پشتو ادب
جهڙيءَ طرح ٻين زبانن جي ادب جي شروعات شاعريءَ
سان ٿي آهي، تهڙيءَ طرح پشتو ادب جي شروعات به
شاعريءَ سان ٿي. پشتو جو سڀ کان اوائلي شعر، مٿي
ڏنل ڪتبي واريون مصراعون چئي سگهجن ٿيون. پشتو جو
اوائلي شعر به، سنڌيءَ وانگر، ڇند- وديا تي ٻڌل
آهي. مذڪور ڪتبي کانسواءِ، سڀ کان اوائلي لکيت ۾
آيل پشتو شعر ”خيرالبيان“ جو آهي، جو بايزيد روسن
95 هجريءَ ۾ لکيو. ان کان پوءِ اخوند درويزه جي
”مخزن الاسلام“ (1000هه) ۽ ”فوائد الشريعه“
(967هه)، از اخوند قاسم، ملن ٿا، جي پشتو نظم ۾
اهن. انهن ڪتابن جو نظم ڇند – وديا تي ٻڌل آهي.
جيئن سنڍيءَ جي قديم شاعريءَ جون بيت، ڪافي، وائي،
وغيره صنفون آهن، تيئن پشتو جي قديم شاعريءَ جون
صنفون به آهن. انهن مان مکيه صنفن جو هن هيٺ مختصر
تعارف ڏجي ٿو
(1) ٽپه:
پشتو نظم جي سڀ کان پراڻي ۽ مقبول ترين صنف آهي.
ان جي ابتدائي تاريخ جي باري ۾ اختلاف آهي. ڪن جو
خيال آهي ته پهرينءَ صديءَ هجريءَ جي پيدائش آهي،
۽ ڪي وري ان کي سورهين صدي عيوسيءَ جي قرار ڏين
ٿا. اسان جي ”بيت“ جيان پشتو شاعريءَ جو اڌ کان
گهڻو سرمايو ان صنف ۾ آهي. جهڙيءَ طرح هر سنڌيءَ
سنڌي بيت کان واقف هوندو آهي، تيئن شايد ئي ڪو
پٺاڻ هوندو، جنهن کي ”ٽپه“ ياد نه هوندو. انهن جو
تعداد به بي انداز آهي. جيئن اسان جا بيت عالم
شاعرن به چيا آهن ته اڻپڙهيل سگهڙن به، تيئن ”ٽپه“
به عالم شاعرن به چيا آهن ته ٻهراڙين جي اڻپڙهلين
به. ٽپه جو اصلي نالو ”مصرع“ يا ”لنڊي“ آهي.
”لنڊي“، معنيٰ ننڍو، انهيءَ ڪري چوندا اٿس جو
”ٽپه“ ڏيڍ مصرع جو شعر ٿيندو آهي – يعني ان جو
پهريون مصرعو ٻئي مصرعي کان ننڍو ٿيندو اهي. ”ٽپه“
تاڙيءَ کي به چوندا آهن. ”ٽپه“ ڳائڻ سان تاڙي به
وڄائي ويندي آهي، شايد انهيءَ ڪري ئي مٿس اهو نالو
پيو آهي. هن صنف جي خاص خصوصيت اها آهي، جا کيس
ٻين صنفن کان ممتاز ڪري ٿي، ته ان جو قافيو ”مه“
يا ”نه“ اچڻ لازمي آهي. انهيءَ ڪري سڀ ”ٽپه“ هڪ ئي
وزن، هڪ ئي لي ۽ هڪ ئي قافيي تي ٿيندا آهن. ”ٽپه“
جي ان ڏيڍ مصرع ۾ مطلب جو درياهه بند هوندو آهي.
پند ۽ نصائح، مسرت ۽ غم، فراق ۽ وصال، سوز ۽ گداز،
حسن ۽ عشق، محبت ۽ نفرت، اميد ۽ بيم: مطلب ته
انساني زندگيءَ سان وابسته سمورا معاملا ان ۾ بيان
ڪيا ويندا آهن.مثال طور ڪجهه ”ٽپه“ هيٺ ڏجن ٿا:
جانا نـﮧ سر پـﮧ وطن ڪيده،
بـﮧ تار و زلفو بـﮧ ڪفن لـﮧ ڪند مـﮧ
(محبوب، وطن تي جان ڏي: مان زلفن جي تارن سان
تنهنجو ڪفن سندس.)
ڪـﮧ سر رمال م پـﮧ قربان شي،
پـﮧ وطن جنڪ دي چنل وطن آزد و مـﮧ.
(ڀل ته مال ۽ جان به هليا وڃن، مان هن جنگ ۾ وطن
آزاد ڪرائيندس.)
آخر بـﮧ خاوري شي صورتـﮧ،
ڪـﮧ دي هر خونـﮧ پـﮧ زربفتون ڪنب ساتمـﮧ.
(بدن خاڪ ٿي ويندو، پوءِ کڻي ڪيترو به زر بفت
توکي ويڙهيان.)
جانانـﮧ وو مي غولولي،
خال خوشي در نجودي رتڪ بـﮧ شينـﮧ.
(محبوب، دوکو
کاڌو: هي تر ڪجل جو آهي، جو آخر مٽجي ويندو.)
خدا يـﮧ ڪل د گلاب ڪي،
چه دجانان په غيب ڪنب پاني پاتي شملـﮧ.
(خدا يا، مون کي گلاب بناءِ جو يار جي آغوش ۾ وڃي
پکڙجي وڃان.)
(2) چار – بيته:
قدامت ۽ مقبوليت جي لحاظ کان ”ٽپه“ جي ٻئي نمبر ۾
”چار – بيته“ آهي. ”چار – بيته“ ڳائڻ سان پٺاڻن کي
ڏاڍو لطف ايندو آهي. ڳائڻ وقت عرف عام ۾ انهن کي
ٽنگ ٽڪور چوندا آهن. ”چار بيته“ جو اهو مفهوم نه
آهي ته ان ۾ ڪو چار شعر هجن. هن صنف ۾ گهٽ ۾ گهٽ
16 شعر ۽ وڌ وڌ ڪيترا به هجن: يعني هيءَ صنف فارسي
مثنويءَ ۽ قصيدي جي مسخ ٿيل شڪل آهي. پر ڪي چون ٿا
ته ”چار بيته“ فارسي اثر کان گهڻو اڳ رائج آهي. هن
۾ عزل جهڙن بيتن ۽ مربع، مخمس، مسدس، مسبع ۽ مثمن
جهڙن شعرن کي به داخل ڪندا آهن. ڪنهن ۾ شعر جي
ترڪيب ئي مقفيٰ ارڪان سان ٿيندي آهي. انهيءَ قسم
جي ”چار – بيته“ کي ”زنزيرئي“ (زنجيري) چوندا آهن.
مطلب ته چار بيته جي قسمن جي حد ڪانهي. مضمون جي
لحاظ کان ”چار بيته“ جا ٻه وڏا قسم آهن. هڪ حقيقي،
جنهن ۾ ڪائنات جي تخليق، پيغمبرن جا داستان، شهيدن
جا مرثيا، اوليائن جا مناقبا ۽ وڏن جا شاندار
ڪارناما بيان ڪيا ويندا آهن. ڪن ڪن ۾ جيتن جڻين ۽
پکين جون منگهڙت ڪهاڻيون به هونديون آهن. ٻيو قسم
مجازي آهي. ان ۾ پشتو جا مشهور رومان مثلاً موسيٰ
خان گل مڪئي، آدم خان، فتح خان، رابعه ۽ ٻيا حسن ۽
عشق جا داستان، لڙائين جا واقعا، ڌاڙن ۽ جلاوطنيءَ
جا قصا، فرضي بهادرن جي معرڪن جا تذڪرا هوندا آهن.
ڪڏهن ڪڏهن چار – بيته سوال جواب جي نموني به هوندي
آهي.
مثال طور چار – بيته جو نمونو هن هيٺ ڏجي ٿو:
راشـﮧ او ڪوره دلبره عشق د اور دي ڪـﮧ نه دي،
پـﮧ لمبو م وجود سولي لڪـﮧ سڪور دي ڪـﮧ نه دي.
(اچي ڏس تنهنجو عشق آتشبار آهي يا نه، شعلن کان
منهنجو جسم هڪ اڱر آهي يا نه).
راشـﮧ او ڪوره چـﮧ غم د ديوانه ڪرمـﮧ حـﮧ،
دهر چانـﮧ ئي حدا او بيگانـﮧ ڪرمـﮧ حـﮧ،
بنديوان دو هجران په جيلخانه ڪرمـﮧ حـﮧ.
(اچي ڏس، تنهنجي غم ۾ ديوانو ٿي ويو آهيان، هر
پنهنجي ۽ پرائي کان بيگانو ٿي ويس، هينئر قيدِ هجر
جي زيست جو افسانو ٿي چڪو).
مٿي مثال طور ”ٿلهه“ ۽ هڪ مصرعو ڏنا ويا آهن، هن ۾
اهڙا ڪيئي مصرعا ٿين.
(3) نيمڪئي:
هيءَ به ”چار- بيته“ سان ملندڙ جلندڙ هڪ مقبول عام
صنف آهي. هن ۾ به عام طرح عشق جو ذڪر هوندوآهي.
چار بيته ۽ هن صنف ۾ نمايان فرق اهو آهي ته هڪ ته
هيءَ ايڏي وڏي نه ٿيندي آهي، ۽ ٻيو ته هن جي ٻن
مصرعن ۾ پهرين وڏي ۽ ٻي ننڍي ٿيندي آهي. ٻيءَ مصرع
جي اڌهجڻ جي ڪري ئي ان کي ”نيم ڪئي“ چيو ويندو
آهي. اهو ضروري نه آهي ته معنيٰ جي لحاظ کان انهن
ٽڪرن ۾ ڪو خاص ربط هجي. ترڪيب بند عام طور هن طرح
ٿيندي آهي جو پهريون شعر ”سَر“ يعني مطلع ٿيندو
آهي: ان کي ادا ڪرڻ کانپوءِ وري مطلع کي ٻن حصن ۾
ورهائيندا آهن: پهريائين مطلع ۽ پوءِ ان جو اڌ حصو
ورجائيندا آهن: ”ٽڪئي“ جو پهريون مصرعو يا ته مروج
ٽپن جو پهريون مصرعو ٿيندو آهي يا ان جي همه قافيه
ڪو ٻيو مصرعو. ”ٽڪئي“ کانپوءِ وري ”نيمڪئي“ جو
مطلعو ورجايو ويندو آهي. اهڙيءَ طرح ”ٽڪئي“ جو ٻيو
بند، ۽ وري ”نيمڪئي“. ”نيمڪئي“ جو نمونو:
زره م نـﮧ صبر يڪي يمـﮧ ناست پـﮧ انتظار،
پـﮧ و خت د مازيڪر.
(منهنجي دل کي قرار ڪونهي، تنهنجي انتظار ۾ ويٺي
آهيان،ٽپهريءَ جو وقت آهي.)
غو زم دير نولي دي خو زيري مي داسي رانه شي،
ادوائي خوڪ داسي چـﮧ
پير زوم غم پتانـﮧ
شي؛
اڪرم افسوسونـﮧ
چـﮧ
سهالي پورا حمانـﮧ
شي،
سوزمـﮧ
مخلوقـﮧ
دَ بيلتون پـﮧ
سوانڪار.
(هم تن گوش آهيان، پر اهڙي خوشخبري ڪو به نه
آڻيندو: ڪو ئي اچي مون کي چوي ته تنهنجو غم هينئر
ڏسي نه ٿو سگهجي. پر افسوس جو منهنجون اميدون
پوريون ٿينديون نظر نٿيون اچن. انسانو، جوانيءَ جي
ڳاڙهن ٽانڊن تي ليٽي رهيو آهيان.)
پـﮧ وقت د مازيڪر.
(ٽپهريءَ جو وقت آهي)
اهڙيءَ طرح، وري ”ٽڪئي ايندي، ۽ ان جي هيٺيان
”نيمڪئي“ جو پويون مصرعو ورجايو ويندو.
(4) لوبهه:
”نيمڪئي“ ۽ ”لوبهه“ ۾ ايترو ٿورو فرق آهي جو جهڙي
تهڙي کي ته پتو ئي نه پوندو. ٻنهي جي بندش مستزاد
جهڙي ٿيندي آهي. مضمون جي لحاظ کان البت اهو فرق
آهي جو ”لوبهه“ عاشق ۽ معشوق جي سوال جواب يا حسن
۽ عشق جي واردات لاءِ وقف هوندو آهي. شايد مٿس
انهيءَ نالي پوڻ جو اهو ئي سبب آهي، ڇاڪاڻ جو
”لوبهه“ جي لغوي معنيٰ راند آهي. هن جا پهريان ٻه
مصرعا هڪ ئي قافيي جا هوندا آهن، پر انهن جا بحر
جدا جدا هوندا آهن. پهريون مصرعو ڊگهو ۽ ٻيو
مختصر. ان کانپوءِ مصرعا ٻه يا ٽي يا چار به ٿيندا
آهن. آخري مصرعي کي مطلع سان گرهه ڪندا آهن. هر
بند کي ”ڪڙي“ چوندا آهن. نمونو هي آهي:
خود بـﮧ جريڪم د ارمانـﮧ،
چـﮧ پـﮧ لمسون د غماز لتلي يمـﮧ بي گناه.
(ڇو نه ارمان مون کي روئارين، ڇاڪاڻ جو مان غمازي
جو نشان بيگناهه بنيس)
مرض م دم په دم زياتيڪي،
په حال مَ هيخوڪ نـﮧ خبريڪي؛
زرڪي بـﮧ صبر ڪرم لتانـﮧ،
توري بلا د عاشقي خوري يمـﮧ بي گناه.
(منهنجو درد وڌي هيو آهي، توکي منهنجي ڪهڙي خبر:
پنهنجي دل تي پٿر رکندس، ڇاڪاڻ جوعشق جو بلا جو
نشان بيگناهه آهيان.)
اهڙيءَ طرح، ان کانپوءِ وري مصرع ايندي ۽ ان جي
پوئتان وري وراڻي.
(5) بدله:
قديم اصطلاح ۾ هن کي ”سندره“ چوندا آهن، جنهن جي
معنيٰ آهي ”شعر خواني“. انهيءَ لحاظ کان ته هر شعر
”بدله“ چئي سگهجي ٿو؛ پر خيبر ايجنسيءَ جي
پسگردائيءَ ۾ ان جي خصوصي معنيٰ ٿي ويئي آهي.
هينئر ”بدله“ انهيءَ نظم کي چئبو آهي، جنهن ۾ ڪنهن
مشهور محبت جي داستان جو ذڪر هجي. انهيءَ ڪري هن
کي ڪي ماڻهو ”بيان“ به چوندا آهن. هي عام طور
مثنويءَ يا قصيدي جي طرز تي، مسلسل نظم جيان ادا
ڪيو ويندو آهي. ”موسيٰ خان – گل مڪئيءَ“ جي قصي،
تصنيف ٿيل مولوي نعمت الله مرحوم، مان نموني طور
ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
خلق وائي موسيٰ خان دي مردانه، ماتـﮧ بنڪاري پـﮧ
مثال د زنانـﮧ،
خلق وائي موسيٰ خان دي بااقبال، ماتـﮧ ڪم ئي د
روباه او دشغال.
(ماڻهو چون ٿا ته موسيٰ خان جوانمرد آهي، پر مون
کي هو ڪٿي ٿو مرد نظر اچي. ماڻهو چون ٿا ته موسيٰ
خان بااقبال آهي، پر مون کي هو هڪ شغال نظر اچي
ٿو.)
(6) غزل:
پشتو غزل، فارسي غزل جو نقل آهي. منجهس اهي ئي گل
۽ بلبل، حسن ۽عشق، ۽ هجر وصال جا افسانا آهن. پشتو
جي ڪن بلندپايه شاعرن – جهڙوڪ خوشحال خان خٽڪ،
رحمان بابا، عبدالقادر خان، علي خان ۽ عبدالحميد،
وغيره – غزل ۾ اخلاقي، معاشرتي، صوفيانه ۽ سياسي
مضمون به آندا آهن. مثال طور خوشحال خان خٽڪ جي هڪ
غزل مان ٻه – تي مصرعا هيٺ ڏجن ٿا. خوشحال خان خٽڪ
پشتو جو وڏي ۾ وڏو شاعر مڃيو ويو آهي.
توره چـﮧ تيريزي خو ڪذار لره ڪنـﮧ،
زلفي چـﮧ دل دل شي خو خپل بار لره ڪنـﮧ.
دي داتـﮧ وائي چـﮧ پـﮧ خڪلو نظر مڪره،
سترڪي چـﮧ پيدا شري خو ديدار لره ڪنــﮧ.
شيخ د نمونح روزه ڪد رند د ڊڪي پيالي اخلي،
هر سري پيدا دي خپل خپل ڪار لره ڪنــﮧ.
(هڪ وار جي لاءِ تلوار تيز ڪن ٿا،
زلفن جو پيچ ۽ خم فقط يار لاءِ آهي.
ڇو ٿا چون ته مان حسينن تي نظر نه وجهان،
اکيون يار جي ديدار لاءِ مليون آهن.
زاهد کي زهد، رند کي ساغر جو فڪر آهي،
هر ڪو پنهنجي پنهنجي آزار لاءِ آهي.)
(7) رباعي:
پشتو رباعيءَ جو اهو مفهوم نه آهي، جو فارسي
رباعيءَ جو آهي. اهڙي رباعي عوامي شاعريءَ ۾
ڪانهي، پر پڙهيل شاعرن ان تي طبع آزمائي ڪئي آهي.
جنهن کي عام ماڻهو رباعي چون ٿا، اهو ننڍي بحر جو
غزل آهي. غزل ۽ رباعيءَ ۾ ٻيو مضمون جو فرق آهي.
رباعيءَ ۾ پند ۽ نصائح ۽ علم ۽ حڪمت جون ڳالهيون
هونديون آهن. اهڙي قسم جون پشتو رباعيون خوشحال
خان خٽڪ ۽ رحمان بابا جون مشهور آهن. رحمان بابا
جي اهڙي قسم جي رباعيءَ مان ڪجهه مصرعا هيٺ ڏجن
ٿا:
تل بــﮧ نـﮧ دي شڪفتـﮧ گلزار د عمر،
نــﮧ بـﮧ جور دي هميشــﮧ بازار د عمر؛
لڪـﮧ بق چــﮧ خان خرڪند ڪاند بيانه دي،
هسي تيز دي بي شڪ رفتار د عمر.
(زندگيءَ جو هي گلزار هميشه ڦلي ڦولي نٿو،
زندگيءَ جي هيءَ بازار هميشه نه ٿي رهي؛
جهڙيءَ طرح گهڙيءَ لاءِ وڄ جي چمڪ،
اهڙيءَ طرح، تيز تر آهي هيءَ زندگيءَ جي رفتار.)
(8) الله هو:
لوليءَ کي پشتو ۾ ”الله هو“ چوندا آهن. هيءَ هڪ
عوامي صنف آهي. پشتو لوليءَ ۾ ماءُ ٻار کي سمهارڻ
لاءِ ڊيڄاريندي نه آهي، پر بزرگن جا ڪارناما
ٻڌائيندي آهي، جن ۾ بهادريءَ ۽ بلند اخلاق جو ذڪر
هوندو آهي. پشتو ”ٽپه“ جيان، هنن جي مصنفن جا نالا
به گهڻو ڪري معلوم نه هوندا آهن. پشتو لولي گهڻو
ڪري ”الله“ جي نالي سان شروع ٿيندي آهي، انهيءَ
ڪري ئي مس ”الله هو“ نالو پيو آهي. هڪ لولي هن طرح
شروع ٿئي ٿي:
الله هو شـﮧ الله هو – حما جانه الله هو!
(الله هو، الله هو- سمهي پئه، منهنجي جان، الله
هو)
اڳتي هلي، ماءُ پٽ کي سمهاريندي چوي ٿي:
پلارد تلي دي پـﮧ جنڪ،
نبــﮧ تيره توره تر خنڪ،
سر بــﮧ در ڪاندي پـﮧ ننڪ،
پــﮧ وطن راغي غيرنڪ:
- الله هو شــﮧ الله هو – حما جانـﮧ الله هو!
(منهنجا لال، تنهنجو پيءُ جنگ جي ميدان ۾ وڙهڻ ويو
آهي، ۽ پاڻ سان تکي ۽ سٺي تلوار به چيلهه ۾ لٽڪائي
ويو آهي. تنهنجو پيءُ بهادر آهي، هو ناموس جي لاءِ
پنهنجو سر ڏيندو، پر پنهنجو وطن غير جي هٿن ۾ وڃڻ
نه ڏيندو:
(الله هو، الله هو – سمهي پئه، منهنجي جان، الله
هو.)
”ٻارن، عورتن، نوڪرن، ڪمزورن، غريبن ۽ بيسمجهن جون
غلطون دراصل مائٽن، مڙسن، مالڪن، طاقتورن، مالدارن
۽ عالمن جون غلطيون هونديون آهن. جيتريقدر ٿي
سگهي، ماڻهن کي صحيح رستو ٻڌايو. ماڻهن جي
گمراهيءَ جو ذميدار اسان جو سماج آهي، جيڪو انهيءَ
اونداهيءَ کي عام ٿو ڪري، جيڪا گناهه ڪرڻ تي مجبور
ڪري ٿي. انهن گناهن جي ذمينداري گناهه ڪرڻ وارن تي
نه، بلڪه انهن تي آهي، جيڪي معاشري کي اوندهه سان
ڍڪيو ڇڏين.“ وڪٽر هيوگو: ”لا مزرابل“
”زمين تي رهندڙ هر هڪ ماڻهوءَ ۽ هِتي جي هر هڪ
شيءِ جي ذميداري اسان مان هر هڪ تي آهي: اهو آهي
اهو علم، جيڪو سڄيءَ زندگيءَ جو نچوڙ آهي، ۽ اهو
ئي عام اهو سوز ۽ گداز عطا ڪري ٿو، جنهن جو ٻيو
نالو محبت آهي- لازوال ۽ عالمگير محبت، اها ئي اها
قوت آهي، جنهن جي ذريعي اسين سڄيءَ دنيا کي وس ۾
آڻي سگهون ٿا، ۽ ڳوڙها ڳاڙي، ان کي گناهن کان پاڪ
ڪري سگهون.“
دستووسڪي: ”برادرس ڪراموزوف“
دُکي انسان
]وڪٽر
هيوگو جي ناول ”لامزرابل“ جو اختصار[
از:
پروفيسر موٽومل منگهارام
پهريون ڇاپو: ”سنڌي ساهت پبلشنگ ڪمپني“، حيدرآباد
سنڌ، جي نئين سنڌي لئبرريءَ“ جو ڪتاب نمبر3؛
ڀارتواسي
پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، حيدرآباد، سال 1922ع.
LES MISERABLES
”جيستائين، قانون ۽رواج جي دليلن سان، سماجي سزا
جو وجود رهندو، جيڪا،ل انساني تمدن جي راهه ۾،
انسانن جي خونريزيءَ سان ڌرتيءَ تي مصنوعي طريقن
سان قيامتون ٿي پيدا ڪري ۽ انسان جي اعليٰ ترين
مقدر کي منجهايو ڇڏي، جيستائين زماني جا ٽي مسئلا
– مفلسيءَ جي هٿان مرد جي ذلت، بک جي هٿان عورت جي
تباهي، ۽ جسماني ۽روحاني گجگاهه ۽ ٻارَ جي پرورش ۽
صلاحيتن جو خاتمو – حل نه ٿيا آهن، جيستائين، ڪن
علائقن ۾، سماجي غفلت ممڪن رهندي: ٻين لفظن ۾، ۽
اڃا به وڌيڪ وسيع نقطه نظر جي لحاظ کان، جيستائين
جهالت ۽غربت هن ڌرتيءَ تي قائم رهنديون، تيستائين
هن جهڙا ڪتاب بيفائدي نه ٿا ٿي سگهن.“ مائوٽس،
1862ع.
سنڌي زبان ۾ اڳ ڇپيل جهونا ۽ ناياب ڪتاب، جيڪي
دوباره ڇاپي هيٺ نه اچي سگهيا آهن، يا جن جي ڪتابي
صورت ۾ اشاعت جوڪو ترت ذريعو نظر نٿو اچي، تن کي
ڪنهن نه ڪنهن طرح محفوظ رکڻ جي خيال کان، ڪنهن
مفيد ۽معياري ڪتاب کي ”مهراڻ“ جي هر پرچي ۾ نئين
سر شايع ڪرڻ جي رٿ هيٺ، اسين هن کان اڳ ”سڌا توري
۽ ڪڌاتوري جي ڳالهه“، ”وئتپتي ڪوش“ ۽ ”قلندر جو
ميلو“ پيش ڪري چڪا آهيون: هيءُ ڪتاب، ”دکي انسان“،
انهيءَ سلسلي جي چوٿين ڪڙي آهي.
”دکي انسان“، فرانس جي جڳ- مشهور اديب ”وڪٽر
هيوگر“ جي لازوال شاهڪار، شهره آفاق ناول،
”لامرزابل“ تان ورتل آهي، جنهن کي مختلف صنفن ۽
صورتن ۾ دنيا جي سڀني مکيه زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو
آهي، فلمون بنايون ويون آهن، ۽ بار بار اسٽيج تي
پيش ڪيو ويو آهي: سنڌيءَ ۾ ان جو هيءُ نچوڙ آهي،
جنهن کي اڄ کان تمام گهڻو اڳ پروفيسر موٽومل
منگهارام سنڌيءَ ۾ قلمبند ڪيو آهي. فرينچ زبان ۾
لکيل اصل ڪتاب جو هڪ انگريزي ترجمو هن وقت اسان جي
سامهون آهي، جيڪو ڊيمي سائيز جي ٻارهن سو ٻاويهن
صفحن تي مشتمل آهي: ايتري ضخيم ناول کي پروفيسر
صاحب سنڌيءَ ۾ صرف 143 عام ڪتابي صفحن ۾ سموهيو
آهي، ۽ ڪهاڻيءَ جو ڪو به ضروري جـُز نظر انداز نه
ڪيو ويو آهي- جيڪو سندس ذوق ۽ مهارت جو ثبوت آهي.
وڪٽر هيوگو جو هيءُ ناول دنيا جي ڪلاسيڪي ادب ۾ هڪ
عظيم شاهڪار شمار ڪيو ويو آهي: سنڍي زبان ۾ ان جي
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجودگي سنڌي ادب جي عظيم فني
ذخيري ۾ مفيد ۽ معياري اضافو سمجهڻ گهرجي ۽ اسانجن
اديبن ۽ صاحب فڪر دوستن لاءِ ان جو مطالعو يقيناً
نهايت مفيد ثابت ٿيندو. ادارو.
دُکي انسان
باب پهريون
سن 1815ع ۾، آڪٽوبر مهيني جي هڪ ڏينهن، سج لٿي کان
اٽڪل ڪلاڪ کن اڳ، هڪ شخص پيادو فرانس جي ڪنهن ننڍي
شهر ۾ گهڙيو. شهر جا ٿورا رهاڪو جي انهيءَ وقت
پنهنجن درن ۽درين وٽ بيٺل هئا، تن هن مسافر ڏانهن
جاچي پئي نهاريو. هو قد جو پورو، بت ۾ ڀريل ۽
مضبوط هو. عمر اٽڪل اٺيتاليهه ورهيه هيس. منهن اس
۾ ٽامڻي ٿي ويو هوس، ۽ پگهر پئي وهيس. ڪپڙا سادا
سودا پيل هئا. قميص زردي ڪئليڪي جي هيس، جنهن مان
اگهاڙي ڇاتي پئي ڏٺيس. سٿڻ به ڦاٽل ٽٽل هيس. پٺيءَ
تي هڪ وڏي ٿيلهي ۽ هٿ ۾ شاهي ٿلهي لٺ هيس. هن شخص
جو ڪو اوهي واهي ڪو نه هو. هو فقط هڪ پرديسي مسافر
هو، جو اچي اتان لانگهائو ٿيو هو. ڪٿان آيو هو ۽
ڪيڏانهن ٿي ويو، اها خبر ڪنهن کي ڪا نه هئي؛ باقي
بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل ڏاڍو ٿي ڏٺو.
مسافر هلندي هل هوٽل وٽ بيٺو، ۽ رنڌڻي جو در کليل
ڏسي اندر لنگهي ويو. چلها سڀ چڙهيل هئا، ۽طعام پئي
تيار ٿيا. هوٽل وارو هن جي اچڻ جو آواز ٻڌي وڌي
آيو، ۽ٻنهي جي وچ ۾ هيٺين گفتگو هلي:
هوٽل وارو – سائين، حڪم ڪريو، اوهان کي ڇا کپي؟
مسافر – ماني، ۽ رات لاءِ ٽڪاڻو.
هوٽل وارو – حاضر، سائين، ٻيئي هڪدم تيار.....
پيسا؟
مسافر- اجها، زر مون وٽ موجود آهي.
هوٽل وارو – تڏهن آءٌ هڪدم اوهان جي خاطري ڪندس.
ائين چيائين ته سهي، پر اندر ۾ البت کٽڪو ٿي پيس،
سو پني ٽڪر ڦاڙي، ٻه چار اکر لکي، باهر پوليس آفيس
ڏانهن پرزو ڏياري موڪليائين. ترت انهيءَ جوجواب
آيس، جو پڙهي، مسافر کي چيائين ته ”مان توکي ٽڪائي
نه ٿو سگهان!“ مسافر اهو ٻڌي، وسو ٿي ويو. پڇڻ لڳو
ته ”ڇو؟ مون وٽ پيسا آهن! چوين ته اڳواٽ ڏيانءِ؟“
مالڪ چيو ته ”مون وٽ جاءِ خالي ڪانهي.“ مسافر چيو
ته ”گهوڙن جي طبيلي ۾ کڻي وجهينم!“ مالڪ چيو ته
”طبيلي ۾ به جاءِ خالي ڪانهي.“ مسافر انهيءَ تي
چيو ته ”ڀلا ماني ته کارائينم!“ پهڻ- دل جواب ڏنو
ته ”مان ماني به نه ٿو کارائي سگهان.“ مسافر چيو
ته ”مان سج اڀرئي سان پيرين پنڌ نڪتو آهيان، ۽ هاڻ
بک ٿو مران. مون کي ماني ضرور کپي، ۽مان اها ڪيئن
به وٺندس.“ هوٽل وارو انهيءَ تي وڌي آيو، ۽ مسافر
کي آهستي چيائين ته ”گهڻو گور نه ڪر. مرضي اٿيئي
ڇا ته کولي ٻڌايانءِ ته تون ڪير آهين؟... تون ”جين
والجين“ قيدي آهين! هان، هيءُ ڪاغذ ڏس.“ مسافر
پنهنجي ٿيلهي ۽ لٺ کڻي اٿي کڙو ٿيو، ۽ وري بازار
مان هلندو رهيو.
ڳچ وقت ائين گذريو. نيٺ هن کي بک ڏاڍو بيزار ڪيو،
۽ هو لاچار هڪ هڪ نانوائيءَ جي دڪان وٽ بيٺو.
نانوائيءَ پڇيس ته ”ڇا کپيئي؟“ هن چيو ته ماني
کارائينم. پيسا مون وٽ آهن.“ نانوائي هن کي اندر
وٺي ويو، ۽ باهه اڳيان ويهاري چيائينس ته ”ڙي
دوست، تون هت ويهي پاڻ کي ڪوسو ڪر. کانو پيو
رڍجي.“ برابر ديگڙي مان خوشبوءِ پئي آئي، جنهن
مسافر جي مغز کي پر پئي ڪيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ
نانوائيءَ آيو، ۽مسافر جي ڪلهي تي زور سان هٿ رکي
چيائينس ته ”تون هتان هليو وڃي!“ مسافر نرمائيءَ
سان چيس ته ”تڏهين توکي به خبر آهي؟“ نانوائيءَ
چيوته ”ها“ مسافر انهيءَ تي وري به پنهنجي ٿيلهي ۽
لٺ کڻي اٿي روانو ٿيو.
جيئن هو ٻاهر نڪتو، تيئن ڪن ڇوڪرن مٿانئس پٿرن جو
وسڪارو ڪيو. هن شوخيءَ سان منهن ورائي کين لٺ
الاري، تنهن تي ڇوڪر ائين اٿي ڀڳا، جيئن ڪانءُ ڀڄي
کاريءَ هيٺان. پوءِ مسافر ترنگ وٽان اچي لنگهيو.
جيلر کي سلام ڪري، چيائين ته ”مهرباني ڪري مون کي
اندر رات ٽڪاءِ.“ وراڻي ملي ته ”جيل ڪا هوٽل ته نه
آهي! ڏوهه ڪري، قيد ٿي آءٌ ته پوءِ بلاشڪ آءٌ در
کوليانءِ.“ اهو ٻڍي، هو وري پنڍ پيو، آخر هڪ باغ
وٽ آيو، جنهن جي وچ ۾ ماڙيءَ وارو بنگلو هو. همٿ
ٻڍي هو اندر گهڙيو، ۽ دريءَ کان ليئو پاتائين. ڇا
ڏسي ته هڪ شاهي صفو آهي، جنهن ۾ ڪرسيون ۽ميزون پيل
آهن، ڪنڊ ۾ پينگهو رکيل آهي، ۽ وچ ۾ وڏي ميز وڇائي
پيئي آهي، جنهن تي کاني جي پيئي تياري ٿئي؛ شراب
به حاضر آهي. ڪرسيءَ تي هڪ مرد ويٺلو هو، جنهن
ننڍي ٻار کي ويٺي ڪوڏايو. پاسي کي سندس ننڍيءَ
نيٽيءَ زال بيٺي ٻئي ٻار کي چڳڙ ڏني. پيءُ ۽ ٻارن
پئي کليو، ۽ ماءُ پئي مشڪيو. مسافر اهڙو آنند ڏسي،
البت ويچار ڪيو ته جتي خوشي آهي، اتي من ٿورو رحم
ذرو هجي. ائين سمجهي، آهستي آهستي دريءَ تي کڙڪو
ڪيائين. اهو ٻڌي گهر وارو ٻاهر آيو. حال احوال
پڇي،چيائينس، ته تڏهين تون اهو ساڳيو ماڻهو آهين!
هتان هليو وڃ!“ جوڻس اهو ٻڌي، ٻيئي ٻار کڻي ڇاتيءَ
سان لڳايا. مسافر نماڻائيءَ سان چيو ته ”خدا جي
واسطي، من رڳو پاڻيءَ ڍڪ پياريوم!“ عيالدار جواب
ڏنو ته ”بندوق جي گولي!“ ائين چئي، هن کي ٻاهر
هڪالي، پاڻ زور سان درپائي وڃي اندر سکي ٿيو.
مسافر ويچارو اهي ئي پير وٺي پٺتي وريو.
هاڻ سج به لهي ويو هو. کاڍي ملڻ جو آسرو لاهي، اهو
خيال ڪيائين ته هاڻ فقط ڪو اهڙو هنڌ هجي، جتي کڻي
رات جو مٿو لڪايان ۽ ٿڪ ڀڃان. ائين خيال ڪندي، ڪکن
جي ڀڳل ڊٺل هڪ ننڍي جهوپڙي ڏٺائين، جنهن ۾ ڪو
ماڻهو نظر ڪو نه آيس. انهيءَ ۾ گهڙي، پَٽَ ۾، گاهه
۽ ڪانن تي سمهي رهيو. ويرم ئي ڪا نه گذري ته هڪ
شڪاري ڪتو اندر لنگهي آيو ۽ مسافر کي ڏسي ڀونڪڻ
لڳو ۽ هلان ڪري مٿس ڪاهي آيو. مسافر ڄاتو ته ٻيلي
هت به آرام ڪونهي، سو وري اتان به اٿي روانو ٿيو.
پنڌ ڪندو ڪندو،آخر هڪڙي پٿر جي ٿلهي تي ويهي رهيو.
اندر ۾ چوڻ لڳو ته ”مان ڪتي جهڙو به نه آهيان!“
پٿر تان اٿي وري هلڻ لڳو ۽ شهر ڇڏي ڪنهن ٻنيءَ ۾
اچي پيو.ڀانيائين ته تارن جي روشنائيءَ هيٺ سمهي
رهندس. تارا به گم ٿي ويا، ۽ مينهن به چوي ته مان
اڄ نه پوان ته ڪڏهين پوان. سو، يار اتان به اٿي
موٽي شهر ۾ آيو، ۽ وري ساڳئي ٿلهي تي اچي ويهي
رهيو.
آخر اتان هڪ ڪراڙي زال اچي لنگهي، جا ديول مان ٿي
موٽي. ان پڇيس ته ”ڀائي، تون هتي ڇا ويٺو ڪرين؟“
شوخيءَ سان ورندي ڏنائينس ته ”ڏسين نٿي، مان هتي
ننڊ ويٺو ڪريان!“ مائيءَ کي قياس پيو، سو پڇيائينس
ته ”ڇا، انهيءَ پٿر تي؟“ مسافر جواب ڏنو ته ”ها،
مائي، مان اوڻيهه سال ڪاٺ جي تختي تي ستو آهيان، ۽
اڄ هي جو ٿلهو نصيب ٿيو اٿم.“ مائيءَ پڇيس ته ”تون
هوٽل ۾ نه ٿو وڃين؟“ ورندي ڏنائينس ته ”مون کي
پيسو ڪونهي.“ مائيءَ چيو ته ”افسوس جو مون کي به
فقط ٻه آنا آهن، سي وٺ.“ مسافر اهي ورتا. مائيءَ
وڌيڪ چيس ته ”تون ڪنهن جو ڪو در کڙڪاءِ ته من ڪهل
پئي ڪو کڻي اجهو ڏئيئي.“ وراڻي ڏنائينس ته ”ها،
مون سڀ در ڳوليا آهن.“ مائيءَ پڇيس ته ”تو هو
سامهون در کڙڪايو آهي يا نه؟“ چيائين ته ”نه“.
مائيءَ چيس ته ”اهو وڃي کڙڪاءِ.“
باب ٻيو
اهو در ڪنهن جهوپڙيءَ جو هو، جنهن ۾ هڪ خدا ترس
پادري رهندو هو. هن کي رهڻ لاءِ شاهي محلات مليل
هو، پر اهو هن سڄو مريضن جي بِلي، اسپتال جي ڪم ۾
لڳائي ڇڏيو هو. سندس سڄي آمدني غريبن ۽ مسڪينن،
انڌن ۽منڊن، يتيمن ۽وڌوائن جي ٽهل ۾ سڦل ٿيل هئي.
هن جو در ڪڏهين به بند نه هو. وٽس فقط سندس ڀيڻ ۽
هڪ نوڪرياڻي، ٻه ڪراڙيون زالون، رهنديون هيون.
انهن ڊپ وچونءَ البت خيال ڏيکاريو ته در کي اندران
ڪو ڪڙو يا تاڙي هجي ته چڱو. ان وقت به هو بازار
مان ٻُڌي آيو هيون ته هڪڙو خوفناڪ مانهو شهر ۾ آيو
آهي، سو انهيءَ جو پادريءَ سان ويٺي ذڪر ڪيائون.
اڃا ڳالهه پئي هلي ته مٿان جاءِ جو در کڙڪيو.
پادري صاحب چيو ته ”لنگهي آءُ.“ امالڪ در کليو، ۽
مسافر اندر لنگهي آيو. زالون ٻئي هراس وچان ماٺ ۾
رهيون. باقي پادريءَ مشڪي مسافر کي کيڪاريو. مسافر
تڪڙو ٿي چيو ته ”منهنجو نالو ”جين والجين“ آهي!
مان جيلخاني مان ٿو اچان. مان اتي اوڻيهه ورهيه
قيد هوس. چار ڏينهن ٿيا آهن جو اتان ڇٽو آهيان.
اهي چار ئي ڏينهن پيرين پنڌ هليو آهيان. اڄ مان
ڇٽيهه ميل پنڌ ڪيو آهي. هتي اچڻ سان مان هوٽل ۾
ويس،ل جتان منهنجي ”زردي رنگ جي پاس“ ڏسي مون کي
لوڌي ڪڍي ڇڏيائيون. ٻئي هنڌ ويس ته اتان به هڪالي
ڪڍيائونم. قيد خاني ۾ ويس، پر جيلر اندر اچڻ نه
ڏنم. پوءِ هڪ ڪتي جي جهوپڙيءَ ۾ گهڙيس، پر اتان به
ڪتي ڏاڙهي ڪڍيم، ڄڻ ته انهيءَ جناور کي به خبر هئي
ته آءٌ ڪير آهيان! پوءِ ٻنين ڏانهن لنگهي ويس ته
من تارن جي روشنائيءَ ۾پٽ تي سمهي رهان، پر تارا
به گم ٿي ويا. ڀانيم ته هاڻ مينهن پوندو، ٿيو به
ائين. ڀلا، ڀڳوان هجي ها ته کڻي اهو مينهن بند ڪري
ها. وري شهر ڏانهن موٽي آيس ۽ ٿلهي تي ويهي رهيس.
آخر تنهنجيءَ جاءِ جو ڏس ٻڌي آيو آهيان مان ڏاڍو
ٿڪل ۽ بکايل آهيان. مون کي مانيءَ ٽڪر کارائي رات
ٽڪائيندا، ته آءُ پيسا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هيءَ
اوهان جي هوٽل ٿي ڀانئجي؟“
پادريءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو ته ”کاڌي جي ميز تي
مهمان جي جاءِ ڪر، ۽ ٿالهي ۽ ڪانٽا ڇريون رک.“ اهو
ٻڍي مسافر چيو ته ”مون اوهان کي ٻڌايو آهي ته مان
ڇٽل قيدي آهيان. هيءَ منهنجي پاس آهي، ڏسو ته
منهجس ڇا لکيل آهي: ”جين والجين، اوڻيهه ورهين
بنديخاني ۾ رهيو آهي. هي ڏاڍو خوفناڪ ماڻهو آهي!“
ساريءَ دنيا مون کي ڪڍي ڇڏيو آهي، سو توهين مون کي
رهائيندا؟ توهين مون کي کاڌو ۽ هنڌ ڏيندا؟ مون کي
طبيلي ۾ کڻي سمهارجو!“ پادريءَ نوڪرياڻيءَ کي چيو
ته ”ماڙيءَ تي اڇو سٺو هنڌ ٺاهي تيار ڪر.“ مسافر
کي چيائين ته ”سائين، باهه اڳيان ويهي پاڻ ڪوسو
ڪريو.ماني ڄاڻ آئي، ۽ اوهان جو بسترو به جلد ئي
تيار ٿيندو.“ هي ٻڌي، جين والجين ڏاڍو سرهو ٿيو.
پر عجب لڳس ته هي ڪهڙو انسان آهي جو مون کي ايتري
عزت ۽ مان ٿو ڏئي! پادريءَ نوڪرياڻيءَ کي سڏي چيو
ته ”هيءَ بتي پوري روشني نٿي ڏئي.“ مائيءَ اها
ڳالهه هڪدم سمجهي: پادريءَ جي رواج جي خبر هيس ته
ڪڏهين ڪو مزمان ايندو اٿس ته اندران ڪٻاٽ مان
روپيون بتيون ڪڍائي ٻارائيندو آهي، ۽ ٻيا روپا
برتڻ پڻ ميز تي رکائيندو آهي.
جين والجين پادريءَ کي چيو ته ”توهين ڪي ڀلا ماڻهو
ٿا ڏسجو. اوهين مون کي لوڌي ڪڍڻ بدران هيترو مان
ٿا ڏيو!“ پادريءَ چيو ته ”هيءُ منهنجو گهر نه آهي،
هيءُ خدا جو گهر آهي. هن گهر ۾ ماڻهوءَ جو نالو
نيشان ڪين پڇيو ويندو آهي، فقط سندس دک. تون ٿڪل
آهين، توکي بک ۽ اڃ آهي، سو تون ڀلي ڪري آئين.
هيءُ گهر پنهنجو ڪري ڄاڻ. مان تنهنجو نالو نيشان
ڇو پڇان؟ ٻيو ته تو مون کي پنهنجو نالو ٻڍايو،
تنهن کان اڳي ئي مون کي خبر هئي ته تون ڪير آهين.“
مسافر عجب ۾ پڇيو ته ”هان! اوهان کي اڳي ئي خبر
هئي؟“ پادريءَ چيو ته ها. تون مون جهڙو انسان
آهين. تون منهنجو ڀاءُ آهين. اسين سڀيئي ڀائر
آهيون.“ جين انهيءَ تي چيو ته ”پادري صاحب، مان هت
ٿڪل ۽بکايل آيس، پر هاڻ منهنجو ٿڪ ۽ بک ٻئي لهي
ويا آهن.“ پادريءَ جين ڏانهن نهاري چيو ته ”پيارا،
توڏاڍو ڪو دک ٿو ڀوڳيو ڀانئجي.“ جين وراڻي ڏني ته
”هائو، سائين، مون اوڻيهه ورهيه جيل ڪاٽيو آهي،
ڪاٺ جي تختي تي ستو آهيان، سخت پورهيو ڪيو اٿم،
سرديون ۽ گرميون سٺيون اٿم، ڌڪ بجا ۽ گاريون
کاڌيون اٿم.... گهٽين جا ڪتا به وڌيڪ سکي آهن! مان
هاڻ اٺيتاليهن ورهين جو آهيان، ۽ وري هيءَ ”زردي
پاس“ ڏني اٿن!“ پادريءَ چيو ته ”هائو، ڀائي، تون
بيشڪ مصيبتن جو ماريل ٿو ڏسجين. منهنجي ڳالهه ٻڌ:
ڀڳوان کي هڪ سو نيڪ ماڻهن کان اهو هڪڙو پاپي، جنهن
پڇتاءُ ڪيو آهي، سو وڍيڪ پسند آهي. تون جي انهيءَ
جيل مان ڌڪار جي خيالن، ڪاوڙ ۽ شوخيءَ سان ٻاهر
نڪرندين ته تون قياس جي لائق آهين، جي امن، ٻاجهه
۽ رحم جي خيالن سان، ته پوءِ تون اسان مڙني کان
درجي ۾ مٿي آهين.“
باب ٽيون
هت ضروري آهي ته جين والجين جو ٿورو بيان ڏجي. جين
هڪ غريب ڪڙميءَ جو پٽ هو. اڃا ننڍو ئي هو ته سندس
پيءُ ۽ ماءُ ٻئي مري ويا. کيس سندس وڏيءَ پرڻيل
ڀيڻ نپائي وڏو ڪيو. هو جوان ٿيو ته سندس ڀيڻوئي به
چالاڻو ڪيو. ڏنيل ڀيڻ ۽ ان جي ستن ننڍڙن ٻارن جو
جو بوجو هاڻ مٿس پيو. هو ڪاٺيون ڦوڙي يا ڀريون
ڍوئي، چار پيسا ڪمائي، شام جو ٿڪجي گهر ايندو هو ۽
صبر ۽شڪر سان روٽيءَ ٽڪر کائي سمهي رهندو هو. ڀيڻس
به ٿورو ڪم ڪندي هئي، پر اها ويچاري ستن ٻارن جي
ماءُ، انهن جي پالنا ۾ ئي پوري هئي. هڪ سيارو تمام
سخت ٿيو، تنهنڪري جين کي ڪا ڪرت ڪا نه لڳي. ستن
ٻارن کي بک ۾ پاهه ٿيندو ڏسي، هو پاڻ جهلي نه
سگهيو. رات جو نانوائيءَ جي دڪان جي دري ڀڃي، هڪڙو
نانُ چوريائين. نانوائي جاڳيو ۽ چور جهلجي پيو.
کيس ڏوهي ٺهرايو ويو، ۽پنج سال ٽيپ مليس. ڏنيل ڀيڻ
جي بکايل ٻارن کي روٽيءَ ڏيڻ لاءِ، پنج سال سخت
پورهئي سان سزا! هٿن ۾ هٿڪڙيون، پيرن ۾ زنجيرون،
بت تي قيدين جا ڪپڙا، اکين ۾ اڻميا ڳوڙها! ائين،
ويچاري کي وٺي ويا، ڪنهن سوال ٿي پڇيس، تنهن کي
سرد آه سان فقط ائين ٿي چيائين ته ”مان غريب ڪاٺير
آهيان.“ وڌيڪ ڪي ڪين ٿي آڪليس. باقي، ساڄو هٿ مٿي
ڪري، ست ڀيرا آهستي آهستي هيٺ ڪرڻ سان ڏيکاريائين
ٿي ته جيڪو مون کان گناهه ٿيو، سو ستن بکايل
معصومن ڪري.
هن کي ٽولان شهر ڏانهن وٺي ويا، جتي هو ستاويهن
ڏينهن کان پوءِ پهتو، ڳچيءَ ۾ لوهه جي زنجير پيل
هيس، ۽ بتر تي ڳاڙهو قيدين جو جاڪيٽ. هو هاڻ جين
والجين نه هو، پر ”24601“ نمبر وارو قيدي. ڀيڻس جو
ڪهڙو حال ٿيو، ۽ انهيءَ جا ست ٻار ڪيڏانهن ويا،
تنهن جو ڪنهن به خيال ڪو نه ڪيو. وڻ کي پاڙ کان
پٽي کڻي ڦٽو ڪندا آهن، ته سندس پنن جي وري ڪير پڇا
ڪندو آهي؟ اهي سڀيئي ڌڻيءَ جا بندا، ڪنهن اَجهي ۽
آسري بنا، بيوسيلا ٿي رلندا رهيا ۽ اهڙي اوڙاهه ۾
غرق ٿي ويا، جتان نڪو وريو نڪو ورندو. جين والجين
کي وري سندن پتو ڪو نه مليو. اسين به هن قصي ۾
وڍيڪ سندن ذڪر ڪو نه ڪنداسين.
چوٿين سال پڄڻ بعد، جين کي جيل مان ڀڄڻ جو وجهه
مليو. برابر ٻه ڏينهن ڇڙواڳ پئي گهميو، پر نيٺ
پڪڙجي پيو. ٽي سال ٻيا به سزا مليس. ڇهين سال هن
وري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فتحياب نه ٿيو. جهلجڻ وير
هن سپاهيءَ تي البت هلان ڪئي، سو مٿس ٻٽي تهمت رکي
ويئي. هن کي ٻيا به پنج سال سزا جڙي. مڙيئي تيرهن
سال قيد آيس. ڏهين سال وري به نصيب آزمايائين، پر
ڪين وريس. اٽلو ٽي سال ٻي به سزا مليس: يعني ڪل
سورهن سال. تيرهين سال پڇاڙيءَ جي ڪوشش ڪيائين، ۽
چار ڪلاڪ آزاد هو. انهن چئن ڪلاڪن لاءِ، ٽي سال
ٻيا وڌيس! جملي اوڻيهه ورهيه قيد ڀوڳيائين. عيسوي
سن 1796ع ۾ هو نان چورائڻ جي ڏوهه ۾ جيل اندر ويو،
۽سن 1815ع ۾ ڇٽو.
هو روئندو ۽ ڏڪندو جيل ۾ گهڙيو، ۽ پٿر جهڙو سخت دل
ٿي ٻاهر نڪتو. هن سمجهيو ته مون سان نسورو ظلم ٿيو
آهي. البت ايترو باسيائين ته مون کي چوري ڪرڻ نه
کپندي هئي.“ پر وري چيائين ته مون اها لاچاري حالت
۾ ڪئي، تنهن لاءِ مون کي ايڏي سزا! ٻيو ته اها بي
انصافي نه چئبي جو هڪ ايماندار مزور پورهئي ڪرڻ
لاءِ تيار هجي، ته به کيس ڪِرت نه ملي ۽ هو بک
مري!“ اهڙا خيال پچائيندي، هن جي من ۾ انسانذات
لاءِ ڌڪار پيدا ٿي، بلڪ ڀڳوان مان به هن جو اعتقاد
نڪري ويو.
جيل ۾ جيڪي هن سان جٺيون ٿيون، تن جو بيان ڪرڻ
مشڪل آهي؛ باقي انهن جو مٿس اثر اهو ٿيو جو هن کلڻ
ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو. هو اڳي غريب ڪاٺير هو، هاڻ شوخ
طبع قيدي ٿي پيو. پهريائين هن بک وگهي فقط هڪ نان
چورايو، هاڻ خون ڪندي ويرم ڪين ڪري ها. اوڻيهن
سالن ۾ هن ڳوڙهو به ڪين ڳاڙيو هو.
باب چوٿون
رات جا ٻه لڳا. جين ننڊ مان جاڳيو. سمهڻ وقت هن
نوڪرياڻيءَ کي چانديءَ جا ڪانٽا ۽ چمچا ڪٻٽ ۾
رکندي ڏٺا. انهن سندس سک ڦٽائي ڇڏيو. ڏاڍي خيال ۾
پئجي ويو ته اهي چوريان يا نه. چيائين، ”پادريءَ
مون سان ايڏي ڀلائي ڪئي – هن مون کي ماني ٽڪي
کارائي، مون کي خاص هنڌ ڏنو، مون کي مان ۽ پيار
ڏيکاريو- انهيءَ جي بدلي آءُ ويهي هن جي چوري
ڪريان؟ نه نه، ائين ڪرڻ نه جڳائي.“ پر لالچ بري
بلا آهي، دانا ديوانا ڪريو ڇڏي. البت جين جي
اندرين جوت اجهامي ڪين ويئي هئي؛ باقي اوڻيهن
ورهين جي سختين جو مٿس اهو اثر ٿيو هو جو هن جي دل
پهڻ جيان سخت ٿي پيئي هئي. ٻيو ته هن کي انسانذات
لاءِ وڏو ساڙ هو. هن ڀانيو ته هيترا ورهيه مون سان
ظلم ۽ڊوهه ٿيو آهي، هاڻ منهنجو وارو آيو آهي.
ائين خيال ڪندي، هڪ ڪلاڪ گذريو. گهڙيال ۾ ٽي لڳا.
جين تيار ٿيو. آهستي، پنهنجي ڪوٺيءَ مان نڪري،
پادريءَ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ آيو. ڏسي ته پادري ڏاڍي
آنند ۾ ستو پيو آهي. چنڊ جي روشنائي ۾ پيشاني پيئي
ٻهڪيس، اڇا وار به پيا چمڪنس، ڄڻ ته هڪ ديوتا
سمهيو پيو آهي.
جين اها صورت ڏسي، ڊپ ۾ هڪ هنڌ کپي بيهي رهيو. اهو
هڪ عجيب ڏيک هو. هڪ گمراهه انسان ڏوهه ڪرڻ لاءِ
تيار هو. نيڪ ماڻهوءَ کي ستل ڏسي، پلجي بيٺو. جين
جون اکيون وڃي پادريءَ ۾ کتيون. من ۾ هزارين خيال
آيس. هٿ پير ڌڏڻ لڳس- ڄڻ ته بدي ٿي نيڪيءَ کي
پيرين پيئي. پر اوڻهين ورهين جا سانڍيل خيال هڪدم
روڪڻ مشڪل آهن. سو، نيٺ جين ڪٻٽ مان چانديءَ جا
برتڻ چورائي، باغ جي ڀت ٽپي، ڀڄي ويو.
صبح جو نوڪرياڻي ڏسي ته چانديءَ جا باسڻ ٺهن ئي
ڪونه! مزمان به ڪونهي! ڊوڙي پادريءَ وٽ آئي. اچي
دانهن ڏنائينس ته ”مئو ههڙو تهڙو رات ٽڪي، چوري
ڪري ويو!“ پادريءَ نرمائيءَ سان پڇيس ته ”اهي باسڻ
اسان جا هئا ڪيئن؟“ مائي جواب ڪين ڏيئي سگهي.
پادريءَ سمجهايس ته ”اها چاندي غريبن جي هئي. مون
کي رکڻ جو حق ڪونه هو. هو ويچارو احتياجي ماڻهو
هو، ڀلي کنيائين.“ ائين چئي، هو نيرن ڪرڻ ويٺو.
ويرم ئي ڪا نه گذري ته در کڙڪيو ۽ چار ڄڻا اندر
گهڙي آيا. ٽي هئا سپاهي ۽ چوٿون هو- جين والجين!
سپاهي سلام ڪري پادريءَ اڳيان آيو، ۽ اڃا حال ڪرڻ
تي هو ته پادريءَ جين ڏانهن نهاري چيو ته ”ڀائي،
شڪر جو تون موٽي آئين: تون هي روپيون بتيون ڇو
وساري وئين؟ ٻين ٿانئن سان گڏ مون اهي به توکي
سوکڙي ڪري ڏنيون هيون: هاڻ اهي به وٺ، تنهنجي
ملڪيت آهن!“ اهو ٻڍي، جين والجين کي عجب لڳو.
ڀانيائين ته شايد خواب ٿو لهان. هوڏانهن سپاهيءَ
دانهن ڪئي ته ”سائين، هي چور آهي! اسان هن کي
چانديءَ جي ٿانئن سان ڀڄندي ڏٺو. پڪڙي هتي وٺي آيا
آهيونس. هاڻ جيئن حڪم ٿئي، تيئن ڪجي.“ پادريءَ چيو
ته ”اوهين ڀليا آهيو. هن چوري ڪا نه ڪئي آهي. هي
اشراف ماڻهو آهي. رات مون وٽ مزمان هو، ۽ هي ٿانءُ
مون کيس سوکڙيءَ طور ڏنا هئا. هاڻ اهي سندس ملڪيت
آهن. اوهين هن کي ڇڏي ڏيو.“ سپاهين جين جي چيلهه
مان رسو ڇوڙي، کيس ڇڏي ڏنو. جين وري به پادريءَ
کان پڇيو ته ”سائين، هاڻ مان وڃان؟“ پادريءَ چيس
ته ”پنهنجيون بتيون کڻيو وڃ.“ پوءِ، جاري تان
چانديءَ جون ٻه بتيون آڻي جين کي ڏنائين. جين
ويچارو ڪـُرڙيءَ وانگر پئي ڏڪيو. پادريءَ هٿڙو
گهمائي چيس ته ”ڀائي، هاڻي ڀڳوان کي پرتو آهين،
وري جي اچين ته هيءُ گهر پنهنجو ڪري ڄاڻج. ڀت ٽپڻ
جو ضرور ڪونهي، جاءِ جودر ڏينهن رات کليل رهندو
آهي، بيخطري لنگهي اچج.“ جين والجين حيرت ۾ پئجي
ويو. ڀانيائين ته بيهوش ٿي ڪري ٿو پوان؛ پر پاڻ
سنڀالي ورتائين. وڃڻ وقت پادريءَ پٺي ٺپري چيس ته
”منهنجا پيارا ڀاءُ، هن چانديءَ مان جيڪي پيسا
ٿينئي، سي سجائي ڪم ۾ لڳائج. هينئر کان وٺي تون
پاپين ۽ ڏوهين جي قطار ۾ نه آهين، پر اشرافن جي.
مون تنهنجو روح توکان خريد ڪري ورتو آهي: هاڻ
انهيءَ کي پاپ ۽ گناهه کان ڇڪي، سڳوري ڌڻيءَ جي
حوالي ٿو ڪريان.“
|