سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1979ع (1)

 

صفحو :16

2. معنيٰ ٿيندي ته:

_تو پنهنجو پاڻ (تن) کي جيستائين سرمي کان به وڌيڪ سنهرو، نه ڪيو آهي.

(ته پوءِ) پرين توکي (چاه سان پنهنجين) اکڙين ۾ ڪيئن پائيندا (توکي ولين ۾ ڪيئن وهاريندا، ۽ اکين ۾ جاءِ ڪيئن ڏيندا!)

’شاهه جي رسالي‘ (سر آسا) ۾ هيءَ بيت هيٺين طرح ڏنل آهي:

سوئيريا ئي سنهڙو، جان تو ڪيو نه ائين

پرين پائيندا ڪيئن، توکي اکڙِن ۾.

(52)

روز محشر ڏينهڙي، ستر سِجَ تَپن،

سَڀوئي جهڙ ڀانئيان، جي مون پرين مِڙن.

1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ’جهڙ‘ بدران ’جَرُ‘ (= پاڻي) آهي، پر ’جهڙ‘ ڪري پڙهبو ته صحيح ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ته:

_محشر جي ڏينهن ڀل کڻي (هڪ بدران) ستر سجن جي تپي ۽ تاء ڪري.

_ ته به آءُ اهو سڀوئي جهڙ (وارو ٿڌو ڏينهن) ڪري ڀائيندس، جيڪڏهن ان ڏينهن مون کي منهنجا پرين ملن.

(53)

جي تو لائي رچمَچ، ته ڇِپڻ لِڪَڻ لاه،

زهر هلاهل هٿ ڪر، ڪارڻ پريان کاء

ڇاپي ۾ هن بيت جي پڙهڻي زير زبر جي ٿوري ڦير گهير کان سواءِ، ساڳي اها آهي؛

معنيٰ صاف آهي ۽ مؤلف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

_جيڪڏهن تو پوري لڳاء سان پريم ڪيو آهي ته لِڪ لِڪاء ڇڏي ڏي؛

_ پنهنجي پريتم صدقي (جيڪڏهن ضروري بڻجي ته) هلاهل زهر (جهڙو سخت زهر)هٿ ڪري کائي (پنهنجو سچو پيار ثابت ڪر).

(54)

توڙي هوئن وَسيون، مَئنِ سهين ماڙهين،

اکين کي متين جتي هوئِن مان پرين.

1. ڇاپي مطابق، پهرين سٽ جي پهرئين اڌ جي پڙهڻي ”توڙي هوءِ نه وِسَهون“ آهي، پر صحيح ائين ٿيندي جيئن اسان مٿي ڏني آهي. ٻيءَ سٽ جي پوئين اڌ جي پڙهڻي ”اَکين کين متاعُ“ آهي، پر بيت جي سٽاء مان ائين ٿو سمجهجي ته ”اکين کي متيون“ پڙهڻ سان ئي بيت صحيح ۽ سهڻو ٿيندو.

2. معنيٰ ٿيندي ته:

_جيتوڻيڪ کڻي (سانوڻ ۾ وڏا مينهن وسن ۽) وَسون ٿي وڃن، (مال چارڻ ۽ آبادي ڪرڻ لاءِ) جهجها ماڻهو اچي گڏ ٿين.

_ ته به (جي سڄڻ اتي نه هجن ته کين ڏسڻ لاءِ) منهنجي اکين کي اتي جا پور پيا پون، جتي منهنجا سڄڻ هجن.

(55)

تِکو تيڏوئي وَهي، جڏو مُهه مِهراڻ،

ڏيهه سَڀوئي هِڪڙو، ڌير لڌوسين پاڻَ.

1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي اها ئي آهي. پهرين سٽ سهڻي معنيٰ واري آهي ۽ قاضي قادن جي ئي ٿي سگهي ٿي، پر ٻي سٽ جي معنيٰ مبهم آهي ۽ پڻ پهرين سٽ جي معنيٰ سان سهڻو پيچ نٿي کائي. اها سٽ اڃا وڌيڪ ويچار طلب آهي.

2. جيئن بيت بيٺل آهي تيئن مولف (هه) ان جي معنيٰ هن طرح لکي آهي ته:

_سنڌو نديءَ جو جيڏو منهن آهي، اوتري ئي تيزيءَ سان اها وهي ٿي.

_ ان جي وهڪ سڄي ملڪ اندر يڪسان آهي (ان کي ڏسي) اسان ڌيرج حاصل ڪيو آهي.

(56)

پاڙي ۾ وَڻُ هيڪڙو، سو مون گهڻو سُهاءِ،

ٺارِ وِهاري سَڄَڻان، ڇَڙِي ڀي وَڻراهِ.

 1. ڇاپي مطابق هن بيت جي پڙهڻي هيٺين ريت آهي:

ٻاڙيءَ ۾ بَڙُ هيڪڙو، سو مون گهڻو سُهاءِ،

ٺارِ ولاسي سَڄڻا، ڇَڙي ڀي وڻراءِ.

پهرين سٽ ۾ ’ٻاڙيءَ ۾ بڙ هيڪڙو‘ کي ’پاڙي ۾ وڻ هيڪڙو‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. ’پاڙي جو وڻ‘ يا ’پاڙي ۾ وڻ‘ وارو سنڌي محاورو آڳاٽو آهي. ٻيءَ سٽ ۾ لفظ ’ولاسي‘ آهي، جيڪو ڍاٽڪي _ راجسٿاني لفظ ’ٻلهاسي‘ ( =وهاري) جي بگڙيل صورت آهي. ظاهر آهي ته اصل سنڌي لفظ ’وهاري‘ هو جنهن کي ’ٻلهاسي‘ ڪري پڙهيو ويو. ’ڇڙي‘ يا ’ڇڙهي‘ معنيٰ هڪ ڪاٺي يا اڪيلو وڻ.

2. معنيٰ ٿيندي ته:

_پاڙي وارو هڪڙو وڻ به مون کي گهڻو وڌيڪ سيبائي ٿو.

_(ڇو ته) اهو هڪڙو وڻ به جيڪو پرين کي پنهنجي ٿڌي ڇانو ۾ وهاري ٿو، سو (اڪيلو ناهي پر ڄڻ ته ) وڻراه آهي.

(57)

ماءَ مُصلّي! ويرِ، هاڻي ويئي وِسري،

عيدَ ڪَريندِي ڪير، مان کي سڄڻ گڏيو.

1. ڇاپي مطابق بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي:

ما و مُصلّيٰ ويرُ، هاڻي ويئي وِساريائون،

عيدَ ڪَريندو ڪيرُ، ماکي سڄڻ گڏيو.

وڌيڪ صحيح پڙهڻي ائين ٿيندي جيئن مٿي ڏني وئي آهي.

معنيٰ ٿيندي ته:

_اي آمان! نماز پڙهڻ واري مهل (مصليٰ وير _ نماز جو وقت) ئي هاڻ مون کي وسري وئي؛

_(بيشڪ نماز هڪ وڏي خوشي ۽ عيد برابر آهي پر) مون کي ته پنهنجو ملي ويو (جنهن کي پنهنجو پرين ملي ويو، سا ايڏي ته وڏي خوشيءَ ۾ هوندي جو) هاڻي عيد ڪير ويهي ملهائيندي!

(58)

جيئن (سي) ڦِڦڙ ماهَ ۾، اِيئن روزا عيدَ نمازَ،

اڃا آهي ڪا ٻِئي، الله سندي حاجَ.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ لفظ ’سي‘ ڪونهي، پر وزن کٽل آهي ۽ ائين سمجهجي ٿو ته اصل پڙهڻي ۾ ’سي‘ لفظ هو. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ”اڃا آهي ڪاءِ ٻي الله دي حاج“ آهي. جيئن ته هي سڄو بيت صاف سنڌي ۾ آهي، انهيءَ ڪري سرائيڪي لفظ ’دي‘ بدران ’سندي‘ ڪري پڙهڻ بهتر ٿيندو، جو ان سان سٽ جو وزن پڻ پورو پورو بيهندو، ۽ پڻ ’ڪاءِ ٻي‘ بدران ’ڪا ٻئي‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ۽ مولف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

_جيئن ماس (بدن) اندر ڦڦڙ آهن (جي صاف هوا اندر کڻي رت کي صاف ڪن ٿا)، تيئن ئي روزا، عيد ۽ نماز آهن (انهيءَ جو ڪم به تن من کي صاف ڪرڻ آهي).

_پر الله سان ملڻ وارو عمل يا ڪم اڃا ڪو ٻيو آهي.

شاهه صاحب جو هيٺيون بيت پڻ انهيءَ خيال کان متاثر ٿي چيل آهي ته:

روزا ۽ نمازون، اِي پڻ چڱو ڪم،

او ڪو ٻئو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي.

(61)

مکڻ ماکي ان کي، مُلان ڪُٽي کِينِ،

پُڇُ ڪڏهين ڀي تِن کي، هو جي رب گهرينِ.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جي پڙهڻي ”مَکَڻ مَکي اُنکي“ آهي، جنهن جي بدران مٿي ڏنل پڙهڻي بهتر ۽ وڌيڪ صحيح ٿيندي. سنڌي ۾ ’مکڻ ماکي‘ جي جوڙ وارو محاورو مڃيل ۽ مشهور آهي. ٻيءَ سٽ جو آخري لفظ اصل ۾ ’گهرن‘ آهي، جيڪو مٿئين قافيي جي لحاظ سان ’گهرين‘ ڪري پڙهڻ سان وڌيڪ صحيح ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ته:

_انهن کي مکڻ ماکي پڻ ميسر ٿئي ٿي، ۽ ملان (گيهه ۽ کنڊ جي) ڪُٽي به کائن ٿا.

_انهن جي به ته خبر لهه (۽ پر گهور ڪر)، جيڪي (لوڻ پاڻي واري) رٻ لاءِ پيا واجهائين.

(62)

ڏنئين پاڻَ واکاڻ ڪاڻ، ڄِڀ تنهنجي واتِ

وڏي خالق نه گهرين، ڪرين ٻاڙي تاتِ!

1. ڇاپي جي پهرين سٽ ۾ ’واکاڻ ڪاڻ‘ بدران ’وَکاڻ کؤن‘ آهي جيڪو غير سنڌي لهجي مطابق لکيو ويو، صحيح ’واکاڻ لئي‘ يا ’واکاڻ ڪاڻ‘ ٿيندو. ٻيءَ سٽ ۾ ڍاٽڪي _ راجستاني لهجي جي اثر هيٺ ’گهرئَين‘ آهي، جيڪو ’ڪرين‘ وانگر ’گهرين‘ ڪري پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ۽ مولف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

_جڳت جي اُپائيندڙ تنهنجي وات ۾ ڄڀ ان ڪري رکي آهي ته تون ان سان سندس جس ڳائين،

_تون پنهنجي انهيءَ زبان سان ان وڏي خالق کي ياد ڪندي سندس طلب نٿو رکين (يا کانئس نٿو گهرين جو ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي يا ٻئي کان گُهر واري) ٻي اجائي ۽ اڻ _ سُهائيندي ڳالهه پيو زبان تي آڻين.

(64)

علَتَ وڃيس ئي نا، عادت ڪڏهين نه جاءِ

اُٺ ڪَڻڪين ڇڏيو، جُڻ جُواسا کاءِ.

1. ڇاپي جي پهرين سٽ ’وَڃيئيسِ‘ ۽ ’ڪڏهن‘ آهي. ’وڃيئيس‘ اچار ڍاٽڪي _ راجسٿاني لهجي وارو آهي، انهيءَ ڪري ’وڃيس ئي‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. هن کان اڳ ٻين بيتن ۾ لفظ ’ڪڏهين‘ اچي چڪو آهي، انهيءَ ڪري هت پڻ ’ڪڏهن‘ بدران ’ڪڏهين‘ پڙهڻ وڌيڪ موزون ٿيندو. ڇاپي واري ٻي سٽ ۾ ”ڪَڻِڪَئه ڇَڏيئه“ آهي جيڪو ’راجستاني‘ لهجي وارو اچار آهي؛ ان جي بدران ’ڪَڻڪين ڇڏيو‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو. هن ساڳي سٽ جي ڇاپي ۾ لفظ ’جَواسا‘ آهي جيڪو هڪ گاهه آهي، جنهن کي سنڌي ۾ ’ج‘ جي پيش ’جُوانسو‘ چون، انهيءَ لحاظ سان ’جُواسا‘ ڪري پڙهڻ بهتر ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي. ’اُٺ‘ تمثيل طور ’نفس اماره‘ جي معنيٰ ۾ آندل آهي:

_هو پنهنجي هير ڪڏهن ڪين ڇڏيندو، سندس عادت ڪڏهن ڪانه ويندي.

_(انهيءَ ڪري ئي) اهو اٺ ڪڻڪ جي ساون سٺن پنن کي ڇڏيو، جوانسو گاهه چونڊي چونڊي پيو کائي.

ڀٽائي صاحب پڻ هن ساڳي مضمون وارا بيت چيا آهن ته:

آڻي ٻڌم وڻ جاءِ، مانَ مکڙيون چَري

ڪڌاتورو ڪرهو لڪيو لاڻي کاءِ

ان مَيي سندين ماء، ڳالهين مون ڳوڙ ڪيا.

 

کائي نه کٽڻهار، چندن جا چوپا ڪري

اگر اوڏو نه وڃي، سر کنڊ لهي نه سار

لاڻيءَ جي لغار، مَيو متارو ڪئو

(65)

جنين مَحَبتَ مَن ۾، سِي ميرائي سونهنِ،

تَنَ ۾ ٻرن مَشعلان، سَنديان سُپرين.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جو لفظ ’جن‘ آهي، جيڪو ’جنهين‘ پڙهڻ وڌيڪ موزون ٿيندو. ٻين بيتن ۾ پڻ ’جنهين‘ موجود آهي. هر سٽ جي پوئين اڌ جي پڙهڻي ”تي مَئلي ئي سوڀن“ آهي، جيڪا راجسٿاني مطابق آهي. سنڌي ۾ ’سي ميرائي سونهن‘ ٿيندو. ڇاپي ۾ ٻي سٽ جي پڙهڻي هن طرح آهي:

تن ۾ بلئه مشعلان، سه سدا سُپريَنِ.

’بلئه‘ (=سرائڪي ’ٻَلي‘) راجسٿاني لهجي وارو اچار آهي؛ سنڌي لفظ ’ٻَري‘ آهي، پر ’مشعلان‘ جي لحاظ سان ’ٻرن‘ ٿيندو. ’مشعلان‘ جي جمع واري صورت قاضي قادن جي ٻولي مطابق آهي. ’سه سدا‘ جي اصل پڙهڻي ’سي سدا‘ يا ’سي سندا‘ ٿي سگهي ٿي، پر ڪا سهڻي معنيٰ نٿي نڪري. ’مشعلان‘ (جمع) جي لحاظ سان اهي لفظ ’سي سنديان‘ (= سي سنديون) ڪري پڙهجن ته معنيٰ نڪرندي؛ پر ٻولي جي سهڻائي توڙي وزن جي پورائي لاءِ فقط ’سنديان‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو. ’سپرين‘ کي وزن جي سهڻائي جي لحاظ سان ’سپرين‘ پڙهڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ته:

_جن جي اندر ۾ محبت آهي، سي (کڻي ٻاهران بدن يا ڪپڙن ۾) ميرا آهن، ته به سهڻا پيا لڳن.

_ڇاڪاڻ جو انهن (جي اندر) ۾ سڄڻن (جي سڪ ۽ محبت) جون روشن شمعون پيون ٻرن.

(67)

سيڻا هَنڌئون سَڱيو، پپيهو آيو،

لَکِي لوڪُ نه سگهيو، اسان ڳالهايو.

1. ڇاپي ۾ پڻ اهائي صورتخطي آهي، سواءِ ان جي جو ’هنڌئون‘ بدران ’هَنڌو‘ آهي. ’سَڱيو‘ جي معنيٰ مندائتو‘ يا ’ڀريءِ مند وارو‘. چوندا ته ’مند ساڱائي‘ آهي يعني مند ڀري آهي يا مند اچي وئي آهي.

2. معنيٰ صاف آهي ۽ مولف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي:

_سڄڻن وٽان مندائتو تاڙو پکي (اڄ پيغام کڻي) آيو.

_ عام ماڻهو صحيح ڪري نه سگهيا، پر اسان پاڻ احوال اوريو ۽ ڳالهايو.

(70)

ٻَگا پاڻي مَنجهه، ٻاٻِيها ٻُڏي مئا،

جي تو پوي سَمَنجهه، تان تون ڳيرو نه ٿيوين.

1. ڇاپي ۾ پهرين سٽ جي شروع وارا لفظ ”نه کاء پاڻيءَ منجهه“ آهن. ’نه کاء‘ اصل ۾ ’ٻه گا‘ يعني ’ٻَگا‘ آهي. ڇاپي جي ٻيءَ سٽ ۾ ’ڳيرو‘ بدران ’کيرو‘ آهي. آخري لفظ ’ٿيوين‘ سرائڪي آهي، پر بکر جي علائقي واري ٻولي مطابق آهي.

2. هن بيت جي معنيٰ سهڻي پر ڳوڙهي آهي. ’ٻگا ٻاٻيها‘ يعني سفيد اڇا ڳيرا. ڳيري جو هڪ قسم ’ٻاٻيهو‘ آهي، جيڪو عام ڳيري کان ننڍو ۽ وڌيڪ سفيد ۽ سهڻو هوندو آهي ۽ پڻ گهُگهلَندو ۽ مٺي ٻولي ڪندو آهي. هي سهڻو پکي آهي، مگر آهي بالڪل نازڪ ۽ نفيس، سخت گرميءَ به کيس ماري، ته سانوڻ جو مينهن به ان کي ماري، جو هن جا کنڀ ۽ ٿوري پاڻي ۾ ڪري ته به ڦٿڪي. هڪ آڳاٽي ’ڳاهه‘ ۾ ’شاهه جي رسالي‘ جي هڪ بيت ۾، لک ۽ گرمي سببان ٻاٻيهي جي مرڻ ڏانهن اشارو آهي:

”ته ڪر لڳنمِ لُکَ، ٿر ٻاٻيهو ٿي مران“.

ٻاٻيهي جي گهگهلڻ بابت بيت آهي ته:

تون ڇو نه گهگهلن ٻاٻيها، جو ٽيئي ٽول سَرياءِ:

هيٺ جر، مٿي مڃر، ٽيا پرين پاس رهياءِ،

مون جئن ڪينِ وياءِ، سانگي لڳي سپرين!

بهرحال انهن سڀني سهڻاين جي هوندي به ٻاٻيهو هڪ هيڻو ۽ ضعيف پکي آهي. قاضي قادن هن بيت ۾ توڙي ٻين بيتن ۾ همت ۽ حوصلي جي تعليم ڏني آهي. مثلا هن کان پوءِ ٻئي بيت (71) ۾ ’سورهين‘ کي ساراهيو اٿس، ۽ بيت (110) ۾ باز ۽ شينهن جي صفت بيان ڪئي اٿس. انهن اهڃاڻن مطابق هن بيت جي مٿي ڏنل پڙهڻي صحيح ٿيندي، ۽ معنيٰ هيٺين طرح ٿيندي ته:

_سهڻا سفيد ڳيرڙا (بگا ٻاٻيها) ته پاڻي ۾ ٻڏي مئا.

_جيڪڏهن توکي ڪا پروڙ پوي ته هوند ڳيرو نه ٿئين

(پر شهباز ٿئين).

(71)

تان تان سورهيه سَڀڪو، جان جان مَهَه نه مِڙَن

رُڪَ وَهندي سامُهان، سُورهيه سي چاوَنِ.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ۾ ’سُورا سڀڪوءِ‘ آهي، جنهن کي ”سورهيه سڀڪو“ ڪري پڙهڻ صحيح ٿيندو. ٻيو لفظ ’مُهَه‘ آهي جيڪو ’مَهَه‘ پڙهڻ سنا ٿيندو. ’مَهَه‘ يا ’مَهائين‘ معنيٰ وڏا سورهيه. ڇاپي ۾ ٻي سٽ هن طرح آهي:

’رُڪَ وَهندي سامُهين، سُوري سي جاوَن‘

’جاوَن‘ لفظ هندي آهي؛ انهيءَ معنيٰ ۾ ’وڃن‘ لفظ اچي سگهيو ٿي. اسان جي خيال ۾ اصل ۾ اهو ’چاون‘ آهي، يعني ’چوائن‘؛ ’سامهين‘ بدران ’سامهان‘ پڙهڻ بهتر ٿيندو.

2. معنيٰ صاف آهي ته:

_تيستائين ڄڻ هر ڪوئي سورهيه آهي (۽ پاڻ کي سورهيه ٿو سڏائي) جيستائين (جنگ جي ميدان ۾) وڏا پهلوان نه اچي گڏيا آهن (ساڻس منهن مقابل نه ٿيا آهن).

_پاڻ کي سورهيه ڀل اهي سڏائين جيڪي ترارين لڳندي (رڪ وهندي) اچي منهن مقابل ٿين ٿا.

(72)

جي مون ڏِيئين لَکَ ڌَڙَ، ‎ڌَڙِ ڌَڙِ لَکَ سِران
سِر سِر لَکَ مُهان ٿِيئنِ، مُهِه مُهِه لَکَ ڄِڀان
سَڀي ڄڀان تِکيان، هِڪڙيان لَوان
صِفَتِ تهنجي راڄِيَا! توءِ آءُ ڪيئن ڪَران.
 

1. ڇاپي مطابق ٻيءَ سٽ ۾ ’ٿيئين‘ ٽرينءَ سٽ ۾ ’سڀي‘ بدران ’سڄي‘ ۽ چوٿينءَ سٽ جو پويون اڌ ”تون هَوَن ڪيئن ڪَران“ آهي جيڪو وضاحت طلب آهي. ’تو‘ اصل ۾ ’توءِ‘ (= ته به) آهي جيڪو آڳاٽي سنڌي ٻولي جو لفظ آهي؛ ’هوَنَ‘ ڍاٽڪي _ راجسٿاني لفظ _هُون = آءُ) آهي جيڪو اصل سنڌي ’آءُ‘ جي بدران آندل آهي؛ ’ڪران‘ سرائڪي لفظ (=ڪريان) آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته قاضي قادن جي وقت ۾ بکر علائقي ’سري جي ٻولي‘ ۾ استعمال ٿيندڙ هو. سِران، مهان، ڄڀان ۽ ڪران چارئي قاضي قادن جي ٻولي جا الفاظ آهن.

2. هن بيت ۾ سچي محبت ۽ عقيدي جو اظهار نهايت ئي اعليٰ شاعري ۾ ڪيل آهي. معنيٰ صاف آهي، ۽ لائق مؤلف (هه) پڻ سهڻي نموني سان لکي آهي ته:

_اي ڌڻي! جيڪڏهن مون کي لکين ڌڙ ڏين، ۽ هر هڪ ڌڙ لک لک سر هجن.

_ هر هڪ سر ۾ لک وات هجن، ۽ هر هڪ وات ۾ لک لک ڄڀون هجن.

_اهي سمورين ڄڀون ڳالهائڻ جون تکيون هجن، ۽ مان انهن سان هڪ ئي وقت ويهي لنوان (تنهن جي واکاڻ ڪريان).

_اي راڄيا (سڀن جا سائين)، ته به تنهنجي ساراهه آءُ ڪيئن پوري ڪريان.

(75)

’آءُ ’تون‘ وِنڌَ مَ وِجهه تون، سيڻان ويڻَ مَ ڪَٿ

پِيهي منجهه ڪَڻيون ڪرين، تون کوٽِي تو هٿِ.

1. ڇاپي ۾ بيت جي پڙهڻي هيٺين طرح آهي، جيڪا ’سنتون ڪي واڻي‘ واري اصلي پڙهڻي مطابق آهي؛

هَنءُ آءُ وندا وَڃُ تون، سيڻان ويڻ مَ ڪٿ

پيهي مَنجهه ڪَڻون ڪَري، تو کوٽي مون هَٿ.

هن پڙهڻي ۾ جيڪي لفظ سمجهه ۾ اچن ٿا تن مان ظاهر آهي ته هيءُ بيت سهڻي معنيٰ وارو آهي ۽ قاضي قادن جو ئي آهي. هن بيت ۾ آيل الفاظ ’سيڻ‘ ۽ ’راڄيا‘ توڙي ’پاڻ کي پيهي اٽو ڪرڻ‘ وارو خيال قاضي قادن جا ئي آهن، ۽ سندس ٻين بيتن ۾ پڻ موجود آهن([1]). باوجود انهيءَ جي، هن پڙهڻي ۾ جيڪي لفظ جيئن بيٺل آهن، تيئن سمجهه ۾ نه ٿا اچن، ۽ نڪي وري صحيح ۽ سهڻا ٿا لڳن. ’ڪٿ‘ (ٿ جي هيٺان زير) ۽ ’هٿ‘ (ٿ جي مٿان پيش) وارا قافيا شعر جي لحاظ سان سهڻا ناهن ۽ قاضي قادن جا ٿي نٿا سگهن.

جيتوڻيڪ هن بيت جي وڌيڪ صحيح ۽ سهڻي پڙهڻي وڌيڪ ويچار گهري ٿي، ته به في الحال اسان مٿين پڙهڻي هيٺين وضاحت جي آڌار تي ڏني آهي. لفظ ’هَنءُ‘ راجسٿاني محاوري جو آهي ۽ ساڳيو ’آءُ‘ آهي؛ يعني ته ’هن ء آءُ‘ ۾ لفظ ’آءُ‘ ٻه دفعا آيل آهي، ۽ اصل سنڌي پڙهڻي ۾ اهي ٻه لفظ ’آءُ تون‘ هئا. اڳتي ’وندا وڃ تون‘ وارو فقرو اصل سنڌي فقري ’ونڌ وجهه م تون‘ جي بگڙيل صورت آهي. ٻيءَ سٽ جي پهرئين اڌ ’پيهي منجهه ڪڻون ڪري‘ کي جڏهن پيهي منجهه ڪيڻو ڪري‘ پڙهبو تڏهن معنيٰ سهڻي ٿيندي. هڪ ’ڪڻو‘ مان اها معنيٰ نٿي نڪري جيڪا ’ڪڻيون‘ (= ذرا ذرا، اٽو) مان نڪري ٿي. ٻيءَ سٽ جو پويون اڌ ’تو کوٽي مون هٿ‘ آهي جنهن جي اصل سنڌي صورت في الحال سمجهي نٿا سگهون. جيڪڏهن ’مون‘ برابر ’۾‘ جي آهي، ته پوءِ به ’تو کوٽي ۾ هٿ‘ واري فقري ۾، ’تنهنجو هٿ‘ يا ’تنهنجا هٿ‘ جي لحاظ سان ’ٿ‘ تي پيش ايندو يا زير ايندي، ۽ اهو قافيو مٿئين قافيي سان سهڻو ملي نه بيهندو. هن سڄي فقري جي معنيٰ وڌيڪ سهڻي ائين ٿيندي جو ’تو‘ کي ’توءِ‘ (= ته به) ڪري پڙهجي، ۽ باقي ’کوٽي مون هٿ‘ (= کوٽي ۾ هٿ) کي ’کوٽي تو هٿِ‘ (کوٽي تنهنجي هَٿَ ۾) ڪري ڄاڻجي.

2. مٿين وضاحت موجب بيت جي معنيٰ ٿيندي ته:

_(پيار ۽ محبت واري رشتي ۾) ’آءُ‘ ’تون‘ وري وري وچ ۾ نه آڻ، ۽ نڪي پنهنجي سڄڻن کي سامهان ڏوراپا ۽ ورنديون ڏي.

_(محبت نباهڻ ائين آهي جو) توڙي کڻي پنهنجو اندر (صبر جي جنڊ سان) پيهي ذرا ذرا (اٽو) ڪرين، ته به (پيو پيهه ۽ پاڻ کي پهڻ وارو) هٿيو سدائين تنهنجي هٿ ۾ هجي ئي هجي.

ٻِيان ڪُون ڪِيا روئي، ڏک اَپڻي ڪُون روء

ٻنڌ سَمل، ٿي ساختي، اٿ نه رَهسِي ڪوءِ.

1. پهرين سٽ هندي آميز آهي پر مجموعي طور سان بيت جي ٻولي سرائيڪي آهي. بيت ۾ خيال پڻ سهڻو سمايل آهي. فارسي لفظ ’ساختي‘ مان گمان اٿي ٿو ته شايد هيءُ بيت قاضي قادن جو هجي.

2. معنيٰ صاف آهي ته:

_ٻين (جي مرڻ) تي ڇو ٿو روئين، تون پنهنجي (وڃڻ جي) ڏک تي غم ڪر.

_سمر ٻڌ، تيار ٿي، جو هت ڪوبه ڪونه هوندو.

(79)

سُتُون ڪيهي ساءِ، تو مٿي ڪَپَرُ گُڙي

وَهَڻُ تِٿائِين کاءِ، جِتي تهنجو تَڪِيو.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ جا شروع وارا الفاظ ’سُتوڪي هَئه ساءِ‘ آهن جيڪي راجسٿاني لهجي مطابق لکيل آهن. سنڌيءَ ۾ ’ستون ڪيهي ساءِ‘ ٿيندو2.

2. هي بيت اويسرن ۽ غافلن لاءِ هدايت طور چيل آهي، ۽ هڪ اهڙي غافل ۽ اويسر کي مخاطب ٿي چيل آهي، جيڪو پائيندڙ درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بي اونو ٿي سمهي پيو آهي. معنيٰ ٿيندي ته:

_اي غافل! تنهنجي مٿان ته ڪپر پيو گُڙي (پائيندڙ وقت جڏهن ڪَپر ڪِرڻ وارو هوندو آهي ته وڏو آواز ٿيندو آهي)؛ پوءِ تون ڪهڙي آسري تي مٺي ننڊ ۾ ستو پيو آهين!

_(درياءَ جو تکو) وهڪرو بالڪل ان جاءِ تان پيو زمين کي کائي جنهن هنڌ تي تون (ستل) آهين!

(80)

سُتُون سڄي رات، منهن ڍڪي مُئن جيئن،

نه تو سَمَر تاتِ، نه جهورِي تو آهه ڪا.

1. ڇاپي ۾ پڻ ائين ئي آهي، سواءِ ان جي جو پهرين سٽ ۾ ’سُتون‘ بدران ’سُتو‘ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’سَمر‘ بدران سَنبَل‘ آهي.

2. معنيٰ صاف آهي ۽ مولف (هه) پڻ سهڻي ڪري لکي آهي ته:

_تون سڄي رات مئلن وانگر منهن ڍڪي سمهيو رهئين.

_توکي نڪي سفر لاءِ توشي ٺاهڻ جي ڳڻتي آهي ته نڪي وري ڪا ٻي اُڻ تُڻ آهي.

جان جان ڪنڌي ڪانه، تون تُر هي تاتِ ڪر

ڪَپَرُ سندي دانہ، مَتِ اوچتي الَهي.

1. ڇاپي مطابق پهرين سٽ ’ڪانہ‘ بدران ’ڪاءِ‘ آهي، ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ’دانہ‘ بدران ’داهه‘ آهي. پڻ ٻيءَ سٽ جو پويون اڌ راجسٿاني لهجي موجب ’مَتِ اوچِنتِي اُلِهئه‘ آهي جيڪو سنڌي ۾ ’مَتِ اوچتِي اُلهي‘ ٿيندو.

2. معنيٰ ٿيندي ته:

_جيستائين ڪناري لڳ ڪانہ (جا ٻُوڙا) بيٺل آهي، تيستائين (انهن کي وڍي، سَٿي سِبي پاڻ کي تارن لاءِ) ترهي ٺاهڻ جي تياري ۽ اون ڪر.

_جو متان (ڪنهن وقت پائيندڙ پاڻي ڪپر کي ڪيرائي ۽) ڪپر (جي ڪرڻ) جو هيبتناڪ آواز اوچتو تنهنجي ڪن تي پوي.

(82)

جي تُلَ ٽُٽو تلهڙي، سائِرَ مَنجهه ٿِيانہ

ڪَرِ ٻانهان پاڻيچِيان، مُ ڪَرِ سَڏَ ٻيانہ.

1. هيءَ پڙهڻي ڇاپي مطابق آهي، سواءِ انهيءَ جي جو ڇاپي ۾ ’تلهڙي‘ جي ’ت‘ مٿان پيش ڏنل آهي. سنڌ ۾ اسان جو لفظ ’ت‘ جي زبر سان ٻڌو آهي.

2. ’تُل ٽُٽو تلهڙي‘ جي معنيٰ وڌيڪ تحقيق طلب آهي. جيتوڻيڪ مؤلف (هه) ائين لکي آهي جيئن هيٺ ڏجي ٿي:

_جيڪڏهن ٻيڙيءَ جي مسطول جا پال ٽٽي پيا اٿئي ۽ تون سمنڊ ۾ وڃين پيو آهين.


([1]) ’سيڻ‘ بيت نمبر 10، 25، 26، 42 ۽ 67، ’راڄيا‘ بيت نمبر 107، ’سرمي وانگر تن پيهڻ‘ بيت نمبر 51.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com