عالمي انساني حقن جو ڏينهن
هر سال جيان، 10 ڊسمبر 61ع تي سڄيءَ دنيا ۾
”انساني حقن جو ڏينهن“ ملهايو ويو. پاڪستان جي
مختلف شهرن ۾ پڻ اهو موقعو شاندار طرح ملهايو ويو.
انساني حقن جي تيرهن سالگره جي موقعي تي، اقوام
متحد، جي جنرل اسيمبليءَ جي صدر، مسٽر مون جي سليم
(ٽيونشيا جي نمائندي)، ۽ اقوام متحده جي قائم مقام
سيڪريٽري جنرل، مسٽر اوٿانت (برما جي باشندي)،
جيڪي پيغام جاري ڪيا، سي اسين اقوام متحده جي
خبرنامي تان حاصل ڪري، ”مهراڻ“ جي پرهندڙن لاءِ
پيش ڪري رهياآهيون _ ادارو.
مسٽر مونجي سليم جو پيغام
”انسان جو سڀ کان قيمتي سرمايو، خود ان جو پنهنجو
وقار ۽ ذاتي احترام آهي؛ ۽ ان سان گڏ اهي قدرتي حق
پڻ آهن، جيڪي کيس هڪ انسان هجڻ جي حيثيت سان ورثي
۾ مليا آهن، ۽جن ۾ نسل، جنس ۽رنگ جي لحاظ کان ڪنهن
به قسم جو امتياز روا نه رکيو ويو آهي.
”هن وقت تائين جيڪو مفاصلو طئي ڪيو ويو آهي، تنهن
جو تصور ڪي قدر اطمينان بخش آهي، ۽ انهيءَ ڏس ۾
انساني جرات آزمائيءَ جو سلسلو هر طرف جاري آهي.
”اها زبردست جرات آزمائي اڃا نامڪمل آهي، تنهنڪري،
جتي به ضرورت ٿئي. ان کي پايه تڪميل تي پهچائڻ جو
سلسلو جاري رهڻ کپي. نسل، رنگ يا جنس جو ڪو به فرق
۽ امتياز ان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي نه ٿو سگهي.
”ڪو به انسا، جيڪو اخلاقي طرح معقول هجي ۽ جيڪو
ديانتدار بڻجن چاهيندو هجي، پنهنجي انساني وقار ۽
فضيلت جو صحيح احساس پاڻ ۾ تيستائين پيدا نه ٿو
ڪري سگهي، جيستائين هو، خودقربانيءَ کان ڪم وٺي،
پنهجن ٻين ساٿين لاءِ ان جو موقعو پيدا نه ڪري: ڀل
ته هو ڪٿي به هجن، کين پڻ اُهي ئي حق ڏنا وڃن،
جيڪي هو پان پنهنجي لاءِ چاهي ٿو.
”اهڙي شان شوڪت ۽ چاهه جلال واري ڪم جي لاءِ ائين
ئي سونهي ٿو ته انسان پوري خلوص سان عملي قدم کڻي،
ته جيئن انسانذات کي خوشي حاصل ٿي سگهي.
”اسان جي هن انجمن لاءِ هيءَ ڳالهه ڪي قدر فخر
جوڳي اهي، جو اڄ آءُ هن اعلان ڪرڻ جي لائق ٿيو
آهيان ته اسان جي سورهين اجلاس، تازوئي، انساني
حقن جي بين الاقوامي ضابطن جا مسودا مڪمل ڪري ڇڏيا
آهن، جيڪي سڀني ميمبر ملڪن جي گڏيل ڪوشش ۽ سعيي
سان اهڙن ٺوس حقن جي صورت ۾ مرتب ڪيا ويا آهن، جن
کي انسان جي شخصيت جو جزو چئي سگهجي ٿو؛ ۽، ان
طرح، انهن جا صحيح اخلاقي ۽ روحاني قدر بلند ٿي
وڃن ٿا.
”خدا ڪري ته حقن جو اهو ذخيرو، آزاديءَ سان،
منشورن جي دائري مان نڪري، عمل جي دنيا ۾ پهچي، ۽
سڄيءَ دنيا ۾ اهو ڦهلجي ۽
زور وٺي!“
مسٽر اوٿانت جو پيغام
”جنرل اسيمبليءَ مان ”انساني حقن جي عالمي منشور“
جي اعلان ٿيڻ جو هيءُ تيرهون سالگره آهي. هيءُ
منشور سڄيءَ دنيا جي قومن لاءِ بنيادي حقن ۽
آزاديءَ جو هڪ اهڙو بيان ٿو پيش ڪري، جنهن جي
مقبوليت ۽ عالمگير نوعيت جي آهي، ڇاڪاڻ ته هر
جڳهه، هر شخص، بنا فرق ۽ امتيار جي، ان مان فيض
پرائي سگهي ٿو. سايءَ دنيا ۾ انهن حقن ۽آزادي کي
تسليم ڪرڻ جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي. هر هنڌ
ماڻهن جون اکيون کلي چڪيون آهن، ۽ کين محسوس ٿيو
آهي ته انهن حقن مان فيض پرائڻ جي آسائش ڪا رڳو
چند انسانن کي حاصل ڪا نه آهي، بلڪه سڀني کي ان ۾
هڪجهڙو حصيدار بڻجڻ کپي کين ”اقوام متحده“ کان اها
توقع آهي ته هوءَ سموريءَ انسانذات جي جائز وقار ۽
انساني برادريءَ جي سڀني فردن جي هڪجهڙن حقن کي
تسليم ڪرائي؛ ڇو ته انهن ئي بنيادن تي سڄيءَ دنيا
۾ امن جي حفاظت جي عمارت آڏي سگهجي ٿي.
”اڄ جو ڏينهن انهيءَ لائق اهي ته اسين انهيءَ
ضروري ”پسند“ جو فيصلو ڪريون، جنهن جو مسئلو هن
وقت انسان جي اڳيان آهي. ڇا، اسين مايوسيءَ ۽
نااميديءَ جي اونداهيءَ ۾ هڪ اهڙي واٽ پسند ڪريون،
جيڪا خود زندگيءَ جي نابود ٿي وڃڻ واريءَ منزل
تائين وٺي ويندي هجي؟ ڇا، اسين هڪ اهڙي قربان گاهه
جي تياريءَ ۾ لڳا رهون، جنهن تي ٻَل چڙهڻ کان پوءِ
جيڪڏهن ڪجهه باقي بچي نه سگهي، ته اها انسانيت جي
پست درجي واري اهڙي دنيا هجي، جنهن ۾ رهڻ گوارا نه
ڪري سگهجي؟ يا، اسين بي اعتباريءَ، عياريءَ، ۽ خوف
۽ هراس جي مستقل تماشن کي نظرانداز ڪري، پنهنجي
فرض جي صحيح احساس سان، انهيءَ گڏيل معيار کي حاصل
ڪرڻ ۾ لڳي وڃون، جنهن جو نمونو ا.”انساني حقن“ جي
عالمي منشور ۾ پيش ڪيو ويو آهي؟ منشور جا لفظ
بلڪل واضح ۽ قطعي آهن انهن جي ذريعي، انسان جي
اعليءَ ترين جذبي جي حيثيت سان، هڪ اهڙيءَ دنيا جي
ظهور ۾ اچڻ جي اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سموريءَ
انسانذات کي خيال جي اظهار ۽ عقيدي جي آزادي، ۽
خوف محتاجيءَ کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو!
”اچو! اسين انساني حقن جي اڄوڪي ڏينهن تي هڪ
گهڙيءَ لاءِ ڪجهه اڳتي نظر وجهون، ۽ تسليم ڪريون
ته ڪنهن به واحد شخص، ڪنهن به قوم، ۽ بلاشبه ڪنهن
به هڪ نصب العين کي، سچائيءَ صداقت، آزاديءَ ۽
مرتبي جي ٺيڪيداري حاصل نه ٿي ٿي سگهي. اچو ته
انهيءَ احساس جي ترجماني اسين عمل جي صورت ۾
ڪريون، ته جيئن انهن سِڌن ۽ سادن انساني رشتن کي
تڪميل ۽ آزاديءَ جي اُڏامَ حاصل ٿي سگهي، جيڪا صلح
۽ امن جي وسيع افق تائين پهچڻ ۾ انسان جي رهنمائي
ڪري سگهي.
”اچو، اڄ اسين سڀ پاڻ ۾ گڏجي انهيءَ خواهش کي
پنهنجو نعرو بنايون، جيڪا رابندر ناٿ ٽئگور هيٺين
يادگار لفظن ۾ ظاهر ڪئي هئي، ته جيئن اسان جي دنيا
صحيح معنيٰ ۾ دنيا بڻجي سگهي:
جتي دل ۽ دماغ ۾ ڪو به خوف نه هجي ۽ ڳاٽ سدائين
بلند رهن،
جتي علم آزاد هجي،
جتي تنگ خانگي ڀتين جي اڏجڻ سان، ورڇجي، ننڍن ننڍن
ٽڪرن ۾ ورهائجي نه وڃي،
جتي لفظ سچائيءَ جي اونهائيءَ مان اڀرندا هجن،
جتي اڻٿڪ ڪوششن جون ٻانهون ، سائين مقصد جي تڪميل
ڏانهن ڦهلبيون نظر اينديون هجن!!“
بنيادي انساني حق
گذريل ڏهين ڊسمبر 1961ع تي سڄيءَ دنيا ۾ ”انساني
حقن جوڏينهن“ ملهايو ويو. تيرهن سال اڳ. 10-ڊسمبر
1948ع تي، دنيا جي سڀني مکيه ملڪن جي گذريل قومي
منڊل، ”اقوام متحده“، پاران انهن ”بنيادي انساني
حقن جو منشور“ رٿيو ۽ بحال ڪيو ويو. انهي ءَمنشور
۾ انسانذات جي انفرادي توڙي اجتماعي حيثيت ۽ حقن
کي تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ دنيا جي هر ملڪ ۽ حڪومت
تي انهن جي پابندي ضروري ٺهرائي ويئي آهي. ”انسان“
هجڻ جي حيثيت سان، دنيا جو هر فرد – پوءِ هو ڪهڙي
به ملڪ، قوم، مذهبت، خاندان، نسل، طبقي، رنگ ۽
پيشي جو هجي- جيڪي خالص انساني حق رکي ٿو، سي
مستقل ۽ ناقابل ترديد آهن، ۽جن کي ڪي به خارجي ۽
داخلي ضابطا ۽ اصول کانئس کسي نه ٿا سگهن. هر فرد
۽ اداري تي انهن جو احترام ڪرڻ ۽ انساني معاشري ۾
انهن کي فروغ ڏيڻ هڪ عمراني فرض آهي. حقن جي
هڪجهڙائيءَ واريءَ حالت ۾، ظاهر آهي ته جڏهن ڪو
شخص چاهي ٿو ته ٻيا سندس حقن کي تسليم ڪن، تڏهن
ٻين جي ساڳئي قسم جي حقن جو احترام پڻ مٿس فرض ٿي
پوي ٿو. حق ۽ فرض جو اهو اعتدال ئي صرف هن دنيا ۾
امن آسودگيءَ جو اهو تهذيبي ماحول پيدا ڪري سگهي
ٿو، جنهن ۾ انسان لاءِ پنهنجي شرف ۽ عظمت، عزتِ
نفس، اخلاقي ۽ روحاني بلندين کي حاصل ڪري سگهڻ
ممڪن ٿيندو. انهيءَ ڪري، ضروري آهي ته انساني حقن
جي عالمي منشور جو گهڻي کان گهڻو ڦهلاءُ ڪري هنڌين
ماڳين انهن جي عملي احساس کي بيدار ڪيو وڃي.
تيرهين سالگره جي موقعي تي مناسبت سان، اسين اقوام
متحده جي انساني حقن جي منشور جو مڪمل متن ”مهراڻ
جي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رهيا آهيون– ادارو.
انساني حقن جو منشور
-
جڏهين ته هر ڪنهن انسان جي ذاتي عزت ۽ حرمت، ۽
انسانن جي هڪجهڙن ۽ اڻ ڦرندڙ حقن کي تسليم ڪرڻ،
دنيا ۾ آزاديءَ، انصاف ۽ امن جو بنياد آهي؛
-
جڏهين ته انساني حقن کان لاپرواهي ۽انهن جي
بيحرمتي اڪثر اهڙن وحشاني ڪمن جي شڪل ۾ ظاهر ٿي
آهي، جن کي انسانيت جي ضمير کي سخت صدما پهتا
آهن، ۽ عام انسانن جي بلند ترين آرزو اها رهي
آهي ته اهڙي دنيا وجود ۾ اچي، جنهن ۾ سمورن
انسانن کي پنهنجيءَ ڳالهه چوڻ ۽ پنهنجي عقيدي تي
قائم رهڻ جي آزادي حاصل هجي، ۽ هو خوف ۽
محتاجيءَ کان محفوظ رهن؛
-
جڏهين ته اسين اهو نه ٿا چاهيون ته انسان عاجز
ٿي ڏاڍائيءَ ۽ آپيشاهيءَ جي خلاف بغاوت ڪرڻ تي
مجبور ٿين، جنهن لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته
انساني حقن کي قانون جي حڪومت وسيلي محفوظ رکيو
وڃي؛
-
جڏهين ته اهو ضروري آهي ته قومن جي وچ ۾ دوستاڻن
لاڳاپن کي وڌايو وڃي؛
-
جڏهين ته اقوام متحده جي ميمبر قومن پنهنجي
پڌرنامي ۾ بنيادي انساني حقن، انساني شخصيت جي
حُرمت ۽ قدر ۽ مردن ۽ عورتن جي هڪجهڙن حقن جي
باري ۾ پنهنجي عقيدي جي دوباره تصديق ڪري ڇڏي
آهي، ۽ نهايت آزاديءَ جي فضا ۾ معاشرتي ترقيءَ
کي تقويت ڏيڻ ۽ زندگيءَ جي معيار کي بلند ڪرڻ جو
ارادو ڪري ڇڏيو آهي؛
-
جڏهين ته ميمبر ملڪن جو اهو عهد ڪري ڇڏيو آهي ته
هو، اقوام متحده جي اشتراڪ عمل سان، ساريءَ دنيا
۾ اصولي طرح ۽ عملي طرح انساني حقن ۽ بنيادي
آزادين جو وڌ ۾ وڌ احترام ڪندا ۽ ڪرائندا؛ ۽
-
جڏهين ته انهيءَ عهد جي تڪميل لاءِ اهو نهايت
اهم آهي ته انهن حقن ۽ آزادين جي نوعيت کي سڀ
سمجهي سگهن:
انهيءَ ڪري،
”اقوام متحده“ جي جنرل اسيمبلي
اعلان ڪري ٿي ته
انساني حقن جو هيءُ پڌرنامو سمورين قومن جي واسطي
مقصد حاصل ڪرڻ جو گڏيل معيار هوندو، ته جيئن هرڪو
شخص ۽ معاشري جو هرڪو ارادو هن پڌرنامي کي هميشه
نظر اڳيان رکندي، تعليم ۽ تبليغ وسيلي، انهن حقن ۽
آزادين جو احترام پيدا ڪري، ۽ انهن کي قومي ۽ بين
الاقوامي ڪاررواين وسيلي ميبر ملڪن ۾، ۽ انهن قومن
۾ جي ميمبر ملڪن جون ماتحت هجن، مڃائڻ لاءِ درجي
بدرجي ڪوشش ڪري سگهي.
سڀني ميمبر ملڪن تي زور ڏجي ٿو ته هو به پاڻ وٽ
انهيءَ جو عام اعلان ڪن، ۽ هن جي پڌري ڪرڻ ۾ حصو
وٺن- مثلاً هيئن ته هن کي پڌرن هنڍن تي لٽڪايو
وڃي، ۽ خاص طرح اسڪولون ۽ تعليمي ادارن ۾ پڙهي
ٻڌايو وڃي ۽ ان جا تفصيل کولي ٻڌايا وڃن.
§
قلم-1 سمورا انسان آزاد، ۽ حقن ۽ عزت جي اعتبار
سان برابر پيدا ٿيا آهن:
§
قلم -2 هر شخص انهن سمورين آزادين ۽ حقن جو حقدار
آهي، جي هن اعلان بيان ڪيا ڪيا ويا آهن؛ ۽ انهيءَ
حق تي نسل، رنگ، جنس، زبان ۽ سياسي ويڇي، يا ڪنهن
قسم جي عقيدي، قوم، معاشري، دولت يا خانداني
حيثيت، وغيره، جو ڪو به اثر ڪو نه پوندو. انهيءَ
کانسواءِ، جنهن علائقي يا ملڪ سان جيڪو شخص تعلق
رکي ٿو، ان جي سياسي ڪيفيت دائرهء اختيار، يا بين
الاقوامي حيثيت جي بنياد تي هن سان ڪو به تفاوت
وارو سلوڪ ڪونه ڪيو ويندو؛ چاهي اهو ملڪ يا علائقو
آزاد هجي، ٻئي آزاد ملڪ جي سنڀال هيٺ هجي يا غير
مختيار هجي، يا سياسي اقتدار جي لحاظ کان ڪنهن به
ٻيءَ بندش جو پابند هجي.
§
قلم – 3 هر شخص کي پنهنجي جان، آزاديءَ ۽ ذات جي
حفاظت ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
§
قلم – 4 ڪنهن به شخص کي غلام يا ٻانهو بڻائي نه
رکي سگهبو. غلامي ۽ انسان فروشي، کڻي ان جو ڪهڙو
به طريقو هجي، منع ڪيل ٺهرائي ويندي.
§
قلم – 5 ڪنهن به شخص کي جسماني ايذاءُ، يا
ظالمانه، انسانيت سوز يا ذليل سزا ڪا نه ڏني
ويندي، ۽ اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو.
§
قلم -6 هر شخص جو حق آهي ته هر هنڌ تي قانون هن جي
شخصيت کي تسليم ڪري.
§
قلم – 7 قانون جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن، ۽ سڀ،
سواءِ ڪنهن ويڇي جي، قانون اندر پناهه وٺڻ جا
هڪجهڙا حقدار آهن.
هن اعلان خلاف جيڪو به ويڇو وڌو وڃي، جنهن ويڇي
لاءِ اڀاريو وڃي، ان کان بچاءُ ڪرڻ جا سڀ هڪجهڙا
حقدار آهن.
§
قلم-8 جيڪي به فعل هن دستور يا قانون ۾ ڏنل بنيادي
حقن کي تلف ڪندڙ هجن، انهن جي خلاف با اختيار قومي
ڪورٽن ۾ موثر طريقي تي چاره جوئي ڪرڻ جو هر شخص کي
پورو حق آهي.
§
قلم -9 ڪنهن به شخص کي رڳو حاڪم جي مرضيءَ تي
گرفتار، نظربند يا جلاوطن نه ڪيو ويندو.
§
قلم – 10 هر هڪ شخي کي هڪجهڙيءَ طرح حق حاصل آهي
ته سندس حقن ۽ فرضن جي مقرري، يا هن خلاف ڪنهن به
لڳايل ڏوهه جي باري ۾ مقدمي جي ڪارروائي، آزاد ۽
بي طرفدار ڪورٽ جي کليل اجلاس ۾، انصافي طريقي تي
ٿئي.
§
قلم -11 (1) اهڙي هر شخص کي، جنهن تي ڪو به
فوجداريءَ جو الزام لڳايو وڇي، تيستائين بيگناهه
شمار ڪيِي وڃڻ جو حق حاصل آهي، جيستائين هن تي
کـُليءَ ڪورٽ ۾ قانون موجب ڏوهه ثابت نه ٿي وڃي، ۽
هن کي پنهنجي صفائيءَ پيش ڪرڻ جو پورو موقعو نه
ڏيئي چڪو ويو هجي. (2) جيڪو ڪم، يا نه ڪيل ڪم، ان
جي ڪرڻ يا نه ڪرڻ وقت، قومي يا بين الاقوامي قانون
منجهه سزا جوڳو شمار نه پئي ڪيو ويو هو، ان بابت
ڪنهن به شخص تي سزا جوڳي ڏوهه ۾ پڪڙ نه ڪئي ويندي.
§
قلم-12 ڪنهن به شخص جي ذاتي زندگي، خانگي زندگي،
گهرٻار ۽ لکپڙهه ۾ من ماني طريقي تي مداخلت نه ڪئي
ويندي ۽ نڪي سندس عزت نيڪناميءَ تي حملا ڪيا
ويندا: هر شخص جو حق آهي ته قانون کيس مداخلت کان
محفوظ رکي.
§
قلم-13 (1)هر شخص جو حق آهي ته ان کي هر ڪنهن
حڪومت جي حدن اندر چرپر ڪرڻ ۽رهڻ جي آزادي هجي.
(2) هر شخص کي انهيءَ ڳالهه جو حق آهي ته هو ملڪ
مان هليو وڃي، چاهي اهو سندس پنهنجو ملڪ هجي، ۽
انهيءَ طرح کيس ملڪ ۾ واپس اچڻ جو به حق آهي.
§
قلم -14 (1) هر شخص کي اهو حق آهي ته کيس جيڪڏهن
ايذاءُ پهچڻ جو ڊپ هجي، ته هو ٻين ملڪن ۾ پناهه
ڳولي، ۽ پناهه مليس ته ان مان فائدو وٺي. (2) پر
اهو حق انهن ڪورٽي ڪاررواين کان بچڻ ۾ ڪم آڻي نه
ٿو سگهجي. جي خالص غير سياسي ڏوهن يا اهڙن ڪمن جي
سببان عمل ۾ اچن ٿيون، جي اقوام متحده جي مقصدن ۽
اصولن خلاف آهن.
§
قلم – 15 (1) هر ڪنهن شخص کي ”قوميت“ جو حق آهي.
(2) ڪو به شخص رڳو حاڪم جي مرضيءَ تي پنهنجيءَ
قوميت کان محروم نه ڪيو ويندو، ۽ هن کي قوميت
ڦيرائڻ جي حق ڏيڻ کا به انڪار نه ڪيو ويندو.
§
قلم -16 (1) بالغ مردن ۽ عورتن – سواءِ ڪنهن به
اهڙيءَ پابنديءَ جي، جا نسل، قوميت يا مذهب جي
بنياد تي لڳائي وڃي – شادي ڪرڻ ۽ گهر آباد ڪرڻ جو
حق آهي. مردن ۽ عورتن کي نڪاح، گهريلو زندگيءَ ۽
نڪاح کي ٽوڙڻ جي معاملي ۾ هڪجهرا حق حاصل آهن. (2)
نڪاح ٻنهي ڌرين جي پوريءَ، آزاد رضامنديءَ سان
ٿيندو. (3) خاندان معاشري جو فطري ۽ بنيادي ايڪو
آهي، ۽ اهو معاشري ۽ حڪومت ٻنهي جي طرف کان حفاظت
جو حق آهي.
§
قلم -17 (1) هر ڪنهن انسان کي اڪيلو،يا ٻين سان
گڏجي، جائداد رکڻ جو حق آهي. (2) ڪنهن به شخص کي
زبردستيءَ سندس جائداد کان محروم نه ڪيو ويندو.
§
قلم -18 هر ڪنهن انسان کي سوچڻ جي آزادي، ضمير جي
آزادي ۽ مذهبي آزاديءَ جو پورو پورو حق آهي.
انهيءَ حق ۾ مذهب يا عقيدي کي ڦيرائڻ، ۽عوام يا
ذاتي طرح، اڪيلو يا ٻين سان گڏجي، عقيدي جي تبليغ،
عمل، عبادت ۽ مذهبي رسمن پورين ڪرڻ جي آزادي به
شامل آهن.
§
قلم -19 هر شخص کي پنهنجي راءِ رکڻ ۽ راءِ ظاهر
ڪرڻ جي آزاديءَ جو حق آهي. انهيءَ حق ۾ اها ڳالهه
به شامل آهي ته هو آزاديءَ سان پنهن جي راءِ قائم
ڪري، ۽ جنهن به ذريعي سان وڻيس، سواءِ ملڪي سرحدن
جي خيال ڪرڻ جي، علم ۽ خيالن جي تلاش ڪري، انهن کي
حاصل ڪري، ۽ انهن جي تبليغ ڪري.
§
قلم -20 (1) هر شخص کي پُرامن طريقي تي ملڻ جُلڻ ۽
انجمنن قائم ڪرڻ جو حق آهي. (2) ڪنهن به شخص کي
ڪنهن انجمن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري
سگهجي.
§
قلم-21 (1) هر شخص کي انهيءَ جو حق آهي ته هو
پنهنجي ملڪ جي حڪومت ۾ سڌيءَ طرح يا آزادانه طور
تي چونڊيل نمائندن وسيلي حصو وٺي. (2) هر شخص کي
پنهنجي ملڪ ۾ سرڪاري ملازمت حاصل ڪرڻ جو برابر جو
حق آهي.
§
قلم-22 معاشري جي ممبر جي حيثيت سان،هر شخص کي
معاشرتي بچاءُ جو حق حاصل آهي، ۽ اهو حق به، ته هو
ملڪ جي نظام ۽ وسيلن موجب قومي ڪوشش ۽ بين
الاقوامي تعاون سان اهڙي اقتصادي، معاشرتي ۽
ثقافتي حقن کي حاصل ڪري، ۽ جي هن جي عزت ۽ شخصيت
جي آزادنه نشو و نما جي لاءِ لازم آهن.
§
قلم -23 (1) هر شخص کي اهو حق آهي ته هو ڪم ڪار،
روزگار جي آزادانه چونڊ، ڪم ڪار جي مناسب ۽ معقول
شرطن، ۽ بيروزگاريءَ خلاف بچاءُ ڪري. (2) هر شخص
کي، ڪنهن به ويڇي کانسواءِ، هڪجهڙي ڪم لاءِ هڪجهڙي
معاوضي جو حق آهي. (3) هر شخص، جيڪو ڪم ڪري ٿو، سو
اهڙي مناسب ۽ معقول پگهار جو حق رکي ٿو، جو هن جي
۽ هن جي اهل عيال جي لاءِ باعزت زندگي گذارڻ جو
ضامن هجي، ۽ جنهن ۾ جيڪڏهين ضروري هجي ته معاشرتي
بچاءُ جي ٻين ذريعن سان واڌارو ڪري سگهجي. (4) هر
شخص کي پنهنجي مفاد جي بچاءَ لاءِ ٽريڊ يونين قائم
ڪرڻ ۽ انهيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جوحق حاصل آهي.
§
قلم - 24 هر شخص کي آرام ۽ فرصت جو حق آهي، جنهن
۾، ڪم جي ڪلاڪن جي حدبنديءَ ۽پگهار کانسواءِ، مقرر
ڪيل وٿين ساڻ، موڪلون به شامل آهن.
§
قلم -25 (1) هر شخص کي پنهنجي اهل عيال جي صحت ۽
فلاح بهبود جي لاءِ مناسب معيارِِ زندگيءَ جو حق
آهي- جنهن ۾ کاڌو، ڪپڙو، جڳهه، علاج جون سهولتون،
۽ ٻيون ضروري معاشرتي رعايتون به شامل آهن: ۽
بيروزگاريءَ، بيماريءَ، معذوريءَ، رناپڻ، پيريءَ
يا اهڙين حالتن ۾ روزگار کان محرومي- جي حالتون هن
جي وس کان ٻاهر هجن- انهن سڀني خلاف بچاءُ ڪرڻ جو
حق حاصل آهي. (2) ويم ڪندڙ زال ۽ ٻار خاص توجهه ۽
امداد جا حقدار آهن. سمورا ٻار، خواهه اهي شاديءَ
کان اڳ پيدا ٿيل هجن يا شاديءَ کان پوءِ، معاشرتي
بچاءُ مان هڪجهڙيءَ طرح فائدو حاصل ڪري سگهندا.
§
قلم -26 (1) هر شخص کي تسليم جو حق آهي. گهٽ ۾ گهٽ
شروعاتي ۽ بنيادي درجن ۾ تعليم مفت هوندي؛ شروعاتي
تعليم زوري هوندي، فني ۽ پيشه ورانه تعليم حاصل
ڪرڻ سڀني لاءِ هڪجهڙيءَ طرح ممڪن هوندو. (2) تعليم
جو مقصد انساني شخصيت جي پوري نشو و نما هوندو، ۽
اها انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي احترام ۾
واڌاري ڪرڻ جو ذريعو هوندي: اها سمورين قومن ۽
نسلي يا مذهبي ٽولن جي وچ ۾ باهمي مفاهمت
رواداريءَ ۽ دوستيءَ کي ترقي ڏيندي، ۽ امن کي
برقرار رکڻ لاءِ اقوام متحده جي سرگرمين کي اڳتي
وڌائيندي. (3) ماءُ پيءُ کي هن ڳالهه جي چونڊ جو
پهريون حق آهي ته سندن ٻارن کي ڪ هڙي قسم جي تعليم
ڏياري ويندي.
§
قلم -27 (1) هر شخص کي قوم جي ثقافتي زندگيءَ ۾
آزاديءَ سان حصي وٺڻ ادبيات مان فائدي حاصل ڪرڻ ۽
سائنس جي ترقيءَ ۽ ان جي فائدن ۾ شامل ٿيڻ جو حق
حاصل آهي (2) هر شخص کي حق حاصل آهي ته هن جي انهن
اخلاقي ۽ مالي فائدن جو بچاءُ ڪيو وڃي، جي هن کي
اهڙين سائنسي، علمي يا ادبي تصنيفن مان حاصل ٿين
ٿا، جن جو هو مصنف آهي.
§
قلم -28 هر شخص اهڙي معاشرتي ۽ بين الاقوامي نظام
۾ شامل ٿيڻ جو حقدار آهي، جنهن ۾ اهي سموريون
آزاديون ۽ حق حاصل ٿي سگهن، جي هن اعلان ۾ پيش ڪيا
ويا آهن.
§
قلم – 29 (1) هر شخص تي معاشري جا حق آهن؛ ڇو ته
معاشري ۾ رهندي ئي هن جي شخصيت جي آزادانه ۽ پوري
نشو و نما ممڪن آهي. (2) پنهنجين آزادين ۽ حقن مان
فائدي وٺڻ ۾ هر شخص فقط اهڙين حدن جو پابند ٿيندو،
جو ٻين جي آزادين ۽ حقن کي تسليم ڪرائڻ جي مقصد
سان، يا جمهوري نظام ۾ اخلاق، عام امن ۽ عام فلاح
۽ بهبود جي مناسب لوازمن کي پوري ڪرڻ جي لاءِ
قانون جي طرف کان لاڳو ڪيا ويا آهن. (3) اهي حق ۽
آزاديون ڪنهن به حالت ۾ اقوام متحده جي مقصدن ۽
اصولن جي خلاف عمل ۾ آڻي نه ٿيون سگهجن.
§
قلم – 30 هن اعلان جي ڪنهن به جـُز مان ڪا به اهڙي
ڳالهه مراد نه ٿي وٺي سگهجي، جنهن مان ڪنهن به
ملڪ، ٽولي يا شخص کي ڪنهن به اهڙيءَ سرگرميءَ ۾
مصروف ٿيڻ يا ڪنهن به اهڙي ڪم کي سرانجام ڪرڻ جو
حق پيدا ٿئي، جنهن جي منشا انهن حقن ۽ آزادين کي
ڦٽائڻ هجي، جي هتي پيش ڪيون ويون آهن.
گذارش
موجوده دؤر
انساني تاريخ مسلسل ڪشمڪش ۽ جهاد جي عظيم ۽ عبرت
انگيز داستان آهي. زندگيءَ جي ارتقا مختلف فڪري ۽
مذهبي نتيجن، گروهن ۽ طبقن جي ماتحت ٿيندي آئي
اهي. هونئن ته زندگي خود وحدت آهي، پر ان جا ڪي
مختلف النوع پهلو به آهن، ۽ تعبيري منطقي صورتون
به آهن. اسين ان تفصيل کي مطالعي جي صاحبن لاءِ
ڇڏي ٿا ڏيون. بحث جي طول بيانيءَ کي نظرانداز ڪري،
هن قريب دور تي پهچون ٿا.
هن دور ۾ ماديات، مذهبي ۽ اخلاق جي باهمي ڪشمڪش
نظر انداز ڪري نه ٿا سگهون. اڄ صحيح معنيٰ ۾
انسانيت انهن ٻنهي فڪري گروهبندين ۾ ورهائجي چڪي
آهي، هالانڪه احتياط ۽ اعتدال جي تقاضا اها آهي ته
مذهب ۽اخلاقيات محض رهبانيت ۽ جهل جو نالو نه آهي.
انساني زندگيءَ جي تعبير ۽ تعمير لاءِ ”اخلاق“ هڪ
دائمي قدر جي حيثيت رکي ٿو. اختلاف محض افراط ۽
تفريط جي ڪري ٿيو آهي. دانشمند ۽ اهلِ فڪر طبقو ان
کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو.
فتنو ۽ فساد هميسه انتها پسندانه حيثيت سان پيدا
ٿيندو آيو آهي. اخلاقيات، پنهنجيءَ جاءِ تي،
انساني تاريخ جو عظيم ورثو آهي. پر ماده پرستانه
استعمار ۽ ازسبتداد ان بيش بها سرمايي کي ڪافي
نقصان پهچايو آهي. ماده پرست، انتها پسند ماڻهن ۾
اگر حڪمت، ۽ مصلحت شناسي هجي ها ته پوءِ هوند
انساني تاريخ جي عظيم ورثي کي احترام جي نظرن سان
ڏسن ها، ۽ مذهبي ۽اخلاقي گروهبندين جي عملي ۽
تعميري فروگذاشتن کي ڪنهن حد تائين نظرانداز ڪن
ها، ته پوءِ چڱو ٿئي ها.
هر اهلِ فڪر اخلاقيات ۽ مذهبي جي صحتمند خدمتن جو
اعتراف به ڪري ٿو، ۽ ان کي ساهه سان به سانڍي ٿو،
ڇالاءِ ته اهو خزانو انساني تاريخ جي ارتقا سان گڏ
هلندو آيو آهي. هر دور ۾ مختلف انساني نسل ۽ گروهه
ان کي سنواريندا ۽ سانڍيندا آيا آهن. اهو خزانو هڪ
نسل کان ٻئي نسل تائين احترام ۽ تقدس جي هٿن سان
منتقل ٿيندو آيو آهي. ان عظيم ذخيري ۾ انساني
ضميري ۽ وجدان جي ترقيءَ ۽ صفائيءَ جون يادداشتون
موجود آهن، ۽ جن ۾ انساني فڪر ۽ عمل جون مختلف
حيثيتون ڏسي ۽ سمجهي سگهجن ٿيون.
ماده پرستانه انتهاپسنديءَ جو اهو جذباتي ۽ پرجوش
قدم يقيناً تحسين جوڳو نه چئبو، جنهن جي حيثيت ان
ڍڳي وانگر آهي، جو ڪنهن شيشي جي دڪان تي چڙهي وڃڻ
۾ ڪامياب ٿئي، ۽ پوءِ سارو نازڪ ۽ حسين سامان ڀڃي
ڀورَ ڪري ڇڏي. يورپ جي هڪ سـﺂ سالن جي تاريخ،
پنهنجي نظريي ۽ فڪري ترقيءَ جي حيثيت سان ان ڳالهه
لاءِ شاهد آهي ته اهو دور ڪيڏو نه پـُر خطر رهيو
آهي.
علم ۽ سائنس جي ترقيءَ هوندي به، انسان جي بي
احتياط دل و دماغ جي غلط نموني ۾ حرڪتون ڪيون
آهن، ان جو رد عمل آهستي آهستي پيدا ٿي رهيو آهي.
هن دور ۾ فڪر جي صاحبن ۽ محققن، آزاد ۽ علمي نموني
۾ تنقيدي انداز پيدا ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ڪن وقتن تي
اهڙن مفڪرن جي لب ڪشائيءَ ۽ تنقيدي ڇنڊڇاڻ ۾ غم ۽
درد جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي؛ ان کي اعتراف به
چئي سگهجي ٿو. مگر انهن دانشمندن جو اهو احساس ۽
اعتراف، رجعت پسندانه ماضي پرستيءَ جي تائيد نه
سمجهڻ گهرجي. هو هن دور ۾ علمي ۽ همه گير اخلاقي ۽
مادي، فڪري ۽ نظري انقلاب چاهين ٿا.
ان اعتراف ۽ احساس جي صداي بازگشت مغرب جي هر محقق
جي ڪتابن ۾ موجود آهي. مثال طور، هن دور جي وڏي
محقق ۽ مـﺂرخ، پروفيسر آرنولڊ جي. ٽائن بي
(Arnold Toynbee)
جي خيالن ۽ راين کي مطالع ڪريو، جو هن دور ۾ تاريخ
۽ تهذيب انساني جو وڏو عالم چيو وڃي ٿو. لکي ٿو:
”هن دور جو انسان ان جواريءَ وانگر آهي، جنهن
جواخاني ۾ پنهنجو سارو سرمايو وڃائي ڇڏيو آهي.
هاڻي سندس معاش ۽ زندگيءَ جا سڀ اسباب آخري داوَ
تي اچي چڪا آهن. هو چاهي ٿو ته کيس اها راند کٽڻ
گهرجي، پر کيس اهو به يقين آهي ته سندس تاش ۽ هنر
۾ اهو زور نه رهيو آهي، ۽ هارائڻ سندس مقدر ٿي چڪو
آهي.“
(”ورلڊرويو“، 1949ع).
هن دور جا فني ڪمالات پنهنجيءَ جاءِ تي بقاي حڪمت
جي ضمانت نٿا ڏيئي سگهن. هر تمدن فني مهارتن جي
ڪمال تي پهچي، پنهنجي اخلاقي سرمايي کان نظر
هٽائي، پنهنجو آخري قدم خودڪشيءَ ڏانهن وڌائيندو
آيو آهي. اهو به ممڪن آهي ته هن دور جو انسان، ان
تاريخي فيصلي مان سبق حاصل ڪري، پنهنجي تمدن جو رخ
بدلائي وجهي. پر اها اميد به تڏهن پوري ٿي سگهندي،
جڏهن موجوده انسان، امن ۽ جنگ جي ڪشمڪش ۾ رهندي،
پنهنجي جنگي منصوبن ۽ انسان ڪـُش اوزارن ۾ ڪمي آڻي
سگهي، ۽ امن پسند بڻجي.“
”مون انساني تاريخ جا ايڪيهه تمدني دور مطالع ڪيا
آهن. انهن کي ڏسندي، مون فيصلوڪيو آهي ته انسان جي
موجوده اخلاقي زوال هوندي اها اميد ڪري ئي نه ٿي
سگهجي ته هو مادي مفاد کي وساري ڪو صحيح اخلاقي
فيصلو ڪري سگهندو. بيشڪ، نوع انسان جي محبت هڪ
تاريخي طاقت آهي؛ پر اها به تڏهن ڪامياب ٿيندي،
جڏهن اها انسانذات سان محبت الله تعاليٰ جي محبت
مان پيدا ٿيندي. منهنجي زوردار راءِ اها آهي ته هن
دور جي وڏي ضرورت آهي هڪ ”اخلاقي نظام“ ۽ ان سان
گڏ مافوق الطبعيات ذات تي ايمان.“
ٽوئن بي جي مٿين تحقيق ۽ راءِ، جا هڪ عظيم مـﺂرخ ۽
عمرانيات جي ڄاڻوءَ جي راءِ آهي، هن دور لاءِ وڏي
اهميت رکي ٿي.
ٻيو مفڪر ۽ عالم، ڊاڪٽر اليڪس ڪيرل، پنهنجي جڳ
مشهور ڪتاب ”انسان نامعلوم“ ۾، هن دور تي تنقيد
ڪندي لکي ٿو:
”مشيني ايجاد ۾ اضافي ڪرڻ سان هن دور جي تقاضائن ۽
حالتن کي بهتر بنائي نه ٿو سگهجي. ان طرح رڳو
طبعيات، فلڪيات ۽ سائنس جي مختلف شعبن ۾ ايجاد ۽
انڪشاف کي ڪا ايڏي اهميت ڏيئي نه ٿا سگهون.
انسانذات لاءِ واجب آهي ته هو پنهنجي ذهني ۽
اخلاقي زوال ڏانهن نهاري. پنهنجي تمدن ۾ لذت، عيش
پرستي، ذوقِ جماليات جي پيچيدگين کي وڌائڻ مان
ڪهرو فائدو ٿيندو؟ اصل حقيقت اها آهي ته انسانذات
کي پنهنجي حقيقي مفاد ڏانهن وڌڻ کان سندس اخلاقي
زوال ئي روڪي رهيو آهي.“
”اها ڪا مفيد ۽ تعميري صورت ڪا نه آهي جو پنهنجي
زندگيءَ جو نظام جيئن پوءِ تيئن منجهائيندا رهون،
۽ ان ۾ پنهنجين قوتن کي ناس ڪندا رهون، اسان جو
اهي ڪوششون ۽ ڪاوشون اخلاقي زوال کي وڌيڪ وڌائين
ٿيون، ۽ اسان جي عظيم نسلن جي صالح عناصر کي برباد
ڪرڻ لاءِ نئين سج نيون ترڪيبون ٺاهين ٿيون. ”وڌ ۾
وڌ تيز رفتار بري ۽ بحري جهاز ٺاهڻ، آرام ڏيندڙ
سواريون بڻائڻ، سستا ريڊيو ٺاهڻ، ۽ خلا کي مطالع
ڪندڙ دوربينن جي ايجاد کان وڌيڪ، ضرورت آهي ته
انسان ”خود شناس“ بڻجي.“
هندور جي ٻيو وڏو محقق، پروفيسر ساروڪن، هن طرح
ٿوماتم ڪري:
”هن دور ۾ اخلاقي زوال جي ڪري انسان ڪافي طور ذليل
ٿي چڪو آهي. اڄوڪو انسان رڳو مفاد پرست ٿي رهجي
ويو آهي؛ مفاد ذاتي کان ٻاهر هو ڪنهن به چڱيءَ چيز
کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. اڄڪلهه انسان
پنهنجي ذاتي مفاد ۽ مصلحت کي پنهنجو دين ۽ ايمان،
شعار ۽ شان بنائي چڪو آهي؛ ۽ ان غلط روش جي ڪري
پوريءَ دنيا ۾ مستقل دشمنيءَ جو ٻج پوکي چڪو آهي.“
ان طرح، مشهور اِٽالن مفڪر، ڪروشي، پنهنجي ڪتاب
”سياست ۽ اخلاق“ ۾ لکي ٿو:
”انسانيت ڪئين ڀيرا نااميد ٿي چڪي آهي؛ پر هن دور
جهڙي نااميدي اڳ ڪڏهين به نظر نه ٿي اچي. اڄ هو
مرض وڌي به ويو آهي ۽ مهلڪ به ٿي چڪو آهي. هن دور
جا فيلسوف، ۽ دور رس ۽ تيز نظر ماڻهو اها پيشنگوئي
ڪري رهيا آهن ته انسانيت جا قافلا، هر هنڌ، نهايت
تاريڪ ۽ خطرناڪ غارن ۾ ڪِري رهيا آهن.“
سي . ايم . جوڊ پنهنجي ڪتاب ”رهنماي فسق جديد“ ۾
هن طرح ٿو فرمائي:
”دانشمندي هڪ اخلاقي وصف آهي، ۽ يقيني طور هڪ قسم
جو علم آهي؛ علم به اهڙو، جو صحيح مقصد ڏانهن
رهبري ٿو ڪري. تنهنڪري، جا چيز اسان کي مطلوب آهي
سا اِها ته ماڻهو صحيح مقصد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
ٻين لفظن ۾، اخلاقي اعتبار سان بهتر بڻجن.“
”اسان جي تهذيب جو بنيادي مسئلو اصل ۾ ڪنهن تنظيم
جي نوعيت وارو ناهي، پر سراسر اخلاقي نوعيت وارو
آهي.“
مغرب جي مفڪرن جي مٿين ماتم سرائي هڪ اعتراف آهي،
۽اخلاقي اعتبار سان جرات مندانه قدم آهي.
مٿين محقق جي تحقيق جي روشنيءَ ۾، سڀ کان اول
اديبن تي فرض ٿو عائد ٿئي ته هو هن دور جي صحيح
ترجماني ڪن، ۽انسان جي اخلاقي شعور کي بيدار ڪن،
فنون لطيفه ۾ اهو رنگ پيدا ڪن، جو اسان جي فرسوده
فن ۾ زندگي پيدا ڪري، ۽ دل ۽ دماغ لاءِ اوجر پيدا
ڪري، ۽ اسان کي گم ٿيل نعمتن تائين پهچائي.
ماده پرستيءَ ۽ مذهبيت جي ڪشمڪش جا اسباب ڪي علمي
۽ فني آهن، ڪي مذهبي ۽ اخلاقي، ته ڪي سماجي ۽
تهذيبي. انهن جي ڪشمڪش کي ختم ڪرڻ لاءِ جنهن
جَزالت ۽ اعتدال جي ضرورت آهي، ان کي پيدا ڪرڻ
لاءِ اديب ئي ذميدار ٿي سگهن ٿا، جن جي غور و فڪر
، فن ۽ ادب کي پڙهيو وڃي ٿو، جن جي علمي ۽ ادبي
تخلقيات ۾ زندگيءَ جي صحيح ترجماني موجود آهي.
اديب ۽ انهن جو فن ۽ فڪر قومن جي قسمت ۽ طبيعت کي
بدلائڻ لاءِ وڏو ڪم ڪري سگهي ٿو. انهن تي فرض آهي
ته هو هن دور جي اصلاح لاءِ تعميري نموني ۾ فن جي
اشاعت ڪن، نئين دور ۽ ان جي تقاضائن کي سمجهڻ جي
ڪوشش ڪن. هن دور ۾ ڪيترن جلدباز ۽ غير محتاط اديبن
جي ادبي سرمايي علمي ۽ ذهني طور يقيناً ڪا صحيح
راهه نه ڏيکاري آهي. بلند پايه ۽ محقق قسم جي اهل
قلم ماڻهن لاءِ لازم آهي ته ان جي تلافي ۽ صفائي
به ڪن ۽ پڙهندڙن جي ذهن لاءِ متوازن ۽ متعدل،
محتاط ۽ صحت وارو ادب پيش ڪري اخلاقي قدرن کي روشن
ڪن، جيئن نواَموز اديبن ۽ سندن پڙهندڙن ۾ لکڻ ۽
سوچڻ جون نيون صلاحيتون پيدا ٿين.
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي نئين تشڪيل
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي علمي خدمت هڪ تسليم ٿيل حقيقت
آهي. هن وقت تائين سنڌي، اردو، فارسي، عربي ۽
انگريزيءَ ۾ هر فن تي معياري ڪتاب ”بورڊ“ پاران
ڇپجي چڪا آهن.
ڪجهه وقت کان ”بورڊ“ جي انتظامي مسئلن متعلق ڪن
غير ذميدار ماڻهن نهايت غلط قسم جون ڳاليهون پيدا
ڪيون، جن جي ترديد بروقت ڪئي ويئي.
”بورڊ“ هميشه گورنمينٽ جي پاران منتخب شده ميمبرن
تي مشتمل رهندو آيو آهي. ڪيترن سالن کان وٺي ان جي
نئين تشڪيل التوا ۾ رهندي آئي. آخرڪار گورنمينٽ ان
جي نئين تشڪيل ڏانهن توجهه فرمايو. اول حيدرآباد
جي ڊويزنل ڪمشنر مسٽر نياز احمد صاحب جي چيئرمن شپ
۾ نئين تشڪيل جو اعلان ڪيو ويو؛ ان کان پوءِ سنڌ
جي مشهور علم پرور ۽ ادب دوست بزرگ، جناب مخدوم
محمد زمان صاحب ”طالب المولا“، سجاده نشين حضرت
مخدوم نوح رحمـﺔ الله عليه، کي چيئرمن مقرر ڪيو
ويو آهي. ان کانسواءِ، مسٽر محمد ابراهيم جويي جي
تعليم کاتي ڏانهن واپسيءَ کان پوءِ، سيد شاهه محمد
شاهه صاحب، ايم . اي. ، بي . ٽي، کي نئون سيڪريٽري
مقرر ڪيو ويو آهي. نون ميمبرن ۾ مسٽر عبدالغفور
صاحب ڀرڳڙي ۽ شيخ علي محمد صاحب، ايڊيٽر روزانه
”عبرت“، شامل آهن. انهن کانسواءِ ڊاڪٽر جعفري
صاحب، سيد ميران محمد شاهه صاحب، ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
ڊاڪٽر رضي الدين صاحب صديقي، ڊئريڪٽر تعليم کاتو
سنڌ ريجن، ۽ سيد حسام الدين شاهه صاحبراشدي، اڳيان
ميمبر بحال رکيا ويا آهن. اميد آهي ته ”بورڊ“
پنهنجي نئين دور ۾ ادب ۽ اديبن جي خدمت جي سلسلي ۾
پاڻ موکيندو؛ خاص طور سنڌي ادب بورڊ جي ترقيءَ
لاءِ تعميري قدم کڻي جس کٽندو – غ . م . گ.
چلو ري سنئيان چَرچا ويکين، آپ چمن ۾ ايا!
آيا شاهه حـُسن دا جاني، باغ صفاتي وچ سيلاني،
رانجهن پيا ڪو رايا.
نرگس چشم، بَسنتي جامه، زلف بنشفه، رُخ گـُلفامه،
بيرنگي رنگ لايا.
الف دي صورت سـَرِو ُ سونهارا، آثباتي نـُون ڪَر
اِظهارا،
وهم وجود وڃايا.
هر گل ۾ خوشبوءِ هِڪائي، وحدت دي وچ ٻوڙ ٻِيائي،
ڇوڙ ٻيا فڪر اجايا.
”بيدل“، سـُن ”ثـُم وَجـﮧ الله“، هر جا گل
گـُلزاري، وه واه،
هادي حق فرمايا.
)بيدل
فقير رحه(
بيت
ماهِي نال اسان ڏيان اکيان، لڳيان وه وه لوڪان،
شاهه حـُسن ديان فوجان چَڙهيان، ناز ديان مارن
نوڪان،
”بيدل“، عشق محبت ٻاجهون ٻي سڀ ڪوڙي هوڪان.
نرگس نين ساڏي دلبر دي، يا وَتُ پريم پيالي،
بازان وانگون ڏيون باولين، کاون خوب نوالي،
”بيدل“، ماس دلين دي مِنگدي، ڪون انهان نوان پالي!
اهو چشم ساڏي سڄڻان، دي، يا وَت شيرشڪاري،
بڻڇي وانگ ڏِکالي ڏيندين، يا ڪائي تيز ڪَٽاري،
نيزا ناز نسنگ مَريندي، هاتڪ وچ هسواري،
”بيدل“، بچڻ محال انهين دا، جا اکيان دي ماري.
عالم فاضل وچ مَسيتين، ٻَهه ٻَهه مَسلي ڪَرندي،
نيڪنامي نون ڇوڙ، اسان هڻ راهه رندي دي ٽرندي،
ٻاجهون حرف عشق دي، ”بيدل“، ٻيا ڪو ئي سبق نه
پڙهندي.
(بيدل فقير رحه)
بيت
شيخ اياز؛ مخدوم امين ”فهيم“، حافظ محمد احسن؛
نياز علي شاهه ”محسن؛ ”خواب“ حيدرآبادي؛ قمر
شهباز؛ عبدالجبار ”شام“، حسين بخش ”خادم“.
دوها
شيخ اياز؛ قمر شهباز.
ڪافيون
محمد خان ”غني“؛ سليم ڳاڙهوي، حافظ محمد احسن؛
حسين بخش ”خادم“، نثار بزمي؛ احمد خان ”آصف“؛ نياز
علي شاهه ”محسن“؛ احمد خان ”اختر“؛ علي بخش ”رضا“،
محمد صالح سپيو.
گيت
شيخ اياز، ايس . گل ”سپاهي“، قيمت ”ڪمل“، هري
”ناز“.
نظم
”نياز“ همايوني، شيخ اياز؛ ”خواب حيدرآبادي، نياز
علي شاهه ”محسن؛ ميوو خان ”موج“.
غزل
شيخ اياز، گل حسن ”گل“، ذوالفقار راشدي؛ حافظ محمد
احسن؛ سليم هالائي؛ رشيد ”ارشد“؛ شبير ”هاتف“؛
امداد حسيني؛ سليم
ڳاڙهوي؛ نياز علي شاهه ”محسن“، علي محمد ”مجروح“؛
”تاج“ بلوچ؛ محمد علي ”جوهر“؛ علي بخش ”رضا“.
قعطا
”خواب“ حيدرآبادي، شبير هاتف، امداد حسيني، نياز
علي شاهه ”محسن“؛ ”تاج“ بلوچ؛ احمد ”آصف“.
رباعيون
ادب لطيف
امداد حسيني
جهامنداس ڀاٽيا |