سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :13

1971ع ۾ هڪ خصوصي نمائش دوران کتري صاحب کي ڪراچيءَ ۾ ستن هزارن رپين جو ڌنڌو ٿيو. ليڪن هن فائن آرٽ جي شوق ۾ اچي سڄي رقم هڪ ننڍي ڪتاب ٺاهڻ ۾ لڳائي. اهو ڪتاب شاهه ڀٽائي آرٽ ايڊيشن پهريون آهي، جيڪو پوءِ ايترو وڪاڻو به ڪونه. سندس ڪتاب ميونسپل لئبريرين ۽ سرڪاري ۽ ٻين خانگي لائبريرين لاءِ به ڪو نه خريد ڪيو ويو. ان ڏس ۾ وفاقي وزارت تعليم ۽ صوبائي تعليم کاتي به ڪن لاٽار ڪري ڇڏي.

 ”مرحوم گل محمد کتري“

 عمر الدين بيدار

       (روزانه ’هلال پاڪستان‘ 25 _ مارچ 1979ع)


 

ڏوراپو

گرهام گرين

 

گرهام گرين (Graham Greene) 1904ع ۾ برخامسٽيڊ (انگلنڊ) ۾ اتي جي اسڪول جي هيڊماستر جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ انهيءَ اسڪول ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين. هو سَر ڊبليو _ گرمان گِرين K.B.C. جو ڀائيٽو آهي، جو پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ائڊمرلٽيءَ جو سيڪريٽري هو. هن باليال ڪاليج آڪسفورڊ مان 1925ع ۾ گريجوئيشن ڪئي، The Oxford Out-Look ترتيب ڏنو، پنهنجو پهريون شاعريءَ جو مجموعو سهيڙيو ۽ پهريون ناول The Man Within لکيائين جو پوءِ 1929ع ۾ ڇپيو. هن انهيءَ وچ ۾ ڪيترائي ڌنڌا ڪيا. ناٽنگهام ۽ پوءِ لنڊن ۾ The Times ۾ صحافيءَ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين؛ پر پوءِ پنهنجي پهرئين ناول ڇپجڻ تي استعيفا ڏيئي فري لانس ليکڪ ٿيو. سندس پهرين ڪهاڻي 1936ع ۾ امريڪا جي Story ۾ ڇپي هئي. اڄ هو دنيا جي مهندار ڪئٿولڪ ناول نويسن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ پنهنجي افسانوي ادب کي فلم ذريعي پيش ڪرڻ ۾ ۽ پنهنجي ناٽڪن (1853) The Living Room، (1957) The Potting Shed وغيره جي ڪري ٿيئيٽر جي شائقين ۾ به ڄاتو وڃي ٿو. هن گهڻائي ناول لکيا آهن، جن کي هن ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي. هڪڙن کي هو ’تفريحي‘ ڪوٺي ٿو، مثال طور: The Third Man، (1938) Brighten Rock وغيره ۽ ٻيا روحاني قدرن جي کوج بابت آهن، مثال طور: (1951) The End of the Affair (1948) The Heart of Matter. سندس ڪهاڻين جي مجموعي (1967) May We Borrow your Husband? جي مواد ۾ مُرڪ سان گڏ لڙڪ به آهن. انهيءَ کان سواءِ سندس آتم ڪهاڻي A story of Life  به 1971ع ۾ ڇپي آهي.                                   _ولي رام ولڀ

 

 

هو ٻيئي باغيچي ۾ بينچ تي ڳپل دير کان ويٺا هئا _ چپ چاپ. اهو شروع اونهاري جو ڏاڍو چٽو ڏينهن هو. آسمان ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سفيد بادل پکڙيل هئا؛ پر ممڪن هو ته بادل وڪري وڃن ۽ آسمان نيرو ڏسڻ ۾ اچي.

ٻيئي چڙهيل عمر جا هئا؛ پر ٻنهي مان ڪنهن کي وڃايل جواني ڀر ۾ ٺاهي رکڻ جو چاهه نه هو. هونئن مرد پنهنجي ريشمي مڇن جي ڪري گهڻو وڌيڪ ٺاهوڪو ڏسڻ ۾ ٿي آيو جيترو هن پنهنجو پاڻ کي سمجهيو ٿي. ۽ عورت به آرسيءَ واري پنهنجي عڪس کان گهڻو وڌيڪ پياري ڏسڻ ۾ ٿي آئي.

گنڀيرتا ٻنهي ۾ هئي ۽ اهائي ٻنهي ۾ هڪجهڙائي هئي. ٻنهي جي وچ ۾ پنجن منٽن جي وڇوٽي هئي، جتان لڳو ٿي ڄڻ هو عرصي کان پرڻيل هجن ۽ ڊگهي وقت جا ساٿ سبب سندن صورتون به پاڻ ۾ ملڻ لڳيون هيون. ٻنهي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي واچ ڏٺي ٿي، ڇو ته ٻنهي وٽ اها نويڪلائي ٿوري ئي وقت لاءِ هئي....

مرد ڊگهو ۽ بدن ۾ سنهو هو. نازڪ نقش، چهرو سادو پر منجهس سونهن هئي _ سهجتا هئي. ڀرسان ڇٽي پيئي هيس....

عورت پهرين نظر ۾ _ هڪ ٿڌي ۽ تراشيل ٽنگن واري تصوير جيئن ڏسڻ ۾ ٿي آئي. چهري مان لڳو ٿي ڄڻ اهو گرميءَ جو ڏينهن هن لاءِ هڪ اداس ڏينهن هجي؛ پر پوءَ به هوءَ واچ جو چيو مڃي اٿڻ لاءِ تيار هجي.....

هو شايد هڪٻئي سان ڳالهائين ئي نه ها، جيڪڏهن ڀرسان ٻه شرارتي ڇوڪرا نه لنگهن ها. انهن مان هڪ ڄڻي جي ڪلهي ۾ ريڊيو لٽڪيل هو ۽ ٻئي، پنهنجي ڌيان ۾ گم ڪبوترن کي پئي ماريو، اڏاريو ۽ ستايو. هڪ ڪبوتر کي ڪٿي وڌيڪ ڌڪ لڳي ويو هو ۽ اهي ڇوڪرا انهيءَ ڪبوتر کي ڦٿڪندو ڇڏي اڳيان نڪري ويا هئا.

مرد اٿيو، پنهنجي ڇٽيءَ جي چهبڪ جيئن جهليائين، ”بدمعاش!“ سندن واتان نڪتو.

”ويچارو ڪبوتر!...“ عورت ڏڪندڙ چپن سان چيو.

ڪبوتر جي ٽنگ مُڙي ويئي هئي. هڪ پاسي جو کنڀ هيٺ لڙڪي پيو هو. هن زمين تي ڪيئن ڀيڙا ليٿڙيون پاتيون پر اڏامي نه سگهيو.

”توهان هڪ کن لاءِ ٻئي ڪنهن پاسي نهاريو“، مرد چيو ۽ ڇٽي هڪ پاسي ٽڪائي. ڪبوتر کي کڻي ورتائين ۽ جلدي سندس ڳچي مهٽڻ لڳو. ”اهو هڪ ڍنگ آهي جو پکي پاليندڙن لاءِ ڄاڻ ضروري آهي.“ وري هن هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڊسٽ بِن ڳوليو ۽ هوريان ڪبوتر کي منجهس وجهي ڇڏيائين.

”هاڻي ٻيو ڪجهه نٿي ٿي سگهيو“، مرد مُڙي پڇتاءَ وچان چيو.

”مان اهو نٿو ڪري سگهيس...“

”ڪنهن کي مارڻ، اسان جي يُگ جو هڪ سوکو ڪم آهي...“ مرد جي ڳالهه ۾ ڪؤڙاڻ هئي.

هاڻي جڏهن هو واپس بينڍ تي اچي ويٺو، ته انهن جي وچ ۾ ساڳي وڇوٽي نه هئي. هاڻي هو مُند بابت ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ڪري سگهيا پئي _ جيئن گذريل ڪُمندائتو سيءُ هو... انهيءَ کان اڳئين هفتي...

عورت جو انگريزي لهجو کيس وڻيو ۽ هن فرينچ گهٽ ڳالهائڻ لاءِ کانئس معافي گهري عورت ٻڌايس ته هن انگريزي ڪٿي ۽ ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهي هئي.

”اهو سمنڊ _ ڪناري جو شهر...“

”سمنڊ هميشه مون کي سليٽي لڳندو آهي...“

پوءِ ٻئي ڪافي دير پنهنجي هيکل هيکل ماٺ ۾ ويٺا رهيا. پوءِ مري ويل جي باري ۾ سوچيندي عورت کانئس پڇيو ته: ”هو ڪڏهن فوج ۾ به هو؟“

”نه، جڏهن لڙائي لڳي، مان چاليهن ورهين جو هئس.“ مرد ٻڌايس، هڪ ڀيري سرجري مِشن تي هندوستان ويو هئس؛ مون کي هندوستان ڏاڍو وڻيو هو.“ ۽ مرد جي اکين ۾ ياد جي چمڪ اچي ويئي. هو عورت کي لکنؤ ۽ آگري جون ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو. پراڻي دهليءَ جون به. ۽ چوڻ لڳو، ”مون کي رڳو نئين دهلي چڱي نه لڳي، ڇو ته اها ڪنهن انگريز ٺاهي هئي، انهيءَ مان مون کي واشنگٽن جو خيال ايندو رهيو...“

”اوهان کي واشنگٽن پسند ناهي؟“

”سچ چاون... مون کي پنهنجي ملڪ ۾ مزو نه ايندو آهي. مون کي پراڻيون شيون وڻنديون آهن، انهيءَ ڪري مون کي هندوستان وڻيو هو، مون کي بلڪل پنهنجو لڳو هو... ائين جيئن هاڻي فرانس لڳي ٿو... منهنجو ڏاڏو برٽش ڪؤنسل هونائيس ۾...“

”تڏهن اهو بلڪل نئون شهر هو...“

”ها، پر هاڻي اهو پڪي عمر جو ٿي ويو آهي. اسان امريڪي جيڪي ڪجهه جوڙيون ٿا، اهو خوبصورتيءَ سان گڏ پوڙهو نٿو ٿئي...“

”اوهان شادي ڪئي آهي يا نه؟“

مرد ٿورو هٻڪيو، پوءِ چيائين، ”ها“ ۽ هن ڇٽي سڀاويڪ ڍنگ سان جهلي ورتي، ڄڻ انهيءَ وقت کيس ڪنهن سهاري جي ضرورت هجي.

”مون کي اها ڳالهه پڇڻ نه گهرجي ها...“

”ڇو نه ... ۽ توهان؟“ مرد، عورت کي ڪجهه راحت ڏيڻ جي خيال کان پڇيو، جيتوڻيڪ سندس هٿ ۾ شاديءَ جي منڊي چٽي ڏسڻ ۾ پئي آئي.

”ها.“

”هاڻي مرد کي لڳو ته پنهنجو نالو کيس نه ٻڌائڻ اَڍانگائي ٿيندي؛ انهيءَ ڪري چيائين ”منهنجو نالو گِريوَز آهي، هينري سي _گريوز.“

”منهنجو ميري ڪليئر“

”اڄ جي ٻپهري ڏاڍي وڻندڙ هئي.“

”پر سج لهندي ٿوري ٿڌ ٿي ويئي آهي.“

مرد جي ڇٽي ڏاڍي وڻندڙ هئي _ سونهري ڪناري کي عورت ساراهيو ۽ کيس وري ڪبوتر جي ياد آئي. چوڻ لڳي ”اهو توهان جو ڏاڍو ڪهل ڀريو ورتاءُ هو، پر ڏکيو هو، مان نٿي ڪري سگهيس، مان بزدل آهيان...“

”اسان سڀ ڪٿي نه ڪٿي ضرور بزدل آهيون...“

”پر اوهان ناهيو.“

”مان به...“ مرد جي من ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ اڀريو؛ پر عورت جي ڄڻ سندس ڪوٽ جي ڪالر کان جهلي کيس روڪي ڇڏيو هجي. هن سچ پچ سندس ڪوٽ جو ڪالر جهليو هو ۽ چئي رهي هئي ”ڪٿان آلو رنگ لڳي ويو آهي، اوهان جي ڪوٽ تي.“

”اڄ منهنجي گهر جي ڏاڪڻ تي رنگ ٿي رهيو هو...“

”هتي اوهان جو گهر به آهي؟“

”گهر نه، چوٿين ماڙ تي هڪ ننڍرو اپارٽمنٽ...“

”لفٽ هوندي؟“

”نه، اها هڪ پراڻي عمارت آهي.“

عورت ڄڻ مرد جي اڻڄان زندگيءَ جي هڪ چير مان ليئو پائي ورتو هو. جواب ۾ ڪجهه پنهنجي باري ۾ به کيس چوڻو هو _ گهڻو نه، ٿورو ئي سهي، انهيءَ ڪري چيائين ”منهنجو اپارٽمنٽ ناخوش هئڻ جي حد تائين نئون آهي، دروازو بجليءَ تي کلي ٿو، بنا هٿ لڳائڻ جي، هوائي اڏي جي دروازي جيئن...“

پوءِ ننڍيون ننڍيون ڳالهيون ٿينديون رهيون... هوءَ پنير ڪٿان خريد ڪندي آهي... هو شيون ڪٿان خريد ڪندو آهي...

”ٿڌ وڌندي ٿي وڃي... هاڻي هلون.“ عورت چيو.

”اوهان هتي هن پارڪ ۾ اڪثر اينديون آهيو؟“

”پهريون ڀيرو آئي آهيان.“

”ڪيڏو عجيب اتفاق آهي، مان به هتي پهريون ڀيرو آيو آهيان، جڏهن ته مان هتان ويجهو رهان ٿو.“

”۽ مان هتان کان گهڻو پري.“

”قدرت جا راز ڪيئن نه لڪيل رهندا آهن. ٻيئي بينچ تان اٿيا. مرد هٻڪي چيو، ”اوهان کي وقت نه هوندو نه ته رات جي ماني جيڪي ٻئي گڏجي کائون.“

عورت کي هڪ کن لاءِ انگريزي ڳالهائڻ وسري ويئي، فرانسيسي ۾ چيائين ”اوهان جي زال........“

”هو ماني ٻئي ڪنهن هنڌ کائيندي؛ پر اوهان جو مڙس؟“

”هو يارهين وڳي کان اڳ گهر نه ايندو.“

ڪجهه منٽن جي فاصلي تي هڪ هوٽل هئي. عورت کي ڪا خاص بُک نه هئي؛ پر کاڌن جي ڊگهي فهرست پڙهندي، وقت گذاريندي هوءَ کيس اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيندي ويئي. کاڌو اڳيان آيو ته ٻنهي جي واتان نڪتو، ”مون ائين نه سوچيو هو...“

”ڪڏهن ڪئين ڪجهه ٿي ويندو آهي....“ مرد چيو.

”پنهنجي ڏاڏي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟“

”مون کيس گهڻو نه ڏٺو هو...“

”اوهان جو پيءُ امريڪا ڇو ويو هو؟“

”شيد ائڊونچر جي لاءِ... شايد اهائي خواهش مون کي واپس يورپ وٺي نه آئي؛ پر منهنجي پيءُ جي زماني ۾ امريڪا رڳو ڪوڪاڪولا نه هئي....“

”اوهان هتي يورپ ۾ شادي ڪئي هوندي؟“

”نه، مان پنهنجي زال کي پاڻ سان گڏ وٺي آيو آهيان، ويچاري...“

”ويچاري؟“

”الانئس ڪوڪاڪولا نٿي وسري.“

”پر اها ته هتي به ملي ٿي.“ عورت ڄاڻي واڻي اڻٺهڪندڙ وراڻي ڏني.

وائين _ ويٽر آيو، مرد پڇيس، ”ڪهڙو وائين؟“

”مون کي گهڻي خبر ناهي، ڪوبه....“

”منهنجو خيال هو، سڀئي فرينچ...“

”اها چونڊ منهنجو مڙس ڪندو آهي...“

اوچتو ڄڻ ٻنهي جي صوفي تي ڪو اچي ويٺو هو _ مڙس! سانت گهري ٿي ويئي. اها سانت نه ٽُٽي ها، ۽ ڄڻ ٻه پاڇا اتي ڄمي ويا هئا _ جيڪڏهن عورت ڳالهائڻ جو ست نه ساري ها، ”اوهان جا ٻار آهن؟“

”نه، اوهان جا؟“

”نه.“

”اوهان کي انهيءَ مان ڪا ڪمي محسوس ٿيندي آهي؟“

عورت وراڻيو ”منهنجو خيال آهي، ڪانه ڪا ڪمي هر ڪنهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي رهجي ويندي آهي.“

”خير اڄ مان خوش آهيان، جو انهيءَ پارڪ ۾ ويس.“

”مان به خوش آهيان.“

انهيءَ کان پوءِ جي سانت هڪ سُهائي سانت هئي. ٻئي پاڇا اتان اٿي هليا ويا هئا ۽ کين اڪيلو ڇڏي ويا هئا. هڪ ڀيرو ميوي جي پليٽ ۾ سندن آڱريون ڇهي وييون، سندن سمورا سوال ڄڻ ختم ٿي ويا. هڪٻئي کي انهن ايترو سمجهي ورتو، جيترو انهن ٻئي ڪنهن کي نٿي سمجهيو. اهو خوشگوار شاديءَ جئن هو، سڃاڻپ ۽ سمجهڻ جي منزل کان پرانهون، ريس جي منزل پويان رهجي وئي هئي. ۽ هاڻي ڄڻ وقت ۽ موت، ٻئي دشمن رهجي ويا هئا.

ڪافي آئي _ وڌندڙ عمر جي اهڃاڻ وانگي. ۽ انهيءَ کان پوءِ برانڊيءَ جو ڍُڪ ضروري هو _ اداسيءَ کي نڙيءَ کان لاهڻ جي لاءِ. اهو سڀڪجهه ائين هو، ڄڻ انهن عمر جو فاصلو گذاري ڇڏيو هجي، پر اڏامندڙ پکين جئن.... ٿورن ئي ڪلاڪن ۾.

مرد بل ادا ڪيو ۽ هو ٻاهر آيا. اهو وقت موت جي پيڙا مثل هو ۽ ان کي سهڻ لاءِ هو ٻيئي نازڪ ۽ هيڻا هئا. مرد چيو، ”مان اوهان کي اوهان جي گهر اُماڻي ٿو اچان.“

”نه، ايترو پري ڪيئن هلندؤ!“

“ڪنهن هوٽل جي کليل ڇت تي هڪ ٻيو ڊرنڪ ڪريون.“

”هاڻي ڊرنڪ انهيءَ کان وڌيڪ اسان کي ڇا ڏيندو؟“ عورت چيو، ”هيءَ شام پنهنجو پاڻ ۾ مڪمل آهي. تون سچ هڪ ڪومل آتما آهين...“ اهو جملو سندس واتان فرانسيسيءَ ۾ نڪتو هو، جنهن ۾ هن ’تون‘ لفظ کي ڏاڍي پاٻوهه ۽ پنهنجائپ جي ’تون‘ جئن استعمال ڪيو هو؛ پر پنهنجو پاڻ کي دلاسي ڏيڻ لاءِ هن سوچيو، ته مرد کي چڱيءَ طرح فرانسيسي نٿي اچي، انهيءَ ڪري ڌيان نه ڏنو هوندائين.

انهن هڪٻئي جو پتو نه پڇيو، نه ٽيليفون نمبر. ٻيئي سمجهي ويا هئا _ سندن زندگيءَ ۾ اهو پل ڏاڍي دير سان آيو هو _ بنهه پڇاڙيءَ ۾. مرد ٽئڪسيءَ کي آواز ڏنو، منجهس عورت کي وهاريائين ۽ پاڻ هوريان هوريان پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. جوانيءَ جي وقت جو ڪجهه بزدلي هوندي آهي، اها وڏي عمر ۾ سياڻپ ٿي ويندي آهي؛ پر انهيءَ سياڻپ هتان به انسان افسوس جو ڪردار بڻجي سگهي ٿو...

 

        ميري ڪليئر جڏهن پنهنجي گهر آٽوميٽڪ دروازو اورانگهي اندر ويئي، ته کيس هميشه وانگر هوائي اڏي جي ڳالهه ياد آئي. ڇهين ماڙ تي سندس اپارٽمنٽ هو. دروازي جي مٿان رَت جي رنگ جهڙي ۽ پيلي رنگ جي هڪ ائبسٽريڪٽ پينٽنگ هئي، جا کيس اجنبي جئن لڳي. هوءَ سڌو پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئي. ڀت جي پهرئين بر کان هوءَ پنهنجي مڙس کي ٻڌي سگهي ٿي _ سوچي رهي هئي، اڄ وٽس ڇوڪري هئي _ ٽوني يا ٻي ڪا؟ هن ٻئي دروازي تي ائبسٽريڪٽ پينٽنگ ٺاهي هئي. ۽ ٽوني، جا بيلي ڊانسر هئي، چيو ٿي ته ڊرائنگ روم ۾ رکيل مورتيءَ جي هوءَ ماڊل بڻي هئي.

هوءَ سمهڻ لاءِ ڪپڙا لاهڻ لڳي. ڀر واري ڪمري جا آواز هڪ ڄار اُڻيندا رهيا؛ پر اچ واري بينچ جو ڏيک سندس اکين آڏو اچي ويو. هوءَ پير دٻيل دٻيل کڻندي رکندي رهي. سندس اچڻ جي آهٽ سندس مڙس جي ڪنن تي پوي ها، ته سندس مڙس جي واسنا تيز ٿي آواز آيو: ”پيارا! پيارا!“ آواز وکريل هو. اهو نالو هن لاءِ نئون هو. هن ميز ڏانهن هٿ وڌايو، ڪنن مان لاٿل واليون ميز تي رکيائون _ ۽ کيس ميوي جي پليٽ ۾ ڪنهن جون ڇهيل آڱريون ياد اچي ويون. ڀر واري ڪمري مان هلڪن ٽهڪن جو آواز اچي رهيو هو_ ميري ميڻ جون گوريون پنهنجي ڪنن ۾ وجهي ڇڏيون ۽ اکيون ٻوٽي سوچڻ لڳي _ زندگي ڪجهه ٻي طرح هجي ها، جيڪڏهن ڪٿي پنڌرهن ورهيه اڳ هوءَ اڄ واري بينچ تي ويهي ها ۽ ڦٽيل ڪبوتر جي پيڙا کان ڇڏائيندڙ مرد کي ڏسي رهي هجي ها!

 

ٻن وهاڻن تي ٽيڪ ڏيئي گِريوَز جي زال چئي رهي هئي، ”تون ڪنهن عورت سان گهمندو رهيو آهين؟“ هڪ وهاڻي ۾ ٻرندڙ سگريٽ ڇهڻ ڪري ڪيئن ٽُنگ ٿي ويا هئا.

”نه، اهو تنهنجو اجايو خيال آهي.“

”تو چيو هو ته تون ڏهين وڳي موٽي ايندين؟“

”فقط ويهه منٽ مٿي ٿيا آهن.“

”تون ڪنهن بار ۾...“

”مان پارڪ ۾ ويٺو رهيس ۽ پوءِ وڃي ماني کاڌم... توکي ننڊ جي دوا ڏيان؟“

”تنهنجو مطلب آهي ته مان سمهي پوان، مري وڃان ۽ تون مون وٽ نه اچين؟“

مرد ڌيان سان پاڻيءَ ۾ دوا جا ٻه ڦُڙا وڌا. هاڻي هو ڪجهه به چوي ها، سندس زال تائين نه پهچي ها. وارن ۾ گُهنڊيون وجهڻ لاءِ سندس زال ڳاڙهي رنگ جون ڪلپون لڳائي رکيون هيون. هوءَ دوا پيئڻ لاءِ جهڪي ته مرد کي مٿس ترس اچي ويو ته هوءَ ڪيئن نه امريڪا کان پري اچي، امريڪا لاءِ اداس هئي. کيس ڪڏهن ويساهه ئي نه آيو ته هتي به ڪوڪاڪولا ساڳي ئي هئي. اڃ چڱو ٿيو جو هن بنا ڪجهه چوڻ جي دوا پي ورتي ۽ اها رات تمام خراب راتين جئن نه هئي. ۽ هو پنهنجي پلنگ جي اِيس تي ويهي سوچڻ لڳو _ ڪهڙي انداز سان هوٽل کان ٻاهر هن کيس ’تون‘ چيو هو.

”ڇا پيو سوچين؟“ جوڻس اوچتو سوال ڪيس.

”سوچي رهيو هئس _ زندگي ڪجهه ٻي طرح به ٿي سگهي ها...“

اهو انهيءَ مرد جو سڀ کان وڏو ڏوراپو هو، جو هن زندگيءَ جي خلاف پهريون گهمرو ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com