سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :6

 

(پنجين ڀِت)

هر ڪمري کي

هونديون آهن ديوارون چار

پر ان ڪمري کي

پنج هيون ديوارون

چار پٿر جون

پنجين

هڏن جي تيڪي تي

رت ۽ ماس جي گاري سان

ٺهيل ديوار

بِنا پيڙهه جي

بِنا ڇِت جي!

 

(اوسيئڙو)

 

شام ٿي وئي آهي

رَتِ سَتِ اوڳاڇي

سج ٻڏي ويو آهي

مون ڏيئو جلايو آ

هو اڃا نه آيو آ

 

رات ٿي وئي آهي

چنڊ چوٽ تي آهي

۽ ڦُلا ستارن جا

هر دشا ٽڙيل آهن

وِلهه، سيڄ تي ساڄن!

مُکڙيون کِڙيل آهن

سانت منجهه سناٽي

جا به سُر ڇِڙيل آهن

رُتِ ريت ريٽي آ

مِيتَ ڳيتَ سُڏڪن ٿا

سينڌ مون سجائي جا

ٿي وئي اجا سا

 

رات ڏينهن پرچايو

لُڙڪ ماڪ جا روئي

مون ڏيئو اجهايو آ

هو اڃا نه آيو آ!

 

 سحر امداد

غزل

 

مارُو موتيءَ مُل

جهڙو جائن ڦُل

 

آهي گُهٽ ٻُوسٽ

هير وانگيان گُهل

 

سڀن هٿن پٿر

تون ئي هڻ ڪو گُل

 

سوڪهڙي جي مُند

ڇولين وانگي ڇُل

 

دوزخ آهن گهر

هَل رَستن تي رُل

 

پريين پارِ سجِ

ڪابه سُرنگ نه پُل

 

دروازو ناهين

وڏي واڪي کُل

 

رات هنئي ڪَني

سج _ لغڙ ڏي بُل

 

 انڊ لٺ رنگن جان

ملي ٿياسين ڪل

 

ٻيلي منجهه بگهڙ

ڀنڀٽ ٻارِ، مَ ڀُل

 

جيئڻ ڪهڙو جَسُ

جاسين جيئين، ڄُل!

 

(ٽيڙو)

 

ٽِرين ڪئي هئي ڪُوڪ

نِهار _ ڏور تاڻجي

ٽُٽي، جُڙڻ جي لاءِ.

 

ائين سي انگيم انگَ

جئن سي پوپٽ پَرَ تي

رِلمل رلِمل رنگَ

 

 

راند ڪريندو ڪيرِ

’سنڌيا‘ جو ڊوڙندي

ڦٽجي پيو آ پيرِ

 

 

کلندي ڪيئن لڳنِ؟

ڊمپلز ۾ ڦاٿل لڙڪ

جهولو ڄڻ ته جهلنِ


 

علي بابا

 

پولارن پاتارن ۾ ڀٽڪندڙ ماڻهو

 

 

ڪِرئن مشين راڦي ۾ ڦاٿل آهي.

        چوڏس ڦهليل ڄانڀي جي سهس کيتن ۾ ڦاٿل سوئي گئس لائين کوٽيندڙ بڪيٽ ڪِرئنِ مشين. جنهن کي ڪڍڻ لاءِ سوئي گئس جا سڀ آفيسر، انجنيئر ۽ ٻيا ٽيڪنيشن گڏ ٿي ويا آهن. ۽ کيتن ۾ ڏاڍا ٽيلار ڪريو پيا، مشين کي ڪڍڻ جي اُپاون تي ڳالهيون ٻولهيون ڪن، ۽ هو _ هو عيش ۾ آهي. ڪِرئنِ جي ڊگهي ڊگهي سونڍ مٿان ويٺو، ماسترياڻيءَ جا پنڌ ۽ پيرا ڏسي. نيري ڀرتل وڳي ۽ اجرڪ ۾ ويڙهيل سيڙهيل گٽڪي مٽڪي ماسترياڻي. ۽ کن لاءِ هو پري کان ايندڙ ماسترياڻيءَ ۾ نهارڻ ۾ کوئجي ٿو وڃي. ڄڻ ڪا ٻي دنيا آهي. سپني جيهي يا ڪنهن سٺي رنگين انگريزي فلم جيهي.

چوڌاري نيڻ نهار تائين ڦهليل کيت آهن. ماسترياڻي ۽ ان جي اڳيان پٺيان تِکا تِکا هلندڙ پنج _ ڇهه اسڪولي ٻارڙا، پتڪڙا. هو سوچي ٿو: ’هلي ڇا ٿي، جهڙو ڊيل ٻچا چڳائڻ کان پوءِ ڀوڏيسر جي تڙاوَ ڏانهن وڃي رهي آهي.‘ ۽ هيٺ ڪِرئن جي بڪيٽ ۾ بيٺل ڪلينر ڀڻڪي ٿو:

”ير، تو وارو پکي اچي پيو.“

”اڙي چپ ڪر پکيءَ جا ٻچا. هيءَ جا لالوءَ واري لوڌ مٿان اچي بيٺي آهي، ويندي به يا نه؟“

”سائين، ڪِرئن تي فيصلي ڪرڻ کان سواءِ اِها لوڌ ڪيئن ويندي؟ پر راڦي ۾ ڦاٿل مشين جو کيتن ۾ هلندڙ عشق سان ڪهڙو واسطو؟“ اڙي هي آفيسر وڏا جهرو ٿئي. ٻاهران جيترا پوش پاتل، اندران اوترائي ننگا. گِگ وهيو وڃين. الاهين ڏينهن کان فلم ڪانه ڏٺي اٿن، بس پاڪستاني فلم جو سين ٿي ويندو. بابا جهنگل ۾ منگل.“ ڪلينر کيس ٽڏون ٿو ڏئي ۽ هو مٿان ڏند ٿو ڪرٽي: ”اڙي مان آفيسرن جي پرواهه نه ڪندو آهيان؛ پر هو ٿلهو اسپريڊ آفيسر آهي نه، اهو منهنجو سؤٽ ٿئي، ڏاڍي خواري ٿيندي. تنهنڪري لڪ لڪوٽي ڪرڻي ٿي پوي.“

”اها ڳالهه آهي، آئون به چوان آفيسر پٽ تي ۽ اسٽور ڪيپر آسمان تي.“ ڪلينر جي ڳالهه تي هو مشين جي سونڊ هيٺان بڪيٽ روپ ۾ تيزيءَ سان لڙڪندو هيٺ لهي ٿو ۽ هن جي ان ريت لڙڪندي لهڻ تي ڪلينر ڪاوڙجي ٿو:

”اڙي ميان، ائين ته مارائي وجهندين، ٽنگ ٻانهن ڀڄي پويئي ته! ميان، آفيسر جو ڀاءُ هوندين ته پنهنجي لاءِ هوندين.“ گئس ٻڏاڻو ڪارو ڪارو ڪلينر ڪاوڙجي ٿو وڃي.

”اڙي ڀاڙين جون ٽنگون ٻانهون آهن جو ڀڄنديون.“ هو ٿڌو ساهه ڀري ماسترياڻيءَ ۾ نهاري ٿو، ۽ وري ڏاڍي ايلاز مان ڀُڻڪي ٿو: ”يار، اِها ٻانهن منهنجي ٿئي. ان رن کان سواءِ آئون لولو لنگڙو آهيان.“ هو روپ ۾ هٿ وجهيو، ماسترياڻيءَ ڏانهن ڏاڍي موهه سان نهاريندو ٿو رهي.

”اَلا، مون کي ته اِها انهن سمورن ٻارڙن سميت قبول آهي. يار قرآن ڪجهه ڪر نه. اَلا، ڏاڍا سهڻا ٻار ڄڻي ڏينديم.“

”اڙي واهه، هاڻ سوئي گئس ۾ ٻيا ڪم کٽا آهن جو هاڻ وري اهو ڌنڌو به ڪريون؟“ ڪلينر چڙي ٿو وڃي.

”نه يار، تون ته هروڀرو پيو پاڻ کي گاريون ڏين. ڏس يار، هيئن ڪر نه، هيءَ راڊ کڻي، هن پاسي ڄارين ۾ وڃي بلا مار.“ هو ڏاڍي منٿ مان ٿو چوي.

”بلا ماريان، اڙي ڪچي ڀنگ کائي ويو آهين ڇا بوبڪ جي؟!“

”يار ڏس، مڙس ٿي، اصل ڌُڌُڙِ ۾ ڌَٻڙاٽ وجهي ڇڏ، اصل وڻن ۾ واڪا. ايمان سان هي سوئي گئس لائن وڇائڻ کان سواءِ ڪجهه به ڪينَ ڄاڻن. مئل بلا ڏسڻ لاءِ هڪ ساهيءَ ڊوڙندا ايندءِ.“

”پر بلا ڪٿان ايندي! اڙي پوپا ته ڪين ٿو کائين؟“

”يار تون به عجيب گڏهه آهين، چئجانِ ڏَرڙِ ۾ گهڙي ويئي آهي.“

”پرميان، آئون اها ڪُٽپڻي جي ڊيوٽي ڇو ڏيان؟ سڀاڻي تون سڄي ليبر ۾ ڍنڍورو گهمائين ته ادروءَ سان مون هيئن ڪيو. اڙي مون کي خبر آهي، تون وڏو پلستر آهين.“

”توبهن، ڀلا آئون ڪو بُري نيت سان پيو وڃان يا ڪو منڊل پيو ڪريان؟ اڙي ڪڏهن ته عاشقن جي دعا کَٽِ. ايمان سان نه ته مون کي بلئڪ ميل ڪرڻ به ايندو آهي.“

”اي ها ها، ڀاڙين جا اُٺ ڪاهيا هوندءِ. بلئڪ ميل ڪرين يا وائيٽ ميل.“

”ڇوڙي، مون کي خبر ڪانهي ڇا ته مشين ڪيئن ڦاٿي آهي؟ استاد نِمن جي ڇانهن ۾ آنند فرمائي ۽ شاگرد هاتار جيڏي مشين هلائي. اڙي تو وارو استاد به سُڪ ٿي ويندو، مون کي سڄي خبر آهي، مشين ڪيئن ڦاٿي آهي.“

”يار تون ته ڪو وڏو حرامي ماڻهو آهين!“ ڪلينر راڊ کڻڻ لاءِ وڌي ٿو. هو بڪيٽ ۾ بيچين بيٺو اڃا به نماڻائيءَ سان کيس ايلاز ڪري ٿو ته متان ڪٿي ڪلينر ڦِري نه وڃي:

”يار سنگت ۾ ايترو به نه وهندين ڇا. قرآن هڪ ئي ملاقات سان منهنجا چوڏهن ئي طبق روشن ٿي ويندا آهن. مڙس ٿي ڀاڙيا. ڪونه ٿيون ٻروچن واريون ڪهاڙيون لڳنئي.“

”ها بابا تنهنجو وقت آهي، جيڪو حڪم.“ ڪلينر هن ۾ خارن مان نهاريندو وڃي ٿو. ۽ هو سوچي ٿو ته هتي مون جي پهرين چُمي انهيءَ مشين جي سونڊ مٿان نه ڪريانس ته سمجهندس مڙس ئي نه آهيان. ۽ مشين جي اوچي سونڊ ۾ نهاريندي مرڪي ٿو پوي. اوچتو ڪلينر جي ڀُڻڪاٽ تي هو ڏانهس نهاري ٿو. ڪلينر ويندي ويندي موٽ کائي آيو آهي:

ٿُڪ ٿئي ڀاڙيا، پرائي ڇوريءَ لاءِ سنگت ٿو سَٽين، پُڇنئي ته ٽڪي تي به ڪانه ٿي.“

”حرامي، ٻه لٺيون ڌُڌُڙِ ۾ هڻندي ٻرو چڙهندءِ ڇا!“

”اڙي پر اڳيان به ڪت خلق آهي آفيسرن جي.“

”پوءِ ٽرڙا وري مون سان ٻٽاڪ نه هڻجان ته هيئن ڪيوسين، هونئن ڪيوسين.“ ان ڳالهه تي ڪلينر ڪٽيون کائيندو گم ٿي وڃي ٿو ۽ اوچتو وڻن ۾ واڪا پيدا ٿي ٿا وڃن ۽ هو اک وٺي ٿيڙ کائي ٿو وڃي. ماسترياڻيءَ جي دَڳَ جهلڻ لاءِ. ۽ کيتن ۾ هڪ ڇورو ۽ ڇوري هڪٻئي سامهان اچيو وڃن.

”ليڊي، هائو آر يو!“ هو سرنهه جا پَن چٻاڙيندي ٿو چوي.

”تون آهين ڪير؟... تون اهو سَت ڪيئن ٿو سارين!...؟“

”توکي ڏسيو، پاڻ پيدا ٿيو وڃي.“ هن جي ڳالهه تي کن لاءِ ماسترياڻي بيهي ٿي وڃي ۽ نهايت ٿهمر سان ٿي ڳالهائي: ”ٻڌ، مون کي هيڻي ۽ هيڪل عورت نه سمجهه. مان پنهنجي مَرمَ ۾ ٿي مران نه ته کاڄين ڇاسان!...“

”ڪچو کائي ڇڏ نه مون کي.“ هن جي نيڻن ۾ جادوءَ هاڻا موهه ڀرجي ٿا وڃن.

”ڏس، شانائتي ڳالهه ڪر. ڪنهن اَڄاتل عورت جي ائين واٽ جهلڻ اشرافن جو ڪم نه آهي. سچ تون مُک مان ڪوجهو نٿو لڳين.“

”ان لاءِ ته مان اندران به ڪوجهو ۽ کوکلو نه آهيان. آئون... آئون راڄ ڀاڳ وارو ماڻهو آهيان.“

”تڏهن سدائين ڪِرئن جي چوٽيءَ تي لڙڪيو پيو هوندو آهين. هڪ غريب ماسترياڻيءَ کي تنگ ڪندي توکي رَتيءَ جيترو به ڪهڪاءُ نٿو اچي.“ هن جي ڳالهه تي هوچوٽ کائي، وڏي شوڪاري سان ڏانهس نهاري ٿو.

”غريب؟ تون جا مهاراجا جي ڌيءَ  به هجين ها، قرآن آئون تنهنجي واٽن ۾ ائين ڊوڙندو اچان ها، گهوربو اچان ها. کڻي وڃان ها توکي.“

        ”ڇو؟...“ هوءَ ڏاڍي بيزاريءَ سان هيڏانهن هوڏانهن نهاري ٿي ته ڪو ڏسي ته ڪونه ٿو.

”شايد ان لاءِ ته منهنجي.... منهنجي ذهن ۾، سپنن ۾، جنهن ڇوڪريءَ جا ساروپا ويٺل آهن، سا تون آهين. تون ساڳي اهڙي آهين.“

”ڏس توکي ڪجهه به نه ملندو. ڇو ٿو منهنجي روزيءَ تي لَتَ هڻين. هي ته ’مروئان موت، ملوڪان شڪار‘ واري ڳالهه آهي.“ هوءَ روئي ٿي پوي ۽ هو وائڙو ٿيو منجهس نهاريندو ٿو رهي.

”ڇو... تو روئي ڏنو!... ڇو؟...“

”......“ جواب نه پائي، هن جي اندر ۾ ڄڻ وڏا پولار پاتار پيدا ٿيو وڃن. دُکن جا.

”نه رو، ٺيڪ آهي وري ڪونه ايندس. تو آڏو وري ڪڏهن ڪونه ايندس. ڀلا مون کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي جيون ۾ ڇا آهي ۽ آئون ڇا پيو ڪريان. مون کي ته ايتري به خبر ڪانهي ته تون ڪنواري به آهين ڪي نه!... آئون معافي ٿو گهران!“

”مهرباني“. ۽ ماسترياڻي اڳتي وڌي وڃي ٿي ۽ هو مُڙي نهارڻ لاءِ لوهاٽجي ويندي به مُڙي ماسترياڻيءَ ۾ نٿو نهاري ۽ پويان پير ڪري ٿو. وک وک تي ڄڻ ڪاريهر جا ڏنگ ٿو کائي.

موٽندي هن کي ڀاسي ٿو، کيت، آڪاس ڦرن پيا. کيت کيت ناهن، الائي ڇا آهن!

هو ڊوڙندو تڪڙو ڪرئن ۾ چڙهي ٿو ۽ ساهه ۾ مونجهه محسوس ڪندي هو ڊرائيونگ سيٽ تي ويهي ڪرئن جو بڪيٽ ليور اَپُ ڪري ٿو. لوهي رسن جي ڇڪاوَ سان بڪيٽ مٿي کڄندو ٿو اچي. هو هڪدم بڪيٽ ليور ڊائون ڪري ٿو. ڀاري ڌوڏي سان بڪيٽ هيٺ ڪري ٿو، ڌرتي ڄڻ ڌُٻي ٿي پوي ۽ هو روئي ٿو پوي، ننڍڙن ٻارڙن جيان!

 

ادب ۾ پرک ۽ مُلهه _ ڪَٿَ، سدائين ڏات ۽ ڏانءُ جي آڌار تي ڪرڻ جُڳائي؛ نه ڪي عهدن ۽ مرتبن جي آڌار تي! عهدن، مرتبن ۽ ڊگرين جي آڌار تي، ادب ۾ هرڪا ڊوڙ، پنهنجي پيٽ کان شروع ٿيندي آهي، ۽ اتيئي اچي ختم ٿي ويندي آهي.


 

جاويد احمد

اڌ  کــوٽـيـل  قـبـر

 

سؤٽ کي در تي ڏسندي ئي هو پٽ تان ڏڪندي ڏڪندي اٿي ٿو. بينچن تي، فرش تي ويٺل سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون اکيون در تي بيٺل ڇوڪري ڏانهن کڄي وڃن ٿيون. ڪلاس ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ سانت ٿي ڇانئجي وڃي. ماستر رجسٽر مان منهن ڪڍي، اچرج سان نئين آيل  ڇوڪر ڏانهن نهاري، کيس اندر اچڻ جو اشارو ڪري ٿو. هو پٽ تي پيل ٿيلهو ڳچيءَ ۾ وجهي، ڏڪندي ڏڪندي مس _ ڪپڙي، بند نه ٿو ڪري. مس _ ڪُپڙي ڪِري، سٿڻ ۽ پٽيءَ تي هارجي ٿي پويس. مس _ ڪُپڙي،  ڪلڪ ۽ پَٽي کڻي اٿي ٿو، ماستر جي ٽيبل ڏانهن ٿو وڌي. سؤٽ ماستر کي هوريان هوريان ڪجهه چئي رهيو آهي. هن جا چَپ ٿا ڏڪن. پٽيءَ کي زور سان ٿو مُٺ ۾ پڪڙي ماستر ڏي ڏسي ٿو. ماستر کيس وڃڻ جو اشارو ڪري ٿو. هو ڪنڌ هيٺ ڪيو آهستي آهستي سوٽ جي پويان در ڏانهن ٿو وڃي.

”ٻُڌ“، ماستر کيس پويان رڙ ٿو ڪري. هو در وٽ ئي مڙي بيهي ٿو، ”ٻه ڏينهن ٻيا به موڪل اٿئي.“

هو ڪنڌ هيٺ ڪيو گم سم رستي تي هلي رهيو آهي. سوچي ٿو: مان ته مُنڍ کان ئي سمجهان پيو ته ائين ٿيندو. تڪليف ته رات کان ئي وڌي ويئي هئس، سڄي رات ڪيترو نه زور زور سان رنو هو، جو پوءِ ته آواز به نه پيا نڪرنس. ڄائو ئي ڪيترو نه پيلو هو! ڦڦڙ اکيون! ٻيا به ته ائين ئي ڄاوا هئا. بيمار! ڪمزور! ڦڪا ڦڪا! پر ويچارو هي به....! شايد امان کي سچ ئي ٿا چون ته سندس ٻار نه بچندا. اڳيان ٻه ادڙا ۽ ادڙي به ته....!!

ذهن تي اڳين ٽن ٻارن جا هلڪا هلڪا نقش اڀري ٿا اچنس. هو ڏڪي ٿو وڃي.

هر سال ته ائين ٿئي ٿو... گوڙ... پيهه... روئڻ... تڏي تي ويٺل ماڻهو... ڪمرن ۾ ٻارن ۽ ماين جا ميڙ... روڄ پِٽڪو... لاش. لاش جو تصور ايندي، سندس ذهن ۾ ٽي قبرون ٿيون گهمي وڃن، چوٿين کوٽيل، جنهن ۾ هڪ ٻار جو لاش.... هو ڊڄي ٿو وڃي. ڊپ کي وسارڻ لاءِ هو ٻن ڏينهن جي موڪل لاءِ ٿو سوچي. ڊپ گاڏڙ خوشي.

در جي اڳيان تڏي تي ويٺل ننڍي ميڙ کي ڏسندو گهر ۾ گهڙي ٿو. پڌر ۾ نلڪي جي ڀرسان پيل کٽ تي ٻه _ ٽي پوڙهيون لاش کي وهنجاري رهيون آهن. اگهاڙو، ننڍڙو ۽ بي جان جسم! اندران آهستي آهستي روئڻ جو آواز اچي رهيو آهي. آواز سڃاتل ٿو لڳيس. هڪ پل بيهي سوچي ڪمري ۾ ٿو گهڙي، وڇايل گلم تي ڀت سان ٽيڪ ڏيئي، اڌ ڊٺل ماڻس، مٿي تي ڀينڊي ٻڌل، چوڌاري ويٺل جوان، اڌڙوٽ ۽ پوڙهيون عورتون، سڀني جون اکيون هن ڏانهن کڄن ٿيون. هو در وٽ بيهي ٿو رهي. ماڻس سُڏڪا ڀريندي، اٿي هن ڏانهن وڌي ٿي، زور سان ڇاتيءَ ۾ ڀڪوڙيندي اوڇنگارون ڏيئي روئي ٿي، لاڳيتا ڊگها ڊگها پار ٿي ڪڍي. سندس دل ڀرجي ٿي اچي، ٻه عورتون اٿي ماڻس کي ڇڏائي واپس ليٽائينس ٿيون. ماڻس جا هٿ هوا ۾ مٿي ٿا کڄن، روئڻ ۽ رڙين سان پار ٿي ڪڍي. وڇوڙي جا پار.

هو گهٻرائجي ٿو وڃي. عورتن جي وچان ننڍڙا ننڍڙا قدم کڻندو هو ٻئي ڪمري ۾ پيل پينگهي ۾ وڃي ٿو ويهي. سمجهه ۾ نٿو اچيس ته ڇا ڪري. ڳچ دير ويهڻ کان پوءِ پٺيءَ ۽ ڳچيءَ مان ٿيلهو ڪڍي پينگهي جي ڪنڊ ۾ رکي، ليٽي ٿو، پير سان هلڪا هلڪا لوڏا ٿو ڏئي. ايڏن گهڻن ماڻهن جي هئڻ، ٻارن جي گوڙ ۽ گهر جي بدليل ماحول ۾ کيس پنهنجو وجود وياڪل ۽ ڌاريون محسوس ٿو ٿئي. کيس پنهنجو پاڻ ۾ چڙ ٿي محسوس ٿئي. ماڻس جا پار ويتر عذاب ٿا ڏينس. ان عذاب ۽ چڙ جي احساس کي مٽائڻ لاءِ هو پينگهي کي زور زور سان لوڏا ٿو ڏئي.

جيڪڏهن مون کان اڳ ڪو ٻيو ڄمي ها ۽ مان انهن جي جاءِ تي هجان ها ته پوءِ...؟ هن کي پنهنجي اِن سوال تي ڀؤ ٿو ٿئي _ چاهي ٿو ته اِن بابت نه سوچي.

جيڪڏهن مان مئل هجان ها ته.... الائي....! هو سڀ مري ڇو ويا؟ نيٺ به اسين مرون ڇو ٿا؟

موت جو تصور ذهن مان نٿو نڪريس. هو تڪڙو تڪڙو سوچيندو ٿو رهي.

مري ڪري اسان ڪاڏي ٿا وڃون!؟ اسان ڪيئن ٿا مرون؟ مرڻ وقت ڇا ٿيندو آ؟... ۽ پوءِ... مان مرندس ته ان وقت مون کي ڇا ٿيندو؟ مئلن کي قبرن ۾ پورين ٿا... پوءِ ايڏي گهڻي مِٽي سندن مٿان ٿا.... هو اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي.

مئلن کي رات جو قبرن مان کوٽي، گدڙ ۽ بگهڙ چيريندا ۽ ڦاڙيندا.... هن کي ڀؤ ٿو ٿئي. ائين ٿو لڳيس جيئن ڪيترا ئي گدڙن ۽ بگهڙن جا ٽولا اوناڙيندا ڏانهس ڀڄندا ٿا اچن، چيرينِس ڦاڙينِس ٿا، ڇيڇاڙينِس ٿا. هو ڊپ کان اکيون پٽي پاسو ٿو ورائي ڇڏي.

 شايد موت ائين ٿيندو آ...!! ائين ڇو نه ٿو ٿئي ته اسين ڪڏهن به نه مرون!! جيڪر... ماءُ جي تيز تيز پارن تي هو ڇرڪ ڀري اٿي ٿو.

ڪفن ۾ ويڙهيل لاش کي سندس پيءُ ٻاهر کڻي ٿو وڃي. ٻه _ ٽي عورتون ماڻس کي جهلي ڏَ ڍ ٿيون ڏين. هو به ٻاهر نڪري ٿو.

ميڙ جي پويان ٿو لڳي.

ڪڏهن ماڻهن سان گڏ، ڪڏهن ماڻهن جي پويان، اڪيلو اڪيلو، گم سم ڪنڌ هيٺ ڪيو ٿو هلي. اڳين مئل ڀائرن ۽ ڀيڻ لاءِ ٿو سوچي، موت ۽ قبرن جا تصور کيس وڪوڙي ٿا وڃن. هو انهن خيالن مان پيڙا ٿو محسوس ڪري. خوف، عذاب ۽ چڙ. هو چاهي ٿو ته اِهي خيال نه اچنس.

:مون کي ڀؤ ٿو ٿئي. مان جيڪر ڪنهن کي ٻڌايان. ماڻهن کي ڏسندي هو سوچي ٿو.

:ٻڌايانِ ته مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي!!

پوءِ هو پنهنجي خيال کي پاڻ ئي رد ٿو ڪري.

مُقام ويجهو ٿو ايندو وڃي.

:مان واپس ڇو نه وڃان... واپس وڃان جيڪر.

هو هڪ پل لاءِ بيهي سوچي ٿو.

:پنڌ الاهي آهي، اڪيلو ڪيئن واپس ويندس. اجايو آيس.

هو تڪڙا تڪرا قدم کڻندو، ماڻهن جي وچ ۾ هلڻ لڳي ٿو. ماڻهن جي وچ ۾ هلڻ سان کيس آٿت ٿي ملي. سڀئي نئين اڌ کوٽيل قبر جي ڀرسان اچي بيهن ٿا. قبر ۾ لٿل هڪ ماڻهو قبر کي کوٽي رهيو آهي.

ٿَڪ کان ساڻو وساڻو پگهر ۾ شل ٿو ٿي پوي ۽ کٻڙن جي ڀر ۾ ٿڌيءَ ڇانوَ ۾ ويهي ٿو رهي ۽ قبر جي ڪناري گڏ ٿيل، وڌندڙ آلي مٽيءَ کي ڏسندو ٿو رهي. نِرڙ ۽ اکين تي وڌندڙ لهس. ڊگهو ساهه کڻي اکيون پوري ٿو ڇڏي. سيسڙاٽيون ٿيون نڪرنس. چَپَ ٿا ڏڪِنس. سڄي جسم ۾ ڏڪڻي. لوندڙين ۽ اکين تي وڌندڙ دٻاءُ. آهستي آهستي هو پنهنجي ارد گرد کان بيخبر ٿو ٿيندو وڃي. کيس ماڻهو چٽا نظر نٿا اچن، پاڇن جيان ٿا لڳنس. اکين آڏو ڇانئجندڙ اونداهي.

ڪافي دير کان پوءِ محسوس ٿو ڪري ته پاڇن سان گڏ واپس موٽي رهيو آهي.

گهر پهچي پاڻ کي سَوَڙ ۾ ويڙهي، وري پينگهي ۾ اچي ڪري ٿو. لهس وڌندي ٿي رهيس. کڙڪندڙ ڏندن، لرزندڙ جسم سان گڏ هلڪا هلڪا ڏڪندڙ آواز ٿو ڪڍي. اکين آڏو اونداهي وڌندي ٿي رهيس. گوڏن کي ڇاتيءَ سان لائي، ڪُرونڍرو ٿي ٿو سمهي، پنهنجو پاڻ ۾ وڪوڙو ٿو وڃي. ڪنن ۾ تيز سيٽين جيان آواز ٿا وڄنِس. سانءِ سانءِ جيان آواز. اکين آڏو ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙها گول ڌاٻ ٿا نظر اچنس. غشيءَ جهڙي حالت. ڳاڙها ڳاڙها گول وڌندي وڏا ٿي، هڪٻئي ۾ سمائجن ٿا. عجيب عجيب شڪليون ٿا ٺاهن. شڪليون وڌنديون سندس وجود کي وڪوڙين ٿيون. کيس مٿي ٿيون کڻن. هو تمام اوچو، تمام مٿي ٿو ٿيندو وڃي پوءِ... پوءِ هو پاڻ کي آسمانن تان ڪرندو ٿو محسوس ڪري. هو ڪِري ٿو ۽ لڳاتار ڪرندو ٿو رهي.

        موت ڇاهي؟... اسين ڇو ٿا مرون؟... اسان ڪيئن ٿا مرون؟

شايد مان به مران ٿو! سڀ ائين ئي مرندا آهن!....

... الائي ته مران ٿو مان...!!

هو سوچي ٿو. ڏڪڻي وڌندي ٿي رهيس. پوءِ وري ٻيهر ساڳيا ننڍڙا ننڍڙا ڳاڙا گولَ ۽ ڌاٻَ. هو مٿان کان هيٺ ڪرندو ٿو رهي.....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com