سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :16

واءِ. ايس. طاهر علي

دانائن جا خط

[هيٺ انهن اصل عربي خطن جو ترجمو ڏجي ٿو، جي اسماعيلي دعوت جي مشهور داعي الدعاة سيدنا هية الله المويد في الدين الشيرازيءَ، ۽ عربي ادب جي ماهر ۽ فلسفي شاعر ابوالعلاء احمد بن عبدالله المعريءَ هڪٻئي ڏانهن لکيا هئا. چوٿين صدي هجريءَ جي ٻن وڏن دانائن جي وچ ۾ هليل هيءَ خط ڪتابت، اسلوب بيان توڙي فڪر ۽ نظر جي لحاظ کان نهايت اهم آهي. گوشت خوريءَ جي مسئلي تي فلسفيانه ۽ عالمانه بحث ڪندي، ٻيا به جيڪي علمي ۽ ديني، فروعي ۽ ذيلي مسئلا پيدا ٿيا آهن، سي پڻ غور سان پڙهڻ لائق آهن- ادارو]

(1)

خط پهريون: از داعي الدعاة

جناب عالي، ......... خدا اوهان کي نيڪ توفيق ڏئي! اوهان جي علم ۽ فضل غيرن جي چپن تي خاموشيءَ جي مهر هڻي ڇڏي آهي. اوهان جي فضل ۽ ڪمال جو هر شخص اعتراف ڪري رهيو آهي. اوهان  کي علم ادب ۾ اها شهرت حاصل آهي، جا جالينوس کي علم طب ۾ حاصل هئي؛ ۽ بيشڪ اوهان کي ان تي مڪمل دسترس آهي. مگر، ان مان اوهان کي دنيوي توڙي ديني ڳالهين ۾ ڪوبه نمايان فائدو نه پهتو آهي، سواءِ هن جي جو سڄي جهان ۾ اوهان جي شهرت جي گونج آهي، جنهن کي اوهين زندگيءَ تائين باعث فخر سمجهي سگهو ٿا- ليڪن جڏهن دارالبقاء طرف ڪوچ ڪندؤ، تڏهن هن دنيا جي شهرت توڙي گمناميءَ مان اوهان کي ڪوبه فائدو يا نقصان نه پهچندو.

جڏهن صورتحال اها ئي آهي، ته پوءِ ڪهڙيءَ طرح ممڪن آهي جو اوهان جهڙا سمجهدار شخص پنهنجي سموريءَ لياقت کي عربي زبان سکڻ ۽ ان جي لفظن ۽ معنائن تي غور و فڪر ڪرڻ ۾ صرف ڪن. پوءِ ڀلي ته سڄي عمر ان مان ڪي به هڙ حاصل نه ٿئي! ساڳئي وقت، اهو پڻ ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو اوهين پنهنجين لياقتن کي پنهنجيءَ جان خاطر عاقبت جي ڪمن ۾ نه لڳايو (جا زياده مفيد آهي)، ۽ پوءِ افسوس جا هٿ مهٽڻا پون! انهيءَ ڪري، معلوم ٿو ٿئي ته اوهان جو نقطهء نظر ڪو ٻيو آهي، جنهن کي اوهان مصلحت خاطر پوشيدو ڪري رکيو آهي.

ان جو ثبوت اوهان جوئي طريقهء ڪار ۽ راهِ عمل آهي: اوهان زهد ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي آهي؛ معمولي کاڌي ۽ سادي ڪپڙي تي اڪتفا ڪئي اَٿو؛ پنهنجي پيٽ کي جانورن جي گوشت، کير ۽ ٻين سڀني محنت طلب شين کان پاڪ رکيو اٿوَ؛ بيشڪ، ائين ته اهي ماڻهو ڪندا آهن، جي سمجهندا آهن ته انسان جيئن پوکيندو تيئن لُڻندو. جڏهن بيزبان جانورن سان اوهان جو سلوڪ هي آهي، ته پوءِ حيوان ناطق (انسان) اوهان جي زبان ۽ قلم کان ڇونه محفوظ رهندو! زهد جي ميدان ۾ اوهان يقيناً گوءِ کڻي ويا آهيو، ۽ ان ۾ اوهان جو ڪوبه همسر نه آهي.

مون پري رهي هيءُ به ڏٺو آهي ته جيئن ماڻهو چون ٿا، اوهين واقعي اهڙائي فاضل آهيو. ان سان گڏوگڏ، اوهان پنهنجي فهم ۽ فراست سان اهڙو زهد اختيار ڪيو آهي جو انهن ٻين (جاهلن) جي زهد کان علحدو آهي، جن بابت قرآن مجيد ۾ اشارو آهي ته ”فِي کل وادِ يهيمون“* (هر واديءَ ۾ سرگردان آهن).

مون اوهان جو هي شعر به ٻڌو آهي:

”غَدَوَتَ مريض العقل والدين فالقني،

لتعلم  انبـــياء  الامـــور  الصـحـــائح.“

(جيڪڏهن تون دين ۽ عقل جو بيمار آهين، ته مون سان مل ته توکي صحيح صحيح ڳالهيون معلوم ٿين).

هن شعر ۾ گمراهه کي سنئين راهه ڏيکارڻ جي دعوت مليل آهي؛ انهيءَ ڪري آءٌ، پاڻ کي عقل ۽ دين جو مريض سمجهي، سچين ڳالهين معلوم ڪرڻ لاءِ ترت تيار ٿيس. هاڻي آءٌ اوهان جي سڏ تي سڀ کان پهريائين لبيڪ ٿو چوان، ڇاڪاڻ جو مون کي اوهان جي علم ۽ دانش جو اعتراف آهي، ۽ آءٌ اوهان جي سرچشمهء هدايت مان مستفيض ٿيڻ ٿو چاهيان. ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اوهين، وضاحت کان ڪم و‎ٺي، منهنجي جهالت جي تاريڪيءَ کي پنهنجي علم جي چراغ سان روشن ڪريو! پڻ، مون کي بيفائدي ڳالهين ۾ نه وجهو، ۽ جو ڪجهه چئو ان ۾ حق ۽ باطل جو پورو خيال رکو.

سڀ کان پهريائين جا ڳالهه آءٌ دريافت ڪرڻ ٿو چاهيان، سا هڪ معمولي ڳالهه آهي. آءٌ اوهان جي جواب کان سرفراز ٿيان، ۽ جيڪڏهن ان جواب کان مون کي تسلي ٿي، ته پوءِ آءٌ اصلي مقصد تي ايندس؛ پر جيڪڏهن تشفي نه ٿي، ته پوءِ اڳتي نه وڌندس. وباالله التوفيق.

آءٌ اوهان کان، بحيثيت ان شخص جي جو هر ڳالهه کي عقل جي تارازيءَ ۾ توريندو آهي، پڇان ٿو ته اوهان گوشت، کير ۽ اهي شيون جي جانورن مان اسان کي فائدي طور ملن ٿيون، انهن کي پاڻ لاءِ حرام ڇو بنايو آهي؟ ڇا، نباتات حيوانن لاءِ نه پيدا ڪئي ويئي آهي؟ بيشڪ، نباتات ۾ ’قوت ناميہ‘ هوندي آهي، ۽ ’قوت حاسہ‘ نه هوندي آهي: اهو ئي سبب آهي جو حيوانات نباتات تي فائق آهن. جيڪڏهن حيوانات نه هجن، ته نباتات جو هئڻ هوند اجايو ۽ بي معنيٰ ٿي پوي. اهڙيءَ طرح، انسان به حيوان تي فوقيت رکي ٿو؛ ڇاڪاڻ جو هو حيوان ناطق ۽ عقل جو مالڪ آهي، ۽ سڀ جانور سندس فائدي لاءِ پيدا ڪيا ويا آهن. مثال ور، ڏسو ته ڪن جانورن جو گوشت ۽ کير ان جي ڪم اچي ٿو، ته ڪن جانورن جي کَل ۽ اَن جي ڪم اچي ٿي؛ ۽ ڪي جانور اهڙا آهن، جي بار ڍوئڻ جو ڪم ڏين ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها، ته حيوانات جو هئڻ اجايو ٿي پوي ها- جيئن نباتات جو هئڻ حيوانن کان سواءِ بيڪار آهي. جڏهن نظام عالم جو اهوئي دستور آهي، ته پوءِ اوهان جو مفيد شين کان منهن موڙڻ ڄڻ نظام عالم کي غلط ثابت ڪرڻ جي برابر آهي.

اوهان جي گوشت نه کائڻ جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. پهريون ته اوهان کي جانورن تي ترس ۽ رحم ٿو اچي. هن معاملي ۾ اوهان کي الله تعاليٰ کان به زياده مهربان ٿيڻ جو نه ڪو ضرور آهي، ۽ نه ڪو حق آهي، جنهن انهن کي انساني مفاد لاءِ خلقيو آهي؛ پر جيڪڏهن چئجي ته جانورن کي حلال يا حرام بنائڻ وارا نبي هئا (جي خود به انسان هئا)، ورنه الله تعاليٰ ڪنهن به جانور جو خون وهائڻ يا گوشت کائڻ روا نه رکيو آهي، ته اهو به غلط آهي. درندن ۽ شڪاري جانورن کي الله ان ڪري پيدا ڪيو آهي ته هو ٻين حيوانن کي چيري ڦاڙي کائين: جڏهن اهو هڪ فطري امر آهي، ته پوءِ انسان جو گوشت خور بڻجڻ ۾ ڪهڙو قصور؟ اهڙيءَ طرح، جن ماڻهن گوشت کائڻ جائز بنايو آهي، سي به حق بجانب آهن. ٻيو سبب هيءُ ٿي سگهي ٿو ته شايد اوهين خونريزيءَ ۽ جان ڪُنيءَ کي روا نٿا سمجهو. جي ها، ته پوءِ اهو به الله تعاليٰ جي قدرت تي اعتراض آهي- ۽ الله هر شي جي مصلحت کي خود ئي سمجهي ٿو.

جيڪڏهن جناب والا از راهِ لطف و ڪرم ڪو دليل پيش ڪيو، جيئن منهنجي خلش ۽ مونجهه دفع ٿي وڃي، ته پوءِ اهو هڪ قابل تعريف ڪم ٿيندو، جيڪو مون لاءِ هدايت ۽ اطمينان جو سبب ٿيندو؛ اوهان جي نيڪيءَ ۾ اضافو به ٿيندو، ۽ الله تعاليٰ اوهان کي اجر به ڏيندو. انشاءَ الله تعاليٰ.

جواب: از معري

مون کي پهريائين پهريائين هي لکڻ گهرجي ته منهنجين نظرن ۾ سيدنا الرئيس الاجل المويد اُنهن چند شخصن مان آهي، جن کي پيغمبرن جي حڪمت وديعت ڪئي ويـئي آهـي؛ آءٌ ته پـنهنجيءَ جـاءِ تـي ناقـص ۽ ناچـيز آهيان، لهاذا مون سان خط و ڪتابت ڪرڻ، جناب جي عظمت ۽ شان لاءِ تڪلف ۽ تواضع جو سبب ٿي سگهي ٿو. اوهان جهڙن اعليٰ مرتبي جي مالڪن جو هڪ هڪ لفظ دانائن لاءِ نهايت ڳورو آهي. اوهان جو ڪجهه لکيو آهي، ان ۾ باريڪيون سمايل آهن، جن جي سمجهڻ کان پوءِ حقيقتون معلوم ٿي وينديون.

ها!...........آءٌ ڪير آهيان جواوهان جھڙا فاضل مون کي لکن! ڀلا، ڪڏهن ائين به ٿيو آهي ته ثريا آسمان کان لهي زمين تي اچي؟ الله ڄاڻي ٿو ته آءٌ چئن ورهين جي عمر کان اکين ۽ ڪنن کان معذور ٿي چڪو آهيان. منهنجي لاءِ هڪ نوَن سالن جي نيش اُٺ ۽ ان جي توڏي ۾ فرق ڪرڻ مشڪل آهي. نه رڳو ايترو، بلڪ هڪٻئي پويان مصيبتن اچڻ ڪري هاٺي هٽي ويئي آهي، ۽ ٻڍاپي جي ڪري بيهڻ کان پڻ لاچار آهيان. باقي رهي منهنجي شهرت، سو خدا شاهد آهي ته مون ڪڏهين به ان جي خواهش نه ڪئي آهي. آءٌ ته پاڻ کي هڪ اٻوجھ انسان سمجھندو آهيان. جيڪڏهين ڪو شخص منهنجي لاءِ نيڪ خيال ڪري ٿو ته اهو ان جو حسن ظن سمجھڻ گھرجي. البت هي ضرور ڏٺو ويو آهي ته چڱا ماڻهو ساريءَ دنيا کي چڱو سمجھندا آهن- توڙي جو ڀَلا ته ڀَلائي آهن، ۽ بُرا بُرائي آهن.

توهان جو ڪجھ لکيو آهي، ان بابت بندو ڪجھ گذارشون ڪرڻ چاهي ٿو- گر قبول افتد زهي عزو شرف.

ظاهري طرح ته سمجھڻ ۾ ائين ٿو اچي ته ڄڻ ازل کان ئي قسمت ۾ زهد ۽ تقوا لکيل هو، ان ڪري هميشه تنگيءَ ۽ افلاس سان واسطو رهيو. مون ڄاڻي ٻجھي، سمجھي ۽ سوچي هن ناپائدار دنيا کان منهن موڙيو آهي؛ ڇاڪاڻ جو هنجي معاملن ۾ ٽپي پوڻ سان ڪي به هڙ حاصل نٿو ٿئي. اهل دنيا به مون کي هڪ ڪنڊ ۾ کڻي اُڇلايو آهي- چي، ’تو جھڙي سان اسان جو ڪو به واسطو نه آهي!‘

منهنجي شعر ۾ رُوي سخن جاهلن جي طرف آهي، ۽ نه اوهان جھڙن اولوالعزم عالمن ڏانهن. اوهين چڱيءَ طرح واقف آهيو ته حيوانن کي پنهجي غم ۽ درد جو احساس ضرور ٿئي ٿو.

مون متقد مين جي اختلافن کي به ٻڌو آهي: ڪو چوي ٿو ته هڪ جملو بنايو وڃي، جنهن جي ’مبتدا‘ ۽ ’خبر‘ جي وچ  ‎۾ ٻه ٻيا لفظ هجن- هڪ ’نافيه‘  ۽ ٻيو ’استثنائيه‘، مثلاً، ”الله لايفعل اِلاَّ خيراّ“....ته هيءُ جملو يا ته  صحيح ٿيندو يا غلط: جيڪڏهن صحيح آهي، ته پوءِ دنيا ۾ ته برايون به موجود آهن! ان مان معلوم ٿيو ته هيءُ هڪ راز نهاني آهي، جنهن کي فقط عالم ئي ڄاڻن ٿا.*

قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ”جيڪڏهن انهن کي ڪا چڱي شي حاصل ٿئي ٿي، چون ٿا ته هيءَ الله جي طرفان آهي؛ پر جيڪڏهن ڪا خراب شي پلئه پوي ٿي، ته چون ٿا هيءَ تنهنجي طرفان آهي. اي محمد، چئي ڏي ته سڀ شيون الله جي طرف کان آهن. پوءِ، ٻيو ڪهڙو سبب آهي جو هي ڳالهه نٿا سمجھن‘“رسول خدا جن جڏهن سفر ڪندا هئا ته هيءَ دعا پڙهندا هئا: ”اللهّٰم اِنّٰا نعوذبک من وعثاء السفر وکابة المنقلب وسوء المنظر في الاهل و المال والولد“- ته پوءِ اهي شيون جن کان رسول مقبول پناهه گھري، اهي چڱيون آهن يا خراب؟ جيڪڏهن چيو وڃي ته اهي شيون خطرناڪ آهن، ته اڳين ڳالهه باطل ٿي وڃي ٿي؛ ۽ جيڪڏهن چيو وڃي ته اها ڳالهه ئي غلط آهي، ته پوءِ پوءِ سوءِ ادب ٿيو پوي.

ديندار انسان هميشه گوشت خوريءَ کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. گوشت خوريءَ کان جانورن کي درد پهچي ٿو، ۽ جانور هر حالت ۾ درد کان ڀڄندا آهن. مثال طور، هڪ ٻڪريءَ کي ڏسو: جيستائين اها حامله آهي، تيستائين گھر ۾ پالجي ٿي؛ جڏهن ڦر ڄڻي ٿي ۽ ڦر هڪ مهيني جو ٿئي ٿو، ته ماڻهو ان کي ذبح ڪن ٿا، ان جو گوشت کائين ٿا، ۽ ٻڪريءَ جو کير به پاڻ لاءِ مخصوص بنايو ڇڏين- ڪڏهن ڀلجي به ان کي ٺڳي نٿا سمجھن!

عربي ادب ۾ اڪثر جانورن جي آه وبڪا جو ذڪر آهي. ڏاچي پنهنجي ٻچي جي فراق ۾ ڪيئن نه سرگردان رهي ٿي، اهو هيٺئين شعر مان معلوم ڪري سگھجي ٿو.

”فما وجدت کوجدي امّ سقب،   اضلّتۡہ فرجعتۡ الحنينا“

(منهنجي بيچيني ان ڏاچيءَ کان به وڌيڪ آهي، جا پنهنجي ٻچي کي وڃائي رڙيون ڪندي ڦرندي رهي ٿي، ۽ تڙڦي ٿي.)

جيڪڏهن چيو وڃي ته الله تعاليٰ سواءِ خير جي ٻيو ڪجھ به نٿو ڪري، ته پوءِ شر جون ٻه صورتون لازمي طور ڏسڻ ۾ اينديون: يا ته الله کي شر جي خبر آهي، يا (نعوذ بالله) هو بيخبر آهي. جيڪڏهن هو شر کان با خبر آهي، ته ٻن شرطن مان هڪ جو صحيح ٿيڻ لازمي آهي: يا ته اهو سندس مرضيءَ سان ٿئي ٿو، يا بنا مرضيءَ جي. پوءِ، جيڪڏهن اهو سندس مرضيءَ سان ٿو ٿئي، ته بالفعل هو ئي ان جو فاعل آهي. عام طور چوندا آهن ته حاڪم چور جا هٿ ڪپي ڇڏيا- توڙي کڻي حاڪم اهو ڪم پاڻ نه ڪيو هجي. جيڪڏهن خدا جي مرضيءَ کان سواءِ شر پيدا ٿيو آهي، ته پوءِ ائين ئي منطقي طور نتيجو ڪڍبو، ته ڇا خدا هڪ اهڙي شي ٿيڻ ڏني آهي جا هوند هڪ خلقيل حاڪم (انسان) به ٿيڻ نه ڏئي؛ ۽ جيڪڏهن ڪابه اهڙي ڳالهه ٿي به پوي جا کيس (حاڪم کي) ناپسند هجي، ته هو ان شي جي ڪندڙ کي ڌمڪي ڏيندو، ۽ اعلان ڪندو ته آئيندا سندس حڪومت ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه نه ڪئي وڃي! هيءُ اهو عقيدو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ متڪلمين (علم ڪلام جا لکندڙ) انتهائي ڪوشش ڪئي، مگر حل ٿي نه سگھيو. انبياء ڪرام فرمائين ٿا ته خدا ڏاڍو مهربان آهي. جيڪڏهن هو نوع انسان تي مهربان آهي، ته پوءِ يقيناً هر انهيءَ جاندار تي به مهربان هئڻ گھرجي، جو درد ۽ الم کان ڀڄندو هجي. ڪڏهن ڪو سوار هڪ چراگاهه ۾ چرندڙ جانورن تي حملو ٿو ڪري، ۽ پنهنجي نيزي سان ڪنهن نر يا ماديءَ کي شڪار ٿو ڪري، ته پوءِ هي شهسوار ڪهڙيءَ طرح خدا جي مهربانيءَ جو مستحق ٿي سگھي ٿو؟ ڏٺو ويو آهي ته ٻن مقابلي ڪندڙ فوجن مان هر ڪو طرف پنهنجي اعتقاد ۾ چست هوندو آهي، ۽ جڏهن ميدانِ ڪارزار ۾ ايندو آهي، تڏهن دشمنن جي مقتولن جو ڍير لڳائي ڇڏيندو آهي- آخر ائين ڇو؟ 

مون ننڍيءَ عمر کان وٺي اڄ تائين انهيءَ قسم جي ڪيترن متنازع فيه مسئلن کي گھڻا دفعا ٻُڌو آهي؛ ۽ جڏهن ٽيهن سالن جي عمر جو ٿيس، تڏهن خدا کان دعا گھريم ته هو مون کي تاابد روزي رکڻ جي توفيق ڏئي. آخر ائين ئي ٿيو: مهينا ڇا، سالن جا سال، سواءِ ٻن عيدن جي، روزا رکندو پيو اچان، ۽ ڪيترائي اهڙا ڏينهن ۽ راتيون گذرن ٿا جو کاڌي کي ڇهان به نٿو. مان هيئن به سمجھان ٿو ته نباتات جي کائڻ سان منهنجي تندرستي سٺي رهي ٿي. جناب جن بيشڪ متقدمين جي ڪتابن ۽ جالينوس جي قولن جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن مان ئي سندن حيرت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. جيڪڏهن هيئن چيو وڃي ته ’پروردگار مهربان آهي‘ ته پوءِ شينهن کي ڇو بيگناهه انسان جو شڪار ڪرڻ پيو ڏئي، ۽ انسان پڻ ڇو شينهن کي شڪار ٿو ڪري؟ ڪيتريون جانيون نانگ جي ڏنگ هڻڻ ڪري تلف ٿي وييون! خدا عقاب ۽ شاهين کي ڇو غريب داڻن چڳندڙ پکين جي مٿان مسلط ڪيو آهي؟اڪثر ڏٺو ويو آهي ته صبح جو سوير تتر پنهنجن ننڍڙن ٻچن کي ڇڏي پاڻيءَ جي تلاش ۾ نڪري ٿو؛ جڏهن پاڻي چهنب ۾ کڻي واپس ٿو وري، ته رستي ۾ سرڻ ان کي پنهنجو لقمو ٿي بنائي يا ڪو شڪاري کيس شڪار ڪري وڃي ٿو، ۽ سندس ننڍڙا ٻچا اُڃ وچان تڙڦندا رهن ٿا!

[ابوالعلاء اهڙي قسم جون ٻيون به ڳالهيون لکي ٿو، ۽ چوي ٿو ته] مان دعا ٿو گھران ته الله تعاليٰ مون کي هيٺين شعرن چوڻ کان روڪي:

ـــ اُم بڪر سلام چوندي آئي. توهان به کيس خوش آمديد چئو. بدر جي کَڏ ۾ ڪيترائي سربر آورده ۽ شريف انسان آهن. ان کَڏ ۾ ڪيترائي پيالا اُٺن جي ٿُوهن سميت آهن.

ـــ اُم بڪر، مون کي هشام جي ڀاءُ جي موت کان پوءِ هاڻي شراب نه پيار. هن جو چاچو وڏو شرابي هو، ۽ سردار هو- اهو به ماريو ويو....هاڻي شراب نه پيار. ها، خدا کي ٻڌءِ ته آءٌ رمضان جي فرض کي ادا ڪري نٿو سگھان- جڏهن سُر تَن کان جدا ٿيو، ۽ يارُ سيراب ٿي چڪو....

ــ ڇا ابن ڪبشه اسان کي ڊيڄاري ٿو ته اسين زنده رهنديوسين! پوءِ ’صديٰ‘ ۽ ’هامہ‘ جي بابت ڇا ٿو چوي؟

خدا ان شاعر کي غارت ڪري، جنهن هيٺيان شعر چيا آهن- (چيو وڃي ٿو ته اهو وليد بن يزيد هو؛ هڪ روايت ٻي آهي ته اهو وليد بن عبدالملڪ هو. *)

ـــ ”منهنجي محبوب کي وجھو آڻيو. مون کي ڪامل يقين آهي ته مان دوزخ ۾ نه ويندس. آءٌ ماڻهن کي تلقين ڪندس ته هو گڏهه جو مذهب اختيار ڪن. جنت جي طالبن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ جو هو نقصان ۾ پوڻ وارا آهن.“

شاعر ’ابن رعيان‘ (الملقب بديڪ الجن) جو به ڀلو نه ٿئي، جيڪڏهن ان چيو آهي ته:

ـــ ”هيءَ دنيا آهي؛ دنياوارن سان آخرت جو وعدو آهي.....مگر دير سان پوري ٿيندڙ اميد دل ئي کَٽي ڪريو ڇڏي. جيڪڏهن جو ڪجھ چيو ويو آهي اهو صحيح آهي، ته پوءِ جو ڦاسائيندڙ آهي ته هو بچائيندڙ به آهي.“

هڪ ٻي به ڳالهه آهي، جنهنڪري مون گوشت کي ترڪ ڪيو آهي. اها هيءَ آهي ته منهنجي سالياني ڪمائي ويهن دينارن کان ڪجھ زياده آهي؛ منهنجي نوڪر کي جيتريءَ رقم جي ضرورت هوندي آهي، اوتري کڻي وٺندو آهي؛ پوءِ جو ڪجھ بچي ٿو، اهو ايترو ته گھٽ آهي جو مون کي دال ۽ ڀت تي ئي ڪفايت ڪرڻي پوي ٿي: جڏهن نوڪر ئي ايتري رقم کڻي ٿو جنهن کي آءٌ زياده ٿو سمجھان ۽ هوگھٽ ٿو سمجھي، ته پوءِ منهنجي حصي ۾ ته تمام گھٽ رقم ٿي بچي! منهنجو ارادو نه روزيءَ کي وڌائڻ جو آهي، ۽ نه درد جي ڪنهن دارونءَ ڳولڻ جو.- ولسلام.

(2)

خط ٻيو: از داعي الدعاة

خدا ڪري ته اوهان انهن ماڻهن مان نه هجو، جي دين ۽ عقل جا بيمار آهن؛ ۽ نه انهن ماڻهن مان، جي پنهنجي شعر ۾ صداي عام ڏين ٿا ته ”اچو عقل جا انڌؤ، اسان کان بصيرت حاصل ڪريو“، ۽ جڏهن حق جو طالب انهن ڏانهن حق کي سمجھڻ لاءِ ويجھو اچي، تڏهن هو اهڙي ڳالهه چون جو هو پاڻ زياده پريشان ٿئي! اهڙن ماڻهن جي واسطي (شاعر) ’متنبيءَ‘ واه جو چيو آهي:

اظمتني  الدنيا،  فلمَّا  جـــئتها،

مستسقيا مطرت ۡعليّ مصائبا!

(دنيا مون کي اُڃايل بنايو؛ ۽ جڏهن آءٌ پنهنجي اُڃ لاهڻ خاطر ان وٽ ويس ، تڏهن مون تي مصيبتن جا ڪڪر وسايائين.)

مون ته اوهان کان دريافت ڪيو ته ڇا جي ڪري اوهان گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو آهي، حالانڪ گوشت کائڻ ڪري ته جسم جي نشو نما ٿئي ٿي: اوهان پنهنجيءَ تحرير ۾ هڪ اهڙو جواب ڏنو آهي، جنهن لاءِ آءٌ هوند ائين ئي چوان ته ڇا اهي ئي سچيون ڳالهيون آهن؟ هيءُ آهي اهو جواب، جنهن سان بيماري لهي وڃي؟ ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته هن جواب ڪري ته دين ۽ عقل جي انڌائيءَ جي حالت اڃا به خراب ٿي وڃي ٿي! نهايت ارمان سان ظاهر ڪريان ٿو ته اوهان جي جواب جو منهنجي سوال سان ڪوبه واسطو نه آهي.

اوهان فرمايو ته گوشت بنا ايذاءَ پهچائڻ جي حاصل ٿي نٿو سگھي، سو ان جو جواب ته ڏنو ويو آهي. فقط ايترو عرض آهي ته اسان جو پيدا ڪندڙ يا ته عادل آهي يا ظالم: جيڪڏهن هو عادل آهي، ته هيءَ مسلم حقيقت آهي ته هو حلال جانور ۽ ان جي کائيندڙ انسان ٻنهي کي هلاڪ ڪري ٿو؛ جيڪڏهن هو ظلم آهي ، ته اسان کي پنهنجي خالق کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ۽ زياده عادل ٿيڻ جي ضرورت ئي نه آهي، جڏهن هو خود غير عادل آهي.

اوهان انهن ماڻهن جي باري ۾ به ڪجھ فرمايو آهي، جي خير ۽ شر جي مسئلي ۾ اعتراض ٿا ڪن. منهنجي طرفان ان جي جواب ۾ هڪ قصو لکي ڇڏڻ ڪافي آهي: ڪنهن شخص قرآن پاڪ جو نسخو وڃائي ڇڏيو؛ سندس ڪنهن دوست کيس چيو ته ’والشمس والضحيٰ‘ خوب پڙهه ته توکي قرآن پاڪ ملي ويندو؛ هن جواب ڏنو ته اها سورة به ته ان قرآن پاڪ ئي ۾ هئي!.....عليٰ هذا القياس، هيءُ مسئلو به ته انهن نه حل ٿيندڙ مسئلن مان هو، جن ۾ اوندهه ئي اوندهه آهي، روشنيءَ جو نالو ۽ نشان نه آهي. منهنجو مقصد ته صحيح ڳالهين کي حاصل ڪرڻ جو هو.

اوهين فرمايو ٿا ته مختلف راين ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ جي ڪري اوهان دعا گھري ته خدا اوهان کي مسلسل روزي رکڻ جي توفيق ڏئي، ۽ اوهين فقط ڀاڄين تي اڪتفا ڪـريو. آءٌ ته سمجھي نه سگھيس ته هيءُ ڪهڙو خدا آهي: آيا هــيءُ اهــوئي خدا آهي جو صرف خيـر کـي چـاهـي ٿـو، يـا اهـو خـدا آهــي جـــو صرف شر کي چـاهـي ٿـو، يا شر ۽ خير ٻنهي کي چاهــينـدڙ آهي؟

باقي رهيو روزي جو سوال......ته اهو نبيءَ جي شرع جو حڪم آهي، ۽ نبيءَ جو تعلق سندس موڪليندڙ خدا سان آهي- ان موڪليندڙ جي ڳالهه ئي مشڪوڪ آهي. ڇا، هو رسول کي ان لاءِ ٿو موڪلي ته ماڻهو سندس اطاعت ڪن، يا ان ڪري ٿو موڪلي ته سندس اطاعت نه ڪن؟ جيڪڏهن هو اطاعت جي غرض سان موڪلي ٿو ته پوءِ ان جي مرضي ۽ مشيت مغلوب آهي، ڇاڪاڻ جو خدا کي نه مڃيندڙ مڃيندڙن کان زياده آهن؛ ۽ جيڪڏهن هو چاهي ٿو ته رسولن جي نافرماني ڪئي وڃي ته پوءِ رسول جو موڪلڻ نه صرف اجايو آهي، بلڪ ڪمزورن کي ستائڻ جو هڪ بهانو آهي؛ ها، ته پوءِ اوهان جو مسلسل روزو جيڪڏهن ان بنياد تي آهي، ته بلڪل بيسود آهي؛ پر جيڪڏهن ڪنهن صاف ۽ چٽي سبب ڪري آهي، ته اهو آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو.

اوهان بعض ملحدن جي قولن کي بيان ڪيو آهي، ۽ دعا گھري آهي، ته الله اوهان کي قرآني آيات ۾- مثلاً ”وانہ اهلک عادّان الاوليٰ وثمود فما ابقيٰ“ وغيره- گرفت ڪرڻ کان روڪي. جيڪڏهن الله ’عاد‘ ۽ ’ثمود‘ کي هي ڄاڻندي پيدا ڪيو ته هو بدڪار آهن ۽ هر گز توبهه نه ڪندا، ته پوءِ يقيناً مهربان خدا تي لازم هو ته انهن کي عذاب خاطر پيدا نه ڪري ها؛ پر جيڪڏهن هو نه ڄاڻندو هو ته پوءِ اسين ۽ هو ٻئي برابر آهيون، جو اکيون بند ڪريو ڪم ڪندا پيا رهون. مگر، ان سان گڏ، اوهين هيئن به ٿا چئو ته اسين اهو ڪيئن ٿا چئي سگھون: اسان کي ته سر تسليم خم ڪرڻو آهي، ۽ هن آيت شريف جي تلاوت ڪرڻ گھرجي ته ”من يهد الله فهو المهتد ومن يضلل فلن تجدله له وليا مرشدا“. هاڻي، جيڪڏهن ملحد چوي ته کنڊ مٺي آهي ۽ سُرڪو کٽو، ته صرف ان سبب جي ڪري ته چوندڙ ملحد آهي، انڪار نه ڪرڻ کپي، بلڪ ڳالهه جو معقول جواب ڏيڻ گھرجي. مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن اوهان وٽ ان مسئلي جو ڪو ڪافي ۽ شافي جواب هجي، ته از راه ڪرم مرحمت فرمايو؛ ورنه اوهان جو خاموش رهڻ هڪ ملحد جي ڳالهه مڃڻ جي برابر ٿيندو.


*  هن آيت ۾ دراصل ايام جاهليت جي فحش گو ۽ بي مقصد زندگي گذاريندڙ شاعرن متعلق تنبيهه آيل آهي. هن آيت جي سباق ۾ آيل آهي: ”الشعراء يتبعهم الغائون“، يعني شاعرن جو اتباع ڪندڙ گمراهه آهن؛ ڇالاءِ ته ”في ڪل واد يهيمون“، يعني اهي شاعر هر واديءَ ۾ ڀٽڪندڙ آهن. پر، داعي الدعاة ان آيت کي پنهنجي سباق کان الڳ ڪري، آيت جو فقط پويون حصو زاهدن متعلق بيان ڪيو آهي. سندن اهو تاويل ’علي غير محلہ‘ چئي سگهجي ٿو، ۽ زاهدن لاءِ ان جو استعمال صحيح نٿو چئي سگهجي- ادارو

*  هيءُ ’خبر ۽ شر‘ جي مسئلي سان تعلق رکندڙ مجمل ۽ مختصر ڪلام آهي، جنهن مان اشتباهه پيدا ٿيڻ جي گنجائش آهي. حالانڪ اهو مسئلو ’علم ڪلام‘ جي ڄاڻن نهايت مدلل ۽ مفصل طور لکي حل ڪري ڇڏيو آهي ته الله ڏانهن انسانن جي عملن جي نسبت محض اضافي ۽ مجازي آهي، ۽ نه حقيقي؛ الله خير محض آهي، ان ڏانهن شر جي نسبت ڪرڻ صحيح نه آهي. اهو صاف ٿيل مسئلو آهي، ان ۾ ڪوبه راز نهاني نه آهي- ادارو

*  اهو وليد بن عبدالملڪ ٿي نٿو سگهي؛ ڇالاءِ ته هو فصاحت ۽ بلاغت کان ڪورو هو، ۽ هي شعر نهايت معياري آهي- ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com