سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :9

ناٽڪ

رئچند، چيلهار

چـُوڙيلڻ

]ٿر جوڀاڱو سنڌ جي ڏکڻ اڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، وڏن ڳوٺن جي رهاڪن علم ۾ ڪجهه ترقي ڪئي آهي. مگر ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيلن جي دنيا ئي نرالي آهي. هو پاٻو، پورسو، مالهڻ، چانڊ، جيتان، وغيره. هٿرادو ديوتائن ۾ اٽل وشواس رکندا آهن ۽ آنڌ شرڌا جي ڪري بيمار جي علاج ڪيئن ڪندا آهن، اها هڪ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هن هيٺ ناتڪ جي نمونجي ڏيکارجي ٿو ته اڻپڙهيل عوام ۾ اڃا ڪهڙو نه ڀوتن جو ڀرم آهي. ڏيکاريل واقعا ڪي خيالي نه آهن، پر حقيقي آهن؛ نالا سڀيئي خيالي آهن.[

اداڪار

رامو گومي جو پيءُ، بيمار. گومون- رامي جو پٽ. اميدي- گومي جي زال. سوني ۽ موتان- رامي جون ڌيئون. پرتاب ۽ ساجن- ٻئي ڀائر، پڙهيل نوجوان. مالو- هڪ مشهور ڀوپو. سونو ۽ ڀيمو- مالي ڀوپي جا ڇاڙتا، مگهو، کيمول تماچي- رامي جا عزيز. ڌارو، جيمئل، ڪرمون، کينهرو- ڳوٺ جا ماڻهو. ڊاڪٽر، پٽيوالو، ۽ ٻيا.

پردو پهريون

رامي جو گهرو

]رامو، بيمار ڇنل، منجي تي ستو پيو آهي. چوڌاري سندس عزيز- پٽس گومون، هن جي استري اميدي، ٻه ڌيون، سوني ۽موتان، ٻيا سوٽ، ماسات، ڀائٽيا، ڏوهٽا- ۽ ڪيترا ڳوٺ جا ماڻهو (کيمو، کينهور، ڍارو، مگهو، تماچي، جيمئل، ڪرمون، وغيره) ويٺا آهن، ۽ حقو ويٺا ڇڪين.[

ڌارو- (گومي کي) ڏوڪري جو ڪهڙو حال آهي؟

گومون- ادا، پيو اهي، پندرهن سورهن ڏينهن کان جيئن ڪريو آهي، تيئن وري سکيو ساهه ڪو نه کنيو اٿس. ڪالهه کان پوءِ ته ماني به کائي ڪونه ٿو سگهي؛ البت ٿوري رٻ پيئي ٿو. سڌ ٻڌ به اصل ڪوانهي.

کيمو- ڪو ڏوس ٻيو ته ڪونهي؟ ڀلا هن چنڊ تي مالهڻ جي روٽي ڪئي هيئه؟

گومون- ها، روٽي ته ڪئي هئيسين. وري به چيوسيون ته متان مالهڻ يا ٻئي ڪنهن جو ڏوس هجي!  پاڻ انڌي دنيا سمجهون ڪو نه، تنهنڪري تيجي ڀوپي کان پڇي آيس، جنهن مالها ڏسي چيو ته اوهين ڏاڏيءَ مالهڻ جو نالو وٺي، پنجن پيسن جي ڳنڍ ٻڌي، سوناڻي پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻي ڇڏيو ته ڦوڪارو ٿي پوندو. ائين به ڪيوسيون، پر ڦير ڪونهي.

کينهرو- چوڏس ته چانڊَ جو ڏُڏ واريو هو؟

موتان- ها، ڪاڪا، ڏڌ مون پاڻ واريو هو؛ چاند جي ٿانَ تي به چاڙهي آئيس.

(پرتاب ۽ ساجن- ٻئي ڀاءُ، پڙهيل نوجوان- اچن ٿا.)

سڀيئي- اچو پرتاب، اچو ساجن، ويهو. (ٻئي ويهن ٿا.)

مگهو- گذريل چنڊ تي پورسي جي روٽي ڪئي هئي؟

سوني- ها، ادا، روٽي به ڪئي هئيسين.

(اِتي سونو، مالي ڀوپي جو ڇاڙتو، اچي ٿو.)

سڀيئي – آئو سونا. (سونو ويهي ٿو.)

تماچي – ڀلا، اٺم تي گوگي جي کير ڪئي هئي؟

گومون- ها، جهار ڪُل ڪيا اٿئون، ان کانسواءِ رامڏيو پير جو سڳو به ٻڌو آهي، سيد قبول شاهه جو پَڙ به باسيو آهي جو ڳڻين  جي  روٽي،  پورسي  جو

ڦل ۽پاٻو جو روٽ، وغيره، سڀ حيلا وسيلا ڪيا آهن، پر فرق پائيءَ جو به ڪونهي.

پرتاب- ڀائي، اهي اجايا وهم آهن، ڇو نه ٿا اسپتال ۾ کڻائي وڃي ڊاڪٽر کان علاج ڪرايو.

گومون- سائين، ڊاڪٽر جو خرچ ڪٿان آڻيون؟

پرتاب- ڇا جو خرچ؟ اسپتال دوا مفت ملندي، ماني مفت، جاءِ مفت، ٻيو ڪهرو خرچ لڳندو؟ هتي ڀوپن وٽان پيا ناحق پاڻ کي ڦرايو!

تماچي- سائين، چون ٿا ته ڏاڪدار سني هڻندو آهي. چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي ڪنڊو به ڪهڙو ڏکيو ٿو لڳي، سو پوڙهي بيمار کي سئي ته هيڪاري ماري وجهندي!

پرتاب- ڇاجي سئي، هن بيماريءَ ۾ هروڀرو  سئيءَ جو ضرور ئي ڪونهي. ڊاڪٽر رڳو دوا ڏيندو، جا پيئڻ پوندي. پر جي سئيءَ جو ضرور پيو، ته به دوا لڳائي پوءِ هڻندو: بيمار ساريندو ئي ڪو نه سور اصل ڪو نه
ڪونهي. جي ڀوپن مان فائدو ٿئي ته سرڪار هيترا خرچ ڪري ڇو جيڪر اسپتالون ٺهرائي ۽ ڊاڪٽر رکي؟ ڪنهن ڀوپي کي ماهوار ڏهه روپيا ڏئي ها، سو ويٺو ماڻهن کا ڀوت ڪڍي ها!

سونو- ڀلي پيا ڏَسَ ڪريو ۽ ڏاڪدار ڦرو جي ڦوڪارو ٿيو ته مالي ڀوپي کان ٿيندو، نه ته ڪنهن کان ڪو نه ٿيندو. ڀوريلي ۾ هرجيءَ جي زال هن چڱي ڀلي ڪئي: ميهاري ۾ ڪرمونءَ جي ڌيءَ، هريار ۾ ٿوڀڻ جو پٽ، چيلهار ۾ رگهي جي ڏاڏي، ڇاڇري ۾ کيتي جي ڪاڪي ۽ ٻيا به ڪيترا بيمار مالي ڀوپي چڱا ڀلا ڪيا آهن. رامي کي به پڪ ڏوس آهي، پر پاڻ

 

ٿيندو.

جيئمل- چريا ٿيا آهيو، چريا! اجايو پيا ٿڪ ولوڙيو، لوڪ آهي ٻوڪ، ڪو ڪيئن اڳي به پنهنجا ابا، ڏاڏا هئا ڏاڪدار ته هينئر آيا آهن. ڪڏهين ڪو ويو ڏڪدار وٽ؟ اڳي به ڀوڀن کان پڇندا هئا، هاڻي به انهن کان پڇو. پيرين نيٺ اتان ٿيندا. سرڪاري ڏاڪدار الاجي ڪهڙي دوا ڏين! پاڻ گريب ماڻهو، دوا مان ۽ ڏڪدار مان ڇا ڄاڻون؟ هي ڪالهوڪا ڇوڪرا (اشارو پرتاب ۽ ساجن ڏانهن)، جن جي وات مان اڃا ٿڃ جي ڌپ پيئي اچي، ٻه اکر سکيا آهن، سي اسان کي ٿا سمجهائين! اچي ملڪ تپايو اٿن! ڀائينءَ ته ڪنهن گريب کي ٻوهي ۾ وجهون.

تماچي- سچو آهين، سچو! هن کي ضرور ڪنهن جو ڏوس آهي، يا ڀوت لڳو آهي، تنهن کي ڏاڪدار ڇا ڪندو؟ فائدو نيٺ به ڀوپي کان ٿيندو.

پرتاب – ڀائي، ڀوت ته دنيا ۾ آهن ئي ڪو نه.ڀوپا اوهان کي اجايو ٿا ڦرين، انهن مان فائدو ٿيڻو ئي
انڌي سمجهون ڪو نه،  ماٺ ڪري هن کي گهرايو. رڳو اچڻ جي دير آهي! هو پاڻ ڪجهه ڪو نه وٺي، فقط پنج روپيا ڏيڻا پوندا، سو به پاڻ ڪو نه کائيندو، گهر وڃي، پتاشا وٺي، ”فقير“ جي نالي ورهائي ڇڏيندو آهي. اهو به ڏس ڪري ته ڏسو!

ويٺل – هائو، ٻيلي، مالي جي ڳالهه جيڪا به ڪريو! هٿ هٿ ڪو نه ٿو پڄي! هن کي ضرور گهرايو. دل ۾ ته نه رهي ته فلاڻي کي ڪو نه پڇيوسون.

گومون – ابا، مگها، وڃي مالي کي ته وٺي اچ.

مگهو- اجهو. (ائين چئي، وڃي ٿو.)

پردو ٻيو

مالي ڀوپي جو گهر

]مالو ۽ سندس ڇاڙتو ڀيمو ويٺا ڳالهيون ڪن[

مالو- ڀيما، اڄ 15 – 20 ڏينهن ٿيندا جو اهڙو ڪومت جو موڙهيل هٿ ڪو نه لڳو آهي، جنهن مان حقي جي تماڪ جي پورت ڪريون. تون ۽ سونو هنجتل ويا هئا، اتي ته ڪو بيمار سيمار ڪو نه هو؟

ڀيمو – اتي چانپو بيمار هو، پر اسان جي وڃڻ کان اڳي ئي هو ڏيپچند ڀوپو وٺي آيا هئا، جنهنڪري اسان کي ڪجهه چوڻ جو وجهه مليو ئي ڪو  نه. پوءِ آءٌ ته هليو آيس، ۽ سونو ويو آهي اسلام ڪوٽ. اتي چون ٿا ته رامو بيمار آهي، شايد وجهه لڳي.

مالو- آهي سونو به استاد. ٻيو ڪو ڀوپو نه آندو هوندائون، ته ضرور مون کي گهرائيندا. ڀڳوان ڪو ڪنهن کي ڇڏيندو ڇا؟ هڪڙو نه ٻيو ضرور ايندو!

انڌو ۽ مت جو موڙهيل، جو آيو هوندو ڪوٺڻ، ڀڳوان ضرور ڪٿان ته اسان کي به روز ڏيندو.

(ايتري ۾ مگهو اندر اچي ٿو. کيڪاري، ويهي ٿو.)

مالو – ابا، ڏي خبر، ڪيئن اچڻ ٿيو آهي؟

مگهو – خبر مڙيئي خير جي. رامو آهي بيمار. سوني اوهان جي نالي چيو ته مالي جهڙو هوشيار ڀوپو ٻيو آهي ئي ڪو نه، تنهنڪري گومي موڪليو آهي اوهان کي ڪوٺڻ لاءِ.

مالو- بيمار ٿئي ڪيترا ڏينهن ٿيا آهن؟ ڪيئن بيمار ٿيو؟ ڪنهن کان پڇيو به اٿوَ يا نه؟

مگهو – اٽڪل 15-16 ڏينهن ٿيندا جو بيمار ٿيو آهي. اسان ته پنهنجا حيلا وسيلا سڀ ڪيا: تيجي ڀوپي کان پڇيو؛ چانڊ، مالهڻ، گوگي، پاٻو، پورسي، وغيره، سڀني جا

ڀيمو- ها ها، ڇو نه ايندو. آهيو اوهين به استاد: جيڪو اچي وٺڻ، تنهن کان سمورو حال احوال پڇي، ڏَس پتا وٺي، پوءِ وڃي ٻڍو ڳلٿا ته فلاڻي سبب ڪري ڀوت لڳو آهي! ماڻهو ويچارا ڀورڙا، سي اهڙيون ڳالهيون ٻڍي، ڪن پيا ”واه واه، مالي جهڙو ڀوپو آهي ئي ڪو نه، جو غيب جون خبرون ٿو ٻڌائي!“

مالو – ابا، ائين ڪبو تڏهين ته ملڪ ڦري سگهبو. چوندا ڪو نه آهن ته ”نر ته هنر، نه ته خر.“ ڪوڙ ۽ ڏٽن کانسواءِ ماڻهو ڪو ڏيندا؟ ”مڙس ته ڦڏو، نه ته جڏو!“

(ايتري ۾ ٻاهران سڏ ٿئي ٿو: ”مالا!.... او مالا!“)

مالو – ڪير آهي؟ هليو اچ.

ڀيمو – هوندو ڪو عقل جو
 سوناڻي پاڻي ڪري ڇنڊا هنيا، اوسيسا رکيا، کوناڻون ڪيو، پر ڦوڪارو ڪونهي. اڃا هڪڙو شڪ آهي جو اسان جي گهر جي اڀرندي پاسي، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾، چوڙيلڻ جو واسو آهي. ڪاڪو اتان پيو ڪڏهين ڪڏهين لنگهندو هو. جي اها جهڙپ آهي، ته به ڀڳوان کي خبر. پر اوهين هلو.

مالو – ابا، مون کي ته ٻئي هنڌ به وڃڻو هو، پر جي تون آيو آهين ته هلو. هوڏانهن وري سڀاڻي ويندس. (ڀيمي کي ويجهو سڏي، ڪن ۾ چئي ٿو: ”هاڻي سڌو هلي رامي جي گهر جي اڀرندي پاسي واريءَ ڪنڊيءَ تي چڙهي ويهه، ۽ مهل تي مڙس ٿجانءِ“.)

ڀيمو – ڇٽا، ڇٽا! اهي ڳالهيون مون کي ڇا سيکاريندا!

(مالو ۽ مگهو روانا ٿين ٿا. پٺيان ڀيمو به وڃي ٿو.)

پردو ٽيون

رامي جو گهر

]منهن اونداهي ٿي آهي. سڀيئي ويٺا آهن. مالو اچي ٿو؛ وڏي مالها ڳچي ۾ پيئي اٿس.[

سڀيئي- آئو، مالا جي، آئو، ويهو. (هڪڙو اٿي رَلِي وڇائي ڏئي ٿو. مالو ويهي ٿو. گومون اچي پيرين پوي ٿو.  سوني ۽ موتان اچي، پيرن تي ڪري، روئي چون ٿيون: ”مالا جي، پندرهن سورهن ڏينهن کان ابا بيمار پيو آهي، تنهن کان پوءِ سڄي گهر جي رٻ ئي آڪ ٿي پيئي آهي. مهرباني ڪري ڪو اسان تي رحم ڪريو. ڀڳوان اوهان جي ٻنيءَ ڪنيءَ ۾ برڪت وجهندو!“)

مالو- ابا، ماٺ ڪريو، سڀ سولي ٿيندي. ڪندو فقير سائين ته رامو چڱو ڀلو ٿي پوندو، ڪو خيال نه ڪريو.

(اتي گوڙ تي رامو سجاڳ ٿئي

ڏسي، ڳالهائڻ جي ڪري ٿو.) ک ... ک.... ک ... (اپر آواز نه ٿو نڪريس.)

تماچي – ڪاڪا، مالي ڀوپي کي وٺي آيا آهيون. هاڻي توکي اجهو ٿا چڱو ڀلو ڪرايون.

(رامو ڀوپي کي ڏسي ٿو.)

مالو – (ويجهو وڃي، چتائي ڏسي، ماڻهن ڏانهن منهن ڪري) هن کي ڀوت لڳو آهي! اوهين ايترو به نه ٿا سمجهو! هن کي لاڳت ظاهر بيٺي آهي. ڍوئڻ کان پوءِ سڀ پتو پئجي ويندو. (رامي ڏانهن منهن ڪري، ڏوڪرا، هاڻي وڏي دل ڪر، جهٽ ۾ ٿو چڱو ڀلو ڪريان. (ويهي ٿو.)

گومو – اڙي ڇوڪرا، مالي کي حقو ته آڻي ڏيو.

(مگهو جهٽ ۾ حقو آڻي ڏئي ٿو، جو مالو ويٺو ڇڪي.)

کينهرو – ادا ڌارا، هاڻي دير ڇا جي ڪئي اٿوَ، جهٽ ڪري تياري ڪريو ته ڀوپو ڌوڻايون.

ڌارو – اجهو. (چونري مان تنبورو، ڪاسيا ۽ جهانجهه کڻي اچي

ٻيا به هزارين حيلا ڪيا، پر نه ڪجهه

فائدو رسي.

مالو مئل کي جياري، فقط پڙهي ٿو

پاڻي پياري،

ٻيو ڀلي ڪجهه به ڪرائي، پر نه

ڪجهه فائدو رسي.

ڌارو – ڀلان جي ! جيئو، جيئو!

ڳائڻ وارا – جيئو، کير پيئو!

(وري ڳائين ٿا-)

ڀوپن ملڪ آهي بچايو، نه ته جن وڃن کايو،

ٻيا کڻي حيلا هلايو، پر نه ڪجهه فائدو رسي.

سڀيئي – قلبان ! قلبان! واه واه!

(ايتري ۾ مالو ڀوپو، ڏڪندو ڏڪندو، هون هون ڪندو ڌوڻڻ شروع ڪري ٿو. هڪ ئي اڇل سان پٽڪو وڃي پري پيس، ۽ ڇڙيل وارن سان جهولڻ لڳو. جيستائين واڻي پوري ٿئي، تيستائين ويٺو جهولي. واڻي بند ٿئي ٿي ته سڀيئي اچي ڀوپي جي پيرين پون ٿا، ۽ چون ٿا، ”ڀلو ڪري، فقير سائين!“ کينهرو جهٽ اٿي، ٻه ٽانڊا آڻي، ڀوپي جي اڳيان رکي، مٿان گـُگر وجهي، ڌوپ ڏئي ٿو. مالو ٿورو وقت گِن – مِن ڪري، اٿي، رامي جي منجيءَ جي چوڌاري

ٿو ۽ پڇي ٿو .)

رامو – گو ...گوڙ... ڇو ... ٿو ٿئي؟ ڪي ... ڪير.... آيو ... آ ... هي؟

سوني – ابا، مالي ڀوپي کي وٺي آيا آهيون، ٻيا پنهنجي گهر جا ۽ ڳوٺ جا ماڻهو آهن.

گومون – ابا، ابا، هينئر ڪيئن آهين؟

(رامو وري اک پوري ڇڏي ٿو.)

کيمو – ڪاڪا! ڪاڪا! ڪهڙو حال آهي؟

(اٿي، کٽولي کي ويجهو وڃي، هٿ کان جهلي، ڪاڪا! ڪاڪا! (رامو اک کولي ڏسي ٿو.) ڪاڪا، سڃاڻين ٿو؟)

ڪاڪا، سڃاڻين ٿو؟

رامو – (ڳچ تائين چتائي
ٿو.)

(تماچيءَ کنيو تنبورو، ڪرمونءَ کنيا ڪاسيا، ۽ جيمئل وڄائي ٿو جانجهه.  وٺي کڻي ڍمچر مچايو اٿن.)

ساجن – (پرتاب کي) ادا، چرين کي به سڱ ٿيندا آهن؟

پرتاب – ويٺو رنگ ڏس! اڄ ته پاڻ به هنن جو ڀوپو ڏسون.

مگهو – ادا، واڻي اهري ڳائجو، جيئن ڀوپي کي جهٽ وائرو اچي.

تماچي – ويٺو الا – الا  ڪر. اسان گهڻا ئي ڀوپا ڍوڻايا آهن. پنج دفعا ته اڳي ئي مالو اسان  جي واڻين تي ڌوڻيو آهي.

(ڳائين ٿا-)

مالو ڀوپو ڀلي اچي، ان کانسواءِ نه رامو بچي!

ملڪ ۾ ڀوپا جي نه هجن، جن اسان

کي کائي وڃن،

سوين  کڻي حيلا ڪجن، پر نه ڪجهه

فائدو رسي.

”پاٻو“ ”پورسو“ ”چانڊ“ پڇيا، ”مالهڻ،

گوگو، سڀ لڇيا،

 ڦري، ٻه – ٽي هڪلون ڪري، ماڻهن ڏانهن منهن ڪري چوي ٿو.)

مالو – اوهان جي گهر جي اڀرندي پاسي، ڪنڊيءَ جي وڻ ۾، چوڙيلڻ جو واسو آهي:

ڏوڪرو اتان لنگهيو آهي، جنهن ڪري جهڙپ ٿي اٿس!

گومو – برابر، ابا ڪڏهين ڪڏهين اتان لنگهندو هو!

مالو – هن کي چوڙيلڻ لڳي آهي. مون به گهڻيئي ڀوت ڏ‎ٺا آهن، پر هيءَ نگري ڏاڍي ڏکي سرچندي! اوهين به ويهي ويهي دير ڪري آيا. سويل مون کي وٺي اچو ها ته وري ڪو تاڙٻ لڳايان ها. هاڻي البت خرچ سرسيرو لڳندو.

گومو- مالاجي، اسين انڌي دنيا سمجهون ڪو نه، هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙياسون ته من ڦوڪارو ٿئي، خرچ اڳي به ڪيترو ڪيو اٿئون، هاڻي به جيڪي چوندا سو ڪنداسون“: ڪا لڳي ڪاري، ته لڳايو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com