سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :3

قوم سا زندهه رهي، جنهن جي زبان زندهه رهي

 

يـــا خـــدا جيسين زمين ۽ آسمان زنــدهه رهــي،

چرخ تي جيسين نشانِ ڪهڪشان زندهه رهي.

 

جيستائين باغ کي سرسبز پوشاڪون ملن،

جيستائين دهر ۾ دورِ خزان زندهه رهي.

 

جيسين پاڻيءَ جي مٿان هي هيڏا ٻيڙا ٿا هلن،

جيستائين بحر ۾ آبِ روان زندهه رهي.

 

جيستان قصرِ سلطانِ امارت ٿئي تباهه،

جيسين ٿي مظلوم جي آه و فغان زنده رهي.

 

جيستائين عاشقن کي آه جي طاقت هجي،

جيسين دنيا ۾ اهو حسنِ بتان زندهه رهي.

 

 

 

جيسين ساقي ۽ صراحي جام جنبش ۾ رهن،

جيسين ميخاني ۾ محفل شائقان زنده رهي.

 

طالب و مطلوب جا جيسين هلن راز و نياز،

جيسين شڪوه ۽ شڪايت درميان زنده رهي.

 

سربڪف ميدان ۾ نڪري مجاهد ٿا اٿن،

تن جي هٿ ۾ جيسين ٿي تيغ و سنان زنده رهي.

 

حق پرستن صلح جوين جو هجي جيسين وجود،

۽ سندن آواز جيسين در زمان زنده رهي.

 

جيستائين ٿيو اديبن جو قلم آهي روان،

شاعرن جو جيسين هي فڪرِ جوان زنده رهي.

 

شل رهي زنده زبانِ سنڌ ۽ ان جا اديب،

نڪته سنج هر هڪ انهيءَ جو نڪته دان زنده رهي.

 

سنڌ ٿيو منهنجو وطن سنڌي زبان ٿي جانِ من،

تا قيامت شل اهائي جانِ جان زنده رهي.

 

آه ڪعبي کي شرف جيئن اولين اسلام جو،

هند ۾ تيئن سنڌ جو ٿو عزّ و شان زنده رهي.

 

ٿي اديبن شاعرن کي آه منهنجي التجا،

پنهنجي غفلت ساڻ ڪيئن پنهنجي زبان زنده رهي.

 

جي گهرو جڳ ۾ جيڻ اقبال سان ۽ اوج سان،

سنڌ ۾ سنڌين جي هستي آب سان زنده رهي.

 

جي ترقيءَ جي تمنا آه دل ۾ موجزن،

فڪر آهي، قوم باتاب و توان زنده رهي.

 

آهي تهذيب و تمدن جو زبان سان واسطو،

قوم سان زنده رهي، جنهن جي زبان زنده رهي.

 

 زندگي آهي زبان سان، بي زباني موت آهه،

گرج ڌاران ڪيئن ڀلا شيرِ ززان زنده رهي.

 

باد صرصر کان بچائج يا خدا منهنجي زبان،

برق جي بربادين کان آشيان زنده رهي.

 

اڄ ٻڌي مضمون موزون طبع ٿي منهنجي روان،

هي ”غني“ سنڌي زبان جو مدح خوان زنده رهي.

 

 

 

سعيد ٽکڙائي

ڪافي

 

برهه ڪيس بدنام اَلا لا، نينهن رکايم نالا نرالا.

پَرِ ۾ پرينءَ سان پيچ جو پاتم، اهل ستم کي ڪينَ سڃاتم،

جاني هڻي وئين جام آلا لا، هوش عقل جا تالا نرالا.

 

 

ڪيفي ڪڪوريل ڪجليون ڪاريون، دلبر ديدون دوناليون ڌاريون،

تيز هڻن ٿيون تمام آلا لا، ڀڙڇيون نراليون ڀالا نرالا.

سعيد تي ساجن ڪر سرداري، پرچ پرين ڪا ڪر پوئواري،

خيال خفا ڪر خام آلا لا، پريت جا پياري پيالا نرالا.

(مائي زينونءَ کان ٻڌل)

 

 

نظام الدين زائر

وائي

هيڻو آهي حال،

فرقت تنهنجيءَ جان جلائي.

مون کي آهي پيارا هر دم، تنهنجو خاص خيال،

روئندي روئندي لڇندي پڇندي ساعت گذري سال،

تنهنجي صورت من مُهڻي جو ناهي ڪوئي مثال،

آس اندر ۾ آهي پريتم ٿيندو نيٺ وصال،

سُورن جو تفسير آ سهڻا، ”زائر“ جو احوال.

 

 

محمد اسحاق ”راهي“

 

جو لکجي؛ ديس جي سانگين سچارن تي لکڻ گهرجي.

لکڻ گهرجي ته اهڙن باوقارن تي لکڻ گهرجي.

ٻين جا داستان لکندي اچن ٿا ياد ڏک پنهنجا،

مڙئي پيو پنهنجي مارن ۽ سنگهارن تي لکڻ گهرجي.

        مٺي هن ملڪ جا ماڻهو مٺا مصري کان وڌ آهن،

ملي جي وقت فرصت جو ته مارن تي لکڻ گهرجي.

لين، لاڻن ۽ ڪِرڙن جي ڪجي تعريف دل کولي،

ڪڏهن ڌڻ تي ڪڏهن ڌڻ جي ڌنارن تي لکڻ گهرجي.

        عمر جي ڏاڍ تي، ڪوٽن جي قيدن تي لکو، ليڪن:

ڪڏهن ڪو مارئي جي يَرَ ميارن تي لکڻ گهرجي.

آهي تعظيم جي لائق قبيلو مارئي تنهنجو،

لکڻ توتي کپي، تنهنجي پنوهارن تي لکڻ گهرجي.

        بُسيون، پيرون، پلر ڀي ديس جا هِن آبرو وارا،

للر تي ڀي لکڻ گهرجي، ليارن تي لکڻ گهرجي.

 

 

بلبل کورواهي

 

غزل

ڪيڏا سانول سيئڙا آهن،

هٿ کيرا ٿي پيئڙا آهن.

جوڀن جا هي ڏينهن ته ناهن،

اوسيئڙا اوسيئڙا آهن.

ڪنهن جو پير گهمي ويو آهي،

کڙڪي کڙڪي ليئڙا آهن.

هلندي هلندي هرکيو هوندين،

پير ڄمي ڇو پيئڙا آهن.

جهڻڪو ئي بس جهوري وجهندو،

جهانگياڻين جا جيئڙا آهن.

پاڻ سان پاڻ به کڻندا ناهن،

ويچارا جوڳيئڙا آهن.

 

عابد مظهر

غزل

 

هر هر پيو تڙپائين ٿو تون ڪانه ڏسين ڪا ويل،
نسري پيئي پيڙ پروڪي، گهايل آهيون هيل،
من جا ميرا ٻاهر تن تي، ڪن ٿا هار سينگار،
من جي اُجرن ماڻهن ڪارڻ، ڪهڙا تيل ڦُليل.
مَڌ جا پيالا پيتم پئي پر تو نه ڏنو جو ساٿ،
تڏهن ته تنهنجي محفل مان مَنَ، موٽيس آءُ سويل.
ڏينهن ڏکن جو مس ٿو ڪاٽيان سِڄُ لهي ٿو جيئن،
ياد اچي ٿي ويتر گهائڻ تنهنجي سانجهيءَ ويل.

 

 

ادل سومرو

پاڙون

 

ڪنڌيءَ تي بيٺل هڪڙو وڻ

جنهن جو نينهن نديءَ سان هو

واءُ ۾ وڻ جي لام لڙي ٿي

لڙي نديءَ جا چَپَ چُميا ٿي

هڪ ڏينهن وڻ جي

دل ٿي چاهي

نديءَ جي من ۾

جهاتي پائي

ڏسي ته ڇا هي

آس انهيءَ ۾ لمي پيو هو

سڪ سموري سيني سانڍي

لهر لهر ۾ لڙهي ويو هو

اڄ مان هڪڙو

سُڃ ۾ اڀريل ٻوٽو آهيان

جڏهن جڏهن ڀي واءُ لڳي ٿي

منهنجا ڪومل چپڙا

سُڪل ٺوٺ ڌرتيءَ ساڻ

وڃي لڳن ٿا

ڌرتيءَ جي دل ڌڙڪي ٿي

منهنجي پيار جون پاڙون ان ۾

پختيون آهن

جيڪي ڪڏهن به

ٽُٽڻيون ناهن.

 

 

 

ج. ع. منگهاڻي

سُرهي سوچ

 

من پاڳل

ٿيو وياڪل.

نيڻ نماڻا،

ٿيا جلٿل.

سُڃي ساري،

من محفل،

ڍنگرن اٽڪيو،

رئو ململ.

ڪاٿيل پنهنجو،

هر هڪ پل.

سوچ ساماڻي،

اڳيان هل.

وک سان ڇمڪي،

پئي پايل.

ڪڪرن ڪهڙي،

سوچَ ۽ جهلَ

برسي پوندا،

هي بادل.

راهون جرڪيون،

جهلمل جهل.

الجهيون تريون،

موتين تل.

آءُ منگهاڻي،

موٽي مل.

 

مهر پروين

بيت

 

وڃي شل موٽي، جيئري ڏسان جيڏيون!
چيڙهه ڀريل چوٽي، ڌوئان ڌڻارين سين.
 

وريو آهي واءُ، ڏاڏاڻن جي ڏيهه جو،
سُرهو سُرهو ساءُ، اچي اباڻي پار جو.
 

ڏيو موڙا منڌين کي، کاهڙ گڏينِ کير،
ماروئڙيون ملير، مکڻ لاهين ماٽيين.
 

مکڻ، ڌونرا، لسيون، کاڄ اسان جو کير،
اهي انب انجير، مور نه وڻن مارئين.
 

ماکيءَ کان مٺا گهڻو، مارو منهنجا مير،
نيڻين وهن نير، ساريو سنگهارن کي.
 

ٿر وٺو ٿڌڪار ٿي، مارن ڪاهيا مال،
منهنجا هيڻا حال، آهن قهري ڪوٽ ۾!
 

 

اياز گل

   غزل

 

تُنهنجيءَ هڪ وينگس، واهڻ!

دل کي هن وڌا ڏانوڻَ.

 

هلڪو سلڪو سُک ڏيو، بس!

ڪين گهرون ٿا خوشيون مَڻَ.

 

دور عجب آ هاڻ ته سائين!

ڇانءُ نه ڏين ٿا گهاٽا وَڻَ.

 

ڪوبه نه جاڳي ٿو جذبو،

تنهنجي آئي ڀِي سانوڻ!

 

شهر سڄي تي جادو ڇانيل،

سارا ماڻهو پنڊِ _ پَهڻَ!

 

رُت بسنت اِجها ڪي آئي،

آس ڏياري ٿي پَنَ _ ڇَڻَ!

 

ثريا سوز

بيت

 

منهنجا سڄڻ سائين، توتي واريان ساهه،
تو ۾ جي پساهه، سي تون وارج سنڌ تي.
سي تون وارج سنڌ تي، جيڪا آهي امڙ،
تَن، مَن سارو ڌڙ، صدقو ڪجان سنڌ تان!
صدقو ڪجانءِ سنڌ تان، آءُ پڻ آهيان گڏ،
منهنوج ماس ۽ هَڏ، سڄڻ سوڌو گهوريو.
سڄڻ سوڌو گهوريو، ڪونهي ڪو ملال،
جهڙو هئو حال، واريوسين وطن تان!
واريوسين وطن تان، ٿياسين سجايا،
سي ٿيا اجايا، جتن ڪيو جن جان جو!
 

ذوالفقار سيال

رؤنشو

وقت ڄڻ ڪوئي مداري

زندگي ڄڻ ڍيٻڪي

لوڪ سارو

(ريتن ۽ رسمن جو غلام)

باندرن رِڇَن جيان

پيو ٿو نچي

پيو ٿو نچي!

 

زڪيه ميمڻ

   اوسيئڙو

 

در جي چانئٺ تي هوءَ ويچاري

ويٺي آهي اڃا تائين

اوسيئڙي جا ڏيئا ٻاري

آس اهائي: ’من هو موٽي!‘

ليڙون ليڙون ڪپڙا

اڻڀا اڻڀا وکريل وارَ

اوسيئڙي ۽ اوجاڳي کان

نيڻ ٿڪل: ’من هو موٽي!‘

ڪير چويس: چري،

ڏيئا اجهائي ڇڏ

سڀ دروازا بند ڪري ڇڏ

موت جي ماڳ وڃڻ وارا

ڪڏهن به ورڻا ناهن!

 

 

سارنگ ابڙو

وِک وک وکريل آهن، ساروڻا، سپنا ۽ سور

تون وڻ ۽ مان پَن هئس، ڪيو هوا سرءُ جي ڏور

وس هوا جي آهيون سڀ، پاڻ پنن جان مجبور

لڙڪ گهڻا ٿي پيا آهن، ان ۾ اکين جو ڪهڙو قصور

 

شفيع چانڊيو

  جنم

هر انسان جنم وٺڻ کان پوءِ

ننگي جسم کان

ڍڪيل جسم تائين

پردن جي گهيرن اندر

الفت نفرت

دوري قربت

محروميءَ ناڪاميءَ جو لاش ڪلهن تي

کڻيو گهمي پيو

هر انسان جنم وٺڻ کان پوءِ!

 

 

واجد _ ويچارو

 

حالتن جي پيڙ پيڙان

۽ جُڳن کان پيڙجندڙ

هڪ آدرشي انسان

ڀڄندو ڀرندو ٿو رهي

ڳڻتين تي ڳڻتيون

۽ ويچارن تي ويچار

ڳاڙهي ڳڀروءَ مان ڦِري _ هيڻو هيڊو ٿي ويل

ناڪام ماڻهو

سونهن سوڀيا جو پريمي

جُڳ جُڳ کان

پنهنجون اڻپوريون اميدون

مفلسيءَ جي کامندڙ کوري اندر

پڄري پڄري

رک ٿي ويندي ڏسي

روز جُهرندو ٿو رهي

روز مرندو ٿو رهي

 

 

سليم ڳاڙهوي

 

ننڍڙو نظم وڏا ويچار!

مينڌرو ورندو وري مجبور مومل ڪين روءُ!
سورمو سُرندو وري رنجور سومل ڪين روءُ!
داد ڏي دودي کي او ٻاگهل اوٻائي ڪين روءُ!
مانَ تنهنجي تي ڏني جنهن جانِ مائي ڪين روءُ!

ڄاڻ آيو ڄام او نوري نماڻي ڪين روءُ!
موج ڪينجهر تي مچي ويندي مهاڻي ڪين روءُ!
هوت خود ايندو هلي معصوم سسئي ڪين روءُ!
ننگ پنهنجي کي سڄاڻيندو سدوري ڪين روءُ!
سوڀ ٿيندي سُونهن جي سرويچ سهڻي ڪين روءُ!

هيءَ وڇوڙي جي ندي ويندي پڌر ٿي ڪين روءُ!
مارئي او مارئي من ڪر نه ماندو ڪين روءُ!
تنهنجي مارن تنهنجو آٿت ڄاڻ آندو ڪين روءُ؟
 او وطن جي حور او جنت جي راڻي ڪين روءُ!
باهه ٻاريندو اهو اکڙين جو پاڻي ڪين روءُ!

 

 

ڪافي

 

ڇڏ خوابن جي کيڪار، سچ پچ اچ تون!

او سهڻن جا سردار،  سچ  پچ  اچ  تون!

 

توبن دنيا راس نه آئي، ورهه وڇوڙي جان جلائي،
هن برهه ڪيو بيمار، سچ پچ اچ تون!
سانوڻ موٽيو بوندان برسيون، دلڙي ڌڙڪي اکڙيون ڦڙڪيون،
وَرُ وار سنواري يار، سچ پچ اچ تون.
عمر گذاريم واٽ تي ويهي، پر نه پرين تون آئين پيهي،
وِک وِک تي وِڇايان وار، سچ پچ اچ تون!
ساهه کي ساز بڻايم تولئه، چاهه جو چنگ وڄايم تولئه،
سُڻ سُورن جا سُر تار، سچ پچ اچ تون!
ڏينهن سمورا تنهنجون تاتيون، روئندي گذرن تولئه راتيون،
هينئڙي کي بڻايم هارُ، سچ پچ اچ تون!
 

رحيم بخش قمر

 

شال جئي هيءَ سنڌ سونهاري

گهوٽن جو گلزار، او يار،

شال جئي هيءَ سنڌ سونهاري!

هُڙيون ٻيلا باغ برن ۾،

وِک وِک تي وڻڪار، او يار....

ڇمر، ڇپر، پٻ، ڪارو، ڳاڙهو،

”سسئيءَ“ جا سينگار، او يار...

”مارئيءَ“ پنهنجو ماڳ ملهايو،

۽ سڀ سيڻ سنگهار، او يار...

ڪاڪ تي ”راڻو“ رات نه آيو،

”مومل“ کي مونجهار، او يار...

تند تي ڪنڌ ”ڏياچ“ ڪپايو،

”سورٺ“ ڪئي اوسار، او يار...

سير ۾ ”سهڻيءَ“ ساهڙ ساريو،

تار ۾ تنهن کي تار، او يار...

موئن جي ته دڙي ۾ آهن،

عبرت جا آثار، او يار...

ساهه کان پياري سنڌي ٻولي،

آهي جيءَ جيار، او يار...

گولي ويندي گجرئين جڏهين،

سڏبي دودل گوار، او يار...

هڪڙو گونچ پَٽيندين پاپي،

ڦُٽندا گؤنچ هزار، او يار...

وَسُ وَسُ واحد جا وسڪارا،

جهانگين جي جهونگار، او يار...

کانڀاڻيءَ سان جهار تڙي ٿو،

پرت منجهان پيهار، او يار...

جوئر ٻاجهر وونئڻ وڻن ٿا،

تِر سِڻي ٿيا تيار، او يار...

ڪڻڪ چَڻا ۽ مَٽر ۽ مُهريون،

سرنهن ڪيا سينگار، او يار...

سارين سونا سنگ او ساٿي،

هر هنڌ ٿي هٻڪار، او يار...

هارين پنهنجا هر سنباهيا،

ڇيرن جا ڇمڪار، او يار...

اجرڪ ٻه _ پڙا چائي هليون،

ڍولَ سندن ٿي ڍار، او يار....

بوڻينڊو ۽ بينَ وڄي ٿي،

گاهن ۾ گونجار، او يار...

گهوٽ ”ڀٽائيءَ“ جو هي رسالو،

هيرن جو ڄڻ هار، او يار...

کٻڙ کٿوريا لامون لڙيون،

ڪِرڙين ڏؤنرن ڏار، او يار...

”ڪينجهر“ تي ٿيا ڪرم ڪريم جا،

چوڏس ۽ چوڌار، او يار...

بِهه ۽ لوڙهه ڏئي ٿي مڇيون،

”منڇر“ مڻيادار، او يار...

لک لک ڀيرا ”قمر“ هي لاکو،

نينهئون ٿيندو نثار،  او يار...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com