سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :20

باب پنجون

جين والجين شهر ڇڏي ٻاهر نڪتو. بيخيالو، ٻنين ٻارن مان هلندو رهيو. سارو صبح هو ائين ڀٽڪيو. کاڌو به ڪين هئائين، پر تڏهين به بک ڪا نه لڳيس. هن جي من ۾ نئين نموني جون لهرون لڳڻ شروع ٿيون. اندر ۾ عجيب جوش پيدا ٿيس. سخت دل به ڀڄڻ لڳيس. هيلتائين پاڻ کي آزاريل، ستايل ۽ مصيبتن جو ماريل سمجهيو ويٺو هو، انهيءَ ڪري اندر ۾ ڪروڌ ۽ ڌڪار، وير ۽ وروڌ سانڍيو هئائين؛ پر هاڻ پادريءَ جي مهربانيءَ سندس من جي مانڊاڻي کي ڍوڏو ڏنو. اندر ۾ بي آرامي ٿيس، ڏاڍيون خيالن جون ڇوليون لڳيس، جن منجهائي حيران ڪيس. چيائين ته انهيءَ کان جيڪر مان قيد هجان ها ته چڱو.

اهي خيال ڪندي، آخر هو ٿڪجي وڻ هيٺ ويهي آرام ڪرڻ لڳو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن هڪ آواز ٻڌو. ڏٺائين ته هڪڙو ننڍو فقير ڇوڪر، اٽڪل ڏهين ورهين ڄمار جو، پريان نچندو ٽپندو، ڳائيندو ۽ سيٽيون وڄائيندو پيو اچي. ڇوڪر پنهنجيءَموج ۾ پئي آيو، سو جين والجين تي اک ئي ڪو نه پئيس. وڻ وٽ پهچندي ئي، کيسي مان پيسا ڪڍي، مٿي اڇلائي، هٿ جي پٺيءَ تي جهٽڻ لڳو. قضا سان هڪڙو رپيو ڪري پيس، جو جين وٽ وڃي پيو. جين مٿانئس پير رکي ڍڪي ڇڏيو. ڇوڪر اهو ڏسي ورتو، ۽ ڏانهنس وڌي آيو ۽ روپيو موٽائي گهريائينس. جين نالو پڇيس. چيائين ته نالو اٿم ”جرويس“. جين چيس ته ”هتان هليو وڃ!“ ڇوڪر اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. رپئي لاءِ گهڻو ئي ستايائينس، پر جين اهڙو ٻڌي جهڙي ڀت. آخر ڇوڪر اچي ڇڙيو. جين جي ٽنگ کي زوريءَ ڌوڏي، رپيو گهرڻ لڳو. جين ٽپو ڏيئي دڙڪو ڪڍيس ته ”اڙي، تون اڃا بيٺو آهين! وڃين ٿو يا نه؟“

ڇوڪر ڊپ ۾ اٿي ڀڳو، ۽ وري پٺيان به ڪين نهاريائين. ٿوريءَ ويرم ۾ هو غائب ٿي ويو.

مٿان رات اچي پيئي، ۽ ٿڌ به شروع ٿي. جين پٽ تان اٿيو. اٿڻ وير هن پيرن وٽ روپيو ڏٺو. اهو ڏسڻ سان هن جو سڄو بدن ڏڪڻ لڳو، ڄڻ ته ڪو بجليءَ جو ڍوڏو آيو هوس. چيائين ته ”هي ڇا آهي؟ هي روپيو ڪنهن جو؟ هت ڪيئن آيو؟، پوءِ يادگيري پئيس ته هن فقير ڇوڪر جو آهي! هيڏي هوڏي نهاريائين، پر ڇوڪر ڪو نه ڏٺائين. تنهن تي چرين وانگر رڙيون ڪندو ويو ته ”اي ننڍا ڪِڪا، ننڍا جرويس، تون ڪٿي آهين؟ اچي پنهنجو روپيو موٽائي وٺ.“ جواب ڪٿان ڪو نه مليس. ڏاڍو پريشان ٿيو. ساري واٽ پانڌيئڙن ۽ واٽهڙن کان پڇندو  ويو ته اوهان ڪو جرويس نالي ننڍو فقيراڻو ڇوڪر ڏٺو. ڪٿان پتو ڪو نه لڳس. پر تڏهين به هو، رڙيون ڪندو، ”جرويس! جرويس!“ پڪاريندو ويو. آخر نااميد ٿي، غم ۾ زمين تي ڪري پيو. هٿن سان پنهنجا وار ڇنڻ لڳو. منهن گوڏن ۾ لڪائي چوڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه مان شيطان چئبس جو هڪ ٻارڙي کي ويهي ڦريو اٿم!“ ائين چئي، هو زار زار روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو. اکين مان آب جهل ئي نه ڏئيس. ائين ڪرڻ سان هن جي دل ڀِني. اوڻيهن ورهين ۾ اهو پهريون ئي ڀيرو هو جو جين ڳوڙها ڳاڙيا.

پادريءَ جي گهران نڪرڻ سان جين جي اند ر۾ هڪ مهاڀاري لڙائي لڳي. هڪ پاسي هئي سندس بدي ۽ ٻئي پاسي هئي پادريءَ جي نيڪي. پاڻ ته انسانذات کان وير وٺڻ لاءِ سنڀريو هيو، پر پادريءَ جا اکر دل تي چڀي ويا هئس: هن چيو هوس ته ”پيسا سجائي ڪم ۾ لڳائج! مون تنهنجو روح توکان خريد ڪري ورتو آهي: هاڻ انهيءَ کي پاپ ۽ گناهه کان ڇڪي، ڌڻيءَ سڳوري جي حوالي ٿو ڪريان!“ پادريءَ جي اکرن هن جي اندر ۾ هڪ آواز جاڳايو، جو ماڻهو حياتيءَ ۾ ڪڏهين ڪڏهين ٻڌندو آهي. انهيءَ اندر جي آواز پئي چيس ته ”هيءُ ويلو تنهنجيءَ قسمت جي ڪسوٽيءَ جو آهي. هاڻ تولاءِ ڪا وچين واٽ نه آهي: جي تون ساڌن ۾ ساڌ ٿيندين ته واه، نه ته تون اوس چورن ۾ چور ٿيندين – مطلب ته يا ديوتا يا راڪاس ٿيندين.، هن سمجهيو ته پادريءَ منهنجي ٻانهن جهلي آهي ۽پٿر تي پارس ذرو لڳو آهي، پر انهيءَ هوندي به جو هن هڪڙي ننڍي ٻار کي ڦريو، سو ڪيئن؟ انهيءَ جو پاڻ به سبب ڪين ڏيئي سگهيو. شايد اهو ڏوهه جين والجين پاڻ ڄاڻي ٻجهي نه ڪيو. هو پادريءَ جي خيالن ۾ غلطان هو. منجهس جيڪو حيوان هو، تنهن روپيو ڏسي، عادت سبب، کڻي مٿس پير رکيو، جڏهن غوطي مان هوش ۾ آيو، تڏهن روپيو ڏسي پريشان ٿيو؛ رڙ نڪري وئيس ته ”هان! هي مون ڇا ڪيو؟“

جين جي جيءَ اندر ٻن انسانن جو مقابلو هو: هڪڙو خود پاڻ ۽ ٻيو هو پهتل پادري- هڪڙو ڌڪار ۽ وير ۾ ڪارو، ٻيو رحم ۾ سهڻو سوڀارو، ائين ويچاريندي، هن جي من تان غبار لهڻ لڳو. جيئن سج جي ترورن ڪري ڪارا ڪڪر گم ٿين، تيئن پادريءَ جي روحاني روشنيءَ ڪري هن جي اندر جي اوندهه ميٽجي ويئي، ۽ ان جي عيوض هڪ عجيب جوت جاڳڻ لڳي.

جين ڳچ وقت زالن ۽ٻارن وانگر رنو. اوڏيءَ مهل ساري حياتي چٽيءَ طرح اکين اڏي اچي بيٺس: پهريون ڏوهه، اوڻيهه ورهيه سيکت، دل جي سختي، ڇوٽڪارو، ڌڪار، وير ۽ وروڌ جا خيال وري هي پڇاڙيءَ وارو گناهه – اهي سڀ هن جاچي ڏٺا، سارو وقت اکين مان آب روان هوس. اهي جاچيندي، هن شخص زار زار رنو. ساڳيءَ رات هڪ واٽهڙوءَ جين کي پادريءَ جي در اڳيان گوڏن ڀر ويٺل ڏٺو. هن هٿ ٻڌي ڌڻيءَ سڳوري کان پئي بخشايو ته ”اي خاوند، منهنجا ڏوهه معاف ڪر! آئيندي لاءِ تون ئي منهنجو اجهو ۽آسرو آهين. هٿ وٺي، مون کي پاپ جي واٽ کان بچائي، سچ جي راهه بتاءِ.

باب ڇهون

فرانس ۾ پئرس شهر مشهور آهي. هيءُ شهر عيش عشرت جو گهر آهي. حسين نظارن سان پڻ ڀرپور آهي. انهيءَ شهر ۾ مال انيڪ کيل ٿي ڪري. هڪ پاسي دنيا ۽ دولت، ٻئي پاسي غريبي. ڪي رڳو راڳ تي يا صورت پسڻ تي لک پيا لٽين، ته ڪي وري پيٽ ۽ انگ لاءِ محتاج ٿيو دردر پيا ڀٽڪن. خير، انهيءَ شهر ۾ هڪ ننڍي نيٽي ڇوڪري هئي. عمر اٽڪل ارڙهن ورهيه هيس. نالو هوس ”فنٽائين.“ هوءَ ڇورڙي هئي؛ نه هوس پيءُ نه ماءُ، نه ڪو ٻيو ئي مائٽ. هوءَ حق حلال جو پورهيو ڪري پيٽ گذران ڪندي هئي. هئي سا غريب، پر سائينءَ جي مٿس مهر هئي، جو سونهن ڏنائينس سڦري: سري ۾ سون ۽ مک ۾ موتي، وار مثل سون جي تار، ۽ ڏند مثل دانا انار؛ لب لعل، ۽رخسار مثل گل گلاب: اها ئي سندس ڌراوت هئي؛ گهڻا سِيل سَتيا جا هئس.

خير، جيئن گلاب جي گل تي ڀونئر اَڪن ڇَڪن آهي، تيئن هن جي سونهن تي به گهڻيئي موهت ٿيا، جن مان هڪڙو ”ٿالومس“ نالي نوجوان هو. هو وڏ گهراڻو ڇوڪر هو. شڪل ۾ ٺاهوڪو هو، ۽ فضيلت وارو هو. هن جو فنٽائين سان چڱو سنٻنڌ ٿيو. فنٽائين اڃا ٻار هئي. هن کي زماني جي ٻوجهه خير ڪا هئي. سندس پريت سچي هئي، سو ڀانيائين ته ٿالومس جو پيار به سچو هوندو. هن اٻوجهه ته پنهنجي دل، تن ۽ من ارپڻ ڪري ڇڏيو، پر افسوس جو هن نوجوان لاءِ اها فقط هڪ راند هئي. هو شاهوڪار هو، جوانيءَ جي ڦوهه ۾، مٿس ڪا جوابداري ڪا نه هئي، ۽ نه ڪنهنجي نظر هئي. پئرس ۾فنٽائين ڄڻ ته سندس واندائيءَ جي وندر هئي – اها فنٽائين، جنهن کيس پنهنجي هنئين جو هار ڪري ٿي پوڄيو. بس، ٿورا ڏينهن هو پاڻ وندرائي، پئرس ڇڏي، موٽي وڃي مائٽن وٽ سکي ٿيو. چيائين ته ”اباڻيءَ ملڪيت تان ڪير اَهو کڻي! نڍڻڪيءَ ڇوڪريءَ سان سڱ اٽڪائي، ڪير پنهنجو ننگ ناموس ٻوڙي!“ پاڻ ته وڃي سکي ٿيو، پر هيڏانهن هن وسوڙيءَ جي دل ڀڃي کيس عمر لاءِ رلائي ويو.

فنٽائين، ٿالومس کي پنهنجو مڙس ڪري ٿي ڀانيو. کيس هن مان هڪ ڍيءَ به ڄائي. ٿالومس کي وئي ٽي ورهيه گذري ويا. نيٺ هوءَ ٻار چـُوڻ ۾ کڻي، پئرس شهر ڇڏي، پيرين پنڍ نڪري پيئي. هوءَ نرٻل هئي، ۽ ايترو بدن ۾ ست ڪو نه هوس جو پنڌ به ڪري ۽ ٻار به کڻي. ڇاتي ضعيف هيس، ۽ سهڪيءَ پئي ستايس. واٽ تي ويهندي ويهندي، ٿڪ  ڀڃندي، آخر هوءَ  ”مانٽفرمين“ ڳوٺ ۾ اچي پهتي. گهٽين مان لنگهندي ڪنهن جاءِ تي بيٺي، جا هوٽل ٿي ڀانئي. ڏٺائين ته ٻه گل جهڙا ٻار پيا پينگهه لڏن، ۽سندن ماءُ کين راڳ ٻڌائي ويٺي وندرائي. فنٽائين به ماءُ هئي، مائيءَ کي کيڪاري چوڻ لڳي ته ”ڀيڻ، ٻار ته ٻئي ٽول جهڙا اٿيئي!“ مائيءَ وراڻي ڏني ته ”ادي، سائينءَ جا گل آهن.“ ائين، هي ٻئي ڄڻيون ڳالهٿيون ڪرڻ ويٺيون. مائيءَ چيو ته ”هيءَ جاءِ اسان جي آهي، اسين مسافرن کي کارائيندا ۽ ٽڪائيندا آهيون، اهڙيءَ ريت قوت گذران ڪندا اهيون.“ فنٽائين وري پنهنجي آکاڻي ڊول سان ڪري ٻڌائي ته ”مان هڪ غريب پورهيت آهيان. پتي چالاڻو ڪري ويو اٿم. پئرس ۾ روزگار ڪو نه مليم، هاڻي موٽي پنهنجي ڳوٺ ٿي وڃان.“ اتي ڍيڻس جاڳي. ٻين ٻارن کي ڏسي خوش ٿي، ۽ انهن سان راند ڪرڻ لڳي. مائيءَ چيو ته ”ڏس ته ٻار ڪيتري ۾ نه ٺهي ٿا وڃن، ڄڻ ته ٽيئي ڪي ڀينرون آهن!“ اهوٻڍي، فنٽائين همٿ ڀري،مائيءَ جو هٿ وٺي چيائين ته ”ڀيڻ، تون منهنجو ٻار پالينديءَ؟“ مائيءَ عجب ڏيکاريو. فنٽائين چيو ته”مائي، ٻار ساڻ هوندم ته ڪِرت ملڻ اهنجي ٿينديم. تنهنجا ٻار ڏٺم ۽ چيم ته هنن کي چڱي ماءُ نصيب ٿي آهي، جي منهنجي ”ڪاسيٽي“ به انهن سان رهي ته چڱو. مان جلد ئي موٽي اينديس، ۽ پنهنجو ٻار وٺي وينديس.“ مائيءَ چيو ته ”مان انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪنديس.“ فنٽائين چيو ته ”مان مهيني سر مهيني ڇهه روپيا ڏينديس.“

اتي اندران هڪ مرد جو آواز آيو ته ”ستن روپين کان گهٽ اصل نه، ۽ ڇهن مهينن جا پيسا اڳواٽ!“ مائيءَ چيو ته ”هي منهنجو گهر وارو آهي. انهيءَ ليکي ٻائيتاليهه روپيا ٿيا، سي ڏينم ته پوءِ تنهنجو ٻار وٺان.“ فنٽائين اها ڳالهه قبول ڪئي. مرد وري اندران پڪاريو ته ”پندرهن رپيا ٻيا به، مَٿَ خرچ لاءِ وٺينس. ٻار کي ڪپڙا آهن ڪين نه؟“ فنٽائين ٿيلهي کولي، منجهانئس عمدا ريشمي ٻاراڻا وڳا ڪڍي هنن جي حوالي ڪيا. چيائين ته ”مٺي ماءُ اها ڪهڙي، جا ٻار اگهاڙو ڇڏي وڃي!“ اهو بندوبست ڪري، فنٽائين، رات اتي ٽڪي، صبح جو سوير ڍيءَ چمي، ان کي ننڊ ۾ ڇڏي، دل جهلي، موڪلائي نڪتي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ پاڙيسريءَ جي زال هوٽل واريءَ مائيءَ وٽ آئي، ۽ اچي چيائينس ته ”مون هڪڙي ننڍي نيٽي رستي تان اڪيلي ويندي ڏٺي. هن ائين پئي رنو، ڄڻ هنانءُ ٿي ڦاٽس.“

باب ستون

”ٿينارڊيئر“ ۽جوڻس جو ته ڀاڳ وريو. فنٽائين ڄڻ ته کين هڪ ڀلي گانءِ ملي هئي، جنهن کي ڀانيائون ته پيا ڏهنداسون. هو ٺوڳي ۽ لوڀي هئا، ۽ قرض ۾ پڻ ڳيٿل هئا. فنٽائين وارا پيسا هنن هڪدم خرچي ڇڏيا. کين وري پيسي جي گهرج ٿي، سو ٿينارڊيئر جي زال ڪاسيٽيءَ جا سڀ نوان وڳا پئرس کڻي ويئي، ۽ اتي سٺ رپئين وڪڻي ائي. جڏهين اهي پيسا به کپي کاڄي ويا، تڏهين وري هو ٻارڙيءَ سان عقوبتون ڪرڻ لڳا، ڄڻ ته کيس ڪو ڪهل پئي کڻي اندر ورتو هئائون. هن کي پنهنجن ٻارڙن جا ڦاٽل ٽٽل، لٿل ڪپڙا پهرايائون. هن کي ڪتي ۽ ٻليءَ وانگر ڪري پاليندا هئا. کاڌي لاءِ به جوٺ جو حصو ڏيندا هئس، جو هوءَ ميز هيٺ هڪ ڪنڊ ۾ ويهي ٻليءَ سان گڏ کايئندي هئي. فنٽائين ڳوٺان چٺي لکارائي ڍيءَ جو حال پڇندي هئي. جواب ڏيندا هئس ته چڱي ڀلي آهي، ۽ ڏٽي مٽي آهي. اهڙيءَ ريت، هڪ سال گذري ويو. هنن ستن روپين مان وڌائي ٻارهن روپيا در مهينو گهريا. فنٽائين اهي به پهچائي ڏنا. پر انهيءَ هوندي به ڌيڻس سان اهڙي هلت ٿي، جا جيڪر ڪنهن پسونءَ سان به نه ٿئي.

هوٽل واري جي جوءِ رواجي زال نه هئي، پر ڪا ڏائڻ ۽ دئتڻ هئي. پنهنجن ٻارن کي ڀاڪر پائي چمندي ۽چٽيندي هئي، پر ڪاسيٽيءَ کي اٿيندي ويهندي ڍڪ بجو، پٽ پاراتو، ۽لعنت جو وسڪارو پيئي ڪندي هئي. هوءَ معصوم اها ڳالهه ئي ڪين سمجهي سگهندي هئي ته ڇو هنن ٻين ٻارن کي هيتري خوشي، پيار ۽ مان ٿو ملي، ۽ مون کي رڳو ڦٽ لعنت.

هو آڀاڳا جيوَ ڏينهون ڏينهن ويا اڀوم سان آزار ۽ اهنج وڌائيندا ۽ ماڻس کان پيسا وڌيڪ ڇڏائيندا. اڃا ڪاسيٽي پنجين ورهين ڄمار جي مس ٿي ته کيس ساريءَ هوٽل جي نوڪرياڻي ڪري رکيائون. مهل ڪمهل، تتيءَ ٿڌيءَ، هن کي نياپي نڙيءَ تي رلائيندا هئا. هن کان ٻهاري پائڻ، ڇتيون ڀتيون صفا ڪرائڻ، باسڻ برتڻ ملڻ جو ڪم ڪرائيندا هئا، بلڪه هن کان ڳرو بوجوبه کڻائيندا هئا. فنٽائين جي انهن ٽن سالن کان پوءِ موٽي اچي پنهنجو ٻار ڏسي ها ته جيڪر سڃاڻي به ڪين سگهيس ها! ڪاسيٽي، گلاب جي مکڙي، سڙي سڪي، سائو پن ٿي وئي هئي. هن اٻلا کي ايڏڙيءَ وهيءَ ۾، تهه سياري جي ٿڌ ۾، سوير صبح جو سخت پورهيو ڪندو ڏسي، جيڪر ڪنهن پٿر دل کي به ڪهل پوي ها. ڳوٺ جا سڀ ماڻهو کيس سڃاڻندا هئا. هو کيس ”ڪونج“ ڪري سڏيندا هئا، ڇو جو هوءَ ننڍي هئي ۽صبح جو سڀني کان سوير اٿيندي هئي؛ مگر ايترو هو جو هيءَ ”ڪونج“ نڪي ڳائيندي هئي، نڪي ڪا لات لوندي هئي.

ڌيءَ جو حال اهو هو. هوڏانهن ماڻس جو حال ٻڌو ته ڪيئن پئي هلي. ٻار ڇڏي، فنٽائين پنهنجي وطن ويئي. اتي ترت ئي هن کي ڪنهن ڪارخاني ۾ روزگار مليو. اهو ڪارخانو هڪ ٻاهرئين شخص اچي کوليو هو. ان ۾ شيشي جا داڻا ۽ ڪنگڻيون وغيره جڙنديون هيون. مالڪ کي ڪا ڳجهي رمز هٿ اچي ويئي هئي، جنهن جي وسيلي هو سامان بلڪل سستو ۽ سٺو ٺاهي سگهندو هو. ٽن سالن اندر هن چڱي ملڪيت ڪٺي ڪئي. هن جي اصل نسل جي ڪنهن کي خبر ڪا نه هئي. فقط ايتري خبر هين ته جنهن رات هو شهر ۾ آيو، انهيءَ رات خوفناڪ باهه لڳي هئي. هن شخص باهه ۾ ٽپو ڏيئي، پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، ٻه ٻار موت کان بچايا، جي شهر جي ميئر جا اولاد هئا. ماڻهن جي پڇڻ تي هن شخص پنهنجو نالو ”مئڊلين“ ٻڌايو. هو اٽڪل پنجاهه ورهين جي ڄمار جو هو، ۽ سڀاءُ ۾ خوش مزاج هو. هن جي محنت ۽ اورچائيءَ ڪري ڪارخانو زور وٺي ويو. ڪارخاني ڪري شهر به وڌندو ويو. آخر مئڊلين کي ايترو فائدو پيو جو هن ٻيو به وڏو ڪارخانو کوليو، جنهن ۾ هزارن مردن ۽ زالن کي روزگار مليو، ۽ٿوري ئي عرصي ۾ ملڪ آباد ٿي پيو.

مئڊلين پنهنجو پيسو چڱي پاسي لڳايو. هن غريبن لاءِ اسپتال کولي ۽ به اسڪول جاري ڪيا – هڪڙو ڇوڪرن لاءِ، ۽ ٻيو ڇوڪرين لاءِ. اهڙن پر اپڪار جي ڪمن ڪري اوسي پاسي هن جونالو ٿيو ۽ کيس عزت ۽ مان مليو. خود فرانس جي بادشاهه کيس شهر جو مکي (ميئر) ٿاڦيو. پهرئين دفعي ان عهدي وٺڻ کان هن انڪار ڪيو؛ پر ٻيو دفعو جڏهين اڇ ٿيس، تڏهين شهر جا ماڻهو در تي ڌرڻو ماري اچي بيٺس ته ”سائين، اها آڇ قبوليو.“ غريب خلق هن تي خاص طرح زور رکيو. چيائونس ته ”سائين، اوهان کي ته دنيوي مان ۽ مرتبي جي پرواهه ڪانهي جو اوهين سچيءَ سرڪار وٽ سونهارا آهيو؛ پر انهيءَ عهدي وٺڻ سان اسان جهڙن بيوسيلن جي پرگهرر لهي سگهندا: اسان جي ڪري ئي کڻي اها ڳالهه قبوليو!“ ايتري زور تي، لاچار، مئڊلين شهر جو ميئر ٿيڻ باسيو.

انهيءَ عهدي ملڻ کان پوءِ به، مئڊلين اڳي جهڙو ئي نماڻو ۽نهٺو رهيو. هو سادو کائيندو ۽ سادو هنڊائيندو هو. گهڻو وقت ڌرمي ڪتابن پڙهڻ ۾ سجايو ڪندو هو. دل جو سخي ۽ سٻاجهو به هڪڙو ئي هو. کيسا پيسن سان پر ڪري، اوسي پاسي جي ڳوٺڙن ۾ ويندو هو. اتي ٻار هن کي ماڪوڙين وانگر وڪوڙي ويندا هئا. هو هن پٺيان چريا هوندا هئا. مئڊلين پيسا ڏيندو هون، ۽ ڪکن ڪانن، ناريل جي کلن وغيره مان سهڻا رانديڪا ٺاهي وندرائيندو هون. کيتيءَ مان به شايد واقف هو، جو هارين نارين سان ويهي ڳالهيون ڪندو هو ۽ کين صلاحون ڏيندو هو انهن کي چوندو هو ته ”ڀائي، دنيا ۾ خراب ٻوٽيون آهن، نه خراب ماڻهو؛ ڦير رڳو سنڀاليندڙن جو آهي.“

ماڻهو اڪثر شاديءَ ۽ مجلس تي ڊوڙِ ويندا آهن، مگر هيءُ شخص ٻين وٽ غميءَ جي موقعن تي همون حاضر هوندو هو. بين جي ڏکن جو احوال هو هوش ڏيئي ٻڍندو هو، ۽ ساڻن دليون همدردي ڪندو هو. وڏي خوبي منجهس هيءَ هئي جو پاڻ ڏيکاريندو ڪين هو. گهڻو دانُ گپت (لڪل) ڪندو هو. رات جو ٻين جي گهرن ۾ لڪچوريءَ وڃي، ميز تي يا هنڌ تي ڪجهه پيسا رکي هليو ايندو هو. طاقت ۾ هو چئن مڙسن جو مَٽ هو. ڪريل گهوڙي کي اٿارڻ، گپ مان گاڏيءَ جي ڦيٿي کي ڪڍڻ، يا ڇنايل ڍڳي کي سڱن کان پڪڙي قابو ڪرڻ -  اهي ته هن لاءِ رواجي ڳالهيون هيون. خير، انهن مڙني خاصيتن ڪري مئڊلين جو مان مٿي ٿيو، ۽ننڍو وڏو کيس پيار ڪرڻ لڳو.

1821ع جي شروعات ۾ خبر آئي ته ”ڊ-“ شهر جو وڏو پادري هن فاني دنيا مان چالاڻو ڪري ويو. مئڊلن ماتم جي ڪاري پوشاڪ ڪئي. ماڻهن سمجهيو ته شايد پادريءَ سان ڪا مٽي مائٽي اٿس؛ پر مئڊلين چين ته ”نه، ننڍي هوندي مان هن وٽ نوڪر بيٺل هوس.“

ٻي هڪڙي ڳالهه ماڻهن منجهس جاچي. ڏٺائون ته هڪڙو فقير ڇوڪر اچي لانگهائو ٿيوـ مئڊلين ان کي بيهاري سندس نالو پڇيو ۽کيس پيسا ڏيئي روانو ڪيو. انهيءَ سخاوت جو ٻڍي، ٻيا به گهڻيئي فقير ڇوڪر اتان لنگهڻ لڳا، جن مڙني کي مئڊلين خوش ڪري پئي ڪڍيو.

باب اٺون

مئڊلين جو مان ۽ شان وڍندو ويو. ڇهه ڪوهيءَ  تان به ماڻهو وٽس ڪهي ايندا هئا، جن جا هو معاملا  ۽ جهيڙا جهٽا فيصل ڪندو هو. دشمنن کي ٺاهي سڄڻ ڪندو هو، تنهنڪري سڀڪو کيس امين ڪرڻ چاهيندو هو.

سڄي شهر ۾ فقط هڪ ئي شخص هو، جنهن جو مئڊلين ۾ ايمان نه ٻڌو. اهو پوليس جو انسپيڪٽر هو. نالو سندس ”جئورٽ“ هو. هو عجيب انسان هو. پنهنجي فرض ادائيءَ جو هن کي ايترو ته خيال هو، جو هوند سڳو پيءُ قيد مان ڀڄي وڃيس ها ته ان کي به جيڪر قابو ڪري وٺي اچي ها؛ ماڻس ڪو ڏوهه ڪري ها ته ان جي اوگهڙ ڪرڻ ۾ به ويرم ڪين ڪري ها. ائين ڪندي کيس ڪو رنج ته ڪو نه ٿئي ها، ويتر وڏي خوشي ٿئي ها. انهيءَ ڪري، جئورٽ پوليس کاتي ۾ مشهور هو. لچ لفنگ ته هن کان ائين ڀڄندا هئا، جيئن ڪوئو ڀڄي ٻليءَ کان.انهيءَ جئورٽ، مئڊلين مٿان جاسوسي پئي ڪئي. انهيءَ ڳالهه جي خود مئڊلين کي پـُرجهه پئجي ويئي، پر هن گهڻو خيال ڪو نه ڪيو.

آخر هڪ ڏينهن ٻنهي جي هيٺينءَ ريت ملاقات ٿي. شهر گهمندي، مئڊلين ماڻهن جو ميڙ ڏٺو. هڪڙو پوڙهو گاڏير پنهنجي گاڏيءَ هيٺ اچي ويو هو. گهوڙو به پٽ ۾ ڪريو پيو هو. گاڏيءَ جو سڄو بوجو پوڙهي جي ڇاتيءَ مٿان هو، ۽ هن رڙيون ڪري پئي مدد لاءِ پڪاريو. انسپيڪٽر جئورٽ به اچي سهڙيو. هن لوهار ڏانهن اوزارن گهرائڻ لاءِ ماڻهو موڪليو، جن جي وسيلي دٻيل گاڏيءَ کي ڇڪي مٿي ڪڍجي. پر جيسين اوزار اچن، تيسين گاڏيءَ وارو پئي ڦٿڪيو. مئڊلين وڍي اڳتي آيو. کيس ڏسي سڀ هٽي پري ٿي بيٺا. ڌٺائين ته پوڙهي جي حالت تنگ آهي. مينهن پوڻ ڪري زمين نرم هئي، ۽ گاڏيءَ جا ڦيٿا اندر گپندا پئي ويا. مئڊلين سمجهيو ته ترت مدد نه ڪبي ته جان جو خوف آهي.  ماڻهن کي چيائين ته ”آهي ڪو اوهان ۾ اهڙو پهلوان، جو گاڏي ڇڪي هن شخص جي جان بچائي؟ مان ان کي پنج سونيون مهرون ڏيڻ لاءِ تيار آهيان!“ ڪنهن جواب ڪونه ڏنس. وري چيائين ته ”مان انعام وڌائي ڏهه مهرون،بلڪه ويهه مهرون ٿو ڪريان: آهي ڪو اهرو جوڌو جوان؟، پر ڪنهن به همت نه ساري. ڀلا، ڪنهن کي گتي پيئي هئي جو انعام جي لالچ تي پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي! انسپيڪٽر جئورٽ به ائين چيس ته ”سائين، هي ماڻهو مدد ڪرڻ کان ڊڄن ڪو نه ٿا، پر هي ڪم محال آهي. مون پنهنجي سڄيءَ حِاتي ۾ فقط هڪڙو ئي ماڻهو ڏٺو آهي، جنهن کي ايڏي طاقت ۽ همت آهي جو گاڏيءَ پٺيءَ جي زور تي ٻاهر ڇڪي ڪڍي.“ پوءِ، مئڊلين کي چتائي نهاري، چيائين ته ”اهو ماڻهو ’ٽولان‘ جيل جو هڪ قيدي هو!“ ٻڌندي ئي مئڊلين جو منهن پِيلو ٿي ويو. پر اتي گاڏيءَ واري رڙ ڪري پڪاريو ته ”سائين، مان مران ٿو، منهنجي پاسري ٿي ڀڄي، منهنجي واهر ڪريو!“

مئڊلين، پٽ تي ليٽي، گاڏي هيٺ لنگهي ويو. ماڻهن گهڻو ئي واڪا ڪري روڪيس، خود گاڏير به چيس ته ”سائين، هن مسڪين لاءِ اوهين ڇو ٿا پنهنجي جان جوکي ۾ وجهو“، پر مئڊلين جواب ڪو نه ڏنو. گاڏيءَ هيٺ پيٽ ڀر سنئون ٿي سمهي پيو. پوءِ پٺيءَ جو زور لڳايائين. گاڏي ڌڏڻ لڳي، ۽ البت مٿي کڄڻ لڳي. ڦيٿا اڌ جيترا ٻاهر نڪري آيا. اوڏيءَ مهل مئڊلين رڙ ڪئي ته ”همٿ ڪريو!“ امالڪ ويهه ڄڻا گاڏيءَ کي کڻڻ لڳا. گاڏيءَ واري جي حياتي بچي پيئي؛ پر مئڊلين سائو جهڙو ڀنگ ٿي ويو هو. تنهن هوندي به، سندس منهن مان عجيب خوشيءَ جي نشاني پئي ڏسڻ ۾ آئي.

”فاچلونيٽ“ گاڏيءَ وارو بچيو ته سهي، پر هن جي گوڏي جي ڍڪڻي ڀڄي پيئي. مئڊلين هن کي پنهنجيءَ اسپتال ۾ موڪليو. ٻئي ڏينهن صبح جو کيس هڪ هزار روپين جو نوٽ موڪليائين ۽ چوائي موڪليائينس ته ”مون تنهنجو گاڏي ۽ گهوڙو ڳِڌو آهي، ان لاءِ هي مجرا وٺ.“ (گاڏي ڀڄي پيئي هئي ۽ گهوڙو مري ويو هو!) فاچلونيٽ چڱو ڀلو ٿيو، پر هن جي ٽنگ عمر لاءِ منڊي ٿي پيئي. مئڊلين هن کي پئرس شهر ۾، هڪ ستين جي آستان ۾، باغائيءَ جي جڳهه وٺي ڏني.

هاڻ اچون فنٽائين جي ڳالهه تي. هوءَ مٿئين ميڊلين جي ڪارخاني ۾ پورهيت ٿي بيٺي. حق حلال جا چار پيسا ڪمائي پيٽ گذران ڪندي هئي، ۽ ڌيءَ جي پالنا لاءِ به پيسا موڪليندي هئي. ڪارخاني ۾ ٻيو به گهڻيئي زالون ڪم ڪنديون هيون. فنٽائين اها پڪائي ڪندي هئي، جيئن ٻين کي سندس ٻار جي کڙڪ نه پوي. پر ڪڏهين ڪڏهين ڪم ڪندي ڍيءَ جي يا اڳين ڏينهن جي يادگيري پوندي هيس، ۽ اکين مان لڙڪ وهندا هئس. زالن هڪ ٻه دفعا اهو حال ڏ‎ٺو هوس. کين البت شڪ پيو. وڍيڪ سڌ هيئن پئين جو فنٽائين پنهنجيءَ ڌيءَ ڏانهن خط شهر جي ڪاتب يا خط نويس کان لکائيندي هئي. اهو شخص رات جو هميشه گتي تي سنگتين سان ويهي شراب پيئندو هو. شراب پيتي کان پوءِ هن وٽ ڪنهن جو به ڳجهه ڪين ٽڪندو هو؛ جيڪي من ۾ هوندو هوس، سو سڀ ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو هو. اتان وڃي ڳالهه ڦاٽ کاڌو! ڪن زالن کي خبر پيئي ته فنٽائين کي ٻار آهي، ۽ هوءَ مهيني سر  مهيني ان کي پيسا پهچائيندي آهي.

زالاڻو حسد اهڙي شيءِ آهي جو منجهانئن هڪڙي، خاص ڀاڙا ڀتا خرچي، مانٽفرميل ويئي، ڏس پتو پڇائي، ٿينارڊيئر جي گهر ويئي ۽ سمورو احوال وٺي آئي. موٽي، پَڏَ ڪري چوڻ لڳي ته ”منهنجو خرچ سجايو ٿيو: مان ٻار اکين سان ڏسي آئي آهيان!“

نتيجو اهو نڪتو جو فنٽائين جڏهين ڪارخاني ۾ويئي، تڏهين وڏي مائيءَ کيس پنجاهه روپيا ڏيئي چيو ته ”مالڪ جو حڪم آهي ته تون ڪارخانو هڪدم ڇڏي وڃ، تنهنجي وڌيڪ گهرج ڪانهي!“ فنٽائين ويچاري وسي ٿي ويئي. وڃي سو وڃي ڪيڏانهن؟ ڪنهن کي دانهن ڏئي، ڪنهن سان حال اوري؟ ڌيءَ کي پيسا پهچائڻا هئا ۽ رهيل مسواڙون به ڏيڻيون هيس. هن غريب گهڻو ئي ليلايو ۽ منٿايو. گهڻيئي هن واسطا وڌا، پر وريو ئي ڪين. آخر هوءَ ڪارخانو ڇڏي هلي ويئي.

ڪيترا ڏينهن هوءَ در در ڀٽڪي، پر ڪرت ڪا نه مليس. هن کي ڪنهن به پير پائڻ نه ڏنو. آخر هن ڀرت جو ڪم کنيو. پر ان مان هوءَ پنهنجو پيٽ مس پالي ٿي سگهي. ٿينارڊيئر کي هوءَ پورا پيسا پهچائي ڪين سگهي. پوءَ جيڪي هن زال پاڻ کي سختيون ڏنيون، بکون ۽ فاقا ڪڍيا، تن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هوءَ تهه سياري ۾ باهه بنا ويهندي هئي. ڏينهن جو جيڪو پڙو پائيندي هئي، سو ئي رات جومٿان وجهي، پاڻ ڍَڪي، سيءَ جو بچاءُ ڪندي هئي. اوڻيهه ڪلاڪ اکين جو نازڪ ڪم ڪندي هئي، ۽نور نچوئي ٿورا پيسا ڪمائيندي هئي؛ باقي پنج ڪلاڪ ننڊ ڪندي هئي. هوءَ نرٻل ۽ ضعيف ٿي ويئي. تپ ۽ کنگهه ٿي پيس. ”مارگريٽ“ نالي هڪ پاڙيسرياڻي هوندي هيس، جنهن کي هٿ ڏيئي چوندي هئي ته ”ادي، ڏس ته لڱ ڪهڙا نه ڪوسا اٿم!“

هڪڙي پاسي ههڙي سختي، ٻئي پاسي وري هنن ڪميڻن ٽپائي ڏنس. چٺين پٺيان چٺيون ڊوڙايائونس ته پيسا ڀري ڏي. آخر ڪوڙ ڪري لکيائونس ته ”ڌيڻين کي ڍڪڻ ڪاڻ ڪپڙو ڪونهي، هوءَ سيءَ پيئي ڏڪي، گرم ڪپڙو ضرور گهرجيس، ان لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه روپيا موڪل.“ چٺي پڙهي، فنٽائين ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويئي. دل ۾ خيال ڪيائين ته ڪٿان اهي ڏهه روپيا آڻيان جو ڍيءَ جو ڍڪ ڍڪيان! سڄو ڏينهن پهه پچائيندي وڃايائين. رات جو هوءَ ٻاهر نڪتي. گهمندي گهمندي هڪ حجام جي دڪان وٽان اچي لنگهي. حجام جي اک وڃي سندس وارن تي پيئي. اهي ڏسي، هن چيو  ته ”مار، ڪهڙا نه عجيب وار اٿيئي!“ فنٽائين چيس ته“ ”گهڻو ڏيندينم؟“ حجام چيو ته ”ڏهه روپيا.“ فنٽائين چيو ته ”چڱو، ڪپ.“ پنهنجا سونا وار، سندس سونهن جو سينگار، جي هوءَ روز ڦڻي ڏيڻ مهل آرسيءَ ۾ ڏسي پيئي ٽڙندي هئي، سي ڪپائي، ڏهين رپئين وڪڻي ڇڏيائين! هڪ گرم پَڙي وٺي، ڍيءَ ڏانهن موڪليائين. چيائين ته ”ڌيئڙي، مون توکي پنهنجن وارن سان ڍڪيو آهي!“ هيڏانهن هن هيتري قرباني ڪئي، پر هوڏانهن وري هوٽل وارو ۽ سندس زال گرم پڙي ڏسي پاڻ به گرم ٿي ويا. کين ته پيسن جي گهرج هئي، نه ڪپڙن جي. ندورن اها پڙي کڻي پنهنجيءَ ڍيءَ کي ڍڪائي، ۽ ڪاسيٽي اهڙي جي  اهڙي رهي.

ٿورن ڏينهن کانپوءِ وري اڀاڳن ٻي رٿ رٿي. لکي موڪليائونس ته ”ڪاسيٽيءَ کي وڏو تپ ٿيو آهي، انهيءَ لاءِ مهانگيون دوائون گهربل آهن، جي اسين وٺي نه ٿا سگهون: هفتي اندر جي چاليهه روپيا موڪليندينءَ ته واه، نه ته ڍيڻين جو اٿيئي الله!“

آفتن مٿان آفتون! ويچاري اٻلا بيحال ٿي پيئي. چيائين ته ’چريا ڪين ماڻهو! مان چاليهه روپيا ڪٿان آڻينديس؟، چٺي هٿ ڪري، هوءَ چرين وانگر شهر جي گهٽين ۾ بيخيال رلڻ لڳي. آخر هوءَ مارڪيٽ ۾ اچي پهتي. اتي هڪ ڏندن جوڙڻ واري پئي پنهنجي هنر جي ساک ڪئي. فنٽائين جا ڏند ڏسي چيائنيس ته ”مائي، ڏند ته تنهنجا جهڙا موتيءَ جا داڻا! جي اڳيان ٻه ڏند وڪڻينم ته چاليهه روپيا ڏيانءِ.“ اهو ٻڍي، فنٽائين کان رڙ نڪري ويئي ۽ ڏندن واري کي حرف پٽي چيائين ته ”ههڙا تهڙا! کهه پيا تنهنجا روپيا، ماڻهو پنهنجا ڏند ڪيئن ويهي وڪڻندو!“ ائين چئي، اتان ڊوڙ پائي ڀڳي. وڃڻ وقت ڏندن واري واڪو ڪري چيس ته ”مائي، انهيءَ ڳالهه تي وري به ويچار ڪج!“ هوءَ موٽي گهر آئي، ۽ اچي پنهنجي ساهيڙيءَ مارگريٽ سان ڳالهه ڪيائين. چيائينس ته ”مائي، وار وري به ڄمن، پر ڏند پنهنجا ڪير ڪڍائيندو! مان آپگهات ڪنديس، پر پنهنجي سونهن ڪين وڃائينديس.“

ٿوريءَ دير کان پوءِ فنٽائين وري چٺي پڙهي مارگريٽ سان صلاح ڪئي. پڇيائينس ته ”اهو وڏو تپ خوفائتو آهي ڪيئن؟ انهيءَ لاءِ مهانگيون دوائون کپنديون آهن ڇا؟“ مارگريٽ چيس ته ”ها، اهو نٺر تپ آهي، ۽ انهيءَ وگهي ٻار اڪثر مري ويندا آهن.“ فنٽائين اهو ٻڌي وڏي ويچار ۾ پئجي ويئي.

ٻئي ڏينهن صبح جومارگريٽ فنٽائين وٽ آئي. هن جي شڪل ڏسڻ سان ئي کانئس رڙ نڪري ويئي. چيائينس ته ”فنٽائين، توکي راتوڪي رات ۾ ڇا ٿيو! تنهنجي سونهن سوڀيا ڪيڏانهن ويئي؟ تنهنجو رت ۽ رنگ ڪيڏانهن ويو؟ تون هڪڙيءَ رات ۾ اڳي کان ڏهه سال وڏي پيئي لڳين، تنهنجو سبب ڪهڙو؟“

فنٽائين چيائين، ”مارگريٽ، مان چڱي ڀلي آهيان، منهنجي ڌيءَ کي دوا پهتي، ته بس، مون کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي.۾“ مارگريٽ ميز تي چاليهه روپيا ڏٺا.فنٽائين ڏانهن چتائي نهاريائين. ڏسي، ته وات مان رت جا ڦڙا پيا وهنس ۽ اڳيان ٻه ڏند به ڪو نه اٿس.

اڀاڳيءَ ماءُ، ڌيءَ ڪاڻ پنهنجا ڏند وڪڻي، پنهنجي سونهن سوڀيا وڃائي، پيسا موڪليا: اهي پئسا به هنن دئتن کائي کپائي ڇيا.

فنٽائين کي کنگهه، تپ ۽ ڇاتيءَ جي سور ڏاڍو ستايو. هوءَ مئڊلين کي ڏاڍو ڌڪارڻ لڳي، ۽دل ۾ چيائين ته ”هن مون سان ڊوهه ڪيو. مون کي نه ڪڍي ها ته منهنجي ههڙي حالت ٿئي ئي ڪين ها.“ بيماريءَ ۾ به کيس سترهن ارڙهن ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو هو! ٿورا مهينا گذريا. وري نڀاڳن وٽان خط آيس: چي، ”هاڻ اسين وڍيڪ ڪونه ترسنداسون: جي هڪ سو روپيا موڪلين ته واه، نه ته اسين تنهنجي بيمار ڌيءَ کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪنداسين، ڀل هوءَ ٿڌ ۾مري وڃي!“

هڪ سو روپيا! فنٽائين ويچاريءَ جي دل هارجي ويئي. چيائين ته ”وار وڪيم، ڏند وڪيم ۽ سونهن وڃايم؛ هاڻ باقي ڇا رهيو جو وڪڻان؟،

باب نائون

فنٽائين کي لاچار هاڻ گهٽين ۾ رلڻو پيو. هڪڙيءَ رات هوءَ بازار مان لنگهي ته ڪنهن شخص ساڻس چرچ ڪئي. زمين تان برف ٽڪر کڻي، سندس ڳچيءَ تي هنيائين. فنٽائين جوش ۾ اچي پنهنجي بچاءِ ۾ ان مرد کي حرف چيا، ۽ ڌڪ هنيو. مٿان انسپيڪٽر جئورٽ اچي سهڙيو، جنهن فنٽائين کي ائين ڪندي ڏٺو. هڪدم کيس گرفتار ڪري، ٿاڻي تي وٺي ويو. اتي رپورٽ لکڻ لڳو ته ”هڪ ڪيِنَ جهڙيءَ زال، شهر جي سکر ماڻهوءَ تي هلان ڪئي.“ فنٽائين گهڻو و ئي ليلائي چيس ته ”سائين، منهنجو ڏوهه ڪونهي، پهريائين حرڪت هن شخص جي هئي. مان اَڀري آهيان. هن منهنجي ڳچيءَ ۾ اوچتو برف وڌي. هن مون کي ڏاڍو ستايو. مون رڳو پنهنجي بچاءَ جي ڪوشش ڪئي.“ پر انسپيڪٽر جئورٽ ٻڌو اڻٻڌو ڪري، سپاهين کي چيو ته ”وٺي وڃوس بنديخاني ۾!“ فنٽائين ڏانهن نهاري چيائين ته ”ڪڃ، وڃ هاڻي ناناڻي گهر. تون ڇهه مهينا باند آهين!“ اهو ٻڌي، فنٽائين جي ڌرڻ ڏڪڻ لڳي. هن ورلاپ ڪري پڪاريو ته ”مهربان سائين، مون تي مهر ڪر. جي پنهنجي زال اٿيئي ته مون تي قياس ڪر. جي گهر ۾ ڪو ننڍو ٻار اٿيئي ته منهنجي ڌيءَ جو خيال ڪر. مون کانسواءِ هوءَ ويچاري ٻارڙي مري ويندي! منهنجي ڪاسيٽيءَ کي ڪير پاليندو؟ انسپيڪٽر صاحب، تون قياس ڪر. مان يسوع مسيح جو قسم کڻي ٿي چوان ته منهنجو ڏوهه آهي ته مون کي معافي ڏيو،‎ مان عمر ڀر وري ائين ڪين ڪنديس. مان بيمار آهيان؛ مون کي تپ ۽ کنگهه آهي. مان پنهنجي ڍيءَ ڪاسيٽيءَ کي هِت گهرائي نه ٿي سگهان. ڏسو ته منهنجو پيشو ڪهڙو آهي. پر مان دل ۾ اڃا به پاڪ زال آهيان. مون تي رحم ڪريو!“ ائين چئي، هوءَ زار زار روئڻ لڳي. هن جا ورلاپ ٻڌي جيڪر پٿر به پاڻي ٿي پون. پر جئورٽ جي دل پٿر کان به وڍيڪ سخت هئي. جن ڇڏي، جنڙي ڇڏي، پر جئورٽ نه ڇڏي! هيترين آزين نيزارين کانپوءِ به، شوخيءَ سان چيائينس ته ”هاڻ بس ڪر، گهڻي بڪ ڪيئه. سزا آئي سا آئي. هاڻ خدا به ڪين توکي ڇڏائي سگهي!“ اهو ٻڍي، فنٽائين جو آسون اميدون سڀ گم ٿيون، ۽ هوءَ ڦان ٿي ڪري پيئي.

اتي هڪ قداوار شخص، جنهن هي سڄو قصو لڪي بيٺي ڏٺو ۽ ٻڌو، سو ويجهو آيو، ۽ حڪم ڪري چيائين ته ”ذرو ترسو.“جئورٽ هن کي سڃاڻي سلام ڪيو. اهو شخص ميئر ”مئڊلين“ هو. ان کي ڏسي، فنٽائين پٽ مان اٿي. چرين جيان ڦيريون پائي، کلي، هن کي چيائين ته ”اڙي، تون آهين شهر جو سنڀاليندڙ، ميئر؟ هان، هي وٺ-“ ائين چئي، هن مڊلين جي منهن ۾ ٿڪ اڇلائي. مئڊلين کيسي مان رومال ڪڍي منهن اگهيو. پوءِ، جئورٽ ڏانهن نهاري چيائين ته ”انسپيڪٽر جئورٽ، تون هن زال کي ڇڏي ڏي!“ جئورٽ جون ٻه به وييون، ڇهه به وييون. سندس حوصلا ئي خطا ٿي ويا. هڪ ڪينَ جهڙي زال، سندس حاضريءَ ۾ شهر جي ميئر صاحب کي ٿڪون هڻي، اها ڳالهه هن جي سمجهه کان ٻاهر هئي. وري جو ڏٺائين ته ميئر صاحب ماٺ ۾ پنهنجو منهن اگهي کيس چيو ته ”هن زال کي آزاد ڪر“، تنهن تي آقي باقي منجهائي وڌس. هوڏانهن فنٽائين کي سپاهين ڇڏي ڏنو. تنهن ڀانيو ته مئڊلين ته منهنجو دشمن آهي، ۽ جئورٽ هاڻ سڄڻ ٿي سپاهين کي حڪم ڪيو آهي ته مون کي ڇڏي ڏين. سو، جئورٽ کي مشڪي چيائين ته ”انسپيڪٽر صاحب، اوهين مهربان آهيو، هيءَ ميئر بيرحم آهي. انهيءَ اڀاڳي ته منهنجو هي حال ڪيو آهي! جي اهو مئو ڪن ڌوتين جي چوڻ تي مون کي ڪارخاني مان نه ڪڍي ها، ته جيڪر منهنجوههرو حال ٿئي ئي ڪين ها. مون غريب کي ڪرت مان ڪڍيائين، مان لاچار پنهنجي ڌيءَ ڪاسيٽيءَ ڪاڻ بد زال ٿيس؛ اهو سڀ ڏوهه انهيءَ ميئر جو چئبو!“

مئڊلين هيءَ سڀ گلا ڏاڍي ڌيان سان ويٺي ٻڍي. جئورٽ به بت ٿيو بيٺو هو. فنٽائين ڇٽل هئي. هوءَ در ڏانهن ويئي. اڃا ڪڙو لاهي ٻاهر وڃڻ تي هئي، ته جئورٽ سجاڳ ٿيو. سپاهين کي هڪل ڪري چيائين ته ”ڪمبختو، اوهان کي ڪنهن چيو ته بندياڻيءَ کي ڇڏي ڏيو؟“ مئڊلين چيو ته ”مون!“ اهو ٻڌي، فنٽائين منجهي بيٺي: سمجهي ڪين سگهي ته دشمن ڪير ۽ سڄڻ ڪير. هوڏانهن وري جئورٽ حيران ٿيو. هو سائو ٿي ويو. چپ ڏڪڻ لڳس. همت ٻڌي، جواب ڏنائين ته ”سائين، ائين ٿي ڪين سگهندو!“ مئڊلين پڇيو ته ”ڇو؟“ جئورٽ چيو ته ”هن زال سکر ماڻهوءَ جي عزت ورتي آهي!“ مئڊلين چيو ته ”مون اهو سڄو قصو شروع کان وٺي جاچي ڏٺو آهي. سڄو ڏوهي ته اهو سکر ماڻهو آهي، جو هينئر گم آهي.“ جئورٽ جواب ڏنو ته ”منجهين اکين اڳيان هن زال اوهان جي بيعزتي ڪئي آهي.“ مئڊلين چيو ته ”اهو منهنجو ڪم آهي، انهيءَ ۾ تنهنجو ڪهڙو واسطو؟“ جئورت چيو ته ”نه، سائين، اها رڳي اوهان جي نه، پر سرڪار جي بيعزتي چئبي!“ مئڊلين جواب ڏنو ته ”وڏي ۾ وڏي سرڪار خود انسان جو ضمير آهي.“ جئورٽ چيو ته ”مون کي به پنهنجو فرض ادا ڪرڻو آهي: منهنجو فرض ٿو چوي ته هيءَ زال ڇهه مهينا قيد ۾ وڃي.“ مئڊلين نرمائيءَ سان چيو ته ”هوءَ هڪ ڏينهن به ڪين ويندي!“ جئورٽ چيو ته ”هيءَ ڪيس پوليس جو آهي.  مون کي اختياري مليل آهي. مان پنهنجيءَ جوابداريءَ تي هن کي ڇهه مهينا جيل ڏيان ٿو.“ مئڊلين چيو ته”قاعدي جي ”9“، ”11“ ۽ ”15“ قلم موجب، انهيءَ ڪيس هلائڻ جي مون کي اختياري آهي: مان حڪم ٿو ڪريان ته ”هن زال کي هڪدم ڇڏي ڏي! جي وڌيڪ ترسائيندينس ته توتي ناحق بند جو قلم لڳايو ويندو! هاڻ تون هتان ٽري وڃ!“ جئورٽ ڪنڌ نوائي، سلام ڪري، هليو ويو.

فنٽائين منجهي بيهي رهي. جنهن کي هوءَ پنهنجودشمن ڀانيو ويٺي هئي، سو ئي سندس سڄڻ نڪري پيو! هن کيس ڄڻ ته جيءَ دان ڏنو – نه رڳو کيس، پر سندس ڍيءَ کي به. مئڊلين، جنهن کي هوءَ پاپي دئت سمجهيو ويٺي هئي، سو هاڻ هن لاءِ هڪ ديوتا بڻجي پيو.

مئڊلين جي دل ڀڄي پاڻي ٿي. اکين ۾ به پاڻي تري آيس. پر پاڻ جهلي، فنٽائين کي چيائين، ”ڀيڻ، مون تنهنجي سڄي ڳالهه ٻڌي. مون کي تنهنجيءَ حالت جي اصل خبر ڪا نه هئي. مون کي اِها به خبر ڪا نه هئي ته ڪو تو ڪارخانو ڇڏيو آهي. تو مون کي بروقت نٿي چِتايو. ته ڪو بِلو ڀيڻي ڪجي ها؟ خير، هاڻ گذري هٿ ڪين ايندي. انهيءَ کي ياد ڪرڻ اجايو آهي. هاڻ مان تولاءِ ايترو ڪندس جو تنهنجو سمورو قرض لاهيندس، ۽ تنهنجو ٻار پڻ گهرائيندس. جي تون پاڻ پنهنجيءَ ڌيءَ وٽ وڃڻ چاهين، ته به تنهنجي مرضي؛ خرچ پکو سڀ آءٌ ڏيندس. تون وري به اڳي جهڙي نيڪ اشراف زال ٿيندينءَ، ۽ ڍيءَ کي ساڻ ڪري خوشيون ماڻيندينءَ. نه رڳو اِهو، پر مان ايترو به چوڻ لاءِ تيار آهيان ته حقيقت ۾ تون ڌڻيءَ سڳوري جي نظر ۾ اڃا به پاڪ ۽ ستوادڻ آهين. اٻلا، تو ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“

هيتري خوشي فنٽائين سهي ڪين سگهي. پنهنجي وڇڙيل ڍيءَ موٽي ملڻ، هاڻوڪو رستو ڇڏڻ، آزاد ۽ ايماندار ٿي پنهنجي ٻار سان گڏ رهڻ! ڄڻ ته هوءَ ڪاري، اونداهي دوزخ مان نڪري، بهشت ۾ ٿي هئي. واتون اکر به ڪين اڪليس؛ رڳو سڏڪا پئي ڀريائين. آخر هوءَ مئڊلين جي پيرن تي ڪري پيئي، ۽ مورڇا ٿي ويئي.

مڊلين، فنٽائين کي پنهنجي گهر کڻائي ويو. هن کي سڄي رات تپ جو جوش هليو. صبح جو اکيون پٽيائين. ڏٺائين ته مئڊلين سندس بستري اڳيان ويٺو آهي، ۽ پيو ڌڻيءَ کان دعا پني. مئڊلين راتوڪيءَ رات ۾ فنٽائين بابت سموري جاچ ۽ پڇا ڪئي هئي. هن جي وارتا ٻڌي، کيس هيڪاري وڌيڪ ڪهل آئي. چيائينس ته ”مائي، تو ڏاڍو ڪَشٽ ڪَٽيو  آهي، تنهن لاءِ تون ڏوهه ڪنهن کي به نه ڏي. انهيءَ رستي ئي انسان ديوتائن جي درجي تي پهچي ٿو. توکي پنهنجي ڪمائيءَ جو اوس ڦل ملندو.“

پوءِ مئڊلين هوٽل واري ڏانهن خط روانو ڪيو. ان سان هن ٽي سو روپيا به موڪليا. لکيائينس ته ”پنهنجا پيسا لاهي کڻ، ۽ ٻار کي هڪدم هيڏانهن وٺي آءُ، جو ماڻس سخت بيمار آهي.“

هوٽل وارو پيسا ڏسي وڌيڪ لالچيو. هن سوچيو ته ”هيءُ ٻار ته اسان لاءِ ڀلي ٻَني آهي، پيا فصل لڻنداسون؛ ائين ٿو ٻار ڇڏجي! وراڻي ڏياري موڪليائين ته ”ٻار جي بيمارين  تي پنج سو روپين کان به مٿي خرچ اچي ويو آهي، اهي موڪليو.“ مئڊلين اهي به موڪليا؛ پر هنن نڀاڳن ٻار جي ٻانهن نه ڇڏي. زال ويئي پٺتي پوندي. بيماري گهيرو ڪري ويئي هيس. ٻيو ته هن کي ڌيءَ جي لوري لڳل هئي؛ ان کانسواءِ آرام ڪو نه هوس. وڦلي پئي ته ”ڪاسيٽي آڻي ڏيوم ته مان هنج ۾ ويهاري راند ڪرايانس. اها منهنجيءَ هنج ۾ ڏسي، ڀڳوان به مون کي منهنجو گناهه بخشيندو!“

مئڊلين ڏينهن ۾ ٻه دفعا وٽس ويندو هو. هوءَ ڀيري ڀيري پنهنجيءَ ڌيءَ جو پڇندي هيس. هو به دلاسو ڏيندو هوس ته شايد سڀاڻي اچي. ٻڌي،. هن کي تسلي ٿيندي هئي ۽ هن جي ڦڪي چهري ۾ ٿوري لالاڻ ايندي هئي؛ پر هونئن ته ويچاري ڏينهون ڏينهن گهٽ پوندي ٿي ويئي. مرض اندران کائي ويو هوس. ڊاڪٽر، طبيعت ڏسي، مئڊلين کي چيو ته هاڻ هن جو ٻار ترت گهرائي وٺو. فنٽائين مئڊلين کان پڇيو ته ”ڊاڪٽر ڇا ٿو چوي؟“ مئڊلين جواب ڏنس ته ”ڊاڪٽر ٿو چوي ته تنهنجي ڍيءَ ايندي ته تون چڱي ڀلي ٿيندينءَ.“ هن دلداري ڏيئي، وڌيڪ چيس ته ”مان ماڻهو موڪلي ٿو ٻار گهرايان، يا ته آءٌ پاڻ وڃي ٿو وٺي اچانس.“ پوءِ پاڻ هيٺين چٺي لکي، ان تي فنٽائين جي صحيح ورتائين: ”هن ماڻهوءَ کي ڪاسيٽيءَ جي ٻانهن ڏيندا. هي رهيل پيسا ڏيندو.“

مئڊلين ته سڀ حيلا  هلايا. گهاٽ گهڙيا، پر چوندا آهن ته ”بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي“ سو هيٺئين بابت مان ظاهر ٿيندو.

باب ڏهون

هڪ ڏينهن مئڊلين پنهنجيءَ آفيس ۾ ويٺو هو. انسپيڪٽر جئورٽ وٽس آيو، ۽ چيائين ته ”سائين، هڪ شخص ڏوهه ڪيو آهي، جنهن لاءِ هو سزا گهرڻ آيو آهي.“ وڏيري پڇيس ته ”اهو ڪير آهي؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ پاڻ!“ مئڊلين ڏوهه پڇيس. چيائينس ته ”ڇهه هفتا ٿيا جو اوهان هڪ زال کي قيد وڃڻ کان ڇڏايو هو. مون انهيءَ ڏينهن پئرس جي پوليس عملدار کي خط ڊوڙايو، جنهن ۾ مون اوهان کي ٽولان“ جو اڳيون قيدي، ’جين والجين‘ ٺهرايو!“ اهو ٻڍي، مئڊلين جو منهن سائو ڀنگ ٿي ويو – پر جئورٽ اهو ڪو نه ڏٺو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪنڌ هيٺ هو. وري چيائين ته ”اهو قيدي ويهه ورهيه اڳي مون ٽولان جيل ۾ ڏٺو هو. جيل مان ڇٽڻ بعد هن هڪ پادريءَ جي چوري ڪئي، ۽پوءِ راهه ويندي هڪ ننڍي ڇوڪر کي ڦريائين. هو اٺن سالن کان گم آهي. مون ڪن سببن ڪري ڀانيو ته اوهين ”جين والجين“ آهيو.“ مئڊلين پڇيس ته ”توکي پئرس مان ڪهڙو جواب مليو؟“ چيائين ته ”مون کي لکي موڪليائون ته ”تون چريو ٿيو آهين!“ مڊلين وڍيڪ پڇيس ته ”پوءِ ؟“ جواب ڏنائين ته ”برابر، مان غلط هوس؛ ڇو جو جين واجين هاڻ لڌو آهي. هڪ پير مرد جهليو اٿن، جنهن تي وڻ تان صوفن چورائڻ جي تهمت آهي. هو پاڻ ته گيگ ملائي ويٺو آهي: چوي ٿو ته منهنجو نالو ”چمپمئٿو“ آهي ۽ مان جين والجين کي سڄاڻائي ڪو نه. مون ۽ ٻين ٻن – چئن شاهدن هن کي سڃاتو آهي. ته هو برابر جين والجين آهي. اهو ڪيس ”آراس“ شهر ۾ سڀاڻي فيصل ٿيڻو آهي.“ مئڊلين چيس ته ”هاڻ ٻيو به ڪي چوڻو آٿيئي؟“ هن چيو ته ”ها، سائين: مون اوهان جهڙي معزز، شهر جي ميئر تي ڪوڙي تهمت رکي، انهيءَ لاءِ مان ڏوهاري آهيان: مون کي نوڪريءَ مان موقوف ڪيو وڃي!“ ميئر چيس ته ”انسپيڪٽر جئورٽ، تون لائق ماڻهو آهين، توکي فرض ادائيءَ جو گهڻو اونو آهي. تو بيشڪ مان لهڻو.“ جئورٽ هو قاعدي جو پٽ، تنهن چيو ته .سائين، مون وڏو گناهه ڪيو آهي، جنهن لاءِ مون سان قاعدي جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي!“ مئڊلين چيو ته ”چڱو، ڏٺو ويندو.، انسپيڪٽر، سلام ڪري، هلندو رهيو.

مئڊلين فنٽائين وٽ ويو. هن کي بخار جو جوش هو، ۽ پنهنجيءَ ڍيءَ کي پئي ياد ڪيائين. کيس ايندو ڏسي پڇيائين ته ”ڪاسيٽي ڪٿي؟“ ”مئڊلين دلاسو ڏنس ته اجها ٿي اچي. پوءِ هن ڊاڪٽر ۽ داين کي گهڻي قدر تاڪيد ڪئي ته هن جي چڱيءَ پر خبر وٺو. پوءِ هو ٻاهر نڪتو، ۽هڪ گاڏي ٻئي ڏينهن لاءِ ڀاڙي تي ڪيائين. مالڪ کي ڀاڙي جا پيسا اڳواٽ ڏيئي، چيائينس ته ”گاڏي صبح جو سوير چئين بجي منهنجي گهر موڪلج.“

گهر موٽي اچڻ بعد، هو سڌو پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ويو. ڇا پئي سندس اندر ۾ وهيو واپريو؟ ڪهڙيون هيون اهي ڇوليون، جن سندس من کي لوڏي پئي ڀٽڪايو؟ پڙهندڙ ايترو ته سمجهي ويا هوندا ته مئڊلين حقيقت ۾ ”جين والجين“ هو! هن کي ياد هوندو هو ته ڪيئن نه پادريءَ جا اکر سندس من ۾ چڀي ويا هئا، ۽ هن ”جرويس“ ڇوڪري کي ڦرڻ کان پوءِ ڪيڏو نه پڇتاءُ ڪيو هو. هو اوڏيءَ مهل کان وٺي، ڦري ٻيو انسان ٿي پيو هو. هن پادريءَ واري ڳالهه ياد ڪري، ايمانداريءَ جو پورهيو اختيار ڪيو، جنهن مان هن کي چڱو لاڀ حاصل ٿيو. پوءِ سندس نيڪيءَ ڪري کيس جيڪو مان ۽ عزت ملي، تنهن جي پڙهندڙن کي اڳي ئي خبر آهي. هن پنهنجيءَ جيوَت جو پويون اڌ ٻين جي شيوا ۾ سڦلو ڪيو. هن پادريءَ واريون ڏنل روپيون بتيون لڪائي رکيون؛ سندس موت جو ٻڌي، ڪاري پوشاڪ پهريائين؛ ننڍي فقير ڇوڪري جي ڳولا ڪيائين؛ ۽  پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي، پوڙهي گاڏير جي جان بچايائين. هن، لائق ماڻهن جي مثال موجب، ائين ڄاتو ته انسان جو پهريون فرض آهي ٻين جي شيوا، ۽نه خودپرستي ۽ آپي پڻو.

هاڻ جا هن جي من اندر يُڌ (جنگ) لڳي، تنهن جهڙي هن ڪڏهين نه ڏٺي. انسپيڪٽر جئورٽ ٻڌايس ته ”جين والجين لڌو آهي، مٿس مقدمو هلڻو آهي، ۽ هو ضرور قيد وڃڻو آهي.“ هن ڏٺو ته هڪ بيڏوهيءَ کي، ڀلجي، منهنجي بدران جهليو اٿن. پهرين خيال آيس ته هڪدم وڃي پاڻ ظاهر ڪريان ۽ هن غريب کي ڇڏايان. پوءِ سوين هزارين خيال اچڻ لڳس. هو منجهي پيو ته هاڻ منهنجو فرض ڪهڙو آهي. هڪڙي پاسي وويڪ (ضمير)، ٻئي پاسي مَن ُ. هيڏانهن لوڪ، هوڏانهن پرلوڪ. وويڪ چويس ته ”هڪدم وڃ: پاڻ ڄاڻي، هن بيڏوهيءَ کي ڇڏاءِ!“ من چويس ته ائين وري ڪيئن ڪندين؟ ٻئي جي لاءِ، هي ڪارخانا ڪڙا ڪيئن ڇڏيندين؟“ جي وويڪ ۽ پرلوڪ جو خيال ٿو ڪري، ته لوڪ جي گلا ٿي مٿي تي کڻڻي پويس. نالي ناموس جو خيال ٿو ڪري، ته پاڻ سان ڪوڙو ٿو ٿئي ۽ ڌڻيءَ اڳيان به ڏوهاري ٿو ٿئي. خيال ڪندي ڪندي، هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن ڀانيو ته هي مڙيو ئي خواب آهي؛ مان اجايو ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. پر جئورٽ جي ڳالهه ياد پئيس. سمجهيائين ته ڦاٿو ته بيشڪ آهيان! اهو به پروڙيائين ته جيتوڻيڪ مون گهڻو ئي اپڪار جو ڪم ڪيو آهي، تڏهين به مون پنهنجو اڳيون نالو پئي لڪايو آهي؛ مون مرض جيان ڪوڙ ويهي اندر ۾ سانڍيو آهي: انهيءَ نالي جي پڌر، معني ته اٺن سالن جي ڪئي ڪمائي ناس ٿي ويندي؛ سارو مانڊاڻو جو ويهي منڊيو اٿم، سو ڊهي پوندو؛ ان سان گڏ منهنجيءَ جيوَت جو هيءُ نئون ورق پڻ ورائجي ويندو. پوءِ دل کي آٿت ڏيئي چيائين ته ”مان ڇو اچي منجهيو آهيان؟ هيءَ ڳالهه ته سولي آهي! بيگناهه کي جي کڻي چوڪ ۾ پڪڙيو اٿن، ته تنهن ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ جي هن جي مٿان مصيبت آئي، ته تنهن لاءِ مان ڇو تلا هي ٿيان؟ ٻيو ته بڻجي ائين آئي آهي، سو شايد ڀڳوان جي به اها ئي مرضي ٿي ڀانئجي – مان ڇو ان جي ڪم ۾دست اندازي ڪريان؟ مان هاڻ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ رڌل آهيان. اها به خدا جي مرضي آهي ته مان ماڻهن لاءِ وڏو مثال ٿيان. تنهنڪري، مان ماٺ ۾ ٿو رهان. ڀل ته جيئن ڌڻيءَ کي وڻي، تيئن ڪار جوڙي.“ ائين چئي، هن کڻي ماٺ ڪئي. ڀانيائين ته هاڻ ضرور اندر جوآرام ايندو. پر اهاڳالهه ناشدني هئي. جاڳيل وويڪ کي اهڙو ماٺ ڪرائجي، جهڙو سمنڊ جي لهرين کي! اهو سوال ڪرڻ لڳو ته ”ڪهڙو نه شيطانيءَ جوڪم ٿو ڪرين! ماٺ ڪري ويهڻ، معنيٰ ڄاڻي ٻجهي هڪڙي بيگناهه ماڻهوءَ کي اٽڪائڻ!“ سمجهيائين ته ڀڳوان جي نظر ۾ اهو وڏو گناهه ليکجڻ ۾ ايندو. پاڻ تان شرم آيس، جو هن اٺن سالن ۾ اهڙو نيچ خيال پنهنجي من ۾ گهڙڻ ڪين ڏنو هو. هن پاڻ کان پنهنجي حياتيءَ جو مقصد پڇيو. چيائين ته ”منهنجيءَ جيوت جو مطلب رڳو اهو آهي ڪيئن ته مان پوليس کان پاڻ بچايان؟ جي ائين آهي، ته ڪاڏي ويو منهنجو پادريءَ کي ڏنل انجام؟ڪاڏي ويو منهنجو ايمانداريءَ جو ارادو؟“ پادريءَ کي ياد ڪري، چيائين ته ”هو به ائين چاهيندو ته پاڻ ڄاڻائي، مٿي تي گلا جو گهانگهو کڻ: سچ ڪاڻ، مچ ۾ ٽپ ڏيئي، سڙي کامي وڃ: لوڪ تان اهو کڻي، پرلوڪ جو خيال ڪر!“ اهي خيال ويچاري، نيٺ فيصلو ڪيائين ته آراس شهر ۾ وڃي ٿو پاڻ ڄاڻائي هن غريب کي بچايان.

اهو فيصلو ڪري. هن پنهنجيءَ بئنڪ ڏانهن هڪ خط پيسن ڪڍڻ بابت لکيو. پوءِ وري هو اچ وڃ ڪرڻ لڳو. هن کي فنٽائين جي اچي يادگيري پيئي. ڇرڪ ماري چيائين ته ”مار، مون هن جو خيال ئي ڪونه ڪيو! هن اٻلا جي ڪير سڌ لهندو؟، فنٽائين هن لاءِ ڄڻ ته اوندهه ۾ ڏيئيو ٿي آئي. هن جوخيال هاڻ وري ڦيرو کائي ويو. هو چوڻ لڳو ته ”هيستائين مون فقط پنهنجو خيال پئي ڪيو آهي؛ پر انسان جو فرض آهي ته پاڻ کان اڳي ٻئي جو خيال ڪري. مان جي وڃي ٿو پاڻ ڄاڻايان، ته انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو جو هن بيڏوهيءَ کي ڇڏي ڏيندا ۽ ان جي عيوض مون کي ترنگ ۾ موڪليندا؛ پر ٻيو نتيجو ڪهڙو ٿيندو؟ هي سڄو شهر، ڪارخانا، اسڪول، اسپتالون – سڀ ڊهي ويندا. هزارين زالون، مرد ۽ ٻار رلي دربدر ٿيندا. منهنجي هڪڙي سر ڪري ئي هيءَ سارو شهر پيو تڳي. مون کان اڳي هت ڀينگ ۽ سڃ هئي. مون ئي اچي ستل شهر ۾ ساهه وڌو. منهنجي وئي کانپوءِ اهو ساهه هليو ويندو. ڪمي ڪاسبي سڀ مري ويندا، ۽ ملڪ ويران ٿي ويندو. ٻيو ته هن اٻلا، فنٽائين، جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ هن اٻوجهه هيترو ڪشٽ ڏٺو آهي، مون سندس ڌيءَ آڻڻ جو انجام ڏنو آهي، اها ڪيڏانهن ويندي؟ منهنجي ڪري ئي انهيءَ زال هيترا دک ڀوڳيا آهن. منهنجو فرض آهي ته کيس ان جو بدلو ڏيان. مان ويندس ته هوءَ مري ويندي؛ ڌيڻس به گهٽين ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي مري ويندي! اهي سڀيئي ڳالهيون ڳريون آهن. اهو ٿيو ماهميءَ جو هڪڙو پڙ. ٻئي پڙ ۾ ڇا آهي، تنهن تي ويچاري، پوءِ ڏسجي ته ڪهڙو ڳؤرو. مان هتي ئي رهندس ته ڇا ٿيندو؟ هو چمپمئٿو بنديخاني ۾ ويندو، ته انهيءَ ۾ ڪهڙي حرڪت آهي؟ هن صوف چورايا آهن. چور جي جيل ۾ ويو ته ڳري ڳالهه ڪا نه آهي. مان هتي ڏهن سالن ۾ ڏهه ڪروڙ ڪمائيندس، ۽ اها سموري ملڪيت ماڻهن جي ڀلي ۾ لڳائيندس. ڪارخانن پٺيان ڪارخانا جاري ڪري، سون هزارن جي روزگار جو بِلو ڪندس. اسڪول، آشرم ۽ اسپتالون، يتيمخانا ۽ شالائون کوليندس. فنٽائين بچي پوندي، ۽پنهنجيءَ وڇڙيل ڌيءَ کي ملندي. اِهو ئي ساهميءَ جو پڙ ڳرو آحي. ٿيڻ ئي ائين گهرجي. مان چريو ته ڪين ٿيو هوس جو ٻيو ڪو خيال ڪيم. ڪهڙو نه مان ڳهيلو چئبس جو هڪ نالائق چور، جنهن جو هڪ پير اڳي ئي قبر ۾ آهي، تنهن جو هيترو ويچار ڪيم، پر سڄي شهر، هن زال ۽ سندس ڍيءَ جو خيال ئي ڪو نه ڪيم!“

هاڻ هن ڀانيو ته نيٺ مون سچ پروڙيو آهي؛ هاڻ اڳيون نشانيون ئي ناس ڪرڻ گهرجن. ائين سوچي، ڪٻٽ مان پنهنجي اڳين پوشاڪ، بغل ٿيلهي ۽ ڏنڊو، جي سڀ لڪائي رکيا هڻائين، سي ڪڍي باهه ۾ وڌائين. اوڏيءَ مهل، ٿيلهيءَ مان هڪ روپيو باهه ۾ وڃي پيو. اهو ساڳيو هو، جو جرويس ڇوڪر کان ڦريو هئائين. باهه جو ڀنڀٽ اڃا پئي هليو ته هن هڪ اندروني آواز ٻڍو، جنهن ”جين والجين! جين والجين!“ ڪري پئي سڏيس. اهو ٻڌي، هو ڪنبڻ لڳو. ڊپ وچون، وار سوئن وانگر کڙا ٿي بيٺس. آواز پئي چيس ته ”واه، اشراف، ڏاڍو سولو رستو ٿو وٺين! روپيون بتيون به ٿو ساڙين، پادريءَ کي به ٿو وسارين! مسڪين چمپمئٿوءَ کي اڙائي، پاڻ ٿو ڇڏائين! هن کي عمر لاءِ باند ڪرائي، پاڻ شهر جو مـُکي ٿي ٿو موجون ماڻين! ڙي ڪمبخت، اهو وري ڪهڙو انصاف ٿو ڪرين؟ ياد رک ته جي هزارين ماڻهو هٿ کڻي پيا توکي دعائون ڪندا، ته به هڪ ڄڻو آهون ڪڍي پيو پٽيندءِ! دعائون مڙيئي اِتي رهجي وينديون، باقي پِٽَ وڃي ڀڳوان وٽ پهچندي!“ اهو آواز هاڻ اهڙو ته زور شور سان آيو، جو جين ڀانيو ته ڪو ٻيو ماڻهو پيو ڳالهائي. واڪو ڪري پڇيائين ته ”ڪير آهي؟“ وراڻي ڪا نه مليس. اهو اندروني آواز هو، جو هر هڪ انسان جي هِردي ۾ رچيل آهي.

جين هاڻ ويچار ڪيو ته ”ڇا، هي سڀ ڪارخانا، باغ بنگلا ڇڏڻا پوندم؟ هيتري ناموس، مان ۽ عزت، بلڪه پنهنجي آزادگيءَ تان پڻ اهو کڻڻو پوندم؟ ٻنين ۾ گهمڻ، پکين جون لاتيون ٻڌڻ، ٻارن کي خرچيون ڏيڻ، پاڪ ڪتابَ پڙهڻ- اِهي سڀيئي ڇڏڻا پوندم؟ انهيءَ بدران ڳاڙها قيدين جا ڪپڙا، هٿن ۾ ڪڙيون، پيرن ۾ زنجيرون، سمهڻ لاءِ تختو، کاڌي لاءِ سڪل ڍوڍو، روز مٿان مار ۽ موچڙو، ۽ گار گند جو ڦهڪو – ڄڻ ته پهريان ويهه ورهيه انهيءَ آزار لاءِ ڪافي نه هئا!“ خيال ڪندي، چيائين ته ”اي مالڪ، تون منهنجي واهر ڪر. مون کي مت ڏي ته مان ڇا ڪريان: دنيا جي پدارٿن واري سرڳ ۾ رهي شيطان ٿيان، يا نرڳ جهڙي جيل ۾ وڃي ملائڪ ٿيان؟ ڙي ڌڻي، تون مون کي مدد ڪر! مان ڇا ڪريان؟ ڪيڏانهن وڃان؟“ اِتي گهڙيال ۾ ٽي بجا لڳا. هو ساڻو ٿي ڪرسيءَ تي ليٽي پيو، ۽ امالڪ گهري ننڊ اچي وئيس.

باب يارهون

اڃا ڪلاڪ کن مس نند ڪئي هئائين ته نوڪر اچي اٿاريس. چيائينس ته ”سائين، ٻاهر در تي گاڏي بيٺي آهي.“ هن عجب ۾ پڇيو ته ”گاڏي ڪهڙي؟“ اتي گاڏيءَ وارو پاڻ آيو، ۽ چيائين ته ”سائين، اوهين رات گاڏي ڀاڙي ڪري ويا هئا، سا آندي اٿم.“ هاڻ يادگيري پئيس، ۽ هو جلد ئي سنڀري تيار ٿيو. نوڪرن نفرن کي ڏس پتو ڪو نه ڏنائين، فقط ايترو چيائين ته مون کي ٻاهر ڪم آهي، رات موٽي ايندس، اوهين هن بيمار زال جي سنڀال لهجو. پوءِ هو روانو ٿيو. گهوڙو ڀلو هو. ٻن ڪلاڪن ۾ پندرهن ميل پنڍ ڪري، هڪ ڳوٺڙي ۾ منزل ڪيائون. ڳوٺ جو سئيس داڻو کڻي آيو. گاڏي پسي، پڇڻ لڳو ته ”سائين، اوهين ڳچ پنڌ ٿا وڃو ڪين ويجهو؟“ مئڊلين پڇيس ته ”ڇو؟“ چيائين ته ”سائين، اوهان کي ڀڳوان بچايو آهي: ڦيٿو ته جاچي ڏسو، ڪيڏو نه منجهس ڦاٽ آهي! اوهين اڌ ميل به پري ڪين وڃي سگهندا.“ مئڊلين پڇيس ته ”هت ڪو ڦيٿن ٺاهڻ وارو آهي يا نه؟ جي هجي ته مهرباني ڪري سڏي اچينس.“ ڦيٿن ٺاهيندڙ آيو. ڦيٿو ڏسي چيائين ته ”سڀاڻي تيار ٿيندو.“ مئڊلين چيس ته ”هڪ ڪلاڪ اندر تيار ڪر، جيڪي گهرندين سو ڏيندوسانءِ.“ ڪاريگر چيو ته ”سائين، اها ناشدني آهي.“

مئڊلين:  ڀلا، نئون ڦيٿو وجهي ڏيندين؟

ڪاريگر: سائين، ڦيٿا ٻه ڏبا آهن، نه هڪڙو.

مئڊلين:  چڱو ڀلا، ٻه ئي کڻي آءُ.

ڪاريگر:  سائين، اهي به اوهان جي گاڏيءَ تي پورا ڪين ٿيندا.

مئڊلين:  تڏهين ڀلا ڪا گاڏي ڀاڙي تي ڏينم.

ڪاريگر:  سائين، اوهان پراين گاڏين جي اهڙي ته سنڀال ٿا لهو جو جيڪر گاڏي هجيم ته به نه ڏيانوَ.

مئڊلين:  ڀلا ناڻي تي وڪڻندينم؟

ڪاريگر: مون وٽ گاڏي آهي ئي ڪا نه.

مئڊلين: منهنجو بندوبست ڪيئن به ٿيڻ گهرجي.

ڪاريگر: مون وٽ پراڻي گاڏي پيل آهي، جنهن ۾ ٻه گهوڙا ٻڌبا.

مئڊلين: مان ٻيو گهوڙو ڀاڙي تي ڪندس.

ڪاريگر: اوهان کي ڪٿي وڃڻو آهي، ۽ڪڏهين اتي پهچڻو آهي؟

مئڊلين: مون کي آراس شهر ۾ وڃڻو آهي، ۽  اتي ضررو اڄ پهچڻو اٿم.

ڪاريگر: سائين، اهو مشڪل آهي. ٻيو ته هيءَ پوک جي مند آهي، گهوڙا سڀ ٻنين تي رڌل آهن.

مئڊلين: ڀلا ڪو ٻيو اهڙو ڪاريگر آهي، جو تو سان گڏ ويهي هن ڦيٿي کي درست ڪري؟

ڪاريگر جواب ڏنس ته ”نه“. اهو ٻڌي، مئڊلين خوش ٿيو. دل ۾ چيائين ته ”گاڏيءَ جو ڦيٿو ڀڳوان ڀڳو، انهيءَ ۾ ضرور ڪا چڱائي هوندي. مون ته گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر خدا جي مرضي ٻي ٿي ڀانئجي.“ اڃا انهيءَ خيال ۾ هو ته هڪ ڪراڙي زال، ننڍي ٻار سان گڏجي آئي، ۽ اچي چيائين ته ”سائين، هي ڇوڪر ٿو چوي ته توهان کي هڪ ننڍي گاڏي کپي.“ مئڊلين چيو ته ”مائي، مون گاڏيءَ لاءِ پڇا ڪئي آهي، پر مون کي ملي ئي ڪا نه ٿي.“ مائيءَ چيو ته ”سائين، مون وٽ حاضر آهي.“ اهو ٻڌي، هو ڏڪڻ لڳو. پر وري به دل جهلي، مائيءَ کي چيائين ته ”چڱو، گاڏي وٺي آءُ.“مائي گاڏي وٺي آئي ۽ مئڊلين انهيءَ ۾ چڙهي روانو ٿيو.

انهيءَ ساڳئي وقت، فنٽائين ڏاڍيءَ خوشيءَ ۾ هئي. تپ ۽ کنگهه وڌيل هئس. ساري رات بي آراميءَ ۾ گذاريو هئائين. صبح جو ڊاڪٽر ڏٺو ته هن جو حال سخت آهي. هن آڱرين تي ڪجهه پئي ڳڻيو. ڀيري ڀيري دائيءَ کان پئي پڇيائين ته ”صاحب ڪٿي آهي؟“ هن جي اچڻ جو وقت کيس سجهيو پيو هو، ۽هوڪڏهين به ڪين گسندو هو. اڄ ٽن جا چار، ۽ چئن جا پنج اچي لڳا. هوءَ نااميد ٿي پيئي. دل ۾ چيائين ته ”مان سڀاڻي هلڻ هاري، هو اڄ مون وٽ ڪو نه آيو!“ پوءِ هن آهستي گيت ويهي ڳايو. اها لولي هئي، جنهن سان هوءَ پنهنجي ڍيءَ کي اڳي ننڊ ڪرائيندي هئي. اهڙي ته غمگين آواز سان ٿي چيائين جو ٻڌي، جيڪر ڪنهن جي دل سهي ڪين سگهي. اتي ويٺل سڀيئي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا. اتي نوڪرياڻي آئي، ۽ دائيءَ کي اچي چيائين ته ”صاحب سوير صبح جو گاڏيءَ ۾ چڙهي نڪتو آهي، خبر نه آهي ته ڪڏهين ايندو.“ گاڏيءَ جو نالو ٻڌي، فنٽائين پڇيو ته”اوهان صاحب بابت ڇا چيو؟“ دائيءَ چيو ته ”هو ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو آهي.“ اٻلا چيو ته ”ها، هو منهنجي ڪاسيٽيءَ کي وٺڻ ويو آهي. ڪهڙو نه هو مهربان آهي! ڀڳوان به ڏاڍو مهربان آهي؛ مون کي پنهنجي ڌيءَ وري ملائيندو. هاڻ هوءَ وڏي ٿي هوندي.... هن جاڳل ڳاڙها ٿيا هوندا. هينئر ڏاڍي ٿڌ آهي... صاحب پنهنجو ڪڙتو کڻي ويو يا نه؟ سڀاڻي منهنجي ڌيءَ ايندي! مونکي پنهنجي وڇڙيل ڌيءَ گڏبي. آءٌ خوشيون ملهائينديس ۽ شادمانا ڪنديس!“ اتي ڊاڪٽر آيو، تنهن کي ڏسي چيائين ته ”مان چڱي ڀلي آهيان. منهنجي ڌيءَ سڀاڻي ايندي!“ ڊاڪٽر هٿ وٺي، نبض جاچي ڏٺيس.گهڻو فائدو ڏسي، هن کي عجب لڳو. وڃڻ وير دائيءَ کي چيائين ته ”سڀاڻي جي ميئر صاحب هن جي ڌيءَ وٺي آيو ته شايد هيءَ چڙهي به پوي.“

باب يارهيون

رات جا اٺ بجا لڳا ته مئدلين آراس شهر ۾ پهتو. گاڏيءَ مان لهڻ شرط هن ڪورٽ جو ڏس پتو پڇيو. چيائونس ته هونئن ته ڪورٽ ڇهين بجي بند ٿيندي اهي، پر اڄ ڪنهن خاص ڪيس سبب اڃا کلي پيئي آهي. اهو ٻڌي، هو اوڏانهن ويو. در تي سپاهي بيٺو هو، تنهن کان اندر وڃڻ جي موڪل گهريائين، جا هن نه ڏنيس. تنهن تي هن ڪاغذ ٽڪر تي پنهنجو نالو لکي ڏنس ته وڃي وڏي جج صاحب کي ڏي. سپاهي موٽي آيو، ۽ سلام ورائي چيائينس ته ”سائين، ڀلي اندر هلو.“ ميئر صاحب کي اندر ايندو ڏسي، وڏو جج ڪرسيءَ تان لهي هيٺ آيو. ڏاڍيءَ عزت سان هن جي مرحبا ڪري، هن کي پنهنجي اڳيان ڪرسيءَ تي ويهاريائين. مئڊلين جون ويهڻ سان اکيون وڃي جوابدار ”چئمپمئٿوءَ“ ۾ کتيون. هن کي، ۽ سپاهين ۽ججن کي ڏسي، کيس پنهنجا اڳيان ڏينهن ياد آيا.

ڪيس پئي هليو. سرڪاري وڪيل چيو ته ”سائين، ثابتي پوري آهي: هي بيشڪ ”جين والجين“ آهي! هي اهو شخص آهي، جنهن هڪ ننڍي فقير ٻار، ”جرويس“، جا پيسا ڦريا؛ هن هڪڙي پهتل پادريءَ جا ٿانو پڻ چورايا؛ هاڻ وري، باغ ٽپي، وڻ مان صوف ڇنيا اٿس!“

بچاءَ جي وڪيل چيو ته ”هن ماڻهوءَ جونالو ”چمپمئٿو“ آهي. هي ايماندار ڪاٺير آهي، ۽ نه چور. صوفن واري ٽاري هن وڻ مان ڪا نه ڇني آهي، پر پٽ تان لڌي اٿس. هي ”جين“ نه آهي، بلڪه هن ”جين“ جو نالو به ڪو نه ٻڍو آهي ته هو ڪهڙي بلا آهي!“

وري سرڪاري وڪيل اٿيو، جنهن بلڪل وڏي لنبي تقرير ڪري، جوريءَ وارن ميمبرن کي چيو ته ”اوهين خيال ڪريو ته هيءُ ڪهڙو نه خوفناڪ قيدي آهي.!“

ويچاري چمپمئٿوءَ ته وائڙو ٿي هيڏانهن هوڏانهن پئي نهاريو. هو ڪجهه به سمجهي ڪين سگهيو. تقرير بند ٿيڻ بعد وڏي جج جوابدار کي چيو ته توکي ڪجهه چوڻو هجي ته چئه. چمپئٿوءَ چيو ته ”سائين“ آءٌ هڪ مسڪين ڪاٺير آهيان. اهو سخت پورهيو آهي. منهنجي ڌيءَ ڌوٻڻ هئي، جا نديءَ تي ڪپڙا ڌوئيندي هئي. هوءَ سڄو  ڏينهن سيءَ ۾ ڪم ڪري، رات جو موٽندي هئي، ۽ سڌو اچي سمهي پوندي هئي. مڙسس کيس ماريندو هو. هوهاڻ مري ويو آهي. ڪنهن کان به وڃي پڇو ته هيءَ ڳالهه سچي آهي يا نه!“ هن جي ڳالهه ۽ سندس چوڻ جو نمونو ڏسي، سڄيءَ ڪورٽ ۾ اچي کل پيئي. چمپمئٿوءَ جڏهين ڏٺو ته ٻيا سڀ ويٺا کلن، تڏهين پاڻ به انهن سان گڏ اچي کل ۾ ڇٽڪيو. سرڪاري وڪيل تاڪيد ڪري چيس ته ”جوابدار، تون خيال ڪري ٻن سوالن جو جواب ڏي: هڪڙو ته تو ڀت ٽپي باغ جي وڻ مان صوفن جي ٽاري ڇني يا نه؟ ٻيو ته تون جين والجين، ٽولان جيل وارو قيدي آهين يا نه؟“ چمپمئٿوءَ چيو ته ”پهرين پهرين ته-“ سرڪاري وڪيل اتي ئي وچ ۾ پئي، شوخيءَ سان چيس ته ”ڍيان ڪر- تون سوالن جو جواب برابر نه ٿو ڏين، سا ڳالهه تنهنجي آڏو ايندي. تنهنجو نالو چمپمئٿو ڪونهي، پر جين والجين آهي! تون ”فئرلوس“ شهر ۾ ڄائو هئين!“ اهو ٻڌي، چمپمئٿوءَ سرڪاري وڪيل ڏانهن نهاري چيو ته ”تون ته ڏاڍو ڪو لچ ٿو ڏسجين! اڙي، هوڏانهن ڇو ٿو نهارين؟ مان توکي ٿو چوان ته مون چوري ڪا نه ڪئي اهي. آءٌ ”ايلي“ شهر کان پئي آيس، واٽ تي هيءَ صوفن جي ٽاري پٽ تي ڪريل ڏٺيم ۽ کڻي کنيم. اها سڌ ڪا نه هيم ته انهيءَ ڪري مون سان ڪا هيڏي جٺ ٿيندي. ٽي مهينا ٿيا آهن جو اوهان جهلي کڻي قيد ۾ وڌو اٿم؛ در در ڀٽڪائي، اوهان منهنجو اڌ ساهه ته ڪڍيو آهي! پٺيان سپاهي، ڀلو ماڻهو، سو پيو پٺيءَ کان گهوسا هڻيم ۽ چويم ته ”جواب ڇو نه ٿو ڏين؟ ڳالهه کڻي سنئينءَ طرح سمجهاءِ!“ سمجهايان، سائين، ڇا؟ مان ته پڙهيو ڪو نه آهيان. وڪيل، تون ته ڏاڍو هوشيار ٿو ڏسجين. واه، کيڏاري، واه! توکي اها به سڌ آهي ته مان ڪٿي ڄائو هوس! اهڙي ته مون کي به خبر ڪا نه آهي. مون کي رڳو ايترو سماءُ آهي ته آءٌ اڳي ننڍو هوس، ۽ هاڻ وڏو آهيان. اوهين ته ڪي بيوقوف ٿا ڏسجو جو مون کي ”جين والجين“ ڪري اچي ورايو اٿو!“ ائين چئي، هو ماٺ ڪري ويهي رهيو.

پوءِ سرڪاري وڪيل، جئورٽ انسپيڪٽر جي شاهدي پڙهي ٻڌائي ته ”آءٌ هن قيديءَ کي سڃاڻا ٿو. هي برابر ”جين والجين“ آهي. مون هن کي ”ٽولان“ جيل ۾ ڏٺو هو.“ انهيءَ کان پوءِ ٽي ٽولان جيل مان خاص گهرايل قيدي ڪوٺيا ويا، ۽ سندن شاهدي ورتي ويئي. ٽنهي چيو ته ”ها، اسين هن کي برابر سڃاڻو ٿا. هو ڪيترا سال جيل ۾ اسان سان گڏ هو. هي ماڻهو ساڳيو اهو ”جين والجين“ آهي.“

چمپمئٿو ويچارو ته وسو ٿي ويو. پيو چوي ته ”واه، شابس هجيئي! پيءُ جو پٽ ته بيشڪ تون آهين! سچ ته تو سهي ڪيو آهي، ٻيا مڙيئي ڪوڙا!“ جج هاڻ پڇيس ته ”تو شاهدن جي شاهدي ٻڌي. توکي ڪي چوڻو آهي يا نه؟“ قيديءَ کلي چيو ته ”واه، کيڏاري، واه!“ انهيءَ تي سڄيءَ ڪورٽ ۾ اچي ٽهڪڙو پيو.

جج سرشتيدار کي چيو ته ”ماڻهو کي ماٺ ڪراءِ ته مان جوريءَ جي ميمبرن کي تقرير ڪريان.“ اتي سندس ڪرسيِءَ اڳيان چرپر ٿي،۽ مئڊلينن اٿيو. ٽولان وارن ٽن قيدين کي سڏي، چيائين ته ”اوهين هيڏي نهاريو! مون کي سڃاڻو ٿا يا نه؟“ اهو حال ڏسي، سڀني کان رڙ نڪري ويئي ته ميئر مئڊلين کي ڇا ٿي ويو. هو به سڄو سائو ٿي ويو هو ۽ ڪرڙيءَ وانگي پئي ڏڪيو. هيٺ لهي، قيدين وٽ ويو ۽ چيائين ته ”اوهين مون کي چتائي ڏسو: مون کي سڃاڻو ٿا يا نه؟“ هنن چيو ته ”اسين ڪو نه ٿا سڃاڻون.“ هڪڙو ته اهڙو ڊڄي ويو جو جنگي سپاهين جيان سلام ڪرڻ لڳو. اتي مئڊلين ڪورٽ کي چيو ته ”اوهين هن قيديءَ کي ڇڏي ڏيو، ۽ هن جي عيوض مون کي قيد ۾ وجهو: سچو ”جين والجين“ مان آهيان، ۽ نه هيءُ!“ جج ۽ وڪيلن ڀانيو ته ميئر سودائي ٿي پيو آهي، ۽ سو هنن ڊاڪٽر ڏانهن ماڻهو موڪليو ته گهر وٺي وڃي آرام ڪرائيس. مئڊلين چين ته ”آءٌ چريو ڪو نه ٿيو آهيان. اوهين هن بيڏوهيءَ کي ڇڏي ڏيو. آءٌ خدا کي حاظر ناظر ڄاڻي ٿو چوان ته مان ”جين والجين“ آهيان! اوهان کي اعتبار نه ٿو اچي؟ انسپيڪٽر جئورٽ جي هتي حاضر هجي ها ته جيڪر مون کي هڪدم سڃاڻي ها. ڀلا، جي اوهان کي پڪي ثابتي کپي ته اها به وٺو.“ پوءِ هڪ قيديءَ کي سڏي چيائين ته ”بريويٽ، مان توکي سڃاڻان ٿو. توکي يادگيري آهي ته جيل ۾ رنگارنگي چيلهڪي پائيندو هئين!“ قيديءَ انهيءَ تي ڇرڪ ماريو. ٻئي کي سڏي چيائين ته ”توکي ساڄي ڪلهي تي داغ آهي. تو هڪ ڏينهن نالي ڊاهڻ لاءِ پاڻ کي ڏنڀ ڏنو هو!“ ٽئين کي چيائين ته ”تنهنجيءَ ڏائيءَ ٻانهن وٽ سن ”1815“، ساون اکرن ۾ لکيل آهي!“ اهي ڳالهيون سڀ لڳي آيون. هاڻي ته ڪورٽ ۾ ماٺ ٿي ويئي. سڀني کي اها حيراني وٺي ويئي ته ٻئي کي بچائڻ لاءِ مئڊلين ڪيڏي نه جانفشاني ڪئي آهي. پوءِ مئڊلين چيو ته ”مان اوهان جو وڍيڪ وقت ڪو نه وڃائيندس. مان هتان گهر ٿو وڃان. سرڪاري وڪيل کي منهنجي جاءِ،ن نالي ۽ نشان جي سڌ آهي. هو سپاهي موڪلي،مون کي پڪڙائي سگهي ٿو.“ ائين چئي، هو ٻاهر هليو ويو.

ٿوريءَ دير کانپوءِ چمپمئٿوءَ کي ڇڏي ڏنائونئ هو مسڪين، پنهنجو سر لڪائي، واٽ وٺي رمندو رهيو ۽ ائين پئي چيائين ته واه جو چرين سان پلؤ اٽڪيو هوم.!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com