اسان ٻنهي جو ناتو اڃا به وڍيڪ ويجهو آهي، وڍيڪ
گهرو. مان جيڪر ائين چوان ته سشما منهنجيءَ اتما
جو انگ آهي، اوهين ٺٺولي ڪري چوندا، ”اها ها، ڪهڙو
نه سهڻو جواب! نيٺ به ته شاعر آهين!“
جي ها، مان شاعر آهيان، شعر رچيندو آهيان، ڳائيندو
آهيان، ۽ستار وڄائيندو آهيان. تڏهن ته سشما جو مون
سان ۽ منهنجو سشما سان ايڏو سنيهه آهي. تڏهن ته ان
ڏينهن اسٽيج تي کيس ڇڙٻ ڏيئي چيو هوم، ”چري ڇوري!
بنهه ڪا ڊڄڻي آهين! ايتري ۾ ساهه سُڪي ويئه!“
کن ترسي، هن به کلي وراڻيو هو، ”الا! مون کي
اوڏيءَ مهل الائي ڇا ٿيو! توکي ڪيئن چهٽي پئيس!
تون ته ڏڪي ويو هوندين؟“
”مون کي تنهنجن افعالن جي خبر اهي. ياد اٿئي،
ٻالپڻ ۾ تلاءَ واريءَ ٻير تي چڙهي ويئي هئينءَ، ۽
مٿي پهچي جڏهن رڙيون ڪيون هيئه، تڏهن مون ئي ته
اچي توکي هيٺ لاٿو هو.“
”اڙي، تڏهن ته تو مون کي ڪلهي تي چاڙهي خوب گهمايو
هو نه؟،
”تڏهن تو رنو به ته خوب هو نه؟“
سندس روئڻ واريءَ ڳالهه تي اسان ٻنهي دل کولي ٽهڪ
ڏنا هئا. ايڏا ٽهڪ، جو اندوءَ مون کي چيو هو،
”دادا، آهستي کلو، ڪٿي پنهنجا ڦڦڙ ڦاڙي وجهو!“
ڪل ڪانهي، ڪهڙيءَ ندوريءَ گهڙيءَ ۾ اندوءَ اها
ڳالهه چئي هئي جو ان کان پوءِ جلد ئي مان بيمار ٿي
پيس. ڪيترن ڊاڪٽرن جو علاج ڪيم، ڪيتريون اسپتالون
گهميس، پر سڀ بيڪار. آخر ”ايڪس ري“ مشين ئي ظاهر
ڪيو ته منهنجي ساڄي ڦڦڙ ۾ داغ ٿي پيو هو! ان وقت
مان سراپجي ويو هوس. گهر پهچي، ٽٽل ڏار جيان، ڦان
ٿي پلنگ تي ڪري پيو هوس. رات جو کليءَ ڇت تي آرام
ڪرسيءَ ۾ ليٽندي جڏهن چوڏهينءَ جي چنڊ تي نظر پيئي
هيم، تڏهن ٻارن وانگر سڏڪا ڀري رنو به هئيم. ۽
روئي روئي جڏهن من هلڪو ٿيو هو، تڏهن پاڻ جيان مون
کي چنڊ جي سيني ۾ به ڪارو داغ نظر آيو هو. ان وقت
مون کي پاڻ تي نه، پر چنڊ تي بيحد ديا آئي هئي،
۽منهنجو ستل ڪوي سجاڳ ٿي گنگنائڻ لڳو هو:
”چنڊ! لهي تون مون وٽ آءٌ،
آءٌ ڀرينديس تنهنجي دل جو ڪارو، گهرو گهرو گهاءُ!“
پاڻ جيان بيمار ۽ اپاهج چنڊ تي مون ڪوتا پئي رچي،
ته سشما پٺيان ئي پٺيان اچي منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون
وڍيون. مان ڇرڪ ڀري اٿي کڙو ٿيس. هوءَ بلڪل ڏڪي
ويئي. کن بعد مون کي ته ڏڪائي ڇڏيئه. ڏس، منهنجي
ڇاتي ڪيئن ڌڙڪي رهي آهي!“ هن منهنجو هٿ وٺي، زور
سان پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو. مان آپلڪ نيڻن سان
آڪاس ڏانهن تڪيندو رهيس. هوءَ ويتر هراسجي ويئي.
ٻنهي هٿن ۾ منهنجو منهن جهلي چيائين، ”مون کي ته
ڏاڍو ڀو ٿو ٿئي. ائين بت بڻجي آڪاس ۾ ڇو گهوري
رهيو آهين؟“
مون ڪو جواب نه ڏنو.
ٻنهي هٿن سان زور ڏيئي، اجهل سنيهه وچان. هوءَ
منهنجو ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪلهي تي رکي رهي هئي،
جو مون کيس زوردار ٿڦڙ وهائي ڪڍي. هن جو وات کليل
جو کليل رهجي ويو. اکر به نه اڪليس، سـُن، بلڪل
سـُن! پر مون روئي ڏنو. آنسن جو ڄڻ بند ٽٽي پيو.
ڳوڙها ڳيهندي چيم، ”هيٺ وڃ، سشما! ڀاڀي توکي سڀ
ٻڌائيندي. ڊاڪٽر چيو آهي ته ....“ وڍيڪ اکر سڪي
ويا. گلو خشڪ ٿي ويو. سشما روئندي هيٺ لهي ويئي ته
منهنجي مَنَ تان ڄڻ ڪو بوجو لهي ويو.
اوهين اعتبار نه ڪندا- اوهان کي اعتبار ڪرڻ به نه
گهرجي- پر اها حقيقت آهي ته ڪجهه دير بعد سامهون
ڪمري ۾ سشما ٽيبل تي ڪنڍ رکي روئي رهي هئي، ۽ مان،
گويا سڀڪجهه وڃائڻ بعد، لاپرواهه انسان جيان پلنگ
تي ليٽي ڳائي رهيو هوس:
”چنڊَ، لهي تون مون وٽ آءُ....“
”پنچگنيءَ“ جي سينيٽوريم ۾ مان سشما کان سوين ميل
دور هوس. ان ڪي هوءَ ڪڏهن به اتي اچي نه سگهي، پر
سندس خط ايندا رهيا. خط، جي ڏينهون پوءِ لنبا
ٿيندا ويا- خط، جن جا ڪارا اکر، موههَ جي مضبوط
ڏور بڻجي، مون کي اهو قابو ڪري بيٺا جو قهري ڪال
هزارن ڪوشش ڪندي به مون کي زندگيءَ کا ڇني ڌار ڪري
نه سگهيو..... ۽ آخر مان نوبنو ٿي واپس وريس.
سشما مون کي چنبڙي ٻارن جيان روئڻ لڳي. سنيهه
۽سنديهه سبب، سندس هٿ منهنجي ڇاتي ۽ پٺي ٽٽولڻ
لڳا.
مون کلي چيو، ”سشما، سڀڪجهه سلامت آهي!“
”پر....“
”اعتبار نه ٿو اچيئي؟ چڱو، ڏس!“ ٻانهن ۾ جهلي، مون
کيس مٿي کنيو. سندس موهيندڙ مکڙي تي هزارين بهارون
ڇانئجي وييون.
مون چيو، ”سشما، مان هلي چلي سگهان ٿو، ڊوڙي سگهان
ٿو، ڳائي سگهان ٿو، ۽ ستار به وڄائي سگهان ٿو!“
”چڱو چڱو،وري حد کان وڌيڪ هڻ پٽ نه ڪج.“
”تون تڏهن ڪهڙي مرض جي دوا آهين؟ حد ٽپندو ڏسين ته
روڪي بيهارج.“
”سچ؟“
”بلڪل سچ!“
ان رات کان ئي سشما چوڪسي شروع ڪري ڇڏي. نئين
جڳهه، نئون بسترو، گذريل ڏکين ڏينهن جي ڇايا! مون
کي ننڊ ئي نه پئي آئي. پلنگ تي سنئين ڪنڊي ويٺو
هوس، ته سامهون ڪمري مان راڳ جو مڌر آواز ڪَنِ
پيو:
”سوجا ري، چندا! سوجا،
چندنيا عرض ڪري!“
مون ڪنڌ ورائي پڇيو، ”اهالولي ڪيستائين هلندي؟“
جواب مليو، ”جيستائين چنڊ سمهي نه پوندو.“
”ته پوءِ چنڊ هر رات اوجاڳو ڪندو!“
”۽ چاندني به هر رات عرض ڪندي!“
ڪَل ڪانهي، تن ڏينهين چنڊ ڪيتريون راتيون اوجاڳو
ڪيو، ۽چاندنيءَ سمهڻ لاءِ ڪيترا دفعا عرض ڪيو.
تڏهن ته مان وشواس سان چوان هٿو ته سشما منهنجيءَ
آتما جو انگ آهي!- پر موهن....؟
خبر ناهي، موهن ائين ڇو سوچيو؟
ڪجهه مهينن پڄاڻا وري هو مون کي واٽ ويندي گڏجي
ويو. ڇاڙتن جي ڇانگ ساڻ هيس. کيس ڏسندي ئي منهنجي
دل سسي ويئي. هن نهايت ڦڙتيءَ سان وري اچي هٿ
ملايو.
”مبارڪون هجنئي، يار!“
”ڇا جون مبارڪون؟“
”واه، ڄڻ توکي خبر ئي ڪانهي! اڙي، تنهنجي سشما ته
ڪئلاش سان منڱي آهي! ڀاڳن واري آهي، هاڻي ته
آمريڪا جا سئر ڪندي!“
مان گويا پٿر بڻجي ويس.
”ويچارو!“ ٽوليءَ مان ڪنهن چيو.
وري اها ئي معنيٰ ڀري مرڪ، اهي ئي ٺٺوليءَ ڀريا
ٽهڪ!
سشما ڪئلاش سان منڱي آهي، اهو ڄاڻي مون کي بيحد
خوش ٿيڻ گهربو هو، پر اٽلو منهنجي من تي ڄڻ ڪو بار
اچي پيو. اهو ڇا؟ مون سان ڪنهن به ڳالهه نه ڪئي!
مان ڇا ڌاريو هوس؟ سشما به ته هفتي کان شڪل ئي نه
ڏيکاري هئي! سسما جي ماءُ کي ڏوراپو ڏنم ته سَرل
ڀاوَ سان وراڻيائين، ”ماڻهو ڏسين ٿو ڪهڙا آهن.
ٻڍي، جلي ويندا. مون کي ته ڀـﺂ آهي ته ڪوڙ بدوڙ
ٺاهي، مائٽي ڦٽائي نه ڇڏين.“
سچ ته آهي! ڪئلاش ڊاڪٽر جو پٽ آهي؛ آمريڪا ۾ پڙهي
ٿو. ۽ ويچاريءَ سشما جو ته پيءُ ڪڏهوڪو گذر ڪري
ويو. هن وٽ صرف روپ آهي ۽ڪلا! ان وقت مون به دل ئي
دل ۾ چيو، ”سشما، ڀاڳن واري آهين!“
پر سشما کي الائي ڇا ٿيو، منڱڻي بعد مون نه کيس
کلندو ڏٺو، نه ڳائيندو. هڪ ڏينهن همت رکي
پڇيومانس، ”سشما، مون تي ڪاوڙ اٿئي ڇا؟“
”نه.... پاڻ تي.“
بس، ان ڏينهن کان پوءِ هن وري مون سان نه ڳالهايو.
ڪجهه ڏينهن پڄاڻا خبر پيم ته هنڪاليج وڃڻ ڇڏي ڏنو
آهي؛ گهر کان ٻاهر نڪرڻ به بند ڪري ڇڏيو آهي.
سشما کانسواءِ ڪاليج ٻسو ٿي ويو. ڪاليج جي باغ جا
گل ڄڻ پنهنجي رنگيني ۽ خوشبوءِ وڃائي ويٺا. سنگيت
محفلون بيرس بڻجي پييون، ۽ ناٽڪ ۽ اسٽيج رونق
لٽائي ويٺا. سشما به حد ڪئي! اهو ڀلا ڪهڙي قسم جو
وهنوار آهي؟ ائين ڀلا ڪيستائين هلبو؟
هڪ ڏينهن، زور بار ڪري، سشما جي ماءُ کي مڃايم ته
سشما ڪاليج ۾ ناچ ڪري. سشما نڪا ”ها“ ڪئي، نڪا
”نه“ ڪئي. ڪَٺ پـُتليءَ جيان، مون سان گڏ هلي.
رستي ۾ مون ساڻس ڳالهايو. هوءَ بلڪل خاموش رهي.
ڪاليج جي هال ۾ هڪوار وري ساز وڳا، تاڙيون وڳيون،
بتيون چمڪيون، اکيون چمڪيون، پر سشما گويا وسامڻ
لڳي. ناچ ختم ٿيڻ تي مون کي ٻنهي ٻانهن کان جهلي،
سهڪندي چيائين، ”چندرو! مون کي الائي ڇا ٿو ٿئي!“
مان کيس سائيڪل تي ويهاري هڪدم گهر ڏانهن موٽيس.
رستي تي گهگهه اوندهه ۾ هن اوڪارو ڏنو؛ الٽي ڪئي.
جئن تئن ڪري، مون کيس گهر آڻي بستري تي ليٽايو.
هفتي کن پڄاڻا ماڻس مون کي سڏايو. چهري تي ڄڻ هئڊ
هاريل هيس. چيائين، ”ٻڌين ٿو، ڊاڪٽر ڇا ٿا چون؟“
”ڇا ٿا چون؟“
”سشما جي ڦڦڙن ۾...“ هن روئي ڏنو. منهنجي پيرن
هيٺان ڄڻ زمين کسڪڻ لڳي. پاڻ سنڀالي چيم، ”آمي، دل
نه لاهه. بهتر ٿيندو ته سشما کي ڪنهن سئنيٽوريم ۾
داخل ڪرائجي.“
”هُش! آجائي بڪواس نه ڪر.“ هن منهنجي وات تي هٿ
رکي چيو، ”ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ته پوءِ اسين نه
دين جا رهنداسين نه دنيا جا! مائٽي به ٽٽي
پوندي...“
”ته پوءِ تنهنجا ڇا ويچار آهي؟“
”لڪائي ڇپائي گهر ۾ علاج ڪرائبو. ڊاڪٽر چوي ٿو ته
ٻه – ٽي مهينا انجيڪشن لڳائڻ سان سڀ ٺيڪ ٿي
ويندو.“
مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي. چيم، ”آمي، تون ته هٿ وٺي
سشما جي جان سان کيڏڻ ٿي چاهين!“
هوءَ چپ رهي.
مون چيو، ”دير وجهي ڪيس خراب به ڪر، امي!“
”پر سماج؟“
”سماج جو خيال ڪندينءَ يا سشما جو؟“
هن ڪو جواب نه ڏنو.
مون چيو، ”مان اڄ ئي کيس تپاس لاءِ مدار سئنيٽوريم
۾ وٺي ٿو وڃان. وڏو ڊاڪٽر منهنجو واقف آهي.“
”نه نه، ائين نه ٿيندو جي ڪئلاش کي خبر پئجي ويئي
ته.....“ هن اهڙِي التجا ڀريءَ نظر سان مون ڏانهن
نهاريو جو مان ننهن کان چوٽيءَ تائين پگهرجي ويس.
منهنجو هٿ جهلي، منٿائون ٿي، چيائين، ”چندروءَ،
سشما جي سر جو سوڳنڌ اٿئي.... ڏس، ڪنهن سان به اها
ڳالهه نه ڪج... پنهنجي ڀاڀيءَ سان به نه“
مان ائين واپس وريس، ڄڻ ننڊ جي نشي ۾ هلي رهيو
هوس.
ڏينهون پوءِ سشما جي حالت خراب ٿيندي ويئي. مان
اندر ئي اندر لڇندو رهيس، گهٽبو رهيس- ”هيئن ڄاڻي
بجهي سشما کي موت جي منهن ۾ ڇو ٿو اڇليو وڃي؟“ نيٺ
پاڻ روڪي نه سگهيس. سمجهائڻ جا سو جتن ڪيم.
”اَمي، گهر ۾ سشما جو پورو علاج نه ٿي سگهندو.“
”تون اجائي ووءِ- ووءِ نه ڪر. مون ڪئلاش خواهه
سندس پيءُ کي لکيو آهي، اميد ته مهيني- ٻن ۾ شادي
ٿي ويندي.“
”شادي؟“
”ها! ڪنهن کي خبر به نه پوندي.“
”تون شايد چري ٿي پيئي آهين، اَمي! سشما سان گڏ
ڪئلاش جي حياتي به برباد نه ڪر.“
”ٻيو ڪو چارو ڪونهي.... سماج-“
”وري اهو ئي سماج؟ لعنت آهي اهڙي سماج تي!“ مون
بگڙجي چيو، ”اَمي، ذرا مون ڏانهن ڏس. مان به ته
بيمار پيو هوس، ڇا، مون لاءِ سماج ڪو نه هو؟“
”تون ڇوڪرو آهين.“
”اجائي ڳالهه نه ڪر. جي مان سماج جو خيال ڪريان
ها، ته ڇا اڄ تنهنجي سامهون حاضر هجان ها؟“
”تو ۾ ايڏو ساهس هو.“
”تون به پاڻ ۾ ساهس پيدا ڪري سگهين ٿي.“
ڄڻ بيحد بيزار ٿي چيائين، ”چندرو، اجايو سِرُ نه
کپاءِ!“
”پر، امي، تون هٿ وٺي سشما کي ماري رهي آهين!“
رڙ ڪري چيائين، ”تو مان ئي ته وچڙي هوندي!“
”مون مان؟“
مون کي اندر ئي اندر ڄڻ ڪنهن چيري وڌو! اکڙيل سَلي
جيان، ساڻو ٿي اچي گهر ڪريس. وري سشما جي گهر وڃڻ
جي همت نه ٿيم. ها، ڀاڀيءَ ٻڌايم ته سشما جي مائٽي
ٽٽي پيئي: ڇوڪري کي خبر پئجي ويئي ته ڇوڪري بيمار
ٿي پيئي آهي. ٻـُڌي، دل ڦاڪون ٿي پئيم، تڏهن به
سشما جي گهر نه ويس. آخر ماڻس ئي مون کي سڏايو.
چيائين، ”چندرؤ، سڀ چوپٽ ٿي ويو آهي. ڊاڪٽرن به
جواب ڏنو آهي!“
دل ۾ چيم، ”امي، توئي سشما کي گهٽي ٻوساڻي ڇڏيو“،
پر ٻاهران ڪڇيم ڪين، ان وقت ئي ٽانگو ڪري، سشما کي
مدار سئنيٽوريم ڏي وٺي ويس. ”ايڪس ري“ نڪتو. خون ۽
کانگهاري جي تپاس ٿي. رپورٽ جي انتظار ۾ سج لڙي
ويو. جيئن تيئن ڪري، وڏي ڊاڪٽر سان مليس. شوڪارو
ڀري چيائين، ”ڳالهه هٿن کان نڪري ويئي آهي!“ مون
ڀر واري در جو سهارو ورتو. جيئن تيئن ڪري پڇيم،
”ڪا اميد؟“ تيز ٿي چيائين، ”ايتري دير؟ هيءَ خون
آهي، ڏٺو وائٺو خون!“
منهنجو دماغ چڪرائجي ويو.
ٻاهر نڪتس پئي ته موهن منهن سامهون ملي ويم، ڪل
ڪانهي، اتي ڪيئن آيو هو. ساڳيءَ چسگتيءَ سان هٿ
ملائي چيائين ته ”ڀاڳن وارو آهين، يار! ٻڌو اٿم،
هن کي جواب مليو آهي. هاڻي وارو ڪر!“ سشما جي
رپورٽ سندس هٿ ۾ ڏيئي، مان نڪري آيس.
اولهه ۾ سج ٻڏي رهيو هو. اوڀر ۾ گول چنڊ چٽو ٿيندو
ٿي ويو. وايو منڊل ۾ هلڪو ڌنڌ، ۽ هوا۾ سياٽ هو.
ٽانگي جو پوئينءَ سيٽ تي ليٽندي ئي سشما پڇيو،
”چندرؤ، ڊاڪٽر ڇا چيو؟“
”چوندو ڇا؟“ جهڙيءَ طرح مان ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو آهيان،
تهڙيءَ طرح تون به جلد نوبني ٿي ويندينءَ.“
”ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تنهنجو ڏڪندڙ آواز شاهد آهي.“
مون زور سان چپ کي چڪ پائي، ڳوڙهن کي روڪڻ جي ڪوشش
ڪئي.
”سشما!“
”........“
”سامهون چندرما ڏانهن نهار، سشما!“
”هڪڙو ’چندر‘ ته منهنجي ڀر ۾ آهي.“
مون پنهنجي ساهه به روڪي ڇڏيو.
سرد، چانڊوڪي رات. پهاڙي، ور وڪڙ رستو. سناٽي کي
چيريندڙ، گهوڙي جي کرن جي ٽاپ – ٽاپ.
”سشما!“
”.......“
”سشما، هوءَ لولي ته ڳاءِ- سو جا ري چندا!“
”ڪجهه مِٺو ئي نه ٿو لڳي.“
”ڀلا، مان هو گيت ڳايان؟- چنڊَ، لهي تون مون وٽ
آءٌ!“
”مون کي شايد...ننڊ ٿي اچي.“
”منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي ليٽي پئه.“
”توکي منهنجي بيماريءَ جو ڀؤ ڪو نه ٿو ٿئي؟“
”اجايون واهيات ڳالهيون نه ڪر! اڙي، ياد اٿئي،
گرين روم ۾ اسين ڪيئن رٺا هئاسين؟ اتفاق سان
ريڊليڊ جو پيالو منهنجن ڪپڙن تي ڪيئن هارجي پيو
هو!“
سشما، ڇرڪ ڀري، زوردار اوڪارو ڏنو. بدبودار خون
سان منهنجا ڪپڙا رنڱجي ويا. يڪايڪ ٽانگو بيهجي
ويو. وايو مندل ۾ گهرو سناٽو ڇانئجي ويو. مون
چوطرف نهاريو: پهاڙ هئا، چنڊ هو، چاندني هئي، هلڪو
ڌنڌ هو، - پر لائي ڏٺم ته سشما ڪا نه هئي!
طارق اشرف
قتل
اوچتو دروازوکليو.
”شادان“ ڪنڌ ورائي در ڏانهن ڏٺو. ڏسندي ئي کانئس
رڙ نڪري ويئي. ”هي ڇا؟“ سندس کليل وات کليل ئي
رهجي ويو. جسم ڏڪڻ لڳس، ۽ نظرون در ۾ بيٺل ڍيڻس،
”گلان“ ۾ کپي وئيس. گلان جا ڪپڙا ڦاٽا پيا هئا.
ڦاٽل ڪپڙن مان سندس جوان جسم جهاتيون پائي رهيو
هو. سندس اڇيون اڇيون ڇاتيون ڦاٽل ڪپرن مان نظر
آيون پئي. وار منهن تي پکڙيل هئس. هوءَ ائين در
سان لڳي خاموشيءَ سان بيٺي هئي، ڄڻ ته پنڊپهڻ تي
ويئي آهي. شادان ڌڪندي اٿي ۽ وڃي گلان جي سامهون
بيٺي. ڏڪندڙ زبان سان پڇيائين:
”توکي ڇا ٿيو آهي، گلان؟ هي ڪپڙا! تنهنجي اهڙي
حالت ڪيئن ٿي؟“
پر گلان ائين چپ هئي، ڄڻ ڪجهه ٻڌائين ڪونه. شادان
گهڻو ئي پڇيو، وٺي ڍنڍوڙيائينس، پر سڀ بيڪار. هن
کي ته اصل ماٺ لڳي ويئي هئي. شادان جيئن تيئن ڪري
گلان کي کٽ تي ليٽايو. زبردستيءَ وات کولي پاڻي
وڌائين، جيڪو ٻاهران ئي ٻاهران وهي ويو. منهن
ڌئاري، وار ٺيڪ ڪري، وري پڇيائين: ”توکي ڇا ٿيو،
گلان؟ اما، ڪجهه ته ٻڌاءِ، تنهنجو اهڙو حال ڪيئن
ٿيو؟“
پر گلان ڪجهه به نه ڪڇي، شادان رَئي سان گلان جون
اگهاڙيون ڇاتيون ڍڪيون، ۽وري پڇيائين:
”گلان، تون ڪيڏانهن ويئي هئينءَ؟... تون ڪٿان پيئي
اچين؟“
پر گلان وري به خاموش رهي. هاڻ شادان کي ڪاوڙ اچي
ويئي. هوءَ گلان کي زور زور سان ڌونڌاڙڻ لڳي:
”ٻڌاءِ، تون ڪٿان پيئي اچين؟ تون ڪيڏانهن ويئي
هئينءَ.“
هن گلان کي ايترو ته ڌونڌاڙيو جو ماندي ٿي پيئي.
تڏهن گلان آهستي آهستي چپ چوريا:
”مان.... مان سيٺ وٽان اچان پيئي.“
”سيٺ وٽان! پر ڇو؟ تنهنجو اتي ڪهڙو ڪم هو؟“ شادان
گلان جي وارن مان جهلي کيس اٿري ويهاريو.
”مان.... مان پاڻ ڪا نه ويئي هيس؛... هو... هو مون
کي زبردستيءَ وٺي ويو هو.“ ”پوءِ.... پوءِ تنهنجا
ڪپڙا ڪيئن ڦاٽا؟“
”ڪپڙا.... ڪپڙا... او، اما!“ گلان اوڇنگارون ڏيڻ
لڳي: ”سيٺ منهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا. نه فقط ڪپڙا...
پر .... پر....“ گلان جو آواز سندس ئي سڏڪن ۾ گم
ٿي ويو.
هاڻ شادان کي چپ لڳي ويئي. هن جي جسم جو سڄو رت
اچي اکين ۾ ڪٺو ٿيو. هن کي ائين لڳو، ڄڻ هن جو
سارو جسم باهه ۾ سڙي رهيو هو.
”سيٺ!“ هن چَپ کي ايڏي زور سان ڏندن سان پَٽيو جو
ان مان رت وهڻ لڳو. سيٺ منهنجي ڌيءَ جي عزت ورتي
آهي،“ هن دل ۾ سوچيو، ”سيٺ منهنجي ڍيءَ جي حياتي
برباد ڪئي آهي، هاڻ مان ۽ منهنجي ڌيءَ ڪنهن کي
منهن ڏيکارڻ جي قابل نه رهيوسين!“ هن جو سڄو جسم
ڪاوڙ منجهه سيٽجي ويو، رت جهڙيون اکيون ٻاهر نڪري
آيون. مٺيون ڀيڙجي ويون: ”سيٺ! سيٺ پهرين منهنجي
عزت ورتي، ۽ هاڻ منهنجي ڌيءَ.... هاڻ مان هن کي
جيئرو نه ڇڏينديس! جنهن اسان جي زندگي برباد ڪئي،
انهيءَ کي به زندهه رهڻ جو ڪو حق ڪونهي!“
هن گلان کي ڏٺو، جا گوڏن ۾ مٿو ڏيو روئي رهي هئي.
شادان آهستگيءَ سان وڃي ڪاٺ واري پيتي پٽي. ڪپڙا
هٽائي، تري مان هڪ وڏو چاقو ڪڍيائين. چاقوِ کي
کولي ڏٺائين. چاقوءَ تي ڪٽ چڙهي ويو هو. چاقوءَ کي
ڏسندي ئي ياد آيس ته اهو چاقو سندس مڙس جو هو،
جنهن سان هن پنهنجي دشمن کي قتل ڪيو هو. پر اهو
چاقو سندس مڙس گم ڪري ڇڏيو هو؛ پوليس کي ڳولا تي
به هٿ ڪو نه آيو. هن انهيءَ ڪري اهو چاقو گم ڪيو،
ڇو ته اهو سندن وڏن کان هلندو ٿي آيو. شادان کليل
دروازي مان ٻاهر نڪري ويئي. ٻاهر باغ ۾ لڳل نل جي
سيمنٽ واريءَ هوديءَ تي هوءَ چاقوءَ کي تکو ڪرڻ
لڳي. گهڙيءَ گهڙيءَ هوءَ چاقوءَ جي ڪناريءَ تي آڱر
ڦيري ڏسندي رهي ته تکو ٿيو يا نه. ۽ جڏهن چاقوءَ ۾
چنڊ ڏسڻ ۾ اچڻ لڳو، تڏهن هن چاقوءَ کي بند ڪري ور
۾ وڌو، ۽ سيٺ جي ڪمري ڏانهن آهستي آهستي وڌڻ لڳي.
هر طرف مڪمل خاموشي هئي. سڀني ڪمرن جون بتيون
وسامي چڪيون هيون. سڀ آرام منجهه هئا. ورانڊي ۾ ٽن
ڪمرن وٽان لنگهي، هوءَ چوٿين سيٺ جي ڪمري جي
سامهون اچي بيٺي. هن ڪنڍ ورائي ورانڊي ۾ٻنهي طرف
ڏٺو، پر اتي چنڊ جي چانڊاڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به
نه هو. هن آهستگيءَ سان در کي ڌڪو ڏنو. بنا ڪنهن
اواز جي در کلي پيو. درين مان چنڊ جي اڇي روشني
اندر ڇڻيو پئي آئي. هلڪيءَ روشنيءَ ۾، شادان ڏٺو
ته سيٺ پنهنجي آرامده پلنگ تي آرامي هو. شادان جو
ساهه تکو تکو هلڻ لڳو. هٿ ڏڪڻ لڳس. وڌڻ جي ڪوشش
ڪيائين، پر پير ڄمي ويا هئس. خيال آِيس ته موٽي
وڃي؛ پر وري پاڻ تي ئي ڦِٽ لعنت ڪرڻ لڳي. سندس قدم
اڳيان وڌڻ لڳا. پلنگ وٽ پهچي، سيٺ ڏانهن ڏٺائين.
چنڊ جي روشني سيٺ جي پلنگ کان ڪجهه پري هئي؛ پر هن
محسوس ڪيو ته سيٺ ستل آهي. شادان جي پوري طاقت،
ويڙهجي سيڙهجي، سندس هٿن ۾ اچي ويئي. هن هٿ مٿي
کنيو، ۽ بجليءَ جي تيزيءَ جيان چاقوءَ جو پورو ڦر
سيٺ جي سيني ۾ لاهي وڌائين. جوش وڌي ويس، ۽ جسم
مان الا نڪرڻ لڳس. پورو زور ڏيئي چاقو ٻاهر
ڪڍيائين، ۽ وري ٻيو ڌڪ هنيائين. پوءِ لڳاتار انڌ ۾
ڌڪ هڻندي ويئي. سيٺ کي شايد پهريون ڌڪ ئي اهڙو لڳو
هو جو هو اڦٽ مري ويو؛ وات مان آواز به نه نڪري
سگهيس. شادان کي ڪو هوش نه رهيو هو ته هوءَ ڇا ڪري
رهي هئي. اوچتو ڪمري جي بتي ٻري-
”خون!... خون!“ سيٺ جي وڏي پـٽ رڙي ڪئي.
ويرم ۾ ئي سڄي گهر جا ڀاتي ۽ نوڪر مڙي ويا. شادان
جي ساڄي هٿ ۾ چاقو هو، جيڪو رت سان رنڱيو پيو
هو.هن جون اکيون ڦاٽي پيون هيون، اوڏيءَ مهل ئي
پوليس کي فون ڪري گهرايو ويو. ڪجهه دير ۾ پوليس
اچي ويئي. شادان تي خون ڪرڻ جي پوري شاهدي هئي.
جنهن وقت کيس پوليس پڪڙيو، تنهن وقت به هوءَ لاش
وٽ موجود هئي. سندس هٿ ۾ رت سان رنڱيل چاقو به
موجود هو.
ٻن ٽن ڏينهن م پوليس شادان جي خلاف مقدمو تيار ڪري
ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. شادان غريب هئي، پاڻ لاءِ
وڪيل مقرر نه ڪري سگهي، انهيءَ ڪري سرڪار پاران هڪ
وڪيل سندس وڪالت ڪرڻ لڳو. ڪيس هلڻ تي سرڪاري ڌر جي
وڪيل پنهنجيءَ افتتاحي تقرير ۾ هر طرح سان ثابت
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شادان اهو قتل ڪيو، ۽ ارادو
ڪري هوءَ قتل ڪرڻ ويئي: ۽ ارادو ڪري قتل ڪرڻ جي
سزا موت آهي، انهيءَ ڪري ملزمه کي موت جي سزا ملڻ
گهرجي. ڪيس هلندي، گلان کي به شاهديءَ لاءِ سڏايو
ويو. شادان جي وڪيل کي به اهو ئي هڪ آسرو هو ته
شايد گلان ئي ڪيس جي رخ مٽائڻ ۾ مدد ڪري؛ اگر
ڦاسيءَ کان نه بچائي سگهي، ته گهٽ ۾ گهٽ سزا گهٽ
ڪرائڻ ۾ مدد ڏيئي وجهي، ڇو جو شادان ڪجهه به ٻڍائڻ
لاءِ تيار نه هئي. وڪيل کيس گهڻو ئي چيو ته ”اما،
اوهين ڪجهه ته ٻڌايو! اوهين مون کي صحيح حقيقت
ٻڌايو، مان ڪوشش ڪندس ته اوهان کي بچائي سگهان، يا
گهٽ ۾ گهٽ سزا کي گهٽ ڪرائي سگهان،“ پر شادان جو
لڳو ٻڌو جواب اهو ئي هو ته ”بيشڪ مون خون ڪيو آهي،
مون کي سزا ملڻ گهرجي!“
”پر اوهان خون ڪيو ڇو؟“ وڪيل پڇيس.
”مون.... مون.....“ هن جا ڏند ڀيڙجي ويا، مٺيون
بند ٿي ويون، رت اکين مان ٽمڻ لڳس، ۽ جسم ڪاوڙ ۾
ڏڪڻ لڳس، پر هن ڪجهه به ڪين ٻڌايو.
ٻئي ڏينهن، ڪورٽ ۾ گلان کي پيش ڪيو ويو. پهرين
سرڪاري وڪيل ۽ پوءِ شادان جي وڪيل کانئس گهڻائي
سوال پڇيا، پر گلان کي ماٺ لڳي چڪي هئي، هن ڪنهن
به سوال جو جواب نه ڏنو، ڄن ٻڌايئن ڪو نه، سرڪاري
ڊاڪٽر کيس چڱيءَ طرح تپاسيو ۽ پوءَ ٻڌايائين ته
”هن جي دماغ کي ڪو تمام وڏو صدمو رسيو آهي،
تنهنڪري سندس هوش حواس وڃائجي ويا آهن: هن جي
حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي؛ ٿي سگهي ٿو ته اهو اثر
جلد لهي وڃي، يا گهڻو وقت وٺي ۽ اهو ڊپ به آهي ته
هيءَ ماڳهين چري ٿي پوي.“
شادان جي وڪيل جو منهن لهي ويو؛ ڇو جو شادان ڪجهه
ٻڌايو نه ٿي، ۽ گلان ۾ آخري اميد هئي، سو هن کي به
ماٺ لڳي چڪي هئي، هن ڪيس کي هڪرو ڏينهن ملتوي ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، جيڪا منظور ٿي.
وڪيل گلان وٽ ويو، ۽ هن کان گهڻو ئي پڇڻ جي ڪوشش
ڪيائين، ۽ پر هوءَ خاموش رهي. وڪيل هن کي
ڌونڌاڙيندي چيو: ”ٻڌم، جي تون خاموش رهينءَ، تو
ڪجهه نه ٻڌايو، ته تنهنجيءَ ماءُ کي ڦاسي اچي
ويندي! تنهنجو دنيا ۾ ٻيو ڪير به ڪونهي: جي
تنهنجيءَ ماءُ کي ڦاسي اچي ويئي، ته تنهنجو سهارو
ڪهڙو رهندو؟ ٻڌاءِ، تنهجيِءَ ماءُ ڇو قتل ڪيو؟“
جڏهين وڪيل تمام گهڻيون رڙيون ڪيون، ۽ ور ور ڪري
کيس ٻڌايائين ته تنهنجيءَ ماءُ کي ڦاسي ايندي،
تڏهين مڙئي گلان جا ڪن کڙا ٿيا. اکيون وڪيل ۾ کپي
ويس. وڪيل کي اوندهه ۾ ڪجهه سوجهرو نظر آيو. هن
وري چيو: ”جلد ٻڌاءِ، نه ته تنهنجيءَ ماءُ کي ڦاسي
ايندي!“
”ڦاسي ايندي! اما کي ڦاسي ايندي!“ گلان آهستي چيو.
”ها، اگر تو نه ٻڌايو ته ڦاسي ايندي.“
”اما ڇو قتل ڪيو؟ سيٺ... سيٺ...“ اوچتو گلان ٽهڪ
ڏيڻ لڳي: ”اما کي ڦاسي ايندي! ڀل ڦاسي اچي!... مون
کي به ڦاسي ڏيو!“ هوءَ زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳي.
وڪيل جو رهيو سهيو آسرو به ختم ٿي ويو. گلان چري
ٿي چڪي هئي.
ٻئي ڏينهن ڪورٽ ماڻهن سان ڀرجي ويئي هئي. شهر جي
سڀ کان وڏي سيٺ ”ڪريم“ جي قتل جو فيصلو ٿيڻ وارو
هو.
سرڪاري وڪيل پوريءَ طرح ڏوهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
رهيو هو. جيوريءَ تي اثر وجهڻ لاءِ هو انهن ڏانهن
منهن ڪري چوڻ لڳو: ”جيڪي ثبوت مون پيش ڪيا، انهن
مان پوريءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي ته ملزمه خون ڪرڻ
جي ارادي سان ويئي، ۽ خون ڪيائين. مون جيڪي شاهد
پيش ڪيا، انهن جي شاهديءَ مان به ظاهر آهي ته
ملزمه ئي خون ڪيو. مقتول جي وڏي پٽ هن کي اکين سان
قتل ڪندي ڏٺو. گهر جي سڀني ڀاتين هن کي جاءِ
واردات تي، جنهن چاقوءَ سان هن قتل ڪيو هو، ڏٺو.
جنهن وقت پوليس آئي، انهيءَ وقت به ملزمه جي هٿ ۾
اهو چاقو موجود هو، ۽ سندس هٿ رت سان ڀريل هئا.
پوليس انسپيڪٽر ڪيس هلڻ تي هن چاقوءَ کي به پيش
ڪيو، جيڪو مان معزز عدالت کي ڏيکاري چڪو آهيان. سڀ
کان وڌيڪ اهو ته ملزمه پاڻ ڏوهه قبول ڪري چڪي آهي.
مضبوط شاهدين ۽ صحيح ثبوت ملي وڃن ڪري، مان معزز
عدالت کي درخواست ڪندس ته ملزمه کي ڦاسي ضرور ملڻ
گهرجي.“
شادان جي وڪيل هڪ دفعي وري ڪوشش ڪئي: ”ماءِ لارڊ!
منهنجي موڪله ڪجهه ٻڌائڻ نه ٿي چاهي: انهيءَ مان
ثابت آهي ته انهيءَ قتل جي پٺيان ڪو راز لڪل آهي.
اگر هيءُ اهو راز ٻڌائي ڇڏي، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪيس
جي حالت بدلجي وڃي.“
”ملزمه کي گهرجي ته پورو احوال ٻڌائي ته هن ڇو
قتل ڪيو.“ جج تمام نرمائيءَ سان چيو.
”مان پهرين به چئي چڪي آهيان، ۽ هاڻ وري ٿي چوان
ته اهو قتل مون ڪيو آهي. پر ڇو؟ انهيءَ جو سبب مان
ٻڌائڻ نه ٿي چاهيان. مون کي موت جي سزا منظور
آهي.“
شادان جي وڪيل ڪاوڙ منجهان کيس ڏسندي چيو: ”آخر
تون ڇو نه ٿي ٻڌائين ته تو ڇو قتل ڪيو؟ ٿي سگهي ٿو
ته تون بچي وڃين؟ يا تنهنجي سزا گهٽ ٿي پوي. ڇا،
توکي پنهنجي ڌيءَ جو به ڪو خيال ڪونهي؟ تو سيٺ کي
ڇو قتل ڪيو؟ ڇا، سيٺ سان تنهنجو جهڳڙو ٿي پيو هو؟
ڇا، هن جي نيت....“
”ماءِ لارڊ! مون کي وڪيل صاحب جي هن سوال تي
اعتراض آهي.“ سرڪاري وڪيل اٿندي چيو.
”سرڪاري وڪيل جو اعتراض درست آهي.“ جج رولنگ ڏني.
شادان جي وڪيل مايوسيءَ منجهان چيو: ”ماءِ لارڊ!
مون کي يقين آهي ته هن قتل جي پٺيان ڪو گهرو راز
آهي. جي منهنجي موڪله اهو راز ٻڌائي ڇڏي ته شايد
ڪيس جي حالت بدلجي وڃي. پر هوءَ ائين ڪرڻ نه ٿي
چاهي. شايد هوءَ ڪنهن ڳالهه جي ڪري مجبور آهي.
سندس ڌيءَ شايد انهيءَ راز کان واقف هجي، پر
افسوس، هن جو دماغي توازن صدمي ڪري درست نه رهيو
آهي. منهنجي موڪله ڇاڪاڻ ته هڪ عورت آهي، ۽ هن جي
گذريل زندگيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ هڪ تمام
سٺي ڪردار جي مالڪ رهي آهي، ۽ اهو ڏوهه هن ڪنهن
مجبوريءَ تحت ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ڪري مان معزز
عدالت کان هن جي لاءِ رحم جي اپيل ٿو ڪريان. مون
کي وڌيڪ ڪجهه به نه چوڻو آهي.“
سرڪاري وڪيل اٿندي چيو: ”مون کي وڪيل صاحب جي راءِ
سان اتفاق ڪونهي. مان معزز عدالت کي عرض ڪندس ته
ملزمه کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جا موت ئي ٿي
سگهي ٿي؛ ڇو جو ملزمه دنيا جو سڀ کان وڏو ۽ قابلِ
نفرت ڏوهه، يعني خون ڪيو آهي، ۽ اهو خون به هڪ
ارادي جي تحت ڪيو ويو آهي. ملزمه باقاعده هڪ
چاقوءَ کي ڪافي وقت تکو ڪيو، ۽ پوءِ ارادو ڪري قتل
ڪرڻ ويئي. اهو قتل به انتهائي بيدرديءَ ۽ سفاڪيءَ
سان ڪيو ويو. ملزمه مقتول تي چاقوءَ جا تيرهن ڌڪ
هنيا هئا. مقتول جي جسم کي چچري ڇڏيو هئائين.
ملزمه اِها هڪ تمام ڪِريل ۽ نفرت جوڳي حرڪت ڪئي
آهي. معزز عدالت کي خبر هئڻ گهرجي ته ملزمه جي مڙس
به خون ڪيو هو، ۽ کيس ڏهه سال اڳ ڦاسي اچي چڪي
آهي. مان معزز عدالت کي هڪ دفعي وري گذارش ڪندس ته
ملزمه سان ڪو به رحم جهڙو ورتاءُ نه ڪيو وڃي، ڇو
جو هوءَ انهيءَ جي حقدار نه آهي. بس، انهيءَ کان
وڌيڪ مون کي ٻيو ڪجهه به نه چوڻو آهي.“
”آءٌ جيوريءَ جي معزز ميمبرن کي گذارش ٿو ڪريان ته
هو پنهنجي ڪمري ۾ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪن، ۽ پنهنجي
فيصلي کان عدالت کي واقف ڪن.“ جج عينڪ لاهيندي
چيو.
جيوريءَ جا ميمبر اٿي پنهنجي ڪمري ۾ ويا، ۽ اڌ
ڪلاڪ پاڻ ۾ بحث مباحثو ڪري، پنهنجوفيصلو جج جي
سامهون اچي رکيائون. جج، سندن فيصلو ڏسي، اوڏيءَ
مهل فتويٰ ڏني:
”عدالت ۽ جيوريءَ جي راءِ ۾ ملزمه خوني آهي، هن جي
خوني هجڻ جون تمام گهڻيون ثابتيون موجود آهن، ۽
ملزمه پاڻ خون ڪرڻ جو اقرار ڪري چڪي آهي. اهو خون
تمام بيدرديءَ ۽ سفاڪيءَ سان ڪيو ويو آهي. عدالت
کيس خون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏئي ٿي.“
فتوا جي هفتي کان پوءِ، شادان لاءِ ڦاسيءَ جو
ڏينهن مقرر ڪيو ويو. کانئس سندس آخري خواهش
پڇيائون، ته فقط گلان سان ملڻ لاءِ چيائين. گلان
کي ملاقات لاءِ جيل وٺي آيا، پر هوءَ بلڪل چري ٿي
چڪي هئي. ماءُ کي ڏسندي ئي، ٽهڪ ڏيڻ لڳي:
”چاڙهيوس.... چاڙهيوس ڦاسيءَ تي! هن قتل ڪيو آهي،
هيءَ خونڻ آهي!“
شادان جي اکين مان ڳوڙها ڳڙڻ لڳا. جنهن ڌيءَ لاءِ
هن خون ڪيو، اهائي مٿس کلي رهي هئي! پر وري
سوچيائين، ”هوءَ ته چري آهي- چرين تي ڪهڙي ميار!“
هفتي کانپوءِ شادان کي ڦاسي ملي ويئي، ۽ گلان کي
چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.
گلان پاڳلخاني ۾ ٻين چرين وانگر هُل نه مچايو. بس،
هر وقت ماٺ ۾ هوندي هئي. هوءَ تمام سهڻي هوندي
هئي. پاڳلخاني جي ننڍي ڊاڪٽر، حسين رضا، کي گلان
جي من مهڻي شڪل ڏاڍي وڻندي هئي. جڏهين به هو کيس
انجيڪشن هڻڻ يا تپاسڻ ايندو هو ته اکيون گلان ۾
کپي وينديون هيس. هو پوريءَ ڪوشش سان گلان جو علان
ڪرڻ لڳو. سندس تمام گهڻيون ڪوششون آخرڪار ڪجهه
مهينن کان پوءِ ڪارگر ٿيڻ لڳيون، ۽ گلان جو دماغ
آهستي آهستي ٺيڪ ٿيڻ لڳو.
شادان کي ڦاسي آئي اٺ مهينا گذري چڪا هئا. ماڻهو
کيس ۽ سيٺ ڪريم کي وساري چڪا هئا. هڪ ڏينهن، صبح
سوير، اخبار وڪڻڻ وارن خوب گوڙ مچايو. اخبارن ۾
وڏيون وڏيون سرخيون شايع ٿيون هيون:
”سيٺ ڪريم جو اصلي قاتل گرفتار!“
۽ هيٺا خبر هئي:
”...... سيٺ ڪريم جي خون ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شادان نالي
هڪ عورت کي اٺ مهينا اڳ ڦاسي اچي چڪي آهي. دراصل
اها قاتل نه هئي! شادان جي وڃڻ کان اڳي ئي سيٺ
ڪريم مري چڪو هو: سيٺ کي قتل شادان نه، پر سندس
ڌيءَ گلان ڪيو هو، جنهن جي عصمت سيٺ ورتي هئي!
گلان سيٺ جي ئي چاقوءَ سان کيس قتل ڪيو، ۽ شادان
اوندهه ۾ مئل سيٺ کي چاقوءَ جا ڌڪ هنيا هئا. گلان
ڪجهه مهينا چري ٿي پيئي هئي، ۽ پوءِ ٺيڪ ٿي ويئي.
اهو راز، کيس پنهنجي ناجائز ٻار کي ماري ڦٽي ڪرڻ
جي ڏوهه جي تحقيقات ڪندي، پوليس کي هٿ آيو.“ |