مون نوٽ هن ڏانهن وڌايو ۽ چيو:
”اوهه! چڱو، مون کي معاف ڪندا.“
هن اهو هڪ مُرڪ سان ورتو _ اها ڦرندڙ گهرندڙ مرڪن مان هڪ مرڪ،
جنهن جي اندر ۾ ڪئين ڳنڍ ۽ گُهنج ۽ وڪڙ ٿيندا آهن
۽ ائين نظر اينديون آهن، جيئن ماٺي پاڻيءَ ۾ پٿر
اڇلائڻ کان پوءِ جو حال، ۽ پوءِ نوٽ تي پنهنجي
مٿاڇري نظر وجهڻ جو ڏيکاءُ ڪندي، اها مُرڪ پٿر مان
ميڻ ٿي لڄائجي وئي، ۽ ٻرندڙ جبل مان نڪرندڙ انهن
اُلن وانگر ڏسڻ ۾ آئي، جيڪي توهان کي جبل لڳ ننڍين
ٽڪرين تي ڪريل ملندا آهن. مون اڳ ۾ ڪابه مُرڪ
اهڙيءَ طرح ڦاسندي ۽ ڦٿڪندي نه ڏٺي هئي. همراهه
نوٽ جهليو اتي ئي بيٺو رهيو ۽ ان کي تڪيندو رهيو.
دڪان جو مالڪ اهو ڏسڻ لاءِ ته معاملو ڪهڙو هو،
اندر گهڙي آيو ۽ پڇيائين:
”ڪهڙيءَ ڳالهه منجهايو اٿوَ؟ ڪهڙي ڏکيائي آهي؟ ڇا ٿو گهري؟ _
هيڏي آ، هن جا باقي پئسا ڏينس، ٽوڊ.“
ٽوڊ وراڻيو: ”باقي پئسا ڏيانس! اهو چوڻ ڏاڍو سولو آهي، سائين:
اجهو، توهان پاڻي نوٽ کي ڏسو.“
دڪان جي مالڪ نوٽ تي هڪ مٿاڇري نظر وجهي، دٻيل سيٽي وڄائي. پوءِ
اڌوراڻن ڪپڙن جي ڍڳ ۾ هٿ وڌائين، انهن کي اٿلائي
پٿلائي اُتاولي ڍنگ ۾ سرٻاٽ به ڪندو رهيو، ڄڻ ته
پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هجي.
”ڪنهن لک _ پتيءَ کي اهڙو به ڊؤلو وڳو ڏبو آهي: ٽوڊ ته بنهه ڪو
ڇسو آهي، ڄائي ڄم کان موڳو، سدائين اهڙيون حرڪتون
ڪندو آهي. هر لک _ پتيءَ کي هن جاءِ مان ڪڍي
ڇڏيندو آهي. هن کي هڪ رولاڪ ۽ سکر شخص ۾ ڪو فرق
نظر نه ايندو آهي. اوهه، هيءَ آهي اها شيءِ، جنهن
کي مان ڳولهيان پيو. سائين، مهرباني ڪري اهو
ٿِڳڙيون لاهيو ۽ باهه ۾ اڇلايو. مون سان قرب ڪري،
هيءَ قميص ۽ هي سوٽ پايو. اها ئي ته شيءِ آهي، _
اصل شيءِ، غير نمائشي، اُچي، ٺاهوڪي ۽ صفا، اميرن
جي پائڻ وٽان. هيءُ وڳو هڪ پرڏيهي شهزادي جي گهر
تي تيار ڪيو ويو هو _ توهان کيس سڃاڻندو هوندؤ،
سائين. مانَ وارو هاسپوڊر، هيليفيڪس وارو. هي وڳو
کيس اسان وٽ ڇڏي وڃڻو پيو، ڇاڪاڻ ته سندس ماءُ
مرڻينگ هئي، جيتوڻيڪ هوءَ بچي وئي. خير، سڀ ٺيڪ
آهي؛ اسان هميشه ته ساڳيءَ حالت ۾ نٿا رهي سگهون _
يعني جيئن اسان _ ڏسو، سوٽ صفا پورو. سائين، اهو
توهان کي ڏاڍو ٺهي پيو. هاڻي واسڪوٽ؛ اُها، وري به
پورو! هاڻي ڪوٽ _ منهنجا رب، هوڏانهن ته ڏسو، صفا
پورو! سڄو وڳو! پنهنجي سموري تجربي ۾ اهڙي ڪاميابي
مون ڪڏهن نه ڏٺي.“
مون سک جو ساهه کنيو.
”ٺيڪ آهي، سائين؛ بالڪل ٺيڪ. اهو في الحال ڪم ڏئي ويندوَ. مان
عرض ٿو ڪيانوَ، ته ترسو ۽ ڏسو ته توهان جي پنهنجي
ماپ تي اسان توهان لاءِ ڇا ٿا تيار ڪريون. ٽوڊ،
پين ۽ پنو کڻي اچ. ماپ لکي: ٽنگ جي ڊيگهه 32_...“
ان کان اڳ جو مان ڪو اکر اچاري سگهان ها، هن منهنجي ماپ وٺي ڇڏي
هئي ۽ اچڻ وڃڻ جون پوشاڪون، صبح جي پائڻ جا وڳا،
قميصون، مطلب ته هر قسم جي شين لاءِ حڪم ڏيڻ لڳو.
نيٺ جڏهن مون کي ڳالهائڻ جو وجهه مليو ته مون چيو:
”پر منهنجا پيارا سائين، مان حڪم ته نٿو هلائي سگهان، پوءِ به
جيستائين تون اڻڄاتل مدي تائين ترسين يا نوٽ مٽائي
ڏين....“
”اڻڄاتل! اهو هڪ ڪمزور لفظ آهي، سائين؛ صفا ڪمزور. ڄاتل سڃاٿل _
اهو ئي لفظ آهي، سائين. ٽوڊ، اهي شيون کڻ ۽ بنا
وڌيڪ وقت وڃائڻ جي کين سائينجن جي ائڊريس تي موڪل.
ٻين ننڍن گراهڪن کي بيهڻ ڏي. سائينءَ جي ائڊريس لک
۽ _.“
”مان پنهنجي جاءِ بدلايان پيو. نئين ائڊريس اچي ڏئي ويندس.“
”ٺيڪ آهي، سائين؛ بالڪل ٺيڪ. ترسو سائين، اچو توهان کي ٻاهر وڃڻ
جو دڳ ڏسيان. هوڏانهن _ الله واهي سائين، الله
واهي.“
خير، توهان ڏٺو ته ڇا ٿي رهيو هو؟ بلاشڪ باقي پئسا گهرندي، مون
کي جيڪو ڪجهه کپندو هو سو ورتم. هڪ هفتي اندر مون
وٽ عيش عشرت جو سڀ گهربل سامان موجود ٿي ويو ۽ مان
هِنوور اسڪوائر ۾ هڪ مهانگي، خانگي هوٽل ۾ رهڻ
لڳس. رات جي ماني اتي کائيندو هوس، پر نيرن لاءِ
هيرس جي سادي هوٽل سان چنبڙيل رهيس، جتي مون
پنهنجي ڏهه لک پائونڊن جي نوٽ جي پهرين ماني کاڌي
هئي. هيرس جو ڌنڌو وڌائيندڙ مان ئي ته هوس. اها
حقيقت هر هنڌ پکڙجي وڃي ته هڪ ڌاريو، زندهه دل
همراهه، جيڪو پنهنجي سوٽ جي پوئين کيسي ۾ ڏهه لک
پائونڊن جا نوٽ کنيو گهميو ٿي، سو ان جاءِ جو مک
گراهڪ هو. بس ايترو ئي کوڙ هو، پوءِ ته اها جڳهه
مسڪين گراهڪن، جيڪي پنهنجي جياپي لاءِ سخت پورهيو
ڪندڙ ۽ ’آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ واري
اصول تي هلندڙ هئا، مان ڦري سکر گراهڪن سان ڀرجڻ
لڳي. هيرس پاڻ کي منهنجو ايڏو ته ٿورائٿو سمجهندو
هو، جو مون تي ويو قرض چاڙهيندو ۽ ان لاءِ ڪابه
ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. انهيءَ ڪري جو مون
پاري مسڪين وٽ خرچڻ لاءِ پئسا نه هوندا هئا ۽
اميرن ۽ شاهوڪارن وانگر رهندو هوس. مان سمجهيو ٿي
ته جيڪڏهن اها حالت رهي، ته جلد ئي منهنجو ڏيوالو
نڪرڻ وارو هو _ پر هاڻي ڳالهه وڌي وئي هئي. سو
سوچيندو هوس، ته هاڻي يا ته پني پار پوندس يا ٻڏي
مرندس. توهان ڏٺو، جيڪي حالتون هونئن ته کل جهڙيون
لڳن ها، تن کي ايندڙ خطري جي احساس هڪ گنڀير ۽
ڏکوئيندڙ روپ ڏئي ڇڏيو هو. رات جي اوندهه ۾
ڏکوئيندڙ روپ هميشه سامهون هوندو هو؛ سو مان
ڪنجهندو ۽ ڪنبندو هوس ۽ ننڊ اچڻ ڏکي ٿي پوندي هئي؛
پر ڏينهن جي مرڪندڙ سوجهري ۾ ڏک جو روپ الوپ ٿي،
وڇائجي ويندو هو ۽ مان ليءِ ۾ هلندو هوس. توهان
چئي سگهو ٿا مان خوشيءَ جي خمار ۽ نشي ۾ مست هوندو
هوس.
۽ اهو فطري هو، ڇاڪاڻ ته مان هاڻي شهر جي مک هستين ۾ ليکجڻ لڳو
هوس. ۽ انهيءَ منهنجي مٿي کي ٿورو نه، پر گهڻو
ڦيرائي ڇڏيو هو. توهان ڪابه اخبار _ انگريزي،
اسڪاٽس يا آئرش کڻي نٿي سگهيا، جنهن ۾ سوٽ جي
پوئين کيسي ۾ نوٽ کڻي هلندڙ لکپتيءَ جي باري ۾، هڪ
يا وڌيڪ خبرون ۽ سندس نيون ڪار گذاريون بيان ڪيل
نه هجن. پهرين منهنجو ذڪر اخبارن جي ذاتي ڳالهين
وارن ڪالمن ۾ انهن جي ڪنڊ تي ٿيندو هو، پوءِ ’سَر‘
جي خطاب مليل هستين کان مٿي ۽ اول منهنجو ذڪر
هوندو هو _ پوءِ اميرن کان مٿي، پوءِ نوابن کان ۽
ان پر پنهنجي هستيءَ سان گڏ مان به وڌندو رهيس،
تان جو سڀ کان مٿاهين جڳهه والاريم ۽ اتي منهنجو
درجو سواءِ انگلنڊ جي لات پادريءَ ۽ ڪن مک غير
شاهي نوابن جي باقي سڀني پادرين ۽ غير شاهي نوابن
کان مٿاهون مڃجي چڪو هو؛ پر يقين ڪري، اها مشهوري
نه هئي، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين مون اها مشهوري رڳو
نالي ۾ حاصل ڪئي هئي _ پوءِ آخري ڏاڪو آيو _ لقب،
جيئن چئجي کڻي _ جنهن هڪ ئي ڌڪ سان نالي جي سکڻي
مشهوريءَ کي سوني اعزاز ۾ بدلائي ڇڏيو: ناٽڪ گهر
(ٿئيٽر) جي ”پنچ“ پروگرام ۾ مون تي هڪ ناٽڪ ڪيو
ويو! ها، مان هاڻي مڃيل هستي هئس، منهنجو ڌاڪو ڄمي
چڪو هو. مون تي ٽوڪ ته ڪري پئي سگهجي پر ادب سان ۽
نه مسخريءَ يا ٺٺوليءَ سان. مون کي ڏسي ڪو مشڪي ته
سگهيو ٿي، پر کلي نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هاڻي اهو
ٽاڻو ٽري چڪو هو. ”پنچ“ مون کي پراڻين ٿڳڙين ۾
لنڊن جي گهنٽا گهر ۾ وڃڻ لاءِ پهريوارن سان وڙهندي
ڏيکاريو. سو توهان ڪاٿو ڪري سگهو ٿا، ته هڪ جوان
ماڻهوءَ جي دل تي ڇا واپرندو هوندو، جنهن کي اڳ ڪو
کنگهندو به نه هو ۽ هاڻي ڪا ڳالهه اهڙي چئي نه ٿي
سگهيو، جيڪا هر هنڌ ورجائي نه وڃي؛ جتان به
لنگهندو هو، پنهنجي باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه اوس سڻندو
هو: ”ڏسو، هو پيو وڃي، اهو ئي ته آهي!“
نيرن ڪرڻ وهندو هو، ته ماڻهن جا ميڙ چتائي ڏسندا هئس، ڪنهن ناٽڪ
گهر ۾ وهندو هو، ته هزارين اکيون منجهس کتل
هونديون هيون. ڇو، مان ته سڄو ڏينهن مستيءَ ۾
موجون ماڻيندو هوس_ اهو آهي منهنجي مشهوريءَ جو
احوال،
توهان کي خبر آهي، مون پنهنجو پراڻو ٿڳڙين وارو وڳو به رکي ڇڏيو
هو، جيئن خسيس ۽ معمولي شين خريد ڪرڻ جو پراڻو مزو
ماڻي سگهان ۽ بيعزتو ٿي، پوءِ دڪاندار کي ڏهه لک
پائونڊن جي نوٽ سان اچرج ۾ وجهي ڇڏيان. پر مان اهو
ڪم هلائي نه سگهيس. اخباري فوٽن ان وڳي کي ايترو
ته پڌرو ڪري ڇڏيو هو، جو جڏهن به مان ان ۾ ٻاهر
نڪرندو هوس، ته ماڻهن جو هڪ ميڙ منهنجي پويان
هوندو هو ۽ جيڪڏهن مان خريداري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
هوس، ته ان کان اڳ جو مان پنهنجو نوٽ ڏيکاريان.
همراهه پنهنجو سڄو دڪان مون کي رکت تي آڇيندا هئا.
پنهنجي مشهوريءَ جي ڏهين ڏينهن مان پنهنجي فرضن ادا ڪرڻ لاءِ
امريڪي سفير جو مانُ وڌائڻ ويس. هن منهنجي آجيان
سندم شان وٽان اتساهه سان ڪئي، مون کي پنهنجي فرضن
۾ ڪوتاهي ڪرڻ جو ڏوراپو ڏنائين ۽ چيائون، ته کائنس
معافي وٺڻ جو صرف هڪ طريقو هو، ته ان رات سندس
پاران ڏنل هڪ دعوت ۾ اها ڪرسي والاريان، جيڪا سندس
هڪ مهمان جي بيماريءَ سبب خالي ٿي هئي. مون اچڻ جو
واعدو ڪيو ۽ اسان ڳالهين ۾ لڳي وياسين. ڳالهيون
ڪندي خبر پئي، ته هو ۽ منهنجو پيءُ هڪ ئي اسڪول ۾
پڙهندا هئا. پوءِ بيل يونيورسٽيءَ ۾ به ٻئي ڄڻا گڏ
هئا ۽ منهنجي پيءُ جي وفات تائين سدائين گهاٽا
دوست هئا. پوءِ هن مون کي دعوت ڏني، ته جيترو به
وقت ڪڍي سگهان سندن گهر ۾ گذاريان. مان ان لاءِ
ٺڙٺپ راضي ٿي ويس.
دراصل مان نه رڳو راضي ٿيس، پر سرهو پڻ. جڏهن جو منهنجو زوال
ايندو، هيءُ شخص ڪنهن نه طرح مون کي مڪمل تباهيءَ
کان بچائڻ جي لائق هوندو. ڪيئن؟ اها مون کي سُڌ
ڪانه هئي؛ پر شايد هو ڪونه ڪو طريقو سوچي وٺي. مون
سوچيو ته هن کي پنهنجو راز ٻڌايان؛ پر ايتري وقت
گذارڻ کان پوءِ مان ان جي سگهه ساري نه ٿي سگهيس،
جڏهن ته هت لنڊن ۾ پنهنجي هن عجيب ڌنڌي جي شروعات
۾، مون کي جيڪڏهن ڪو اهڙو ماڻهو ملي ها، ته جيڪر
جهٽ سمورو احوال ٻڌايانس ها. هاڻي ته ان کي ظاهر
ڪرڻ جي مون ۾ سگهه ئي نه هئي. مان ان ۾ ڏاڍو
اونهون ۽ گهرو ڦاٿل هوس ايڏو ته گهرو جو ڪنهن دوست
سان پنهجي حال اورڻ جو خطرو به نٿي کڻي سگهيس؛
جيتوڻيڪ معاملو منهنجي وس کان صفا ٻاهر به نه هو،
ڇاڪاڻ ته باوجود پنهنجي سموريءَ اوڌر جي، مون پاڻ
کي سختيءَ سان پنهنجن وسيلن اندر رکيو هو _منهنجو
مطلب آهي پنهنجي پگهار اندر. اهو صحيح آهي، ته مون
کي خبر نه هئي، ته منهنجو پگهار ڪيترو ٿيندو؛ پر
اها اميد هئي، ته جيڪڏهن ان پوڙهي همراهه کي مون
شرط کٽائي، ته سندس انعام ۾ مان ڪهڙو به درجو
چونڊي سگهيس ٿي _ ۽ پڪ سان کيس شرط کٽائيندس، ان
لاءِ مون کي ڪو شڪ نه هو نه ئي ڪا ڳڻتي؛ ڇاڪاڻ ته
جيستائين شرط جي ڳالهه هئي، ته ان ۾ هميشه ڀاڳ ڀلو
هوندو هوم. هاڻي مون پنهنجي ليکي پنهنجي پگهار کي
ڇهن سوَن کان، هڪ هزار سالياني تائين ڪري ڇڏيو هو.
ڇهه سؤ پهرين سال جا ۽ اهڙيءَ طرح هر سال واڌارو
ٿيندو رهندو، تان جو پنهنجي مڃايل قابليت سان مان
مٿئين ڌُڪي تائين پهچي ويندس. ان وقت تائين مان
رڳو پنهنجي پهرين سال جي پگهار جيترو قرضائو هوس.
مون کي اوڌر ڏيڻ جي ڪوشش ته هر ڪنهن ڪئي هئي؛ پر
مان ڪيترن ئي کي هڪ نه ٻيو بهانو ڏيئي ٽاري ڇڏيو
هو. سو مون تي قرض رڳو ٽي سؤ پائونڊ هو ۽ باقي ٽي
سو پائونڊ منهنجي رهائش ۽ خريداريءَ تي کتا هئا.
مون کي پڪ هئي، ته جيڪڏهن مون خبرداريءَ ۽ سوس
صرفي کان ڪم ورتو، ته منهنجو ٻئي سال جو پگهار،
مون کي باقي هڪ مهينو هلائي سگهيو ٿي. ۽ انهيءَ لا
مون پاڻ تي ڪرڙي نظر رکڻ جو پهه ڪيو. مهينو
گذرندو، مون کي مقرر ڪندڙ پنهنجي سفر تان موٽندو ۽
مان ٻيهر پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي ويندس. ٻن سالن
جو پگهار پنهنجي قرض گهرندڙن ۾ گهربل مدي اندر
ورهائي، سڌو پنهنجي ڪم کي لڳي ويندس.
اها چوڏهن ڄڻن جي هڪ وڻندڙ دعوت هئي. شارڊج جو نواب ۽ بيگم ۽
سندن ڌيءَ مانواري اين گريس _ الينور _ سيلسٽ _
وغيره وغيره. ڊي بوهن؛ نيو گيٽ جو امير ۽
اميرزادي؛ رئيس چپ سائيڊ؛ لارڊ ۽ ليڊي بلپٽر
اسڪائيٽ؛ ٻنهي جنسن جا ڪي بي لقب ماڻهو؛ سفير ۽
سندس زال ۽ سندس ڌيءَ ۽ سندن ڌيءَ جي هڪ مهمان
ساهيڙي، پورشيا لينگهم، ٻاويهن ورهين جي انگريز
ڇوڪري، جنهن سان ٻن منٽن اندر منهنجو عشق ٿي ويو ۽
هن جو مون سان. اهو مان بنا عينڪ جي ڏسي سگهيس ٿي.
هتي هڪ مهمان اڃا ٻيو به هو، هڪ امريڪي، پر مان
پنهنجي ڪهاڻيءَ کان ڪجهه اڳ ڪڍي ويو آهيان. جڏهن
مهمان اڃا ويهڻ واري ڪمري ۾ هئا ۽ دعوت شروع ٿيڻ
جو انتظار ڪندي، نون ايندڙن کي غور سان چڪاسي رهيا
هئا. نوڪر اعلان ڪيو:
”مانوارو لائڊ هيسٽنگز.“
جيئن آڌر ڀاءُ جون رسمي ڪارروايون پوريون ٿيون، هيسٽنگز جي اک
مون تي پئجي ويئي ۽ دوستاڻي نموني هٿ وڌائي، سڌو
مون ڏانهن هليو آيو؛ پر جيئن هٿ ملڻ تي هئا، ته هو
ڪجهه ترسيو ۽ مون کي حيرت سان ڏسندي چيائين:
”معاف ڪندا سائين، ڀانيان ٿو ته مان توهان کي سڃاڻان.“
”ڇو، جهونا يار! تون ته مون کي سڃاڻين ٿو.“
”نه، ڇا واقعي اهو _ اهو _“
”پوئين کيسي وارو ديو؟ ها، مان اهو ئي آهيان. تون مون کي منهنجي
نئين نالي سڏڻ کان نه ڊڄ. مون کي ان جي عادت ٿي
ويئي آهي.“
”چڱو، چڱو، اها حيرت جهڙي ڳالهه آهي! هڪ _ ٻه ڀيرا تنهنجي نئين
نالي سان تنهنجو اصلي نالو به ڏنو اٿم؛ پر منهنجي
وهم گمان ۾ ئي نه هو ته تون ڪو هينري ايڊمس ٿي
سگهين ٿو! ڇو، اڃا ڇهه مهينا مس ٿيا آهن، جو تون
فرئنسسڪو ۾ بليڪ هو پڪنس جي پگهار تي ڪلارڪي ڪندو
هئين ۽ واڌو اُجوري تي راتيون ويهي، گولڊ ۽ ڪري
ڪمينيءَ جا ڪاغذ ۽ انگ اکر سهيڙڻ ۾ منهنجي مدد
ڪندو هئين. اهو خيال ته تون لنڊن ۾ هوندين ۽ هڪ
وڏو لکپتي ۽ سکر ماڻهو بڻجي ويو هوندين، منهنجي
لاءَ الف ليليٰ جي طلسمي روايتن کان گهٽ نه آهي!
يار، مان ته اهو سوچي ئي نه ٿو سگهان؛ ۽ نه سمجهي
ٿو سگهان؛ انهيءَ چڪر کي ذهن ۾ سمائڻ لاءِ مون کي
ڪجهه وقت کپي.“
”در اصل لائڊ، ان واقعي تي مون کان وڌيڪ حيران ڪونه هوندين. مان
پاڻ ان کي نه ٿو سمجهي سگهان.“
”منهنجا پيارا، منهنجا ته هونش خطا پيا ٿين، ڇو آهي نه؟ اڄ کان
ڪي ٽي مهينا اڳ اسان مائنسرس جي کاڌي _ گهر ۾ ويا
هئاسين_“
”نه، واٽ چئر.“
”ٺيڪ آهي، اهو واٽ چئر ئي هو؛ اتي صبح جو 2 وڳي وياسين ۽ لاڳيتا
ڇهه ڪلاڪ ڪاغذن تي مٿو هڻڻ کان پوءِ ڪواب کاڌاسين
۽ ڪافي پيتيسين ۽ مون توکي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش
ڪئي، ته مون سان گڏجي لنڊن هل. تنهنجي موڪل وٺڻ،
تنهنجو سمورو خرچ ڀرڻ ۽ جيڪڏهن وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب
ٿيان، ته توکي به ڪجهه پتي ڏيڻ جي آڇ ڪيم؛ پر تو
هڪ نه ٻڌي ۽ چيئي، ته مان ڪامياب نه ٿيندس ۽ اهو
ته تون پنهنجي چالو ڌنڌي کي اهڙي ڌنڌي لاءِ نه
پيو ڇڏي سگهين، جنهن ۾ سکڻين هٿين گهر موٽڻو پوي،
۽ پوءِ به تون هتي آهين. اهو سڀ ڪجهه ڪيڏو نه عجيب
آهي! تنهنجو هت ڪيئن اچڻ ٿيو ۽ اهڙي شاندار شروعات
توکي ڪٿان ملي؟“
”اوهه، رڳو هڪ اتفاق سان. اها هڪ وڏي ڪٿا آهي _ هڪ ڪهاڻي. مان
توکي سڀڪجهه ٻڌائيندس، پر هاڻي نه.“
”ڪڏهن!“
”هن مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري.“
”اها ته اڃا ٻن هفتن کان به پري آهي. ايترو وقت پنهنجي حيرانيءَ
کي ڪيئن مُٺ ۾ ڪبو؛ هڪ هفتو ڪرينس.“
”مان نٿو ڪري سگهان. هوريان هوريان توکي سڀ خبر پئجي ويندي.
ڪيئن؟ پر واپار ڪيئن پيو هلي؟“
هن جي کل مکائي هڪ لحظي جيان غائب ٿي ويئي ۽ ٿڌو ساهه کڻي
چيائين:
”تون واقعي اوتار هئين. هن وقت ۾ سچو اوتار. ڪاش! مان هت نه آيو
هجان ها. مان ان بابت ڳالهائڻ نه ٿو گهران.“
”پر توکي ڳالهائڻ کپي. اڄ رات، جڏهن اسان هتان اُٿون، ته توکي
گهرجي ته هلي مون وٽ رهه ۽ مون کي ان باري ۾
سڀڪجهه ٻڌاءِ.“
”اوهه، ڇا مان ٻڌائي به سگهندس؟ ڇا توکي سچ پچ سڻڻ جو شوق آهي؟،
”ها، مان سڄي ڪهاڻي ٻڌڻ گهران ٿو، هر هڪ لفظ.“
”مان تنهنجو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جو مون کي هڪ ڀيرو انساني
همدردي ملي آهي، ڪنهن آواز ۾، ڪنهن اک ۾، مون ۾
منهنجي معاملن ۾، جنهن ڳالهه جي پويان هت رهيو
آهيان، ان ۾ _ سائين، مان ته ان لاءِ سجدو به ڪري
سگهان ٿو.“
هن خوشيءَ وچان زور سان منهنجو هٿ دٻايو، ۽ تنهن کان پوءِ سفير
جي دعوت کائڻ لاءِ صفا ٺيڪ ٿي ويو، جيڪا ٿي ئي
ڪونه. نه؛ اهو ئي ٿيو، اهو ئي جيڪو انگريزن جي
ناقص ۽ ڪني سرشتي موجب هميشه ٿيندو آهي _ دعوت کي
شروع ڪرڻ جو معاملو نبيرجي نه سگهيو، ۽ سو اتي ڪا
دعوت نه ٿي. انگريز هميشه دعوت ۾ وڃڻ کان اڳ، ماني
کائي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين خبر هوندي آهي ته
کين کُٽيءَ کنيو آهي؛ پر ڪنهن اوپري يا ڌارئي
ماڻهوءَ کي ڪوبه ان باري ۾ نه ٻڌائيندو آهي ۽ هو
سولائيءَ سان ڄار ۾ ڦاسي پوندو آهي؛ پر هن ڀيري
ڪنهن تي به ٺٺولي نه ٿي هئي؛ ڇاڪاڻ ته دعوت ۾
موجود اسان سڀني مان ڪوبه سيکڙاٽ نه هو، سواءِ
هيسٽنگز جي، ۽ هن کي به سفير اڳ ۾ ئي ٻڌايو ڇڏيو
هو، ته کيس انگريزن جي دستور جي خلاف دعوت ۾
گهرايو هئائين، جو هن پاڻ ڪابه دعوت نه ڪئي هئي.
دستور موجب هر ڪنهن هڪ مائيءَ کي ساڻ ڪيو ۽ کاڌي
واري ڪمري ڏانهن هليو؛ پر اتي ئي ته تڪرار شروع
ٿيو. شارڊج جي نواب دعوت شروع ڪرڻ ۽ ٽيبل تي خاص
جڳهه والارڻ جي گُهر ڪئي. هن جو چوڻ هو، ته هن جي
حيثيت هڪ سفير کان، جنهن صرف هڪ قوم جي نمائندگي
ڪئي ٿي، مٿي آهي ۽ نه ڪنهن حاڪم جي؛ پر مان پنهنجي
حقن لاءِ اٿي کڙو ٿيس ۽ پنهنجي هوڏ تان لهڻ کان
صفا نابري واري بيٺس، ذاتي ڳالهين واري ڪالم ۾
منهنجو نالو سڀني غير شاهي نوابن کان مٿي هو،
انهيءَ ڪري مان ئي دعوت کي شروع ڪرڻ جي لائق هئس.
اسان سڀني کان جيتري جاکوڙ پُڄي سگهي، ڪئيسين پر
فيصلو ٿي نه سگهيو. نيٺ (ٽرڙائپ سان) پنهنجي
خانداني ڄم ۽ عهدي کي پڏائڻ لڳو ۽ مان سندس بُڻ
بڻياد ڏسندي پاڻ کي آدم جي حوالي سان هن کان
مٿانهون ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، جو جيئن
منهنجي نالي (هينري ايڊمس) مان ظاهر هو، مان سنئون
سڌو آدم جو اولاد هوس. جڏهن ته هن جي نالي ۽ نازي
ٻڌايل نارمن نسل مان ظاهر هو، ته سندس تعلق سوٽن ۽
ماساتن واريءَ شاخ سان هو. اهڙيءَ طرح اسان سڀ وري
موٽي ويهڻ واري ڪمري ۾ آياسين ۽ هلڪو کاڌو _ ٿالهي
مڇيءَ جي ۽ انگريزي ميوو کاڌوسين. هت شروع ڪرڻ جو
مذهب ايڏو سخت نه آهي، ٻن _ ٻن جو جوڙو اٿي بيهي ۽
کاڌو شروع ڪري: ٻه سڀ کان مٿانهين درجا جا ماڻهو
هڪ شلنگ اڇلائيندا آهن ۽ جيڪو کٽندو سو ئي اڳ ۾
ميوو کڻندو آهي، جڏهن ته هارائيندڙ کي شلنگ ملندو
آهي. پوءِ ٻيا ٻه شلنگ اڇلائيندا، پوءِ ٻيا ٻه، ۽
ان ريت سڀئي پنهنجي واري سان شلنگ اڇلائيندا ميوو
۽ مڇي کائيندا ويندا. کاڌي کان پوءِ ٽيبلون آنديون
ويون ۽ سڀني تاس کيڏي. ڇهه پينس هڪ بازي. انگريز
ڪابه راند رڳو دل وندرائڻ لاءِ نه ڪندا آهن.
جيڪڏهن کين انهيءَ مان ڪجهه کٽڻ يا هارائڻ _ ڪنهن
جو به _ وجهه نه هوندو ته هو اهڙي راند نه کيڏندا.
اسان ٻنهي جو سٺو وقت گذريو؛ اسان ٻئي، بلاشڪ مان ۽ مس لينگهم.
مان هن ۾ ايڏو ته محو هوس، جو هن سان راند ڪندي،
جيڪڏهن منهنجا جوڙ وارا پتا ٻن کان مٿي ٿي پئي
ويا، ته مان انهن کي ڳڻي نه پئي سگهيس. ۽ جڏهن
منهنجو وارو ايندو هو، ته مون کي خبر ئي نه پوندي
هئي ۽ نئين سر جوڙ وارن پتن مان پتو اڇلائڻ لڳندو
هوس. مان هر ڀيري راند هارايان ها، پر توهان ڏسو
ته سهي، ڇوڪريءَ جي به ساڳي حالت هئي. هن به مون
وانگر ئي راند ڪئي پئي؛ ۽ نيٺ اسان ٻنهي مان ڪنهن
به نه کٽيو، نه ئي اسان کي ان جي پرواهه هئي. اسان
کي ته رڳو اها خبر هئي ته اسان خوش هئاسين، سو
اسان ٻيو ڪجهه به ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ نه ئي
گهرون پيا ته اسان جي خوشيءَ ۾ ڪا رنڊڪ پوي. نيٺ
مون هن کي ٻڌايو. سچ پچ ٻڌايم. کيس ٻڌايم ته
منهنجو ساڻس پيار ٿي ويو هو؛ ۽ هوءَ _ ٽڙي پئي هئي
تان جو وار به ڳاڙها ٿي ويس؛ پر کيس منهنجو اظهار
وڻيو ۽ چيائين، ته هن جو به مون سان پيار ٿي ويو
هو. اوهه، منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي شام ڪڏهن به نه
آئي هئي. هر واري سان مان ڪو پيار ڀريو گفتو ڪڍندو
هوس ۽ هوءَ پنهنجو وارو هلندي ان جي موٽ ڏيندي
هئي. ڇو، مان ته ”هن بازيءَ جا ٻه“ به سواءِ
”منهنجي پياري، تون ڪيڏي نه سٺي ٿي لڳين“، جي
واڌاري ڪرڻ جي اچاري نه پئي سگهيس. ۽ هوءَ چوندي
هئي: ”ٻه پندرهن، چار پندرهن، ڇهه پندرهن ۽ هڪ جوڙ
اَٺن جو آهي، ۽ اٺ سورهن ڇا _ ڇا تون سچ پچ ائين
سمجهين ٿو؟“ توهان کي خبر آهي، پنهنجن پنبڻن پويان
پيار سان ڏسندي، هوءَ ڪيڏي نه ابهم ۽ وڻندڙ پئي
لڳي. اوهه، منهنجي لاءِ اهو ئي گهڻو، تمام گهڻو
هو. |