سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :17

لالچند امر ڏنو مل

”مهراڻ“ جي ڪن گذريل پرچن ۾ حـُر تحريڪ بابت محترم وليداد ”وليءَ“ جي لکيل،ڊائريءَ جي صورت ۾ قلمبند ڪيل، مسلسل مضمون جون ڪجهه قسطون شايع ٿي چڪيون آهن. ان جون باقي قسطون پڻ انشاءَ الله جلدي شايع ڪيون وينديون في الحال هي مختصر مضمون ان موضوع تي پيش ڪجي ٿو – ادارو

حر مکيءَ جا

]”تون ته ڪو حـُر آهين“ سنڌيءَ ۾ اهو اصل پهاڪو ٿي ويو آهي. 1895ع ڍاري انهن ساريءَ سنڌ، خصوصاً ٿرپارڪر ضلعي ۾ اهڙو رڻ ٻاري ڏنو ۽وقت جي سرڪار کي اهڙيون پوپٽيون پڙهايون، جو جيڪڏهن ڪو ڄاڻو افسانه نگار يا ناول نويس هجي ته حقيقتون ڪٺيون ڪري، هڪ عمدو ناول تيار ڪري وجهي. آءٌ پاڻ ۾ اهڙي صلاحيت نه ٿو ساريان، جيتوڻيڪ ڪئين حقيقتون موجود اٿم. هت ڪي حقيقتون مختصر طور پيش ڪريان ٿو-م.ج[

مکي ڍنڍ سانگهڙ جي ڀر ۾، اڍ ڪوهه پنڍ تي آهي. ان جي ويڪر 16 ڪوهه، ڊيگهه 32 ڪوهه، ۽ ڪل ايراضي 512 چورس ڪوهه آهي. ڍنڍ جي چوڌاري ڪانهه، ليون، ڪنڊ، ڀَتر جا گل، ڪرنجهه، ٻُڪن، ڪانڊيرو ۽ بهڻ، تن جا ته ٻارهوئي جواب لڳا پيا آهن. باقي سانوڻيءَ ۾ جو پاڻي ٿئي، سو منجهس پٻڻ، لوڙهه، بهه بيشمار ٿين. پنِ به جام ٿئي، جنهن مان تڏا ٺهن. پاڻيءَ لهڻ بعد ڪڻڪ، ڄانڀو، چڻا ۽ مڱ ٿين.

جوئر پڻ پوکجي ٿي. مڇي به جام مري. ٻيو وري پيٽ ۾ اٿس ٻيلاٽيون، سو حرن مکيه بيٺڪ ڪئي مکيءَ کي. مال خزانو جيڪو ڦر ۾ ملندو هون، سو سڀ اتي آڻي ڪٺو ڪندا هئا. شروعات ۾ صرف پنج ڄڻا ان تحريڪ ۾ شامل هئا: بچو خاصخيلي، پيرو ساند، تڳيو چانگ، عيسو ڏاهري ۽خميسو وساڻ، پنج ئي پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا.

هاڻي ڏسو ته ڪيئن ٿا اچي يار پاڻ ۾ ملن.

بچو پٽ هو وريام جو. سندس پير مٺڙائوءَ ۾ گشت تي آيو هو، ۽ وريام سندس دعوت جهلي هئي. اتي پير جي هڪ نوڪري سان بچوءَ جو جهيڙو ٿي پيو، جنهن کي اڦٽ ماري، بچو ڀڄي ويو. تنهن تي سرڪار جي ماڻهن اچي وريام تي گهوڙا چاڙهيا ته ”پٽ سان شامل تون به هئين،

”پٽ جي ٻانهن ظاهر ڪر!“ پٽس گم، سو هي ان کي ڪٿان ظاهر ڪري! تنهن تان وڃي جيل ۾ وڌائونس، ۽جيل ۾ زهر کائي پاڻ کي پورو ڪيائين. بچوءَ هن کان پوءِ ڌاڙن هڻڻ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، ۽ ڪو دلپسند همراهه پئي ڳوليائين. اتفاق سان پيرو به اچي ساڻس گڏيو.

پيرو ويٺل ڀڙي جو هو. تيجو پٽ لالي سانگهڙ واري جي اتس ڊڪري هئي، تنهن جي تعميل لاءِ وارنٽ به نڪتو هوس پر هيءُ يار ماڳيهن ڀڄي نڪتو، ۽ اچي بچوءَ سان ڀيڙو ٿيو. انهيءَ مند ۾ تڳيو چانگ، مٺڙائوءَ ۾ پارو کٽيءَ جوکاٽ هڻي، ۽عيسو ڏاهري، پنهنجي ڳوٺ سنداڻ مان چوري ڪري، اچي شريڪ ٿين.

خميسو وساڻ موري باکوڙي جو ويٺل هو. خميسو هڪ وساڻ زال داديءَ تي عاشق ٿي پيو، جا عثمان جي نڪاح ٻڍي زال هئي. عشق آهي حسد ۽ انڌو، سو عثمان ويچاري کي ترار سان ڌڪ هڻي، هٿ پير وڍي، پنگلو بنائي، اٿي ڀڳو ۽ اچي هنن چئن سان مليو.

مکيءَ ۾ پاڻيءَ جي ڍرائي ٿيندي هئي ته اتي اچي رهندا هئا، ته ٻيوڇن جي ڳوٺ ۾ علي بخش وساڻ وٽ رهندا هئا. اهو به نالي وارو ۽ ڏاڍو مڙس هو. پهريون پهريون ڳرو ڌاڙو هنن رضا محمد دفعدار جي چور تي هنيو. هو مٺڙائوءَ جو ويٺل ۽ سندن پاسو کڻندڙ هو. مٺڙائوءَ مان ڪي مينهون چورائجي ويون ۽ رضا محمد وٽ ان جي رپورٽ ٿي، سو پنهنجي سپاهيءَ ڪارو ميربحر کي ڇڏيائين ته وڃِ جاچ ڪر. ڪارو، پير کڻي، وڃي مير جي حد ۾، ٽرن جي ڳوٺ مان نڪتو، ۽ اتي جي شر ۽ چانڊين کي کڻي چوريءَ ۾ جهليائين. مير جي ڪمدار ڇٽل ڀرڳڙيءَ کي خبر پيئي، سو اچي وارد ٿيو ۽ ڪاروءَ کي چوکنڀو ٻڍارائي، ڏاڍي مار ڏياري، ٿڪ لعنت ڪري، هڪالي ڪڍيائينس، ڪاروءَ اچي رضا محمد سان ڳالهه ڪئي. مڙس کي ننهن کان چوٽيءَ تائين باهه لڳي ويئي.  بچوءَ، پيروءَ ۽ سندن همراهن کي گهرائي چيائين ته ”اسين هميشه اوهان تي هٿ رکندا پئي آيا آهيون، هاڻي اوهان جو وارو آهي.“ تن ورندي ڏني، ”رک پاڪ پرور تي، ڏس ته ڪهڙو نه برو حال ٿا ڪريونس!“ پوءِ ته اوسي پاسي جا جيڪي ڳرا گڙنگ چور ۽ دلير مڙس سجهندا هئن، تن سڀني کي ڪوٺ جا ڪاغذ ڏياري موڪليائون ته اچي اسان سان شامل ٿيو ته خداوند ڪريم جي فضل سان پنهنجي بادشاهي بنائي وجهون: پوليس پنهنجي پاسي آهي، ٻيو خوف آهي ئي ڪو نه، تلوارون ۽بندوقون به پاڻ وٽ موجود آهن.

ان تي گلو موچي پٽ پريو، ويٺل سانگهڙ، بلو ڳاهو ويٺل مکي، مصري ڳاهو ويٺل مڱراري، تعلقو شهداد پور، راڻو وساڻ ويٺل باکوڙي، ڦتلو ڳاهو پٽ مير خان، ويٺل چوٽياري، ۽ ڀاڻس سومار- اهي ڇهه ڄڻا، جي پڻ پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا، اچي ساڻن گڏيا.

بچوءَ کي ”بادشاهه“ بنايائون، ڇو ته منجهن پهريون هو ۽ بندوق ڇوڙڻ جو بلا هو. جيتوڻيڪ بدن جو ٿورڙو، شيشو باشو ۽ طاقت ۾ به ٻين کان گهٽ هو، ته به ايتري ساڃهه ڌاريائون جو اهو حق سڃاتائونس. پيرو بدن جو ڳورو، ٿلهو متارو، پربت جهڙو مڙس هو، تنهن کي ڪيائون ”وزير“. خميسو ڪوٽوال، ۽  باقي ٿيا درٻار جا امير امراءَ.

پوءِ سهي سنڀري، گهوڙا پلاڻي، اچي ڇٽل ڀرڳڙيءَ  جا رهواري جا مهمان ٿيا، ۽ دروازي تي ”دم بهاءُ الحق“ جو نعرو هنيائون، رواجي چورن وانگر روپوش ٿي، رات جو ڪاريءَ ٻاٽ ۾ ڪين آيا، مگر شاهه شاهوڪاري، ڏينهن ڏٺي جو، معتبرن وانگر، حڪمان حڪم، ساريءَ عمر جي ميڙي چونڊي، زر زيور، ڳهه ڳٺا، بندوقون ۽ ترارون ته کنيائون، پر سندس هڪ حسين، سينڌ صندل، چابڪ چيلهه، ڪنواري ڌيءَ به ڀڄائي ويا.

بچو ۽ هن نينگر جي پوءِ هڪٻئي سان محبت ٿي ويئي ۽ بچوءَ ساڻس نڪاح وڌو، ۽ خدابخش، سندس گهري دوست، ٽير لغاريءَ جي ڳوٺ جي پٽيل، جي گهر ۾ رهايائينس. پوءِ جڏهن ڪا وار ملندي هيس تڏهن اتي اچي ساڻس ملندو  هو.

خير. ڇٽل ڀرڳڙيءَ سان جو ويل  وهيو، سو ماٺ ڪري ڪين ويٺو، مدد خان ۽ جهان خان، جي پڻ مير جا ڪاردار هئا، تن کي گڏ ڪري، پيرو کڻي، اچي سانگهڙ ۾ پهتو. جمعو خان صوبيدار، تنهن کان مدد گهريائون. تنهن چين، ”آدمي سڃاڻو ته ٻانهون سندين آءٌ اوهان کي ڪڍائي ڏيان.“ پر گهڻيئي ڏک سورَ پٽيائون ۽ پتوڙيائون، کڙ تيل نه نڪتو. هو ڀلا مکيءَ ۾ سوگها هئا، اوڏانهن ٻيٽيارين ڏي پاڻيءَ منجهان جي پيچرا هئا، تن جي سڌ کانئن سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪا نه هئي، سو ڇٽل ڀرڳڙي ۽ سندس همراهه، منهن مٿو پٽيندا، نا اميد ٿي موٽي ڳوٺ ويا، ۽ ڍاڙيلن کي ڌاڙيو ڦٻي ويو.

پوءِ ڌاڙن جي ڌم لائي ڏنائون ۽ملڪ ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڏنائون. اڄ هن کي پاسو ڏنائون، اڄ هن جو کاٽ هنيائون. اخبارون ساريون سندن اهڙيءَ شرارت جي خبرن سان ڀريل هونديون هيون. البت پوليس جا هيٺيان عملدار هئن ٺاهه ۾، سو بي جوکا ٿي پئي راڱا ڪيائون. انهن پوليس وارن به منجهانئن ڍوَ ڪيا. ڪن وڏن عملدارن بابت به ٻڌبو هو ته حرن کين چڱا جاوا ڪريا. گيهه جي دٻن ۾ ناڻهو وجهي، بهاني ڪ بهاني کين اهي رسائيندا هئا ۽ سندن پيٽ سور لاهيندا هئا.

ٻيو ڳرو ڌاڙو هنيائون نوشهري فيروز جي هڪ واڻئي جو، جتان لک کن جي ملڪيت هٿ ڪيائون. اتان جا پوليس وارا به پيرو کڻي اچي سانگهڙ مان نڪتا. اتي جوالا سنگ ساکرو، سانگهڙ جو دفعدار، سو به ساڻن ڀيڙو ٿيو. سڄو شهر سونجهيائون، پر حاصل ڪين ٿيو.

خير، هو ته موٽي ويا، پر جوالا سنگ حرن جي جاچ ۾ لڳو رهيو. جوالا سنگ ڪانءُ هو، جلد ٽيٽ پئجي وئيس ته ڪهڙا ڪهڙا معتبر ساڻن ڀيڙا آهن. سو، وٺي انهن تي سختي ڪيائين ته ”ڪريو سچي“، پر هنن يڪي ٻولي ”يا حسين“، جواب ئي هڪڙو ڏنائونس: ”اسان کي ڪهڙي خبر؟“

جوالا سنگت چين، ”خير، ڏسي وٺبو! هيڪر اهي اٺوڙي ور چڙهن، ته پوءِ خبرون آهن؛ ۽ ساڻن ٽنگيا اوهين به پيا هوندا، دلجاءِ ڪجو!“

پر ”بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي“ هر سال، مانگهه جي چوڌهين تاريخ، سانگهڙ جي پسگردائيءَ ۾ بهرام شير بريءَ جو وڏو ميلو لڳندو آهي، جتي هشام ماڻهن جا اچي ڪٺا ٿيندا آهن. هن هنڌ ميلو اڳئين کان ان سان اڳرو لڳو. جولاسنگ، پنج ست سپاهي ساڻ ڪري، حرن جي ڳولا ۾ اتي آيو. سارو ڏينهن ماني پاڻي حرام – ڄنگهون هڻي، رلي، اوطاق تي موٽيو، ڀريل بندوق هڪڙي کٽولي تي رکي. پاڻ اڃا پورو ويٺو ئي ڪو نه ته اتس گولين جو وسڪارو ٿي ويو. گهڻيئي ڪوشش ڪيائين ته بندوق کڻان، مگر دشمن جي هڪ گولي لوندڙيءَ ڌاري لڳي وئيس، ۽ مڙس ٽنگون ٽيڙي پئجي رهيو.

ڌاڙيلن کي خبر هئي ته جوالاسنگ اسان جي پٺيان آهي، سو جيتر جوالا سنگ کين ٽنگائي ئي ٽنگائي، تنهن کان اڳ کيس پوري ڪرڻ لاءِ انهيءَ ڏينهن سندس ديري ۾ اچي لڪي ويهي رهيا. بس، وجهه وٺي مڙس ماري وڌائون. گوليون ڪمال خان چانڊئي، لطيف پنهور ۽ ٻين کي به لڳيون، پر هو فقط ڦٽيا

هن واقعي تي هڪ ڪافي ٺهيل آهي:

ڀلوڙي، بهرام شير بري،

واه جي تنهنجي پت پري،

ويو جوالا سنگ مري:

تيرهين تاريخ ميلو موچارو،

چوڏهين ويوم چڙهي. ڀلوڙي...

هن کان پوءِ پوليس جي ساڻن اچي پيئي. مگر هو بلڪل زور پئجي ويا هئا. نون هنڍن تي بيٺڪون هين: سانگهڙ، ڀڙي، جهول، ميرپور، هٿونگو، سنجهورو، ڪنگوپٽي، جمڙائو ۽ ٻيڙص ۾. رڳو سانگهڙ ۾ 1500 ماڻهو سايي ۾ هئن، اهڙا 160 کن ڀڙي ۾، وغيره.

هن پڄاڻا به خوب ڌاڙا هنيائون ۽ پوليس سان به چوٽون کاڍائون. رائنتياري ۾ نائڪ مهري خان رند سندن ڳولا ۾ آيو هو. منجهانئن ٽن ڄڻن کي ان جي کڙڪ پئجي ويئي.

مهري خان گهوڙي تي لانگ ورائي هئي ۽ ڪيڏانهن ٻاهر ويو ٿي ته هي حر به ڪي ڪنڊ پاسيرا ڇپ ماريو ويٺا هئا ۽ وٺي اتس بندوقون ڇوڙيائون. گولي گهوڙي جي ڄنگهه ۾ لڳي. گهوڙي اڇانگ ماريو ۽ سوار هيٺ ڪري پيو. هنن همراهن وري اٿڻ نه ڏسن. امالڪ اچي مٿان پيس – ڪڍندي ئي ترار، هٿن جون آڱريون ۽ ڪن ڪپي ڦٽا ڪيائونس. بندوقن ڇٽڻ جي آواز تي ڪارو مهاڻو، جنهن جي ڇٽل ڇنڇري لاٿي هئي، ۽ عارب مهاڻو، زمان شاهه پنجابي، ۽ ٻيا به پٺاڻ نڪري نروار ٿيا ۽ دشمن تي گوليون ڇوڙيائون. پر حر هليا ويا، باقي ڪارتوسن جوڙڻ جي ڪل ۽ ڪيترا سارا ڪارتوس ڇڏي ويا. ڦٽيل مهري خان کي پوءِ انهيءَ سامان سوڌو سانگهڙ جي ٿاڻي تي کڻائي ويا.

ٻئي ڀيري وري هڪڙو وريام خاصخيلي سپاهي ور چڙهي وين. هو عمرڪوٽ مان بندوقون ۽ باروت کنيو سانگهڙ ٿي ويو. هنن کي ته ڍڻيءَ موقعو ڏياريو: بندوقون ۽باروت وٺي سوگهو ڪيائون، ۽ کيس نڙيءَ تي ننهن ڏيئي، لاشو گم ڪري ڇڏيائون.

تنهن وچ ۾ ٽي ڳرا ڌاڙا هنيائون: نيرٿ واڻئي کي دودن جي ڪنڊن وٽ ڦريائون، باکڙي ۾ ڦر ڪيائون؛ ۽ چوٽيارين ۾ ڳوٺ جي سڀني سڻڀين آسامين مان ساڄي ڪيائون.

باکڙي ۽ چوٽيارن وارن کي ته اڳواٽ اطلاع موڪليائون ته ”هيتري عرصي اندر اشرافت سان هيتري نقد ڏياري موڪليو ته واه، نه ته فلاڻي ڏينهن هن وقت اسان جي مهماني اوهان وٽ آهي.“ رقم نه رسين ته مقرر ڏينهن وڃي حاضر ٿيا. واڻين تنهن وچ ۾ ڏاڍا پوليس جا پهرا بيهاريا، ڀانيائون ته حر لعل پڳڙي ڏسي پريان ئي پويان پير ڪندا. پر هو ڪي هيسجڻ جا هئا؟ خوب پوليس وارن سان چٽا ڀيٽي کائي، منجهانئن ڪيترن جا ڪن چپ وڍي، واڻين سان به عقوبتون ڪري، سارا گهر ٻهاري، زر زيور، ڳهڻا، ڪپڙا لٽا، خرزينن ۾ ڀري، رمندا رهيا.

هتي هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي ته حر ڦريندا ئي انهن کي هئا، جن کين ستايو هو، يا غريبن سان غضب ڪري، مفت جا مال ميڙي، وڏا سيٺيا بڻجي ويا هئا. غريبان مار وٽن ڪا نه هئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي پاڻ هڙؤن ڏيندا هئا.

هڪ لڱا ٻيلي ۾ پاٿاري هنيو ويٺا هئا، پئي جشن ڪيائون. ٻاهران، پاسي کان شاهي سڙڪ پئي وهي. هڪڙو ڪوري ٿان جوڙيءَ جو کنيو اچي اتان لانگهائو ٿيو. هڪل ڪيائونس، ”متان ويو آهين!“ ويچار ٿانَ سوڌو ٻانهون ٻڌي اچي اڳيان بيٺن. چيائونس، ”ميان، ڪر خبر!“ چي، ”سائين، سيٺ سلامتراءِ پئسا اڳواٽ ڏنا هئا، تنهن جو ٿان جوڙيءَ جو جوڙيو، کڻيو پهچائڻ وڃانس ٿو.“

حر: ڀلا؟

ڪوري: وري به، سائين، ملڪ اوهان جو آهي. هي اوهين کڻو، آءٌ ٻي ٺاهي سيٺ کي پهچائيندس.

حر: ميان، اسان کي خير ٿو گهرجي. پر تون اهو سارو ٿان آکيل ته سهي!

انهيءَ دم ڪوريءَ سارو ٿان اکيلي تار ڪيو.

حر: هاڻي اهو سارو ٿان مٿي تي ٻڌ!

امالڪ ڪوريءَ وري به حڪم جي بجاوري ڪئي.

حر: هاڻي وڃ سيٺ سلامتراءِ وٽ. چئينس، فلاڻن مون کي هيءَ پڳ ٻڌرائي آهي، هجيئي همت ته لاهينم! جيڪا ورندي واري، سا کڻي اسان وٽ آءُ.

ڪوري، ”جي سائين“ ڪري، اڏامندو آيو سيٺ وٽ. سيٺ نياپو ٻڌي چيس، ”ميان، ٿورو احسان تنهنجو. اها جوڙي به توکي آئي، پئسا به توکي ڦٻيا. وهلو وڃي اها خبر ڪرين، متان اوير نه ٿئي ۽ مئن کي مٺيان نه لڳي!“

ڪوري واپس حرن وٽ آيو ۽ ساري ڳالهه ڪري ٻڌايائين. حرن کيس پوءِ ٻي لونگي به ڍڪائي چيو، ”هاڻي وڃي ڳوٺ سکي ٿي. پر اسان جو ٿورو نه وسارج!“

اهو ڪوري پوءِ سندن گهاٽو يار ٿي ويو ۽ ڏاڍيون خبرون چارون پهچائيندو هون. سيٺ سلامتراءِ جي به ساڻن واٽ ٿي ويئي. وقت سر کين مدد ڪندو هو. هو به سندس ٿورو ڪو نه رکندا هئا. نيٺ ٿيون لکون پڙهيون. سرڪار ڏٺو ته ڏيهي سپاهين ٻوٽو ڪو نه ٻاريو، سو گوريون پلٽڻون آڻي سانگهڙ ۾ رکيائون. تن ايندي ئي مکي ٻيلي کي ڦوڪ ڏيئي باهه ڏني. ان وقت صفائي ٿي ويئي؛ پر موٽي جو سڙيل  پاڙن تي پاڻي پيو، سو ٻيلو تنهان ئي گهاٽو ٿي ويو.

ساڳئي وقت مسٽر ليوڪس ٿي آيو ڊپٽي ڪمشنر، ۽ سردار محمد يعقوب ناري جو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. پوءِ  ته ٻئي صاحب سارو ڏينهن ٿڌي تتيءَ ڪشالا ڪڍي، ڏس کر پڇائي، مکيءَ منجهه. باکوڙي وٽ حرن سان منهن مقابل ٿيا. حرن به مقابلو ڪيو، مگر وٺي ڀڳا.

ليوڪس به پٺ نه ڇڏي ۽ وري مکيءَ ۾ ڀرشاهه واريءَ ڀٽ وٽ اچي پـُنن. ڌاڙيلا ناري جي الهندي ڊاٻو ڪريو ويٺا هئا. ليوڪس اڃا اڀرندي هو. پريان اتس بندوقون ڇوڙيائون. حرن ڏٺو ته ترسنداسين ته جهلباسين، سو وري اتي ڀڳا.

ان وقت پير صاحب پاڳارو حيدرآباد آيل هو. ليوڪس، لکپڙهه ڪري، اتي پير صاحب کي نظر بند ڪرايو. پير صاحب حرن جي اهڙين ڪارگذارين ۽ خلق آزار حرڪتن کي پسند نه ڪندو هو، تنهن فرمايو ته ڌاڙيلن جون ٻانهون پيش ڪيون وينديون.

مرشد چوي ۽ مريد نانهن ڪري، اهو مسلمان جو مرڪ ئي نه آهي. پير صاحب جو امر ٿين، ”يا پيش پئو يا وڙهي سر ڏيو.“ ورندي ڏنائون، ”جيئندا قبلا، وڙهي ٿا سر ڏيون!“

پوءِ پيرو وزير، تڳيو چانگ ۽ گلو موچي سنڀري نڪتا ۽ جهنگ ۾ جهوڙي جي لئيءَ ڀر اچي ڊاٻو ڪيائون. اتان ليوڪس کي نياپو موڪليائون ته ”ڀلي اچي لڙائي ڪر، اسين تيار آهيون.“ تنهن تي ليوڪس پلٽڻون وٺي اچي وارد ٿيو. ڍاڙيلن فوج سان چڱي چوٽ کاڍي، پر هيڏانهن فوج الاهي، هوڏانهن صرف ٽي ڄڻا – ويچارا مارجي ويا. چون ٿا ته پيروءَ کي پيٽ واريون گوليون لڳيون، ته به وڙهيو پئي. آخر هڪ گولي پيشانيءَ مان آرپار لنگهي وئيس، ۽ مڙس ڊهي پيو. هن کان پوءِ وري ٽي ڄڻا نڪتا: بلو ڳاهو، مصري ڳاهو ۽عثمان هنڱورجو. مکيءَ ۾، غلام محمد جي گهٽَ پريان، ٽڪنبيءَ وٽ اچي ڏيرا هنيائون. بچوءَ جي سهري، دينوءَ، هٿان ليوڪس ڏانهن نياپو موڪليائون ته ”هاڻي وري هليو آءُ.“

صاحب فوج سان آيو. لڙائي لڳي، ۽هنن مري ساهه ڏنو. جوالاسنگ جي پٽ کي جهاٽوءَ هن جهڳڙي ۾ جهٽيو. باقي بچيا ٽوليءَ جا هي سرڪردا: بچو بادشاهه، عيسو، ڦتلو، سومار خميسو ۽ راڻو.

ڦتلو ۽ سومار، جڏهن پير  صاحب نظر بند هو ۽ فرمايو هئائين ته مريدن جون ٻانهون ڏينداسون، تڏهن سنڀري نڪتا ته پير صاحب جي نوڪر کي وڃي ٿا پورو ڪريون، جو ڀانيائون ته انهيءَ جي غلط خبرن پهچائڻ تي اهو حڪم ٿيو آهي؛ پر اٽلو پاڻ پورا ٿي ويا.

راڻي وڃي ليوڪس وٽ حاضري ڏني، جتان ست سال کاري پاڻيءَ جي سزا مليس. باقي ٽي – عيسو، بچو ۽ خميسو  تن مان خميسو گم ٿي ويو، ۽ عيسو بي همت ٿي پيو ۽ ليوڪس ڏانهن پيش پوڻ لاءِ نياپو ڪرايائين. پر بچو بادشاهه اڃا به بيپرواهه بالم ٿيو پئي راڱا ڪيا ۽ وڻ گهوڙو ٻڌڻ نٿي ڏنائين. سرڪاري عملدارن گهڻا ئي وس ڪيا، پر ڏاڍيون گوهيون کارايائين ۽ باز نه آين، نيٺ لاچار ٿي سندس معشوقه کي گرفتار ڪري، هل اٿاريائون ته ”فلاڻي ڏينهن، فلاڻي هنڌ، ان عورت جو نيلام ٿيندو.“

بچو هونئن ته پيش نه ٿي پيو، نڪا دل ئي لوڏيائين، مگر هن خبر چار کان پوءِ همراهه جا ڇهه ڇڄي پيا. بچوءَ جي به ساڻس ڏاڍي دل هوندي هئي، ۽ هوءَ به راهه ۾ سچي هئي.

بس، بچو بادشاهه ڏٺو ته ٽولي ڊهي پيئي، بخت نه ڀڙايو، سو سٽيندو اچي سردار محمد يعقوب خان وٽ حاضري ڏنائين. ”نيلام“ ٻئي ڏينهن ٿيڻو هو. سردار صاحب سڃاتس، ڀانيائين ته ڪنهن پليت ارادي سان آيو آهي، سو اٿي ٻيءَ ڪوٺيءَ ۾ ٿيو ۽ هڪل ڪري پڇيائنس، ”ڪير آهين؟ ڇا کپيئي؟“ هن ورندي ڏني ته ”بچو بادشاهه آءٌ آهيان، پيش ٿو پوان، مگر منهنجيءَ معشوقه کي آزاد ڪر.“ پوءِ ته سندس بدن جي تلاشي وٺي گرفتار ڪيائونس، ۽ عيسي سان گڏ ميرپورخاص ڏياري موڪليائونس. اتي اسپيشل جج، هارٽ ڊيويز، وٽ اتي مقدمو هليو ۽ ڦاسيءَ جي سزا جڙين.

ڦاسي چاڙهڻ کان اڳ بچوءَ کي سندس معشوقه سان ملڻ ڇڏيائون. عاشق ۽معشوق پاڻ ۾ اڪير مان ڀاڪر پائي مليا. ڪو وقت هڪٻئي سان جڙيا پيا هئا ۽ ڪڇيائون ڪين. نيٺ بچوءَ چيو، ”اي دلبر، هاڻي پڇاڙيءَ جي موڪلاڻي!“ سندس معشوقه، ڪڍندي ئي ڪٽاري ڪپڙن مان، اڳيان جهلي، چيس، .تو دلبر ڍاران هن جڳ ۾ جيئڻ گهريو. هاڻي کڻ ڪاتي ۽ وڍ انڱڙا، ادب ڪو مَ جڳاءِ.“ اول ته مڙس دل هنئي ۽هٿ نه وريس، پر ان دم ”متان مون پڄاڻا ٻئي ڪنهن سان وڃي ٺهي ويهي“ جو خيال ڪري، وٺندي ئي خنجر، سسي ڍڙ کان ڍار ڪري ڇڏيائينس.

پوءِ ته سرڪار جي منظوري وٺي، سانگهڙ ۾، عيسي ۽ بچوءَ کي ڦاسي ڏني ويئي. سندن لاشا چوواٽي تي، آفيس اڳيان دفن ڪرائي، مٿان رستو ٺهرائي ڇڏيائون. هينئر آيو – ويو ٻنهي کي پيو اورانگهي.

چون ٿا ته انگريز بچوءَ کي معافي ڏيئي، ڪنهن نوڪريءَ ۾ لڳائي ڇڏي ها ته مڙس ڏاڍو ڪارائتو ٿئي ها. سندن پوين تي سخت پهرو هو. صبح جو اٺين بجي ۽ رات جو اٺين بجي سندن حاضري وٺڻ ۾ ايندي هئي. هاڻي اها پابندي لهي ويئي آهي. ۽وري ڪرت ڪار کي لڳا آهن.

غلام علي رباني

عطارد

آڳاٽن هيئتدانن کي سيارن بابت تمام ٿورو علم هو. سيارن جي ڄاڻ شروع تڏهن ٿي، جڏهن گيليلو پنهنجي دوربين آسمان طرف ڦيرائي. تنهن کانپوءِ، پر تمام سست رفتار سان (هڪ سيارو في صديءَ جي حساب سان)، هيئتدانن سيارن جي تعداد ۾ واڌارو ڪيو، ۽ هن مهل اهي نوَ آهن.

اهي سج جا ٻار، ۽ ڌرتيءَ جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن. سڀيئي شمسي نظام ۾ پاڙيسري آهن؛ پر اهي ويجها پاڙيسري نه آهن، جيئن ڌرتيءَ تان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جيڪڏهن اسين انهن جو نقشو ڪڍون ۽ سج کي هڪ هنڌ بيٺل تصور ڪريو، ۽ ته سج کان پنجن انچن کان به ڪجهه گهٽ دور نشان ”عطارد“ (Mercury)  جي جاءِ ڏيکاريندو، ساڍن اٺن انچن تي ٻيو نشان ”زهره“ (Venus) لاءِ ڪڍون ٿا، ۽ هڪ فوٽ جي مفاصلي تي اسين پنهنجي ڍرتي ڏيکاري سگهون ٿا. مريخ (Mars) سج کان ڏيڍ فوٽ جي مفاصلي تي ٿيندو. ٻن ۽ چئن فوٽن درم0يان اهڙن نشانن جو سلسلو گرهن جي نمائندگي ڪندو. پنجن فوٽن کان ڪجهه وڍيڪ فاصلي تي مشتري (Jupiter) ساڍن نون فوٽن تي ”ڇنڇر“ (Saturn)، ۽ اوڻيهن فوٽن تي ”يورينس“ (Uranus) ڏيکاري سگهجي ٿو. ساڳئي پيماني تي ”نيپچون“ (Neptune) ٽيهن فوٽن تي ۽ ”پلوٽو“ (Pluto) چاليهن فوٽن تي ڏيکاربو. ڌرتي، جا هڪ فوٽ جي فاصلي تي آهي، سراسر سج کان 3000، 93،00 هيئتداني ميل پري آهي.

ڌرتيءَ جو قطر 7918 ميل آهي ۽سيارن کان وڏي سياري مشتريءَ جو قطر ڌرتيءَ جي قطر کان ڏهوڻو آهي. عطارد، زهره، ڌرتي، مريخ، مشتري، ڇنڇر، يورينس، نيپچون، ۽ پلوٽو سيارن جي سڄي نظام کي ڇهه سو هوڻي (600) وڏي ڪرڻ سان سج جي جسامت ملندي.

گهڻو اڳ، ۽ ايترو ته اڳ جو اسان کي خبر ڪانهي ته ڪڏهن، آڳاٽن ماڻهن هڪ روشن تارو ڏٺو، اهو تارو سج لهڻ کان جلد پوءِ آسمان ۾ الهندي طرف هيٺانئون ڏسي سگهبو هو. هي هڪ عام تارو نه هو. هيئتدانن جي ڄاتل سڃاتل، بيٺل تارن سان، بيهڪ ۾ هن جي ڪا به مشهابت ڪا نه هئي، تنهنڪري فقط سيارو ئي ٿي سگهيو ٿي. ڪجهه وقت پوءِ هي هڪ وقت بوقت، سج اڀرڻ کان ٿورو اڳ، اڀرندي ۾ ظاهر ٿيندڙ سياري سان مشابهه لڌو ويو.

هي سيارو عطارد هو. برنارڊ، بينيٽ ۽ رائيس پنهنجي ڪتاب ”هئنڊ بڪ آف هيونس“ ۾ لکن ٿا ته عطارد کي بهار جي موسم ۾ شام وقت، ۽سرءَ جي موسم ۾ صبح وقت ڏسي سگهجي ٿو. ان وقت هي سيارو سج کان اولهه يا اوڀر ۾ دور فاصلي تي هوندو آهي. اولهه ۾ شام جو تارو، ۽ اوڀر ۾ صبح جو تارو آهي. سال ۾ هي سيارو ڇهن وقتن تي ڏسي سگهجي ٿو. هر وقت ٻن هفتن تي مشتمل آهي. ٻن وقتن درميان ٻن مهينن جو وقفو آهي. صبح جو يا شام مهل هن سياري کي متواتر ڪلاڪ ڏسي سگهجي ٿو. هي چنڊ وانگر ڪلائون ڌاري ٿو.

 يونانين هن کي ديوتائن جو پيغام آڻيندڙ تصور ڪيو. هي تڳندڙ تارو مشڪل سان هٿ ايندو آهي. چون ٿا ته عظيم هيئتدان ”ڪاپرنيڪس“ هن سياري کي ڏسڻ کانسواءِ گذاري ويو؛ حالانڪه هيءَ ڳالهه اڻٿيڻي پيئي ڀانئجي. پر، انهيءَ جي ابتڙ، هڪ شائق هن کي 150 ڀيرا ڏٺو هو. عطارد جي حالت سج ويجهو ائين آهي، جهڙيءَ طرح هڪ ٻالڪ پنهنجيءَ ماءُ جي چولي جي پلئه کي جهلي بيهندو آهي. عطارد سيارن جي ڪٽنب ۾ هڪ ٻالڪ آهي. عطارد، مشتريءَ جي ٻن اپگرهن،  جيني ميڊ ۽ ڪيلسٽو، کان ننڍو آهي. چنڊ (قطر اٽڪل 3000 ميل) کان به گهڻو وڏو نه آهي. عطارد جو قطر 3100 ميل آهي.

ننڍن سيارن – عطارد، زهره ۽ پلوٽو کانسواءِ، ٻين سڀني سيارن کي هڪ يا وڌيڪ اپگرهه آهن، جي انهن جي گرد ڦرن ٿا. عطارد جي تور ڍرتيءَ جي تور کان پنجويهوڻا حصا گهٽ آهي.

ٻين سيارن کان تمام ويجهو، عطارد، سراسر 360 لک ميلن جي فاصلي تي، سج جي چوڌاري ڦري ٿو. هڪ ڄاتل گرهه ۽ پڇڙ تارن جي وڏي تعداد کي شمسي سطح ويجهو اچڻ جي اٻهرائي پيئي ڀانئجي، پر ٻيا وڏا جسم انهن ڪوسن هنڍن تي ڪو نه ٿا اچن.

عطارد جو جاچڻ سولو نه آهي، ڇاڪاڻ جو هي هميشه سج جي ويجهو اهنجي نموني ٿئي ٿو. هي ننڍو ۽ پري پڻ آهي. هي چنڊ نسبت ٻه سو هوڻا دفعا پري آهي، ۽ ڌرتيءَ نسبت سج کان 387ع فاصلي تي آهي ۽ کيس ڌرتيءَ کان ڏهوڻي گرمي ملي ٿي.

وڌيڪ مشڪل هيءَ آهي ته جڏهن هي ڌرتيءَ جي قريب ٿئي ٿو، تڏهن هن کي معمولي طرح به نه ٿو ڏسي سگهجي. انهيءَ وقت هن جو اونداهيءَ رات وارو اڌ گول اسان جي طرف ٿئي ٿو. اهي سڀ مشڪلاتون آڏو رکندي، اها حيرانيءَ جي ڳالهه نه آهي ته اسان کي عطاردي سطحي نقوش جي تمام ٿوري ڄاڻ آهي.

عطارد بابت پهرين سنجيدي قسم جي جانچ ارڙهين صديءَجي آخر ۾ دوربينيءَ سان ڪئي ويئي. سروليم هرشيل، يورنيس جو دريافت ڪندڙ ۽ اعليٰ ذهين جاچيندڙ، پنهنجين وڏين دوربينن سان به عطارد جو پتو نه لڳائي سگهيو.

جرمن شائق، شراٽر جوهان، ڪن وڍيڪ خاطر خواهه نتيجن تي پهتو.هن ئي سيارن بابت پهريون چارٽ جوڙيو ۽ کيس اها پڪ هئي ته هن پورا ۽ دائمي نشان لڍا آهن.

بدقسمتاً، شراٽر جيتوڻيڪ هڪ ايماندار ۽ جفاڪش کوجنا ڪندڙ هو، پر صحيح نقشا نه ڪڍي سگهندو هو. هن جون ڄاڻايل دريافتون – مثلاً: جبل 11 ميل اوچا آهن – مشڪل سان معتبر چئي سگهجن ٿيون. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته جتي هر شيل شڪست کاڍي هئي، اتي شراٽر ڪامياب ٿيو.

سازگار حالتن ۾ به سياري جي سطح تي لڙاٽيل ۽ اڻچٽا نشان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهو اٽليءَ جو تيز نظر هيئتدان ۽ مريخ جو مشهور جاچيندڙ شياپيريلي هو، جنهن عطادر جو معبر نقشو ڪڍيو. شياپيريلي، شام جي لاءِ ترسڻ بدران، جنهن وقت سيارو آسمان ۾ هيٺانئون هوندو آهي، پنهنجون سڀ کوجنائون تقريباً ڏينهن ڏٺي جو مڪمل ڪيون. 1881ع کان 1889ع ڍاري هن متعدد پوريون ڪاريون ليڪون يا وڏا نشان گلابي تَر واري نقشي تي ڪڍيا.

شيا پيريلي جي نشانن جي ٻن مشهور امريڪي هيئتدانن پڻ تائيد ڪئي آهي. ايڊ ورڊ ايمرسن برنارڊ انهن نشانن کي چنڊ جي نشانن سان تشبيهه ڏني آهي. شيا پيريلي عطارد جي محوري گردش جي وقت يعني عطارد جي ڏينهن جي ڊيگهه جي پڻ مخالفت ڪئي.

شراٽر موجب اهو ڏينهن چوويهن ڪلاڪن جو هو، يعني ڌرتيءَ جي ڏينهن جي برابر هو؛ پر شياپيريلي جون قابل تعريف کوجنائون انهيءَ نتيجي تي پهتيون ته عطارد پنهنجو هڪ اڌ گول هميشه سج طرف رکي ٿو ۽ ٻيو سدائين اوندهه ۾ رهي ٿو. انهيءَ جو مطلب ته عطارد پنهنجي محور جي چوڍاري ڦرڻ ۾ اوترو ئي وقت وٺي ٿو، جيترو کيس سج جي چوڌاري ڦرڻ ۾ لڳي ٿو. اهو وقت ”هئنڊ بڪ آف هيونس“ ۾ 88 ڏينهن، ۽جارج گيمائو جي ڪتاب ”ڪريئيشن آف پونيورس“ ۾ ٽي مهينا ڏنل آهي.

جيڪڏهن عطارد کي انهيءَ قسم جي محوري گردش نه هجي ته جيڪر سندس هر سطحي حصي کي سج جو ديدار ڪڏهن نه ڪڏهن پيو نصيب ٿئي، جو سادي تجربي ذريعي آسانيءَ سان ڏيکاري سگهجي ٿو.

پنهنجي ڪمري درميان هڪ ڪرسي رکو، جا سمجهو ته سج آهي ۽ توهان جو مٿو عطارد آهي. هاڻي پنهنجي نظر ڪرسيءَ طرف رکو ۽ ڪرسيءَ جي چوڌاري گول ڦرڻ شروع ڪري ڏيو. جيڪڏهن توهان پنهنجو منهن ڪرسيءَ طرف رکڻ گهرو ٿا ته توهان کي مڙڻ مهل آهستي آهستي هلڻ گهرجي، نه ته اڌ ڦيري کان پوءِ ڪرسيءَ طرف توهان جي مٿي بدران پٺ هوندي. جڏهين توهان وري ابتدائي رواني ٿيڻ واري نقطي تي پهچو ٿا ته توهان فقط هڪ دفعو مڙيا هوندا. شياپيريلي بلڪل ائين عطارد جي هلت کي تصور ڪيو.

تازين تحقيقاتن هن جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ثابت ڪيو آهي ته عطارد ۾ ڏينهن ۽ رات کي ڪا به حقيقي معنيٰ ڪانهي. هڪ اڍ گول دائما شمسي ڪرڻن ۾ جلندو رهي ٿو ۽ ٻئي اڍ گول ۾ سج جي روشنيءَ جي هڪ جهلڪ به نه ٿي پهچي ۽ تارا هميشه چمڪندا رهن ٿا.

سچ پچ ته عطارد جو اندريون حصو هڪ عجيب دنيا آهي. انهن عجيب حالتن لاءِ هڪ جڳائتو منطقيانه دليل به آهي. عطارد جي ابتدائي اڪيلي وجود وارن ڏينهن ۾، هي سيارو پنهنجي محوريءَ گردش جي تيز رفتار سان ضرور گرم ۽ نرم هوندو. جهڙيءَ طرح چنڊ ڍرتيءَ جي مهاساگرن تي ويرون پيدا ڪري ٿو، ساڳيءَ ريت سج عطارد جي لڳلڳدار جسم تي ويرون کڙيون ڪيون هونديون. مادو سج جي طرف ڦوڪجي هڪ ڍير ٿي پيو هوندو. ۽ جئن عطارد پنهنجي محور جي چوڌاري ڦريو هوندو، ۽ يقين آهي ته سج انهيءَ ڦوڪيل مادي جي ڍير کي هڪ هنڌ جهلڻ ۾ ڪامياب ٿيو هوندو. نتيجو اهو نڪتو جو عطارد جي سموريءَ گردش جي رفتار لڳاتار سست پوندي ويئي، ان جو سج نسبت اها تقريباً ختم ٿي ويئي: ڏينهن هڪ سال جو ٿي پيو، ۽ اهو ڦوڪيل ڍير هميشه سج طرف رهيو.

اسان جي سياري بابت جاگرافيائي ڄاڻ تمام گهٽ آهي. پوريءَ ڄاڻ لاءِ وڏيون دوربينون درڪار آهن. مسٽر پيٽرڪ مور سازگار حالتن ۾ پنهنجي رفريڪٽر ذريعي پڍرا نشان لڍا. اهو مسٽر پيٽرڪ لاءِ ئي ممڪن هو جو کيس خبر هئي ته انهن نشانن لاءِ ڪٿي نظر وجهجي. شفقي آسمان مان هن ننڍڙي ڀاڄوڪڙ سياري جي شرميلين نگاهن جي هڪ جهلڪ به عظيم تسڪين آهي.

دائم ۽ پورا عطاردي نشان گلابي تر تي ميرانجهڙي رنگ جا آهن. پر برنارڊ، بينيٽ ۽ رئيس لکن ٿا ته جيڪڏهن سياري ڏانهن غور سان نهاربو ته اهو نارنگي رنگ جو ڏسڻ ۾ ايندو. انهن نشانن جي صحيح سڀاءَ بابت في الحال ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي، پر جبلن جو هئڻ ممڪن آهي- حالانڪه اسين کڻي شراٽر جي اوچن جبلن متعلق دريافت رد ڪري ڇڏيون.

جارج گيمائو پنهنجي ڪتاب ”بايو گرافي آف ارٿ“ ۾ لکي ٿو ته اسين ڏسون ٿا ته ڪي عطارد جهڙا سيارا ايترا ته ننڍا آهن جو انهن جي سطح تي ڪشش تمام گهٽ آهي؛ اهي پنهنجن وايو منڊلن کي به نه ٿا جهلي سگهن ۽ انهن جا وايو منڊل سيارن درميان خلا ۾ گم ٿي وڃن ٿا. هيءَ ڳالهه مزي جي آهي ته ايروز گرهه تي ڪشش ايتري ته گهٽ آهي جو جيڪڏهن ڪو پٿر زور سان مٿي اڇلائبو ته وري ڪڏهن به واپس موٽي نه ڪِرندو.

ڪيترن سالن کان اها پڪ نه پئي ٿي ته عطارد کي به وايو منڊل آهي يا نه. ير ويجهڙائيءَ ۾ سائنسدانن هڪ ڇڊي وايومنڊل جو پتو لڳايو آهي. انهيءَ وايو منڊل جي گهرائي اسان جي ڍرتيءَ واري وايومنڊل جي گهرائيءَ جو 3 ڀاڱي 100 حصوبه مسڪل ٿيندي. اها 3 ڀاڱي 100 گهرائي اسان جي تجربيگاهه واري هوا نڪتل خال (Vacuum)جي برابر آهي. بئراميٽر (داٻ ماپيندڙ اوزار) فقط هڪ مليميٽر داٻ ڏيکاريندو، جو خسيس آهي. اسين انهيءَ وايومندل جي ملاوتي جوڙجڪ بابت فقط ڌڪا هڻي سگهون ٿا، پر ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو هجڻ هڪ قوي امڪان آهي.

عطارد ايترو ته ننڍو ۽ پري آهي جو ان جو درست سطحي ٽيمپريچر (گرمي پد) ماپڻ بنهه مشڪل آهي. جيڪڏهن اسان جو اهو ويساهه ته عطارد جو هڪ اڍ گول هميشه سج طرف رهي ٿو درست آهي، ته پوءِ اتي تمام ڀيانڪ گرمي هوندي.

مائونٽ ولسن آبزر ويٽريءَ جون پيمائشون انهيءَ گمان جي تصديق ڪن ٿيون. سج جي قريب هجڻ وقت روشن اڌ گول جي وچ ۾ ٽيمپريچر 700 ڊگريون فيرانائيٽ آهي. اهو ٽيمپريچر شيهي ۽قلعيءَ کي ڳاري ننڍڙين ندين جي صورت ۾ وهائڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان کي اها پڪ هئڻ گهرجي ته خلائي سير ڪندڙ عطارد ۾ وڃڻ جو خطرو ڪڏهن به نه کڻندا.

ممڪن آهي ته  عطارد جو رات وارو اڌ گول شمسي نظام ۾ ٿڌي ۾ ٿڌي جاءِ هجي. جتي شمسي ڪرڻا نه ٿا پهچن، اتي وايو منڊل گرمي پهچائڻ جي لائق نه آهي، ۽ نتيجتاً ٽيمپريچر برف کان به 273 دفعا وڌيڪ ٿڍو آهي. اهڙي هنڌ جيڪر پاڻي هجي ته ڄمي برف ٿي پوي. پر عطارد ۾ ته نه آهي پاڻي نه هوا؛ ڇاڪاڻ جو ايڏي ننڍي سياري تي ڪو به گيس جو پرماڻو (molecule) ٻين صدين کان وڌيڪ نه ٿو ترسي سگهي.

ڏورانهون ”پلوٽو“ سج جي سدا شفقي روشنيءَ ۾ وهنتل رهي ٿو، جو محوري گردش جو وقت سندس سج جي چوگرد ڦرڻ واري وقت کان گهٽ آهي؛ تنهنڪري هن جو هر سطحي حصو مقرر وقت تي روشن ٿئي ٿو. پلوٽو جو روشن حصو عطاردي سج کان سدا بکايل حصي کان گرم هوندو؛ تنهنڪري فقط اهوچوڻ ته عطارد گرم ۾ گرم سيارو آهي، صحيح نه ٿيندو، ڇاڪاڻ جو هي ٿڌي ۾ ٿڌو سيارو پڻ آهي.

جيڪڏهن عطارد پنهنجي سالَ برابر ڏينهن سان سج جي چوڌاري مقرر رفتار سان ڦري ها ته سياري جو پورو اڌ هميشه روشن هجي ها. حقيقت اها آهي ته صحيح حالت اڃا منجهيل آهي. بلاشڪ هي سيارو پنهنجي محور جي چوڌاري رفتار مقرر نه ٿي رهي. عطارد جو مدار اسان جي ڍرتيءَ واري مدار کان وڍيڪ بيضوي شڪل جو آهي. سج کان سندس مفاصلو 285 لکن ۽ 435 لکن ميلن درميان بدلبو رهي ٿو.

شمسي نظام جي آمدرفت جي قاعدن مطابق، جئن فاصلو گهٽ تئن رفتار تيز، عطارد جڏهن سج جي قريب آهي، تڏهن سندس رفتار 36 ميل في سيڪنڊ آهي، پر سج کان پري واريءَ حالت ۾ سندس رفتار 24 ميل في سيڪنڊ ٿيو پوي؛ تنهنڪري محوري گردش جا قدم پڻ ٿاٻڙجن ٿا. ڪنهن وقت محوري گردش، سياري جي مدار واريءَ جاءِ ڪري، ٿورڙو وڌيو وڃي يا وري گهٽجيو پوي.

نتيجتاً عطاردي آسمان ۾ ڪنهن هنڌ سج ضرور لهندو ۽ چڙهندو نظر ايندو هوندو. دائما رات ۽ ڏينهن وارن هنڍن درميان هڪ چڱو ويڪرو پٽو آهي، جتي سج پنهنجي شفق ۽ نشاط وارين ليڪن گڏ لهندو ۽چڙهندو رهي ٿو. البت هي شفقي ڪمربند ڪجهه گهٽ غير مهمان نواز نه هوندو، تنهنڪري مستقبل ۾ خلائي کيڙيندڙن لاءِ قابل قيام ٿيندو.

اهو ته ظاهر آهي ته اڃا ڪئين صديون عطارد جي شرف ملاقات حاصل ڪرڻ لاءِ گهرجن، مريخ ۽ زهره تي پهچڻ کان پوءِ به، عطارد تي پهچڻ سائنسدانن لاءِ هڪ مستقل مشڪلات رهندي.

عطارد ڪڏهن به ڌرتيءَ جي ويجهو 500 لکن ميلن کان گهٽ فاصلي تي نه ٿو اچي؛ تنهنڪري مناسب رفتار سان، به ڦيري واري مسافري ڪري، عطارد تائين پهچڻ ۾ هڪ سال لڳي ويندو.

عطارد سيارو پنهنجن مهمانن جي ڪا به خاطر تواضع ڪرڻ جي لائق نه آهي؛ ڇاڪاڻ جو اتي فقط سڪل ٺوٺ پٿر، گرم جبل ۽ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي ڇڊي وايومنڊل کانسواءِ ٻي ڪا به دلڪش شي ڪانهي.

فرض ڪريو ته اسين عطاردي شفقي ڪمربند ۾ پهچون ٿا. اسين اتي ڇا ڏسنداسين؟ ٽيمپريچر جي هر هر بدلجڻ ڪري، ڏارن وارا اوچا ڦٽل جبل جن جا ڊگها پاڇا ويران سطح تي پون ٿا، اهي نظر ايندا، افق ويجهو روشن سج آهي ۽ هڪ ابدي بيابان، جنهن ڪڏهن به حياتي نه ڏٺي آهي ۽ نه ڏسڻ جي ڪا به اميد ئي اٿس. هر طرف خاموشي ۽ سناٽو ڇانيل آهي.

عطارد تي ڪو به آواز ٻڌڻ مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ڇڊي وايو مندل کي هڪ ڀڻڪي ڦهلائڻ جي به قوت ڪانهي، تجليدار ڪڪرن سان ڇانيل، تمام مٿي، آسمان ۾ زهره ڏسڻ ۾ ايندو. ڍرتي، پنهنجي چنڊ سان گڏ، تيز سائي رنگ سان چمڪندڙ ڏسڻ ۾ ايندي. پر اسين اتي گهڻو وقت ترسي نه سگهنداسين. عطارد هڪ بيجان دنيا آهي، ۽ ڪا به انساني طاقت هن سياري کي موت جي ننڊ مان جاڳائي نٿي سگهي.

ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

افغان يا پٺاڻ قوم ۽ سندن زبان

لفظ ”پٺاڻ“ بابت ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون، جن مان گهڻيون غلط ۽ بي بنياد آهن. ڪن جو خيال آهي ته جن مسلمانن هندستان فتح ڪيو، انهن کي ”فتح خان“ يا ”فتحان خان“ سڏيو ويو، جو هوريان هوريان ”پٺاڻ“ ٿي ويو. اها روايت صحيح نه آهي. ”برشته“ ۾ به اهڙي ئي هڪ بي اصل روايت بيان ٿيل آهي ته جيئن ته افغان ”پٽنه“ ۾ اچي آباد ٿيا، انهيءَ ڪري هو ”پٺاڻ“ ٿي ويا. ڪن هندو ليکڪن جو خيال آهي ته افغانن هندستان جي ”پٽنه“ شهر تي سخت حملو ڪيو، انهيءَ ڪري پسگردائيءَ جي ماڻهن انهن کي ”پٽنه آن“ سڏيو، جو پوءِ بدلجي ”پٺاڻ“ بڻجي ويو.

حقيقت ۾ افغان، پشتون، پٺاڻ، هڪ ئي قوم کي افغان نالو غير ملڪين لٽرري طور ڏنو. پوءِ، هوريان هوريان، ڪن پٺاڻ قبيلن پاڻ کي ”افغان“ جي نالي سان سڏيو، ۽ باقي رهيل قبيلا – غلزئي، آفريدي، هنگش، شيراني، اشتراني، وغيره اڳي وانگر ”پٺاڻ“ سڏبا رهيا *. اهو رايو به صحيح نه آهي. هن قوم جي قديم مورخن پاڻ کي ”افغان“ سڏيو آهي ۽ پنهنجو اصل هن طرح بيان ڪيو آهي:

افغانن کي ”افغان“ هن ڪري سڏيو ويندو آهي: ”سلول“ جنهن کي قرآن مجيد ۾ ”طالوت“ جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي- جا ٻه پٽ هئا: پهريون ”برضيا“، جنهن جو پٽ پوءِ حضرت سليمان جو وزيراعظم مقرر ٿيو، جنهن جي لاءِ ئي قرآن مجيد ۾ آيو آهي ”وقال الذي عنده علم الڪتاب“؛ ۽ ٻيو ”ارميا“، جنهن جو پٽ ”افغنه“ بعد ۾ حضرت سليمان جو فوجي سپهه سالار بلڪه وزير اعظم مقرر ٿيو. اهو ئي افغانن جو مورث اعليٰ اهي. جيئن ته ”ساول“ (طالوت) بن يامين بن يعقوب جي نسل مان هو، انهيءَ ڪري افغان قوم نسلاً بني اسرائيل آهي.


* ”عهد اسلامي ڪا هندستان“، سيد رياست علي ندوي، ص 17 218.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com