پوءِ جيئن چنڊ مٿي چڙهندو ويو ۽ هر شي چانڊوڪيءَ ۾
روشن ٿيندي ويئي، تيئن ليليٰ به اُتي ئي انتظار
ڪندي رهي... پر نه ڳيرو آيو، ۽ نه اُن جو آواز
ٻُڌڻ ۾ آيو. آخر ليليٰ پنهنجي سيني سان چُهٽل ٻئي
پکيءَ کي ٿپڪِي ڏيئي ڪجهه چيو، ۽ ان کي ڏاڍيءَ
نرميءَ سان اُڏئي ڇڏيو، ته هو پنهنجي وڇڙيل ساٿيءَ
کي ڳولي وٺي اچي.
پکي اُڏامي سڌو وڻ ڏانهن ويو، ۽ ان جي هڪ شاخ تي
ويهي گهُو- گهُو ڪرڻ لڳو... پر ان جي ساٿيءَ وٽان
ڪوبه جواب ڪونه آيو. پوءِ ليليٰ ڏٺو ته پکي وڻ تان
اُڏاڻو، ۽ محلات جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳو. ليليٰ
پکيءَ کي ڪيترائي ڀيرا چڪر هڻدي ڏٺو، ۽ اُن جي
پَرن جو آواز ٻُڌو. نيٺ پکي هيٺ لٿو، ۽ اچي دريءَ
۾ ويٺو- ۽ جڏهن ليليٰ ان کي جهلي پنهنجن هٿن ۾
سوگهو ڪيو، تڏهن هن کي محسوس ٿيو ته پکيءَ جو جسم
تيزيءَ سان ڌڙڪي رهيو آهي. يقيناً پکي کي آذيت
پهتي هئي، جنهنڪري مٿس خوف ڇانيل هو.
”افسوس، اي بيزبان!“ ليليٰ پکيءَ کي نرميءَ سان
ڇُهندي چيو: ”محبوب جو وڇوڙو واقعي المناڪ آهي، پر
ان کي ڪڏهن به ڳولي نه لهڻ انهيءَ کان به گهڻو
المناڪ آهي!“
ليليٰ اڃا پکيءَ کي دلداري پئي ڏني، ته ايتري ۾
ٻيو پکي به اُڏامندو اندر آيو، ۽ اچي ليليٰ جي
ڪلهي تي ويٺو. خوشيءَ ۾ هن کان دانهن نڪري ويئي...
ان کي جهلي، ٻئي پکي کڻي سيني سان لاتائين. پکين
کي اهڙيءَ طرح پيار ڪندي، ليليٰ جي آنڱرين، آيل
پکيءَ جي ٽنگ ۾ ٻڌل ڪنهن کهريءَ شيءِ کي محسوس ڪيو
هن يڪدم اها مضبوط ٻڌل شيءِ کولي، ۽ ڌڙڪندڙ دل سان
انهيءَ چمڙي جي ٽڪري تي لکيل تحرير پڙهڻ لڳي...
اهو سندس عاشق جو پيغام هو! هي کي ڪجهه به سمجهه ۾
ڪونه آيو ته ڇا ڪري- ’ڇا، هن کي انهيءَ چشمي ڏانهن
هلڻ گهرجي، جتي چانڊوڪيءَ ۾ محبت جا ماريل ملاقات
ڪندا آهن؟ انهن ئي خيالن ۾، هُن پکين کي چُميون
ڏيئي ڇڏي ڏنو.
پوءِ ليليٰ جلدي جلدي برقعو پاتو، ۽ ڏاڪڻ تان
آهستي آهستي لهي، چور دروازي مان ٻاهر نڪري آئي.
عشق هن جي رهنمائي ڪئي، ۽ هوءَ جهنگ ۾ انهيءَ
رستيءَ تي وڃي پهتي، جيڪو اُن چشمي ڏانهن ويو ٿي،
جتي محبت جا ماريل ملاقات ڪندا هئا. هوءَ وڻن مان
ڇڻندڙ چانڊوڪيءَ جي ڄار مان ڏاڍيءَ تيزيءَ سان
اڳتي وڌندي رهي... آخرڪار هوءَ کُليل ميدان ۾
انهيءَ چشمي وٽ اچي پهتي، جتي پاڻيءَ جون سفيد
اُڀرندڙ ڌارون، جواهر جڙل چانديءَ جيان پئي
جهرڪيون.
ليليٰ سايي ۾ ٿي بيٺي. سندس من ۾ عجيب ڇڪتاڻ هئي،
۽ خيال ڪيائين ته ’جيڪڏهن منهنجي دل ڏڪي ٿي ته فقط
ان ڪري جو آءٌ ڊوڙندي آئي آهيان... اُهو ڪٿي آهي،
جنهن منهنجو پکي چورايو ۽ نياپي سان موٽائي
موڪليو؟‘ اُهو ڪير به هو، ليڪن سندس نگاهون ڏاڍيون
تيز هيون... ڇاڪاڻ ته هن ليليٰ کي سايي ۾ ئي ڏسي
ورتو، ۽ چشمي وٽان گذرندو، تڪڙو هن ڏانهن آيو.
ليليٰ تيزيءَ سان نڪري چانڊوڪيءَ ۾ ٿي بيٺي.
”تون ڪير آهين؟“
ٻنهي جون نگاهون مليون. چانڊوڪي سندن منهن تي پئجي
رهي هئي. هنن جي وات مان ڀُڻڪو به ڪونه نڪتو-
ڇاڪاڻ ته هنن هڪ ئي نگاهه ۾ هڪٻئي کي سُڃاڻي ورتو
هو.
”ليليٰ!... تون مون وٽ آئي آهين!... آءٌ توکي پيار
ڪريان ٿو!“
”آءٌ به...“
- فقط پوڙهي چنڊ، جنهن ڪيترائي ڀيرا اهڙا حادثا
ڏٺا هئا، هنن کي بي اختيار هم آغوش ٿيندي ڏٺو: ۽
سواءِ چشمي جي روح جي، جنهن پاڻيءَ جي پهريئن
ڦوهاري نڪرڻ کان وٺي ڪيترائي دفعا محبت جا مڌر ٻول
ٻُڌا هئا، ٻئي ڪنهن به انهن گفتن کي ڪين ٻڌو، جيڪي
هُنن هڪٻئي کي چيا.
هاڻي ليليٰ ۽ قيس انهيءَ چشميءَ وٽ ملندا هئا، ۽
جهنگ جي خاموش گهَرائيءَ ۾ هڪٻئي سان محبت جا
اقرار ڪندا هئا. هڪڙي دفعي، موڪلائڻ وقت، قيس
ليليٰ کي چيو: ”منهنجي مٺڙي، جيڪڏهن منهنجو گهر
صحرا ۾ هجي ها، ۽ پاڻ ٻئي آزاد هجون ها، ته اتي
جون ٻُوٽيون ۽ تنهنجي هٿن جي پچايل ماني کائون ها،
چشمن جو پاڻي پيون ها، ۽ ڪنهن وڻ جي هيٺان ويهي
آرام ڪريون ها- پوءِ آءٌ دنيا جي ڪا به ڪاڻ نه
ڪڍان ها، ۽ تنهنجي قبيلي جي دشمنيءَ کي ترڪ ڪري،
توکي پيار ڪريان ها ۽ توسان گڏ گذاريان ها!“
”پيارا قيس، آءٌ به ائين ڪريان ها!“
”ته پوءِ اچ ته سڀڪجهه ڦٽو ڪريون، ۽ هلي بَرپَٽ
وسايون...!“
”هنيئر“
”نه، هينئر نه. تون تياري ڪري وٺ... سڀاڻي، هن
وقت، آءٌ ٻن تيز رفتار گهوڙن سان هتي تنهنجو
اتنظار ڪندس؛ ۽ پوءِ ، جيئن هو پنهنجي سُنبن سان
زمين هٽائيندا اڳتي وڌندا هلندا، تيئن پاڻ به دنيا
کي پوئتي ڇڏي چڪا هونداسون- آءٌ ۽ تون!“
اُنهي رات ليليٰ خواب ڏٺو ته هوءَ پنهنجي عاشق سان
گڏ صحرا ۾ آهي: ٻئي وڻ جي ڇانَو ۾ ويٺا آهن، چشمي
جو پاڻيءَ پيا پيئن، ۽ ليليٰ جي هٿن جي پچايل
جهنگلي اناج جي ماني پيا کائين؛ ۽ ليليٰ، پنهنجي
محبوب جي موجودگيءَ ۾، محلات جي سُکن کان به وڌيڪ
خوش ۽ بيفڪر آهي... پر افسوس، اهو خواب ڪڏهن به
سچو ٿي نه سگهيو. محلات جي ڪنهن خابروءَ، جيڪو
چوطرف جو آواز ٻُڌي سگهيو ٿي ۽ جنهن جو نظرون
چوڌاري ڏسي سگهيون ٿي، انهيءَ خابروءَ، انهيءَ ابن
سلام جي ڇاڙتي- حسين و جميل سردار ابن سلام، جيڪو
ليليٰ سان شادي ڪرڻ لاءِ بيقرار هو- ليليٰ جي پيءُ
جي ڪن ۾ ڦوڪ ڏيئي ڇڏي. ٻئي ڏينهن، سارو محل ويران
هو... ڪُراڙو سردار، ليليٰ ۽ سڀني نوڪرن چاڪرن
سميت، پهاڙن ۾ پنهنجيءَ جاگير ڏانهن روانو ٿي ويو.
هن کي اُميد هئي ته اُتي جي خالص ۽ صحت بخش هوا
ليليٰ جي جي دل لاءِ فائديمند ٿيندي- جيتوڻيڪ اها
ڳالهه ڪيئن ٿيندي- سا ڪنهن جي به سمجهه ۾ نه اچي
سگهي.
قيس کي هنن جي اوچتي روانگيءَ جي ڪابه خبر ڪانه
هئي، ۽ هو مقرر وقت تي چشمي وٽ انتظار ڪندو رهيو.
آخر، هڪڙي ڏينهن، کيس اها خبر پهتي ته ليليٰ
پنهنجي خوشيءَ سان سڄي گهر سميت پهاڙن ڏانهن هلي
ويئي آهي، ۽ هنن سان گڏ ابن سلام به ويوآهي!
انهيءَ ڳالهه قيس جي ڏکويل دل کي ويتر تڪليف
پهچائي. ويچاري عاشق جي دل وسوسن ۽ گمانن جو گهر
هوندي آهي- قيس به انهيءَ گمان کي سچ سمجهي،
پنهنجي گهران هڪ عجيب بي اختياريءَ جي حالت ۾ نڪري
ويو. نا اُميديءَ جي انهيءَ دردناڪ حالت ۾ هن جو
ذهن سواءِ ليليٰ جي ٻيو ڪجهه به نه سوچي سگهيو. هن
انهن دور دراز پهاڙن ڏانهن کڻي رُخ رکيو، ۽
’ليليٰ! ليلي!‘ پڪاريندو، رڻ پٽ ۾ ڪاهي پيو،
بيابان جي هرڪا ڀِٽَ ۽ ٿُوهر جا سمورا وڻ جلد ئي
انهيءَ نالي کان واقف ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته سڄو ڏينهن
۽ سڄي رات اُتي انهيءَ نالي جو پَڙاڏو ٿيندو
رهيو... تان جو ورندي صبح جو قيس، ٿڪاوٽ ۽
ڪمزوريءَ کان بيهوش ٿي، واريءَ جي وسيع سمنڊ ۾ جذب
ٿي ويو.
* * *
جڏهن سج ڪجهه مٿڀرو ٿيو، تڏهن زيد، ۽ قيس جا ڪي
دوست، کيس ڳوليندا ڳوليندا اتي اچي پهتا هئا. قيس
جي حالت بنهه چرين جهڙي هئي. ٿڪاوٽ ۽ بک پياس کان
عاجز ٿي، هو پنهنجي ذهن کي اهڙيءَ طرح اٿلائي
پٿلائي رهيو هو، جهڙيءَ طرح هن بَرپٽ جي خاڪ ڇاڻي
هئي. زيد ۽ ٻِيا دوست قيس کي گهر وٺي آيا، ۽ هن کي
پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻڻ جي هرڪا ڪوشش ڪيائون. آخر
جڏهن ڪجهه هوش ۾ آيو، تڏهن به هو پنهنجي وڇڙيل
محبوب ليليٰ کي ئي پڪاريندو رهيو- ايتريقدر جو
دوستن احبابن هن کي لاعلاج سمجهي ’مجنون‘، يعني
پاڳل، جي نالي سان سڏڻ شروع ڪيو.
سندس پيءُ به هن سان ڪافي حُجت ڪئي ته هو انهيءَ
سردار جي ڌيءَ جي شديد محبت کي ڦٽو ڪير ڇڏي، جيڪو
هن جو دشمن هو؛ پر هن جي بي اختيار عشق کي ڏسي، دل
۾ ڄاتائين ته ’هن جو علاج فقط ليليٰ ئي آهي.‘ هن،
بصري جي سردار سان سواءِ جنگ يا صلح ڪرڻ جو ٻيو
ڪوبه چارو نه ڏسي، انهيءَ معاملي ۾ آزمائش لهڻ جو
پڪو عهد ڪيو. تنهنڪري، مجنون کي وفادار زيد جي
نظرداريءَ ۾ ڇڏي، چونڊ ماڻهن کي ساڻ ڪري، هو
پنهنجي دشمن سردار سان ملڻ لاءِ پهاڙن ڏانهن روانو
ٿي ويو. آخر گهڻن ڏينهن جي مسافريءَ کان پوءِ هو
ليليٰ جي پيءُ جي جاگير ۾ اچي پهتو. هو ڏاڍيءَ
شوخيءَ ۽ غرور سان سردار جي اڳيان ويو، ۽ کانئس
پنهنجي پٽ لاءِ سندس ڌيءَ جي سَڱ جي گهُر ڪيائين.
هن سردار کي اهو به ٻڌايو ته هو فقط هڪڙو جواب
ٻُڌندو- ’ها‘ يا ’نه‘ پر هن جي ان سوال کي به
ساڳيءَ شوخيءَ ۽ غرور سان ٺڪرايو ويو: ”خبر تمام
جلد پکڙجي ويندي آهي،“ بصري جي سردار جواب ڏنو،
”تنهنجو پُٽ پاڳل آهي؛ پهريائين هن جي چريائيءَ جو
علاج ڪر، ۽ پوءِ منهنجي رضامندي پُڇ!“
سعد، يمن جو سردار ڏاڍو هٺيلو ۽ سخت مزاج هو. هو
انهيءَ جواب کي برداشت نه ڪري سگهيو. هن دوستيءَ
جي اقرار جي هڪ تجويز پيش ڪئي هئي، جنهن کي
ٺڪرائي، هڪ خوفناڪ جنگ وجدل جي پيش خيمي ۾ تبديل
ڪيو ويو هو؛ تنهن ڪري جڏهن هو بصري جي سردار وٽان
واپس وريو، تڏهن هن جي پيشانيءَ ۾ گهُنڊ هو، ۽
سندس اکيون انتقام جي باهه ۾ پئي ٻَريون. هن بصري
جي سردار کان بدلي وٺڻ جو پڪو انجام ڪيو، ۽ مٿس
حملي ڪرڻ جي سانباهي لاءِ وطن واپس موٽي آيو.
پر يمن جي سردار پنهنجي ارادي ۾ دير ڪئي: واپس اچڻ
تي کيس معلوم ٿيو ته مجنون وفادار زيد سان گڏ ڪعبت
الله جي زيارت ڪرڻ ۽ اتي جي پاڪ کوهه جو پاڻي پيئڻ
لاءِ مڪي ويو آهي.
”يقيناً“ هن چيو، ”اهو پاڪ ۽ متبرڪ پاڻي، جيڪو
حاجره ۽ ان جي پُٽ جي پياس اُجهائڻ لاءِ خشڪ ۽
ساڙيندڙ صحرا ۾ ڦُٽي نڪتو هو، منهنجي پٽي کي به
دماغي شفا بخشيندو. آءٌ به هن جي پٺيان ويندس، ۽
هن سان گڏجي ڪعبة الله ۾ دعا گهرندس؛ آءٌ به اهو
مقدس پاڻي پيئندس، ۽ پوءِ اهڙِ حسن اتفاق سان
منهنجو پُٽ واپس مون کي ملندو!“
پر، اتفاق وري اهڙو بڻيو، جو جڏهن سردار پنهنجي
شاندار ساٿ سان گڏ مڪي کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي
پهتو، تڏهن هن کي صحرا جو ٻيو وڏو سردار ’نوفل‘
ملي ويو، جنهن بهادرن جي مختصر جماعت سان تڪڙو وڌي
اچي هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو.
”آءٌ توکي سڃاڻان ٿو-“ نوفل پنهنجي خوبصورت گهوڙي
جون واڳون اهڙيءَ طرح اوچتيون ڇڪيندي چيو، جو واري
۽ ڌوڙ چوڌاري پکڙجي ويئي. ”تون يمن جو سردار ۽
مجنون جو پيءُ آهين. آءٌ تنهنجو خير مقدم ڪريان
ٿو. مجنون مون کي صحرا۾ گڏيو هو. هو سخت مصيبت ۾
مبتلا ۽ مرڻينگ حالت ۾ هو. مون هن جي امداد ڪئي، ۽
هن جو سمورو احوال ٻڌو. اي يمن جا سردار، جيڪڏهن
تنهنجي مرضي هجي، ته آءٌ بصري جي سردار جي خلاف
اوهان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان!“
”اي نوفل، توتي پڻ سلام هجن. مون کي تنهنجي نالي
جي خبر آهي؛ تون خانه بدوش صحرائي آهين، پر مون
تنهنجي بهادريءَ ۽ سخاوت جا ڪيترائي قصا ٻڌا آهن.
ڇا منهنجو پُٽ تنهنجي حفاظت ۾ آهي؟ پر اهو ڪيئن
ٿيو جو هو حج ڪرڻ کان رهجي ويو... آءٌ پاڻ ساڻس
ملڻ لاءِ ڪعبة الله ڏانهن پئي ويس!“
”افسوس، هو رستي جي ڀرسان پيو هو، جنهن کي منهنجي
بهادرن ڏسي ورتو؛ ۽ جڏهن اُهي ويجهو پهتا، تڏهن
هنن ’ليليٰ- ليليٰ‘ جون دانهون ٻڌيون. هو کيس مون
وٽ وٺي آيا، ۽ مون هن جي اکين ڏٺي داستان ۽ ليليٰ
جي ورجائيندڙ لفظ مان سَهي ڪيو ته اهو تنهنجو پٽ
مجنون آهي. اي يمن جا سردار، حُسن ۽ محبت جو
داستان صحرا جي خاموش وسعتن ۾ جلد ئي پکڙجي ويندو
آهي.“
”نوفل، هاڻي تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“
”منهنجي مرضي آهي ته پاڻ ٻئي تنهنجي پٽ لاءِ بصري
جي سردار وٽ هلون، ۽ هن کان سندس ڌيءَ جو سڱ
گهرون: جيڪڏهن هن انڪار ڪيو ۽ جنگ جي صورت ۾ فتح
اسان جي ٿي، ته پوءِ آءٌ سموري صحرا ۽ ان جي آسپاس
تنهنجي غلبي ۽ اثر کي وڌائيندس ۽ ان جي حفاظت
ڪندس؛ پر جيڪڏهن هو راضي ٿيو، ته پوءِ پاڻ سڀ صلح
۾ رهنداسين، ۽ تنهنجي مقرر ڪيل مناسب شرطن تي
پنهنجين پنهنجين حڪومتن جون حدون ملائي
ڇڏينداسين.“
”نوفل، تنهنجي صلاح ڏاڍي سهڻي آهي، ۽ آءٌ توتي
ڀروسو ڪريان ٿو. تون بصري جي سردار وٽ هلي وڃ، ۽
منهنجي طرفان هن کان ليليٰ جي گهُر ڪر. آءٌ تنهنجي
پٺيان ايندس. جيڪڏهن تون ليليٰ کي وٺي مون تائين
پهچي وئين، ته پوءِ ٺيڪ آهي؛ پر جي نه، ته پوءِ
پاڻ گڏجي هن تي حملو ڪنداسين. آءٌ تنهنجن سڀني
شرطن کي قبول ڪندس، باقي ٻين شرطن لاءِ، تو وٽ به
مون جهڙائي تيز رفتار قاصد موجود آهن، جيڪي ڪڏهن
به مون وٽ موڪلي سگهين ٿو.“
انهن لفظن تي نوفل گهوڙو ڦيرايو، ۽ پنهنجن ڪن
بهادرن کي حڪم ڏنائين... هڪدم ڇهه تيز رفتار قاصد،
صحرا جي سورهيه سردارن کي پهاڙن جي دامن ۾ گڏ ڪرڻ
لاءِ، ڇهن طرفن ڏانهن روانا ٿي ويا. انهيءَ وچ ۾
يمن جي سردار به پنهنجي ملڪ ڏانهن قاصد ڊوڙايا.
نوفل پنهنجيءَ بهادريءَ سميت مقرر ڪيل جاءِ ڏانهن
روانو ٿي ويو، پر يمن جو سردار قاصدن جي واپسيءَ
تائين اتي ئي ترسي پيو.
هوڏانهن جبلن تي، پنهنجي پيءُ جي رياست ۾، ليليٰ
جي حياتي ڏاڍي ملول ۽ اُداس گذري رهي هئي. پڻس جو
منظور نظر نوجوان سردار، ابن سلام، ليليٰ سان شادي
ڪرڻ لاءِ برابر حجت هلائيندو رهيو؛ پر ليليٰ جو
انڪار ۽ سندس اکين ۾ لُڙڪ ڏسي، پڻس جي دل ڀڄي
پوندي هئي، ۽ هو مجبور ٿي خوبصورت ۽ امير سردار کي
چوندو هو ته ”هوءَ اڃا انهيءَ وهيءَ ڪين پهتي آهي؛
ڪجهه دير صبرڪر، اُن بعد سڀڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.“
بصري جو سردار هن نوجوان امير کي، جنهن وٽ بيشمار
دولت ۽ هزارين جوڌا هئا، غور جي نظرن سان تيڪندو ۽
توريندو هو. باقي ليليٰ ويچاريءَ پاڻ کي ڏينهن جي
سوجهري کان به سِڪائي رکيو هو؛ پر جڏهن رات ٿيندي
هئي، تڏهن پنهنجو حال تارن سان اوري دل ۾ چوندي
هئي ته آءٌ مرڻ وڌيڪ پسند ڪنديس، ان جي بدران، جو
آءٌ مجنون کان سواءِ ٻئي ڪنهن مرد سان شادي
ڪريان... افسوس، ويچارو مجنون به مون وانگر حيران
۽ پريشان هوندو!‘
ليليٰ کي سندس پکين جو محلات جي اڳيان وڻ تي ويهڻ
چڱيءَ طرح ياد هو. هوءَ انهن پکين کي اُتي ئي
نوڪرن جي سنڀال ۾ ڇڏي آئي هئي. انهن پکين کان هر
وقت هن جي دل کي دلاسو ۽ تسليٰ پئي ملي هئي- خاص
ڪري انهن مان هڪ پکي سندس محبوب جو قاصد به هو- پر
هاڻي وٽس ڪوبه دلاسي ڏيڻ وارو ڪونه رهيو هو. هتي
هڪڙو چيتو به هو، سو به حبشي غلام جي چئي ۾ هو...
پر اُهو ليليٰ کي سندس محبوب بابت اهو ڪجهه ٻڌائي
نه سگهيو، جيڪو انهن پکين ٻڌايو هئس! ليڪن هڪڙي
ڏينهن سندس ٻانهي هڪڙو پکي وٽس کڻي آئي، ۽ چيائينس
ته ”منهنجي پريميءَ هيءُ پکي جهنگ مان جهليو آهي،
۽ مون کي چيو اٿس ته پاڻ تي تنهنجي ڪيل مهربانين
جي عيوض آءٌ هيءُ پکي نذراني طور توکي پيش ڪريان.“
ليليٰ انهيءَ پکيءَ کي پاڻ سان گڏ نويڪلائيءَ ۾
رهايو، ۽ جلد ئي محسوس ڪيائين ته انهيءَ پکيءَ جو
آواز به سندس ئي آواز جهڙو هو؛ تنهن ڪري ليليٰ
پکيءَ کي فقط هڪڙو لفظ سيکاريو: پوءِ هوءَ پکيءَ
کي پنهنجي هٿ تي کڻي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺي هوندي
هئي، ۽ اُن جي مٺڙي ۽ نرم آواز ۾ اُچاريل لفظ
’مجنون‘ کي پيئي ٻُڌندي هئي. پکي وري وري هن جي
ڪَن ۾ دنيا جي انهيءَ مٺڙي نالي ’مجنون‘ جي تنوار
پيو ڪندو هو، ۽ ليليٰ جي دل، سندس سيني مان نڪري،
صحرا جي ويرانين ۾ مجنون کي ڳولڻ لاءِ پيئي ڀٽڪندي
هئي.
ليليٰ جي دل اڃا انهن مصيبتن ۾ پئي ٻڏي ۽ تري، ته
هڪڙي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ جو، نوفل بهادرن جي هڪ وڏي
ٽولي سان آيو، ۽ پنهنجي تلوار در تي زور سان هڻي،
بصري جي سردار سان ملاقات ڪرڻ جو اعلان ڪيائين. سج
جي روشنيءَ جا وڌندڙ ڪِرڻا جبلن جي پس منظر ۾
آهستي آهستي پکڙجي رهيا هئا، ته نوفل ۽ بصري جي
سردار جي وچ ۾ تمام مختصر ۽ تيز لفظن جي ڏي- وٺ
ٿي؛ ۽ جڏهن سج ڪجهه مٿڀرو ٿيو ۽ اُس دروازن تائين
پهتي، تڏهن هنن جي گفتگو به ختم ٿي. پوءِ نوفل،
پنهنجي ساٿين سميت، ايندڙ يمني مهمان جي استقبال
لاءِ صحرا ڏانهن تيزيءَ سان موٽي ويو.
بصري جي سردار پنهنجي سج جي وچ ۾ اڀرندي مٽيءَ جي
طوفان کي ڏٺو، جنهن ۾ هن کي اوچتيءَ جنگ جا آثار
چٽيءَ طرح نظر پئي آيا.
بصري جي جابلو رياست جون حدون ابن سلام جي رياست
جي سرحدن سان مليل هيون جڏهن هن کي خبر پهتي ته
بصري جي سردار سندس خاطر نوفل کي بيعزت ڪري واپس
ڪيو آهي، ۽ جنگ جي طوفان آٿڻ جو انديشو آهي، تڏهن
هن هڪدم مدد لاءِ هڪ هزار جوڌن جي آڇ پيش ڪئي.
جيڪا فوراً قبول ڪئي ويئي. جنگ جي لاءِ ميدان تيار
ٿي ويو هو. ٻپهر ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ابن سلام جي
بهادر فوج پهچي چڪي هئي. ليليٰ دريءَ مان انهن جي
ترتيب ۽ صف بنديءَ کي غور سان ڏٺو؛ ۽ ان بعد، صحرا
ڏانهن نهاريندي، کيس هڪ ٻئي ايندڙ لشڪر جي پيرن
هيٺان مٽيءَ جا ڪڪر اُڀرندا نظر آيا.
’افسوس!‘ هن چيو، ’هن سڄي فتني فساد جو سبب منهنجي
سيني ۾ هيءَ ڌڙڪندڙ دل آهي: آءٌ پنهنجي پيءُ کي
چاهيان ٿي، آءٌ مجنون کي به پيار ڪريان ٿي... هاڻي
ڏسجي ته قسمت جو انتخاب ڪهڙو ٿئي ٿو!‘
قسمت جا به عجب رنگ هوندا آهن. رات ٿيڻ تائين هن
جنگ جو هُل هنگامو پئي ٻڌو. جڏهن سندس دل خوف ۽
اُميد ۾ ٻُڏي تري رهي هئي، کيس صاف ڏسڻ ۾ آيو ته
ابن سلام جو لشڪر ميدان ۾ بيهڻ لائق نه رهيو هو.
سندس پيءُ جي دشمنن جا حملا انهيءَ لشڪر کي پٺتي
هڪليندا پئي آيا. ابن سلام جو لشڪر پکڙجي دوباره
گڏ ٿيو ٿي، پر وري پکڙجي ويو ٿي. ميدان ۾ جيڪي
سپاهي رهيا هئا، اهي به قلعي ڏانهن پسپا ٿيڻ لڳا.
قلعي جا دروازا ڪيرايا ويا، ۽ سڀڪجهه هارايو ويو
فتح ڪيو ويو. منادي ڏيندڙ اڳتي وڌيو، ۽ پيش پوڻ جا
شرط وڏي واڪي ٻڌائڻ لڳو. ليليٰ دريءَ مان ٻاهرتي
جهڪي ۽ ٻڌڻ لڳي. هوءَ هڪڙو لفظ به نه ٻڌي سگهي...
تان جو سندس پيءٌ، جيڪو شڪست ملندي به دلير ۽ سرڪش
پئي نظر آيو، گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو: ”۽ جيڪڏهن آءٌ
پنهنجي ڌيءَ جي ٻانهن نه ڏيان، ته پوءِ به کيس تون
وٺي ويندين! ها، پر تون هن کي زنده نه وٺي
ويندين!... مون کي هارَ مڃڻي پوندي، ۽ هن کي قتل
ڪيو ويندو. آءٌ سڀڪجهه هارائي ويٺو آهيان، پر اڃا
منهنجا غلام مون سان وفادار آهن... جيڪڏهن آءٌ
زبان ڏيئي ويهان، ته پوءِ ان جو جواب ليليٰ جي لاش
کان پڇجو!“
انهيءَ تي يمن جي سردار هن کي خبردار ڪيو ته هو
پنهنجا هٿ اهڙي خطرناڪ ڪم ۽ استعمال ڪرڻ کان روڪي-
”اي بصري جا سردار“ هن چيو، ”آءٌ توکي هن معاملي
تي غور ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڏينهن جي مهلت ڏيان ٿو.
هينئر فقط ٻه رستا آهن: هڪڙو رستو هي آهي ته
پنهنجي ڌيءَ منهنجي پُٽ سان پرڻائڻ جو اقرار ڪر-
اهڙيءَ طرح ٻنهي ۾ دوستيءَ جو رشتو مضبوط ٿيندو؛
ٻيو هيءُ آهي ته تون پنهنجي ڌيءَ پاڻ وٽ رک، ۽
پنهنجي ملڪ تان هٿ کڻ ۽ اُهو منهنجي تابعداري ۾
ڏي.“
ائين چئي، بصري جي سردار کي ٻئي ڏينهن فجر تائين
فيصلي ڪرڻ لاءِ ڇڏي، يمن جو سردار پنهنجي ساٿيءَ
نوفل سميت روانو ٿي ويو.
انهيءَ وچ ۾ ابن سلام ٻاهر اُماڻيل قاصدن مان هڪ
کي واپس گهرايو... ۽ چيو ويو ته هو يمن کان پيو
اچي، جتان هن خبر آندي آهي ته مجنون رات جو پنهنجي
نوڪرن کان ڀڄي ويو، ۽ بعد ۾ هن کي صحرا ۾ مُئل لڌو
ويو. جيتوڻيڪ اِها سچي ڪين هئي، پر ابن سلام کي
يقين هو ته ائين ضرور ٿيندو، ڇاڪاڻ ته هن مجنون کي
مارائڻ لاءِ اڳي ئي ماڻهو موڪلي ڇڏيا هئا. هن جي
اها مرضي هئي ته اوچتو ڪا غلط خبر پهچي؛ ڇاڪاڻ ته
انهيءَ ڪري ۽ وڌيڪ فوج پهچڻ ڪري، هن کي اُميد هئي
ته هو ليليٰ کي حاصل ڪندو، ۽ انهيءَ معاملي ۾ سندس
پيءُ جا هٿ وڌيڪ مضبوط ڪري سگهندو.
فاتح اڃا واپس ٿي رهيا هئا، ته اوچتو قاصد گهوڙو
ڊوڙائيندو آيو، ۽ بلند آواز ۾ هُنن کي خبر ٻڌائڻ
لڳو. يمن جو سردار اها خبر ٻڌي، پنهنجي پُٽ لاءِ
روئڻ لڳو. نوفل خبر ٻُڌي چيو ته ”هاڻي اسان جي
ليليٰ سان ڪوبه واسطو ڪونهي، صبح جو اسين پنهنجا
شرط مڃائينداسون!“
ابن سلام ۽ ليليٰ جي پيءُ انهيءَ خبر کي ڪابه
اهيمت ڪين ڏني. ابن سلام چيو ته ”هاڻي تنهنجي ڌيءَ
جي راضپي ۾ ڪابه رڪاوٽ نه رهِي، ڇاڪاڻ ته هوءَ
عورت ذات آهي، ۽ هن کي ضرور معلوم هوندو ته مُردي
کان جيئرو وڌيڪ خواهشمند هوندو آهي. اي سردار، مون
اڳ ۾ ئي توکي مدد ڪئي آهي، پر اسين ڪامياب نه ٿي
سگهيا سون. تنهنجي ڌيءَ کي فقط هڪ لفظ چوڻو
پوندو... ۽ پوءِ تون ڏسندين ته منهنجي اشاري ڏيڻ
شرط بهادر جوانن جو اڄ کان ٽيڻو لشڪر اچي موجود
ٿيندو. ان لشڪر جو اڌ حصو اسان کي بچاءٌ ڪرڻ ۽
مدد ڪندو، ۽ باقي اڌ حصو يمن جي فوج تي پٺيان حملو
ڪندو- پوءِ اسان جو دشمن هوا ۾ ڪک پن وانگر ٽڙي
پکڙجي ويندو. تون پنهنجي ڌيءَ وٽ وڃ، ۽ کيس ٻُڌائي
ته سندس هڪڙو لفظ ڪهڙيءَ طرح توکي تباهيءَ کان
بچائي سگهندو، ۽ تنهنجو نالو مٿي ڪندو.“
بصري جو سردار پنهنجي ڌيءَ وٽ ويو؛ ۽ جڏهن ابن
سلام زناني روڄَ جو آواز ٻُڌو، تڏهن پڪ ٿيس ته
مجنون جي موت جي غلط خبر کي سچ سمجهيو ويو آهي!
سردار گهڻي وقت تائين ليليٰ کي سمجهائيندو رهيو ته
مجنون جي لاءِ روئڻ رڙڻ بيڪار آهي؛ هاڻي ابن سلام
سان شادي ڪرڻ تي هوءَ کيس بچائي سگهندي، ۽ انهيءَ
ڪري سلطنت به وسيع ٿيندي. سردارَ ليليٰ کي ههڙي
مصيبت جي موقعي ۾ پنهنجي طرفان عائد ٿيل فرض ياد
ڏياريا، ۽ ته سندس هاڪار ئي کيس انهيءَ مصيبت مان
ڇوٽڪارو ڏياري سگهي ٿي. ليليٰ ڳوڙهن ڀريل نگاهن
سان ڏٺو، ۽ کيس پيءُ جي خاطر انهيءَ قربانيءَ ڏيڻ
کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو نظر ڪونه آيو... هُن فرض
کان، ۽ نه پيار کان مجبور ٿي، ڏاڍي ارمان سان، پاڻ
کي ابن سلام جي سپرد ڪرڻ جو اقرار ڪيو.
جڏهن ابن سلام کي اها خبر بهتي، تڏهن هن پنهنجي
چونڊ بهادرن کي گهرايو، ۽ پٺتي رهيل فوج بابت پڇا
ڳاڇا ڪئي. ’چار هزار‘ جواب ٻڌي، هن چيو؛ ”دشمن جو
لشڪر ٽي هزار آهي، ۽ پاڻ وٽ هنن کان فقط هڪ هزار
فوج وڌيڪ آهي.“ ابن سلام پنهنجي فوجي عملدارن
ڏانهن چونڊ قاصدن جي ذريعي مخفي پيغام موڪليا. رات
ٿيڻ کان اڳ ئي ٻن هزار جوانن جي فوجي اچڻي هئي،
جنهن کي جبل جي هيٺان رهڻ ۽ صبح سويل حملي ڪرڻ جو
حڪم ڏنل هو؛ باقي اڌ فوج کي، سخت جنگ هلندي، صحرا
مان، گهيري جي صورت ۾، دشمن تي اوچتو حملو ڪرڻ هو.
ابن سلام کي يقين هو ته انهيءَ اوچتي حملي ۾
ڪاميابي اسان جي ٿيندي. هو ڪو غلطيءَ تي ڪونه هو:
جڏهن سج جا ڪرڻا ريگستان تي ڪِرڻ لڳا، ۽ جبل جون
چوٽيون سج جي روشنيءَ ۾ چمڪڻ لڳيون، تڏهن جبل جي
اونداهين اوٽن ۾ ٻه هزار مضبوط سپاهي دشمن تي حملي
ڪرڻ لاءِ تيار لِڪا بيٺا هئا.
سج اڃا ڪجهه مٿڀرو ٿيو، ته منادي ڏيندڙ به قلعي جي
در وٽ اچي پهتو، ۽ يمن جي سردار طرفان پيش پوڻ جا
شرط پڙهي ٻڌائڻ لڳو. بصري جي سردار هن تان ٺٺولي
ڪئي، ۽ چيائينس: ”وڃ، يمن جي سردار ۽ سندس صحرائي
ڌاڙيل دوستن کي وڃي چئو ته جيڪڏهن هو منهنجي
علائقي کي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، ته پوءِ هُنن کي
فوجي طاقت استعمال ڪرڻ گهرجي: هُنن کي ٻڌاءِ ته
بصري جو سردار ڪڏهن به پيش نه پوندو آهي؛ هو آزاد
رهڻ يا وڙهندي مري وڃڻ کي وڌيڪ پسند ڪري ٿو!“
هي ڌمڪيءَ ڀريل ڇوٽ جواب ٻڌي، منادي ڏيندڙ واپس
موٽي آيو. يمن جي سردار جواب ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو،
۽ سوال ڪرڻ لڳو؛ پر نوفل، جيڪو صحرائي هو ۽ جنهن
جي طبيعت تيز عمل ڪرڻ واري هئي، تڪڙي حملي جي صلاح
ڏني.
جنگ شروع ٿي. پهرين ئي حملي تي پهاڙن ۾ لٿل ابنِ
سلام جا ٻه هزار سپاهي نڪري نروار ٿيا، جن کي ڏسي
حملي آور عجب ۾ پئجي ويا. پر هنن پاڻ کي سنڀالي
ورتو، ۽ مخالفن تي- جيڪي هينئر هنن جيترا هئا-
سختيءَ سان حملو ڪرڻ لڳا. ليليٰ اهو سڀ ڪجهه دريءَ
مان پئي ڏٺو. هُن چٽيءَ طرح ڏٺو ته جنگ جو زور
ڪنهن وقت هِن طرف ٿي ٿيو، ته ڪنهن وقت هُن طرف...
۽ هاڻي ظاهر هو ته دشمن جون فوجون تيزيءَ سان
ڪاميابيءَ جي قريب پهچي رهيون هيون. پر... هو
پريان صحرا ۾ ڇا پئي نظر آيو؟ اهو ڇا هو، جيڪو
صحرا مان اڳتي وڌندو پئي آيو؟ واريءَ جو هڪ زبردست
طوفان تيزيءَ سان ويجهو پوندو ويو- هو اڳتي وڌندو
رهيو.... بهادرن جي زبردست فوج، پنهنجي گهوڙن جي
سنبن سان زمين ڏڪائي ڇڏي هئي. هو جيئن پوءِ تيئن
ويجهو ٿيندا ويا... هو هڪ واچوڙي وانگر آيا، ۽
اکڇنڀ ۾ دشمن جي فوجن کي اَٽي وانگر پيهي
ڇڏيائون. يمن جو سردار قتل ڪيو ويو؛ نوفل جان
بچائي اُٿي ڀڳو، پر دشمن جي تيز رفتار گهوڙن کي
ويجهو ايندي ڏسي، هن جي منهن تي نفرت ڀريل مُرڪ
پکڙجي ويئي- هن پاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. بصري جي
سردار جي فتح ٿي.انهيءَ رات، هن پنهنجي ڌيءَ ليليٰ
ابن سلام جي حوالي ڪئي. هن کي جنگ ۾ ڏاڍا زخم پهتا
هئا، ۽ هو به ساڳيءَ رات گذاري ويو. هاڻي ابن سلام
ٽن وسيع رياستن جو اڪيلو مالڪ هو. هنيئر هو
بادشاهه هو، ۽ ليليٰ سندس پَٽَ راڻي.
انهيءَ ڳالهه کي ورهيه گذري ويا. ابن سلام ۽ ليليٰ
سک ۽ سانت سان حڪومت هلائيندا رهيا. ٻئي بصري جي
سردار واري محل ۾ رهندا هئا، جتي بهشتي پکي ۽ ٻه
سفيد ڳيرا ليليٰ کي سندس لافاني عشق جي ياد
ڏيکايندا رهندا هئا. وفادار زيد، جنهن پنهنجي مالڪ
جي ڳولا ۾ صحرا جي خاڪ ڇاڻي هئي، سو به هينئر
ليليٰ جو خادم هو.
هڪڙي ڏينهن زيد کي کڙڪ پيئي ته مجنون، جنهن کي
مُئل سمجهيو ويو هو، سو ڪنهن ڏورانهين ڏيهه کان
سوداگر جي ويس ۾ آيو آهي، ۽ شام جوصحرا ۾ هڪ مقرر
هنڌ تي سندس منتظر رهندو. زيد اها ڳالهه پنهنجيءَ
مالڪياڻيءَ سان ڪين ڪئي، ۽ هن جي اجازت کان سواءِ
هڪڙو ڳيرو کڻي، انهيءَ جاءِ ڏانهن روانو ٿيو؛
انهيءَ خيال کان ته اڳي هڪ دفعو جيڪي ٿي چڪو آهي،
انهيءَ جي وري ٿيڻ جو امڪان هو. شام جو جڏهن سج
لهي رهيو هو، تڏهن صحرا ۾ زيد مجنون جي گڏجاڻي ٿي.
انهيءَ شام جو جڏهن ليليٰ شاهي ڪمري ۾ آئي، تڏهن
هڪڙي پکيءَ کي نه ڏسي هوءَ عجب ۾ پئجي ويئي. هن
ٻئي پکيءَ کي سامهون وڻ ڏانهن اُڏاريو، پر اهو به
اڪيلو موٽي ايو. انهيءَ تي ليليٰ کي ويتر حيراني
وٺي ويئي، ۽ دريءَ وٽ ويهي گذريل واقعن تي سوچڻ
لڳي- ڪيئن ٽي سال اڳ هڪ پکيءَ مجنون وٽان سندس
محبت جو پيغام آندو هو، ۽ ڪيئن عاشقن جي چشمي وٽ
هنن جي ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿي هئي. افسوس، سڀڪجهه
بدلجي ويو هو- مجنو گذاري ويو، ۽ هوءَ ڪنهن ٻئي جي
زال هئي! ليليٰ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون، ۽
هوءَ پنهنجو مُنهن ٻانهن تي رکي، آهستي آهستي
سُڏڪا ڀرڻ لڳي.
هوءَ ڪيتري وقت تائين روئندي رهي. اوچتي آواز اچڻ
تي، هن روئڻ بند ڪري ڪنڌ مٿي کنيو. اهو آواز وڃايل
ڳيري جي’گهُو- گهُو- گهُو‘ هو، جيڪو سامهين وڻ مان
پئي آيو. ٻئي پکي هڪدم پنهنجا پَرَ پکيڙيا، ۽
پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن تيزيءَ سان اُڏامي ويو. ليليٰ
کي ڏاڍي خواهش ٿي ته کيس به جيڪر پَر هجن ها، ۽
هوءَ به پنهنجي محبوب ڏانهن اُڏامي وڃي سگهي ها.
گهڙي کن کان پوءِ ٻئي پکي اُڏامندا آيا، ۽ اچي
ليليٰ جي ويجهو ويٺا. اهو وري ڪهڙو اسرار هو!...
هڪڙي پکيءَ جي ٽنگ ۾، گهڻو وقت اڳي وانگر، هڪڙو
چمڙي جو ٽُڪرو ويڙهيل هو! ليليٰ ڏڪندڙ آڱرين سان
انهيءَ کي کوليو، ۽ انهيءَ تي لکيل تحرير پڙهڻ
لڳي. اهو مجنون جو خط هو! ... هو زنده ۽ سلامت هو!
اڳي وانگر، خط ۾ التجا ڪيل هئي ته هوءَ رات جو چنڊ
اُڀرڻ وقت هن سان عاشقن جي چشمي تي اچي ملاقات
ڪري.
پنهنجي عاشق جي زنده ۽ قريب هجڻ جي اوچتي خوشيءَ ۾
ليليٰ کان سڀڪجهه وسري ويو. چنڊ اڳ ۾ ئي اُڀري چڪو
هو... هوءَ، جلديءَ برقعو پائي، ڏاڍيءَ خبرداريءَ
سان محلات مان هيٺ لهي آئي، ۽ چور دروازي مان لڪي
ٻاهر نڪري، ان کي ٻاهران بند ڪري ڇڏيائين. سندس دل
ته اڳ ۾ ئي مجنون ڏانهن اُڏامي ويئي هئي... پر
جيئن ئي هوءَ جلد جلد اڳتي وڌڻ لڳي، ته اوچتو سندس
دل تڪڙو ڦيرو کاڌو، ۽ ان جو ڌڙڪڻ بلڪل بند ٿي ويو.
ليليٰ جون ٽنگون ڏڪڻ لڳيون، ۽ هن پاڻ سنڀالڻ لاءِ
هڪ وڻ جي ٽاريءَ کي کڻي جهليو. سندس خاوند!...
سندس فرض! جڏهن فرض جي خاطر هن هڪ ڀيرو سڀڪجهه
قربان ڪري ڇڏيو، تڏهن کيس اها ڀيٽا ههڙي طريقي سان
موٽائي وٺڻ نٿي سونهين... آخر انهيءَ جو مطلب ڇا
آهي؟ جڏهن مجنونءَ جون ٻانهون کيس ڀاڪر ۾ وٺنديون،
تڏهن هوءَ سڀجهه وساري ويهندي- خاوند، فرض، پنهنجا
ماڻهو- سڀڪجهه وسري ويندو؛ ۽ هڪڙو ڀيرو ڏڌل کير
وري ٿڻن ۾ ڪونه پوندو. افسوس، هڪ سُهاڳڻ عورت جو
اهو وڙ ٿي نٿو سگهي؛ هڪ راڻي اهڙو قدم هرگز نٿي
کڻي سگهي...! وڻ جي شاخ کي جهلنيدي ئي هوءَ
بيقراريءَ کان ڦٿڪڻ لڳي هن جو سڄو جسم هڪ ورحاني
اذيت کان ٿڙڪڻ لڳو. هوءَ گهڙي کن جي راحت بدران،
جِدائي ۽ فرقت جي طويل صعوبتن سهڻ جو ارادو ڪري
چڪي هئي.
آهستي آهستي، ليليٰ پاڻ سنڀالڻ شروع ڪيو... نيم
خوابيءَ جي حالت ۾، هوءَ پٺتيءَ وري، ۽ ساڳيا پير
کڻي محل ۾ موٽي آئي. اُها سڄي رات هن بيخوابيءَ ۽
بيقراريءِ ۾ گذاري. سندس اکين به ڳوڙهن ڳاڙڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو... پر جڏهن پِرهه ڦٽيءَ، تڏهن
اُنهن به زار زار روئڻ شروع ڪري ڏنو.
مجنون گهڻي وقت تائين عاشقن جي چشمي وٽ انتظار
ڪندو رهيو؛ پر آخرڪار، زيد کي معلوم ٿيڻ تي ته
ليليٰ اچي آڌ- راهه مان موٽي ويئي، هو به پنهنجي
دل ۾ عشق جو اٿاهه خزانو سميٽي واپس هليو ويو.
جهڙيءَ طرح ليليٰ خاموشيءَ ۽ مضبوطيءَ سان واپس
محل ڏانهن ويئي، مجنون به کڻي ڏورانهن ڏيهن منهن
رکيو- ۽ دعا گهرندو رهيو ته وقت جيڪڏهن ليليٰ جي
عشق جو جذبو نه، ته هنن دکن ۽ مصيبتن کي ضررور ختم
ڪندو.
ٻه سال گذري ويا. قسمت ڦيرو کاڌو. ابن سلام کي
اوچتو بخار ٿيو، ۽ هو مري ويو. اها خبر پري پري
تائين پکڙجي ويئي. هڪڙي ڏينهن مجنون کي به اطلاع
پهتو ته هاڻي يمن ۽ بصري جي راڻي، ليليٰ، آزاد
آهي. هو هڪڙي تيز رفتار گهوڙي تي چڙهيو، ۽ جلدئي
اچي يمن پهتو. پر هن کي خبر هئي ته ليليٰ فرض جي
خاطر ٻه دفعا قربانيون ڏيئي چڪي آهي، تنهن ڪري هو
سُوءَ جو عرصو هن کان دور رهيو. مجنون اهو سمورو
وقت اڪيلائيءَ ۽ گمناميءَ ۾ هڪ اهڙي هنڌ گذاريو،
جتان هو فقط ليليٰ جي محل جي روشنيءَ کي ڏسي ٿي
سگهيو. خواهشون اندر ئي اندر سندس دل کي کائي
رهيون هيون، ۽ اُها اڳين بيقراري ۽ اضطراب، جنهن
کيس ’مجنون‘ جو لقب ڏياريو هو، سو هينئر برداشت
کان ٻاهر هو. پر، جهڙي طرح پهرين هن پنهنجي
دانشمنديءَ سبب اها ڪشمڪش برداشت ڪئي هئي، هيئنر
به انهيءَ بهشت جي دروازي تي اتنظاريءَ جون ڪَٺن ۽
ٿڪائيندڙ گهڙيون صبر سان گذاريندو رهيو. زيد
خوشخبريءَ جا پيغام مجنون تائين پهچائيندو رهيو،
پر مجنون جي طرفان ليليٰ ڏانهن ڪوبه نياپو ڪونه
موڪليو ويو. ايستائين جو، سوءَ گذرڻ کان پوءِ هڪڙي
ڏينهن زيد ليليٰ کي ٻڌايو ته ساڻس ملاقات ڪرڻ لاءِ
مجنون ٻنپهرن جو محل ۾ ايندو؛ يا جيڪڏهن ليليٰ جي
مرضي هجي ته هو سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ عاشقن جي
چشمي وٽ سندس انتظار ڪندو.
زيد گهڻيءَ دير کان پوءِ هي جواب آندو: ”ٻپهر گذري
چڪا آهن، پر اڄوڪيءَ شام کان پوءِ وري به ٻَپهر
ٿيندا.“ مجنون کي انهيءَ جو جواب اچڻ جي بنهه اميد
ڪين هئي.
هنن نامُرادن جي داستان جو ٽڪرو اڃا به ٻڌائڻ لائق
آهي. سج لهڻ کان پوءِ به مجنون ٻن ڪلاڪن تائين
ملاقات جو انتظار ڪندو رهيو. ليلا به، سج لڙڻ کان
ٻه ڪلاڪ پوءِ برقعو پائي، محلات جي چور دروازي کان
ٻاهر نڪري آئي. هن جون اکيون ڪنهن اندروني باهه
کان جَلي کامي رهيون هيون. آسمان تي چنڊ ڪونه هو،
پر تارن جي هلڪي هلڪي روشني وڻن تي پئجي رهي هئي.
هوءَ وڻن منجهان اڳتي وڌندي رهي. سندس دل زور زور
سان پئي ڌڙڪي، ۽ هن تڪڙا تڪڙا ساهه پئي کنيا- ائين
ٿي لڳو ڄڻ سندس زندگيءَ جي سموري سَگهه، سهيڙجي،
سندس پيرن ۾ اچي ويئي هئي، جيڪي هڪٻئي کان اڳتي
نڪري وڃڻ لاءِ ڏاڍا تيز هئا. جهنگ جي ڪناري تي
پهچي، هوءَ بيهي رهي، ۽ ٻئي هٿ کڻي پنهنجيءَ
ڇاتيءَ تي رکيائين... هن کي هتي ئي ساهه پٽي پوءِ
اڳتي وڌڻ گهرجي، جيئن مجنون کي خبر پوي ته هن اچڻ
۾ ڪنهن به قسم جي تڪڙ ڪين ڪئي آهي. پر، ڪنهن
نامعلوم ڪشش کان بيتاب ٿي، هوءَ بنهه ڊوڙڻ لڳي.
سامهون چشمو هو- چشمو، جتي هميشه کان محبت جا
ماريل ملاقات ڪندا رهيا. هن وڻن وچان، تارن جي
روشنيءَ ۾، ان کي چمڪندي ڏٺو. هينئر هوءَ کليل
ميدان جي اڳيان بيٺي هئي. سندس برقعي جا بَند کليل
هئا. سندس ڪارا ۽ چمڪدار وار پکڙيل هئا، ۽ سهڪي
کان سندس ڇاتي هيٺ مٿي ٿي رهي هئي.
چشمي وٽان ڪو ماڻهو تيزيءَ سان اڳتيءَ وڌيو. ليليٰ
به، بيخبر، ڏڪندڙ ٽنگن سان اڳتي وڌي، جيئن ئي
مجنون هن کي بيتابيءَ سان ڀاڪر پاتو، ليليٰ جي
منهن مان درد ناڪ دانهن نڪري ويئي.
ڪير ڄاڻي ٿو ته اها هڪ گهڙي هئي، يا هڪ هزار
ورهيه؟ عشق وقت جو پابند ته ڪونه آهي ... پر، سج
لڙڻ کان ٻه ڪلاڪ پوءِ، وقت جي اها هڪ گهڙي هڪ تيز
خواب مثل هئي. مجنون، پنهنجي چپن تي ليليٰ جا چپ
محسوس ڪري، پنهنجو عقل ۽ فهم وڃائي ويٺو؛ ۽ ليليٰ،
پنهنجي چپن تي مجنون جا چپ محسوس ڪري، هن جي ٻانهن
۾ ئي بيهوش ٿي وئي... مجنونءَ ليليٰ کي اتي ڪيرائي
ڇڏيو، ۽’ليليٰ!‘ ’ليلي!‘ پڪاريندو صحرا ڏانهن
ڊوڙندو ويو.
”ليليٰ!... ليليٰ! ...ليليٰ....!“- صحرا جي وسيع ۽
غير آباد ميدانن ۾ هن جي دانهن جو پڙاڏو ٿيندو
رهيو. هو ايستائين ٻاڪاريندو رهيو، جيستائين ضعف ۽
ٿڪ سببان هو ڪِري نه پيو. آخر زيد، جيڪو آواز تي
هن جي پٺيان پئي ويو، تنهن هن کي ڳولي وڃي لڌو.
ڪيترائي ڏينهن راتيون هو پنهنجي مالڪ جي خدمت ڪندو
رهيو؛ پر ڪجهه به ڪين وريو. خوشيءَ اُها ڳالهه ڪري
ڏيکاري، جيڪا غم کان ڪين ٿي سگهي هئي... مجنون سچ
پچ مست ٿي پيو هو!
ليليٰ جڏهن هوش ۾ آئي، تڏهن صحرا ۾ پنهنجي نالي جو
گونجندڙ پڙاڏو ٻڌي، کيس انهيءَ حقيقت جو يقين ٿي
ويو- ۽ پوءِ، پڇتاءُ جا هٿ مهٽيندي، محل ڏانهن
واپس وري.
زيد وقت بوقت ليليٰ ڏانهن مجنونءَ جي غيرفاني محبت
جون خبرون موڪليندو رهيو، جنهن کي هن جي چريائي ۽
مستي ڇُهي به نٿي سگهي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، ليليٰ جي اکين ۾ وڌيڪ
چمڪو ايندو ويو: هن جا ڳل پيِلا پوندا ويا، ۽ هوءَ
هوريان هوريان جهرندي ۽ سُڪندي ويئي. هن جي دل
ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي هئي، ۽... ٿورن ئي ڏينهن ۾ هوءَ
گذاري ويئي. سندس آخري الفاظ، مجنون ڏانهن پيغام
هو- محبت جو پيغام، جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نٿو سگهي:
”هن کي ٻڌائجو،“ ليليٰ چيو، ”منهنجي لاش انهيءَ
چشمي جي ڀرسان دفن ڪئي ويندي، جتي هن مون کي پهرين
پهرين پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو؛ ۽ هن کي هي لفظ به
ضرور چئجو ته ’مجنون، پنهنجون اکيون مٿي کڻي
نهار... ڏس، مٿي روشنيءَ ۽ نُور جا وسيع ميدان
آهن، ۽ سج جي روشنيءَ ۾ چشمو پيو وَهي- سامهون،
ازلي آب جو چشمو، جتي عاشق اچي ملندا آهن، ۽ پوءِ
ڪڏهن به ڪين وڇڙندا آهن... تون به مون کي اُتي ئي
ڏسندين!“ انهن لفظن چوندي، هن اکيون کڻي پوريون، ۽
سندس روح انهيءَ عاشقن جي لازوال چشمي ڏانهن-
انهيءَ عاشقن جي آستان ڏانهن- پرواز ڪري ويو.
اڃا ڀنڀرڪوئي هو، ته ٻه پاڇا صحرا ۾ ڊوڙندا پئي
ويا. ٻئي هڪٻئي کي هٿ کان جهيلو پئي ويا، ۽ هڪڙِ
جي منهن مان صاف ظاهر هو ته ڪيئن نه عش هن کي
ديوانو بنائي ڇڏيو هو. مجنون، زيد کي پٺيان ايندو
ڇڏي، اڳتي نڪري ويو ۽ جهنگ ۾ ڪاهي پيو. هو جلد ئي
کليل ميدان ۾ پهچيءَ ويو، جتي چشمو پئي وهيو. هن
کي اُها جاءِ چٽيءَ طرح ياد هئي، جتي هن پهرين
پهرين ليليٰ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهلي پيار ڪيو هو.
هينئر اُتي هڪ تازي قبر ٺهيل هئي... عشق ۽ مستيءَ
۽ ڏک وچان، هن پاڻ کي انهيءَ قبر جي مٿان کڻي
اُڇلايو-
”ليليٰ!... ليليٰ..!“ هن دل ڏاريندڙ آواز ۾ درد
ڀريون دانهون ڪيون.
”آءٌ جلد ايندس- جلد ايندس! تون تاريڪيءَ جي پردي
۾ لِڪي رَهه... ۽ جيستائين آءٌ توکي ڳولهي لَهان،
تون نوراني ميدانن ۾ پنهنجي حُسن کي لِڪائي ويهه!“
- ۽ جئن سج مٿي چڙهي، زيد به اچي پهتو، ۽ قبر جي
ڀرسان ٿي بيٺو. هن ڏک جي ڳوڙهن سان- ڏک جي تلخ
ڳوڙهن سان- ڀريل نظر پنهنجي مالڪ تي وڌي، جيڪو
هميشه هميشه لاءِ مري چڪو هو. |