سوچ _ لوچ
آهين هُــــتِ اُمـــاڻَ، ٻَــــڌُ تُـــــرَهــو تــــارِ
جــــــو،
لهريون، لُڙَ، لطيف چئي، جهليا جُنگ جُواڻَ،
اونــهــي تَـــــڙ اگـــهـــٽِــيــا، آڏي پـــائــــي آڻَ،
جي پيا منهن مهراڻَ،تن ٻانڊين ٻيٺ نه اُڄهي.
محمد خان غني، گل محمد کتري ۽ امير بخش قريشي اڄ اسان جي سٿ ۾
ناهن.
غني صاحب ٽکڙ جي ٻئي دور جو نمائندو شاعر هو؛ پهريون دور
نورمحمد خسته کان شروع ٿي، حافظ ”بسمل“ تي ختم ٿئي
ٿو ۽ ٻيو دور حافظ بسمل کان شروع ٿي غني صاحب تي
ختم ٿئي ٿو. ساڳئي وقت اهو دور ٽکڙ جي عروج ۽ زوال
جو دور پڻ آهي _ ۽ غني صاحب ان جو اکين ڏٺو شاهد
هو.
گل محمد کتري ”مهراڻ مصوري“ جو باني هو. جيستائين ڪمرشل آرٽ سان
لاڳاپيل رهيو، هو ڪراچيءَ جو مصروف آرٽسٽ رهيو؛ پر
جڏهن تخليقي فن ڏانهن لڙيو ۽ سنڌ جي رنگارنگ جيوت
کي رنگن ۽ لڪيرن وسيلي ڪئنواس تي اڪيرڻ لڳو، تڏهن
مالي لحاظ کان کيس سخت ڌڪ رسيو. پهرين اسٽوڊيو کي
تالو لڳائڻو پيس، پوءِ هن لاءِ اهي چتر، جن ۾ سنڌ
جي رنگارنگ جيوت اُڪريل هئي، سنڀالي رکڻ به هڪ وڏو
مسئلو ٿي پيو. ڪُئا سندس تصويرن کي پيا ٽڪيندا هئا
۽ هو راتين جون راتيون ٽڪڻ جو آواز ٻڌندو هو. هن
کي، هن جي فن کي جتي ڪٿي ڪُئن (فن جي ٺيڪيدارن)
ٽُڪيو! کتريءَ جي وئي پڄاڻان به سندس تصويرن ۽
ڪُئن وارو مسئلو، پنهنجيءَ جاءِ تي جيئن جو تيئن
موجود آهي. منهنجي سنڌي ادب ۽ آرٽ جي گهڻگهرن کي
اپيل آهي ته:
جيڪي ڪندا موءِ، سو جانب ڪريو جيئري.
پر ڇا اسين ’موءِ‘ کان پوءِ به اهو ڪندا آهيون، جيڪو سندن
زندگيءَ ۾ ئي ڪرڻ گهربو هو؟
موج ڀريو مهراڻ
79_ جو_ پهريون_ ۽ منهنجي ادارت هيٺ نڪرندڙ ” مهراڻ“ جو
هي پويون پرچو آهي. ان سڄي عرصي ۾ منهنجي ڪوشش
اهائي رهي، ته ڏات _ ڏيئي کي پڙهندڙ جي پيرن ۾ رکڻ
بدران، کيس ڏات _ ڏيئي جي سدا روشن لاٽ تائين ڳاٽ
اوچي ڪرڻ جو ساهس ڏيئي سگهجي. اها ڪوشش ڪامياب ٿي
آهي، ان بابت ڪي به ٻه رايا نٿا ٿا سگهن. ان
ڪاميابيءَ جو سمورو جَسُ لکندڙ ۽ پڙهندڙ کي هجي.
”مهراڻ“ لکندڙن کي سُڄاڻ پڙهندڙ حلقو هڪيو ڪري ڏنو
آهي ۽ ان ڪارنامي تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ان عرصي ۾
”مهراڻ“ کي سنڌ جي سڀني وڏن عالمن ۽ اديبن،
ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن جي ڇپڻ جو شرف حاصل آهي.
”مهراڻ“ اختلاف راءِ کي نه ڇڙو اهميت ڏني؛ پر ان جي آجيان ڪندي،
پڙهندڙ جي ان حق جي حمايت پڻ ڪئي. ڪن انهيءَ حق جو
صحيح استعمال نه ڪيو، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ۽ ان
مان منهنجو اشارو سائين محمد عمر چنڊ جي خط ڏانهن
بلڪل ناهي، جنهن ۾ هن 78 / 3 جي ”مهراڻ“ کي،
ٽائيٽل کان ويندي خطن تائين، رد ڪيو آهي؛ پر ساڻس
اختلاف رکڻ جو مون کي به سندس جيترو ئي حق آهي.
مثال طور: سندس خط (ٻه حصا) طويل آهي، ان ۾...
مثالن جا به مثال.... آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر ٻوهيي جي
ليک تي پاڻ ”نتيجن جا نتيجا“ وارو اهڙو ئي اعتراض
اڳواٽ ڪري چڪو آهي. خط جي پهرين حصي ۾ پاڻ لکي ٿو:
”......ڏک جو ضد سُک ئي ٿيندو ...“، جڏهن ته ”لطيف“ سُر رامڪلي
۾ چئي ٿو:
اَسُک جن اوير، سي سنجهي رهن سمهي
ٿي سگهي ٿو ته ”آسک“ ڏک سک کان مڪت ٿي وڃڻ جو نانءُ هجي. ”تنوير
جوڻيجيءَ“ ۽ ”نسيم ٿيٻيءَ“ لکڻ مهل اهو سمجهڻ
کپندو هو، ته اهو ورتاءُ جيڪڏهن سڀني ذاتين سان
لاڳو ڪجي، ته هوند کيس به ڏکي لڳي! کتريءَ جو
ٺاهيل ٽائيٽل هڪ شاهڪار آهي. کتريءَ مولچند ٻيلي
ڏانهن ويندي، بس جي فرنٽ سيٽ تي ويٺل ان ”ماءُ“ کي
اسڪيچ ڪيو ۽ جڏهن ”مهراڻ“ جي لاءِ اهو ٽائيٽل
ٺاهيائين، تڏهن مون کي اچرج لڳو، ته کيس ان مائيءَ
کي پاتل ڪپڙن جا رنگ ڪيئن ياد رهيا!
78 جو اهو نه رڳو بهترين ٽائيٽل آهي، پر هڪ آرٽ _ پيس آهي.
ڇپائيءَ جي لحاظ کان ان جي رزلٽ، آفسٽ کان ڪنهن به
صورت ۾ گهٽ نه هئي، ان سهڻي ڇپائيءَ ۾ وڏو هٿ پريس
مئنيجر، بلاڪ ميڪر ۽ مشين مين جو هو؛ ايترن ماڻهن
جي محنت ۽ لگن کي رد ڪرڻ سونهي نٿو. بهرحال، اها
هڪ پڙهندڙ جي راءِ آهي، جنهن لاءِ مون کي احترام
آهي.
ان عرصي ۾ ”مهراڻ“ سنڌي ادب، ٻوليءَ ۽ ثقافت کي جيڪا اوڄ ڏني
آهي، ان کان انڪار ڏاڍائي ٿيندي. ڪلا _ کيتر جي
مڙني ڏِسن سان گڏوگڏ ڪلاڪارن جي مسئلن کي کنيو
ويو، جن کي ڇهڻ به ڏوهه هو ۽ جنهن جي ڪابه بخشش نه
هئي. کڙ تيل نڪتو يا نه، ته اها هڪ الڳ ڳالهه آهي.
پڙهندڙن ان ۾ دلچسپي ورتي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ
ساراهه جوڳي ڪوشش پڻ ڪئي. هتي ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪابه
هٻڪ نٿي ٿئيم، ته پڙهندڙ ادب ۾ پنهنجي ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ آتو آهي. کيس ان ڏس ۾ دڳ لڳائڻ جو ڪم
لکندڙ جو آهي، ته هو پنهنجي تجربي ۽ مشاهدي ۾
پڙهندڙ جي ڪيئن ۽ ڪيتري شرڪت چاهي ٿو؛ ان صورتحال
۾، جڏهن ته پڙهندڙ نصيحتن ٻڌڻ کان بِر آهي، اهو ڪم
هڪ جوکم جو ڪم آهي. لکندڙ سموري سگهه ۽ سچ سان اهو
ڪم سرانجام ڏيڻ چاهي ٿو؛ پڙهڻ جي رفتار سان ساٿ
ڏيڻ، وقت سان ساٿ ڏيڻ آهي. ۽ اهو ڪم اشاعتي ادارن
جو آهي، ته ان رفتار کي گهٽجڻ ڪڏهن به نه ڏين؛
ڇاڪاڻ ته اڳتي هلي پرک جو هڪ معيار اهو به مقرر
ٿيندو. هتي مان سڄي سنڌ جي پڙهندڙن سان گڏوگڏ انهن
برک عالمن ۽ محققن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن کي جَسُ ڏيڻ
ٿو چاهيان، جن پنهنجي ٻاٻاڻيءَ ٻوليءَ جي بچاءُ ۽
ڦهلاءُ لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. ساڳي ڳالهه
چترڪارن ۽ سنگيتڪارن لاءِ به چئي سگهجي ٿي. ضرورت
ان جي آهي، ته ادب ۽ آرٽ جي سرپرستي ڪئي وڃي. اتي
منهنجي مراد اها به آهي، ته اديبن ۽ فنڪارن جي عزت
ڪئي وڃي، پوءِ اهو ڪهڙي به ڌُر سان لاڳاپو ڇو نه
رکندو هجي.
اسان جي اديب ۽ فنڪار کي، پنهنجي خدمتن جي صلي ۾ ڇا ٿو جُڙي؟
زندگيءَ ۾ ڌڪا ٿاٻا، مرڻ پڄاڻان سرڪار جي نالي، هن
جي پوين لاءِ مدد جون اپيلون ۽ تعزيتي ٺهراءَ! مزو
اهو آهي ته انهن اپيلن ۽ ٺهرائن ۾ اهڙا نالا به
شامل هوندا آهن، جن انهن اديبن جي زندگيءَ ۾ سندن
پرگهور لهڻ ته پنهنجي ماڳ، ماڳهين کين ڏنڀ ڏنا
هوندا_ ڏنگ هنيا هوندا ۽ زهر جي اثر جو مشاهدو
ماڻيو هوندو!
من ۾ ڪروڌ رکي، قلم کڻڻ، ڪاڳر ۽ قلم جي تقدس کي داغدار ڪرڻ آهي.
لطيف چيو آهي:
پانڌ ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينڪي.
ذاتي وڻت / اڻ وڻت کي ڊرائينگ روم (جيڪڏهن آهي ته) جي فرنيچر
(ته اهو وڪٽورين عهد جو هجي يا هالا ۽ ڪشمور جي
جنڊيءَ جو) تائين محدود رکيو وڃي، ته لک کٽياسين!
۽ جڏهن اها ذاتي وڻت / اڻ وڻت فتوا جو روپ ٿي
ڌاري، تڏهن پل اَپل لاءِ، پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي
اهو اوس پڇڻ جڳائي ته:
هي جو هٿ ۾ پٿر آهي، ڪنهن شيشي جي لاءِ ته ناهي!
_امداد حسيني
ادب: زبان ۽ قومي روح جو محافظ
_سولزهينتسن
اسان فنڪار جو اهو حق نه کسينداسين، ته هو دنيا ۾ هر شيءِ کان
اکيون ٻوٽي، رڳو پنهنجي ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جو
اظهار ڪري. اسان فنڪار کان اهڙي گُهر نه ڪنداسين
پر اسان کي اها اجازت هوندي ته اسان کيس سست چئون،
کيس عرض ڪريون، کيس اپيل ڪريون ۽ کيس چڱو مَٺو
چئون. نيٺ هو پنهنجي صلاحيتن جو رڳو هڪ ئي حصو پاڻ
تشڪيل ڏئي ٿو. ان جو گهڻو حصو ته کيس ٺهيل ٺڪيل
پيدائش جي وقت ئي ملي وڃي ٿو، گڏوگڏ کيس اختياريءَ
جي ذميداري به ملي ٿي. جيڪڏهن اهو قبول به کڻي
ڪجي، ته فنڪار ڪنهن جو قرضي ناهي، تڏهن به اهو
مشاهدو پيڙيندڙ آهي ته هو پنهنجي تخليق ڪيل دنيا ۾
سموئجي يا پنهنجي تخليق ڪيل وشال ۽ ڦهليل علائقي ۾
داخل ٿي، اصل دنيا کي، خود غرض، آتاڇرن ۽ جنوني
ماڻهن جي هٿن ۾ سونپي ڇڏي.
ادب ناقابلِ ترديد انساني تجربن جي نچوڙ کي هڪ ٻئي اَملهه طريقي
سان منتقل ڪري ٿو، يعني هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ
تائين. ان ريت اوُ قوم جي زندهه ياد داشت بنجي وڃي
ٿو، يعني جيڪي ڪجهه تاريخ جي ڌُنڌ ۾ وڃي چڪو آهي،
ادب ۾ سائو ستابو رهي ٿو ۽ اهڙي شڪل ۾ برقرار رهي
ٿو جنهن ۾ انهيءَ جي چٿجڻ يا انهيءَ ۾ ڪوڙ کي شامل
ڪرڻ جي ڪا گنجائش نٿي هجي. ان ريت ادب زبان سان
گڏوگڏ، ڪنهن قوم جي روح کي برقرار رکندي انهيءَ جي
حفاظت ڪري ٿو.
ڪير آهي جو انسانيت تي اهو واضح ڪري سگهي ته في الحقيقت تشدد ۽
ناقابلِ برداشت شيءِ ڪهڙي آهي ۽ ڪهڙي شيءِ ويجهو
هئڻ سبب اسان جي کل کلندي معلوم ٿئي ٿي، تنهن ڪري
اسان جي ڪاوڙ کي ان شيءِ ڏانهن منتقل ڪري جا محض
ويجهي نه هجي بلڪه سچ پچ خوفناڪ هجي؟ ڪير آهي جو
انهيءَ پروڙ کي پنهنجي ذاتي تجربي جي حدن کان ٻاهر
ڦهلائڻ جي صلاحيت رکندو هجي؟ ڪنهن وٽ اهو هنر آهي
جو هڪ تنگ نظر ۽ ضدي انسان کي ٻين ڏورانهن ماڻهن
جي رنج ۽ خوشيءَ جو احساس ڏياري سگهي ۽ انهيءَ کي
اهڙين حدن ۽ رُڃ کان آشنا ڪري سگهي جن مان هو
لنگهيو نه هجي. پروپئگنڊا، دٻاءُ ۽ سائنسي ثبوت،
سمورا بي طاقت آهن، پر خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي جو
اسان جي دنيا ۾ هڪ اهڙو طريقِ ڪار موجود آهي ۽ اهو
فن ۽ ادب جو طريقِ ڪار آهي.
_ترجمو: ولي رام ولڀ
لطيفي لات
(هن صفحي جو بنيادي مقصد اهو به هو، ته لطيف کي هرڀيري پڙهيو
وڃي؛ ان سان گڏوگڏ اهو به مقصد هو، ته لطيف جيڪو
سنڌ جي ماڻهن جي من جي سِڪي تي مُهر جيان اُڪريو
پيو آهي ۽ روح ۾ رچيو پيو آهي؛ لطيف جيڪو سنڌي
ٻوليءَ، ساهت، سنگيت ۽ سڀيتا جو سڀ کان وڏو محافظ
۽ سرواڻ آهي، ان جي انهيءَ ڪلام کي ڳولي پڙهندڙن
آڏو پيش ڪيو وڃي، جيڪو پيڙهين کان سنڌ جي ماڻهن جي
سينن ۾ منتقل ٿيندو پيو اچي ۽ اڃا ڇپجي نه سگهيو
آهي. ان ڏس ۾ ”مهراڻ“ 78/3 ۾ ميين محمد ابراهيم
کان ٻڌل هڪ وائي ڏني هيم؛ توڙي جو اها وائي ”شاهه
لطيف جون وايون ۽ ڪافيون“ ۾ ڇپيل آهي؛ پر ”مهراڻ“
۾ ڇپيل وائي وڌيڪ مستند آهي، ان لحاظ کان ته اها
وائي سُر جي ناتي سان اسان تائين پهتي آهي. هينئر
جيڪا وائي پيش ڪري رهيو آهيان، سا مائي ”خاتون“ جي
ٻڌايل آهي. ٻوليءَ، گهاڙيٽي ۽ سُر جي لحاظ کان اها
وائي شاهه جي سمجهڻ گهرجي. ڪاش اسان وٽ اهي وسيلا
به هجن، جيئن انهن ئي آوازن ۾، جن ان ڪلام کي
زندهه رکيو آهي، انهيءَ ڪلام کي محفوظ رکي سگهون.
_امداد حسيني)
ڀينر مون ڪا، اديون مون ڪا، لڪي پاتي ڙي اَلا،
جانب ڪارڻ جهاتي
ويٺڙي آهيان، لي وي ميان، واٽون نهاريان، ڀلو اَلا
ڏي ڪا خبر ادا خاطي
ڙي اَلا جانب ڪارڻ جهاتي
سُتڙي هيس، لي وي ميان، سيڄ پلنگ تي، ڀلو اَلا
قرب ڪٺي ٿي انهيءَ ڪاتي
ڙي اَلا جانب ڪارڻ جهاتي
چوري ويئڙا، لي وي ميان، چهڪ چريءَ جا، ڀلو الا
ڇرڪ ڇني انهيءَ ڇاتي
ڙي الا جانب ڪارڻ جهاتي
اديون شاهه، لي وي ميان، لطيف چئي، ڀلو الا
لنئون ڪا سڄڻ تو مان سين لاتي
ڙي الا جانب ڪارڻ جهاتي
محمد ابراهيم داغ ٽکڙائي
ڪافي
ڏٺي ڏينهن ٿيا آئين ڪونه صنم، تنهنجون واٽون ڏٺم، ڪؤڙين ڪانگ
پڇيم.
منهنجو جانب جيءَ جيارو تون، منهنجي ساهه جو آهين سهارو تون،
منهنجي بخت جو يار ستارو تون، تو سان پيار ڪيم کڻي تنهنجو قسم.
توکي ساجن ڏاڍو ساريان ٿي، تنهنجي هجر ۾ هنجڙيون هاريان ٿي،
جاڳي جوت اکين جي ٻاريان ٿي، توکي ياد ڪري رت روئي ڏنم.
وئين منهنجا سڄڻ منهنجي دلڙي کڻي، ڇڏئي من ته موهي ڏئي قرب ڪڻي،
منهنجي دل جو دلبر آهين ڌڻي، سر ساهه ٻئي توتان صدقي ڪيم.
اچ داغ جي در دلدار هلي، ڏاڍو پاڻ پليم دل ڪانه پلي،
توکي دردر ڳوليم ڳوٺ ڳلي،پر تنهنجو پتو ڪٿان ڪونه پيم.
زبيده ميتلو
نظم
ڪهڙي پريت ۽ ڪهڙو پيار،
اڄ جو ماڻهو جهڙو ٻار!
ٻيجل ڇيڙي ڪيئن ڪُماچ،
ڪوبه نه آهي راءِ ڏياچ،
پٿر جهڙا سڀ جا پار!
ڪنهن کي ڪونهي ڪنهن جي آڌر،
ڦٽيل لاش تي ڦاٽل چادر،
وهندي سُڪا نيڻن جا نار!
دل ۾ ڳڻتيون ڳنڍيون ڳوڙها،
ساهه کڄن ٿا سوڙها سوڙها،
باهه جي منهن ۾ بسنت بهار!
هانءُ لڳي آ ڪنول ڪاني،
مان جيئرن ۾ ناهيان جاني،
مُردن تي پوءِ ڪانه ميار!
ايس. نسرين
نظم
پل پل جا هي پورَ
نينهن سندا ناسورَ
پنبڻن ۾ هي کارو پاڻي
پوءِ به ڄاڻي واڻي
جڏهن به ڪوئي پُڇي ٿو:
”ڪيئن آهين؟“
تڏهن چوان ٿي:
”سالڪ سچُ چئي ويا سائين،
’توڙي لڙڪ لڙن
توڙي چاڪ چڪن
ته به
جيون مُرڪي گهاريو!“
مير علي نواز خان ”ناز“
جي هڪ اڻ ڇپيل ڪافي*
پنهل ويو ٿم پرديس ڪالهه اديون،
جَهِين لاءِ سڪي ٿو ساهه اديون.
روئي روئي راهون نهاريان،
ڪيو ٿم اڳهين ڪونه گناهه اديون.
جيڏيون سرتيون دعا هي ڪيو،
رهجي اچي شل نباهه اديون.
ناز سان دلبر خوش رهه پيارا،
ٿئي ملڻ جو ڪو چَسن چاهه اديون.
محمد خان ”غني“
ڪافي
ري ويڙهيچن وهلور_
لڙڪ لکين هت هاريو ٿي هاريان.
کڻي کوهر تان عمر تو آندي،
ڀيڻ ڪرين ڇو بند ۾ باندي،
ايڏو ڪر نه ڪلور _ پاڻ مُٺي هت ماريو ٿي ماريان.
پائر ۾ مون پرت جا پاتي،
تات رکي سا تن ۾ تاتي،
نينهن ڪيم ناسور _ ڏيل ڏکن ۾ ڏاريو ٿي ڏاريان.
ڪلف ڪڙا ۽ ڪوٽ زنجيرون،
دهشت دڙڪا بار بهيرون،
مون کي سي منظور _ قول ڪيم سي پاريو ٿي پاريان.
ساريم سانگ ۽ سانگي سرتيون،
وره ويچاريون منهنجي ورتيون،
ڏيهي ڏکيءَ جا ڏور _ گهڙيون گهنگهر ۾ گهاريو ٿي گهاريان.
مند مينهن جي موٽي آئي،
بادل برسي رم جهم لائي،
ٿيون تار ترايون تور _ ڳڻتيءَ ۾ جيءُ ڳاريو ٿي ڳاريان.
ننڊ نيس آءُ عمر اباڻن،
پهتيس پنهنجي وڳر وٿاڻن،
سانگين پهچي لاٿم سور _ ولر ورائي واريو ٿي واريان.
هليس ڇيلن ڇانگون ڪاهي،
ماڳ مڙهي ۾ مال ورائي،
جو ڌرينئون سندم دستور _ چاهه منجهارؤن چاريو تي چاريان.
لوئي اباڻي ڪيئن لڄايان،
پَٽ ”غني“ مان ڪيئن هت پايان،
سُڻ ”محمد“ جو مذڪور _ ٻارڻ ۾ سي ٻاريو ٿي ٻاريان.
راقم
الحروف کي سرائي امداد علي خان سهاڳ مرحوم،
مير علي نواز خان ناز جي توشاخاني وارو بياض
عطا ڪيو. ان ۾ مير صاحب جي اردو ڪلام کان سواءِ
سنڌ جي مختلف شاعرن جون ڪافيون ۽ غزل به آهن.
مٿين ڪافي اُن بياض مان نقل ڪئي
وئي آهي. سرائي امداد علي خان، مير صاحب جو
توشڪي هوندو هو.
_پروفيسر
عطا محمد حامي
|