مصري
دم دم گهٽجي دم
قدم قدم تي سوين ستم،
دم دم گهٽجي دم!
جيون جو آ پنڌ اڻانگو،
مرڻ سهانگو جيئڻ مهانگو،
دولت وارو داتا سڏجي،
غريب جو آ سِرِ سهانگو،
هرڪا اک آهي پُرنم،
دم دم گهٽجي دم!
جيڪي محنت ڪن ڏينهن رات،
راتيون جاڳي ڪن پرڀات،
سيئي انگَ اگهاڙا آهن،
ڏاهي جن جي آهي ذات،
جيئڻ تن جو جَهنم،
دم دم گهٽجي دم!
جنهن به طرف ٿو ڪريان نهار،
مظلومن جي زاروزار،
رتِ ولوڙي ڀَتِ ڪري جن،
آندي بر ۾ آهه بهار،
تن وٽ آهي غم ئي غم،
دم دم گهٽجي دم!
مڻيا
ٻه نظم
(1)
منهنجي اندر، اندر ئي اندر
هڪڙي ننڍڙي نينگر
رهندي آهي
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ منهنجي من کان
شيءِ اڻلڀ ڪا گهرندي آهي
جيئن ته ڪنهن جو پيار
سچو، نج نڪورو پيار
يا اهڙو ڪو سنسار هجي
جنهن ۾ دُک ۽ دوکي جهڙو
وڻج نه ڪو واپار هجي!
(2)
تون مون کي قاتل ڪوٺين ٿو
سوڀيرا چؤ؛ پر آهي ڪو؟
جو منصف ٿئي، انصاف ڪري
مون تنهنجي پيار جو خون ڪيو
۽ تنهنجي نازڪ جذبن کي ٺڪرائي ڇڏيو
مان ڏوهي هان _ سو بار مڃان
سهڻا او سڄڻ!
پر، توسان به ته هڪ مون جهڙي ئي چريءَ آ پيار ڪيو.
۽ تولاءِ
آ تياڳ سڄو سنسار ڪيو
مان پوءِ به توسان پيار ڪيان
هي مون کان ٿي سگهندو، نه ٿيو
تون مون کي قاتل ڪوٺين ٿو
سو ڀيرا چؤ!
استاد بخاري
نرڳ جهڙا ڳوٺ پنهنجا سرڳ کان سهڻا ڪبا
ميل (1) جا ماڻهو ته موتين، مشڪ کان آهن ڀلا
سون کان سچا ۽ چانديءَ کان چِٽا
(1) ميل: ساريال ڀاڱي کي چئجي ٿو.
پر
گهڻي ڀاڱي ائين سادا، جيئن تن جا ڍڳا.
پاڻ، ڏاندن کي ڊُڪائن ميلِ ([1])
۾،
ڏاڍ، کين ئي ٿا،
ڏڪائن ميلَ ۾.
ڏاڍَ جي سَڏَ تي ائين ويندا، جيئن کَڏَ تي ٻگها:
ڪُرڪندا
واڪا ڪندا
پر بي ستا.
گهرن سندن اهڙا گَندا جهڙا دُٻا.
(مالَ جي ڦوسين، مُٽايي جي سبب)
ڳوٺ
واهڻ
شهر گهيريل سڪ ۾!
واهن ۽ وهمن جو سيڪ
قرضن ۽ ڪڻسن جو سيڪ
روڳن ۽ رڳڙن جو سيڪ
جيڏهن ڪيڏهن گِهِل، گهپي، وِنجهه _ ڪِنجهه.
گهر گهڻي ڀاڱي ڪچا _ ڪوٺا
ڀتيون ڀيليون _ ڳتيل پاڙا _ اڱڻ سوڙها، مٿان،
ڪڪڙن، سهن، ٻارن جا ڌڻ.
ٻار، اڪثر اڻ پڙهيا:
ٻير، ڦوٽا ۽ ڦريون
ڀڳڙا ڦڪا
مانيءَ ڳڀا کڻندا، کسيندا ۽ چٻيندا ٿا وتن
هُونئن سهڻا، سوڌڙا پر بُکَ ڪري آهن
وڌا _ جيڏا ڪُڌا تيڏا لُڌا.
ڪنهن جي هٿ ۾ آ ڪبوتر
ڪنهن جي ڪڇ ۾ ڪجهه سهاڙيءَ جا ٻچا.
ڇا جي پَٽِي، ڇا ڪتاب؟
ٽاپ _ ٽاپ. (ڊوڙ جو آواز).
ڪٿ قلم ۽ ڪٿ سليٽ؟
ليٽ _ پيٽ. (ويڙهه)
گهر نه پر
ٻڪرين، رڍن جي واڙ آ،
روڄ، رنڀ ۽ راڙ آ.
ميل ساري ۾ سوين گهر اهڙا مون آهن ڏٺا،
جي بچيل آهن انهي آزار کان
سي،
ڀڀ ڀريل آهن،
انهن جا خانزادا ٿا رهن، توڙي پڙهن
ڪنهن شهر ۾
يا ديس کان ٻاهر پري پرديس ۾.
پر
(ڏيهه ڏولڻ جي سزا پرمار پڻ ڀوڳين پيا)
ڳوٺ ڏي رستو پڪو ڇاجو؟
ڪچو ناهي ٺهيو.
بيل گاڏي وارو چارو پر ڊٺل
جهاڪا
وڪڙ
کڙ ٻڙ
ٻڏل،
راڊ، بجليءَ جي ته ڇا؟
فانوس ڪو ناهي اُڀو.
رات جي تارن جي ڌنڌلي روشني تي دم گذر
سا به ٻٻرن ۽ ڪنڊن جي گهاٽ ۾ گهٽجي ويل
نالي، هودي
ڇاهي هوندي؟
هڪ گهٽيءَ کان ٻي گهٽي چغدو _ گندي.
ڇت ڇنل اسڪول
جنهن جا ماستر صاحب به ساڳي ڳوٺ جا جوڳي
جوان، ٻيو ڇا چوان؟
ظلم جو مضمون ٿيندو ٿو وڃي بيحد وڏو.
ڪنهن سامراجي راڄ جي چوڦير پکڙيل ڄار جان
مختصر
ها، مختصر ڪر نظم کي ۽ عزم کي:
”ڪرڀ جهڙا گهر ادن جا، رشڪ جي قابل ڪبا
نرڳ جهڙا ڳوٺ پنهنجا سرڳ کان سهڻا ڪبا
ها _ ڪبا،
بلڪل ڪبا،
مرحبا، اي تڪڙا تڪڙا انقلاب“
درمحمد پٺاڻ
وايون
دنيا ساري چاڪيءَ گهاڻو،
هيڪل هيڪل من ويڳاڻو.
رات نه ڄاڻان رنگ ڪندي ڇا، جڏهن ته ههڙو سنجها _ ٽاڻو.
ڪاڪ ڪنڌيءَ تي خاڪ اڏامي،ڪيئن ڪريان هت مومل_ماڻو؟
ڪيسين سور پيو تون ڏيندي؟ درد ته ناهي مکڻ _ چاڻو؟
بادل ڀرجي ساگر تي وس، مانَ ملي ڪو موتيءَ _ داڻو!
ڏيهن جا ڏاتار هلي آ، صبح اچي ڪر ساهه _ سيباڻو!
آءُ پرين، آءُ پرين، ٻوساٽي هي ٻاٽَ،
وسري ويئي ڇا واٽَ؟
منهنجا مٺڙا کاڌا آهن، ڦوهه جوانيءَ ڦاٽ.
تو بن جوڀن هي انڌيارو، لڱ لڱ تنهنجي لاٽَ.
تڪي تڪي هي اکيون ٿڪيون، گَهر گهٽيون ۽ گهاٽ.
بادل بجليون ڀرجي آيا، چوڏس ٿيا چمڪاٽَ.
گهر ۽ ور سان وري ورتيون، اوچا ڪن پيون ڳاٽ.
سوز هالائي
ٽڙندا ڪاڪ ڪنول، او راڻلَ، تڏهين ملنداسين.
تارن ڀرڙي راتڙي، هوندي ڀيڄَ ڀِنَلَ… تڏهين ملنداسين.
مينديءَ رتڙا هٿڙا، ڀنل نيڻ ڪَجلَ… تڏهين ملنداسين.
نه ڪي پهرا پيار تي، نه ڪا هوندي جهلَ… تڏهين ملنداسين.
سرچي پونديون ساعتون، پرچي پوندا پلَ… تڏهين ملنداسين.
سپنا ٿيندا ساڀيان، ايندي انگ اُڇل … تڏهين ملنداسين.
نصير مرزا
کليل دريءَ مان برباديءَ جو منظر
ڪهڙو نه شهر کنڊر ٿي ويو،
ٻڙيءَ ٻوڏ جي نذر ٿي ويو.
ڄَڻو ڄَڻو ٿي ويا لُڙهي هڙئي،
اجاڙ گهر جو پَڌر ٿي ويو.
خوف آ ڇانئجي ويو چوڏس،
ڀڙڀانگ ڀريو نگر ٿي ويو.
نه ئي ديوار نه در آهي ڪنهن سان،
هوا ٽڪرائي سر روئي ڪنهن سان.
جن جي لاتين سان ها ٻُرندا وڻ ٽڻ،
ٿي سي ويا جلا وطن پکي پکڻ.
(سانجهه آئي ته _ رُنو رت آڪاش
چهرو ڪڪرن ۾
لڪائي پيو
سُڏڪي چنڊُ
پاڻيءَ تي:
ڏسي نه سگهيو _ پکڙيل لاش)
ڀائرو، ڀينرو، مائرو
لاشن تي، شهر ڪو نئون اڏيو جڏهن،
پُٺين تباهيءَ کي، ياد نه ڪجو تڏهن.
نور گهلو
نظم
اڄ وري دل ٿي پئي آهي اُداس
اڄ وري دل تي نراسائين جي ازلي سانت وئي آ ڇانئجي
سانت ۾ هيڪل وياڪل مان روئڻ چاهيان ٿو؛ پر
لُڙڪن جو ساگر ڄڻ سُڪي ويو آهه
مُرڪن کي چِٿي ويو آ چپن تي
ڪير؟
مان ڄاڻان نٿو
روح جي وادين ۾ ڄڻ ڪو
موت جو راڪاس ويو آهي گهمي
مان رڙڻ چاهيان ٿو ليڪن
ڪنهن گُهٽي آهي ڇڏيو منهنجو گَلو
مان ٻڌائڻ ٿو گهران: ”انسان آهيان.“
ڪو ٻُڌائي
دل جي هن وستيءَ کي ڪهڙي سَپ سراپيو؟!
ڪو ٻڌائي
ڪو .... ٻه... ڌ... ا... ئه...
امداد حسيني
هارٽ اٽيڪ
آڳ بخاري ۾ روشن هئي جا نيڻن وانگي سا به اجهامي ويئي،
رَک بچي هئي،
هوا لڳي،
سا به اڄاتن ڏيهن ڏانهن اڏامي ويئي،
جنهن ٽيبل تي ڪتاب رکيل هوندا ها، سا ٽيبل به وڪامي ويئي.
ڪتاب ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ رديءَ ۾ سڀ نيلام ڪڏهوڪا ٿي به چڪا،
منهنجا ابا ڏاڏا اڻَ ٿيل ڏوهن جا سارا ڏنڊ ڏئي به چڪا،
سچ جي مانِ رکڻ ليءِ مَرڪي سندن پتيءَ جو زهر سمورو پي به چڪا.
جنهن گهر منجهه جنم ورتم، پَليس نِپيس، ڇا هي ساڳيو ئي گهر آهي؟
طاق بنا درين جي سيخن کان ٻاهر انڌو هرڪو منظر آهي،
ڪلهه جنهن گهر ۾ ماڻهو رهندا ها، اهو به مون وانگي کنڊر آهي.
چتر لهي ويا، چئني پاسن کان ڊهندڙ چُٿڙ لٿل ديوارون آهن،
۽ جنهن جنهن هنڌ لکيل هو تنهنجو منهنجو نانءُ اتي بس ڏارون آهن،
هينئون هيرڻ پَنَ جئن ڦُٽو ڦاٽو هي نسون ناهن ڦارون آهن..
ڪلهه تنهنجا وار کُليا پيا ها ۽ اڄ بارود ڀريل آهي سيني تي،
اک ۾ ڪا ئي رم جهم ناهي او جيڏي! مَچُ ٻريل آهي سيني تي،
ڪلهه جنهن هٿ ۾ تنهنجو هٿ هوندو هو، سو هٿ ڌريل آهي سيني تي.
ڪافيون
عشق عطر مشڪ ميان، او ڀلوڙي ميان، لوڪ ڪنان
ڪيئن پاڻ لڪايان!
جيئن جيئن توڏي وِکَ کڄي ٿي، ڇير نه هوندي ڇير وڄي ٿي،
ٿيا ٿيا ٿي ٿِيان، ڀلوڙي ميان، لوڪ ڪنان
ڪيئن پاڻ لڪايان!
نينهن نشي جون ڳالهيون نراليون، پُر ٿي مليون پريت جون
پياليون،
پِيو پِيو پئي پِيان، ڀلوڙي ميان، لوڪ ڪنان
ڪيئن پاڻ لڪايان!
مِهڻا مون ليءِ ڇمر جون ڇائون، طعني تي نه تپان ٿي آئون،
کِليو کِليو ٿي کِيان، ڀلوڙي ميان، لوڪ ڪنان
ڪيئن پاڻ لڪايان!
هليو مَليو امداد آءُ هر هر، گهٽيءَ گهٽيءَ ۽ دَر دَر گهر گهر،
ڏيهه مبارڪون ڏيان، ڀلوڙي ميان، لوڪ ڪنان
ڪيئن پاڻ لڪايان!
لئون ته لالڻ سان لڳي، وو لڳي ڙي لڳي، جوڙ سجوڙ ٿيو دل جاني!
گهنگهر گهاريم ڏينهڙا، تات طلب تي تڳي، تڳي ڙي تڳي، جوڙ سجوڙ...
لارَ لغار وجود ۾، واڄي وانگي وڳي، وڳي ڙي وڳي، جوڙ سجوڙ...
سَڳي ٿيئڙيس ساهه کئون، اڳي ته هيس آءُ اڳي، اڳي ڙي اڳي، جوڙ
سجوڙ...
جانيءَ ري امداد جيئڻ، ٺاهه مڙوئي ٺَڳي، ٺَڳي ڙي ٺَڳي، جوڙ
سجوڙ...
غزل
نينهن نگر آهي
پرهه پهر آهي
ڌرتيءَ اُتي ڌڙ
ڌڙ تي سَر آهي
تنهنجي ساروڻي
سفر ثمر آهي
يار ته رت روئندا
کلندو کَر آهي
جيون هڪ لمبي
راهه گذر آهي
مٽيءَ جو ڏيئو
شمس قمر آهي
وسنديءَ ۾ منهنجو
ڪهڙو گهر آهي
هو ڪونهي ڪو پر
جهڙوڪر آهي
مٿان ماروئڙن
ڇَمَر ڇَپَر آهي
امداد نه هوندو
ڏات اَمر آهي
هيڪل ناهيان مان
وِرهه وَڳر آهي
توسان چاهه به ڄڻ
لوڪاڻي پَر آهي!
شهر: زهر لهجا، نقاب هر چهري تي پاتل
ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل، ڏيکَ سڃاتل
اٿي کاڌل ڪپڙي وانگي تُن تُن سڀ تَن
ٽُٽل آنهري من، ٽڪرا چهرا ڄاتل اڻ ڄاتل
آءٌ نه ڀِٽ ڌڻي، نه ڪپل وستُو جو شهزادو
ڪٺور رشتن جون زنجيرون پيرن ۾ پاتل
کُليل گهٽيءَ ۾ بند درين ۽ دروازن آڏو
ڦُٽل چپن تي ڳيتَ اهيئي ڳاتل اڻ ڳاتل
ڇُلڻا ڄڀَ ڄراٽيل ڄيرو، سر تي سورج _ ڇٽ
ڦُلڻن پيرن هيٺان راهون ڄاتل اڻ ڄاتل
مانيءَ ڀور ۽ ڪپڙي ٽڪرو، ناهي سڀ جيون
جيون ڳَلَ ڳرهاٽيون، جيون ڳوڙها ڳل لاتل
ڪمپوزيشنز
(حمد)
جڏهن تيز هوائون پئي لڳيون
منهنجي من ۾ ڪوبه ڪونه هو
سواءِ تنهنجي
او منهنجا رب!
مون ڪيڏي سِڪَ اڪير مان
ڌيان گيان سان
تنهنجي لاءِ
نظم پئي لکيو
ڄڻ
اهومنهنجو
پهريون ۽ آخري نظم هجي!
()
ميلِ: ڏاندن کي گهوڙن وانگر ڊڪائڻ کي ميل يا
ڏاندن جي ميل چئجي ٿو، جنهن جو مرض ميل طرف
ڏاڍو آهي.
|