سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4/ 1961ع

 

صفحو :2

”اسين، پاڪستان جي سڀني زبانن جا اديب، پاڻ کي پنهنجي وطن جي ترقيءَ ۽ عظمت، بين الاقوامي امن جي آدرش، ۽ انسانيت جي ترقيءَ لاءِ وقف ڪريون ٿا.

”اسين انهن ”انساني حقن“ ۾ ايمان رکون ٿا، جن جي تشريح اقوام متحد جي منشور ۾ ڪيل آهي.

ادب جي حيثيت سان، اسين پنهنجن خيالن جي اظهار ۽ انهن کي ٻين تائين پهچائڻ جي آزادي وارن بنيادي حقن جا حامي آهيون، جن کانسواءِ تخليقي ادب بي مقصد هوندو آهي. ”اسان کي پنهنجين انهن عظيم روايتن تي، جيڪي اسان کي ماضيءَ کان مليون آهن، پورو فخر آهي. اسين انهن جي حفاظت ڪرڻ ۽ انهن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو عهد ڪريون ٿا.

اسين پنهنجي مقدس فرض کان –  جيڪو  سچ ۽ صدا     قت جي عڪاسيءَ،  حب الوطنيءَ جي قدرن جي نشو و نما، بين الاقوامي ڀائپيءَ، همدرديءَ ۽ تعاون جي واڌاري، ۽ انساني لاڳاپن کي قائم ڪرڻ بابت اهي – بخوبي آگاهه آهيون، ته جيئن انسانذات زياده کان زياده راحت، حوصلي ۽ وقار سان پنهنجي وجود کي سلامت رکي سگهي.

”اديب هجڻ جي حيثيت سان، انفرادي توڙي اجتماعي طور، اسين هڪ اهڙي خوشحال ۽  صحتمند سماج جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي ذميداريءَ کي قبول ڪريون ٿا، جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آزاديءَ وارا ۽ هڪجهڙا موقعا موجود هجن، ۽ جتي دولت ۽ اقتدار انساني قدرن ۽ روحاني تصورن جي تابع هجي. انهيءَ ڪري، اسين علم ۽ سائنس جي ترقيءَ کي دنيا ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي واڌاري جو وسيلو سمجهون ٿا.“

(پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو منشور – جنهن جو ٽيون سالگره 31 ڊسمبر 1961ع تي ملهايو ويو.)

بيت

شيخ اياز

آءٌ اهو انسان، جنهن لـُڌي سان لائون لڌيون،

ڌرتي! تنهنجو ڌيان، رهيم پو ڀي روح ۾.

اڌيءَ رات اُساٽ، سرتيون! مون کي سونهن جي،

تارونيءَ پهتي تِک سان، لونءِ لونءِ اڀري لاٽ،

ٻنڀي نڪتي ٻاٽ، سِپَ سِپَ آندو سوجهرو.

پيئان سان پرڀات، جنهن ۾ آس اساٽ جي،

لوچي ڪائي لات، ڏيان ساري ڏيهه کي.

اٿي اوت، سڄاڻ، پيئان جئن پرڀات جو،

آءٌ، انهيءَ کي آڻ، جنهن ۾ آس اساٽ جي.

پياليءَ پياليءَ پيٽ، جنهن ۾ آس اساٽ جي،

آءٌ، مدايون ميٽ، ڳائي منهنجون، ڳائڻا!

وري ڪنهن جي وِک، کڄي پيئي کيپ ۾،

آيو چوڏهينءَ چنڊ تان، ڏوران ڏيئي ڏک،

تاروپن وڌي تِک، مون وٽ پهتو مون پرين.

مخدوم امين محمد ”فهيم“ صديقي

صبا! چئج سڄڻ کي، ساري سَوَ سلامَ،

دل جي دلبر يار کي، پهچائج پيغام،

ته کارا کائيندي لڳن تورِءَ سڀ طعامَ

صبح سڪندي ٿيو وڃي، ساريندي ٿئي شامَ،

آهيان آءٌ، ”امين“ چئي، سڄڻ اوهان جي سام،

نرملَ، نانءُ الله جي، ڪريو ڪي ڪلامَ،

محبت واري مام، سانڍي رکيم ساهه سان.

حافظ محمد احسن چنا

(دو معنيٰ قافيو)

مون کي محب ميهار جي، آهي تن ۾ تار،

ڪهڙو قاصد موڪليان، ڪهڙي ڪريان تار،

پاڻي ڀانيان پنيءَ جيڏو، توڙي هجي تار،

تار منجهان تون تار، سهڻيءَ کي هن سير مان.

 

تو ريءَ ڪنديس ڪو نه ڪو، وارثَ ٻيو وَر،

ڏاڍا، ڏاڍايون، ڇو ڪرين، مون ۾ ناهي ور،

وَهلو واهر ور، دير نه ڪر تون دم جي.

 

محبَ مٺا ملڻ ۾، تون گهڙي نه وجهه گهاري،

مون عمر سڄي گهاري، تنهنجي محبَ مجاز ۾.

نياز علي شاهه ”محسن“

دلبر، توکان ڌار، مون کي گوندر گهارڻ آئيو،

سُک نه سنڀران ڪا گهڙي، منهنجا ڏکيا ڏينهن هزار،

”محسن“، ناهه ميار، هي لکيا سڀ ليک جا.

”خواب“ حيدرآبادي

سـُکن کي جن سڏ ڏنو، سي سُکن کي نه پُنيون،

ڏکن جن کي ڏنگيو، سي ئي سک ستيون،

ڀـُلي ڀـُلي ڀاڻ آيون، سي به نه چئبيون ڀـُليون،

سي ئي محب مليون، جن هنيون گڏيو هوت سين.

جن ڪيو ڏاج ڏکن کي، لائون سي لهنديون،

جن سـُتيون پيتيون سور جون، سي ئي سـُک سمهنديون،

جن لَڪن منجهان لنگهه ڪيو، سي ڇپر کي ڇنديون،

جي ڪيچين ڏي ڪَهنديون، سي پنهون پسنديون پاڻ ۾.

قمر شهباز

جيون آهي جوت، کن پل لئه مهمان،

اوت، مٺا، تون اوت، متان وسامي وڃي.

تون ئي منهنجو گيت، تون گيتن جو پڙلاءُ،

سائين، هي سنگيت، توريءَ سڃو ڀانئيان.

پرين رهيو پار، هوري ونجهه هلاءِ،

هوري هوري، هاءِ، وانجهي! وڇوڙو نه ڏي.

عبدالجبار ”شام“

هوت جنين جي هنج ۾، سي ئي خوش نصيب،

اڱڻ تي آيو هلي، منجهان هيج حبيب،

اٺ ئي پهر عجيب، ريڌو رهاڻيون ڪري،

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، نيڻ ٻئي نيزا،

سونهنِ ڪُرَ ڪنن ۾. عجب آويزا،

گـُجر گـُريزا، آهي عاشقن کان.

 

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، جاڙا ڀونئر ڀِرون،

اسين تنهن عجيب کان، فراقيا ڦِريون،

ڪهڙيءَ چورَ چـُرون، اڱڻ تان عجيب جي.

 

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، نڪ ڄڻ آمي ڦارَ،

ڳاڙها ڳل گلاب جئن، سونهي تِرُ رخسارَ،

سنهڙا چپ سهڻل جا، گلابي گلزار،

زلف زوراور ذات جا، ڪن ڪڪرن واري ڪار،

اِهي، ”عبدالجبار چئي، سندا پرين پار،

الله، ڪنهن آچار، ڳڻيان ڳـُڻ ڳـُڻَ پرين جا.

 

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، قدم جئن مردنگ،

ڪڏهن ٽِلي مور جئن، ڊيل سندي ڪٿ ڍنگ،

عجب رمزون رنگ، اِهي، ”عبدالجبار“ چئي.

پاڪ پيشاني پرينءَ جي، گفتا رڳو گُڻ،

همه حيرت ۾ رهن، جڏهن ٻولي ٿو ٻهڳڻ،

سالڪَ ويهي سـُڻ، گفتگو گڻوان جي.

حسين بخش ”خادم“

جيڏيون، مون جڏيءَ کي، ڇو ٿيون ڪريو جَهلُ،

جهلئي جهلبيس ڪين ڪي، نڪي ڏينديس جهَلَ،

عشق وارن جي، اديون، ڪير جهليندو جهَلَ،

جا ويندي پنهنجي وَرَ ڏي، سا جهلئي نه ڏيندي جهَلَ

جانيءَ ڌاران جهَلَ، ٻي جَهلَ جهليندي ڪا نه ڪي،

ڪاملَ، تنهنجي قرب جي، ڪنهن ڪامل کي ڪَلَ،

آءٌ ته اوڳي آهيان، ڪهڙي مون کي ڪَلَ،

ڪاملَ، منهنجي ڪل جي، ڪامل کوليو ڪَلَ،

ته قلب سندي ڪَلَ، ڪاملَ، ڪاملُ ٿي پوي.

دوها

شيخ اياز

اُڏري آئي انهن تي اک اک، نظر نظر آ جهار،

چَپَ پرينءَ جا اهڙا، جهڙي ڪَچي ڪَچي ڪچنار،

 جهونجهڪڙي جو جَر جهڙي، جنهن سَرهي سَرهي روءِ،

پرين اسان جو، جنهن جي تن ۾ ڪوريءَ ڪنگريءَ بوءِ،

چڙو وڄي پيو چانڊوڪيءَ ۾، پري پرينءَ جو پار،

سَري نه جن جي سير بنا، تن ملي نه شل ميهار!

وئي جواني، وئي جواني، تيز وِرانگهون پائي،

وهندو پاڻي، لهندي ڇايا، ڪير سگهي موٽائي!

هاءِ بـُکيون، اڌ ننگيون نياڻيون، تن جي لڄ لڪاءِ،

آءٌ، هوا! هن ڀونگيءَ ۾ ڏيئي جي وَٽ وساٰءِ!

ٻري پئي ڌرتيءَ جي ڇاتي، مَري پئي مخلوق،

پرين! پري ٿي، ڇڏ ته کڻان مان ڀري اِها بندوق.

تون هوندي، تون هوندين منهنجو توسان ناهي وير،

پر هي ماڻهو، جن آ تنهنجيءَ اوٽَ ڪيو انڌير!

مان ئي پيئان، جلندي جيئان، مان ئي آهيان مَنڌُ،

مان ئي لوري، مان ئي جهوري، مان ئي پنهنجو پنڌ.

مان ئي بَن ُ هان، مان ئي بنسي،مان راڌا، مان شيام،

مان جمنا جون لهريون، جن تي چنڊ ڪري وسرام.

وَڻَ وَڻَ ۾ آ منهنجو واسو، پَنَ پَنَ ۾ پڙلاءُ،

واءُ چوي ٿي جهوٽو آهين، آءُ، اڏامي آءٌ!

مان ڪويل جي ڪوڪ، ڪڏهن مان ڪاري ڪاري رات،

مان سا اوندهه، جنهن ۾ ڪيئي ڏيئا ٻاري ڏات.

ڪـُڏان پيو ڪَٺ پتليءَ جئن مان، ڏسان نه تنهنجي ڏور،

ڪڏهن کٽو ٿي، کيل ڇڏي هي، اوريان مون سان اور.

او  راڳي، او راڳي، ولهه ۾ وينا تنهنجي وات!

ڀنڀٽ بڻجي ڀڙڪي تنهنجي تَنَ ۾ ڪهڙي تات؟

وڄندي رهندي تنهنجي وينا، مري نه ٿيندي مات،

تون جمنا جو جهونجهڪڙو آن، تون راويءَ جي رات.

ڇوليون ۽ ڇَرَ، ڇَرَ ۽ ڇوليون، تنهنجو راڳ اٿاهه،

اُڀري اُڀري نيٺ ڇُپي ويو، جن ۾ منهنجو ساهه.

من مندر جا ديپ وساڻا، آهي واس نه ڌوپ،

گهڙيءَ گهڙيءَ کي سيتا جو سَت، راتيون راوڻ روپ.

ڪَهندي ايندي جن جي ڪَن رَس، تَن مَن وڄندي تانَ،

ايندا، ايندا، ايندا آخر، اُهي نوان انسان!

قمر شهباز

ولر کان وڇڙي ڪونج نه ڪائي، شال نه وڇڙي ڪونج،

سـُر ويڻا کان، گل کان خوشبو، گيتن کان ڄڻ گونج.

لڇندي پڇندي گذري ويندي، گذري ويندي رات،

جنهن لئه آتا نيڻ پياسا، سا نه ملي پرڀات.

سا نه ملي پرڀات، ڙي سائين، ڪا نه ملي پرڀات،

روح اڃايل، ساهه سڪايل، تَن ۾ آهي تات.

رات انڌيري، جوت اجهاڻي، جوت اجهاڻي، لا،

راهه ڪٺن آ تو بن، ساٿي، ڪير نه ساڻي، لا!

گيت نه ڳايو، گيت نه ڳايو، گيت نه ڳايو لا

من ۾ ڇايو گهور انڌيرو، ميت نه آيو، لا!

اکڙين ۾ اوجهاڳو اوتي، ڪوئي راهه نهاري،

ديپَ جلائي، ديپَ وسائي، آشا جي آڌاري.

دور ڪنارا، دور سهارا، دور رهيو هر ماڳ،

پيارَ ڏنو آ غم نذرانو، جاڳ، غمِ دل، جاڳ.

آسَ جو پياسو پَنڇي ڳائي جهومي، جهومر پائي،

ڪنهن کي ڳولي، ڪنهن لئه ڳائي، ڪير مون کي سمجهائي؟

سانجهيءَ جا پاڇولا آيا، ڪارا پَرَ ڦهلائي،

ڪو ئي ڪنهن لئه نيرُ وهائي، يادُن کي ڳل لائي.

ڪير نه ڪنهن جو ميِت، او سائين، ڪير نه ڪنهن جو ساٿي،

دردُ ڏنو ڪنهن دل ۾ پيهي، سو ُر مليا ڪنهن ساڻ جدا ٿي.

ڪافيون

محمد خان ”غني“

عشق ڪيم امداد، سورن جا سامان سڀيئي،

ديدون دلبر جون دوناليون،

اکيون اسان جون دائم آليون،

دل ۾ دانهون ۽ فرياد – اِهي سندس احسان سڀيئي.

ڪن کان تاج ۽ تخت ڦرائي،

ڪن کان هو ٿو ٽڪر ٽڪائي،

مجنون ۽ فرهاد – نينهن ڪيا نالان سڀيئي.

هوش حيا ٻئي هليا ويندا،

عشق جي آڏو ڪين سي ايندا،

سورن ۾ ٿي رهبو شاد – آهن اِهي امڪان سڀيئي.

”الف“ اکر جي پرت پڙهائي،

”ب“ جي وائي ڪير ورائي،

سوري تن کي صاد – ڪُسجي ٿيا قربان سڀيئي.

دلبر جي در وتن وڪاڻا،

محب جا وڻيا جن کي ماڻا،

برهه ڪيا برباد – شاهه، ”غني“ سلطان سڀيئي.

سليم ڳاڙهوي

پنهل تون، پرين، مون کان ڀيرو نه ڀڃ،

ڀلا، ڀالُ پنهنجو ڀليرو نه ڀڃ!

جبل، جهنگ، هاڙهي ۽ ”حب“ ۾ هلي،

ڦٽيا پير هٿ، پر تون ڦيرو نه ڀڃ!

نه گهُل، او هوا، او هوا، او هوا،

پنهوءَ پرت واري جو پيرو نه ڀڃ!

پرين، توکي پارت ڪريان ٿي اِها،

جگر، هاءِ، جانبَ، آڇيرو نه ڀڃ!

محبت جي مشڪل سان لنوَ ٿي لڳي،

پرين، پَرچ مون سان ۽ ڀيرو نه ڀڃ!

ڀڃي پوءِ پڇتائڻو ٿو پوي،

هي دل آهه شيشي جو ديرو، نه ڀڃ!

سڄڻ توکي سمجهيو مون آهي، ”سليم“

اهو چاههُ منهنجو چڱيرو نه ڀڃ!

حافظ محمد احسن چنا

آءٌ نه ڪهون ڪاڪ تي، ڪي ڪامل ڪهاڻيون،

ڪامل ڪهاڻيون، راڻل رهاڻيون،

سڪ ۾ سج لهي ويا، راتيون وهاڻيون،

مور نه وسرن،مينڌرا، تنهنجو ريجهون رهاڻيون،

راڻل، تنهنجي راڄ ۾، آهن سوين سياڻيون،

آءٌ ته عيبن ڀري آهيان، ڪوڙِن ڪم ڪاڻيون،

باغ سڙي سڀ بٺ ٿيا، ڪليون ڪوماڻيون،

کهه کٽن تي چڙهي ٿيون پٿرڻيون پراڻيون،

پرين، تنهنجي پرچاءُ لئه مون ڪيون پڄاڻيون،

وارث هيئن وسار نه تون نڌر نماڻيون،

ميڙيون توڏي، مينڌرا، ”احسن“ اماڻيون،

نام مولا پرچ، پيارا، منج وصل وراڻيون.

حسين بخش ”خادم“

ڇو ٿيون مون کان پڇو منهنجي دل جي خبر،

جي پڄيو کڻي ته ڇڏيو منهنجي پچر!

اوهين ڏاهيون سڀئي، آءٌ آهيان چري،

ڇا سمجهايو ٿيون مون کي وريو وري،

آءٌ اڳي ئي آهيان ڏاڍي درد ڀري،

اوهين پنهنجا وسايو وڃي سڀ گهر.

دل ۾ دردن جي آهي ڌمال وڳي،

دنيا وارن جي ياري يار ڀڳي،

آءٌ سچ ٿو چوان، ناهي ٺاهه ٺڳي،

مون وٽ سورن جا ويٺا آهن ولر.

مون کي سورن ڇڏيو آهي چور ڪري،

منهنجي هڪڙي به ساعت ٿي ڪين سري،

مان سچ ته سڀن کان آهيان پري،

آهي ڪا به رهيل ته وٺوم ڪسر.

اوهين مون کي ڇا سمجهايو ٿيون،

پنهنجو مغز اجايو کپايو ٿيون،

مون تتل کي ڇو اوهين تپايو ٿيون،

متان آهُن جا پَسو، اديون ڙي، اثر.

آءٌ جهڙي تهڙي ”خادم“ ميري مندي،

ته به آهيان، اديون، پنهنجي پرين سندي،

ڪني ڪوجهي کڻي آهيان گولي گندي،

ته به نرمل جي مون تي آهي نظر.

نثار بزمي

عشق جون اوکيون اڙيون اڙيون

مرد هجي جيڪو ماڳ ملهائي.

عشق جون واٽون وڃڻ نه جهڙيون،

سختيون اهڙيون، سهڻ نه جهڙيون،

گهوريون غمن جون گهڙيون گهڙيون

مرد هجي جيڪو ماڳ ملهائي.

لوڪ کان پاسي عاشق لوچن،

پنهنجي منهن پيا سمجهن سوچن،

قرب جون پائي ڪڙيون ڪڙيون

مرد هجي جيڪو ماڳ ملهائي.

چوٽ اڻانگي چشمن واري،

”بزمي“ءَ کان پُڇ، توبهه زاري!

روح ڪري ٿو رڙيون رڙيون-

مرد هجي جيڪو ماڳ ملهائي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com