هيءَ روايت افغان مورخن – اخون درويزه (وفات
1048هه)، خوشحال خان خٽڪ (وفات 1100هه)، افضل خان،
وغيره، پنهنجين تصنيفن ۾ تفسيلي دليلن سان بيان
ڪئي آهي. مسلمان ٿيڻ جي روايت افغان مورخن هن طرح
ڏني آهي:
موجوده سليمان جبل ۽ پاڪستان جي قبائلي علائقي جي
سلسله ڪوهه قيسمي نمان 72 قبائلي سردارن جو هڪ
وفد، سڀ کان وڏي سردار ”ملڪ قيس“ جي سرڪردگيءَ ۾،
مديني منوره وڃي، حضرت رسول پاڪ صلعم تي ايمان
آڻي، مسلمان ٿيو. ملڪ قيس جو اسلامي نالو
”عبدالرشيد“ رکيو ويو. هنن اتي ئي قيام ڪيو ۽ حضرت
خالد بن وليد جي لشڪر ۾ شامل ٿي لڙندو رهيو. پوءِ
ملڪ عبدالرشيد کي خالد بن وليد جي داماديءَ جو شرف
به حاصل ٿيو. جيئن ته هنن لڙائين ۾ بهادري ڏيکاري،
انهيءَ ڪري کين ”بطان دين“ جو اعزازي لقب ڏنو ويو.
اهو ”بطان“ ڦري ”پٺاڻ“ ٿيو. ان مان معلوم ٿئي ٿو
ته ”افغان“ سندن نسلي نالو آهي ۽ ”پٺاڻ“ لقب، جو
بهادريءَ جي ڪري کين مليو.
سنڌ جي مورخ ۽ محقق شمس لاعلماء مرزا قليچ بيگ
مرحوم، افغان يا پٺاڻ جو اصل نسل هن طرح بيان ڪيو
آهي:
”افغان بني اسرائيل جي اولاد مان آهن، ۽ اسرائيلي
جي بادشاهه ”شاول“ جي نسل مان آهن. حقيقت ڪري پٺاڻ
اهي آهن، جي سليمان جبل جي دامن ۾ ويٺل آهن، ٻيا
افغان آهن.... پٺاڻ، جي افغان نه آهن، سي تاجيڪ،
قزلباش، هزارا، هندڪي ۽بلوچي آهن.
موجوده دور جي هڪ پٺاڻ اديب محترم عبدالحڪيم ”اثر“
افغانيءَ، افغان قوم جي مذڪور روايتن تي تبصرو
ڪندي لکيو آهي ته ”قيس ۽ بتان بن قيس شخصي نالا نه
آهن، پر قبيلن ۽ قومن جا نالا آهن“
پنهنجيءَ راءِ کي ثابت ڪرڻ لاءِ، هن عرب جي قيسي
قبيلي تي چڱي روشني وڌي آهي. سندس مطلب آهي ته هي
ئي اهو قيسي قبيلو آهي، جو عرب جي يمني قبيلي جو
حريف هو. اهو به ڄاڻايو اٿس ته محمد بن قاسم جي
لشڪر ۾قيسي قبيلي جي جانباز مجاهدن جي اڪثريت هئي.
هن سرزمين تي ان قبيلي جي آباد ٿيڻ بابت لکيو اٿس:
”گويا مغربي پاڪستان جي مختلف حصن ۾ لاتعداد مختلف
قبائلي نالن سان اهي ئي اتر عرب جي قيسي قبيلي جا
ماڻهو آباد آهن، ۽ اڄ ان قيسي قبيلي جا اهي ماڻهو،
جي اتر مغربي پاڪستان ۾ ”پشتون“ قوم جي نالي سان
مشهور آهن، تاريخ جي محدود مطالعي جي پيش نظر، قيس
کي هڪ قوم ۽ قبيلي جي بجاءِ هڪ شخصي نالو ٺهرائي،
ان کي پنهنجو مورث اعليٰ ٺهرائي رهيا آهن.“
اسرائيلي هجڻ جي روايت تي بحث ڪندي لکيو اٿس ته
بني اسرائيل ۾ هڪ ذيلي شاخ، قبيلي قيس جي نالي سان
مشهور آهي- يعني ان دليل مان پنهنجيءَ قوم جي
اسرائيلي هجڻ جو ثبوت ورتو اٿس. اڳتي هلي، افغان
مورخن جي تاريخي روايتن ۾ هيٺيون ترميمون ۽ اضافا
ڪيا اٿس:
(الف) هيءَ روايت ته سليمان جبل مان 72 قبائلي
سردارن جو هڪ گروه مديني منوره ۾ وڃي مسلمان ٿيو،
انهن مان هڪ سرگروهه جونالو قيس ته ٿي سگهي ٿو، پر
هي قيس ۽ سندس ساٿي، 71 قبائلي سردار، به سڀ بني
اسرائيل جي قيسي قبيلي مان هئا. اهڙيءَ طرح مختلف
افغان سڀ انهيءَ هڪ قيس عبدالرشيد جي نسل مان نه
آهن، پر انهن ٻين 71 قبائلي سردارن ۽ انهن جي
مختلف قبيلن ماڻهن جي نسل مان به آهن، جي پوءِ وقت
بوقت مسلمان ٿيندا ويا – جيئن تاريخ ”منهاج
السراج“ جي تصريح مطابق ”غوري“ ۽ ”سوري“ خاندان جو
مورث اعليٰ، شنسب، حضرت علي رضه جي خلافت جي دور ۾
سندن هٿ تي مسلمان ٿيو.
(ب) بني اسرائيل جي انهيءَ قيسي قبيلي جا ماڻهو بن
يامين ابن يعقوب عليه السلام جي نسل مان نه آهن،
پر يهودا بن يعقوب جي نسل مان آهن.
(ج) بني يهودا مان روئيل ابن يهود جي نسل جا
ماڻهو، نه بني اسرائيل جي گم ٿيل قبيلن مان آهن، ۽
نه انهن بني اسرائيل قبيلن جا ماڻهو آهن، جي بابل
۾ بخت نصر جي قيد ۾ رهڻ کانپوءِ انهن علائقن ۾
منتشر ٿيا هئا؛ بلڪ، تورات جي ڪتاب قاضيون ۽ صحيفي
گنتي جي تفصيل مطابق، بخت نصر کان به اڳ، اٽڪل
1200 ق.م ۾، ايران ۾ جي اتر – اولهه ۾ اچي آباد
ٿيا.
انهيءَ لحاظ کان،موجوده افغانن ۾ بني اسماعيل جي
قيسي قبيلي ۽ بني اسرائيل جي قيسي قبيلي جا ماڻهو
موجود آهن؛ ۽ افغانن جا موجوده نسبن جا شجرا جنهن
طريقي سان ترتيب ڏنا ويا آهن ۽ افغانن جي سڀني
قبيلن کي انهيءَ روايتي قيس عبدالرشيد جي نسل مان
ٻڌايو ويو آهي، محل نظر قرار ڏيڻ گهرجي.
(د) روايتي قيس عبدالرشيد جي پٽن ۾ جو هڪ جو نالو
”بتان“ بيان ڪيو ويو آهي، صحيح نه آهي. دراصل
”بتان“ هڪ شخصي يا هڪ مورث اعليٰ جو نالو نه آهي،
پر هڪ ثقافتي ۽ تهذيبي نالو آهي.
”بتان“ کي ثقافتي نالي ثابت ڪرڻ لاءِ محترم ”اثر“
صاحب ڪافي بحث ڪيو آهي. سندس تحقيق آهي ته عربيءَ
۾ ”نيط“ معنيٰ آهي اهو ماڻهو، جو ڌنار يا سپاهي نه
هجي: جيئن ته ”نه“ معنيٰ آهي ”نه“، تنهنڪري ”بط“،
”بت“، ”بٽ“ يا ”پٽ“ مان ”پٺاڻ“، اسم جمع بڻجي ويو
آهي. اڳتي هلي لکيو اٿس ته ”بطان“ عبرني تلفظ آهي،
۽ ”بتان“ ان جو عربي تلفظ، جيڪو هنديءَ ۽ پشتو ۾
بنيو ”پاڻ“.
محترم ”اثر“ صاحب افغاني روايتن کي بنيادي طرح
تسليم ڪيو آهي، پر روايت کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي
ڪو نه پرکيو اٿس. تاريخي لحاظ کان کيس اهو ثابت
ڪرڻ گهربو هو ته قبائلي گروهه ڪهڙيءَ طرح متاثر
ٿيو، جو پنهنجو پاڻ عربستان مسلمان ٿيڻ ويو. ڪا به
تاريخي حقيقت انهيءَ روايت جي پٺڀرائي نه ٿي ڪري،
حقيقت ۾ انهيءَ روايت جو بنياد خوشفهميءَ تي ٻڌل
آهي، ٻيو ڪجهه به ڪونهي. تنهن کانسواءِ ”پٺاڻ“،
بابت جيڪا تحقيق ڏني اٿس، اها به شڪَ گاڏئين آهي.
هڪ ٻئي صاحب ”پٺاڻ“ لفظ جي تحقيق هن طرح ڏني آهي:
”انهن ٻنهي (افغان يا پٺاڻ) جو قديم قومي نالو
”پشتان“
(pushtan)
يا ”پکٺان“
(pukhthan)
هو، جو مقام پشٽانا
(pushtana)
يا ”پکٺانا“
(pukhthana)
ڏانهن منسوب هو. اهو ئي قديم لفظ اڳتي هلي تلفظ
۾ ”پٺاڻ“ بنجي ويو.“
انهيءَ صاحب اڳتي هلي لکيو آهي:
”اڳتي هلي انهن جي وطن ۾ تبديلي ٿي. منجهانئن ڪي
قبيلا اولهه کان اوڀر طرف قنڌار وغيره علائقي ۾
اچي آباد ٿيا ته انهن جي ۽ ٻين قومن جي آبادي
مخلوط ٿي. انهيءَ وقت انهن کي، ٻين قومن کان ممتاز
ڪرڻ لاءِ، خاص طور سندن قديم نالي ”پٺاڻ، سان
موسوم ڪيو ويو، جوهي هتي (گنڌابار) قند بار م
هندستاني نوآباديءَ سان اچي مليا هئا.“
پاڪستان جي انهيءَ سرزمين جي رهواسين جو ذڪر
سنسڪرت لٽريچر ۾ به موجود آهن. يوناني جاگرافي
نويسن به پنهنجن سفرنامن ۾ ان علائقي جو نالو کنيو
آهي. اسان کي سنسڪرت ۽ يوناني بيانن جو به جائزو
وٺڻ گهرجي. پشاور ۽ ان جي آسپاس واري ملڪ جي
يوناني جاگرافي نويسن، هيروڊوٽس (484 ق. م) ۽
بطليموس (150 ق. م) پنهنجن سفرنامن ۾ ”پڪت“ ڄاڻايو
آهي. هيروڊوٽس، پٺاڻن جي هڪ مشهور قبيلي آفريديءَ
کي، جنهن کي ٺيٺ پشتو زبان ۾ ”پريدي“ سڏيو ويندو
آهي، ”ايپي ايٽي“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي، جو
”پريدي، جي بلڪل ويجهو آهي.
رگويد ۾ ان علائقي جو نالو ”پکٽ“ آيو آهي. ڪاڪي
ڀيرو مل لکيو آهي:
”(آراين خاندانن) ”اتو“ يا ”شوي“، آرين جا
ڏورانهان سوٽ، درهيو آريا هئا. انهن مان هڪ راجا
گانڌرا
هو، جنهن هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ
پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو ۽ اهو سندس نالي پٺيان
”گنڌارا“ سڏبو هو، جنهن جو اچار هاڻي ڦيرائي
”قنڍار“ ڪيو اٿن. انهن درهيو آرين مان ڪيترا پنجاب
۾ هئا، تن کي انو آرين اتان هڪاليو ته اهي گنڌار
ڏانهن وڃي رهيا“.
اڳي هلي لکيو اٿس:
”گانڌار، کان پنج پيڙهيون پوءِ جيڪو سندس اولاد
ٿيو، سو هندستان ئي ڇڏي اتر طرف هليو ويو. اهي
اوڏانهن وڃي وڌيا ويجهيا ۽ پنهنجي ڌرم ۽ ٻوليءَ جو
ڦهلاءُ ڪيائون... ايترو ضرور چئبو ته اهي ئي آريا
لوڪ افغانستان ۽ بلوچستان ۾ هئا، جي پوءِ ڦري سنڌ
ڏانهن آيا“.
ان موجب، شڪارپورين لاءِ لکيو اٿس ته ”ڀانئجي ٿو
ته شڪارپور وارا درهيو آرين مان آهن.“
سنسڪرت لٽريچر مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾
قنڌار طرف ”تڪس سلا“ نالي هڪ سنسڪرت جي وڏي
يونيورسٽي هئي. ان جا کنڊر هينئر به موجود آهن، جن
کي ”ٽيڪسلا“
(Texila)
سڏيو وڃي ٿو. آثار قديمه جي ماهرن انهن کنڊرن جي
کوٽائي ڪري ثابت ڪيو آهي ته برابر اتي هڪ وڏو
درسگاهه هو. ڪاڪي ڀيرو مل لکيو آهي ته ”سري
رامچندر جي ڀاءُ ڀرت جي پٽ ”تڪش“ جي گاديءَ جو
هنڌ. اهو شهر هو، جو سندس نالي پٺيان سڏبو هو“
”انهيءَ يونيورسٽيءَ جي ڪري، انهيءَ علائقي جي
سنسڪرت نج سڏبي هئي. مڌيه ديش ۽ هندستان جي ٻين
مکين حصن مان، وديارٿي اوڏانهن وديا پرائڻ ويندا
هئا. انهيءَ اتر طرف کان جيڪي علم پرائي ايندا
هئا، تن جا اُچار صحيح ۽ چٽا هوندا هئا ۽ ماڻهو
کين سند ڪري ليکيندا هئا. خود ويدن جي برهمڻه ۾ به
اها ڳالهه ڄاڻايل آهي.“
هن مان معلوم ٿيندو ته پشاور ۽ ان جي آسپاس آريا
رهندا هئا، جن جي ٻولي نج سنسڪرت هئي.
پٺاڻ نسل جي وڌيڪ وضاحت ڪندي لکيو اٿس: ”هن وقت
جيڪي پٺاڻ آهن، سي به اصل ۾ آريه هئا ۽ انهن تي
نالو ئي ”پڪٿ“ آرين تان پيل آهي.“
ان جي ثبوت ۾ ڪاڪي ڀيرومل، آر . ڊي . بارنجيءَ
(R.D
Baranji)
جو بيان ڏنو آهي، جو هن ريت آهي:
“The Silis or
sinis have given their name to Silistan and
pakthas to the Afghan Paksitan.”
مولانا ابوالجلال ندويءَ
جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ”گنڌارا“ هڪ بادشاهه
جو نه، پر هڪ قوم جو نالو هو، جا آرين نه، پر سامي
خاندان مان هئي. سندس خيال آهي ته قديم زماني کان
عرب دنيا ۽ سرزمين پاڪ ۽ هند جي پاڻ ۾ گهرن ۽
گهاٽن تعلقات هئڻ ڪري عرب قبيلا هن سرزمين ۾ اچي
متوطن ٿيا هوندا.
ڪرنل جيمس ٽاڊ (6) جو بيان آهي ته ”تاڪ“ يا ”تڪا“
قوم، تڪشاسلا ”ٽيڪسلا) جو شهر آباد ڪرايو هو.
انهيءَ تاڪ، سٿين (تڪشش) ۽ ناگاونسي ناگ جو اولاد
راجپوت هئا. هن مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٽيڪسلا جا
رهاڪو ”آرين“ هئا. ٽيڪسلا جي کنڊرن مان جيڪي شيون
کوٽائيءَ کان پوءِ مليون آهن، انهن ۾ گوتم ٻڌ جا
بت ۽ ٻڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ شيون به مليون آهن. ان
مان به ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ سرزمين جا رهاڪو
آريا هئا ۽ گوتم ٻڌ کان گهڻو پوءِ به اتي آباد
هئا.
مٿين بحث مان معلوم ٿيندو ته ”پڪٿ“ مان ”پٺاڻ“ ٿيڻ
لاءِ وزندار دليل ۽ تاريخي حقيقتون موجود آهن.
تنهن کانسواءِ اهو به صاف ثابت ٿي آيو آهي ته
اوائل ۾ انهيءَ سرزمين تي آرين قوم آباد هئي. ان
هوندي به افغاني روايتن ته ”افغاني قوم بني
اسرائيل آهي“، ۽ مولانا ابوالجلال ندويءَ جي بيان
ته ”گنڌارا قوم سامي هئي“، جي هڪٻئي سان ملي به
اچن ٿيون، تن تي ڌيان ڏيڻ به جڳائي.
سڀني روايتن کي سامهون رکندي، آءٌ انهيءَ نتيجي تي
پهتو آهيان ته اوائل ۾ ان سرزمين تي آرين قوم آباد
هوندي، گهڻو پوءِ ايران جي اتر – اولهه کان بني
اسرائيل قوم ڪاهي اچي ملڪ تي قبضو ڪيو هوندو ۽ملڪي
ماڻهن کي محڪوم بنايو هوندو؛ ڳچ وقت کان پوءِ هو
ملي جلي ويا هوندا ۽ سندن ٻوليءَ ۽ ثقافت کي
پنهنجوبنائي، ترقي ڪئي هوندائون؛ تنهن کانپوءِ
قديم ملڪي نالي ”پکت“ جي پويان سڄيءَ قوم تي
”پٺاڻ“ نالو پئجي ويو.
حرف ”ک“ ۽ ”خ“ پاڻ ۾ بدلبا آهن، اهڙيءَ طرح عربي
حرف ”خ“ ۽ پشتو حرف ”ش“ به پاڻ ۾ مٽبا آهن؛ انهيءَ
ڪري پکت، پخت، پشت، هڪ لفظ جون مختلف صورتون آهن.
وري تلفظ ”پشت“ سان ”ون“ حرف نسبت لڳايو ويو ته
”پشتون“ سڏجڻ ۾ آيو. اهڙيءَ طرح ”پکت“ مان
”پشتون“، ”پختون“ لفظ ٺهيا. ”پٺاڻ“ لفظ به ان مان
ئي نڪتو آهي.
ڪي پٺاڻ قبيلا:
پٺاڻن جا ڪيترائي وڏا قبيلا آهن. هر هڪ قبيلي جون
وري ڪيتريون ئي شاخون آهن. قبائلي علائقي جي ڪن
مکيه قبيلن ۽ انهن جي مکيه شاخن جو مختصر تعارف هن
هيٺ ڏجي ٿو:
آفريدي:
هن قبيلي جو ٺيٺ پشتو ۾ نالو ”پريدي“ آهي. سڪندر
جي وقت جي مشهور يوناني مورخ ۽ جاگرافيدان
هيروڊوٽس کي ”ايپي ايٽي“ جي نالي سان ياد ڪيو آهي.
هڪ نهايت طاقتور قبيلو آهي، جو ڪوهه سفيد جي
هيٺانهين ۽ جنوبي حصي ۾ آباد آهي. ان علائقي ۾
باڙهه ۽ تيراهه واديون به شامل آهن، جي پشاور جي
اولهه ۾ آهن. درهء خيبر هن قبيلي جو وطن مالوف
آهي. ان علائقي جي ڊيگهه 80 ميل ۽ ويڪر اٽڪل 8 ميل
آهي. هي علائقو گهڻي ڀاڱي جبلن ۽ پهاڙين سان
والاريل آهي. فقط باڙهه ۽ جواهه جي ڀاڱن ۾ ساريون،
ڪڻڪ ۽ پٽاٽا ٿين ٿا. هيءَ قوم تمام طاقتور،
صحتمند، ۽نشانيبازيءَ لاءِ مشهور آهي.
انگريزن سان سڀ کان پهريائين سندن مقابلو 22
جولاءِ 1839ع ۾ ٿيو. سرڪلاڊويڊ جي سرڪردگيءَ ۾،
سکن ۽ ٻين سپاهين تي مشتمل هڪ فوجي دستو، هڪ افغان
شهزادي جي همر ڪاب، هن علائقي مان اچي لنگهيو.
آفريدين انهيءَ قافلي تي حملو ڪيو، جو خونريز
جنگين جو پيش خيمو ثابت ٿيو، جي 1849ع کان 1898ع
تائين جاري رهيون. آفريدين ڏاڍي مڙسي ڏيکاري،
ايتريقدر جو انگريز کين زير ڪري نه سگهيا. 1930ع ۾
به هن ملڪي سرگرمين ۾ حصو ورتو. جڏهن پشاور جي
شهرين تي قصه خواني بازار ۾ انگريزن جي گورا فوج
حملو ڪيو ۽ ڪيترن بيگناهن کي ماريو، تڏهن آفريدين
پسگردائيءَ جي انگريزي فوجي چوڪين تي حملا ڪري کين
سخت تنگ ڪيو. نه فقط ايترو، پر هنن پشاور شهر تي
به حملو ڪري، پورا ٽي ڏينهن مقابلو ڪيو.
آفريدي ڪيترن ئي مختلف قبيلن تي مشتمل آهن. هر هڪ
قبيلي جون وري ڪيتريون ئي ننڍيون شاخون آهن، جن کي
”خيل“
۽ ”زئي“ چوندا آهن. ڪن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو:
1.
زخاخيل. بهادريءَ ۽ نشانيبازيءَ ۾ مشهور آهي.
سلطان خيل، شام خيل،محب خيل، باڙي خيل، نصر الدين
خيل، خسرو زئي، پائندي ۽ دائوڊين شاخن تي مشتمل
آهي.
2.
ڪوڪي خيل. هن قبيلي جون هي شاخون آهن: شير خان
خيل، ڪٽي خيل، فريد خيل، ماشو خيل، عبدل خيل، نادر
خيل ۽ سڪندر خيل.
3.
ملڪ دين خيل. هي قبيلو گلاب خان خيل، عمر خيل ۽
ڪالا ڪرمانه ۾ ورهايل آهي، جي مجموعي طور تي ”دري
پلارا“ سڏائيندا آهن. تنهن کانپوءِ هر قبيلو مختلف
قبيلن ۾ ورهايل آهي:
(الف) گلاب خيل قبيلي ۾ دولت خيل، نٿو خيل، خيدا
خيل، موٽو خيل ۽ سفرت خيل شامل آهن.
(ب) عمر خيل قبيلي ۾ ڪٽي خيل، راوڙا خيل ۽ شاهي
خيل قبيلا ملن ٿا.
(ج) ڪالاڪرمانه مان دادي خيل، ميري خيل، الائي
خيل، بهرام خيل، گورمحمد خيل ۽ ڪالا خيل شاخون
نڪرن ٿيون.
4.
قمبر خيل . هي قبيلو اجمل خيل، خداداد خيل، پين
خيل ۽تور خيل تي مشتمل آهي.
5.
اڪا خيل. هن ۾ باسي خيل،مداخيل، گردا خيل، سنجل
خيل ۽ عيسيٰ زئي خيل شامل آهن.
6.
سيپا خيل . هن جون مکيه شاخون آهن: ابوبڪر خيل،
نور مز خيل ۽ لنڊي خيل.
7.
آدم خيل. هي قبيلو ڪوهاٽ ۽ پشاور جي وچ تي آباد
آهي. هن ۾ علي خيل، جواڪئي خيل، حسن خيل ۽ عشو خيل
قبيلا شامل آهن.
1951ع جي آدمشماريءَ موجب، خيبر ايجنسيءَ جي
آدمشماري 16،622 هئي.
مهند:
آزاد قبائلين جو ٻيو سڀ کان وڏو قبيلو ”مهند“ آهي،
جو سوات نديءَ ۽ ڪابل نديءَ جي وچ واري علائقي ۾
آباد آهي. هي علائقو به پهاڙي آهي. اچڻ وڃڻ جا
منجهس تمام ڏکيا رستا آهن. سندس پکيڙ 1200 چورس
ميل آهي. 1951ع جي آدمشماريءَ موجب، سندس آبادي
2،50،000 هئي. هي علائقو 1893ع جي ”ڊيورنڊ
عهدنامي“ موجب افغانستان کان جدا ٿيو. هن قبيلي ۾
انگريزن سان لڙائيون ڪيون. هنن جي خلاف جنگ جي
ابتدا سرڪالن ڪيمبل ڪئي. لڙائيون 1750ع کان 1852ع
تائين جاري رهيون. 1854ع ۾ وري ڪرنل ڪولن ساڻن
وڙهيو. اهي ويڙهون 1914ع تائين جاري رهيون. جن ۾
هي تمام گهڻو نقصان هيٺ آيا. 1914ع کان پوءِ حاجي
عبدالواحد، کين چڱيءَ طرح منظم ڪري، انگريزن سان
وڙهيو. هو پنهنجي وفات، يعني 1937ع تائين انگريزن
سان وڙهندو رهيو. 1930ع واري مهم ۾ به هن قبيلي
انگريزن کي ڪافي تنگ ڪيو.
هن قبيلي جون هي اٺ شاخون آهن: عالم زئي، ترڪ زئي،
بائي زئي، اتمان زئي، ديوي زئي، صافي زئي، شلماني
۽ خاگوئي زئي. ترڪ زئي انهيءَ قبيلي سان تعلق رکي
ٿو، جو افغانستان جي علائقي لال پوره ۾ آباد آهي.
وزيري:
آزاد قبائلين جو هي هڪ تمام وڏو قبيلو آهي، جو
واديءَ ميران زئي ۾ اولهه کان دره گومل تائين
ڦهليل آهي. هي علائقو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: اتر
وزيرستان ۽ ڏکڻ وزيرستان. اتر وزيرستان جي آبادي
1951ع جي آدمشماريءَ موجب، 28،235 آهي؛ ۽ڏکڻ
وزيرستان جي آبادي 1،25،784 آهي. هي علائقو به
پهاڙي آهي. سندس ڪن حصن ۾ گهاٽاٻيلا آهن. هتي جي
جبلن مان لوهه نڪري ٿو ۽ ٻيون معدني شيون به نڪري
سگهن ٿيون.
پٺاڻن جي تاريخ جا ماخذ:
افغان يا پٺاڻ قوم جون جيڪي قديم روايتون مٿي بيان
ڪيون ويون آهن، سي پٺاڻ مورخن جي هيٺين تصنيفن ۾
بيان ٿيل آهن: تذڪره الابرار و اسرار، از اخون
درويزه؛ توضيح المعاني، از حضرت محمد عمر چڪني؛
تاريخ مرصع از محمد افضل خان خٽڪ، تاريخ خورشيد
جهان، از شير محمد خان گنڊا پوري؛ حيات افغان، از
حيات محمد خان ٽوانه؛ وغيره.
هندستان جي تاريخ نويسن، جهڙوڪ برگز
(Briggs)
وغيره، غلطيءَ وچان مغلن کان اڳين حڪمرانن کي پٺاڻ
سڏيو آهي. حقيقت ۾ فقط لوڌي ۽ سوري افغان قبيلا
هئا، جن هندستان تي حڪومت ڪئي. احمد شاهه ابداليءَ
کان اڳ خود افغانستان ۾ به ڪنهن افغاني نسل جي
حڪمران جو وجود ڪونهي. انهيءَ ڪري پٺاڻن جي تاريخ،
مذڪور خاندانن جي سياسي تاريخ تي مشتمل آهي، جن
ٿوري وقت لاءِ افغانستان ۽ هندستان تي حڪومت ڪئي.
انهن مان هندستان جي سوري خاندان جي تاريخ حقيقت ۾
شيرشاهه جي تاريخ آهي. هن هيٺ انهن افغان حڪمرانن
جي تاريخ جا ماخذ ڏنا وڃن.
شير شاهه جي دور جون تاريخون:
شير شاهه جي حالات جي ماخذن جا ٻه قسم آهن: هڪ ته
اهي مورخ آهن، جي نسلاً افغان يا پٺاڻ هئا ۽ ٻيا
اهي، جي افغاني نسل سان تعلق نٿا رکن. انهن مان
پٺاڻ مورخن جي همدردي فطرتاً شير شاهه ۽ سندس
خاندان سان هئي، باقي ٻين مورخن مان ڪجهه اهڙا
هئا، جن جو سورين جي حريف مغلن سان تعلق هو، انهن
جو لهجو شير شاهه بابت خوشگوار نه آهي.
پٺاڻ مورخن جي تاريخن جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.
1. تاريخ شير شاهي: افغان مورخن جي تاريخن
مان ”تحفه اڪبر شاهي“ معروف به ”تاريخ شير شاهي“
(عباس سرواني)، ”مخزن افغاغبنـﮧ“ (نعمت الله) ۽
”تاريخ دائودي“ (عبدالله) معياري تاريخون آهن.
”تاريخ شيرشاهي“ جيتوڻيڪ اڪبر جي زماني ۾ ۽ ان جي
حڪم سان لکي ويئي، پر ان جو مصنف عباس سرواني هو،
جنهن جي شادي شير شاهه جي خاندان مان ٿيل هئي، شير
شاهه جي حڪومت جي زماني کان 40 سال پوءِ مذڪوره
ڪتاب لکيائين. ان وقت اهڙا ماڻهو موجود هئا، جي
شير شاهه سان گڏ لڙائين ۾ شريڪ رهيا هئا؛ تنهن
کانسواءِ ڪيتريون ئي خانداني روايتن گهرن ۾ موجود
هيون. انهن ئي ماخذن مان عباس سروانيءَ هيءَ تاريخ
مرتب ڪئي. شير شاهه بابت مستند معلومات جو هي
بهترين ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ايلٽ هن ڪتاب جا ٽڪرا
پنهنجيءَ تاريخ ۾ درج ڪيا آهن
2. مخزن افاغنه: نعمت الله جي معروف تصنيف
آهي. جهانگير جي زماني ۾ تيار ٿي. ”خان جهاني مخزن
افغاني“ جي نالي سان به هيءَ تاريخ مشهور آهي؛
ڇاڪاڻ جو هيءَ خان جهان لوڌيءَ جي هدايت سان لکي
ويئي. ان جو پويون باب ”خان جهان“ جي حالات تي
مشتمل آهي. ايلٽ هن جو مفصل ذڪر ڪيو آهي
”ڊورن“ هن جو انگريزي ترجمو ڪري، ”تاريخ افغان“ جي
نالي سان، 1839ع ۾ شايع ڪرايو. هن انگريزي ترجمي ۽
برٽش ميوزم جي اصلي نسخي ۾ جيڪو فرق آهي، ان جو
تذڪرو ”ريو“ لکيو آهي
مطلب ته افغانن جي تاريخ تي هيءَ هڪ مستقل تصنيف
آهي، جنهن ۾ سندن نسب، خاندان ۽ افغان حڪمران
خاندان جو سياسي احوال بيان ڪيو ويو آهي.
(3) تاريخ دائودي: هن تاريخ جو مصنف
عبدالله آهي. هيءَ به جهانگير جي زماني ۾ لکي
ويئي. هن ۾ سلطان بهلول لوڌيءَ، سڪندر، ابراهيم،
شيرشاهه، اسلام شاهه، محمد عادل ۽دائود شاهه جي
حڪومت ۽ زماني جا حالات قلمبند ٿيل آهن. ايلٽ هن
جا ڪجهه ٽڪرا نقل ڪيا آهن
۽ ريو به ”فهرست مخطوطات فارسي“ ۾ ان جو ذڪر ڪيو
آهي
4. افسانهء شاهان:
هن جو مصنف محسن ڪبير بن شيخ اسماعيل خربا (ڏوهٽو
شيخ خليل الله حقاني) آهي. مصنف جو بيان آهي ته
سندس ڏاڏو اڪبر جي زماني ۾ هڪ افغان روحاني پيشوا
هو ۽ راجگير (بهار) ۾ رهندو هو. سندس ڏاڏي پنجاب
۾ وفات ڪئي. مصنف جو بيان آهي ته هن اهو ڪتاب
پنهنجي نوجوان پٽ محمود جي موت جي غم غلط ڪرن لاءِ
لکڻ شروع ڪيو، جنهن سورهن ورهين جي عمر ۾ کيس
وڇوڙي جو داغ ڏنو. ريو جو بيان آهي ته مصنف هن
ڪتاب کي تاريخ جي طرز تي لکڻ جي بجاءِ، دلچسپ
انداز ۽ شگفته عبارت ۾، انشاء ۽ حڪايات جي رنگ ۾
لکيو آهي. هن ۾ هيٺين شخصيتن جا حالات قلمبند ٿيل
آهن: ڪالا لوڍي (بهلول لوڌيءَ جو پيءُ)، بهلول،
سڪندر، ابراهيم، شير شاهه، عادل، ابراهيم، سڪندر
(سور)، ڪالا پهاڙ، ۽ دائود لوڌي.
غير افغاني مورخن جي تصنيفن ۾ پٺاڻن جو ذڪر:
غير افغاني مورخن جي ڪتابن جا به ٻه قسم آهن. هڪ
اهي، جي مغل سلطانن – همايون، اڪبر، وغيره – تي
خاص طور لکيا ويا. انهن ۾ شير شاهه ۽بي سوري
سلطانن جو ذڪر به آيو آهي. ٻيون هندستان جون عام
تاريخون، جن ۾ ٻين گهراڻن سان گڏ افغان سلطانن جو
ذڪر به آيو آهي. اهڙي قسم جون هي تاريخون عام طرح
معروف ۽ مشهور آهن: تزڪِ بابري؛ همايون نامه، از
گلبدن بيگم؛ اڪبر نامه، از ابوالفضل؛ تاريخ رشيدي،
از مرزا محمد حيدر، تذڪره واقعات، از جوهار
آفتابچي؛ طبقات اڪبر شاهي، از نظام الدين احمد؛
منتخب التواريخ، از عبدالقادر بدايوني؛ آئين
اڪبري، از ابوالفضل، تاريخ فرشته، خلاصت التواريخ،
از سجان راءِ، فتح الباب، از خواني خان، زبده
التواريخ، از نورالحق مشرقي؛ تاريخ نور سينامه؛ لب
التواريخ، راءِ بند رابن؛ منتخب التواريخ، از جنگ
جيون داس؛ تحفـة الهندي، از لال رام؛ حقيقتهاي
هندستان، از لڇمي نارائڻ سفيقي؛ وغيره.
يورپي مورخن جون تصنيفون:
يورپي مورخن جي تصنفين ۾ به ڪي ڪتاب خاص افغان
سلطانن جي حالات تي آهن. ڪي هندستان جون عام
تاريخون آهن، جن مان هڪ پورچوگيزي مورخ جي تصنيف
پٺاڻن جي سلسلي ۾ خاص اهميت رکي ٿي، ڇاڪاڻ جو هو
شير شاهه، محمود شاهه ۽همايون جي لڙائين جو اکين
ڏٺو شاهد آهي. پروفيسر سرڪار ان جو تعارف ڪرايو
آهي ۽ ڪالي ڪرنجن قانون گو، مصنف ”شير شاهه“ جو
ماخذ آهي. اهڙيءَ طرح رچرڊ ٽيمپل جو ”شير شاهه، هڪ
نئين زاويي سان“
(a New view of Shershah)،
جو 1922ع ۾ شايع ٿيو، ۽ ايڇ. ڊبليو. جو ”افغانستان
جو جائزو علم الاقوام موجب“، جو 1891ع ۾ ڇپيو،
قابل ذڪر آهن. انهن کانسواءِ ايلفنسٽن، اراسڪن،
ٿامس، ايلٽ، وغيره جي تاريخن، ۽ انسائيڪلوپيڊيا آف
اسلام (سور) وغيره ۾ افغان سلطانن جو ذڪر آيو
آهي.
شير شاهه تي ٻيا ڪتاب:
شير شاهه تي انگريزيءَ ۾ به معياري ڪتاب شايع ٿيا
آهن. انهن مان ڪالي ڪرنجن قانون گو، پروفيسر، رام
جس ڪاليج، دهلي، جو ”شير شاهه“ بهترين معياري
تصنيف آهي. مصنف پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي ماخزن جي فهرست
به ڏني آهي. ٻيو معياري ڪتاب سر ذوالفقار علي خان
جو ”شير شاهه سوري“ آهي، جو 1925ع ۾ شايع ٿيو آهي.
هي هڪ مقالو آهي، جو مصنف 1914ع ۾ پنجاب هسٽاريڪل
سوسائٽيءَ ۾ پڙهيو هو.
اردوءَ ۾ انهيءَ قسم جا فقط ٻه ڪتاب قابل ذڪر ٿي
سگهن ٿا. هڪ محمد عبدالسلام خان، پينشنر سب جج، جو
”نسب افاغنه“ آهي، جو مصنف وڏيءَ محنت، تلاش ۽
تحقيق سان لکيو آهي. هن مصنف جي نظريي موجب به
افغان نسلاً اسرائيلي آهن. هن ۾ مصنف افعانن جي
هندستان ۾ اچڻ ۽ ”پٺاڻ“ سان موسوم ٿيڻ جوبه ذڪر
ڪيو آهي. هي ڪتاب 1914ع ۾ شايع ٿيو هو. ٻيو ڪتاب
آهي سيد احمد مرتضيٰ جو ”صولت شير شاهي“، جنهن ۾
شير شاهه جي زندگي بيان ڪئي ويئي آهي. هي ڪتاب
1934ع ۾ شايع ٿيو.
مختلف دورن ۾ مختلف پٺاڻ صوبيدار به رهيا، جن ڪڏهن
پنهنجون خود مختيار يا نيم مختيار حڪومتون قائم
ڪيون، جي سندن هڪ يا ٻن پيڙهين تائين هليون. انهن
جا حالات صوبائي تاريخن ۾ ملندا.
پشتو زبان
پشتو زبان جي اصل نسل بابت به جدا جدا رايا آهن.
ڪن جو خيال آهي ته هيءَ زبان سنسڪرت مان بگڙيل هڪ
پراڪرت آهي
ڪن جو رايو آهي ته پشتو فارسيءَ جي بگڙيل بناوت
آهي. ڪن جو وري خيال آهي ته پشتو زبان اوائل کان
هندوڪش ۽ سليمان جبلن جي وادين ۾ موجود هئي،
سنسڪرت، باختر (بلخ) ۽ خراسان جي زبان اوستا، ۽
ايران جي قديم فارسيءَ سان سندس واسطو رهيو آهي؛
انهن ٽنهي زبانن پشتو تي اثر ڇڏيو، جنهن مان
هاڻوڪي پشتو زبان جڙي. قديم فارسيءَ جي اثر ڏيکارڻ
لاءِ ڪجهه ملندڙ جلندڙ لفظ هيٺ ڏجن ٿا:
قديم فارسي |
پشتو |
قديم فارسي |
پشتو |
آبي (پاڻي) |
اومه |
هو (ايجابي ڪلمو) |
هو |
دروڪه (فريب) |
دروهه |
وسپه (ماديون) |
اسپه |
پوتره (فرزند) |
پوت |
پيسو (ابرص) |
پيس |
پمون (گرگن) |
پمن |
نامڪا (نالو) |
نوم |
مرگه (مرغ) |
موغه |
اخنه |
يخني |
2500 هزار سال اڳ، ايران جي هنمامنشي گهراڻي جي
حڪومت جي زماني ۾ ايران جي زبان قديم فارسي هئي.
ان جا آثار چند محدود ڪتبا آهن، جي پهاڙن تي لکيل
آهن
انهن ڪتبن مان قديم فارسيءَ جي فقط 400 لفظن جو
انساني علم ۾ اضافو ٿيو آهي. اهي ڪتبا ايران ۽ مصر
جي مختلف هنڌن تي ميخي خط ۾ قديم فارسي، آشوري ۽
عيلامي زبانن ۾ لکيل ملن ٿا، جي هنمامنشي خاندان
جي بادشاهه ”ڪوروش موسس“ (959-729 ق. م) لکرايا
انهن
ڪتبن مان هڪ ڪتبو هنمامنشي بادشاهه ”دارويوش“ جي
ڏينهن جوبه آهي، جنهن مان اسان ئي پشتو جو ڪجهه
پتو پوي ٿو. ڪتبو هڪ وقايع نامه آهي، جنهن ۾
داريوش، پنهنجيءَ سلطنت جي واقعن جو ذڪر ڪري، خدا
ي لايزال، سچ، عدالت ۽امن پسنديءَ جي ساراهه، ۽
ناپاڪيءَ، دغا بازيءَ ۽ فريب جي مذمت ڪري ٿو.
انهيءَ ڪتبي ۾ ڪجهه شعري مصرعا به آهن
بادشاهه داريوش جو زمانو 522-486 ق. م آهي. ڪتبو
قديم فارسيءَ ۾ آهي، پر ان سان گڏ بابلي ترجموبه
موجود آهي، جنهنڪري يورپي عالم اهو پڙهي سگهيا
آهن. ڪتبو بيستون (بغستان) ۾ پهاڙ جي چوٽيءَ تي
لکيل آهي. انهيءَ ڪتبي ۾ هيٺيون ٽي مصراعون به
آهن، جي پشتو زبان جون ڀانئجن ٿيون:
1-
ني اڙيڪ اهم. (نه مان ڪنهن جو مزاحم هوس.)
2-
ني دروجنه اهم. (نه مان دغاباز هوس.)
3-
ني زور ڪڙه اهم. )(نه مان ڪنهن کي آزار ڏيندو هوس)
مٿين لفظن جي هن هيٺ تشريح ڪجي ٿي:
1. ”ني“ مخفف آهي: نه
=
نه
+
ئي، فاعلي ۽ مفعولي ضمير غائب جي نشاني. هاڻي به
اهو لفظ ڪم اچي ٿو. هڪ پشتو تراني ۾ هن طرح ڪم آيو
آهي:
ني در ڪوم نه ئي پريز و مه دزڙه له داغه مي سور گل
گوره منيه
(منهنجي دل جو داغ ڳاڙهي گل جيان آهي. ڏس،
نه هي ڦول مان توکي ڏئي سگهان ٿو ۽نه ڇڏي سگهان
ٿو.)
لفظ ”اڙيڪه“ جو فارسيءَ ۾ ترجمو ”دشمن ڪم“ ٿيو آهي.
ڪن محققن جي راءِ ۾ اهو لفظ فارسي لفظ ”آريع“
معنيٰ دشمن آهي. پر هينئر فارسيءَ ۾ ”اريڪه“ جو
استعمال ڪونهي، فقط پشتو ۾ ”اڙيڪه“ اڄ تائين
مشتعمل آهي.
”اهم“ کي پشتو ۾ هينئر ”هم“ چون ٿا.
2. ٻيءَ مصرع
۾ ”دروجنه“ آهي. ان جي ڪن محققن ”درد غگر“ ۽درد
غزن“ معنيٰ ٺهرائي آهي
پشتو ۾ اهو لفظ اڄ تائين مروج آهي، جنهن جو اشتقاق
آهي: درد يا درود
=
مڪر، فريب
+
جنه يا جن، نسبت جي نشاني.
3. ٽينءَ مصرح ۾ ”زور ڪڙه“ آيو آهي، جنهن جو
اشتقاق آهي: زوره
+
ڪڙه. زند اوستا ۾ ”زوره“ ۽ سنسڪرت ۾”هوارس“
۽پهلويءَ ۾ ”زور“ جي معنيٰ آهي دوکو، فريب ۽ ڪوڙ.
بارتولومه“ جو قول آهي ته ”زور ڪڙه“ جي معنيٰ آهي
”خطا ڪار ۽ فريب وارو“. دلبسباخ لکي ٿو: ”ان ۾
زور، ستم ۽جبر جي معنيٰ مضمر آهي“
پشتو ۾ حور، حوردل، زحمت ۽ آزار جي معنيٰ ۾ مشتمل
آهن. پشتو ۾ ”ح“ ۽ ”ز“ مٽبا آهن؛ انهيءَ ڪري ٿي
سگهي ٿو ته ”زور“ مٽجي ”حور“ ٿيو هجي. عبدالقادر
بن خوشحال خان خٽڪ اهو لفظ هن طرح ڪم آندو آهي:
نه به ستاد شايست تل وي هستي دور،
نه به زڙه، دي د عاشق مـﮧ
ام په حور.
انهيءَ لفظ جو ٻيو جزو ”ڪڙه“ آهي، جيڪو قديم اوستا
۾”ڪر“ آهي. پشتو ”ڪڙ“ ”ڪڙر“ ”ڪڙونڪي“ ”ڪڙئي“ ۽
فارسي ”ڪردن“، ان مان ورتل ڀانئجن ٿا.
هي ڪتبو ثابت ٿو ڪري ته پشتون زبان قديم زماني ۾
موجود هئي. زند اوستا ۽ قديم فارسي جيئن ته سندس
پاڙيسري زبانون هيون، تنهنڪري انهن مٿس قديم زماني
کان اثر ڇڏيو آهي. مطلب ته پشتو جي حيثيت به ساڳي
سنڌي زبان واري آهي. جيئن هينئر سنڌيءَ لاءِ چيو
وڃي ٿو ته سنڌي زبان تمام قديم زماني کان موجود
هئي، ۽ آرين جي اچن کانپوءِ سنسڪرت مٿس تمام گهاٽو
۽ گهرو اثر ڇڏيو، تيئن پشتو لاءِ به به چئي سگهجي
ٿو. پر سنڌيءَ تي فارسيءَ جو ايڏو اثر نه رهيو
آهي، جيڏو پشتو تي.
پشتو تي سنڌيءَ جو اثر: پشتو سنڌيءَ جي پاڙيسري
زبان آهي، تنهنڪري سنڌيءَ به مٿس اثر ڇڏيو آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ، جنهن شاهه صاحب جو رسالو جرمنيءَ ۾
ڇپايو، تنهن سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به جوڙيو هو ۽
پشتو جو گرامر به لکيو هئائين. هو صاحب پستو گرامر
جي منڍ ۾ لکي ٿو:
”جيڪي نج پشتو لفظ سڏجن ٿا، تن مان گهڻا ڀروارين
پراڪرت ٻولين (خاص طرح سنڌيءَ، ٿوري پنجابيءَ) مان
ورتل آهن. انهيءَ کان سواءِ پشتو ٻوليءَ جي اسمن
جي ڦيرن ۽ فعلن جي گردانن جي ترتيب سنڌي نمونن سان
بلڪل ويجهو مشابهت رکي ٿي. ٻيو ته پشتو ۾ جيڪي
متعدي معروف ۽بالواسطه فعل ماضي زمانن ۾ ڪم اچن
ٿا، تن جو سموري بناوت سنڍي نموني آهي. هي ته مکيه
ڳالهيون آهن، جي سنڌي جو پشتو ٻوليءَ تي گهڻو ۽
گهاٽو اثر ثابت ڪن ٿيون.“
سنڌيءَ جو پشتو تي اثر ثابت ڪرڻ لاءِ،ل ڪجهه
هڪجهڙا لفظ به هيٺ ڏجن ٿا
|