(2) ماڳ مڪان ۽ ان جي تاريخ ۾
اهميت:
جنهن علائقي ۾ ’ٺل‘ واقع آهي؛ ڇا ان کي به تاريخ ۾ ڪا اهميت
آهي؟ جيڪڏهن گهربل بحث ڪجي، ته شايد ٺل مير رڪن جي
اهميت ويتر وڌي وڃي. اچو ته تاريخ تي نظر ڪريون ۽
واضح ثبوت وٺون ته هن ايريا کي تاريخ ۾ ڪيتري
اهميت مليل آهي. هي ٺل نوابشاهه ضلعي جي تعلقي
موري ۾ موجود آهي. جنهن کي زمين ۾ ٺل آهي، اها به
’مير رڪن‘ سڏجي ٿي، ان کان علاوه ڏکڻ موري کي آباد
ڪرڻ لاءِ جيڪا برانچ روهڙي ڪئنال مان نڪري ٿي، ان
کي به ’ٺل برانچ‘ سڏجي ٿو ۽ پڻ هن علائقي کي آباد
ڪندڙ شاخ کي ’مير رڪن‘ جو نالو ڏنو ويو آهي.
دولتپور کان 8 ميلن ۽ دوڙ کان 12 ميلن تي ’دولتپور
دوڙ‘ رستي جي ڏکڻ ۾ واقع ٺل وٽ، هن وقت اڪيچار گهر
آهن، جيڪي کيس گهيري ۾ آڻيو، هر سياح لاءِ زحمت
بنايو بيٺا آهن.
جيتري قدر هن علائقي جي تاريخ جو پس منظر آهي ته ان چوڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو ته ، سنڌ ڏيهه جي تاريخ جو مدار
گهڻو ڪري ”سنڌو“ تي پئي رهيو آهي. عربن جي فتح
تائين سنڌو ندي؛ ’ٺل‘ توڙي ’ساوڙي‘ جي نزديڪ وهندي
هئي، جنهن جي ذريعي فاتح سنڌ، ڍنڍ وڪر بهار تي
’ساوڙي‘ جي ڀر ۾ اچي منزل ڪئي هئي. جڏهن ’سنڌو‘
اروڙ تان منهن مٽيو، ته 20 ميل اولهه ڏي هٽي، وڃي
سيوهڻ سائو ڪيائين.
مجمل التواريخ جي مصنف جو قول آهي ته، قديم وقت ۾ ڪشمير جي
راجا ’ساوندي‘ جي شهر کي سنڌو نديءَ جي ڪناري
ٻڌايو هو (20). هي ڪشن گهراڻي جو راجا ’ڪانشڪا‘
هو، جيڪو جڏهن سنڌ جي دوري تي آيو ته، سندس دوري
جي ياد ۾ پنجاب، بهاولپور توڙي سنڌ ۾ ٻڌمت جا
تعميرات ٿيا، ۽ هي تعميرون سندس موت بعد پوين به
هلايون21. يعني شهر ”ساوڙي“ ۽ ”ٺل مير رڪن“ ٻيئي،
ڪشن گهراڻي جي ياد تازي ڪن ٿا.
ڇهين ستين صدي عيسوي ۾ هن علائقي جي سياسي پوزيشن يا انتظامي
ونڊ ورڇ ڪهڙي هئي” ان متعلق صاحب چچ نامي (هڪ
بهترين اقتباس ڏنو آهي، جيڪو هيٺ ڏجي ٿو).
”راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ نالي هڪ هندو راجا پنهنجي ملڪ تي چار
حڪمران مقرر ڪيا هئا: هڪ برهمڻ آباد، ۽ نيرون ڪوٽ
جي قلعي کان وٺي ديبل، لوهاڻو يعني لاکا ۽ سما
(ايراضين وارو علائقو) ويندي سمنڊ تائين هن جي
انتظام هيٺ ڏنائين، ٻيو سيوستان جي مرڪزي شهر ۾ ۽
ٻڌيہ، جنگان، رونجهان، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي
حد سندس حوالي هئي“ ٽيون اسڪلنده ۽ ڀاٽيه جي قلعي
۾، جنهن کي تلواڙو ۽ چچپور به چوندا آهن، رهندو
هو، ۽ اتي جي آسپاس وارا ملڪ ديوَ هلپور تائين
سندس تصرف ۾ هئا. چوٿين کي ملتان جي شاندار شهر ۾
رهايائين، ۽ سڪہ، برهمپور، ڪرور، اشهار ۽ تاڪيہ
ويندي ڪشمير جي حد تائين انهيءَ جي حڪومت هيٺ
رکيائين، ۽ پاڻ اروڙ جي تختگاهه ۾ ٿي ويٺو ۽
ڪردان، ڪيڪانان ۽ برهاس پنهنجي حڪم هيٺ رکندو
هو“(22).
مٿين اقتباس مان خبر پئي ٿي ته وسيع ’سنڌ ملڪ‘ پنجن صوبن ۾
تقسيم هو جن کي الور، برهمڻ آباد، سيوهڻ، اسڪلنده
(اچ) ۽ ملتان دارالاحڪومت هئا. سي سياسي ۽
انتظامي تنظيم راءِ گهراڻي جي هئي، جن کي اسان جي
تاريخ ۾ ’سنڌ جي ٻڌ مت بادشاهت‘ جي نالي سان ياد
ڪيو وڃي ٿو. تاريخدانن انهيءَ صوبائي ونڊ ورڇ ۾،
’ساوندي‘ توڙي ’ٺل مير رڪن‘ کي سيوهڻ جي صوبي ۾
آندو آهي(23). تاريخ جا صفحا شاهد آهن ته، بهرمڻ
خاندان جي دور حڪومت (712_644) ۾ به، مٿين سياسي
تنظيم برقرار رکي هئي.
پنو اميه خاندان جي دور حڪومت ۾؛ خليفي وليد بن عبدالملڪ جي
زماني ۾، عراق جي وائسراءِ حجاج بن يوسف جي سياسي
حڪمت عملي ڪري، محمد بن قاسم کي سنڌ جي فتح لاءِ
موڪليو ويو. فاتح سنڌ برهمڻ آباد جي تسخير بعد،
اروڙ جي فتح لاءِ جڏهن اتر سنڌ ڏي ڪوچ ڪيو ته، پاڻ
واٽ تي ڪيتريون منزلون ڪري ٿو. صاحب چچ نامه واٽ
تي سندس هڪ منزل جو ڏس سمن جي شهر ساوندي وٽ به
ڪري ٿو. مذڪوره اقتباس پڙهڻ بعد هن علائقي جي
سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن جي پوري پوري خبر پوي
ٿي.
”جڏهن محمد بن قاسم برهمڻ آباد جي بندوبست، ۽ اڀرندي. الهندي،
ڳوٺن ۽ پسگردائي جي معاملن مضبوط ڪرڻ کان فارغ
ٿيو، تڏهن خميس جي ڏينهن، 3 ماه محرم سنه 94، منزل
پٽي وڃي. ساونديءَ جي پسگردائيءَ ۾ انهيءَ جاءِ تي
لٿو هو جنهن کي منهل چون ٿا. اتي هڪ فرحت افزا ڍنڍ
۽ سرسبز چراگاه هو جنهن کي ڍنڍ وڪر بهار چوندا
هئا. انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي منزل ڪيائين، انهيءَ
پاسي جا سڀ ماڻهو، شمني ۽ ٻڌ وارا واپاري
هئا“(24).
چچ نامي جي مٿئين فقري مان اسان کي جاگرافيائي طور تي ٽن ماڳن _
ساوندي، منهل ۽ ڍنڍ وڪر بهار، مذهبي طور تي ته
هتان جا ماڻهو ٻڌمت جا پيرو هئا، ۽ معاشي طور تي
ته هتان جي ماڻهن جو گذر واپار تي هو، معلوم ٿئي
ٿو. هتي اسان ٽن جاگرافيائي ماڳن تي ٿورو بحث
ڪنداسين.
ساوندي: سان مٿي چئي چڪا آهيون ته هي شهر ڪانشڪا اڏايو هو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب چچ نامي ص 511 تي هن شهر کي،
تعلقي موري جي موجوده شهر ”ساوڙي“ سان تشبيهه ڪيو
آهي. ڏٺو وڃي ته ساونديءَ جي ماڳ تي باقي اختلاف
رهي ٿو. مسٽر هينري ڪوزنس به پنهنجي ڪتاب جي ص 59
توڙي پليٽ نمبر 5 ۾، ساوندي کي ’ڏيپر گهانگهري‘
سان تشبيهه ڏني آهي؛ پر حقيقت ۾ ڏيپر گهانگهرو،
برهمڻ آباد جو ٻيو نالو ۽ ڀڙو المنصوره جو ٻيو
نالو آهي. اسان چچ نامي واري بيان ته، ”برهمڻ آباد
جي انتظام بعد، فاتح سنڌ، اروڙ لاءِ ڪوچ ڪندي، واٽ
تي ساوندي ۾ قيام ڪيو هو“؛ تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي
وزن ڏيون ٿا.
منهل؟: چچ نامي جو شارح هن ماڳ متعلق خاموش آهي، تاهم اسان جو
خيال آهي ته موري تعلقي جي شهر ”منهڙي“ جو نالو
آهي. ساڳئي وقت منهنجي نظر ۾ اهو فقرو يا ته ڪاتب
جي سهو ڪري غلط ٿيو آهي يا مترجم جو ڪمال آهي.
اسان جي نظر ۾ جملو هن ريت آهي. ”3 محرم سنه 94
بروز خميس منزل پٽي وڃي، سنهل جي علائقي ۾ انهيءَ
جاءِ تي لٿو، جنهن کي ساوندي چون ٿا. اتي هڪ فرحت
افزا ڍنڍ ۽ سرسبز چراگاهه هو، جنهن کي نڍ وڪر بهار
چوندا هئا، انهيءَ ڍنڍ جي ڪناري تي منزل ڪيائين“.
منهل ’منهڙه‘ تي سگهي ٿو. جو تاريخ جي مختلف دورن
۾ ڦري گهري ”منهڙي“ جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.
ممڪن آهي ته منهل ان وقت تعلقي جي حيثيت رکندو هجي
۽ ساوندي ان جو هڪ وسندڙ ۽ ٻهڪندڙ شهر هجي.“
ڍنڍوڪر بهار: ڊاڪٽر بلوچ صاحب چئي ٿو ته؛ ساوڙيءَ جو ڳوٺ ’سنڌو‘
جي هڪ قديم ڍوري جي ڪپ تي ٻڌو ويو هو، جنهن جا
نشان ساوڙيءَ جي ڳوٺ الڳ الهندي طرف اڄ تائين
موجود آهن. اسان پنهنجي سرجيڪا ڳولا ڦولا ڪئي آهي،
تنهن موجب موجوده ”سن“ ۽ ”ساوڙي“ جي وچ ۾ هڪ پراڻو
ڍورو يا ڍنڍ اڄ به موجود آهي. ممڪن آهي ته چچ نامي
وارو ’ڍنڍوڪر بهار‘ اهو ئي ڍورو هجي.
مٿئين تاريخي اقتباس تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب هيءَ راءِ ڏني آهي:
”وڪربهار جي لفظ بهار مان ظاهر آهي، ته هي هڪ ٻڌ
جو مندر هو، ممڪن آهي ته ان مندر ڪري ئي ڍنڍ به
وڪربهار سڏبي هجي. ٺل مير رڪن يقيني طور تي
وڪربهار وارو قديم ٻڌ جو مندر آهي“ (26).
(3) فن تعمير ۽ همعصر ٺلن سان مقابلو: سنڌ ۾ پڪي سر جو استعمال
نهايت ئي آڳاٽو آهي. موهن جي دڙي کان وٺي ٺلن جي
تعمير تائين؛ ۽ المنصوريه جي ديوارن کان وٽي رني
ڪوٽ جي تعمير تائين، رڳو پڪي سر ئي نظر اچي ٿي. ٻڌ
ڌرم وارن جي تعميرات ۾ اڪثر ڪري سينگاريل ۽ سهڻيون
پڪل سرون نظر اچن ٿيون. ڪچي سر ٺاهڻ لاءِ چيڪي
مٽيءَ جي ڳولا ڪئي ويندي هئي. ان بعد سرن ٺاهڻ
لاءِ جيڪو ڪارب استعمال ٿيندو هو ان جو به ڦولدار
هئڻ لازمي هو. هن سڄي ڪم بعد ڪچي سر کي، پڪي ڪرڻ
لاءِ ضروري ڪم ڪيو ويندو هو. اهو طريقو سنڌ، پنجاب
توڙي سرحد ۾ به ڏٺو ويو آهي. ٻڌ ڌرم وارن جون
اڏاوتون؛ ڪهڙي خطي جي فن عمارتسازيءَ جو مظهر آهن،
ان لاءِ ماهرين جو خيال آهي ته اها طرز اڏاوت
”يوناني ۽ هندستاني“ فن تعمير سان مشابهه آهي(27).
جيتريقدر ٺل مير رڪن جو تعلق آهي ته ماهرين هي
تسليم ڪيو آهي ته هي پڻ ”انڊو _يوناني“ فن جو
بهترين مثال آهي(28).
هڪ قدم اڳتي وڌائيندي ڪوزنس لکيو ”ميرپور خاص ٺل کي پنهنجي
اڏاوت جو واحد مثال مڃڻ محض خام خيالي ٿيندي ڇو
ته، ساڳئي طرز جي اڏاوت، سرن تي نقاشي ۽ مورت سازي
ان ڳالهه جو مظهر آهن ته ٺل مير رڪن، ٺل ڏيپر
گهانگهرو، ۽ سوڌرن جو ٺل هڪ ئي فن تعمير سان
مشابهت رکن ٿا“(30).
سنڌ جي جملي ٺلن جي برابر آثار قديمه وارا اجهو هيئن ٿا ڪن،
”آخر ۾ هي چئبو ته ٺل ميرپورخاص ۽ سنڌ جي جملي ٺل
هڪ ئي نموني جا ٺهيل آهن ۽ هي ظاهر ڪن ٿا، ته
قدامت جي لحاظ کان به هڪ ئي عمر جا آهن. نقش نگار،
سرن جو استعمال، جنرل ڪننگهام پنجاب ۾ به ڏٺو هو،
جن تي اکر به لکيل هئا. اهڙي ئي قسم جا ٻه ٽوٽا
مون ٺل مير رڪن وٽ به ڏٺا هئا، جن تي به ساڳئي قسم
جا اکر لکيل هئا. شورڪوٽ (پنجاب) جي سرن تي لکيل
اکرن جي آڌار تي سندن زمانو
97-319 A D. مقرر ڪري سگهجي ٿو (31).
سنڌو ماٿريءَ ۾، ٻڌ مت جي جملي اڏاوتن بابت ماهرن لکيو: ”سنڌ جا
ڄاتل سڃاتل ٺل جهڙوڪ ٽنڊي محمد خان جي ڀروارو ٺل،
جهڙوڪ ميرپورخاص، ڏيپر گهانگهرو ۽ ٺل مير رڪن سنڌو
ماٿر ۾ هڪ پوري سلسلي جي نشاندهي ڪن ٿا. ان کان به
پري ته، بهاولپور (جتي ڪانشڪا جو ڪتبو مليو هو) يا
پنجاب ۽ ڪشمير جا ٻڌمت جا آثار بلڪل هڪ سلسلي جي
نشاندهي ۽ پٺڀرائي ڪن ٿا(32).
(4) فزيڪل بناوت:
سنڌ جا جملي اسٽوپاز ٻڌمت جا چڱا يادگار آهن، پر آثار قديمه
وارن جي نظم ۾ ٺل مير رڪن کي تمام گهڻي اهميت مليل
آهي. ڪوزنس لکيو:
It is the only Stupa in Sindh, so far as we are at present
aware with so complete a towor.
ڪرسچن ايرا جي شروع ۾ ٺهيل هي بهترين ٺل، 20 صدي تائين ڇو محفوظ
رهيو؟ ان لاءِ ڪوزنس ڪهڙو نه سچ لکيو آهي:
Its material was found very useful by the contractors.
سندسبناوت ڪيئن رٿي ويئ، يا بنياد ڪهڙي نوع جو آهي:
That it had a great square Basement, as at the M. Khass one,
which was 66ft square.
اڃا به اڳتي هلي لکي ٿو:
It is a solid cylnderical structure slightly tepering towards
the top, about 60ft high, which is constructed,
so for, as acts out ward casing it concerned, of
excellent burnt brick.
ڪتاب جي ترتيب يا ان کان ٿورو اڳ ٺل جي ڪهڙي حالت
هئي:
What is now left shows 3 bands of decorative pilasters is
tiers one above the other; below the surface has
all been broken away
(33).
ڪوزنس جي ان رمارڪ پڙهڻ بعد، اسان خود ٺل تي وڃڻ ضروري سمجهيو.
موقعي تي جيڪي اسان ڏٺو اهو ئي لکيو، جنهن مان هن
وقت جي ٺل جي پوزيشن معلوم ٿي وڃي ٿي. موقعي تي
مشاهدو ڪندي اسان کي خبر پئي ته ماهرن هن ٺل جي
تعمير، بنيادي سطح کان علاوه ٽن سهڻن ۽ گچ پلستر
سان اڏيل طبقن تي رکي آهي، جن ۾ لسيون پڪيون سرون
ڪتب آيل آهن.
(1) بنيادي سطح، جيڪا هيٺان کان مٿي اٽڪل 20 فٽ کن آهي، سا
بيروني طرح مڪمل تباهه ٿي چڪي آهي. ان جي اڏاوت
لاءِ سنهيون پڪل سرون استعمال ڪيون ويون آهن.
ڪيترن پکين پنهنجا آساس هتي اچي جوڙيا آهن، شايد
ان ڪري جو 20 صديءَ جي سنڌين کين وڻن جي واهيري ۾
رهڻ نه ڏنو ۽ هنن به آثار قديمه جي تعميرات کي
ماڻهن کان آجو سمجهي، اچي هتي پناهه ورتي. بنيادي
سطح جي نيم قطر جو هڪ ڀاڱي چار، بيروني طرح ڀري ۽
ڀڃي تباهه ٿي ويو آهي.
(2) پهريون طبقو، اٽڪل 20 فٽ مٿي کان شروع ٿئي ٿو، سو پڻ 50
سيڪڙو تباهه ٿي ويو آهي. خاص ڪري اتر کان، پر اتر
_ اولهه ڪنڊ کان مکيه ڪانسون صحيح سلامت آهن.
پهرئين طبقي جي اختتام تي ٻيڙ ٻنون به سلامت نه
رهيو آهي، جنهن ڪري ٻئي طبقي سان پهرئين طبقي جي
صحيح ڳانڍاپي جي خبر نه ٿي پئجي سگهي.
(3) حقيقي بناوت جو صحيح خاڪو، ٻئين طبقي ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هي
طبقو 99 سيڪڙو سلامت ۽ جيئن جو تيئن موجود آهي.
بناوت ۾ پڪي سر جي استعمال سان گڏ، گچ پلستر
نمايان ڪم ڏنو آهي. مکيه ڪانسون، گچ پلستر جي
استعمال ڪري ئي ايترو جٽاءُ ڪري سگهيون آهن، جيڪي
ئي سڄي ٺل جي زينت جو سبب آهن.
(4) مسٽر ڪوزنس جي ڏنل پليٽ نمبر
xxix
جو صحيح رخ ٻئين طبقي جي اتر _ اولهه واري پاسي
کان ڏسي سگهجي ٿو، پر ڪنهن به ڦولدار سر جو
استعمال نظر نه ٿو اچي؛ جيئن ڪوزنس جو خيال آهي
ته، ڪانسون ۽ ٻيڙ ٻني لاءِ بهترين ۽ ڦولدار سرون
استعمال ڪيون ويون هيون. حقيقت هيءَ آهي ته، ان
وقت جي ڪاريگرن جي بيمثال رٿا ۽ مهارت ڪري ئي
ڪانسن وغيره کي بنا ڪنهن گلن جي سرن جي غير معمولي
حسن مليو آهي.
(5) ٻئين طبقي جي اختتام تي، ڪيترائي ٻيڙ ٻنا، جيڪي پڻ بهترين
قسم جي ڪانس جو ڏيک ڏين ٿا، ٽئين طبقي سان سندس
تعلق ظاهر ڪن ٿا.
(6) ٽيون ۽ آخري طبقو، هيٺين ٻن کان بلڪل هلڪو، مختلف ۽ الڳ ڍنگ
تي ٺهيل آهي. سندس ٻاهريون ڪور (ليپو) هن وقت قائم
نه رهيو آهي، جو چئي سگهجي ته ان جي بناوت هيٺين
ٻن طبقن جهڙي هئي يا غير معمولي طور تي اوچي هئي.
ممڪن آهي ته ٽئين برچ جي ٻاهرين ڪور لاءِ خاص قسم
جون پڪل سرون (جن تي گوتم جي تصوير هئي) استعمال
ٿين ها، جيئن ڪوزنس جو خيال آهي.
(5) کوٽائي، حاصلات ۽ آرڪيالاجي جي نظرن ۾:
انگريزن جي آمد ٿيندي ئي، قديم سنڌ جي تاريخ کي اجاگر ڪرڻ لاءِ،
هر طرح سان ڪوششون ٿيڻ لڳيون. فريئر پهريون
انگريز آفيسر هو، جنهن ڪراچيءَ لڳ، ٽئين پٿر جي
دور
(Neolithic age)
جي قبرن جي نشاندهي ڪري، سنڌ جي 15000 ق. م. سالن
جي تهذيب جي نشاندهي ڪئي هئي. جان جيڪب جڏهن سنڌ
جو قائم مقام ڪمشنر ٿي آيو، ته هن صاحب پڻ، ڪجهه
نه ڪجهه سنڌ جي آثار قديمه ڏي ڌيان ڏنو.
ڪوزنس جو خيال آهي ته، جان جيڪب پهرين انگريز آفيسر هو، جنهن ٺل
مير رڪن تي خاص ڌيان ڏنو هو. صاحب موصوف هتي ڪجهه
کوٽائي به ڪرائي هئي؛ پر کيس ڪارگر شيءِ هٿ نه
لڳي.
فريئر ڪمشنر واري عرصي (59_1851) ۾، ٺل مير رڪن تي چڱو ڌيان ڏنو
ويو. هن صاحب جي صلاحڪار ڪائونسل ۾ مسٽر جيمس
گبسن، مسٽر جي. ايڇ. ايلس، ايف جي گولڊ سمڊ ۽ مسٽر
ايم جي شا اسٽوئرٽ شامل هئا. هي صاهب هر سال سياري
۾، اندرون سنڌ جي گشت تي ويندو هو ۽ ماڻهن سان
ملاقات ۽ وڏيرن جون مليل دعوتون کائيندو هو ’34‘
اهڙي ئي هڪ گشت ۾ فيبروري 1858ع تي، ڪمشنر ۽ سندس
ڪائونسل ٺل مير رڪن تي ڪئمپ ڪئي. مسٽر گبسن، جيڪو
هن ٺل کي ’رڪن جو ٺل‘ جي نالي سان ياد ڪري ٿو، سو
هن متعلق هيئن لکي ٿو: ’اسان اڳ ۾ ماڻهو موڪليا،
ته پهرين ٺل منجهان سرنگ هنئي وڃي، ته جيئن ڪا
’خاڪ‘
(Relics)
وغيره هجي، ته ڳولي سگهجي. شام جو آءُ ڏاڪڻ ذريعي
مٿي چڙهيس، ته ڏٺم ته سرنگهه فقط 8 فٽ اندر وئي
هئي. ٽن ڏينهن بعد اسان تاريخ 27 فيبروري تي، ٺل
جي ڪئمپ ڪئي ۽ رهيل سرنگهه تري تائين هڻائي؛ پر
ڪابه گهربل شيءِ نه لڌي(36).
هينري ڪوزنس کوٽاين جو قطعي ذڪر ڪندي لکيو آهي ته:
(1) هڪ ڪليڪٽر کي هتي ڍير اٿلائيندي، هڪ ٺڪر جو ٿاءُ لڌو هو،
جنهن جو پيٽ 12 انچ مس هو، تنهن ۾ ڪنجهي جي پازيبن
جو جوڙو پيل هو.
(2) هڪ اريگيشن انجنيئر، جنهن هتي مٽيءَ جو ڍير کوٽايو، ته کيس
ڪيترا اهڙا پڪل سرن جا ٽڪرا مليا هئا، جن تي ٻڌ
جون تصويرون اڪريل هيون، سي هو پاڻ سان کڻائي ويو.
(3) هڪ ايگزيڪيٽو انجنيئر کي اوچتو کوٽائي ڪندي، ڪجهه تعداد پڪن
ٽوٽن ٽڪرن جو مليو، جن تي گوتم جون تصويرون ٺهيون
هيون. ممڪن آهي ته اهي سرون، جيڪي 7 انچ چورس
هيون، سي ٽئين برج لاءِ گهرايون ويون هجن(36).
ان کان علاوه هتي ڪجهه پڪل سرن جو اهڙو تعداد به مليو هو، جن تي
اکر به لکيل هئا، جن مان ظاهر آهي ته سنڌ ۾ پهرين
صديءَ ۾ ئي لکڻ پڙهڻ جو رواج پئجي چڪو هو.
آثار قديمه جي نظرن ۾ ٺل کي ڪهڙي اهميت آهي؟ سا مسٽر ڪوزنس ڪهڙي
نه چٽائيءَ سان بيان ڪئي آهي: فندن جي اڻهوند ڪري
کوٽاين جو ڪافي ڪم رولي ۾ پيل آهي، جي وڌيڪ کوٽائي
ٿئي ته سنڌ جي ٻڌ ڌرم واري دور تي ڪافي روشني پئجي
سگهي ٿي. ٺل مير رڪن توڙي ڏيپر گهانگهري جي وڌيڪ
کوٽائي ٿيڻ گهرجي، ته جيئن سنڌ تي تحقيق لاءِ وسيع
مواد مهيا ٿي سگهي.(37).
ٺل مير رڪن کي بچائڻ گهرجي:
ٺل مير رڪن يقيناً سنڌو جي ڪنهن ڇاڙ يا ڪناري تي ٺهيو هو، جتي
ڪنهن وقت ۾ عاليشان شهر، توڙي ٻڌ مت جي عبادتگاهه
موجود هئي. عهد قديم جي سنڌ جا سڀ ئي شهر گهڻو ڪري
پاڻيءَ جي سِهي سان ٻڌا ويا هئا ۽ پوءِ اتان
درياهه جي وهڪري مٽڻ ڪري، هميشه لاءِ ويران ٿي
ويا. پڪ سان ڪشن گهراڻي وارن ٺل جي اڏاوت ڪنهن
وسندڙ شهر ۾ ڪئي هوندي، نه ڪي ويراني ۾، جتي اڄ
ڪنگ پيا رڙن. هتان جي مذهبي عبادتگاهه توڙي ٺل جي،
مذهبي ۽ تقدس واري اهميت عربن جي هتي پير رکندي ئي
ختم ٿي وئي، ڇو ته هتان جي گهڻو ڪري سڀني سماٽ
قبيلن ۽ ٻڌ مت جي پوئلڳن اسلام قبول ڪري ورتو هو؛
پر رهيو کهيو شهر ۽ رونق به سنڌو جي وهڪري مٽڻ ڪري
ويندي رهي. ٺل مير رڪن دولتپور کان ايندي رستي جي
ڏکڻ ۾ اٽڪل
8½
ميلن تي، نهايت اجاڙ حالت ۾، مقامي گهرن جي
گهيري ۾ آيل آهي. سنڌين جي پنهنجي تاريخ کان جهالت
۽ بي ڌيانيءَ ڪري، ٺل جي ڪابه اهميت نه رهي آهي،
ان ڪري هي روز بروز تباهي ڏي وڌندو پيو وڃي.
ماڳ جي معائني کان پوءِ اسان ان خيال جا آهيون ته بنيادي سطح
(Basement)
۽ ٽيون طبقو، وقت پوڻ ۽ مرمت نه هئڻ ڪري، ڏينهون
ڏينهن ڀُرندا وڃن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن به وقت
سخت بارشن ڪري، ٺل جو مٿيون حصو ڊهي پوندو، جيڪو
سڄي بناوت لاءِ تباهيءَ جو سامان هڪيو ڪندو.
ان ڪري آثار قديمه وارن کي، بنيادي سطح ڏي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽
پوءِ ٽئين طبقي کي به ٺاهڻو پوندو. ان کان علاوه
هڪدم ٺل واري ميدان کي، آباديءَ کان صاف ڪرڻو
پوندو! ڪاش اسان جون آهون ۽ دانهون آثار قديمه
وارن کي پهچن!
حوالا ۽ واڌارا
مولائي شيدائي، تاريخ ’تمدن سنڌ‘ ص 65 _ 64 سنڌ يونيورسٽي
1959ع.
مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ ص 9_38 س. ا. ب. حيدرآباد 1958ع.
(i)
ڀيرومل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ص 40 س. ا. ب.
حيدرآباد 1972ع.
(ii)
ڪوزنس، ’آثار قديمه سنڌ‘ ص 94 ڪراچي آڪسفورڊ
1975ع.
ليمبرڪ، ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ باب 3 ۽ 4 س. ا. ب. حيدرآباد
1973ع.
ڀيرومل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ص 43 ۽ ’تمدن سنڌ‘
ص 107.
(i)
ليمبرڪ، ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ص 104،
(ii)
ڪوزنس ص 94.
مولائي شيدائي، ’جنت السنڌ‘ ص 46.
ليمبرڪ ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ص 106.
نوٽ: ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي راءِ آهي ته
‘Menander’
جا سڪا، موهن جي دڙي مان مليا آهن، ان ڪري سنڌ کي ’يوناني
باخترين‘ جي تابع سمجهڻ گهرجي.
(See P 10. Sindh-through centuries 1975).
ڀيرومل، ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘ ص 52.
ليمبرڪ، ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ص 132.
نوٽ: پهرين پنجين صدي عيسويءَ ۾ وائٽ هنز واري دور ۾ برهمڻن کي
وري ساهه کڻڻ جو موقعو ملي ويو پر ته به عوام جي
اڪثريت جو مذهب ٻڌ ڌرم هو.
(See P 10. Sindh-through centuries 1975).
ڪوزنس ’آثار قديمہ سنڌ‘ ص 10.
عبدالرحمان سومرو، ’سنڌ جا جهونا شهر‘ ص 184،
امين ڪتاب گهر حيدرآباد 1968ع.
ڪوزنس ’آثار قديمہ سنڌ‘ ص 94 فٽ نوٽ 2.
ڪوزنس ’آثار قديمہ سنڌ‘ ص 96.
ڪوزنس ’آثار قديمہ سنڌ‘ ص 105.
ليمبرڪ ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ص
132.
“The antiquities of Sindh”
ٻيو دفعو ڪراچي مان 1975ع ۾ ڇپيو آهي.
حوالو (13) ص 99.
علي ڪوفي، ’چچ نامه‘ ص 510.
حوالو (17) ص 105.
ليمبرڪ ٺل مير رڪن کي ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ۾ سڪرنڊ تعلقي ۾
ڏيکاري ٿو،
(p 132)
پر هي صحيح نه آهي. اسان جا مورخ وقتي نهايت ئي
معمولي پر زياده اهميت واريون غلطيون ڪن ٿا، جيئن
مولائي، نور محمد جي قبن کي دولتپور ۾ ڏيکاريو
آهي (جنت السنڌ ص 528) پر قبا، دولتپور کان 7 ميل
پري اتر اوڀر ڏي آهن.
ڪوزنس ٺل جو وقوع، ٻانڌيءَ کان 8 ميل، ڏکڻ اولهه ڏي ٻڌايو آهي.
پر ٻانڌي هتان کان 16 ميلن تي ٿيند.ي صحيح معنيٰ ۾
ٺل دوڙ کان 12 ميلن ڌاري دولتپور کان 8 ميل اوڀر
طرف رستي جي ڏکڻ ۾ واقع آهي. (چچ نامه ص 511)
چچ نامه ص 511. س. ا. ب. حيدرآباد سال 1966ع.
ڪوزنس ’آثار قديمه سنڌ‘ ص 105.
حوالو 20) ص 23_21.
ليمبرڪ ’سنڌ مسلم فتح کان اڳ‘ ص 138.
صحيح معنيٰ ۾ 3 محرم 95هه /
28 Sep 7/3 AD (چچ نامه ص 512).
حوالو (20) ص 20_321.
ڊاڪٽر پٺاڻ ’عربن جي المنصوره واري بادشاهت‘ ص
78، سنڌالاجي 1974ع. ۽ پڻ ڏسو ڪتاب ۾ نقشه، محل
وقوع، ”المنصوره، المحفوظه ۽ برهمڻ آباد.“
حوالو (20) ص 510.
حوالو (21) ص89.
حوالو (23) ص 132.
حوالو (27)
حوالو (21) ص 96.
حوالو (21) ص 97.
حوالو (21) ص 59.
حوالو (21) ص 98.
12.8.76 تي اسان دوست حاجي امين شاهه سان گڏ، هي
آبزرويشن ورتا آهن.
سيٺ نائونمل ’يادگيريون‘ باب 9،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سال 1968ع.
حوالو (21) ص 99_98.
نوٽ: حقيقت هيئن آهي ته پوئين دور جا ٺهيل ٺل، جيڪي پهرين صدي ۽
ٻي صديءَ عيسوي ۾ ڪشن گهراڻي تعمير ڪرايا، تن ۾
ڪنهن به قسم جي خاڪ وغيره موجود نه آهي ۽ نه وري
ڪا اهڙي متبرڪ شيءِ رکيل آهي. پوئين دور جا ٺل،
محض هڪ گول گنبذ جي ڏيک جهڙا، کڙا تڙا برج آهن
جيڪي صرف ٻڌمت جي ياد ۾ تعمير ڪيا ويا هئا. ڏسو
تفصيل:
(W.W. Taru, the ‘Greeks in Bactria & India ‘P
135 ft note 3, 2nd edition.)
حوالو (35).
حوالو (35). ص 97.
1_ 1979ع |