سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :4

 

لوڪ رنگ

 

جِتي سانگي تِتي وسُ ڪري ميگهه ملارون.

ڀلا ڀلا تنهنجا ڀير _ دم لائين متان دير... جتي سانگي...

گهڙيءَ گهڙي ڪري گوڙ_وس منهن تي ٻڌي موڙ... جتي سانگي...

تليون ترايون تون ٻوڙ _ کنڀون، ميها ٿين کوڙ... جتي سانگي...

ڪڻيءَ ڪڻيءَ منجهان ڪالهه _ ڀريا ٿرين پنهنجا ٿالهه... جتي سانگي...

وَسُ وَسُ، وَسُ، وَسُ _ پَٽ پائر جا پَسُ... جتي سانگي...

ڦُڙيءَ ڦُڙي ساڻ ڦُل _ ٽڙيا گولاڙن جا گُلَ... جتي سانگي...

وَسُ سانوڻ جا مينهن _ ڏٺي ڏوٿين ٿيا ڏينهن... جتي سانگي....

چئي لاکو ٿو ”قمر“ _ شل سائو ٿئي ٿَرِ... جتي سانگي...

 

جوهر بروهي

 

غزل

چوواٽي تي شعر لکڻ يا ويهي سوچڻ ڏوهه اٿو،

سور پراوا پنهنجا سمجهي هتڙي روئڻ ڏوهه اٿو.

 

رات جو پارو ميدانن تي ٿڙڪن لاش غريبن جا،

رحم ڪري ڪنهن لاش مٿان اڄ اجرڪ اوڍڻ ڏوهه اٿو.

 

گگدام نيٺ گگدام آهن ماڻهو بيوس بڻجي ويا،

ڳالهائڻ ڇا؟ پٽ تي ڪرندڙ ڳوڙها پوئڻ ڏوهه اٿو.

 

عزت غيرت روز وڪامي دنيا جي بازار ۾ الا،

ڪونه ڪڇي، جو ڪوڙ ۽ سچ کي پرکڻ سوئڻ ڏوهه اٿو.

 

ڌاريا آخر ڌاريا آهن پنهنجن سو الزام ڏنا،

معصومن جا پاند لواڙيل ٻيهر ڌوئڻ ڏوهه اٿو.

 

انسانن تي ويسهه ڪريو ڳالهه حقيقت جي نه ٻڌو،

هلندڙ هن دستور کان پنهنجو منهن ڀي موڙڻ ڏوهه اٿو.

 

ڪيئي بروهي ”جوهر“ پارا نِير وهائن رتَ ڦُڙا،

اهڙن سان ڪو ساٿ ڏيڻ يا حال به اورڻ ڏوهه اٿو.

 

 

فن جي قيمت

 

فنڪارن جي سوچ جي قيمت واريءَ جي لپ، بازر ۾.

سانڍي رکجا ڪاڳر ۾.

ڳوڙها وسندا، ٻوڏيون اينديون، بي مهلي برسات اها،

وستي وستي، وک وک تي پئي روئاريندي تات اها،

آس اٿم جو صدين کان پوءِ سانت ته ايندي ساگر ۾،

لک اميدون ڏاتر ۾.

روح اڪيلو جهر جهنگ رلندو لوچي لهندو ماڳ الا،

ويچاراجي ووڙيندا هٿ ايندو نيٺ ته ڀاڳ الا،

سڪ ڀرين کي ملندي آهي سرڪ سوائي ساغر ۾،

داد هجي جي دلبر ۾.

جيئري بروهي ”جوهر“ ڏوهي چوڪ مٿي سنگسار ٿيو،

موت پڄاڻان ڪاوڙ ڪهڙي ٺهندي ڪجهه ويچار ڪيو.

رت شهيد جو ميڙي، چونڊي، سانڍي رکجو گهاگهر ۾.

لاش لڪائي چادر ۾.

 

منظور مشوري

ورلاپ

هر هر هور هُري ٿو من ۾، چوريءَ چهنڊيون پائي،

هلڪا هلڪا جهلڪا ڏئي ٿو، هردي کي هرکائي.

 

ڪچي ننڊ منجهان منهنجو من، جاڳي جڳ جاڳائي،

ننڍڙن ٻارن وانگر ويٺو، ڏُسڪي نير وهائي.

 

پل پل پور ڏئي تڙپائي، گهڙي گهڙي ٿي گهائي،

جاڳي جاڳي اک لڳي جي، سپنو ننڊ ڦٽائي،

 

 

سڪ جو سرندو جڏهن سُري ٿو، سُرسُر سور سڻائي،

لفظ لفظ ۾ لڙڪن لارون، گهايل گيت ٻڌائي.

 

منهن مونن ۾ ڏيئي ڏسڪان، ڪير نٿو پرچائي،

تو ريءَ منهنجي سِر جا ساجن! ڪير ڀلا سرچائي!

 

 

علي نواز صابر نظاماڻي

مارئي ۽ ملير

(بيت)

منهنجو من مڙهيو، مٺي ملڪ ملير سان،

سوا سانگيئڙن جي، اٿم قلب ڪڙهيو،

سيني سُور چڙهيو، ڏسان شال ڏوٿين کي.

 

ڏسان شال ڏوٿين کي، قسمت قيد ڪٽي،

سنگهارن جي سومرا، نٿي حُب هٽي،

مارو منهن مٽي، ويٺا ملڪ ملير ۾.

 

اُٺو مينهن ملير ۾، گُڙي گوڙن ساڻ،

ساريان سهڻيون سرتيون، هيجئون هِتي هاڻ،

مون کي مٺن مارُن ڏي، عمر مير اُماڻ،

پهچي پسان پاڻ، سرتين جي سينگار کي.

 

وڄن وڌا ور، مٺي ملڪ ملير ڏي،

وڏ ڦڙي واڪا ڪيا، جام پلٽيو جر،

ساريان سدا سومرا، ٿڌڪارون جي ٿر،

دم دم آهن دل تي، ياد ڪکاوان گهر،

مارن بنا ماڙيون، ڀانيان بيشڪ بر،

ڪَهل ڪُٺيءَ تي ڪر، پسان پنهوارين کي

 

مٺي ملڪ ملير ۾، ڏاڍا وسن مينهن،

قيدياڻي هِت ڪوٽ ۾، ڏکيا ڪاٽيان ڏينهن،

ڇا تي ڇڄي ڇينهن، سنگارن ري سومرا.

 

مٺي ملڪ ملير ۾، جهڻ مکڻ ۽ کير،

عمر تنهنجي ڪوٽ ۾، دائمي دلگير،

موڪل ڏي تون مير، وڃان ويڙهيچن ڏي.

 

ڳئون ڳاڙهيون لال، ورن وٿاڻن تي،

ڍٽ چري، پٽ چري، ماروئڙن جو مال،

بندياڻي بيحال، سڪي سنگهارن کي.

 

ڍٽ چريو، پٽ چريو، ڍڳيون رواڙا ڪن،

”صابر“  لٿي سج ٿيون، ڀريو اوهه اچن،

مثل مينهن وسن، ڀاڳيان ڀرين چونريون.

 

ڍٽ چريو پٽ چريو، ٻڪريون ڪن ٻيڪاٽ،

ڪاموريون ۽ ڪاڇڻيون، وٺيو اچن واٽ،

کنيو اوچا ڳاٽ، وريو اچن واڙين تي.

 

ڍٽَ چَريو پَٽَ چريو، اوڳر ساڻ اچن،

مينهون ماروئڙن جون، کايو گاهه مَچَن،

ڀوريون شالَ بچن، جي ڏُڪر ڪيون ڏٻريون.

 

ڍٽ چريو پٽ چريو، رڙهيو وٺن راهه،

”صابر“ ساوا گاهه ٿيا،  ڪئي مهر الله،

تنهن واحد کي واهه، جنهن ساوڪ ڪئي سنڌ ۾.

 

 

اطهر قريشي

غزل

 

مان ڀي پاڳل بڻجي ويو هان،

تون سامهون ۽ تنهنجي ڳولا!

 

هٿ ۾ هٿ ۽ پوءِ به دوري،

ڪيڏي قربت‘ ڪيڏا ويڇا!

 

وسندا بادل، ترس گهڙي پل،

آءُ اگهون هڪٻئي جا ڳوڙها،

 

گوري تنهنجو نالو ڇا هي؟

من _ مندر ۾ ڪنهن جي پوڄا!

 

مان ڀي پاڳل، تون ڀي پاڳل،

عشق ۾ اوچا سڀ جا رُتبا!

 

آءُ ته ”اطهر“ عشق ڪريون ڪو،

رهندي دنيا، رهندا قصا!

 

 

گل هيسباڻي

غزل

هِڏڪي هِڏڪي ٿَڪي پيو هان

ڇو ٿا ايڏو ساريو سائين!

 

کاڏيءَ هيٺان هٿڙا ڏيئي،

ڇو ٿا مون کي ٽاريو سائين!

 

اُتر اوتَ ڏني سَر نسريا،

وعدا پنهنجا پاريو سائين!

 

ٻار ته ناهيان پرچي پوندس،

هر هر پيا ڌتاريو سائين!

 

نظم

رات نه آهي، ڏوهاري!

ڏينهن ڏٺي جو

ڪمرن اندر

ڇا پيو ٿئي!

ڏسين ڪونه ٿو؟

ٻُڌين ڪونه ٿو؟

انڌو آهين؟

ٻوڙو آهين؟

رات نه آهي، ڏوهاري!

 

مير محمد پيرزادو

غزل

 

واهوندن جو وقت وري ٿو،

جاني پنهنجي جوءِ اچي ٿو.

 

ڪراڙ مٿان ڪو ڪنول کڙي ٿو،

شاهه سندو ڄڻ لڙڪ لڳي ٿو!

 

 سانت اندر ڀي، ساهه اسان جو،

چانڊوڪيءَ جو چنگ ٻڌي ٿو،

 

 ٻانهون هڻندي ڪنهن جي ڪارڻ،

سهڻيءَ وانگي سج  ٻُڏي ٿو!

 

 ٻئي جي ڳل تان، ڳوڙها اگهندڙ،

پنهنجا ڳوڙها، پاڻ پئي ٿو؟

 

 مکڙي چپبي، چٿبي، ڏسندي،

ٽانڊن تي من، ناچ نچي ٿو!

 

آڌيءَ ويلي، ڀؤنڪ ڪتن جي،

ڳوٺ سڄي ۾، سئونچو پئي ٿو!

 

گُهگهه ۾ کُڙ کٻيتو چمڪي،

ڄڻ ڪو شاعر شعر چئي ٿو!

 

 هلڪو من جو بار ٿئي ٿو،

اک مان جڏهين لڙڪ لڙي ٿو!

 

پٿرن اڳيان، پٿر ٿئي ٿو،

ميڻ اڳيان سو ميڻ ٿئي ٿو.

 

ڪو ڪو ماڻهو جيءُ جياري،

ڪو ڪو ماڻهو ڏنڀ ڏئي ٿو!

 

نثار بزمي

نظم

 

قرب ڪهاڻيون لِکبيون اينديون،

چاهه جون چوليون چِٽبيون اينديون.

 

هڪڙا ويندا ۽ ٻيا ايندا،

قلم نه ويهي واندا ٿيندا،

سچ جون ٻوليون سِکبيون اينديون.

 

وقت جون ڳالهيون وقت ئي لکندو،

وچ تي هڪڙي وير نه وجهندو،

ڏاتِ جون ڏوريون ڇِڪبيون اينديون.

 

رانجهن ساڳيا راڻا ساڳيا،

مومل ساڳي ماڻا ساڳيا،

حسن جون ديويون ڏِسبيون اينديون.

 

روح ته روحن جهڙا هوندا،

ماڻهو ماڻهن جهڙا هوندا،

رسمون باقي مِٽبيون اينديون.

 

روح به ساڳيا راڳ به ساڳيا،

چوڙيلن جا چاڳ به ساڳيا،

کير ۾ کنڊون، وجهبيون اينديون.

 

نواز علي شوق

 

غزل

 

ڇا پاڻ ۾ رهاڻ نگاهن ڪئي هئي،

ڪلهه اوچتو جو هُن سان ملاقات ٿي هئي.

 

رخ تان هٽائي زلف، ملي هوءَ جو مُرڪندي،

ڪو رنگ هو، بهار هئي، روشني هئي.

 

هر رات منهنجي رات تي تارا کلن ٿا خوب،

هر صبح منهنجي صبح تي شبنم رُني هئي.

 

ايمان جي سلامتي هرڪو گهري ٿو پر،

مون عشق جي سلامتي رب کان گهري هئي.

 

 هيءَ دل سڪي ٿي تنهن جي رتيءَ جي رهاڻ لاءِ،

جنهن جي ادا ادا تان فدا زندگي هئي.

 

وِک وِک تي تنهنجي ياد جي ڪڪرن ٿي ڇانوَ ڪئي،

نه ته اُس زندگيءَ جي سفر جي ڪڙي هئي.

 

گيت

 

دم دم تنهنجي ياد ستائي، او ساٿي تنهنجي ياد ستائي.

 

بلبل جون هي مٺڙيون باتيون، ڪوول جون هي سهڻيون لاتيون

ڪِيس ڪرن ٿيون هي ڪاريون راتيون، چانڊوڪي ٿي آڳ لڳائي....

 

پلپل تنهنجا پور پون ٿا، سيني ۾ سو سور اٿن ٿا،

نينهن سندا ناسور وڌن ٿا، دل جو وئين تون درد وڌائي....

 

اکڙيون تنهنجون راهه نهارِن، روئندي روئندي سڀ کي رُئارن،

آهون منهنجون ڏونگر ڏارنِ، مولا تو سان محب ملائي...

 

ڪير ٻڌائي تنهنجون ڪهاڻيون، راحت واريون ريجهه رهاڻيون

روئندي راتيون شوق وهاڻيون، برهه ڇڏيو بيحال بڻائي....

 

عذرا جبين ميمڻ

ڪاش!

 

هٺ جا ڪوڙا ڌاڳا ٽوڙي، توکي پرين پڪاريان ها،

جيون جي هر موڙ تي پيارا، توسان گڏ گذاريان ها.

مڙهيل پيڙا ڦاهيءَ چاڙهي، سور سمورا ماريان ها،

سنگ ۾ تنهنجي سهڻا سائين، چند گهڙيون مان گهاريان ها.

جيڪي تو سان قول ڪيا مون، سڀ سڄڻ سي پاريان ها،

هر هر تنهنجو درشن پائي، اکڙيون پنهنجون ٺاريان ها.

تنهنجا مٺڙا ٻول ٻڌي مان، پنهنجا ڏک وساريان ها،

لُڙڪن جي هن ڪُن منجهاران، ٻيڙي دل جي تاريان ها.

پوءِ به ڪهڙو داد ملي ها، ڏونگر جي مان ڏاريان ها،

عذرا حاصل ڪجهه نه ٿئي ها، سج به کڻي جي اڀاريان ها!

 

فيض الله

غزل

لڙيءَ رات تنهنجا سُڏڪا

سناٽي کي ٽوڙي ويا

ڏينهن رات ڳهي پيو جيون

گهٽيءَ گهٽيءَ هوڪا واڪا

چچريل اڀ آ چنڊ بنا

سارا تارا ڄڻ ٽاڪا

وڻ ۾ ڦاٿل جيئن لغڙ

جيئڻ ڏوري ٿي ڪاٽا

 

زيب ڀٽي

نظم

اونداهيءَ ۾،

روشنيءَ جي ڏِس ڏيکاري

تون پائل، تون جهنڪار

تنهنجي ڇير ۾

جنم جنم جي پيڙ _ پڪار

تون ئي آهين سُر سنگيت

گلابي گيت

من جو ميت!

 

 سرڪش سنڌي

ريٽي سوچ

 

امنگ دل جي ڏري پئي آ، ڪُسي  ٿڏي تي مري پئي آ.

ڪُڇون ڀلا ڪيئن لُڇون ڀلا ڪيئن،زبان رت سان ڀري پئي آ.

 

جُهڳي اسان جي ڪکن پنن جي، نظر انهيءَ ۾ به دشمنن جي،

لِڪي لِڪي ويا وڪوڙي ويري، ڪکن تي ڪوسي رکي ويا ڪيري،

دُکي دُکي سا ٻري پئي آ، زبان رت سان ڀري پئي آ.

 

اسان جي نس نس وڍي وئي آ، اسان جي رڳ رڳ رڌي وئي آ،

ڳڀا ڳڀا ٿي چُرون پُرون ٿا، ڀڳل ٽٽل کي ڳنڍڻ گهرون ٿا،

جگر جليو دل ڳري پئي آ، زبان رت سان ڀري پئي آ.

 

هجي ڪو لمحو ٿئي نه غم ڪو، هجي مهينو سڙي نه سينو،

نه سال جو ڪو سوال آهي، سمورو جيون وبال آهي،

سڄي حياتي کري پئي آ، زبان رت سان ڀري پئي آ.

 

 

راهي چنا

ڀٽ تي باک

چڻنگ منجهان ڏس ڀنڀٽ ڀڙڪيا

لاٽ منجهان ٻي لاٽ ٻري

پرهه پسڻ جي اوسيئڙي ۾

کليل رکي مون دل جي دري

ڪاري ڪاري رات کُٽي

هوءَ ڏس ڀٽ تان باک ڦُٽي

ويرم کان پوءِ

سورج داتا ڪَني ڪڍي

ڪِرڻو ڪِرڻو گيت بڻيو

گيتن کي سنگيت مليو

ماڳ مليو من ميت مليو.

 

 

تنوير عباسي

نظم

 

ناچ ۾

دائرا

گول گول

سِر ۾ آ

ڪو خمار

راڪ رول، راڪ راڪ _ رول رول*

 

ٻانهن چيلهه ۾ نه وجهه

هڪ قدم اڳتي کڻ

هڪ قدم پرڀرو

هڪ قدم پئتي

مان وڻان توکي، تون

مون کي وڻ


 

ساز ساڻ سُر ملاءِ

۽ سنڀالي پير کڻ

ايترو نه ويجهو اچ

۽ نه ايڏو ٿيءُ پري

توڙي تنهنجي دل چوي

پوءِ به لڳ مون ڳري

ٿورو ٿورو فاصلو

آ ضرور

ٿورو ويجهو

ٿورو دور

منهنجي سامهون رهي

پوءِ به مون کي ڳول ڳول

دائرا گول گول

راڪ رول، راڪ راڪ _ رول رول

 

منهنجي لئه تون مَچُ جو

سيءَ ۾ ٻري پيو

مان جي ويجهو ٿو اچان

ٿو سڙي وڃي وجود

۽ پري ٿيان ٿو جي

ڇانئي روح تي جمود

ٿورو ٿورو فاصلو

ٿورو ٿورو فاصلو

ٿورو ٿورو قرب آ

جيترو به ٿي سگهي

اوترو قريب  آءُ

تو تان اول گهول

ناچ ۾

دائرا

گول گول

راڪ رول _ راڪ رول _ راڪ رول


*  راڪ رول: اولهه جو هڪ ناچ؛ راڪ =  لُڏ؛ رول = گول ڦِر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com