پروفيسر منگهارام ملڪاڻي
نظم جا نوان نمونا
]”نظم
جا نوان نمونا“ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جو
تنقيدي مضمون آهي. پاڻ بلينڪ ورس، آزاد نظم، نثري
نظم ۽ ادب لطيف متعلق پنهنجا ذاتي رايا پيش ڪري،
سنڌي اديبن ۽ شاعرن لاءِ فڪر انگيز نتيجا ڪڍيا
اٿس. آخر ۾ ايترو عرض ڪنداسون ته پاڻ جيڪي سند طور
مثال پيش ڪيا اٿس، اهي نهايت غير فني، ناقص ۽ڪجسما
آهن. پروفيسر صاحب لاءِ مناسب هو ته سنڌي ادب مان
معتبر ۽ موزون، سنجيده، پخته ۽ برجسته مثال پيش
ڪري ها. اميد آهي ته سنڌي اديب پروفيسر صاحب جي هن
علمي بحث تي غور ڪندا. اهو به ياد رهي ته مولود،
مداحون، مناقبا، مرثيا ۽ طويل بيت به سنڌي شعر جا
عمدا مثال چئي سگهجن ٿا. انهن جي هوندي، اهو امر
فيصله طلب چئي سگهجي ٿو ته آيا انهن کي نظم جي نون
نمونن ۾ جاءِ ڏيئي سگهجي ٿي يا نه؟ پوءِ ڀلي ته
اسان وٽ اهي تاريخي طور نهايت آڳاٽا ۽ بنيادي
نمونا آهن. – غ. م . گرامي[
پاڪستان ۾ ”نثري نظم“ کي ”ادب لطيف“ ڪوٺيو وڃي ٿو،
۽ ”بلينڪ ورس“ کي ”آزاد نظم“ سڏيو وڃي ٿو، جنهن
ڳالهه جي به صفائي ٿيڻ کپي. حقيقت ۾ اهي صنفون الڳ
الڳ خاصيتون رکن ٿيون. تنهنڪري، سالن کان انگريزي
نظم پرهائيندڙ جي حيثيت ۾، انهن ٽن نظمي نمونن ۾
جيڪي علحدگيون مون کي سمجهه ۾ آيو آهن، سي
پاڪستاني اديبن جي پيش ڪريان ٿو.
وزن ۽ قافيو:
نظم جون ٻه مکيه خصوصيتون جي ان کي نثر کان مختلف
بنائين ٿيون، سي آهن وزن ۽ قافيو. نظم اهو موزون
يا تريل تڪيل ڪلام آهي، جنهن جي لفظن جي ملاوت ۾
اهڙا باقاعدي لاها چاڙها رکيل هجن، جن مان ترنم
پيدا ٿئي. قافيو معنيٰ ته سٽن جا پويان لفظ هم
آواز هجن، جن مان به جهونگار پيدا ٿيندي آهي: يعني
ته وزن ۽ قافيي ٻنهي جو مطلب آهي ڪلام ۾ ڪَن – رس
ُ پيدا ڪرڻ، جو نظم کي موسيقيءَ جي ويجهو وٺي ٿو
وڃي. ڪن نظمن ۾ وزن ۽ قافيي جو ايترو ته ميٺاج
ڀريل هوندو آهي جو اُهي ڳائي وڄائي به سگهبا آهن.
اهي ٻيئي خاصيتون خاص طور جذباتي نظم
(Lyrical poetry)
لاءِ بلڪل ضروري آهن، جنهن ۾ تخيل جي پرواز سان
گڏوگڏ لفظن جي جوڙجڪ ۾ ايتري شيريني هوندي آهي جو
اهو، نظم جي درجي کان مٿي، شعر جي اعليٰ درجي کي
پهچي ويندو آهي. حقيقت ۾
Lyrical poetry
اهو شعر آهي، جو
Lyre
يا ساز تي ڳائي سگهجي: يعني ته ان ۾ جذبات ۽
موسيقي، ٻنهي جا جزا اچي وڃن ٿا، جنهنڪري ان جو
اکري ترجمو ”مترنم شعر“ به ڪري سگهجي ٿو.
پر ”جذباتي شعر“ نظم جو اهو نمونو آهي، جنهن ۾
شخصي يا داخلي
(Subjective)
امنگ ۽ احساس، وزن ۽ قافيي جي ميٺاج جي ذريعي سان
ظاهر ڪري سگهجن ٿا. نظم جو ٻيو مکيه نمونو آهي غير
شخصي يا خارجي
(Objective)
نظم، جنهن ۾ شاعر پنهنجا احساس نه ٿو ظاهر ڪري،
پر ٻين انسانن جا جذبا ۽ لاڙا ۽ ڪي سماجي يا
تاريخي واقعا بيان ٿو ڪري، جنهن کي مثنوي
(مهاڪاويه) يا
epic
۽
narrative poetry
ڪوٺبو آهي. هاڻي، مئٿيو آرنولڊ جي گفتي موجب،
جذبات
(emotions)
۽ تصور
(imagination)
ته شاعريءَ جي جان آهن، ويچارن
(thoughts and ideas)
تي. وزن جي ڪڇ ماپ ۽ مڌرتا ڌاران ته شعر ٺهي ڪين
سگهندو، کڻي اهو شخصي هجي يا غير شخصي. باقي جيڪو
رولو مَتو آهي سو قافيي تي، جنهن کي ڪيترا مغربي
شاعر داخلي توڙي خارجي شعر ۾ لازمي سمجهندا اچن.
پر قافيي کي گهڻا مغربي شاعر فقط داخلي شعر لاءِ
ضروري ٿا سمجهن، بلڪه هڪ پابندي ڪري ٿا ڄاڻن.
غير قافيي شاعري
(blank verse):
بلئنڪ ورس اهو نظم جو نمونو آهي، جنهن ۾ بحر وزن
قائم رکيو ويندو آهي، پر جنهن ۾ مصرعن جي پڇاڙيءَ
وارا قافيا نه ملايا ويندا آهن. بلئنڪ ورس جو
باني، سترهين صديءَ وارو نامور انگريزي شاعر ملٽن
هو. پنهنجي جڳ – مشهور
Paradise Lost
جي پيش لفظن ۾ هن صاحب ان مثنويءَ جي رٿا هيٺين
لفظن ۾ سمجهائي آهي:
”هن ۾ انگريزي وير – ڪوتا
(heroic verse)
جو وزن، قافيي بنا، ڪم آندل اهي، جيئن يوناني
ٻوليءَ ۾ هومر جو ۽ لاٽن ۾ ورجل جو؛ ڇو ته شعر يا
سٺي نظم لاءِ قافيو ضروري اضافو يا سچو سينگار
ڪونهي – خصوصاً طويل نظمن ۾؛ بلڪ ردي مضمون ۽ جڏي
وزن جي پورائي ڪرڻ لاءِ، قافيو جهنگلي زماني جي
هڪ ايجاد آهي.“
ملٽن وڌيڪ چوي ٿو ته قافيو پارکو ڪنن لاءِ هڪ خسيس
چيز آهي، جنهن ۾ سچي موسيقيءَ واري موج ڪانهي“،
بلڪه اهو ”هڪجهڙين پڇاڙين جو، جهنجهڻي جهڙو آواز
آهي.“ آخر ۾ زوردار رايو ٿو ڏئي ته ”قافيي کي ترڪ
ڪرڻ ڪا خاص ڳالهه نه سمجهڻ کپي، جيئن ڪي اڻسڍريل
پڙهندڙ شايد سمجهن، بلڪه شاندار مثال ڪري سمجهڻ
کپي ته ڪيئن وير – ڪوِتا کي قافيي جي تنگ ڪندڙ
پابنديءَ کان آجو ڪري، ان جي قديمي آزادي قائم ڪئي
ٿي وڃي.“
بلئنڪ ورس جي فائدي ۾ ملٽن جي مٿئين رايي جي
برخلاف، اٽڪل هڪ صديءَ کان پوءِ، ڊاڪٽر جانسن جو
رايو ٻڌو:
”بيڍنگي، بيقاعدي تـُڪبنديءَ، خالي دماع وارن جي
هنريءَ ۽ عيبن کي لڪائي ڇڏيو آهي. محنت کان ڀڄندڙ،
ڪاهل، سست، بيدماغ ماڻهن کي ان شاعريءَ اهڙو ته
برغلايو آهي، جو جتي ڏسو اتي بي تڪي تڪبنديءَ جي
ڪتابن جا ڍير لڳا پيا آهن... ملٽن جي بلئنڪ ورس کي
صحيح ۽ موزون پڙهڻ وارا انگريز تمام ٿورا آهن، جي
صفائيءَ سان موزون پڙهي سگهن، ۽ ٻڌندڙ انگريز
اندازو لڳائي سگهن ته هڪڙي مصرع ڪٿي پوري ٿي ۽ ٻي
ڪٿان کان شروع ٿي... بلئنڪ ورس ۾ نه ته نثر واري
رواني ٿئي ٿي ۽ نه موزون مصرع وارو ترنم ٿئي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو بلئنڪ ورس شاعريءَ کي پڙهڻ سان
دل تي گهٻراهٽ پيدا ٿئي ٿي.“
غير قافيي نظم جي برخلاف، جانسن کان به زياده سخت
ڪلامي مرزا ياس يگانه چنگيزيءَ ڪئي آهي:
”ڄاڻي ٻجهي، قافين هوندي، شاعريءَ ۾ قافيا نه
آڻڻ، شرمناڪ عمل آهي، نااهلي آهي، ۽ ڏٺي وائٺي
شرارت آهي. جڏهن ته هر زبان جي ساخت، هيئت ۽اقتضا
جداگانه آهي، ته پوءِ خواهه مخواهه غير زبان جي
فيشن کي بنا ضرورت جي اختيار ڪرڻ، پرائي شگون لاءِ
نڪ ڪپائڻ وانگر آهي... ڪوڙا ترقيءَ پسنديءَ جا
دعويدار، جي عروض ۽ قافيي کي ”بيڪار قيد“ چئي شعر
کي قافيي کان آزاد ڪرڻ گهرن ٿا ۽ بلئنڪ ورس کي
رواج ڏيڻ گهرن ٿا، اهي دراصل انساني فطرت ۽ پنهنجي
مادري زبان جي طبعي تقاضائن سان بغاوت ٿا ڪن.“
مٿين ٻن راين جي درميان، ”فراق“ گورکپوريءَ جو
موزون رايو آهي، جو هن مسئلي جو حل پيش ٿو ڪري ته
ڪيئن بلئنڪ ورس جو فن پوريءَ ريت سکڻ سان اسين ان
کي مشرقي شاعريءَ ۾ بااثر نموني استعمال ڪري سگهون
ٿا:
”اسين غير مقفيٰ (قافيي بنا) شاعريءَ ۾ اڃا اناڙي
آهيون. انگريزي بلئنڪ ورس جي وڏن اڪابر ۽ فنڪار
شاعرن جي فن تي اسان کي اڃا عبور حاصل نه ٿيو آهي،
جنهن مان اسين به اهڙا وڏا ۽ طولاني جملا ائين
وڌائي سگهون،جيئن ڪوئي سهڻو ۽سڊول جسم وڌندو ۽
ويجهندو آهي... جاندار بلئنڪ ورس وارو رنگ رڳو
قافين کي ڇڏڻ سان نه ٿو پيدا ٿئي، بلڪه ان جو
داخلي عمل ان پرايا نام
(breath control)
جي صفت رکندڙ ان رنگ مان پيدا ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاعر
جو خيال مصرعن جي گهٽ – وڌائيءَ ۾ بَکندو رهي ٿو،
۽ تمام نازڪ ۽ لطيف انداز ۾ ڄڻ ته ٻڌڻ ۾ به اچي
ٿو. اڃا ته اسان جي غير مقفيٰ شاعريءَ ۾ جملن جا
مختلف پيمانا ۽ ماپائي ڪو نه ٺهيا آهن، جي سمنڊ جي
لهرن وانگر ۽ وِير جي لهڻ ۽ چرهڻ وارو وزن ۽ رنگ
پيدا ڪري سگهن. اسان کي ته اڃا وڏن ۽ ڊگهن جملن
بنائڻ جو فن سکڻو آهي، ۽ اهو فن مرتب ڪرڻو آهي ۽
ان جا اصول ۽ شرط تخليق ڪرڻا آهن.
تنهنڪري اهو عذر صحيح نه آهي ته غير قافيي نظم،
مغربي صنف هئڻ ڪري، مشرقي نظم جي طبيعت سان نه ٿو
ٺهڪي، يا مشرقي ٻولين ۾ قافين جي گهڻائيءَ موجود
هئڻ ڪري غير قافيي نظم لکڻ جو احتجاج ڪونهي. بلئنڪ
ورس مشرقي زبانن ۾ - سنڌيءَ سوڌو – بلاشڪ آڻجي،
بشرطيڪ ان جا مڙييئي اصول ۽ شرط پوريءَ طرح مطالع
ڪري استعمال ڪجن، ۽ ملٽن جي هدايت موجب، ان کي خاص
طور خارجي ۽ طويل نظمن – جهڙوڪ مثنوي، قصيدي،
مرثيي، وغيره - ۾ ڪتب آڻجي، ۽ نه ننڍن ننڍن داخلي
۽ جذباتي شعرن ۾، جن لاءِ قافيو هڪ ضروري گهڻو
آهي.
ائين چوڻ به سراسر صحيح نه ٿيندو ته غير قافيي نظم
صرف مغربي پيدائش آهي ۽ مشرقي ادب ۾ عدم پيدا اهي.
عربي ۽ فارسي ادب ۾ شايد غير قافيي نظم جو رواج نه
هجي؛ پر سرڳواسي پرنسپال نانڪرام ٿڍاڻي، ”سري مد
ڀڳوت گيتا“ جا هن صاحب عير قافيي سنڍي سلوڪن ۾
سنسنڪرت تان ترجمو ڪئي هئي، تنهن جي منڍ ۾ لکي ٿو:
”جيئن اصلي سنسڪرت ۾ سلوڪ بيتن وانگر ٻن سٽن ۾
قافيي بنا رچيل آهن، تيئن هي سلوڪ پڻ، ڪجهه ڦير
ڦار سان، ٺاهيا اٿم، جو منهنجعي نظر ۾ اصلي سنسڪرت
جو سواد ٻيءَ ڪنهن به طرح پورو نه اچي سگهندو.“
يعني ته مشرقي سنسڪرت شعر ري قافيي به لکيو ويندو
هو، جنهن ڪري غير قافيي نظم مشرق لواءِ ڍاريو
ڪونهي. ٿڌاڻي صاحب وڌيڪ چوي ٿو ته سنسڪرت ۾ ”ڀڳوت
گيتا“ ٻن نمونن جي ڇندن ۾ لکيل آهي، جن لاءِ سنڌي
ٻوليءَ ۾ هن ٻه فارسي وزن ڪم آندا آهن. هڪڙو
”مفاعيلن“ جي چئن رڪنن
(feet)
واريون وڏيون مصرعون، مثلاً:
(1)
جڏهن ٿئي ڌرم جي هاڃي، آڌ زمين جو وري وارو،
تڏهن هن لوڪ ۾، ارجن، اچي ٿو مان وٺان ديهي.
(2)
ڇڏي جو ڪامنائون سڀ، هلي اڳتي نرالو ٿي،
اهنڪار ۽ ممت ماري، انهيءَ کي ٿو ملي آنند.
ٻيو وزن ”فعولن“ جي چئن رڪنن واريون ننڍيون
مصرعون، مثلاً:
رکيا جنهن منورٿ اندر سڀ سمائي،
نديون سمنڊ ۾ جئن وڃي سڀ پون ٿيون،
آچل ٿي رهي ٿو سکي سو سدائين،
نه هرگز اهو، جو هجي ڪامَ ڪامي.
پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته مٿيان قافئي بنا سنڌي نظم
جا مثال ڪيتريقدر اثرائتا آهن، ۽ جيڪڏهن وزن سان
گڏوگڏ قافين ۾ بيهارجن ها ته منجهن وڌيڪ حسن ۽
جمال پيدا ٿئي ها ڇا؟
آزاد نظم
(free verse):
هيءَ برابر هي مغربي صنف آهي، جا منهنجي خيال موجب
قديمي مشرقي نظم ۾ نمايان آهي. پر اڪثر ڪري ڏٺو
ويو آهي ته فري ورس کي بلئنڪ ورس سان منجهايو
ويندو آهي ۽ انهن جو مطلب ساڳيو سمجهيو ويندو آهي.
در حقيقت اهي صنفون هڪٻئي کان مختلف نه، ته
علحديون ضرور آهن. بلئنڪ ورس (بنا قافيي نظم) ۾
فقط وزن ٿيندو آهي، ۽ نه قافيو، پر فري ورس (آزاد
نظم) ۾ وزن ۽ قافيو ٻيئي موجود هوندا آهن، ليڪن
”فري“ يعني آزاد نموني ۾ ڪم آندل هوندا آهن.
روايتي نظم اڪثر بندن
(stanzas)
۾ ورهايل هوندو آهي، جن ۾ ڪنهن مقرر انداز واريون
مصرعون 4- 6-8-10) هونديون آهن. هڪڙي ئي نظم جي
سڀني بندن ۾ جيتوڻيڪ وزن ساڳيو ئي رکيل هوندو آهي،
تنهن هوندي به مصرعن جو بحر هروڀرو ساڳيو نه هوندو
آهي، يعني ڪي مصرعون گهڻن پدن
(syllables)
۽ رڪنن
(feet)
واريون ڊگهيون هونديون آهن، ته ڪي ٿورن واريون
ننڍيون. تنهن کانسواءِ روايتي نظم ۾ ننڍي وڏي بحر
وارين مصرعن جي ڪا مقرر ترتيب رکيل هوندي آهي:
مثلاً: جي پهرين ۽ ٽين مصرعون وڏيون ٿيون، ته ٻين
۽ چوٿين ننڍيون ٿينديون، ۽ اهڙيءَ طرح سڄي نظم ۾
اها پابندي هلي ايندي. ساڳيءَ طرح، روايتي نظم ۾
قافين جي به ڪا مقرر رٿا ٿيندي آهي: مثلاً جيڪڏهن
پهرينءَ ۽ ٽينءَ مصرع ۾ هڪڙو قافيو رکيو ويو ته
ٻينءَ ۽ چوٿينءَ ۾ ٻيو قافيو ملايو ويندو، ۽ اها
فني بندش سڄي نظم ۾ هلندي ايندي. پر آزاد نظم ۾
اهي بحر ۽ قافيي جون مقرر ترتيب واريون پابنديون
نه هونديون آهن: يعني ته ننڍو يا وڏو بحر ڪهڙين به
مصرعن ۾ هلائجي، ۽ قافيا به جن مصرعن ۾ لڳن تن ۾
لڳائجن. ڪي آزاد نظم نويس ته نه رڳو جيئن دل چاهي
تيئن بحر ۽ قافيا ڦيرائيندا ويندا آهن، پر مَنَ جي
موجن مطابق نظم جي بندَ بندَ ۾ وزن به بدلائيندا
ويندا آهن. تنهنڪر ي آزاد نظم کي بيحد شخصي ۽
جذباتي نظم شمار ڪرڻ کپي، جنهن ۾ شاعر پنهنجن
ڦِرندڙ احساسن جي غلبي هيٺ بحر، وزن ۽ قافيي جون
ٻَنڌيون ٽوڙيندو وڃيو پار پوي. شيخ ”اياز“ جي شعر
”نئون دور“ مان پهريون بند آزاد نظم جي مثال طور
هيٺ ڏجي ٿو، جنهن مان سڌ پوندي ته منجهس بحر، وزن
۽ قافيي جون ڪيتريون پابنديون ٽوڙيل آهن، ۽ تنهن
هوندي به منجهس رواني آهي، ترنم آهي:
زندگيءَ جي راهه تي مان جهومندو،
سيٽون وڄائيندو، وڃان پيو دور دور!
راهه ۾ جي واهه آيا، پوءِ ڇا؟
چاڙهه آيا، لاهه آيا، پوءِ ڇا؟
گهيڙ آيا، گاهه آيا، پوءِ ڇا؟
دم بدم منهنجو قدم آ تيز،
ڏس مان وک وڌائيندو وڃان پيو دور دور!
نثري نظم
(prose poetry):
نظم جي هيءَ مغربي ايجاد بلئنڪ ورس جو ضد سمجهڻ
کپي؛ يعني بلئنڪ ورس ۾ وزن آهي پر قافيو ڪونهي، ته
هن ۾ وري وزن ڪونهي، فقط قافيو آهي. تنهنڪري حقيقت
۾ ان کي نظم چوڻ ئي غلط آهي، ڇو جو منظم يا توريل
تڪيل ڪلام ٿيڻ کانسواءِ او صحيح معنيٰ ۾ نظم ٿي
ڪين سگهندو؛ پر شاعراڻي تخيل جي پرواز هئڻ ڪري ان
کي نظم جو درجو ڏنو وڃي ٿو. هن صنف کي ”ادب لطيف“
سان به منجهايو ويندو آهي، جو ته لکيو ئي نثر ۾
ويندو آهي. پر ان جي احساسن ۾ نزاڪت ۽ اڏرَ ٿيندي
آهي، جنهنڪري ان کي ”نظمي نثر“
(poetic prose)
ڪوٺي سگهجي ٿو، جنهن جا مشهور مثال ٽئگور جا
انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل گيت آهن، ۽ سنڍيءَ ۾ آمر
تراءِ جئسنگهاڻيءَ ۽ جهامنداس ڀاٽيا جا نظمي نثر
وارا ٽڪرا آهن. پر روايتي نثر ۽ نثري نظم ۾
آمرتراءِ جئسنگهاڻيءَ ۽ جهامنداس ڀاٽيا جا نظمي
نثر وارا ٽڪرا آهن. پر روايتي نثر ۽ نثري نظم ۾
مکيه فرق هيءُ آهي ته ان جون سٽون به، نظم جي
مصرعن وانگر، وڏيون ننڍيون ڪري لکيون وينديون آحن،
پر منجهن وزن واري تـُز تور تَڪ ڪيل ڪا نه هوندي
آهي، پر هڪ قسم جي اڻگهڙيل لـَي ۽ اڻپورا لاها
چاڙها هوندا آهن، جي پڻ ڪجهه قدر ڪَنَ – رس ُ پيدا
ڪندا آهن. ڪي سٽون ته پاڻمرادو ڪنهن نه ڪنهن وزن ۾
ٺهي وينديون آهن. باقي، قافين جي ته نثري نظم ۾
جام ڀرمار هوندي آهي، جن مان ئي گهڻي قدر نظم وارو
ترنم نڪرندو آهي. سنڍيءَ ۾ نثر نظم جو اوائلي مثال
ديوان ڏيارام گدو مل جي ”چهبڪ من لاءِ“ رسالي مان
”سنڌڙي، سنڌڙي“ وارو گيت آهي:
سنڌڙي، سنڌڙي، منهنجا ماتا سنڌڙي،
سنڌڙي، سنڌڙي، پيِرن سنتن جِندڙي،
سنڌڙي، سنڌڙي، اڏيري خضر مندري.
موڪليم ماتا درياهه شاهه بندري،
سنڌڙي، سنڌڙي، منوهر سندري،
عنايت، لطيف، ساميءَ چندري،
سنڌڙي، سنڌڙي ڀڄيئي نه ٻنڌري،
سنڌڙي، سنڌڙي، دکيئي نه لـؤندري.
هن صنف جو ٻيو مثال هن بندي جي ”پريت جا گيت“ مان
پهرئين گيت ”شاعرانو سنيهو“ جو پهريون بند ڏجي
ٿو، جو ٽئگور جي
Gardener
تان ترجمو ڪيل آهي:
اي شاعر، شام اچي اوڏي پيئي اٿيئي،
وارَ ويا اڇا ٿِي اڦيئي،
پنهنجيءَ ايڪانت جي سوچ ويچار ۾
ڪو آخرت جو سنيهو به سڻين پيو؟
شاعر چيو: شام اچي ٿي آهي،
۽ آءٌ ڪَن ُ ڏيو پيو ٻڌان
ته ڳوٺ مان متان
ڪو ڪوٺيم، توڙي اوير ٿي ويئي آهي:
آءٌ غور ڪريو پيو ڏسان
ته ڪي نوجوان، گمراهه دليون متان اچي ملن،
۽ ٻه جوڙيون، منتظر اکين واريون، عرض ڪن
ته ٻيلي، ڪو گيت ڳائي
اسان جي ماٺڙي مٽاءِ،
اسان پاران ڳالهاءِ:
جي آءٌ وڃي سنسار- ساگر جي پرئين ڪنٺي تي ويهان،
۽ اجل ۽ آخرت کي پيو سوچيان،
ته باقي بچيو ڪير، جو انهن لاءِ دلسوز سـُر
مِلائي؟
راچند، چيلهار
لوڪ ادب
سنڌ جي شهرن ۾، جتي ڪافي پڙهيل طبقو آهي، ماڻهن جي
وندر ورونهن ۽ تفريح طبع لاءِ ڪئين وسيلا موجود
آهن. مگر ٻهراڙين ۾ جتي ڪافي عوام اڻپڙهيل آهي،
اتي کين پنهنجيءَ وندر لآءِ، ٻين وسيلن کانسواءِ،
لوڪ ادب جا بيمثل ۽بيشمار خزانا موجود آهن. ماڻهو
ڏسو ته بلڪل سادا، لنڱن تي پورو لٽو نه لڀين، پر
جڏهين ٿا سَٿ ۾ ويهي ملوڪ پنهنجو منهن کولين تڏهن
لفظن جون لڙهيون اهڙيءَ طرح ٿا اوتين، ڄڻ سڳين ۾
موتي ٿا پوئن. درحقيقت لوڪ ادب ملڪ جي ٻوليءَ ۽
ادب جو بنياد آهي. ٻهراڙيءَ جي سگهڙن وٽ اڪيچار بي
بها خزانو موجود آهي، جنهن کي هو پشت بپشت سيني
۾سانڍيندا آيا آهن. ڪيترا ملوڪ پنهنجي حياتيءَ جو
دورو پورو ڪري هليا ويا ۽ اهو خزانو به ساڻ کنيو
ويا، ڇو ته وٺڻ وارو ڪو هو ئي ڪو نه. پر هاڻي وقت
جي تقاضا آهي ته اهو هنن کان وٺي، ضايع ٿيڻ کان
بچائي، پوين لاءِ توشو ڪيو وڃي. خزاني کي هٿ ڪرڻ
لاءِ پارکو، اورچ، هڏ پوکي، سياڻا ۽ سالڪ هجن، جي
شي کي سڃاڻي ان جو قدر به ڪن. انهيءَ ڏس ۾ سالڪن ۽
سگهڙن کان ڪي ٿورا ٽڪر ڀور هٿ آيا آهن، سي علم
دوست اصحابن اڳيان پيش ڪجن ٿا.
(1) تيني
رپٽا روڙ
ڪنٺ بنا گائيي، مَتَ بِنا چورَ
تِريڻا تِريوَڙ بنا، تيئي رپٽاروڙ.
ڳائڻ وارو، جنهن جو گلو صفا نه هجي؛ چور، جنهن کي
سمجهه يا اٽڪل نه هجي؛ ۽ تريئا (يعني زال)، جنهن
کي وينت نه هجي، اهي ٽيئي رپٽاروڙ يعني ڪم
بگاڙيندڙ آهن. (ريوڙ
=
گهرو ڪم ڪار ۽ خرچ پکي لاءِ حساب ڪتاب رکڻ جي اٽڪل
يا وينت، جيئن پورت ٿي اچي).
(2)
تِيني روڳ ري ماسـِي
اونگهه، آرس، اوٻاسي،
تيني روڳ ري ماسي.
اونگهه (ننڊ، گهڙيءَ گهڙيءَ يا گهڻي ننڊ اچڻ)، بدن
۾ آرس يعني سستي ٿيڻ، ۽ اوٻاسيون اچڻ، ٽيئي حالتون
بيماريءَ جو بنياد آهن.
(3)ٽنهي
۾ ٽوٽو
وڙهڻ ويريءَ سان اَڪَ کڻي سوٽو،
واڻئي جي هَٽَ تي هجي وَٽ کوٽو،
ساماڻيل زال کي وَر ڏيڻ ڇوٽو،
انهن ٽنهي ۾ ٽوٽو.
اَڪ جي ڪاٺي اَڀري ٿيندي آهي، جا جهٽ پٽ ڀڄي پوندي
آهي. اَڪ جو سونٽو کڻي دشمن سان وڙهبو ته اهو
جٽاءُ ڪو نه ڪندو، مار کائڻي پوندي؛ دڪان تي جي
کوٽو وٽ هوندو ته شي تور ۾ گهٽ ملندي ۽ پوري خبر
نه پوندي، جنهن ڪري خلق کي نقصان پهچندو، جوان زال
هجي ۽ ان جي شادي ننڍيءَ ڄمار جي نابالغ ڇوڪر سان
ڪبي ته اها خوش نه رهندي: سگهڙ چوي ٿو ته انهن
ٽنهي حالتن ۾ نقصان آهي.
(4)
تيني رکجين جوئا
ڀَلو نه ڀاڻيجو، ڀيڙي نه رکجي ڀوئا،
اِستري نون اَنتَ نه ڏيجي، تيني رَکجين جوئا.
ڀاڻيجو ۽ ڀوئا (يعني پـُڦي) گهر ۾ نه رکجن، ڇو ته
انهن مان ڪڏهين نه ڪڏهين نقصان رسندو. ڪا به ڳجهي
ڳالهه زال ذات سان نه ڪجي، ڇو ته ڏٺو ويو آهي ته
زالن ۾ اها عادت ٿيندي آهي ته جيستائين ٻڌل ڳالهه
ٻئي ڪنهن سان نه ڪنديون، تيستائين کين آرام نه
ايندو. ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن جي ظاهر ٿيڻ ڪري
نقصان ٿيندو آهي. تنهنڪري، سگهڙ چوي ٿو ته ڀاڻيجي
۽ ڦڦيءَ کي گهر کان، ۽ زال کي ڳجهين ڳالهين ٻڌائڻ
کان جوئا (يعني جدا) رکجي.
(5)
ٽيئي نه ٿين
برو ڀَلو هوئي نَهين، گولو ڀيلاڙو،
گڏهه گهوڙو ٿي نَهين، گنگا جهيلاڙو
ڪي گولا (غلام، نوڪر) يا ڪي ڀيل احسان فراموش
ٿيندا آهن. اهي ڪڏهين به چڱا نه ٿيندا. هندو ماڻهو
گنگا نديءَ جي پاڻيءَ کي پاڪ سمجهندا آهن، گڏهه کي
انهيءَ پاڪ پاڻيءَ سان وهنجاربو، ته به گهوڙو ڪو
نه ٿيندو. سگهڙ چوي ٿو ته اهي ٽيئي، جي خراب آهن،
سي چڱا نه ٿيندا.
(6)
چار ئي چـُور
سـُر مَنڊل جي ساز جو سانڊي ڪهڙو سـُور،
راڻي جي راڳ تي رِڍَ نه ريجهي مور،
ڪهڙو قدر ڪافر کي سندو نبيءَ نور،
ڄَٽ نه ڄاڻي ڳالهه کي، پرٺوڪي رکندو ٺور،
اهي چارئي چور، عقل کان، علي بخش چوي.
مرليءَ يا ٻئي ساز جي آواز جو سانڊي تي ڪهڙو اثر
ٿيندو. مرليءَ تي ته واسينگ ويجهندو آهي. رڍ
(بيعقل ماڻهو) کي مومل راڻي جي راڳ جو ڪهرو قدر.
نبي پاڪ جو نوراني اثر ڪافر تي ڪهڙو ٿيندو. جو ڄٽ
ماڻهو هوندو، سو ڳالهه سمجهندو ئي ڪو نه، اٽلو
مٿان ميار رکندو. سگهڙ علي بخش (ذات نهڙي، ويٺل
ڳوٺ گرڙا ٻهه، تعلقو ڏيپلو) چوي ٿو ته اهي چارئي
بيعقل آهن.
(7) پهرين
ڪجي جَتن
ڪاچَ ڪٽورو، گهيءَ گهڙو، موتي ۽ مَن،
ڀَڳا وري نه ٺهن، تن جو پهرين ڪجي جَتن.
شيشي جو ٿانءُ ڀڄي پيو ته وري نه ڳنڍيو. گيهه جو
دلو ڀڄي پيو ته گيهه هارجي ويندو. (ٿر جي مالدارن
۾ اڳي رواج هو ته گيهه ٺڪر جي دلن ۾ رکندا هئا. اڄ
تائين به ڪٿي ڪٿي اهو رواج آهي.) سچو موتي ڀڄي پيو
ته وري ڳنڍجي نه سگهندو. انسان جي دل ۾ به جي هڪ
دفعو ڪنهن لاءِ ڌڪار پيدا ٿي، ته اها حياتي تائين
هلي ايندي. تنهنڪري سگهڙ چوي ٿو ته انهن چئني شين
(جي نازڪ آهن) جي پهريائين سنڀال ڪجي، ۽انهن جي
بچاءُ جو خيال رکجي.
(8) نَرڪ جون چار نشانيون
روکا ڀوڄن، ڀونءِ پوڍڻ، ڪَرهَه ڪميڻي نار،
چوٿا ميلي ڪپڙي، نرَڪ نشانين چار.
گهر ۾ غربت جي ڪري ٻوڙ، کير، لسي يا ٻئي ڳنڍڻ
کانسواءِ، رکو سڪو، ٽاڻي تي مس ملندڙ ٽڪر ڀور هجي،
سمهڻ لاءِ کٽولو به نه هجي، ۽ڍرتيءَ تي سمهڻو پوي؛
گهر ۾ ڪَرهه يعني ڪلڪل ۽ جهڳڙو ڪندڙ زال هجي؛ ۽
پائڻ لاءِ ڦاٽل ۽ ميرا ڪپڙا هجن: سگهڙ چوي تو ته
اهي چارئي حالتون نرڳ يعني دوزخ جون نشانيون آهن.
(9)
چارئي نه رکجن
ڄيٺو گهَر گهي نه رکيئي، ڀادروو ڪپاس،
ڌيئان گهَر، بهوئان پيهرَ، اِتنِي رَکئي وِڻاسَ.
ڏٺو ويو آهي ته ڄيٺ مهيني ۾ گيهه جو اگهه ۽ بڊي ۾
ڪپهه جو اگهه چڱو هوندو آهي، تنهنڪري وڪڻي ڇڏجن،
ڌيءَ لائق ٿئي ته پرڻائي ڇڏجي؛ نـُنهن کي گهڻو وقت
پيِهرَ يعني سندس مائٽن ۾ نه ڇڏجي: سگهڙ چوي ٿو ته
انهن کي وڌيڪ وقت رکڻ ڪري ضرور وڻاس يعني نقصان
ٿيندو، تنهنڪري نه رکجن.
(10)
چارئي خراب
گهر نينگَر، ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦـُلي ڏوواءُ،
ڀائيان وڇوڙو ماهيلي، مينهان آگتيو واءُ.
|