سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :5

ادب لطيف

جهامنداس ڀاٽيا

صورت

صورت جو آهه سارو سنسار: هڪ هڪ پنهنجيءَ پنهنجيءَ راءِ موجب ٿو روپ پائي، ويس مٽائي، ۽ وسَ جي وَهڪَ هلائي.

روپ ٿو روپ پسي. ايڏي اُڻتڻ الاجي اٿيس ڇو ٿي؟ اُڀَر اڀريس ٿي ڇا لاءِ؟

ٺاهه ٺوهه، ڇنڊَ ڦوڪَ، هار سينگار ڪنهن کي ٿو ڪرائي؟ ڪنهن لئه ٿو بڻائي؟ پاڻ آئين ۾ پاڻ پسي پيو پسي پاڻ. انهيءَ پسڻ ۾ رسڻ جو ڏاڻ کيس ملي ٿو ڪئن؟ امڙ اولاد ۾ پاڻ ٿي ڏسي؛ اديب پنهنجيءَ تصنيف ۾ ٿو پاڻ پسي؛ مصور  تصوير ۾ ٿو پاڻ پڏائي؛ موسيقار پنهنجي آلاپ ۾ ٿو اڏائي پتنگ پنهنجي امنگ جي رنگ جو؛ رقاص رقص ۾ ٿو رلائي پنهنجي روح جي راڳ کي.

انهيءَ ۾ اونهائيءَ جو آهي تهخانو، جو جدا جدا وقتن تي هڪ ئي صورت مان ٿو سماءَ ڏئي، جو جدا جدا صورتن مان هڪ ئي هڳاءُ جو ٿو پڙلاءُ ٿئي.

ڪاروان زندگيءَ جو، آهي روپ جي محفل! هِت هُت، جِت ڪِٿ وسندا هي روپ! ٻار رانديون ڪندو گـُڏن گـُڏين سان، سمنڊ جي ڪناري، مٽيءَ ۽ واريءَ جي ڍير سان، گهر اندر امڙ جي پير سان؛ پيو ڏسندو، ڪئن ٿي هلي، ڪيڏانهن ٿي ڇـُلي، ڪنهن کي ٿي ڇـَلي، ڪنهن کي ٿي ڇـِلي!

انهيءَ صورت ۾ ان جو آرام آهي.

وڏڙو ٿيو ته گهمندو. صورتن سان سندس سنڱ: سنگتي، سوداگر، پيو ڍونڍيندو. ڪن سان ڪم سانگي ناتو رکندو، ڪن سان محبت لئه؛ مگر ڪي اهڙيون به صورتون هونديون، جن سان ڏيٺ ويٺ نه هوندي به هو پيو کين ڀائيندو، انهن جي صورت جي ساراهه جا گيت پيو ڳائيندو، تندون پئيون تنوارون تائينديون، ۽ ٻڌائينديون ٻول دل جا.

ڪاروان پيو چـُرندو گهٽن مان. هڪ هڪ سـُرڪي اها پيو اوتيندو، جا سندس چـِتَ کي چين نه ڏيندي، يا وري جا کيس عين ُ اڳيون ڪندي حال صورت، خيال صورت، افعال صورت.

صورت صورت جو ڊول آهي ئي پنهنجو ڊيل ئي پاڻواڻو. پوءِ به ايڏيون صورتون جي انسان ڏسي پسي ٿو، تن مان ڪهڙيون کڻي، ڪهڙيون ڳڻي؟

وک وڌائيندو ٿو هلي وقت سان ڪاروان زندگيءَ جو. مگر  بُک بگهڙ واري بڇ ڪري بيٺي ٿي رهي. اهي بک ڀڄي ڪئن؟ گفتارَ کي به صورت ٿئي؛ رفتار کي چهڪ ۽ ٻهڪ ٿئي ٿي، جا ٻَکُ وجهي ٻيلهه کنيو وڃي بکايل کي.

هڪ انگ کي جي صورت آهي ته ان جي رنگ کي ونگ وري علحدو ڪونهي ڪئن. اک جي پٽ-ٻوٽَ کي آڏاري آهي، ته ڇاتيءَ جي ڇول کي وري ڪهڙي نه تکي ڪهاڙي آهي! اهي صورت جا پهلو آهن“ انهن ۾ صورتن جي سينگار جو رَسُ آهي.

ڪَسُ کائي ڇو مسافر هـُن ماڳَ جو؟ رس ڇو نه حاصل ڪري، واصل ٿي،

هيءُ عجائب گهر آهي. ڪيئن مقرر ڪري انسان ته روپ هيءُ رمڻيڪ آهي؟ ڪهڙيون ڪيميائي ڪيفيتون هڪ صورت پيدا ڪري سگهندي ۽ ٻيون نه ڪنديون، تنهن جو خلاصو هن جي سياڻپ سِٽي نه سگهندي. هو هلندو ٿو هلي، هونگاريندو ٿو هلي، مگر منزل هن جي الاجي ڪٿ.

روپ رسيلو  هجي يا رمڻيڪ، رمڻي جو هجي يا راٺوڙ جو- خبر نه آهي، ڪهڙيءَ گهڙيءَ ڪهڙي ڪناري گهائي ٿو وجهي! پوءِ ته اهو سانگي نه، مگر ساڻيهه بنجيو ساٿ بنجيو پوي اسان جي اندر کي رنگ ڏيندو، ونگ وجهندو، وٺيو ٿو هلي واٽ وحدت جي.

پر به اهو سودو سڦرو ڪو سولو ته ڪين ٿو ٿي سگهي: اَگهي جي اگهائي، سگهي جي سگهه مان ته نه ٿي دور ٿئي.

هن کي ڏسي، هن کي ڏسندو- هانءُ تڏهين به سندس ڪانوَ پيو اڏاريندو. هو آسمان پيو چاڙهيندو دوربينيون، زمين تي پيو ڪندو سنئيون خوردبينيون روپَ جي رَسَ ۾.

ڪاههَ وري به سندس واهه ۽ راههَ نه ڇڏيندي. تار هوندو ته تـُرها تاريندي اونداهه هوندو ته ڏيا تيل ڦليل جا ٻاريندي؛ مگر ٺارُ ته به نه ايندس جي، ته شڪاري پاڻ ٺاريندي.

صورت ۾ آهي ڇا، جو اکيون آتيون، زبانون ٻاتيون ٿيو ٿيون وڃن ۽ سڀئي سلطاني بند ڀڃي، هند ۽ سنڌ اهي ٿيون وڃي جهلين، جت جمال، ڪمال سـُرَ تال سان، سرو پيو سـُرائي.

ڇا آهي صورت ۾؟

چشما چاشنيءَ جا، ماکيءَ مصريءَ کان مٺا، ڪرشما آهن، جن سان برميچي سگهي ڪو نه ٿو ڪو جادو.

ڍالَ آهي ڇا، جا ڍُڙڪائي ٿي ڇڏي ڍيرَ؟ رنگ آهي ڇا روپ ۾، جو سنگ ئي باقي لڙ ۾ لوئيندو ٿو رهي؟

رنگ کي ونگ آهي بيشڪ، مگر سفيدي ۽ سرخي ڪڏهين ڪڏهين ته ڪرڙي پيئي ڀاسي، مٺي مٺي سرهاڻ سونهن واري، جنهن جو واس آهستي آهستي، بي آواز، چُرپُر ريءَ چرون ڪندو ٿو رهي، سو اچيو لهي اوطاقي، اساٽيل، ٻوساٽيل،

رنگ به رنگ ٿو ڪري! پلڪ پلڪ جو ملهه آهي. صورت ساڳي سالن جا سال ڇو نه هجي سامهون، ته به اوءَ املهه نه ٿي معلوم ٿئي“ مگر گهڙيءَ ۾ گهڙيال ڦريو وڃن، پاڇا لڙيو وڃن، ڍانڍ ڀريو پون، پلڪون جهلڪون جمال جون جهليو ٿيون بيهن: ٻوٽ سان ماڻهن جي مڻي دل کڻي، خوش ٿيو وڃيو آرامي ٿين، کولَ مهل وري ٻول ئي ٻيو ٿيو پوي! چڻنگ چوليءَ جهلي، هوا هلي دم جي ته اڀر آسمان سان اوراڻا اوريندي.

کجيءَ جي وڻ جيان چوٽيءَ تي تاج کڻي، ستارن سان سهيلپ جو سنگ نباهيندي.

پلڪون پنبڙن  جي ڇپرن هيٺ ڇوهي کي ڇانورو ٿيون ڏين؛ مگر لهرون سندن سائر جي سطحي سئر کان سرس ُ، جو ورث آهي کين ورهه جو.

تکائي سندن آتشي شيشي مان لنگهندڙ ڪرڻن کان تيز آهي. آميز آهي انهن ۾ عجيب. جلاج ته آهي اڃا دور.

هلڪڙيءَ بهار جي هوا جيان گهوم آهي انهيءَ اڇل جي. پير جئن وڃنس وڌندا ته ڪچڙو قدم سندس سگهارو ٿيو پوي.

اها ته آهي وسڪاري جي شروعات؛ مگر جڏهين نه اتانهينءَ تي اچي ٿو رسي سج، ته سَج ڌج صورت جي، انڊلٺ جي رنگن کي ريٽي، لپيٽي ٿي ڇڏي سارو سنسار.

سهاڳ جا سينگار سمورا سهڙيو سامهون ٿين.

صورت ۾ سمايل آهي، ڍڪيو، ڍاڪئون عبرت جو. کليو نه ٿو کلي، هلائي نه ٿو هلي. نه سـُڌ ئي ٿي رهي، نه سماءُ ئي ٿو ڇهي؛ ڇم ڇم ڇاتيءَ ۾ ذاتي ذوق جي، ڇالون ماريندي ٿي رهي گهڙيءَ پل لئه! ٽم ٽم ٽورَ وري پنهنجي وٺي لڏندي، لهرا ڏيندي، موڙا ڏيندي، ترڪندي رهي ڊيلَ وانگيان.

رقص رڳن جو، پلڪن جو پلٽو.

من، دل، روح، مڙيو ئي ملي جلي، مصلحت ۽ ملمَ اها کڻي اڪاريندا جو ائين پيو وسهڻ ۾ ايندو ته آب کي آگ ۾ کڻي ٽٻويو اٿن ۽ جهڳمڳ جادوءَ جي کڻي پيدا ڪٿي اٿن.

بلوري ماڻيڪون ڪرڻن جي ڪرڻيءَ سان ڪيچ ڪريو ڇڏين.

ڊاهه ڊاهي، ٺاهه ٺاهي ڇڏين ٻيلن جهنگلن مان، جت جسم کي هوند جرات ٿئي ئي ڪين قدم رکڻ جي.

فصيح آهي فلڪ تنهن جو؛ وسيع آهي تنهنجو وٿاڻ: صورت ستارا تنهن جا، نديون نارا تنهن جا؛ مقربا تنهنجا، منارا تنهن جا؛ باغ تنهنجا، بلبون تنهن جون؛ پهاڙ تنهن جا، آبشار تنهنجا؛ باقي رهيا ڪنهن جا.

ٽم ٽم ماڪ جي ڦڙن جي، بي آواز آغاز ڪندي ٿي رهي رقص صورت جي سئر ۾.

گل کـُلن، ڦل ڦـُٽن، ٽاريون ٽِلن، پرندا ڇـُلن: سڀئي سنگي، ساٿ ڏيئي، هلائين سنگيت صورت جو.

سج چڙهي يا چنڊ چري، رنگن جو ڪمانون ٺهن يا پردا لهن، هت يا هت، پر هيج ۽ کيج صورت سهاڳڻ جو هلندو رهيو.

اعليٰ آهي آلاپ صورت جو.

سازي سنجن جي، گنجن گلن جي مان نفيسي مقناطيسي کڻي، رنگ ۾ ٽٻوئي، لطيف پوچي هڻي، چمڪ هريو چهڪ هت چپٽائي، اٽڪائي ٿي ڇڏي راهيءَ کي. گمراهيءَ ۾ گهيري، آکيڙي ٿي ڇڏي سندس بنيادي بينائي، دفن ڪريو ڇڏي سندس دانائي.

گم ٿيو وڃي راهه: گواهه به لڀيو نه لڀي، جو کڻي ڪري آگاهه عدالت کي ته گناهه اصل  ڇلڪو کائيندي ڇيهي ڏيڻ کان ڇرڪي نه ٿو.

ڪپر وري ڪپر آهي، جو صورت کي هاشو ڏيئي، سندس حدون ۽ سرحدون صاف اک کي ٿو ٻڌائي.

ندي ڪَپر ڌاران بي راهه ٿيو پوي. ڪير چوي کيس ته ليڪو لتاڙي، ٻهاري ٿي ڇڏي ٻنيون، ٻوڙي ٿي ڇڏين ونيون نوَل، جي اچن پاڻيءَ چڪي لاءِ تڙ تنهنجي!

روپ ته رنگ سان رات ڏينهن رهاڻيون ڪندو ٿو رهي؛ مگر جي نه منهن ۾ مڻيا، روپ ۾ رتي آهي، ته صورت ڪانياري ڪين ٿي ٿئي رنگ جي.

هارَ هسيءَ کان، بيڪسي ءَ۾ به آهي صورت جو رنگ ۽ ونگ: دنگ الاجي آهي ڪِٿ سندس؟

ڪائنات جي صورت ڪيڏي نه وسيع آهي. خيال ڍالي نه ٿو سگهي ان کي ڪاغذ يا ڪپڙي تي. حال جي صورت جي هرکائي ٿي، ته ماضي وري چَکَ چوکي نه ٿي چکائي ڪئن؟

ڪلاڪار صرف انهيءَ صورت جو ڪو پاسو،ڪا ڪنڊ کڻي پيش ڪندو، مگر حوصلو سندس هيڻو پئجيو وڃي، جڏهين هو مونا ڀڃي ويهي قلم سان رنديون ڪرڻ.

ڪل صورت سندس اک ۾ وڃي جي ويهڪ ڪري ويهي، ته هوند سندس هانءُ ڀرجي اهڙو ته پئي، جوسگهي نه ڪڍي ٻاڦ ان ديدار جي.

ديدَ جي ديوارن اندر بند آهي صورت؛ ڪاٺن جي ڪمانن اندر قيد آهي مورت؛ ڪنارن جي نهارن هيٺ قابو اهي وهڪ؛ چـُر پـُر ۽ چهڪ آهي آسماني اکي جي لک هيٺ، تڏهين صورت سينو ساهي، ڦاهي چاڙهي ڪئن ٿي؟

صورت جي قيد جي قائل نه آهي، ته آزاد به نه آهي؛ ادي آباد نه آهي، برباد نه آهي؛ شاد آهي بادجيان،

صورت جو سفر لنبو، قدم سَرل، دم بيدم؛ رنگ رمڻيڪ، قد بيحد تان بي باحد؛ بد کان بيزار، سدا بهار، جنهن جو عڪس نه آڪار!

ڪلاڪار صورت کي مڪاني، مقامي ڪريو ڇڏي. هو کيس بيگهر سمجهي گهر اڏي ٿو ان لاءِ.

آسماني وجود جو آهي سندس سرير: ڪهڙو مير سندس مقابلو ڪري؟ زندگي صورت جو قافلو وٺيو ٿي هلي، جنهن جو جمال پسي جيءُ جڪڙ ۾ اچيو وڃي.

هو چوي: صورت کي مون جهليو آهه جانِ ۾!

صورت چوي: مان توکي بيجان ڪري ڇڏينديس.

هو چويس: مان لوهائين ڪوٽَ ۾ ڪندس توکي قيد.

هوءَ چويس: اول قيد ڪري، توکي ڪـُهي قيمو ڪنديس. آءٌ البيلي آهيان، نت نويلي آهيان. آءٌ خود حويلي آهيان، جا گهڻن کي اَجهو ۽ آسرو ٿي ڏئي. گهمندي وتان، نچندي وتان، مگر پچندي آءٌ ڪڏهين ڪيمَ رهان.

ڪِٿ ڳولي ڳوليان ڪِٿ توکي؟

هر هنڌ، هر چيز ۾.

خيال آهه تنهنجو ايءُ خاڪي، جو ملاقي مورت کي دل ڏيو ويٺو دانهون ڪرين. آءُ ته وٺڻ جي نه آهيان، وڍجڻ جي نه آهيان، ڍئجڻ جي نه آهيان. ڏسيو پئي ڏسان؛ هسيو پئي هسان. سهڪي سڏڪا ڀرين، ته به قياس مون کي مور نه اچي. مان نڪوري نئين. سج سنئين، سفر نئون نئون؛ صورت جوسانگ سنئون سنئون.

ڪَلُ ڪلا جي صلاح سمايل آهي سرير منهنجي ۾: پوءِ منجهين مرين ڇو ٿو مهماني مورت پويان؟

صورت جو سامان ٻار سهيڙي، يار سهيڙي، نار سنڀاري، ڀتار اڪاري، پانڌي نهاريو، پيو نهاري.

صورت ٻارڻ ٻاريو پيئي ٻاري.

سهاري سندس  پيو هلي چرخو، حيران هزارين، غلطان لکين، ته به نه سک نه آرام انهن مان ڪنهن کي اچي هٿ. وَٿ نه وِٿ ڇڏي ٿي اوءَ ڪنهن ڪونڌر وٽ. جو آيو، سو اگهيو.

صورت مڪاني آهي، صورت لامڪاني به آهي: ٿاني به آهي، لاثاني به آهي؛ فاني به آهي، لافاني به آهي.

 مڪاني لست آهي. لامڪاني الست آهي: مست آهي، آست آهي. صورت جو تاب بي باب آهي، لاجواب آهي.

صورت جو جهان، بي بيان آهي. اگرچ اهو آهي نشان نور جو، ته به هڪ هڪ ۾ هٻڪار ۽ سينگار آهي پنهنجو پنهنجو.

عبرت جو افسانو ٿي صورت ٻڌائي. صورت سان ڪير هٿ اٽڪائي؟

ڪلاڪار، اکيون مچڪائي، رنگ ملائي، پيو الائي گيت: ”صورت جو سرود، آهي. آواز عجيبن جو!“

افسانا

1.

نيٺ بهار آيو

آغا سليم

2.

ڪارو تِر

غلام نبي مغل

3.

’نه ته ساڻ هلن ٿا سيِر ۾‘

علي بابا

4.

منهنجا ڀاڳ، هن جا ڀاڳ

گوورڌن محبوباڻي

5.

قتل

طارق اشرف

 

ناٽڪ

 

1.

چوڙيلڻ

رائچند چيلهار

 

صبح جو هو اٿيو ته سندس حالت ائين هئي، جيئن رات جو تمام گهڻو کائي سمهڻ وارو پاڻ کي صبح جو ٿڪل ۽ بيمزي محسوس ڪندو آهي. حالانڪه هو سڄي رات بکيو رهيو هو.  ڏينهن جي سوجهري ۾، ڪلهوڪيءَ محبت جا واقعا ڪيتريقدر اڻ اعتبار جوڳا ۽ غير اصلي پئي معلوم ٿيا. صبح ڏاڍو روشن ۽ سونهري هو. رات وچ ۾ بهار پلٽجي پيئي هئي. رات وچ ۾ سونهري گلن سڄيءَ ساوڪ تي قبضو ڪري ورتو هو. هن پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏٺو ته گلاب ۽ موتئي جي بيشمار گلن سڄي باغيچي تي ڄڻ هڪ گلابي ۽ سفيد چادر وڇائي ڇڏي هئي.

جان گالزوردي: ”صوف جو وڻ“

آغا سليم

نيٺ بهار آيو

اڄ شفق جو رنگ تيز، تکو ۽ ڳوڙهو ڳاڙهو هو- ڄڻ سج کي به سلهه ٿي پيئي هئي، ۽ سج اونداهيءَ ۾ غرق ٿيڻ کان ٿوري دير اڳ، رت جي الٽي ڪري، ساري افق کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. آسمان مان ٽمندڙ ڳاڙهي ڳاڙهي رت ۾ ڀر وارن وڻن جي ساون ساون پنن به ڳاڙهان جي جهلڪ ٿي ڏني. سانجهيءَ جو پنهنجن پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽندڙ پکين چِر چِر لائي ڏني هئي. هوا جي هلڪي، غير محسوس جهوٽي سان فضا ۾ عجيب پراسرار چرپر پيدا ٿيو ٿي ويئي- ڄڻ موت جو فرشتو پنهنجا پر ڦڙڪائي رهيو هجي. ڀر وارن وڻن جي پرئين ڀڪ ڪڇي مزدورن جون جهوپڙيون هيون. هڪڙي ڪڇي مزدور پنهنجيءَ سارو ڏينهن محنت مزدوري ڪندڙ، ساري ڪٽنگ لاءِ ماني تيار ڪندڙ ۽ رات جو مڙس جي ميري، ڦاٽل ۽ بدبودار بستري تي چادر وانگر وڇانئجي ويندڙ زال کي ماري ڏني هئي، ۽ هوءَ رڙيون ڪري روئي رهي هئي. ”هاءِ ڙي، ماءُ! تو مون کي ڇو ڄڻيو ڙي! تو مون کي هن راڪاس جي ٻائڙي ڇو بڻايو ڙي!“

اهي سڀيئي مزدور سامهون واريءَ نئين تعمير ٿيندڙ سڙڪ تي مزدوري ڪندا هئا.  اها سڙڪ ويهه ميل ڊگهي هئي، ۽ هڪ ننڍڙي شهر کي وڏي شهر سان ڳنڍڻ لاءِ تعمير ڪرائي ٿي ويئي. انهن ڏينهن ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ، ”جلال“ پي ڊبليو ڊي. کاتي ۾ ننڍو انجنيئر هو، ۽ اها سڙڪ جلال جي نگرانيءَ هيٺ ئي تعمير ٿي رهي هئي. جلال مون کان رڳو هڪ سال ننڍو هو. عمر جي ان معمولي تفاوت جي ڪري، اسين ٻئي هڪٻئي جا ڏک سک جا ساٿي ۽ هڪٻئي جا رازدار هئاسين. جلال کي قدرت سونهن به ڏني هئي، ته صحت به. هن جي ڳالهين ۾ الاجي ڪهڙو جادو هوندو هو، جو هن کانسواءِ دوست پنهنجين محفلن کي ويران سمجهندا هئا ۽ وڏيون وڏيون امير ۽ مغرور ڇوڪريون هن جا ٻه ٻول ٻڌي، ساري رات پنهنجن ريشمي بسترن تي پاسا ورائينديون رهنديون هيون. هن کي دنيا جي هر ڳالهه جي ڄاڻ هئي، ۽ هو هر موضوع تي ڏاڍيءَ ڪاميابيءَ سان ڳالهائي سگهندو هو. هن کي رڳو اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته شاعر ۽ افسانه نويس بک ٿا مرن، ته به شاعري ۽ افسانا نويسي ڇو ٿا ڪن- پي . ڊبليو . ڊي. کاتي ۾ ٺيڪيداري ڇو نه ٿا ڪن؟ هن مون کي به صلاح ڏني هئي، ته مان ايم . اي. ڪرڻ ۽ ڪهاڻين لکڻ جي بجاءِ وٽس ٺيڪيداري ڪريان. پر مون اڃا ايم اي پاس مس ڪئي ته مون کي سلهه ٿي پيئي، ۽ مان هت ٺيڪيدار بڻجي اچڻ جي بجاءِ آرام ڪرڻ آيو هوس. ڊاڪٽرن مون کي صلاح ڏني هئي ته مان ڪنهن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي سلهه جو باقاعدگيءَ سان علاج ڪرايان. پر مون علاج ڪرائڻ نه ٿي چاهيو؛ ان لاءِ جو مون جيئڻ نه ٿي چاهيو. جِي به ڇا ڪريان ها؟ ساري عمر بيمارين ۾ گهاري هيم. هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾ نه ڪو دوست هو، ۽ نه ڪو ساٿي. جيئڻ جو نه ته ڪو سبب هو،  ۽ نه ئي ڪو بهانو. ڪاليج ۾ پاڻ جيڏن ۾ به ويڳاڻو ويڳاڻو پيو گهمندو هوس. پنهنجي چوڌاري اڪيلائيءَ ۽ ويرانيءَ جا برپٽ ڦهليل نظر ايندا هئم، جتي خوشيون رڃ جيان پئيون منهنجا چٻرا ڪڍنديون هيون. ان اڪيلائيءَ جي ڪري منهنجي شخصيت، منهنجي اَنا ۽ منهنجو روح، منهنجي وجود ۾ ئي قيد ٿي ويا هئا، ۽ گهٽتائيءَ جو احساس منهنجي اعصاب تي سوار ٿي ويو هو. زندگيءَ کان لاشعوري طور نفرت ٿي پيئي هيم. ايم . اي . پاس ڪيم ته سلهه ٿي پيئي. ان بيماريءَ کان پوءِ مائٽن به منهن موڙي ڇڏيو. زندگيءَ کان نفرت وارو جذبو، ڦري، پنهنجو پاڻ کان عذاب ڏيئي انتقام وٺڻ وارو جذبو ٿي پيو، ۽ مان ڪنهن سينيٽوريم ۾ داخل ٿي علاج ڪرائڻ جي بجاءِ هت پنهنجي ننڍي ڀاءُ وٽ هليو آيو هوس. هن مون کي پنهنجي تنبوءَ کان گهڻو پري (ڄڻ مان ڪو اڇوت هجان!) تنبو هڻائي ڏنو هو، ۽ مان ان تنبوءَ ۾ اڪيلو رهندو هوس.

جنهن زندگيءَ جي مون کي تمنا هئي (جا تمنا ٻين هزار تمنائن جيان منهنجي سيني جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويئي هئي)، ان زندگيءَ کي جلال جي جهوليءَ ۾ ڏسي مون کي پراڻا داستان ۽ ڪهاڻيون ياد اچي وينديون هيون ته ڪيئن ڪوه قاف ۾ رهندڙ نيلم پريءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏو شهزادو گهران نڪتو هو، ڪيئن هوڪارن ديون جي چنبي ۾ ڦاسي پنڊ پهڻ ٿي ويو هو، ۽ ڪيئن وري ننڍي شهزادي ڪارن ديون کي ماريو هو ۽ نيلم پريءَ کي حاصل ڪيو هو. زندگي به ته ڪوه قاف ۾ رهندڙ نيلم پري ئي آهي! جلال ان کي ماڻيو هو، ۽ مان سلهه جي ڪاري ديو جي چنبي ۾ ڦاسي ويو هوس.

منهنجي تنبوءَ کان گهڻو پري جلال جو تنبو هو. هن جي تنبوءَ سان لڳ اوورسيئرن جا تنبو هئا. کاٻي طرف گهاٽا گهاٽا وڻ هئا. وڻن جي پرئين ڀر، ڪڇي مزدورن جون جهوپڙيون هيون. انهن جهوپڙين ۾ ”هري“ به رهندي هئي.

هريءَ کي پهريون دفعو مون ان سڙڪ تي ڪم ڪندي ڏ‎ٺو هو. هوءَ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ گجريءَ سان گڏ، سڙڪ کان ٿورو پرڀرو، وڻن جي اوٽ ۾ ويٺي پٿر ڪٽي رهي هئي. ٻئي ڀينر اڪيليون هيون، ۽سندن آسپاس ڪير ڪو نه هو. ايتري ۾ هڪڙي داروغي هريءَ جي ويجهو اچي چيو هو:

”هري، جاني! اسان ڏي به ته نهار!“

هري ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي هئي- ڄڻ هن جي وڏي گهيردار پڙي ۾ ڪو ڦلڦلو، غليظ ۽ زهريلو نانگ گهڙي ويو هجي. اکيون ڦوٽاري، ڏند ڀڪوڙي، ۽ مترڪو اڀو ڪندي هن چيو هو:

”حرامي جا ڦر! ماڻهين جانيءَ کي چئه ته توڏي نهاري!“

ٻيو دفعو مون هريءَ کي واهه تي پاڻي ڀريندي ڏٺو هو. مان صبح جو سوير، پرهه ڦٽيءَ مهل، تازيءَ هوا کائڻ لاءِ جهنگ ڏانهن هليو ويندو هوس. اسان جي ڪئمپ کان ٻه فرلانگ کن پري هڪڙو واهه هو. واهه جي پرئين ڀر ”واپڊا“ وارن جي ڪئمپ هئي. ان ڪئمپ سان بلڪل لڳ هڪڙو باغ هو،  جنهن ۾ صرف انبن جا وڻ بيٺل هوندا هئا، ۽ زمين تي گاهه  جي چادر وڇايل هوندي هئي. مان صبح جو سوير ان ماڪ ۾ ڌوتل گاهه جي سائيءَ چادر تي ويهي، نئين سج ڏانهن نهاريندو هوس، ۽ انبن جي ٻور جي کٽڙي کٽڙي خوشبو ڀاڪر ۾ کڻي ايندڙ هوا مان زندگيءَ جا ساهه کڻندو هوس. هتي اچي مان وساري ويهندو هوس ته منهنجن ڦڦڙن ۾ ٽـُنگ آهن.  هتي، هنن وڻن جي هيٺان ليٽي، سج جي انتظار ۾ افق ڏانهن نهاريندي، مون کي ائين محسوس ٿيندو هو، ڄڻ مان ساري زندگي روئيندو رڙندو، ڀٽڪي ڀٽڪي، ٿڪجي ٽٽجي، ماءُ جي گود ۾ اچي ڪريو آهيان،  ۽ ٿڌيري هير منهنجي پيشانيءَ ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيري مون کي آٿت ڏيئي رهي آهي.

هڪڙي ڏينهن مان گاهه تي ليٽيو پيو هوس ته مون کي زنانو آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”او  ٻاپو! هي مـَٽُ ته کڻاءِ“

مون ڪنڌ مٿي کڻي ڏٺو. واهه جي ڪپر تي هري بيٺي هئي. هن پاڻيءَ جو مَٽ ڀريو هو، ۽ مَٽ کڻائڻ لاءِ مون کي سڏي رهي هئي. مون اٿي هن جي مَٽ ۾ هٿ وجهرايو. هوءَ مَٽ ۾ هٿ وجهڻ لاءِ نوڙي، نوڙڻ وقت هن جي سوڙهيءَ گهگهريءَ مان هن جو جوڀن اٿل کائي ٻاهر اچڻ لڳو. زندگي ۾ پهريون دفعو ڪا جوان ڇوڪري منهنجي ايترو ويجهو آئي هئي. ان ويجهڙائيءَ کان مون ڏ‎‎ٺو ته هريءَ جي محنت ۽ مزدوريءَ ۾ پيٺل جسم جو رنگ کوري ۾ تتل ٽامي جيان هو، ۽ هن جي جسم مان هلڪي هلڪي بوءِ اچي رهجي هئي. اهڙي بوءِ، جنهن کان منهنجا حواس اڻ سونهان هئا. جنهن کي مان نه ته بدبوءِ چئي ٿي سگهيس، ۽ نه ئي خوشبوءِ. الائي، اها هن جي جوڀن جي بوءِ هئي، الائي، بهار جي اها بوءِ، جيڪا ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهان ئي ايندي آهي! مون کي پنهنجي ساوڻيءَ جي درياهه جيان اٿلون کائيندڙ جوڀن ڏانهن ڏسندو ڏسي، هن چيو:

”اکيون ڦاڙي ڇا ٿو ڏسين، ڙي؟ اکيون ڪڍي ڇڏينديسانءِ! مَٽ کڻائڻو اٿيئي ته کڻاءِ، نه ته هل، وٺ پنهنجو رستو!“

”مان.... مان ته ڪجهه نه ٿو ڏسان.“ مون هٻڪندي چيو.

”...” مان ته ڪجهه نه ٿو ڏسان!“ هن وات چٻو ڪري،  منهنجي اهل ڪئي، رئي جي پلاند ورائي، هن پنهنجو سينو ڍڪيو ۽ نوڙي مٽ ۾ هٿ وڌائين. مٽ مٿي تي رکي چيلهه کي موڙو ڏيئي، وڏي گهيردار پڙي کي لهرائيندي، نچائيندي، هو ءَ هلي ويئي.

ٻئي ڏينهن تي مان ويس ته هري اڃا ڪا نه آئي هئي. مان واهه جي ڪپر تي ويهي هن جو انتظار ڪرڻ لڳس. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوءَ آئي. اڄ هوءَ دلو کڻي آئي هئي. مون کي ڏسي هن جي نراڙ تي گهنج پئجي ويا. منهن ۾ سونڊ وجهي، مون کان پرڀرو ويهي هوءَ دلوءَ دلو ڀرڻ لڳي. مون هن جي ويجهو وڃي چيو:

”ڇو، اڄ دلو نه کڻائيندينءَ ڇا؟“

”روزو روز هِري پئين ڇا، ڙي؟“ هن مون ڏانهن شوڪي نهاريندي چيو.

مان لڄي ٿي ويس، ۽وڌيڪ ڪڇي نه سگهيس. هوءَ دلو مٿي تي رکي، چيلهه مٽڪائيندي هلي ويئي.

مان هر روز هن جو انتظار ڪندو هوس. هوءَ هر روز پاڻي ڀرڻ ايندي هئي. مان ان سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس. هوءَ به ڳالهائيندي هئي، پر ڏاڍيون ڇڙٻيون ڏيئي- ڄڻ وڙهڻ ايندي هئي.

هڪڙي ڏينهن هوءَ پاڻي ڀري رهي هئي ته مون هن کي چيو: ”هيڏي! ڳالهه ته ٻڌ- هن ڪاوڙ ۾ اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن نهاريو، ۽ چيائين: ”اڙي، هيڏي هيڏي ڪري ڇو ٿو ڳالهائين؟ مان ڪا تنهنجي.... سڌيءَ طرح نالو ڇو نه ٿو وٺين.؟“

”مون کي ته تنهنجي نالي جي به خبر ڪانهي.“

”توکي منهنجي نالي جي خبر ڪانهي؟“ هن حيرت وچان پڇيو. ”اڙي، منهنجو نالو هري آهي!“

”هري! مون پهرين به توکي ڏٺو هو. تون سڙڪ تي ڪم ڪندي آهين نه؟ مان اُتي رهندو آهيان. اتي جيڪي تنبو لڳل آهن، مان انهن ۾ رهندو آهيان.“

هن مون ڏانهن نهاريو، هن دفعي هن جي نهارڻ ۾ ڪاوڙ ڪا نه هئي.

”سرويل آهين ڇا؟“ هن پڇيو.

”نه.“ مون وراڻيو.

”داروغو آهين؟“

”نه، مان ته هڪ عام ماڻهو آهيان.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هن کان ٽهڪ نڪري ويو، ۽ کلندي چيائين: ”سرويل ۽  داروغو ماڻهو نه ٿيندا آهن ڇا؟“

”ماڻهو ته ٿيندا آهن،“ مون چيو، ”اصل ۾ منهنجو مطلب هو ته مان غريب ماڻهو آهيان.

”غريب ماڻهو ته آهين، پر ڪو ڪم ڪار ته ڪندو هوندين؟“

”ڪم ڪار ته ڪو نه ڪندو آهيان.“

”پوءِ وري غريب ماڻهو ڪيئن آهين؟ ڪم ڪار به ڪو نه ڪرين، ههڙا وڳا به ڍڪين، پوءِ به چوين ٿو ته غريب ماڻهو آهيان!“

”مان شهر ۾ پڙهائيءَ جو ڪم ڪندو هوس. ڪم ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، سو ڪجهه ڏينهن لاءِ هت آرام ڪرڻ آيو آهيان. سارو ڏينهن تنبوءَ ۾ اڪيلو پيو هوندو آهيان. هري، توکي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پوندي ڪري ته مون کان وٺي ويندي ڪر. مان تنبوءَ ۾ اڪيلو رهندو آهيان. منهنجو تنبو ڏٺو اٿئي؟ سڀني تنبن کان ڌار، وڻن جي ڀرسان جيڪو تنبو لڳل آهي نه، مان ان ۾ رهندو آهيان.“

”اڙي، جيڪا ڳالهه من ۾ اٿئي اها کولي ڇو نه ٿو چوين؟ مان سڀ سمجهان ٿي. هر روز هتي ويٺو منهنجو انتظار ڪندو آهين. اڄ لوري تنبوءَ ۾ پيو سڏائين! مان سڀ سمجهان ٿي. مان ڪا ٻار ڪا نه آهيان. مڙد کي هڪ دفعي ڏسڻ سان پرکي وٺندي آهيان. تون مڙيئي چڱو ماڻهو پيو لڳين.“

”هي هي هي...“ مان ڦِڪي کل کلڻ لڳس. ”مان توکي کولي ڪيئن ٻڌايان، هري، ته تون مون کي ڏاڍي وڻندي آهين! تنهنجون ڳالهيون ڏاڍيون مٺيون لڳنديون اٿم. دل چوندي آهي، سارو ڏينهن تون مون سان ويٺي ڳالهيون ڪندي رهين. ۽ مان ٻڌندو رهان.“

”واه ڙي واه! چڱي ڳالهه ٻڌايئه. سارو ڏينهن جي توسان ويهي ڳالهيون ڪندي رهان، ته پوءِ منهنجي بدران ڪم ڪير ڪندو؟“

”هري، مان هن دنيا ۾ صفا اڪيلو آهيان. منهنجو ڪير ڪونهي. ڪير ڪونهي، جنهن سان ويهي اندر جو حال اوريان. تون جهٽ پلڪ لاءِ ايندي ڪر ته توسان ويهي ريهاڻ ڪندو ڪريان.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com