ماڻهن جي چٿرن جي جواب ڏيڻ جي حالت ۾ نه هوس، مون کانئن موڪلايو.

منهنجي حالت هاڻي اها هئي، جو اها ساڳي ناسپاتي ڏسان ها، ته سڄي دنيا جي سامهون بيهي کاوان ها؛ پر اها به وڃائجي چڪي هئي؛ سو مون ان کي به هن نڀاڳي ڌنڌي ۾ وڃائي ڇڏيو! ان جي خيال منهنجي بکئي من ۾ آنڌمانڌ مچائي ڏني ۽ هنن ماڻهن ڏانهن منهنجي جذبن کي ڀڙڪايو. ان گهر کان پرڀرو ٿيندي ئي، مون پنهنجو لفافو کوليو ۽ ڏٺم ته ان ۾ ڏوڪڙ هئا. هاڻي انهن ماڻهن جي باري ۾ منهنجي راءِ ڪيئن تبديل ٿي، اهو مان ئي چئي سگهان ٿو! مون هڪ لحظو به زيان نه ڪيو ۽ نوٽ ۽ ڏوڪڙ پنهنجي سوٽ جي پوئين کيسي ۾ سانڍيم ۽ ويجهڙائيءَ واري هڪ سستي هوٽل ۾ گهڙيس، چڱو پوءِ مون ڪيئن کاڌو جڏهن مان گهڻو وقت ويهي نه سگهيس ته پنهنجي موڙي ٻاهر ڪري اکيليم. هڪ ئي نظر ۾ ذري گهٽ غش ٿي ويس. پنجاهه لک ڊالر! انهن ته منهنجو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو. مان بنا اک ڇنڀڻ جي ان نوٽ کي تڪيندو رهيس ۽ شايد تڪيندو ئي رهان ها؛ پر هڪ ٻي عجيب ڳالهه نوٽ ڪيم ۽ اها هئي هوٽل جو مالڪ. هن جي اک نوٽ تي هئي ۽ اهو اچرج ۾ ٻڏو پيو هو. ائين پئي لڳو ڄڻ هو پنهنجي سموري جسم ۽ روح سان ان جي پوڄا ڪري رهيو هو؛ هو صفا بت بڻجي ويو هو، ڄڻ ته پنهنجي هٿ ۽ پير چوري به نه سگهندو. اها حالت ڏسي مون هڪ لحظي ۾ پنهنجي حالت ٺيڪ ڪئي ۽ ان مهل جيڪو مناسب سمجهيم، سو ڪيم. مون نوٽ هن ڏانهن وڌايو ۽ بي خياليءَ سان چيو:

”مهرباني ڪري مون کي باقي ريجو ڏيو.“

اهو ٻڌندي ئي هو پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ اچي ويو ۽ نوٽ مٽائڻ جي لائق نه هئڻ لاءِ هزارين معافيون گهريائين. هن جي اکين جي اڃ اجهامڻ جي نه هئي؛ پر افسوس جو هو نوٽ کي ڇهي به نه پئي سگهيو. ڄڻ ته اها شيءِ هن غريب جي کڻڻ کان ڳري هئي. چيومانس:

”معاف ڪجو، اهو مناسب ته نه آهي پر هن وقت مون وٽ کليو پئسو نه آهي، تنهن ڪري مهرباني ڪري مون کي هي ئي مٽائي ڏيو.

 پر هن چيو، ته اها ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. هو اهو ليکو ٻئي دفعي وٺي پئي سگهيو. مون چيس ته مان سندس پاڙي ۾ شايد ڳچ وقت تائين نه اچان؛ هن ان تي وراڻيو ته ان جي به ڪا تڪڙ نه هئي، هو ترسي سگهيو ٿي؛ ٻيو ته مان ڪنهن به مهل ڪا شيءِ هن کان وٺي سگهيس ٿي؛ ۽ ان کنڌي کي جيستائين وڻيم تيستائين هلائي سگهيس ٿي. هن چيو ته کيس اميد هئي ته مون پاري هڪ شاهوڪار شخص ۾ رڳو انهيءَ ڪري ويساهه ڪرڻ کان نٿي ڊنو، جو مان هڪ کلمُک شخصيت جو مالڪ هئس ۽ غريباڻو ويس ڍڪي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيو هوس. ان مهل هڪ ٻيو گراهڪ اچي رهيو هو، سو هوٽل جي مالڪ مون کي ان ديو جهڙي شيءِ کي لڪائڻ جو اشارو ڪيو. پوءِ هو در تائين مون سان نِوڙندو هليو ۽ ان کان اڳ جو مون کي پوليس جهلي، مان ڪيل خطا کي بخشائڻ لاءِ ساڳئي گهر ۽ ان جي مالڪن، ٻن ڀائرن ڏانهن ويس. مان ڏاڍو منجهي پيو هوس. دراصل ڊڄي ويو هئس، جيتوڻيڪ منهنجو ان واقعي ۾ ڪو ڏوهه به نه هو؛ پر مان ماڻهن کي چڱيءَ ريت سڃاڻندو هوس، ته هنن کي جڏهن خبر پوندي آهي، ته هنن ڪنهن اڻواقف شخص کي هڪ لک پائونڊن جو چيڪ هڪ پائونڊن جو نوٽ سمجهي ڏنو آهي، ته بجاءِ پنهنجي تنگ نظريءَ کي نندڻ جي، هو ان غريب شخص کي ڌڪارڻ لڳندا آهن. جيئن مان گهر تي پهتس، منهنجو جوش وڌڻ لڳو، جو اتي ته سڀڪجهه سانت هو. ان سان مون کي پڪ ٿي، ته هنن کي اڃا پنهنجي چُڪ جي خبر ڪانه پئي هئي. مون گهنٽي وڄائي. ساڳيو نوڪر نڪري آيو. مون هنن پَرين مڙس جو پڇيو:

”هو هليا ويا آهن“، اهو آهي انهن ماڻهن جي طبقي جو هٺيلو ۽ سرد انداز!

”هليا ويا، ڪيڏانهن؟“

”مسافريءَ تي.“

”پر ڪيڏانهن؟“

”ولايت، منهنجي خيال ۾ ته.“

”ولايت؟“

”هائو سائين.“

”ڪهڙي واٽ، ڪهڙي دڳ کان؟“

”اهو مان نه ٿو چئي سگهان، سائين.“

”هو موٽندا ڪڏهن؟“

”هڪ مهيني ۾، سندن چوڻ موجب.“

”هڪ مهينو آه، اهو ته ڏاڍو عجيب آهي! مون کي ڪو طريقو ٻڌاءِ، ته مان ڪهڙيءَ طرح هنن تائين هڪ نياپو پهچائي سگهان ٿو. اهو ڏاڍو ضروري آهي.“

”دراصل مان ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهان. مون کي ڪا خبر نه آهي ته هو ڪيڏانهن ويا آهن، سائين.“

”ته پوءِ مان ڪٽنب جي ڪنهن ٻئي ڀاتيءَ کي ڏسڻ گهرندس.“

”ڪٽنب پڻ ٻاهر ويل آهي؛ مهيني کان ٻاهر آهي _ مان سمجهان ٿو مصر يا هندستان.“

”ڀائو، هنن کان هڪ تمام وڏي چُڪ ٿي وئي آهي. هو رات پوڻ کان اڳ ئي موٽي ايندا. ڇا تون کين ٻڌائيندين ته مان هت آيو هوس، ۽ اهو ته ايندو رهندس، جيستائين اهو سڀڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي. کين ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي؟“

”جيڪڏهن هو موٽي آيا ته مان کين ٻڌائيندس؛ پر مون کي هنن جو اوسيئڙو ناهي _ هنن چيو هو ته تون هڪ ڪلاڪ اندر هت جاچ ڪرڻ ايندين؛ پر مان توکي ٻڌايان ٿو ته سڀڪجهه ٺيڪ آهي. هو پنهنجي وقت تي هت هوندا ۽ تنهنجو انتظار ڪندا.“

سو مون کي اهو خيال به تياڳڻو پيو، ۽ موٽي آيس. ڇا ته ڳجهارت هئي! مان ته پنهنجو هوش وڃائڻ تي هوس. هو هُت ”وقت تي“ هوندا. ان جو ڪهڙو مطلب ٿي سگهيو ٿي؟ شايد خط ان جي چٽائي ڪري. مون ته ان کي به وساري ئي ڇڏيو هو. اهو خط ٻاهر ڪڍي پڙهيم. اجهو، منجهس هيئن چيل هو:

”تنهنجي منهن مان لڳي ٿو ته تون هڪ ذهين ۽ ايماندار ماڻهو آهين. اسين اهو به سمجهون ٿا ته تون هت اوپرو ۽ غريب آهين. لفافي ۾ توکي ڪجهه ڏوڪڙن جي رقم ملندي. اها توکي ٽيهن ڏينهن لاءِ بنا وياج جي ڏني وئي آهي. ان مُدي جي پڄاڻيءَ تي. هن ئي گهر ۾ احوال ڏئي وڃجانءِ. مون توتي هڪ شرط هنيو آهي. جيڪڏهن مان اهو کٽي ويس، ته منهنجي انعام ۾ ڪهڙو به درجو ماڻي سگهين ٿو _ ڪوبه، يعني تون پاڻ کي ان جهڙو ثابت ڪندين ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جي ڪوش ڪندين.“

نه صحيح، نه ايڊريس، نه ڪا تاريخ. چڱو جنجال هو! ان کان اڳ جيڪا گذري توهان ته ان کان واقف ٿي چڪا آهيو؛ پر مان ته صفا اڻڄاڻ هئس. اها منهنجي لاءِ هڪ اونهي، ڳجهي پرولي هئي. مون کي تِر جيتري به سُڌ نه هئي ته اها راند ڪهڙي هئي؟ ۽ الائجي منهنجي لاءِ نقصان واري هئي يا فائدي واري! مان هڪ باغ ۾ ويس ۽ ويهي ان باري ۾ ويچارڻ جي ڪوشش ڪيم ۽ سوچڻ لڳس، ته سنئون دڳ ڪهڙو هو، جنهن تي وک کڻان! نيٺ هڪ ڪلاڪ جي پڄاڻيءَ تي منهنجي دليل بازي ان نقطي تي پهتي:

ٿي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن مون کي چڱو سمجهيو هجي؛ ٿي سگهي ٿو ته انهن مون کي هيڻو سمجهيو هجي، پر انهيءَ نبيري جي ڪابه واهه نه هئي _ سو لنوايوس. هنن کي ڪا کيڏ سمجهي هوندي يا ڪا رٿ، يا تجربو جنهن کي آزمائي سگهن؛ انهيءَ خيال کي صحيح ثابت ڪرڻ جي به ڪا واهه نه آهي _ سو لنوايوس. مون تي هڪ شرط هنيو آهي؛ اهو معلوم ڪرڻ جو به ته ڪو وسيلو نه هو _ سو ان کي هڻو کڏ ۾. انهن ڳالهين جو نبيرو ٿيڻ وارو نه آهي؛ باقي معاملو واضح، چِٽو ۽ يقيني آهي. جيڪڏهن مان انگلنڊ جي بئنڪ کي چوان، ته اهو نوٽ انهيءَ ماڻهو جي نالي جمع ڪري جنهن جو آهي ته هو ڪندا، ڇاڪاڻ ته اهي کيس ڄاڻن ٿا، باوجود ان جي مان نه ٿو ڄاڻانس؛ پر هو مون کان پڇندا ته مون کيس ڪيئن هٿ ڪيو؟ ۽ جيڪڏهن مون سچ ٻڌايو ته هو لازمي طور مون کي پاڳل خاني ۾ موڪليندا ۽ جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهيم، ته جيل ۾ اُماڻيو ويندس؛ ۽ جيڪڏهن مون نوٽ کي ڪنهن ٻيءَ بئنڪ مان مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي يا ان تي اوڌر کڻندس ته به ساڳيو نتيجو نڪرندو. سو مون کي پنهنجي مرضيءَ خلاف اهو ڳرو بار تيستائين کڻي گهمائڻو آهي، جيستائين هو همراهه موٽي اچن. اهو نوٽ منهنجي لاءِ بيڪار آهي _ ايترو بيڪار جيترو ڌوڙ جو ٻڪ؛ پر پوءِ به مون کي ان جي سنڀال ڪرڻي آهي، ان تي نظرداري ڪرڻي آهي. جڏهن ته مان پنهنجي جياپي لاءِ محتاج آهيان. مان ان کي ڪنهن کي ڏئي به پئي سگهيس، پوءِ ڀلي کڻي اهڙي ڪا ڪوشش ڪيان ها؛ ڇاڪاڻ ته ڪوبه ايماندار شهري يا سکر ماڻهو ان کي قبول نه ڪري ها ۽ نه ئي ان جو ڪنهن ٻي شيءِ سان سودو ڪري ها. هو ڀائر ته محفوظ آهن، توڙي کڻي مان سندن نوٽ وڃائي ڇڏيان يا ساڙيان، پوءِ به هو محفوظ آهن، ڇاڪاڻ ته هو وڌيڪ پئسن  ڏيڻ کان بس ڪري ڇڏيندا ۽ بئنڪ هنن کان پورا پئسا ڏيندي؛ پر مون کي ته بنا نفعي يا پگهار جي اها پيڙا سهڻي آهي _ جيستائين وڃي مان ان اڻ ڄاتل شرط کٽڻ ۾ مدد ڪريان ۽ پاڻ سان وچن ڪيل درجو ماڻيان. مون کي کپي ته مان ان درجي کي حاصل ڪرڻ گهران؛ ان قسم جي ماڻهن کي پنهنجي انعام ۾ اهي درجا حاصل هوندا آهن، جن جي هو لائق آهن.

انهيءَ صورتحال بابت مان چڱيءَ طرح سوچڻ لڳس. منهنجون اميدون وڌڻ لڳيون. بلاشڪ منهنجو پگهار وڌي ويندو. اهو هڪ مهيني اندر شروع ٿي ويندو، ان کان پوءِ مان صفا ٺيڪ ٿي ويندس.  اهو پور پچائيندو مان وري رستا ماپڻ لڳس. هڪ درزيءَ جي دڪان جي ڏيک مون ۾، ٿِڳڙين کي لاهڻ ۽ پاڻ کي هڪ ڀيرو وري سٺيءَ طرح پهرائڻ جي تانگهه پيدا ڪئي. ڇا مان ڪو ٺاهوڪو وڳو وٺي ٿي سگهيس؟ نه، مون کي دنيا ۾ ڏهه لک پائونڊن کان سواءِ ڪجهه به نه هو. سو مون پاڻ کي اڳتي وڌڻ لاءِ مجبور ڪيو؛ پر مان وري موٽي رهيو هوس. مون کي حرص سختيءَ سان ڦاسائي ڇڏيو هو. انهيءَ ڏکيءَ ويڙهه ۾ مان ڇهه ڀيرا ان دڪان تائين آيو ۽ ويو هوندس. نيٺ مون هار مڃي. مون کي مڃڻو پيو. پڇيومانِ ته هنن وٽ ڪو اهڙو اڌوراڻو وڳو هو، جيڪو کين وڪڻي ڏنو ويو هجي. مون جنهن ماڻهوءَ سان ڳالهايو، تنهن ٻئي ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ مون کي ڪا ورندي نه ڏني. مان ڏسيل ماڻهوءَ ڏانهن ويس ۽ هن لفظن سان نه، پر پنهنجي مٿي سان ٻئي ماڻهوءَ جو ڏس ڏنو. مان انهيءَ ڏانهن ويس ۽ هن چيو:

”في الحال توڏانهن نه ٿو اچي سگهان.“

مان تيستائين بيٺو رهيس، جيستائين هن اهو ڪم پورو ڪيو، جنهن ۾ رُڌل هو. پوءِ مون کي پوئين ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ اڌوراڻن ڪپڙن جي ڍڳ کي اٿلائي پٿلائي منهنجي لاءِ سڀ کان چڱو وڳو چونڊيائين. مون اهو پاتو. اهو مون کي پورو نه هو ۽ نه ٻيءَ ڪنهن طرح ٺاهوڪو هو، پو اهو نئون هو ۽ مان ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هئس _ سو مون کان ۾ ڪابه وِڏ ڏسڻ ۾ ڪين آئي؛ پر ڪجهه گهٻرائيندي چيم: اها مون سان ڀلائي ٿيندي جيڪڏهن اوهان پئسن لاءِ ڪجهه ڏينهن ترسو مون وٽ هن مهل ڪي به مٽيل ڏوڪڙ نه آهن.

”اوهه، تو وٽ نه آهن؟ دراصل مون کي سچ پچ اها اميد نه هئي. تو پارن ماڻهن لاءِ ته مان سمجهندو آهيان، ته مٽيل ڏوڪڙن جو چڱو چوکو ڍڳ کڻي گهمندا هوندؤ.“

مون کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ چيومانس:

”منهنجا دوست، توهان کي ڪنهن اوپري ماڻهوءَ کي سدائين کيس پاتل ڪپڙن مان نه پرکڻ کپي. هن وڳي جو ملهه چڪائڻ لاءِ مان بلڪل تيار آهيان. مون ته رڳو ايڏي وڏي نوٽ کي مٽائڻ لاءِ اوهان کي تڪليف ۾ وجهڻ نه پئي گهريو.“

تنهن کان پوءِ هن پنهنجي لهجي کي ڪجهه سڌاريو، جيتوڻيڪ ٿوري رُکائي پوءِ به هئس ۽ چيائين:

”ڪا خاص تڪليف ڏيڻ منهنجو مقصد نه هو؛ پر جيستائين کُهري ڳالهائڻ جو تعلق آهي، ته مان چوندس، ته تنهنجي اها دعويٰ اجائي آهي، ته ڪو اسين وڏا نوٽ مٽائي نه ٿا سگهون. آخر تو وٽ اهڙو ڪهڙو نوٽ آهي، جو اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين؟ تنهنجي دعوا جي اُبتڙا اسين هر نوٽ مَٽائي سگهون ٿا.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com