سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :10

مالو – چڱو ڀلا، جي هجي ڪو جهرو تهڙو ڀوت، ته جهٽ ۾ جند ڇڏايان، پر هيءَ آهي چوڙيلڻ، سا به وري نگري! هن ڪم ۾ هٿ وجهڻ مان اٽلو جيءَ جو جوکو آهي، پر لاچار اوهان جو ڪم ته ضرور ڪرڻو پيو.

سونو – (ويٺل ماڻهن کي) ڏسو، ڀوپا ته اهڙا! ڏسو ته ڪيئن نه گهر جي اڀرندي پاسي ڪنڊيءَ ۽ چوڙيلڻ جون ڳالهيون پيو ٻڌائي، نه ته مالي ڪڏهين هيءُ ڳوٺ ئي ڪو نه ڏٺو آهي!

ڍارو – برابر، ادا، اهڙو ڀوپو آهي، تڏهين ته سڀڪو ٿو پڇي نه!

کيمو – (مالي کي) فقير سائين، اسان جي گناهن ڏي نه ڏسو اوهين ڪو پنهنجو وڙ ڪريو.

مالو – ڀڱو ڀلا، هڪ ڇيلو، اڍائي روپيا روڪڙا، نَوَ هٿ ڳاڙهو ڪپڙو، پاءُ مصالحو – لوڻ، مرچ، دالچيني، ڌاڻا -، سوا سير گيهه، سوا ٽوئي جو اٽو روٽ لاءِ، اڌ سير مصري، جهٽ ۾ حاضر ڪريو.

گومو – (اٿي وڃي زال کي پڇي ٿو) گهر ۾ ڪو پيسو پيل آهي ته شيون وٺي اچان؟

اميدي – پيسو ته پيل ڪونهي. اوهان کان ڪو آسارو آهي ڇا؟ زيور به سڀ اڳيئي واڻئي وٽ گروي رکيل آهن، باقي وينڊو بچيو آهي، چئو ته لاهي ڏيان.

گومو – (ڳڻتي کائي) لاهي ڏي. (دل ۾) شيون ته ضرور آڻڻيون!

(اميدي، ٿڍو ساهه کڻي، وينڊو لاهي ڏئي ٿي. ويچاريءَ وٽ فقط اها هڪڙي شي مائٽن جي ڏنل ۽ سهاڳ جي نشاني بچي هئي، سا به اڄ لاهي ڏنائين!)

(گومو وينڊو کڻي، واڻئي وٽ گروي رکي، پنجويهه روپيا روڪڙا ۽ شيون آڻي ٿو.)

مالو – جهٽ ڪري، شيون ۽ ڇيلو رامي جي چوڌاري ڦيرائي، ڏائو هٿ مٿي رکايو.

(کينهرو ۽ سونو جهت اٿي ڇيلو ۽ شيون ڦيرائي وٺن ٿا، ۽ مالو

پاڻ ڪجهه منتر پڙهي، شوڪارا هڻي، رامي جي چوڌاري ڦري ٿو، ۽ ٿورو مصريءَ ٽڪر پڙهي، رامي جي وات ۾ وجهي ٿو؛ پوءِ ڇيلو ۽

شيون کڻائي، ڪنڊيءَ ڏانهن وڃي ٿو. ٻيا به گڏ وڃن ٿا.)

پرتاب – (ساجن کي) هلو ته پاڻ  به هلي ڀوت ڏسون. (ٻئي وڃن ٿا.)

پردو چوٿون

چوڙيلڻ واري ڪنڊي

] ڀيموڪنڊيءَ تي چڙهي لڪو ويٺو آهي ته ايتري ۾ مالو ۽ ٻيا، ڇيلو ۽شيون کڻي اچن ٿا.[

مالو – ابا، ڇيلو ڪنڊيءَ سان ٻڌي، شيون ٿـڙ وٽ رکو.

(کينهرو ۽ سونو يڪدم ڇيلو ڪنڊيءَ سان ٻڌي، شيون ٿڙ وٽ رکن ٿا.)

مالو- (ڪنڊيءَ ڏانهن منهن ڪري) چوڙيلڻ! هاڻي تنهنجو حساب توکي مليو. هاڻي ويچاري رامي جي جند ڇڏ، ۽ اهڙوپرچو ڏي ته لوڪن کي ويساهه اچي.

ڀيمو – (ڪنڊيءَ ۾ لڪل، آواز ڪري ٿو) چڱو ڀلا، جند ته ڪو نه ڇڏيان ها، پر تو مالي کان اسين ٻاهر ڪو نه آهيون، پر رامي کي چئي ڇڏيو ته وري هتان نه لنگهي، ۽ اسان کي

 

لتاڙ نه ڪري!

(اتي سڀيئي پيا پڻ م سس پس ڪن ته ”واه ڀوپا واه!“)

(پرتاب اهو رنگ ڏسي، دل  چوي ٿو، ”هي ڇا! جن ته آهن ئي ڪو نه هي ضرور ڪو هٿراڌو ٽڪساٽ آهي.“ تنهنڪري، پنهنجي ڀاءُ ساجن کي سڏي، هوريا ڪن ۾ چوي ٿو! ”ساجن، تون هتي لڪي ويهه. ڏس ته اهو آواز ڪيئن ٿيو، ۽ اهي شيون ڪيڏانهن ٿيون وڃن. ضرور ڪو ماڻهو هتي لڪل آهي!“ ساجن (لڪي ويهي ٿو.)

( مالو، پرتاب ۽ ٻيا سڀ موٽن ٿا.)

پردو پنجون

رامي جو گهر

]سڀيئي موٽي اچي ويهن ٿا[

مالو- هاني ڪو فڪر نه ڪريو. جيتوڻيڪ چوڙيلڻ سرچائڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪانهي، پر اسان وٽ به زبردست فقير آهي، جنهن جي ڍاڳي ۾ ڪيترائي جن ڀوت ۽ چوڙيلڻيون وغيره آهن: جِن ُ جـِن َ جي ذات سندس اڳيان اچي سر نمائي ٿي!

سونو – سچا آهيو! اسان کي به اوهان ۾ اعتبار آهي. تڌهين ته مون به هنن کي چيو ته مالي کي وٺي اچو. چوڻا آهن ته اوڻا ٿين ڪو نه ٿا. ڀوت ٻچو ته اوهان کي ٻاهر ڪو نه ويندو. (ٻين ڏانهن منهن ڪري) ڏٺوَ، ڀائي! هٿن تي پرتا آهن يا نه؟ آهي ڪو اهڙو ٻيو ڀوپو، جنهن سان جن ڀوت هيئن ڳالهيون ڪن؟ اڃا ٿا ماڻهو چون ته ڀوت آهن ئي ڪو نه!

کينهرو- برابر، ادا، ڀوت ضرور آهن، ۽ (مالي ڏانهن اشارو ڪري) اهڙا ڀوپا به ويٺا آهن، جن جي ڪاري هلي ٿي. جي اهي نه هجن ته جيڪر ڀوت هڪ ڏينهن ۾ سڀ ماڻهو ماري ڇڏين.

مالو – چڱو ڀلا، هاڻي اوهان جو ڪم ٿيو. (هاڻي ”فقير“ چڙهي ٿو، ته ايتري ۾ ڪيترائي ماڻهو اٿي اچي اڳيان نمن ٿا، ۽ هر ڪو پيو پڇي-)

کينهرو – فقير سائين، منهنجو اٺ وِڃاڻو آهي!

ڌارو-سائين، منهنجي جالَ (زال) بيمار آهي!

تماچي- منهنجو پٽ بيمار آهي!

جيمئل – منهنجي بهوئاري (ننهن) بيمار آهي!

ڪرمون- سائين، منهنجي گڏهه وڃائجي ويئي آهي!

(اهڙيءَ طرح، هرڪو پيو سوال ڪري. مالو ڪن کي مصري ٽڪر، ڪن کي ڪارا مرچ پڙهي ڏئي ٿو، ۽ ڪن کي سڳا وٽيو ڏئي ٿو. مطلب ته سڀني کي خوش ڪري چوڻ لڳو،

”ڪريو، الله توهار!“)

سڀيئي – الله توهار!

(فقير چڙهي وڃي ٿو.)

(مالو به مٿي ۾ پٽڪو وجهي ويهي ٿو. يڪدم حقو آڻي ڏين ٿا، جو ويٺو ڇڪي. ايتري ۾ گومو پنج روپيا

آڻي، اڳيان رکي، چئي ٿو.)

گومو – مالا جي، اوهان جي تڪليف ته گهڻي آهي، پر مون غريب کان ايترو ٿو پڄي، مهرباني ڪري قبول ڪريو.

مالو – چڱو ٻچا، جيڪو سري سگهي. هي به آءٌ ڪو نه کائيندس، گهر وڃي، پتاشا وٺي، فقير سائينءَ جي نالي چنڊ جي ڏينهن ورهائي ڇڏيندس.

(ائين چئي، روپيا کڻي، دل ۾ خوش ٿيندو روانو ٿئي ٿو. ٻيا به وڃن ٿا.)

پردو ڇهون

چوڙيلڻ وارو ڪنڊي

]ساجن لڪو ويٺو آهي. ماڻهن جي وڃڻ کانپوءِ ڏسي ٿو ته هڪ ماڻهو پيو وڻ تان هيٺ لهي. ساجن اهو تماشو ڏسڻ لڳو. هُن ڇا ڪيو جو هيٺ لهي، ڇيلو ڇوڙي، شيون کڻ روانو ٿيو.[

ساجن - (اُٿي، تڪڙو هلي، ويجهو وڃي، هڪل ڪريس ٿو.) خبردار! ڄانڀي جا گدڙ، مفت خور،

ڪو ماڻهو ڊوڙندو اچي، سو ڇڏيندي ئي ڇيلو ۽ شيون، وٺي ڀڄي ٿو. ساجن ڊوڙ پائي وڃي جهليس ٿو، ۽ هو بيهي رهي ٿو.)

ساجن - گهڻا ڏينهن ملڪ ڦريو اٿوَ. چُوڙيلڻ جا ٻچا! اوهان کي مڙس گڏيو ئي ڪو نه هو! هٿراڌو جِن بڻجي، وتو غريبن جا جهُڳا جهڻ ڪندا! سچ ٻڌاءِ، ڪير آهين؟ نه ته ڪريانءِ ٿو ٺونشو ٺڪاءُ!

ماڻهو - (هٻڪي هٻڪي) سائين، آءٌ چوڙيلڻ ڪو نه آهيان، مالي ڀوپي جو ڇاڙتو آهيان، نالو ڀيمو اٿم.

ساجن- واه واه، تون مالي ڀوپي جوشاگرد آهين، ته مان به پرتاب جو ڀاءُ آهيان: هاڻي سرچي وٺنداسيون! اڙي لُچ، هٿراڌو ٽڪساٽ بنائي وتو ملڪ جي ٻيڙي ٻوڙيندا، اوهان کي ڪو جهلڻ پلڻ وارو ئي ڪونهي!

ڀيمو- (نماڻائيءَ سان) سائين، ڇا ڪريون؟ لاچار، پيٽ ڏپاپي ٿو هي ڪُڌا ڪم ڪرائي. سچ جو وقت ئي ڪونهي، سچ ڪريون ته ڪو ٽُڪر ئي

آهيان، پر آءٌ ملڪ کي ڏيکاريندس ته اوهان جهڙا ڪيئن ٿا ماڻهن کي سُرمون پائين. ڀوپنِ جا پُٽَ بنجي، ملڪ ڦري ڪيو اٿوَ ميدان؛ ۽ هاڻي ٿو چوين ته مون کي ڇڏ. ڇڏيندس، پر ڪنهن حساب سان!

ڀيمو- سائين، منهنجو ته ڏوهه ڪونهي، آءٌ ته مالي جو سيکاريل ويٺو هوس. آءٌ ته آهيان حڪم جو بندو،  ڪم ته سڀ آهن هُن جا.

ساجن – پر ڀائيوار تون به آهين: چورن جا سنگتي، ڳنڍيڇوڙ. تون وري ڪهڙو چڱو مڙس آهين جو ڇڏ ڏيانءِ؟ اٿي، اُٿي، هل!

ڀيمو-(پيرن کي چنبڙي، ليلائي) سائين، ڀڳوان جي نالي مون کي ڇڏ! مون توبهه ڪئي! وري اهڙو  ڪم آءٌ

متان ويو آهين! (ڊوڙ پائي ٿو.)

(ماڻهو اوچتيءَ هڪل تي گهٻرائجي، پٺيان نهاري ڏسي ٿو ته
ڪو نه کارائي: ڪوڙ ڪريون، تڏهين ته هٿين ڇانيون ٿين، پيٽ پاليون.

ساجن- بدمعاش! پيٽ ته سڀني کي آهي، پوءِ سڀيئي وتن اوهان وانگر ملڪ ڦريندا؟ ڇو نٿا هڏ هلاڪ ڪري پگهر جي پورهئي سان پيٽ پاليو!

ڀيمو-سائين، اسان کاڌا هميشه مفت جا ٽڪر،  سو پورهئي تي بُت ئي نٿو وري- سچي ڳالهه اِها آهي.

ساجن- ها، مفت جو ملي ته ڪم ڪير ڪري – ائين نه؟

ڀيمو – جيءُ، سائين.

ساجن – شيطان، هاڻي اِهي اوهان جي مفت جي مالن کائڻ جا ڏينهن ويا. ڪوڙ ڪيترا ڏينهن لڪندو: اوڻٽيهه راتيون چور جون، ته هڪ رات ڀاڳئي جي. هاڻي اُٿي، کڻ شيون، ڪاهه ڇيلو، هل مون سان گڏ.

ڀيمو- (پيرن ٿي ڪِري) سائين، شيون وٺو، مون کي ڇڏيو.

ساجن- ها! بدمعاش، مون کي به پاڻ جهڙو سمجهيو اٿيئي ڇا؟ آءٌ ڪو اهي شيون توکان  ڦرڻ  ڪو  نه  آيو

ته ڪو نه ڪندس، پر ٻين کي به پيو ڏس ڏيندس!

ساجن- رهندين ئي ڪو نه! آءٌ اِهي اوهان جون ٺڳيون دنيا کي ڏيکاريندس.

ڀيمو – نه، سائين، مون توبهه ڪئي. مون کي وٺي هلي ڇا ڪندا؟ ڇڏيو ته وڃي ٿو مالي کي موڪليان.

ساجن – پڪ موڪليندين؟ متان ڀڄي وڃين! (دل ۾) نه ته به هي شيون ئي هنن جي ڪوڙن جي ثابتيءَ لاءِ بس آهن.

ڀيمو - نه، سائين، مالي کي موڪلڻ منهنجو ڪم.

ساجن - چڱو، وڃ. سگهو وڃي موڪل.

(ڀيمو وڃي ٿو. ساجن به ڇيلو ڪاهي، شيون کڻي، وڃي ٿو.)

پردو ستون

مالي ڀوپي جي جاءِ

]مالو ۽ سندس ڇاڙتو، سونو، ويٺا ڳالهيون ڪن[

سونو – واه واه، چڱو ڪڍڻو ڪڍايو اَٿوَ. ڏهن – ٻارهن روپين جو

مال ته ٿيندو!

مالو – نه ته، ڏهن – ٻارهن روپين جو

مال،  پنج روپيا روڪڙا،  ۽ ڇيلو، جو اڄ ويهن روپئين به ڪو نه ملي: مال وڃي ٿيندو پنجٽيهن  – ڇٽيهن روپين جو. اڃا جيڪر وڌيڪ جهٽ هڻان ها، پر سـُڃن وٽ هو ڇا؟

سونو- گهڻو ئي آهي. حال ته ٻه – چار ڏينهن ٻوڙ پلاهون ڪري الوليون ماڻينداسين، پوءِ جا ڀاڳ پوءِ سان، تيسين وري ڏيندو ڏاتار.

مالو – ها، ڇو نه ڏيندو: جنهن چهنچ ڏني آهي، سو چوڻو به ڏيندو. جيستائين دنيا ۾ اهڙا عقل جا انڌا آهن، تيستائين پنهنجون پنج ئي گيهه ۾. ائين نه پيو گراهڪ ڦاسائيندين، ته پوءِ پاڻ کي ڪهڙي پرواهه!

سونو – برابر، پر هاڻي وري پڙهيل ڇورا پيدا ٿيا آهن، سي ٿا ماڻهن کي ڦٽائين، آءٌ به جڏهين رامي جي گهر ويس، تڏهين اتي به هڪڙي پئي چيو ته ڀوپا ڪوڙا آهن، جي اجايو ٿا ڦرين: ڀوت آهن ئي ڪو نه، اوهين ماٺ ڪري بيمار کي ڏاڪدار وٽ

کڻائي وڃو!

مالو – پوءِ ڇا، اهوڳ مون به ڏٺو هو. اهي اجايو پيا مغز کپائين، ماڻهن ۾ ايترو عقل آيو ڪٿان جو هنن جون ڳالهيون مڃين. وري به تو جهڙا ۽ مون جهڙا جتي وڃي ٿا پهچن، اتي انهن جي جاءِ جاءِ ڪانهي.

سونو- تنهن ڏينهن مون به وٺي اهڙا يٽ شٽ ۽ ڊاڙ هنيا جو يڪدم کڻي اوهان کي ماڻهو موڪليائون.

مالو – چڱو ڪيئه. هڪ دفعو جي ماڻهو ڏاڪدارن وٽ ويا، ته وري پاڻ کي پڇندا به ڪو نه، تنهنڪري اهڙو وجهه ئي ڇو ڏيون جو پوءِ ويٺا هٿ هڻون!

سونو- برابر. هن دفعي اوهان چڱي اٽڪل ڪئي: هٿراڌو ڀيمو ويهاري، چوڙيلڻ ٻولائي ڏيکاري! اهڙا روبرو پرچا ڏسي، ڏاڪدارن وٽ ڪڏهين به ڪو نه ويندا.

مالو – ڇا جو وڃن؟ هي ويچارا ڪامورو ڏسي ڊڄن، سي ٿا ڏاڪدارن

وٽ وڃن! پر، ٻيلي، اڄ ڀيمي دير ڇو ڪئي؟ اڳي ته جهٽ ۾ اچي.

سونو – ايندو هوندو. هرڀرو تڪڙ ڪهڙي پيئي آهي، پاڻيهي ايندو. (اٿي ڏسي ٿو)

مالو- اچي ٿو؟

سونو – (ٿورو وقت نهاري) ها، اچي ته ٿو، پر آهي هٿئين خالي!

مالو- (اتاولائيءَ سان) هٿين خالي؟

سونو – ها، هٿئين خالي. (ويهي ٿو)

(ايتري ۾ ڀيمو اچي ٿو. منهن لٿل ۽هٿئين خالي ڏسي، مالو پڇي ٿو)

مالو – ڇيلو ۽ هوشيون ڪٿي؟

ڀيمو ماٺ ڪريو، ڳالهه ئي نه پڇو! اڄ جيڪا ٿي آهي! مرڳو وڃي ڦاٿس، مس مس جند ڇڏائي آيو آهيان.

مالو- ڇا هو؟ ڳالهه ته ڪر!

ڀيمو- ڳالهه ڪهڙي ڪريان: ويئي سڱن کي، ڪَنَ به ڪپائي آئي!

ڇيلو ڇوڙي، شيون کڻي روانو ٿيس ته ڀرسان ڪو پرتاب جو ڀاءُ لڪو ويٺو هو- اچي پڪڙيائين! ڇڏي ئي نه. چي، اوهان به گهڻا ڏينهن ٺڳيون ڪيون آهن، اڄ ماڻهن ۾ وٺي هلندس! سو، آءٌ ته مس مس آزيون ڪري جند ڇڏائ آيس، ۽ هو شيون کڻي گهر ويو.

سونو- گهوڙا گهوڙا! ڳالهه ته نه ٺهي! هيترا ڏينهن پڙهيلن جي ڳالهه ڪنهن ڪا نه ٿي ٻـُڍي، پر هاڻي ته سڀڪو مڃندو!

مالو- (منهن جو پَنو ئي لهي ويو اٿس.) جـُلم (ظلم) ٿيو! مال ته ٻـُڏو، وڃي کڏ جي تري ۾ پوي، پر جڳ ۾ خوار ٿياسين؛ اڳتي وري ڪو پڇندو به ڪو نه؛ تنهن کانسواءِ ماڻهن ۾ منهن مٿي ڪري به نه سگهنداسين: مطلب ته رهي کهي مرم به برباد!

سونو – هاڻي ڦريوسون سو گهڻو، نيٺ پول پڌرو ٿي ويو. شل ڀڳوان ڪري ڪا لڄ رهي. پر، هاڻي

ڪا صلاح ڪريو. ٿيڻ واري ته ٿي، پر هاڻي ماٺ ڪري ته ڪونه ويهبو: ائين ته پت وائکي ٿي پوندي!

مالو – توبهه، توبهه! هاڻي ڪهڙي صلاح ڪريون؟ ٺڳن جون ڪهڙيون صلاحون؟ اوهان کي به ڪا سـُجهي ته کڻي ٻڌايو.

ڀيمو – هاڻي ٿا صلاحون ڪري اڪ ڪارا ڪن.

انهن   ڪوڙن   قصن  مان  وري

نڪو سري. ماٺ ڪري وڃي پرتاب کان معافي وٺو، ۽ ملڪ ڦرڻ کان آئيندي توبهه ڪريو.

سونو- ها، معافيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چاڙهو ئي ڪونهي.

مالو – برابر، هاڻي ائين ئي ڪريون، ٻيو ڇا ڪريون؟ گهوڙا گهوڙا ڪاٿي آهي ڪِ نه!

(ائين چئي، وڃي ٿو. ٻيا به وڃن ٿا.)

پردو اٺون

پرتاب جو گهر

]پرتاب ويٺو آهي ته ايتري ۾ ساجن اچي ٿو.[

پرتاب – ڏي خبر، ڪجهه ڏٺئه ڪي نه؟

          ساجن-(ٽهڪ ڏيئي) سڀڪجهه ڏٺم! اوهان جي وڃن کان پوءِ ڏسان ته هڪڙو ماڻهو پيو وڻ تان هيٺ لهي، سو لهندي ئي ڇيلو ڇوڙي، شيون کڻي روانو.

پرتاب – پوءِ؟

ساجن- پوءِ ڇا، وڃي پڪڙيو مانس! پوءِ ڏسو ته لولاٽ ۽ گيسيءَ جو ٺڪاءُ پيو پئيس.

نيٺ سڀ سچي ڪيائين ته آءٌ مالي ڀوپي جو ڇاڙتو ڀيمو آهيان!

پرتاب – (خوش ٿي) چڱو ڪيئه! ڏس، ڪهڙا نه بدمعاش آهن! ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيو اٿن. رهزن کي وٺي اچين ها ته ڏاڍو چڱو.

ساجن- ڏاڍا وس ڪيم، پر هلي ئي نه. نيٺ چيائين ته وڃي ٿو مالي کي موڪليان، تڏهين هن کي ڇڏي، شيون کڻي هليو آيس.

پرتاب – (شيون ڇوڙي ڏسي

ٿو) ڏس ته بدمعاشن ڪيئن نه سڀ ’کاڌي جو مال! هٿ ڪيو آهي! ڏاڍا تريناڪ آهن! (ارمان کائي) انهن جو بِلو نه ڪبو، ته غريبن جو الله واهي!

ساجن ماڻهو به آهن انهن جي ڪم جا، کرو کوٽو به نه ٿا سمجهن. اسين ڪيترو پيا سمجهايون، پر ٻڌن ئي ڪو نه: انڌي گهوڙي ڪل ۾!

پرتاب – ادا، ماڻهو ويچارا آهن بيعلم ۽ ڀورڙا، هي ته آهن حريف ۽ ٺڳن جا استاد – هڪڙا وڃي ڀرمائين، ٻيا بنجن هٿرادو جن، پوءِ ملڪ مـُٺو يا نه مـُٺو!

ساجن – ها، ادا، رات به ڏسو ته ڪيئن نه سڀني جي اکين ۾ سرمون پاتائون. هٿرادو چوڙيلڻ بڻجي پيا جواب ڏين. ڀورڙا ماڻهو ڪٿي ٿا اهڙيون ڳالهيون سمجهي سگهن.

(ايتري ۾ مالو اچي ٿو. پريان ايندي ئي، پٽڪو لاهي، پرتاب جي پيرن تي رکي ٿو.)

مالو سائين، اسان جو گناهه معاف ڪريو!

پرتاب – پٽڪو کڻ، اهي تنهنجون حرفتون هتي نه هلنديون. غريبن جو اگر تڳر چَٽ ڪري، ملڪ ڦري، پوءِ وتو پٽڪا لاهيندا. پٽڪا ته اوهان جا سدائين هٿ ۾!

مالو – (پٽڪو کڻي، ڪنڍ هيٺ ڪري، هٿ ٻڌي) سائين، گهڻائي ڪوڙ ڪري ماڻهو ڦريم، هاڻي سمجهيو آهيان. اڄ کان پوءِ توبهه ڪيم. مهرباني ڪري ماڻهن ۾ خوار نه ڪريو!

پرتاب- اوهين ڪو سمجهو؟، جن جي پيٽ ۾ حرام جي هڏي آهي! ڪاسائي، توکي قياس ئي ڪو نه پيو، جڏهين ويچاريءَ اميديءَ جي سهاڳ جي نشاني ڪڍائي ٿي واڻئي وٽ رکيايئه!

مالو – (پنج روپيا ڪڍي اڳيان رکي ٿو.) سائين، وٺو هي پيسا، کيس موٽائي ڏيو؛ ٻيو به جيڪي چئو سو ڏنڊ ڀري ڏيان، پر معاف ڪريو.

پرتاب – اصل نه! مان ڇا ڪريان پيسن کي؟ تو ڦريو آهي هنن

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com