گومو – (اسپتال جي در تي پٽيوالي کي ڏسي)
سائين، اسپتال هيءَ آهي؟
پٽيوالو- ها، اها آهي.
مگهو- ڏاڪدار صاحب ڪٿي؟
پاتل، ڪرسيءَ تي ويٺو آهي.
تماچي – اسين اندر وڃن؟
پٽيوالو – ها، ڀلي وڃو.
(گومو ۽ تماچي، جتي لاهي، اندر گهڙن ٿا.
ڊاڪٽر کي ڏسي، ٻئي ڄڻا نمي سلام ڪن ٿا.)
ڊاڪٽر – (سلام جو جواب ڏيئي) بابا، ڪيئن آيا
آهيو؟
گومو – سائين، منهنجو پيءُ بيمار آهي، جنهن
کي اٽڪل پندرهن ويهه ڏينهن ٿيندا. گهڻائي
علاج ڪيا اٿئون، پر فائدو ڪونهي، تنهنڪري
هتي کڻي آيا آهيون.
ڊاڪٽر – ڀلا ڪهڙو علاج ڪرايو اٿو؟
گومو – سائين، پاٻو، پورسو، چانڊ، مالهڻ،
گوگو، سڀ پڇيا؛ نيٺ مالو ڀوپو به ڌوڻايوسين،
پر ڦوڪارو ڪو نه ٿيو.
ڊاڪٽر – (عجب ۾) پاٻو، پورسو.... اهي ڇا
آهن؟
پٽيوالو- سائين، هي اڻپڙهيل جاهل آهن، جي
جنن ڀوتن جون ٿا |
پٽيوالو- اندر ويٺو آهي.
ڌارو – سائين، مهرباني ڪري اسان کي ڏيکار.
پٽيوالو – (آگر سان اشارو ڪري) او... اهو –
جيڪو مٿي اگهاڙو، عينڪ
ڳالهيون ڪن. هنن جو انهن ۾ ويساهه آهي.
ڊاڪٽر – (ٽهڪ ڏيئي) چڱو، سمجهيم، بابا،
بيمار کي وٺي اچو.
(رامي کي اندر کڻي اچن ٿا. ڊاڪٽر رامي کي
چڪاسي ڏسي ٿو. گومو ۽ مگهو چوڌاري ڪيئن
مريض، ماڻهو، ۽ڪٻٽن ۾ دوائن جون شيشون ڏسي،
وائڙن وانگر پيا نهارين.)
ڊاڪٽر – (تپاسڻ بعد) بابا، هن کي گرميءَ جو
اثر آهي. هي ڪاڙهي تتي جو ٻاهر نڪتو آهي،
تنهنڪري بيمار ٿيو آهي، ٻيو ڪو جن ڀوت
ڪونهي. مان دوا ڏيان ٿو، سا وڃي کيس پياريو.
(شيشيءَ ۾ ٻه –ٽي دوائون ملائي ڏئي ٿو.) هن
دوا مان روز ٽي وزن – صبح، منجهند ۽ شام
ڏجو. سڀاڻي وري سمورو حال احوال ٻڌائجو.
گومو – ها، سائين.
(دوا وٺي، مريضن جي رهڻ واري ڪمري ۾ رامي
سان گڏ ترسن ٿا. چوڻ موجب، ٽيئي دفعا دوا
پيارين |
ٿا. اهڙيءَ طرح، روز ڊاڪٽر کي حال احوال
ٻڌائي، دوا آڻي پياريندا رهن ٿا. روز بروز
رامو وڃي ٿو چاڪ ٿيندو. جلد ئي صفا چڱو ڀلو،
اٿن جهڙو ٿئي ٿو.هي به ويچارا ڏاڍا خوش ٿين
ٿا.)
گومو – مگها، پرتاب برابر سچ ٿي چيو ته
ڏاڪدار وٽ وٺي وڃو! هيترا ڏينهن اسان ناحق
پئي ڀوپن کان پاڻ ڦرايو. ٻين ڦريو سو ته
ٺهيو، پر تنهن ڏينهن ڪيترو خرچ ڪري مالو
ڀوپو ڌوڻايو، تڏهين به فائدو ڪو نه ٿيو. هتي
ته پائي به خرچ ڪا نه ٿي، ۽ فائدو به ٿيو!
ڌارو – ها، ادا، پاڻ پڙهيلن جي ڳالهه مڃون
نه ٿا، پر آهن اهي سچا. چوندا آهن ته علم
واري جون آهن چار اکيون. اڳتي ڪو بيمار ٿيو
ته وري ڪنهن ڀوپي کان ڪو نه پڇنداسون، وٺي
اينداسون اسپتال ۾. ڏسو ته هتي ڪهڙا نه سـُک
لڳا پيا آهن. اهڙا سک گهر به ڪو نه آهن.
مگهو - هاڻي ڪاڪو به اٿي |
ويهي سگهي ٿو، هاڻي هلو گهر. (رامي ڏانهن
نهاري) ڪيئن، ڪاڪا، هاڻي ته چڱو ڀلو آهين
نه؟ هلنداسون، گهر؟
رامو- ها، ابا، هاڻي بلڪل چاڪ آهيان، ڪا به
پيڙا ڪانهي. هلو ته ڀلي هلو. (سڀيئي ڊاڪٽر
وٽ وڃن ٿا.)
گومو – (ڊاڪٽر جي پيرن تي ڪِري) سائين،
اوهان جا لک ٿورا، بابو چڱو ڀلو ٿيو، هاڻي
اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي گهرين ڀيڙا ٿيون.
ڊاڪٽر- بابا، ٿورا وري ڇا جا؟ هتي ته روز
ڪئين مريض پيا اچن ۽ وڃن. اهو اسان جو ڪم
آهي. اڳتي ڪو بيمار ٿئي ته اجايو ڀوتن جي ڊپ
ڪري ڀوپن کان پاڻ نه ڦرايو، هميشه ڊاڪٽرن
کان علاج ڪرايو. ٻن ٽن ڏينهن جي دوا ڏيان
ٿو، سا ڏيندا رهجو. هاڻي ڀلي وڃو.
(ڊاڪٽر کي سلام ڪري، رامي کي وٺي، موٽن ٿا.) |