هن جي ماءُ، ڳُجهڙي انداز ۾ مُرڪندي، هلي ويئي.
هوءَ آسمان جي وسعتن ۾ پنهنجي نجميءَ کي ڳوليندي
رهي. ڳوڙها خشڪ ٿي ويا هئس، بُت بڻجي ويئي- مرمر
جو بُت!
پوءِ هڪ ڏينهن شاهد هن جي دروازي تي گهوٽ بڻجي
آيو. هوءَ چپ چاپ ويٺي هرهڪ کي اکيون ڦاڙي ڏسي رهي
هئي. بظاهر سڀ ڪجهه، ليڪن دراصل هن کي ڪجهه نظر نه
اچي رهيو هو. هوءَ ٻڌي سڀ ڪجهه رهي هئي، ليڪن هن
جي سمجهه ۾ ڪا ڳالهه نه اچي رهي هئي. هن جي ظالم
ماءُ- جنهن تي هن جي ڳوڙهن ڪو اثر نه ڪيو هو- هن
جي خاموشيءَ کان الائي ڇو ڊڄي ويئي. آهستي آهستي
اچي سندس ڪن ۾ چوڻ لڳي: ”امڙ، آءٌ لاچار هيس، مون
پنهنجي ڀاءُ کي زبان ڏيئي ڇڏي هئي!“ هن چوڻ چاهيو:
”امان، ان ۾ تنهنجو ڪوبه ڏوهه ڪونه آهي: دنيا ۾ سڀ
انسان لاچار آهن، اسين سڀ مجبور آهيون- تون
پنهنجيءَ ڏنل زبان کان مجبور آهين، بابا توکان
مجبور آهي، آءٌ نجميءَ کان مجبور آهيان- اسين سڀ
مجبور آهيون، لاچار آهيون...!‘ پر هن جو آواز
نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي پيو.
عورتون سهاڳ جا گيت ڳائي رهيون هيون. دُهل جِي ڌم-
ڌم هن کي ملڪ الموت جو آواز محسوس ٿي رهيو هو.
هوءَ هڪ مُردو هئي، جنهن کي هن جي ماءُ، ٺاهي
سينگاري، چِتا ۾ سڙڻ لاءِ موڪلي رهي هئي. اتي هن
جي دل ۾ هڪ خواهش پيدا ٿيڻ لڳي- ڪاش، شاهد جو گهر
هن جي چتا بڻجي وڃي! ... پر هن جي ڪهڙي خواهش پوري
ٿي هئي؟ کيس وهنجاريو ويو، نوان ڪپڙا ڍڪايا ويا،
سون مِين جا زيور پهرايا ويا... خاموش تماشائي
بنجي، هوءَ حيرت سان سڀ ڪجهه ڏسي رهي هئي. اوچتو
سندس نظر پنهنجن مينديءَ رَتن هٿن تي پئجي ويئي.
هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. کيس ائين معلوم ٿيو ڄڻ هن ڪنهن
تيز خنجر سان نجميءَ کي قتل ڪري ڇڏيو هجي... ۽
پوءِ، ان جي گرم گرم رت کي ميندي بنائي پنهنجن هٿن
۾ رچايو هجي! هن جا دٻيل جذبا وري جاڳي اٿيا. هن
جي ماءُ سندس مٿي تي سهرو ٻڌي رهي هئي... ’نه اما،
ائين نه ڪر...!‘ هن رڙ ڪئي... ليڪن اها رڙ صرف هن
جي نڙيءَ ۾ ئي رهي- ٻاهر نڪرڻ جي ان کي اجازت ئي
ڪٿي هئي؟
شاهد جي گهر ۾ اچي هن کي سڀ ڪجهه مليو، پر تڏهن به
هوءَ نامراد هئي- ڄڻ ته هن کي دنيا ۾ ڪجهه به ڪونه
مليو هو. هن انهيءَ ساجده جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو،
جيڪا نجميءَ جي هئي، ۽ جنهن نجميءَ سان رانديون
ڪندي پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو؛ هينئر اها ساجده
زنده هئي، جيڪا شاهد جي بيگم هئي، ۽ فوزيءَ جي
ماءُ هئي.
۽ اڄ، جڏهن هن جي فوزيءَ جي پهرين سالگرهه هئي، ته
ڪٿان نجمي به اچي نڪتو هو. هينئر به هن جو چهرو
اڳي کان زياده افسرده ٿي ويو هو. هن جي نغمن ۾
بيحد سوز هو، ۽ افسانن ۾ بي انتها درد.
چنڊ لڪي ويو. رات جي تاريڪي به دور ٿي ويئي هئي.
هو ٻاهر نڪتو. ساجده بينچ تي ويٺي هئي. فوزي هيٺ
نرم ڇٻر تي کيڏي رهي هئي. ساجده جي اندر واري
’ساجي‘ ڪَرَ موڙڻ لڳي. مگر... ’ساجيءَ‘ تي ’ساجده‘
غالب اچي ويئي-
”توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي نه، نجم صاحب!“ ساجده
خشڪ لهجي ۾ پڇيو.
”نجم صاحب...!“ هن طنزيه ٽهڪ ڏنو. ”نئين زندگي
مبارڪ! ساجده، واقعي تو شاهد کي چونڊي، عقلمنديءَ
جو ثبوت ڏنو.“ يڪايڪ هن کي سخت غصو اچي ويو... هن
هڪ چماٽ ساجده جي ڳل تي هڻي ڪڍي- ”تون بيوفا
آهين!“ وڏا وڏا قدم کڻندو، هو تيزيءَ سان دروازي
کان نڪري ويو.
ساجده پنهنجو هٿ نجميءَ جي ڏنل تحفي تي رکندي
ڀڻڪيو- ’بيوفا!...ڪير؟‘.
جمال رند
[فئنٽسي]
مانيءَ ڳڀو
گهران نڪري، اچي اوطاق تي ويٺس. نم هيٺان ڪرسي
وجهي، پنهنجو نئون سوچيل افسانو ويهي لکڻ لڳس. لکڻ
۾ ئي هوس، ته ڀرسان ڪنهن شي جي ڪِرڻ جو آواز ڪَنين
پيم. مٿي نهاريم،... ڏار تي ويٺل هڪڙي ڪانوَ پئي
ڪان- ڪان ڪئي. نهاري، وري لکڻ ۾ مشغول ٿي ويس.
”اڙي، بُک لڳيوَ ته ماني- ماني ڪريو، هونئن ته
کنگهو ئي ڪونه ٿا!“
اوچتو ئي اهو سنهڙو سُريلو آواز ٻڌي، وائڙو ٿي
ويس. آسي پاسي نظر ڪيم- بنهه پيرن وٽ، ڪو تازي
اُڦراٽي جو ٽُڪر پيو هو! سڄو ئي گيهه ۾ چِلُ هو.
جڏهن ڏسي ورتومانس، ته ڇاپاڪي واري ڇَپَ هڻي،
پهرين ته صفا چُپ ٿي ويو؛ ۽ پوءِ، ڪنهن ڌَڪيل شي
وانگر، ليٿيڙڻ لڳو. ڪانوَ اڃا به پئي ڪان- ڪان
ڪئي. آءٌ عجب ۾ ئي هوس، ته هو وري ڳالهائڻ لڳو:
”عجب نه کاءُ ... مون توکي سڏيو!“
سوچيم، ڳالهائي ته برابر اهو ئي پيو! چيومانس،
”چئه ڀلا، ڇو سڏ ڪيئه؟“
”مٿي نه جيڪو ڪانءُ ويٺو آهي، ... پهرين ته انهيءَ
کي اُڏاءِ. آءٌ انهيءَ جي چُهنب مان ڪِريو آهيان-
ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم!“
مون ڪانگ کي هڪل ڪئي.
مانيءَ ڳڀي چيو: ”ڌڪ به لڳو اٿم، پر هاڻي ڪِرڻ جو
سو ڏاڍو ڏک پيو ٿئيم؛ ڀانيان ته ڪانگ جي چهنب ۾
ئي...“.
”سو وري ڪيئن؟“ مون وچ ۾ پڇيومانس: ”اڳهرو جو چيئه
ته انهيءَ ڪانوَ کي اُڏاءِ!... پاڻ ڪانوَ جهڙي
گدخور کان بچيو آهين، ڏک ڇو ٿيڻ کپي؟“
هن هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو؛ ۽ پوءِ نماڻي نوع ۾ چوڻ
لڳو: ”اها ڊگهي ڳالهه آهي، ... توکي ايترو وقت ئي
ڪونه هوندو.“
”تون ٻڌاءِ ته سهي، وقت کي پهچي رهنداسين.“
”پر تون ته ڪجهه لکي رهيو هئين.“
”ڏس، لَنوائي نه!- آءٌ هڪ افسانو لکي رهيو هوس-
تون پنهنجي ڳالهه ڪر، آءٌ قلم رکي ٿو ڇڏيان.“ ائين
چئي، اُٿي، مون کيس پٽ تان کڻي، پنهنجي سامهون
ٽيبل تي آڻي رکيو.
”نيٺ نه مُڙئين! چڱو، ڪن ڏيئي ٻڌ. هي به هڪ افسانو
آهي- نئين کان نئون، ۽ پراڻي کان پراڻو. دراصل اهو
افسانو منهنجي ڏکن ڀري زندگيءَ جي حقيقت آهي؛ ۽
ٻين تو جهڙن انسانن جي زندگيءَ جا تجربا. مون کان
سواءِ، انسان جي زندگي به ڪهڙي ڪارج جي؟ انسان ته
آهي ئي مون جهڙن ٽُڪرن تي پليل جانور! ... مون
انسان کي جانور ڪوٺيو. توکي ڪاوڙ ته ڪانه لڳِي؟ ..
ڪاوڙ لڳيئي، ته کڻي چُپ ڪريان! چيو به تو پاڻ، نه
ته آءٌ ٿورو ئي ڳالهه ٻڌائڻ پيو گهران!...“
دل ۾ چيم- ’ٻيلي، ڪري ته ڪُپت ٿو‘؛ پر هن جو سنهڙو
آواز ڏاڍو پئي وڻيم، سندس اندر ۾ به ڪي پوسراڻيون
ٿي معلوم ٿيون، سو خوشامد ڪري چيومانس: ”ڪاوڙ ڇو
لڳندي ... تون ڪوڙ ٿوروئي ٿو هڻين! جيڪا ڳالهه
آهي، سا ڪري وڃ.“
انهيءَ تي ٿورو مُرڪي ڏنائين. چوڻ لڳو: ”اهو ته
تون ڏسي رهيو آهين ته آءٌ ڪڻڪ جي مانيءَ جو هڪ
ٽُڪر آهيان. مون کي ڪنهن پالي نپائي هن شڪل ۾
آندو، انهيءَ وچ ۾ مون تي ڇا ڇا ٿي گذريو، ۽ پوءِ
آءٌ انهيءَ ڪانوَ جي وَر ڪيئن چڙهيس- اهو سڄو
معاملو آءٌ توکي ٻڌائيندس ... پر ٻڌجانءِ ڌيان
سان! اهي ئي منهنجا تجربا آهن، ۽ اها ئي منهنجي
زندگي...“
”ٺيڪ“ مون وڌيڪ اشتياق ڏيکاريندي چيو.
”مون کي ياد آهي-“ هن ڳالهه شروع ڪئي: ”اڄ کان لڳ
ڀڳ ڏيڍ سال اڳ، آءٌ داڻن جي شڪل ۾ هوس. گُنديءَ ۾
بند. سالُو ڪُڙميءَ جي ٿلهي تي پيو هوس. ڪافي وڏي
برادري هئي اسان جي. گُنديءَ ۾ اسين هڪٻئي جي مٿان
سٿيا پيا هئاسين. سالوءَ جي زال گُنديءَ جو ليڙو
توڙي چاپڙ ڏاڍيءَ خبرداريءَ سان بند ڪيو هو- ڇو ته
اسان سڀني کي ٻج لاءِ رکيو ويو هو. سُرو به کائي
وڃي ها، جي سالوءَ جي زال ٻه چار دفعا اسان کي
گُنديءَ مان ڪڍي ٿلهي تي اُس ۾ نه پکيڙي ها. ٻيو
جو کڻي اسان سان نم جا پن گڏيائين، سو اسان جو ئي
دم پيو گهُٽجي! ڪَوڙاڻ کان سُرو به ڪوهان ڏُور-
اسان مان هڪ به داڻو سُري جو شڪار نه ٿيو. اسين سڀ
پنهنجي برادريءَ ۾ خوش هئاسون.
”هڪ ڏينهن، ٻاهران وڏا وڏا آواز اچڻ لڳا- اهي گوڙ
جا ڌڌڪا هئا، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ اچي وڏ- ڦُڙي
مينهن جو سٽڪو ٿيو- اهڙو، جو سالوءَ جي زال چاپڙ
مٿان تڏي ٽڪر به ڏنو، پر ڳڙن جي سَٽ سَٽان هڻي
گُنديءَ کي ڀڃي وڌو. اسين به ريلو ڪري وڃي ٿلهي تي
پکڙجي پياسين- جيئن رڍن جا ڦَر شام جي وقت گوندي
مان نڪرندا آهن. سالوءَ جو سڄو ڪٽنب اچي اسان مٿا
ڪڙڪيو. پوتين ۽ جهولين ۾ کڻي، مينهن کان بچائي،
وڃي اندر رکيائون. جڏهن مينهن بند ٿيو، تِڙڪو
نڪتو، ۽ اڱڻ ڦُڪرو ٿيو، ته اسان سڀني کي کڻي، سُڪڻ
لاءِ، وري اچي ٻاهر اڱڻ تي پٿاريائون. اسين ڏاڍا
پيا خوش ٿيون- ڄڻ ته ڪا وڏي آزادي ملي هجيئون!
هفتي- اڌ ۾ سالوءَ جي زال نئين گُندي ٺاهي ورتي، ۽
اسان کي وري به کڻي انهيءَ ۾ بند ڪيائون. مينهن
واري ڏينهن ... اسان کي ته ڪا تڪليف ڪانه آئي. پر
ڏٺوسين پئي ته سالوءَ جي گهر ۾ ٿرٿلو پئجي ويو هو-
ڄڻ ته سڄي گهر جو ساهه ئي اسان ۾ هو!
”انهيءَ نئينءَ گنديءَ واري گهر ۾ اسان تي الائي
ڪيترا صبح ۽ ڪيتريون راتيون گذري ويئون- اندر ته
اوندهه ئي اوندهه هئي، پر هڪڙي شام مون کان ڪڏهن
به نه وسرندي. اها شام، مون کي ياد آهي، آهستي
آهستي اونداهيءَ ۾ بدلجي رهي هئي. پکي پکڻ، پنهنجي
گذر- گشت کان آجا ٿي، وڃي آهيري ڀيڙا ٿيا هئا.
اسين سڀ، گُنديءَ مان نڪري، ٿلهي تي راهه جي شڪل ۾
پيا هئاسين. وڻن جي جهڳٽن ۾ ويٺل پکين چُون- چُون
چان- چان جا سُريلا آواز پئي ڪيا- ڄڻ ته اهي اسان
کي ڏسي پئي خوش ٿيا. ها، بلڪل انهيءَ وقت ...
سالوءَ جي ننڍڙي نينگر، بانبوڙا ڏيندي، پنهنجي ڀڳل
ٽٽل ٻوليءَ ۾ ’ماني- ماني‘ پئي ڪئي. ماني هجي ته
مليس! ... رات کان وٺي تَوَڻ ئي ڪانه هئي- اَنُّ
هجي ته ٿئي!... ننڍڙي ٻار ويٺي رنو. ايتري ۾ سالو
آيو. هٿ ۾ ڪو تعويذ هوس، سو زال کي ڏيندي چيائين:
’هن کي ڌُوپ- واس ڏيئي، پوءِ هن ڪوريءَ کُنجيءَ ۾
ٽانڊي تي رکي، ٻيجي کي ان جو دونهون ڏئي. مائيءَ
اسان کي تعويذ جو واس ڏنو. پوءِ گهڙي کن رکي، سالو
پاڻ اچي اسان جي مٿان تعويذ وارو پاڻي ڇنڊڻ لڳو.
ٻئي ڏينهن اسان کي ٻنيءَ ۾ ڇَٽڻو هوس. معصوم اڃا
تائين پئي ماني- ماني ڪئي. مٿان رات اچي ٿي هئي.
سالو به ائين چئي ويندو رهيو ته ’ٻج کي بي سُڀو نه
ڪبو... سڀاڻي ڪٿان اَنُّ لپ وٺي ايندس، هينئر ڪَنن
کي ٺُپري سمهاري ڇڏيو.‘ مون کي ايترو افسوس ٿيو...
سچ پچ، ان وقت جيڪڏهن آءٌ هن صورت ۾ هجان ها، ته
ٽپ ڏيئي وڃي معصوم جي هٿن ۾ پوان ها!
”ٻئي ڏينهن، پرهه ساڻ، اسان کي ڳوڻين ۾ بند ڪري،
گاڏيءَ ۾ رکي، اچي ٻنيءَ تي لاٿائون. سالوءَ کي ڪا
خوشي هئي! ... رڳو پئي ٽِڙيو ۽ مُشڪيو- ڄڻ ته ڪو
گَنج هٿ آيو هجيس! بسم الله ڪري، جهول ڀري، اسان
کي ٻارن ۾ ڇٽڻ لڳو. جوڙن جي ڪئي هئائين ونگار، سو
سج بيٺي ئي ٻني کِڙي ويئي. وري ان جي ٻئي ڏينهن،
پاڻ ۽ پٽس سوڍي، گڏجي، ٻنا به ڪڍي ڇڏيا. ٻه ٽي
ڏينهن پکين به اسان کي ڏاڍو ستايو؛ سالوءَ جي هَڪل
هاهُڙ پئي اسان کي بچايو، نه ته جيڪر انگورن ۾ ئي
پَٽجي وڃون ها.
”آهستي آهستي، ڏينهن گذرڻ سان، اسان جي سِينن مان
ڦِڪي رنگ جا سَلا اڀرندا، ۽ ٻاهرينءَ دنيا جي هوا
کائڻ سان، رنگ ڦيرائيندا رهيا. هفتي اڌ ۾، سڀ ڦِڪا
ڦِڪا سَلا ساوا چهچ ٿي پيا. اسان جي برادريءَ سان
هرهڪ سَلي، پنهنجي مالڪ جي بُک ٽارڻ لاءِ ۽ سندس
تتيءَ ٿڌيءَ جي محنت جي اُجوري لاءِ، پنهنجي وسؤن
ڪين گهٽايو- وقت جي رفتار ۽ پاڻيءَ جي پيچ سان،
اسين وياسين قد ۾ گهيل ڪندا- اسان مان هرڪو ٻُوڙو
مڙس جي چڱي موچاري ڀاڪر جي برابر هو. هن اسان جي
تات سنڀال ائين ٿي ڪئي. جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پهر
وٺي پٽ کي پالي. اسين ته ڄڻ هن جو روح هئاسين- بلڪ
هن جي سڄي ڪٽنب جو جياپو ئي اسان تي هو!...“
مانيءَ جي ڳڀي کان ٿڌو ساهه ڀرجي ويو، ۽ هو ماٺ ٿي
ويو.
”تون چُپ ڇو ٿي وئين... ٻڌاءِ، پوءِ ڇا ٿيو؟“
”اڳتي نه پڇ ته مون ڇا ڏٺو!...“ گهگهي آواز سان هو
چوڻ لڳو: ”پيسجي اٽو ٿيس، ۽ اڄ ماني به ٿي ويس، پر
اُهو سُور اڃا نٿو وسريم!“
”آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، مون کي به ته ٻڌاءِ!“
”ڇا ٻڌايانءِ...!“ گهڙي کن ترسي، پوءِ چوڻ لڳو:
”سالوءَ جو پاڻيءَ جو وارو هو. پاڻيءَ تي پُڇڙيءَ
وارن جو ڪو اڳي ئي جهيڙو هو. سالوءَ جي مُجيري چيو
ته: ’اڄ اسين ٻارهين بجي بدران ڏهين بجي پاڻي
ورائينداسين، ڇوته آبدار پاڻيءَ جو وارو ائين ٻڌي
ڏنو آهي.‘ اڙي ها، ... اتي هڪڙو ٿلهو متارو نئون
ماڻهو به، اچي پڌاريو هو- وڏيون مُڇون، وڏو پٽڪو،
گهوڙي تي چڙهي آيو هو- وڏيرو- وڏيرو ٿي چيائونس.
انهيءَ وڏيري، سالوءَ ۽ پٽس سوڍي کي ورتو، ۽ ٻيا
به اَٺ- نو همراهه ساڻ ڪري، وڃي پاڻي لوڙاهيو
پُڇڙي ۾ پاڻي لٿو ته جوان پنج ست اچي سهڙيا. اڃا
ڳنڍو هيٺ تي لوڙهيائون مس،. ته سوڍي هڪل ڪين-
”متان پاڻي لوڙهيو اٿوَ.. حساب ڪتاب ڪري، پوءِ
پاڻي هيٺ نيو!‘ هُتان به هڪل سان هڪل ٿي.. ۽
جهليندي ئي سوڍي کي جو ٻه- هٿڙيءَ ڪري ولوءَ ڪهاڙي
هنئي، ته سِري وڃي پرتي ڪِريس! پوءِ ته هئي ڪهاڙين
جي راند .. نيٺ ٻيا سڀ ڀڄي ويا، ۽ سالُو به ڌڪجي
اتي ئي پئجي رهيو. پُڇڙيءَ وارا پاڻي لوڙهي ويندا
رهيا. پاڻي ته پاڻيءَ جي ماڳ، سالوءَ پنهنجو ڪونڌر
پٽ ڪُهائي وڌو! جڏهن سامت ۾ آيو، تڏهن سالوءَ جيڪي
رڙيون ڪيون، سي اڄ به مون کان نٿيون وسرن. ٿوريءَ
دير کانپوءِ سندس لَڏو به اچي اتي سهڙيو... جهنگ ۾
ڪهرام مچي ويو. آخر سالوءَ کي سمجهائي، لاش کڻائي،
سڀئي گهر روانا ٿي ويا. سوڍي جي ماءُ جو پار ڪڍي
روئڻ، ۽ سالوءَ جي دردناڪ اوڇنگارن، اسان جي دل ۾
ڏاڍا وڍ وڌا... ائين پيا چاهيون ته جيڪر انهيءَ
وڏيري جي مُنڍي موت کي ڏيئي. سوڍي جي ساهه کي
ورائي اچي سالوءَ جي حوالي ڪريون- پر، اسين ڪڻڪ جا
ٻُوڙا، ائين ڪٿي ٿي ڪري سگهياسين؟ ڪاش، اسين ڄمون
ئي نه ها...!“
مانيءَ جو ڳڀو، ايترو چئي، خاموش ٿي ويو. سندس درد
انگيز داستان ٻڌندي، منهنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو
هو. اسين ٻئي ڪجهه وقت خاموش هئاسين. پوءِ وري هن
پاڻيهي چوڻ شروع ڪيو:
”پورن اٺن ڏينهن کان پوءِ... ساڳيو سالُو، هٿ ۾ لٺ
کنيو، ٽلڪندو ٽلڪندو اچي اسان وٽ نڪتو. اهو اڳوڻو
دم خم موڪلائي ويو هوس؛ منهن ۾ ايترا ته گهُنج
پئجي ويا هئس ڄڻ ته مٿس ڪڏهن خوشيءَ جو پاڇولو
ڪونه پيو هو. اَڏُن ۽ نانڪن جي ٻَنن تي سوڍي جا
پيرا ڏسي، ور ور ڪري پئي رُنائين. جڏهن اوچتو ڪو
هوا جو جهُوٽو ٿي آيو، ته اسان اوچو ڳاٽ ڪري
لهرائيو نٿي؛ رڳو انهيءَ ڪري، ته متان اسان کي
لُڏندو لُمندو اوچي نه ڏسي، پٽس جا اهي لفظ ياد
پونس، جيڪي هو اسان جي وچ ۾ بيهي سالوءَ کي چوندو
هو- ’بابا، ڏس ته سهي ... مون کي ڪڻڪ اُرهه ٿي تي
اچي!‘ چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل فصل مان سالُو نيٺ روئندو
گهر ڏانهن ويو.
”پٽ جي هڻ- هڻان ۾ شايد ٻيون سڀ ڳالهيون وسريو وڃن
... جڏهن اسين اَڀُون ٿياسين، ته هو اسان کي ڏِسي
خوش ٿيندو هو. نيٺ لابارو لاهي، ڪُٽي سٽي، ٿورن
ڪڏن کان سواءِ، اسان کي راهه ٺاهي کڻي ڇڏيائين.
بٽئيءَ جو ڏينهن آيو، ۽ سالو به ساجهر پنج- ڏهه
ڳوڻيون کڻي اچي کَري ڀيڙو ٿيو. ايتري ۾، انهيءَ
ڏينهن نه جيڪو نئون ماڻهو آيو هو، سو وري به گهوڙي
تي چڙهي آيو. ڏاڍي پئي ڄمت رکيائين- ڄڻ ته فصل ئي
پاڻ هٿن سان پوکيو هئائين! اوريون پريون بَنديون
کڻي، ڌڻي بنجي، اچي کٽ مٿي چڙهي ويٺو. الائي ڪهڙا
ڪهڙا بِلا چاڙهي، سڄِي ٻار جي ٻار کڻي پنهنجن
ڳوڻين ۾ ڀرتي ڪرايائين. سالوءَ ويچاري ڏاڍيون
ليلاٽيون ڪيون، ڄڻ ته پِني پيو. نالا، پلاندَ، ...
چويس پيو: ’رئيس، خدا جي واسطي ائين نه ڪريو!!...
ڪَتيءَ جو حساب ڪَتيءَ تي رکو... اوهان جو انجام،
اهو ... منهنجن ٻچن تي ڪهل ڪريو!... اوهين به
اولادي آهيو...‘ پر هن جي دل ۾ رحم جي رتي به ڪانه
هئي. آخر ۾ رهيل ڪَڏا سالوءَ کي نصيب ٿيا... باقي
ٿيو پلو. شام جو جڏهن هن ڪَڏن جي ڳوڻ ڀري، آخري
حسرت ڀري نظر اسان تي وڌي، تڏهن اسان کي ائين
محسوس ٿيو، ڄڻ هو نظر ئي نظر ۾ ائين چوندو هجي ته
’اي ڪڻڪ جا داڻؤ! اوهان کي ياد هوندو ته مون ان
ڏينهن پنهنجي ننڍڙي معصوم کي بُکيو سمهاري ڇڏيو...
مون سوڍي جهڙو جوان پٽ اوهان جي مٿان صدقو ڪري
ڇڏيو... سياري توڙي اونهاري، پيرين پُٺيءَ اگهاڙي،
راتين جو لُنڊيون لتاڙي، مون اوهان جي حفاظت ڪئي
... پوءِ به اهي ڪَڏا ... ۽ بس...!‘ بس، ان وقت جي
ڪهڙي ڳالهه ڪريان؟ دل ۾ پيا چئون ته جيڪر اسان کي
باهه لڳي وڃي، ۽ سڙي رک ٿي وڃون. پر ائين ڪونه
ٿيو. اڃا سالوءَ ڪَڏن جي ڳوڻ پئي کنئي، ته ساڳيو
ننڍڙو نينگر اچي چنبڙيس چوڻ لڳس: ’ابا، ابا، ان
ڏي، ڀڳڙا وڃي وٺان، بک لڳي آهي-‘. سالو روئڻهارڪو
ٿي ويو. ڪَڏن جي ڳوڻ ڏانهن اشارو ڪري، هيترو چئي،
پٽ کي ساڻ وٺي، ويندو رهيو- ’پٽ، هي پِير جو ٽويو
آهي ... وڏيرو ڳالهائيندو! هل ته گهر ٿا هلي شي
وٺون-‘.
”اسان کي کڻي اچي ڀانڊي ڀيڙو ڪيائون. آخر انهيءَ
ڳوڻ جو وارو به آيو، جنهن جي اٽي مان آءٌ بنيس. ان
ڏينهن رئيس کي ڪيڏانهن ٻاهر وڃڻو هو، سو مانيءَ
لاءِ پئي تڪڙ ڪيائين. ان لاءِ، گهڻو گيهه وجهي،
اُڦراٽو پچايائون. دٻڪيءَ ۾ وجهي، مکڻ جو چاڻو
مٿانئس رکي، جيئن ئي ننڍي نينگر رنڌڻي مان ٻاهر ٿي
نڪتي، مون قدرت کي آخري حجت جو سوال ڪيو- ’تو وٽ
به انڌير آهي ... ڪمائي هڪڙي جي، کائين ٻيا!
انهيءَ کان ڪاري ڪُتي جي پيٽ ۾ وجهينم، باقي هن
حرامخور جو لقمو نه بڻاءِ...!‘ جيئن ٿي نينگر اڳتي
وڌي، منهنجي دل تهان ئي وڌيڪ ٿي سڙي ۽ کامِي ...
وڏيري هٿ به وڌايو... بس، اها ئي گهڙي هئي ...
اوچتو ئي اوچتو، هڪڙي ڪانوَ مٿان اچي پَر کنڊيڙيا-
هڻندي ئي جهپو، کڻي وٺي اُڏريم! وچ تي ٻيا ڪانوَ
به اچي ڀائيوار ٿيس، ۽ مون کي ڇِني ڳڀي جي صورت
کڻي ڏنائون. ڪجهه ٽُڪر هيٺ ڪِريا، سي ڪُتن کي نصيب
ٿيا. وڏيرو صاحب، منهن بلڪڙو ڪري، ڳچ تائين ڪانگن
ڏانهن نهاريندو رهيو. پنهنجو تر لقمو ائين کَسبو
ڏسي، سڙيو پوسريو ته گهڻو ئي هوندو، پر هاڻي ڪري
به ڇا ٿي سگهيو؟ ... اهو ساڳيو ڪانءَ- جنهن کي تو
اڏائي ڇڏيو- هن تنهنجي وڻ تي اچي ويٺو هو، ۽ مون
کي پٽن جِي ٿي ڪيائين، ته آءٌ سندس چهنب مان
ڇڏائجي اچي تنهنجن پيرن ۾ پيس. ڏاڍو ڌڪ آيو اٿم.
لڱ لڱ پيو سور ڪريم!... ڏاڍي خوشي ٿينديم، جيڪڏهن
تون مون کي ڇَنڊي ڦُڪي، سالوءَ جي ننڍڙي کي ڳولي،
مون کي ان جي هٿن تائين پهچائي ڇڏين!... هو هينئر
به منهنجي لاءِ روئندو هوندو!...“
منهنجو وار وار ڪانڊارجي ويو. مانيءَ ڳڀي لاءِ
واجهائيندڙ بيشمار معصومن جون ٻاڪارون، بيڪ وقت
منهنجن ڪنن ۾ گونجي وييون... هزارن سالن کان بُکن
۾ پاهه ٿيندڙ انسانن جو هڪ طويل سلسلو منهنجين
نگاهن مان گذري ويو. بي اختيار، منهنجي زبان مان
نڪري ويو... ”يقين رک، اي مانيءَ جا ڳڀا، آءٌ
پنهنجو اهو فرض پوريءَ طرح ادا ڪندس. مون کي معلوم
آهي، تون هڪڙي سالوءَ جي نينگر کي ئي نٿو کپين، پر
اهڙا لکين سالُو ۽ انهن جا بکاريل ٻارڙا، نماڻن
نيڻن سان تولاءِ واجهائيندا ٿا رهن ... اڄ کان
پوءِ، آءٌ توسان انجام ٿو ڪريان، ته توکي هزارين
ورهين کان پنهنجي اپائيندڙن کان پري رکڻ ۾ جيڪي
مڪر ۽ فريب جون جابر طاقتون استعمال ٿينديون پئي
رهيون آهن. تن کي ننگي ڪرڻ لاءِ آءٌ پنهنجي
زندگيءَ جي آخرين گهڙيءَ تائين جدوجهد ڪندو
رهندس!“
مانيءَ ڳڀي جي چپن تي اطمينان جي مُرڪ ڇانئجي
ويئي، ۽ چيائين: ”مبارڪ، منهنجا محسن!... شل تون
ڪامياب ٿين!“
غلام رباني
بک بڇڙو ٽول
اها سڄي رات هاسٽل ۾ ڪنهن اک ڪانه ٻُوٽي.
… ڪامن روم ۾، ڪلب ۾، ڪئنٽين ۾ ۽ شاگردن جي ڪمرن
۾- مطلب هاسٽل جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اهو ئي سرٻاٽ هو،
”يارَ حد ٿي ويئي!“ اڃا دوازي مان ڪو شاگرد هاسٽل
۾ داخل مس ٿي ٿيو، ته ٻن چئن ڊوڙي وڃي ٿي اڳ ورتس-
چي، ”ڳالهه ٻڌي اٿيئي…!“ ۽ هن ٿڌو شوڪارو ڀريندي
ٿي چيو: ”هائو، شام واري اخبار ۾ پڙهيو اٿم-.“ –
”مان ته سمجهان ٿو ته هيءٌ ملڪ جي بگڙيل اقتصادي
حالتن جو انوکو مثال آهي.“
اقتصاديات جي هڪ شاگرد چيو، جو هر ڪنهن ڪمزوريءَ
۽ گناهه جو بنيادي سبب ’اقتصادي بد حالي‘ ٻڌائيندو
هو.
- ”هن معاملي ۾ اقتصاد يات کان زياده نفسيات پارٽ
پِلي (ادا) ڪيو آهي.“ علم نفسيات جي شاگرد پنهنجو
نقطه نگاهه پيش ڪيو.
- ۽ فلسفي جي شاگرد چيو: ”انساني قدرن جي عُدولي
ئي اڄوڪي هر مسئلي جي بنيادي ڪمزوري آهي.“
- ”ڇا به هجي، هي نه فقط هڪ دردناڪ واقعو آهي، پر
ساڳئي وقت مضحڪ خيز ۽ عبرت انگيز پڻ“- اهو سڀني جو
متفق رايو هو.
ڳالهه هئي به اهڙي، ڪٿي هڪ نوجوان شاگرد، ۽ ڪٿي
ڪلارڪ مان وزير! ۽ وري وزيريءَ مان اوچتو سمورو ٽن
ڏينهن ۾ هميشه لاءِ سماپت!
ٻئي ڏينهن هاسٽل تي ڪارو جهنڊو چاڙهيو ويو، ۽
ڪاليج ۾ موڪل ڪئي ويئي شاگردن جي هڪ چڱي خاصي
ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ پرنسيپال صاحب هڪ مختصر تقرير
ڪري، صالح جي گُڻن بابت ٻه اکر ڳالهايا. تقرير
مختصر ان ڪري ڪيائين، جو صالح نه ته ڪنهن صوبائي
يا مرڪزي محڪمي جي ڪنهن اعليٰ عملدار جو پٽ هو، جو
پرنسيپال کي پِروموشن حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملڻ جي اميد
هجي، ۽ نه وري ڪنهن بزنيس مئن جو پٽ هو، جنهن وٽان
اڄڪلهه جي زماني ۾ ڪو ولائتي مال رعايتي اگهن تي
ملي سگهي. صالح ويچارو ته هڪ ڳوٺاڻي هاريءَ جو پٽ
هو. الائي ڪيئن، ڪجهه ڪوشش وسيلي ڪجهه قسمت سڻائي
هجڻ سبب، هڪ دور دراز ڳوٺڙي مان نڪري اچي هڪ وڏي
شهر ۾ پهتو هو، ۽ بي. اي جي ڊگري ملڪ جي وزير
تعليم جي هٿن مان ملڻ جو شرف حاصل ڪيو هئائين- نه
ته اڄ سندس ننڍپڻ جي يارن ما ڪي ڳوٺ جون ٻڪريون
چاري رهيا هئا، ته ڪن کي هَرُ- پاڃاري ڪلهي هو.
صالح جي پيءُ جو چوڻ هو ته ’صالح کي ڏاڏنهس
مولويءَ ڇِڪَ ڪئي آهي- اُهو به عربي فارسيءَ جو هڪ
چڱو خاصو عالم هو‘؛ ۽ چوندا هئا ته اُٺُ ڪتابن جو
پڙهيو هئائين! ايڏي علم مان پرايو به واهه جو
هئائين: ڪڏهن ڪنهن کي گار ڪين ڏنائين، ۽ يا عمر
وضو ڪرڻ کان سواءِ آسمان ڏانهن ڪين نهاريو هئائين!
انهيءَ پوئينءَ ڳالهه جي ساک ته اوستو حاجن به
ڀريندو هو. چي: ”هڪڙي ڏهاڙي دوڪان تي ويٺي جُتي
سبيم، ته ڪَنَ تي ڪونجن جي ڪوڪار جو آواز پيو.
اُٿي اڱڻ ۾ آيس، ۽ جان کڻي نگاهه ڪريان، ته مار….
ولر ڪونجن جو قطاريو پيو وڃي! سامهون مولوي صاحب
گس ڏيو پئي ويو، تنهن کي واڪو ڪري چيم: ’سائين
مولوي صاحب، سبحان الله! هي ڪونجون ته ڏس ڪيئن
قطاريون پيون وڃن!‘ مولوي صاحب تڙ تڪڙ ۾ اچي مَٽَ
مان جَمن ڀري وضو ڪيو، ۽ اٿي آسمان ڏانهن
نهاريائين… پر تيستائين ڪونجن وڃي روهه وسايو هو!“
صالح جي ماءٌ جو وري چوڻ هو ته صالح جو ايڏو علم
پرايو هو، سو ان ڪري جو سندس ڄمڻ تي پاڻ نانگي
شاهه جو پَڙَ باسيو هئائين، ۽ ڇَٺيءَ لهرائڻ مهل
جڏهن مجاور پِير سائينءَ جي تربت تي پَڙُ وڌو ۽
چيائين ته ’مائي، گهُر، جيڪي گهرڻو اٿيئي‘، ته
صالح- ماءٌ ٻئي ٻانهون ٻڌي چيو ته ’پيرسائين،
منهنجو صالح جڏهن وڏو ٿئي، ته پڙهي پڄائي، ۽ تپدار
ٿئي!‘ (اها ڳالهه ٻي آهي ته فائينل پاس ڪرڻ کان
پوءِ ماءٌ جو زور ڀرڻ تي، صالح تپداريءَ جي چونڊ ۾
ويٺو، ۽ چونڊيو به ويو، پر پوءِ ڳوٺ جي وڏيريءَ جي
پٽ انور جي صلاح تي وڃي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيو،
۽ ماڻس جي منٿن ايلازن جي باوجود تپدار نه ٿيو.)
صالح جي همڪلاسيءَ، وڏيري جي پٽ، انور، جي دعوا
هئي ته صالح جي گرئجوئيٽ ٿيڻ لاءِ شابس جو واحد
حقدار انور پاڻ ئي هو؛ ڇو ته هن ئي صالح کي
انگريزي پڙهڻ تي اَڀاريو هو، ۽ ميٽرڪ جي امتحان
لاءِ جڏهن وٽس فارم جي فيءَ جا پيسا ڪونه هئا،
تڏهن اهو انور ئي هو جنهن اهڙي ڏکئي وقت صالح سان
ڀال ڀلايو هو. ان خيال کان، انور بيشڪ شابس جو
حقدار هو- صالح کي الله سڌاريو، پر انور سڌاريو!
پر، پوءِ مولوي صاحب ۽ نانگي شاهه جي نوازيل ۽
انور جي سڌاريل صالح جو حشر هيئن ٿيندو، تنهن جو
ڪنهن کي وهم گمان به ڪونه هو. صالح جي ماءٌ کي ته
خبر ٻڌڻ سان ڏندڻ پئجي ويا، ۽ پڻس کي تيسين اعتبار
نٿي آيو، جيسين انور پاڻ اچي چيس ته ”اها خبر
برابر ائين ئي مون پنهنجن ڪنن سان پنهنجي ريڊئي تي
ٻڌي آهي.“ وڏيرن جي نوڪرياڻيءَ ته صالح- ماءٌ کي
جامينءَ سُنهاريءَ جو قسم کڻي ڳالهه ٻڌائي هئي
ته’جنهن مهل ريڊئي اها خبر ٻڌائي پئي، تنهن مهل
ريڊئي جا لڪڙا، جن ۾ تار ٻڌل هوندي آهي، ڀَليَ
پارَ يعني اولهه طرف جهڪيل هئا!‘ مطلب ته ڳوٺ ۾
صالح جي مٽن مائٽن ۽ ننڍپڻ جي يارن توڙي شهر ۾
سندس ڪاليجي همڪلاسين ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ دوستن- سڀني
کي ڏندين آڱريون هيون... سواءِ سعيد جي.
سعيد، صالح جو رُوم- ميٽ هو. ساندهه چار سال گڏ هڪ
ڪمري ۾ گذاريا هئائون، سو سعيد کي صالح جي طبع جي
ايتري ته خبر پئجي ويئي هئي، جو صالح پيرُ کڻندو
هو، ته سعيد ٻڌائيندو هوس ته ’هي پير هن ارادي سان
کنيو اٿيئي!‘ صالح سعيد لاءِ ڄڻ هڪ کليل ڪتاب هو.
سعيد کي تڏهن ئي پرون پيا هئا، جڏهن اڳئين ڏينهن
تي صالح جو منهن لٿل ڏٺو هئائين، ۽ پڇيو هئائينس
ته ”ڪر خبر، ڪو نوڪريءَ جو آسرو مليو؟“ ته صالح
روئڻهارڪي آواز ۾ وراڻيو هو، ”نڪو، يارَ!“
گذريل سڄوئي مهينو صالح جو مهمان ٿي ماني کاڌي
هئي، ۽ ان کان اڳئين مهيني جا پهريان پندرهن ڏينهن
ڪلب جي مئنيجر کي اهو ڏٽو ڏيئي ماني کائيندو رهيو
ته ’اڄ نه سڀاڻ ائڊوانس جا سٺ روپيا ڏيندس‘. پر
پندرهن ڏينهن کان پوءِ جڏهن مجبور ٿي مئنيجر سندس
ماني بند ڪري ڇڏي، صالح کي پيٽ جي باهه اجهائڻ جو
آخرين ذريعو ڪئنٽين نظر آئي. رات ڏينهن جو بسڪوٽن
۽ بَننَ سان پيٽ ڀري گذر ڪندو رهيو- پر اَن کان
سواءِ ايمان ڪهڙو! اها ڪاري ڪوڏي ته هيس ڪانه، جو
بس جو ڀاڙو ڀري، پري پري پنڌ وارين فيسن ۾ نوڪريءَ
جي جاچ ڪري؛ ويتر پندرهن ڏينهن اَن اکئين نه ڏسڻ
سبب ڪمزور ٿي ويو، سو گهڻي پنڌ ڪرڻ جي طاقت به نه
رهيس- نتيجو اهو نڪتو ته نوڪريءَ جي جاچ پوريءَ
طرح ڪري نٿي سگهيو. پهرينءَ تاريخ جڏهن ڪلب جي
مئنيجر پندرهن ڏينهن جا مانيءَ جو بِلُ ۽ ڪئنٽين
واري ٻين پندرهن ڏينهن جي بسڪوٽن ۽ چانهه جو بل
کڻي اچي در تي ورتو، ته صالح هيانءَ تي پٿر رکي،
لڄ کي پاسيرو ڪري، سعيد جي پرپٺ سندس ڪوٽ ۾ پيل
پگهار جي نوٽن مان پورا پنجاهه روپيا کڻي قرضين کي
ڏنا، ۽ سعيد جي اچڻ تي کيس حال کان واقف ڪيائين.
سعيد نه فقط سندس انهيءَ ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪين
ڪيو، پر پاڻ دلجاءِ ڏنائينس، ۽ سڄو مٿيون مهينو
پنهنجو مهمان ڪري ماني کارائينس. هونئن ته سعيد ڪو
تونگر ڪونه هو- سندس ماهياني ڪمائي به اهي سؤ سوا
سؤ روپيا هئي، جنهن مان هو ڪاليج جون فيون به
ڀريندو هو- پر پاڻ صالح جو، ۽ صالح سندس سچو يار
هو. آئيءَ ويل هڪٻئي سان ڀائرن وارا پير ڀريا
هئائون. انهن نحوست وارن ٻن مهينن کان چار مهينا
اڳ ته صالح به سڃو ڪونه هو. آفيس مان ڏيڍ سؤ روپيا
مهينو ملندو هوس، جنهن مان ڪاليج جون فيون ۽ گذر
سفر ٿي ويندو هوس- اٽلندو، غريبي حال هوندي به،
چئن سالن جي عرصي ۾ چار سؤ روپيا جمع ڪيا هئائين،
جي بي. اي. جي امتحان ويجهي پوڻ سبب جڏهن آفيس مان
استعيفا ڏيئي ڇڏيائين، تڏهن سانگي سان خرچ ڪرڻ
لڳو. سندس اندازو هو ته چئن سون مان چار مهينا
نبري ويندا، تيتر بي. اي. جو نتيجو به نڪري ويندو،
۽ پوءِ ته هفتي کن اندر ضروري ڪا ٺاهوڪي نوڪري به
ملي ويندي. اقتصاديات ۾ بي. اي. ڪرڻ- ۽ سو به وري
’آنرس‘ ۾ !
- ڪو چرچو ڪونه هو. ٿورائي ڏينهن ٿيا هئا ته ملڪ
جي مالي وزير هڪ تقرير ۾ چيو هو ته ’شاگردن کي
اقتصاديات ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ گهرجي، جو اقتصادي
ماهرن جي سخت ڪمي آهي، ۽ انهن کان سواءِ ملڪ جو
مالي ڪاروبار سهڻو هلڻ ناممڪن آهي.‘ پر، پوءِ جڏهن
امتحان جو نيجو ظاهر ٿيو ۽ صالح پاس به ٿيو ۽کيس
ٺُونٺ جيڏو سرٽيفڪيٽ پڻ عنايت ٿيو، ته صالح جو بخت
جاڳڻ بجاءِ ڄڻ ته هميشه لاءِ سمهي پيو. ورندڙ ٻه
مهينا صالح جنهن جسماني عذاب ۽ روحاني ڪوفت سان
گذاريا، تنهن جي هڪ کيس خبر هئي ۽ ٻيو الله کي.
سندس خيالي محلات جون ڀتيون ائين جهُرڻ لڳيون، ڄڻ
ڪي سال اڳ ڪلر انهن جي پيڙهه کائي ڀتو ڀاڻ ڪري ڇڏي
هئي. ٻيو ته ٺهيو، کيس هينئر اها ڪلارڪي به ڪانه
ٿي ملي، جا ڇهه مهينا اڳ نان- گرئجوئيٽ هوندي به
کيس حاصل هئي. جنهن آفيس ۾ ٿي ويو، ۽ جنهن کان به
ٿي نوڪريءَ جي پڇا ڪيائين، تنهن منهن بڇڙو ڪري کڻي
ٿي ٻئي پاسي ڪيو- ڄڻ ته صالح کيس ڪا گار ڏيئي ڪڍي
هجي!
صالح ڪتابن ۾ انسان جي لازمي نيڪ فطرت بابت دنيا
جي وڏن وڏن عالمن جا نهايت سهڻا لکيل مضمون پڙهيا
هئا، ۽ انهن ۾ پورو پورو اعتبار ته ڇا اصل ايمان
رکيو هئائين. پر هينئر جڏهن مظلوميت جو مٿس پاڇو
پيو ۽ بک بيروزگاري اچي وٽس خيما کوڙيا، ته نهايت
ڏسڻا وائسڻا انسان، جن سان سندس چڱي خاطر کيس ڏسي،
پاسيرو منهن ڪري هليا ويندا هئا- ۽ اهو ڏسي،
’انسان جي لازمي نيڪ فطرت‘ بابت سالن کان سانڍيل
صالح جو ايمان، اَڪ جي ڪاٺيءَ جيان ٽڙڪو ڏيئي ٽُٽي
پيو!
تنهن ڏينهن صبح جو جڏهن سعيد کيس چيو ته ”يار، في
الحال کڻي ڳوٺ وڃ، ۽ ڪجهه تون اتان نوڪريءَ جو سڌ-
سماءٌ رکندو ڪجانءِ، ۽ ڪجهه مان هتي تولاءِ ڪوشش
ڪندو رهندس“، ته صالح سمجهي ويو ته سعيد جي دل ۾
اصل ڳالهه ڪهڙي هئي. سعيد کي انديشو هو ته متان
صالح ٻيو مهينو به مٿس بار بنجي پوي- ۽ اها حقيقت
هئي ته ان بار کڻڻ جو وِتُ سعيد ۾ هو به ڪونه.
نيٺ اهو نحس ڏينهن اچي ويو، جنهن ۾ صالح جي دل
دماغ ۾ قسمت پلٽو کاڌو. هو هڪڙيءَ آفيس ۾ نوڪريءَ
جي تلاش ۾ ويو. دروازي وٽ کيس هڪ همڪلاسي ۽ ڪي قدر
دوست پڻ- گڏجي ويو. صالح سان گڏ ئي بي. اي پاس ڪئي
هئائي- فرق رڳو ايترو هو ته صالح اقتصاديات جو
مضمون کنيو هو، ۽ هن سياسيات جو. اها ڳالهه ٻي هئي
ته صالح جو پيءُ پرائي زمين آباد ڪندو هو...۽ سندس
همڪلاسيءَ جي پيءُ کي ايڪيهه هزار ايڪڙ ٻني هئي، ۽
چار سال اڳ صوبي جو سال کن لاءِ ٻيلائي کاتي جو
وزير پڻ رهي چڪو هو. انهن ئي ڏينهن ۾، ملڪ جي هڪ
سرحدي رياست جي نواب کي اهڙي ته پُر تڪلف ڊنر
کارائي هئائين ۽ بدڪن جو شڪار ڪرايو هئائين، جو هو
سندس لنگوٽيو يار ٿي پيو هو. انهيءَ تي سرحدي
رياست جي نواب هينئر جو تازو خبر ٻڌي ته سندس هن
سنگتيءَ جي فرزند علم سياسيات ۾ بي. اي آنرس پاس
ڪئي آهي، ته ڇوڪر کي ڏسڻ وائسڻ ۽ سندس لياقتن ڄاڻڻ
کان سواءِ ئي، پنهنجي رياست ۾ نائب وزير مقرر ڪرڻ
جي آڇ ڏياري موڪلي هئائين، جا نهايت شڪر ادائيءَ
سان قبول ڪئي ويئي هئي.
اها پوئين ڳالهه صالح کي سندس همڪلاسيءَ وڏي فخر
سان ٻڌائي، ۽ اهو پڻ چيائين ته مهينو کن آرام ڪرڻ
بعد هو وڃي پنهنجي عهدي جي چارج وٺندو ... اهڙو
اطلاع تار رستي نواب صاحب کي موڪلي آفيس مان ٻاهر
ٿي نڪتو، ته صالح منهن پيو هوس. هو همراهه ته
ڳالهه ڪري ويندو رهيو، پر صالح جتي بيٺو هو، اتي
جو اتي پِنڊ پاهڻ جيان ڄميو رهيو. جذبن جو درياهه
سندس من ۾ موجون هڻڻ لڳو... اکيون ٻرڻ لڳس، مٿو
ڳورو ٿي پيس، چپ خشڪ ٿي ويس- بس، ائين ٿي لڳو، ڄڻ
سندس سوچ جو سلسلو ختم ڪين ٿيو. هو وري وري
ويچاريندو رهيو ... بي. اي پاس ڪرڻ بعد به هو
ڪلارڪيءَ جو محتاج هو، ۽ ٻئي لاءِ نائـــب وزيريءَ
جـــا فرمان نڪري چڪا هئا! هن جي ذهن تي ماضي
موٽڻ لڳو- ننڍپڻ جو زمانو... آرزو ۽ اميد...
شاندار مستقبل جا خواب... محنت... اوجاڳن جون
راتيون ... امتحانن مٿان امتحان ... ڪاميابي...
ڪلارڪي... ڪاليجي حياتي ... اخلاق ۽ ڀل مانسائيءَ
جا نوان عقيدا ... گرئجوئيشن جي ’سوني‘
ســـرٽيفڪيٽ جا سونهري خواب ... ۽ پوءِ هزار
حسرتون!... مظلوميت جو پاڇو... مائٽن جو مسڪيني
حال... يارن جون بيوفائيون ... بيروزگاري ...
بک... در در جون ٺوڪرون ... ذلت ۽ نفرت جو
ايــذاءُ ڏيـــندڙ احـــساس! صــالح ائــين
مــحسوس ڪيو ته ويهه ورهيه جنهن آب حيات جي آس ۾
اُڃ سَٺِي هــئائـين، سو آب نه هو رُڃ هئي!
هن جي دل تي ڳالهه ويهي رهي ته بک هر ڪنهن اخلاقي
جرات کي ختم ڪري ٿي ڇڏي، ۽ مظلوميت هر ذلت کي دعوت
ٿي ڏئي. بک ۽ بيروزگاريءَ جي احساس سبب هو اول ته
پاڻ کي حقير سمجهڻ لڳو، ۽ پوءِ ذليل پڻ. سندس
هيانءُ ٻڏڻ لڳو، ۽ حواس بيوس ٿيڻ لڳا. هو طرح طرح
سان عجيب نموني ۾ سوچڻ لڳو. ڪڏهين ڪو پُور ٿي
پچايائين، ۽ ڪڏهن ڪو خيال ٿي بيهاريائين. ننڊ سندس
نيڻن مان موڪلائي ويئي. رات جو جڏهن جِيت جڻيو به
آرامي هوندو هو، ته بستري تي ليٽيل صالح اکيون
ڦاڙي ڇِت ۾ گهوريندو رهندو هو، ۽ ڪِي جو ڪِي
ويچاريندو رهندو هو. جا گهڙي سندس اک لڳندي هئي،
تنهن گهڙيءَ هو عجيب غريب ڀوائتا خواب ڏسندو هو.
ڪڏهن هو پاڻ کي رستي تي پنندي ڏسندو هو، ۽ ڪـڏهن
پاڻ کـــي سوني تخت تي ويٺل پيو ڏسندو هو. ننڊ ۾
سندس اهو حــال هو، ۽ جاڳ ۾ هو پنهنجي منهن ڀڻ- ڀڻ
ڪندو رهندو هو. ان حالت ۾ ٻه ڏينهن گذارڻ کانپوءِ،
هڪ ڏينهن، اجهو ائين ئــي سوچيندي ويچاريندي،
اوچتو کيس هڪ اوکو ۽ انوکو خيال آيو. پهريائين ته
هو سڄو ڏڪي ويو، نرڙ تي پگهر اچي ويـس؛ پر پوءِ
نيٺ اٿي کڙو ٿيو. پاڙيسريءَ کان هڪ فُل سوٽ
ٿــوريءَ ديــر لاءِ اڌارو ورتائــين، ۽ پوءِ سعيد
جي بئگ خالي ڪري، ان ۾ ڪجهه ڪپڙا ۽ بيو ضروري
سامان وڌائين. ڪمري ۾ جيڪي به پنهنجون قيمتي شيون
نظر آيس، سي سئيءَ سڳي کڻي وڃي بزار ۾ وڪيائين...
سوا ٻه سؤ روپيا مليس. هوائي جهاز جو هڪ ٽڪيٽ خريد
ڪيائين؛ هڪ تار جو فارم ڀريائين، ۽ اهو موڪلي،
’آرام‘ جو ارادو لاهي، ’فوراً‘ عهدي جي چارج وٺڻ
لاءِ تيار ٿي بيهي رهيو.
شام جا ڇهه وڄي رهيا هئا، جو هوائي جهاز وڃي سرحدي
رياست جي مکيه شهر جي هوائي اڏي تي لٿو. صالح،
نهايت رعب تاب سان، بم جهلي ٻاهر نڪتو. پڙهيل
ڪڙهيل ۽ اُٿيل ويٺل هو. پري کان ئي سهي ڪيائين ته
سندس استقبال لاءِ آيل عملدار ڪٿي بيٺا ٿا
واجهائين. هٿ جو اشارو ڪيائين، ۽ هو سڀئي ائين
ڏانهس ڀڳا، جيئن چُچڪار تي هيريل ڪتن جو ولر. جهڪي
سلام ڪيائون، ۽ سمورا آداب بجا آندائون. نئين نائب
وزير صاحب هوائي اڏي تي سلامي ورتي، ۽ پوءِ هڪ
کليل ڪار ۾ شهر ڏانهن روانو ٿيو.
شام جا پاڇا گهڻا ڊگها ٿي چڪا هئا. آسمان تي
مينديءَ رتا ڪڪر پکڙيا بيٺا هئا. ماڻهن دوڪانن تي
بتيون پئي ٻاريون. گهٽين جي چونڪن تي فانوس پئي
لٽڪيا. نئين نائب وزير صاحب جي ڪار شاهي رستي تان
پئي ويئي. ڪار جي اڳيان- پويان محافظ دستو پئي
هليو. پاسي کان بيٺل ماڻهن جي انبوهه جهڪي جهڪي
پئي سلام ڪيا. نواب صاحب جن، وڏي وزير سميت، رياست
۾ اندر شڪار لاءِ ويل هئا. نائب وزير جي رهڻ جو
عارضي انتظام وڏي وزير صاحب جي موجوده رهائش گاهه
۾ ٿيندو، ڇو جو وڏو وزير صاحب پاڻ نئين ٺهيل مڪمل
ايئرڪنڊيشن ڪيل بنگلي ۾ وڃڻ وارو آهي.
رات جو نائب وزير صاحب جي اعزاز ۾ هڪ نهايت شاهي
ڊنر ڪئي ويئي، ججنهن ۾ شهر جي معزز شخصن ۽ اعليٰ
عملدارن شرڪت ڪئي. ٻئي ڏينهن صبح جو نائب وزير
صاحب پنهنجيءَ آفيس ۾ ويو، ۽ هڪ اڌ ڪاغذ پٽ به
اٿلائي ڏٺائين، پر ستت ئي رهائش گاهه تي واپس آيو،
جو سفر جي ٿڪ سبب ڪم ڪرڻ جهڙو ڪين هو- هونئن به
رياست جي ڪم ڪار سان واقفيت پيدا ڪرڻ ڪا آسان
ڳالهه ته نه هئي! آفيس مان واپس آئي کيس ويرم ئي
نه گذري هئي، جو هڪ قاصد اچي اطلاع ڏنو ته ’نواب
صاحب جن شڪار تان واپس آيا آهن، ۽ نئين صاحب کي
ياد فرمايو اٿن.‘ نائب وزير صاحب نواب صاحب سان
ملاقات جي فوراً تياري ڪئي، ۽ انهيءَ ئي مهل موٽر
کين محلات جي اندر آڻي ڪڍيو. نواب صاحب جن ديوان
خاص ۾ ويٺل هئا، ۽ نائب وزير صاحب سان ملاقات به
اتي ئي ڪرڻ پسند ڪيائون. نهايت قربائتي نموني ۾
پيش آيا: اٿي بيهي بغلگير ٿيا، ۽ نائب وزير صاحب
کي ’فرزند‘ جي لفظ سان خطاب ڪيائون، ۽ فرمايائون
ته کيس رياست جي انتظام سمجهڻ ۾ اميد ته ڪابه
تڪليف ڪانه ٿيندي، ۽ رياست ۾ پنهنجي عهدي جا فرض ۽
ذميواريون سهڻي نموني سنڀالي اميد ته هو رعايا جون
دعائون کٽندو ۽ نواب صاحب جو مڪمل اعتماد حاصل
ڪندو.
رات جي ماني نئين نائب وزير ۽ نواب صاحب گڏجي
کاڌي. ان کان پوءِ شراب ۽ رقص جي محفل ڄمي. نواب
صاحب ور ور ڪري پئي وڏي وزير صاحب کي ياد فرمايو-
چي؛ ”شڪار ته مون کان گهٽ ڪيو اٿس، ته به ايڏو
آرام!“ راڳ روپ جي محفل جاري. جام مٿان جام پئي
وريا، ۽ سازن جو واڄو پئي پيو ... هڪ وڏي پيٽ ۽
ٿلهي جسم وارو شخص، ننهن کان چوٽيءَ تائين ريشمي
ڪپڙن ۾ ملبوس، اچي نواب صاحب جي ڀر ۾ ويٺو. نهايت
گرمجوشيءَ سان نواب صاحب، نئين نائب وزير ڏي اشارو
ڪندي، چيو: ”اسان جي عزيز دوست جي فرزند ۽ پنهنجي
رياست جي نئين نائب وزير ميان يار محمد سان مصاحفو
ته ڪريو!“ ۽ پوءِ ٻئي پاسي منهن ورائي چيائين: ”هي
آهي اسان جي رياست جو وزيراعليٰ صاحب، مجتبيٰ
حسين!“
”... يار محمد!“ وڏي وزير صاحب، هٿ وڌائيندي،
نهايت تعجب ۾ ٿورو ڏاڍيان چيو: ”اوهان جو اسم شريف
... يار محمد؟“
”جِي...“ نئين نائب وزير صاحب اهڙي منجهيل آواز ۾
چيو، جو معلوم ٿيو ته کيس به پنهنجن لفظن تي ڀروسو
ڪونه ٿو اچي.
”ناممڪن!“ وڏي وزير صاحب بي آراميءَ سان ساهه
کڻندي، آهـستي ۽ هـٻڪـندي چـيو: ”مان پاڻ ميان يار
مـحمد کــي سـندن والد محترم جي روبرو هفــتو اڳ
آرڊر ڏيـئي آيو آهيان!“
- ۽ اهو ٻڌي، نئين نائب وزير صاحب جي نرڙ تي پگهر
جا قطرا نڪري آيا. سندس هٿ ڏڪڻ لڳا، نگاهون هڪ هنڌ
ڄمي ويئون، ۽ بت لوهي شيخ وانگر هڪ هنڌ سخت ٿي
ويو. خود نواب صاحب هراسجي ويو. نئين نائب وزير جي
اکين مان آنسو پئي ٽميا. هن نهايت ڏکويل آواز ۾
فقط ايترو چيو: ”مان مجرم نه آهيان ... مظلوم
آهيان!“
- ۽ پوءِ، ٻئي ڏينهن، ريڊين ۽ اخبارن رستي سڄي ملڪ
۾ هوءِ هواءِ ٿي ويئي- ’گذريل رات، سرحدي رياست ۾،
پوليس صالح نالي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري، شاهي
قيدخاني ۾ نظربند رکيو: نوجوان صالح تازو بي. اي
پاس ڪئي هئي، ۽ چيو وڃي ٿو ته هو ڪافي عرصو
بيروزگار رهيو هو، ۽ پنهنجو ذهني توازن قائم رکي
نه سگهيو هو. هن نهايت ڊرامائي انداز ۾ پاڻ کي
رياست جو نائب وزير ڪري پيش ڪيو، ۽ هڪ ڏينهن ۽ ٻه
راتيون اهو عهدو ماڻيو، پر بعد ۾ راز فاش ٿيڻ سبب
هو گرفتار ٿي پيو ... ۽ گرفتار ٿيڻ واريءَ رات ئي
شاهي قيدخاني ۾ آپگهارت ڪيائين! پوليس وڌيڪ
تحقيقات ڪري رهي آهي.‘
سنڌيڪار: مرزا مراد علي ’اختر‘
ليليٰ- مجنون
[دنيا جي هيءَ مشهور معروف ڪهاڻي، ليليٰ- مجنون،
فارسيءَ جي مشهور شاعر ’نظاميءَ‘ (1140- 1220ع)
فارسي مثنويءَ ۾ لکي آهي، جا انگريزيءَ ۾ دنيا جي
عظيم ڪهاڻين جي انتخاب،
Greatest Short stories
The World’sنالي
ڪتاب ۾ شايع
ٿي آهي. ’سنڌي ادبي بورڊ‘ پاران اهو ڪتاب سنڌيءَ ۾
ترجمو ٿي رهيو آهي. ان جي پهرين ڪهاڻي، محترام
مراد علي ’اختر‘ جي ترجمو
ڪيل، ’مهراڻ‘
۾ شايع ڪري رهيا آهيون. – ادارو]
ليليٰ ... رات جي روشني!
هوءَ اُفق تي آيل چنڊ جهڙي خوبصورت هئي. سنديس
سونهن ان سَروَ جي وڻ مثل هئي، جيڪو رات جي هوائن
۾ لڏندو آهي، بيشمار تارن جي نوراني روشنيءَ ۾
چمڪندو آهي. هن جا وار ڳوڙها ڪارا ۽ چلڪيدار هئا،
۽ سنديس ڪارين اکين ۾ بيپناهه روشني هئي. مُرڪڻ
وقت جڏهن هوءَ مُنهن کوليندي هئي، تڏهن ائين لڳندو
هو ڄڻ ته سڳند سمايل صبح جي اچڻ جي بشارت ڏيئي رهي
هجي، جڏهن عشق- سمورين رنگنين ۽ رعنائين سميت- هن
جي دل کي پنهنجو نشانو بنايو، تڏهن هوءَ هڪ اهڙي
گُل وانگر ٿي پيئي، جنهن کي ان جي عاشق پنهنجي
ساهه سان سانڍڻ لاءِ عَدن جي باغ مان پَٽيو هجي-
هڪ اهڙي گُل جيان، جنهن کي پوءِ اهو مُزد، اهرمن
جي هٿ مان ڦُرن، ان کي ڪُومائي، سُڪائي، ختم ڪري
ڇڏيو.
ليليٰ، سونهن جو عجيب لباس پهري، رات جي اونداهه
مان ٻاهر نڪري آئي هئي- هوءَ روشنيءَ ۾ واپس آئي
هئي. جڏهن سندس قبر جي ڀرسان سَرو جي وڻ کي هوا هن
جي محبت جو داستان پئي ٻڌايو، تڏهن تارن پنهنجي
روشنيءَ ۾ هيٺ اهڙيءَ طرح ٿي نهاريو، ڄڻ چئي رهيا
هجن- ’ليليٰ ختم نه ٿي آهي؛ هوءَ اسان مان ئي پيدا
ٿي هئي، ۽ هن کي اسان ڏانهن ئي واپس ورڻو هو.‘ مٿي
نهاريو! مٿي نهاريو!... رات جو ليليٰ جنهن به جاءِ
تي ويٺي ٿي، اتي نور ئي نور هو؛ هوءَ جتي به ويئي
ٿي، اُتي روشنيءَ ۽ نُور جا درياءَ وهڻ لڳندا هئا.
جيئن چنڊُ هيٺ سڀني دريائن ڏانهن نهاريندو آهي، پر
انهن ۾ پاڇو هڪ ئي چنڊ جو هوندو آهي، تيئن ليليٰ
جو حُسن به اهڙو ئي هو، جنهن سڀني دلين کي پنهنجي
عشق جي دام ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو.
ليليٰ جو پيءُ پنهنجي قبيلي جو معزز سردار هو.
ليليٰ جي حُسن جي هاڪ ٻڌي، ڏورانهن ڏيهن جا شهزادا
هن جي در جا سلامي ٿيندا هئا. انهن مان مان ڪو به
شهزادو ليليٰ جي دل کي فتح نه ڪري سگهيو. مال دولت
۽ شان شوڪت به هن کي مائل نه ڪري سگهيا. اها فتح ۽
ڪاميابي، فقط يعني بهادر سردار جي نوجوان پُٽ
’قيس‘ جي نصيب ۾ هئي، - ۽ ليليٰ ڏاڍي آزاديءَ سان
پاڻ کي هن جي حوالي ڪري ڇڏيو.
يمن جي انهيءَ سردار ۽ ليليٰ جي پيءُ جو پاڻ ۾
ڪوبه دوستاڻو رشتو ڪونه هو. هنن ۾ جيڪڏهن ڪو تعلق
هو ته فقط اُن پراڻيءَ دشمنيءَ جو، جيڪا هنن کي
سندن وڏن کان ورثي ۾ ملي هئي. جيتوڻيڪ ڪن ميلن ۽
ملاکڙن جي چڱن موقعن تي ٻنهي قبيلن جا ماڻهو پاڻ ۾
ملندا هئا، ۽ ڪجهه دير لاءِ اهي پراڻيون ڳالهيون
وساري ڇڏيندا هئا، پر انهيءَ حقيقت کان به انڪار
ڪري نٿو سگهجي ته هڪٻئي کي سلام ڪرڻ وقت هنن جي
اکين ۾ نفرت کان خون ڀرجي ايندو هو. ليڪن، سدائين
ائين به ڪونه ٿيندو هو. هڪڙو اهڙو موقعو به آيو،
جڏهن هڪ اهڙيءَ ئي خوشيءَ جي دعوت ۾ قيس پهريون
ڀيرو ليليٰ کي ڏٺو... ٻنهي جون نگاهون هڪٻئي سان
مليون؛ ۽ جيتوڻيڪ هنن جي زبان تي ڪو به لفظ ڪونه
آيو، پر هڪ ئي نظر ۾ عشق هنن کي بيچين ۽ بيقرار
ڪري ڇڏيو.
انهيءَ وقت کان وٺي، نوجوان قيس جي دنيا ۾ هڪڙي
اٿل اچي ويئي؛ هو سِير شڪار جي شغل کان نٽائڻ لڳو؛
دعوتن ۾ ۽ صلاح مشوري جي موقعن هُن جي زبان بلڪل
بند رهندي هئي؛ هو سڀني کان پري ۽ جدا گذاريندو
هو؛ ۽ سندس اکين ۾ هر وقت هڪ عجيب روشني هوندي
هئي. قبيلي جو ڪوبه نوجوان کيس ڪنهن شغل لاءِ
لالچائي نه سگهيو، ۽ نه وري ڪا حسينه هُن جي دل کي
آٿت ڏيئي سگهي. هن جي دل ڪنهن ٻئي گهر ۾ هئي، ۽
اُهو گهر هڪ غير جو هو.
ليليٰ به هڪ جيڏين سهيلن ۾ ويهندي هئي، ته اکيون
هيٺ هيونديون هيس. هڪڙي ڀيري هڪ ڪنواري ڇوڪري
تنبوري تي جهنگلي چشمي بابت راڳ ڳايو جتي کير جهڙي
چانڊوڪيءَ ۾ محبت جا ماريل ملاقات ڪندا هئا. ليليٰ
ڪنڌ مٿي کڻي ڏاڍي غور سان راڳ ٻڌو، ۽ ڇوڪريءَ کي
وري وري ڳائڻ جي فرمائش ڪئي. انهيءَ کان پوءِ،
جڏهن شام ٿي ۽ سج لٿو، تڏهن هو محلات جي باغ ۾
اڪيلي گهمندي رهي. هوءَ هاڻي هر روز رات جو اتي
چڪر هڻندي هئي. هڪڙيءَ رات ... جڏهن چنڊ پوري
تابانيءَ سان چمڪي رهيو هو، هوءَ گهمندي گهمندي
باغ جي اُن حد تائين وڃي پهتي، جتان گهاٽن ٻيلن جو
سلسلو شروع ٿي ٿيو. جيئن ئي هُن وڻن جي ٿُڙن وٽ
رستي ڏانهن نهاريو، تيئن هن جي نظر هڪ کليل ميدان
تي چانڊوڪيءَ ۾ چمڪندڙ چشميءَ تي وڃي پيئي، ۽ هن
محسوس ڪيو ته هي اهوئي غيرفاني چشمو آهي، جنهن
بابت ڪُنواري ڇوڪريءَ تنبوري تي ڳايو هو. هتي قديم
وقت کان وٺي محبت جا ماريل ملندا هئا، ۽ پنهنجيءَ
محبت جو اقرار ڪندا هئا. هن جو سڄو جسم ڏڪي ويو،
جڏهن کيس احساس ٿيو ته هوءَ انهيءَ چشمي کي
ڳوليندي هتي اچي پهتي هئي. هن جا ڳل گرم ٿي ويا...
تيز ڌڙڪندڙ دل سان، شرم ۽ حيا ۾ غرق، هوءَ محلات
ڏانهن واپس ڊوڙي ويئي.
ليليٰ جي عادت هوندي هئي ته هوءَ محلات ۾ شاهي
ڪمري جي دريءَ تي ٺُونٺيون ٽيڪي، ٻاهر وڻن جي
چوٽين جو نظارو ڏسندي هئي. انهيءَ ڪمري ۾ ٻه سفيد
ڳيرا به هوندا هئا، جن کي ليليٰ پنهنجن هٿن ۾ پالي
وڏو ڪيو هو. اِهي ڳيرا ليليٰ جي ڪُلهن تي ويهندا
هئا، ۽ ڏاڍيءَ نرمائيءَ سان سندس ڳلن تي چهنبون
هڻندا هئا. ليليٰ انهن کي پنهنجن هٿن سان داڻو
کارائيندي هئي، ۽ جڏهن اُنهن کي سڏيندي هئي، تڏهن
اهي اُڏامي وٽس ايندا هئا. ليليٰ انهن پکين مان هڪ
کي دريءَ مان ٻاهر اُڏائي ڇڏيندي هئي، ۽ ٻئي کي
پنهنجي ڇاتيءَ سان لائي بيهندي هئي. اُڏايل پکي
محلات جي سامهون وڻ تي وڃي ويهندو هو، ۽ پنهنجي
ساٿيءَ لاءِ ايستائين ’گهُو- گهُو‘ پيو ڪندو هو،
جيستائين ليليٰ پنهنجي سيني سان لاتل ٻئي پکيءَ کي
آزاد نه ڪندي هئي. ۽ جڏهن پکي آزادي ٿي تيزيءَ سان
پنهنجي ساٿيءَ ڏانهن اُڏامي ويندو هو، تڏهن ليليٰ
ٿڌو ساهه کڻي دل ئي دل ۾ چوندي هئي ته ’جڏهن عاشق
کي پَرَ هوندا آهن!، تڏهن هو پنهنجي محبوب ڏانهن
اُڏامي ويندو آهي... پر افسوس، مون کي پَرَ ڪونه
آهن!‘ انهيءَ هوندي به، اهي ئي پکي هئا، جن جي
وسيلي سندس عاشق هڪ اُمنگ اُٿاريندڙ سنيهو موڪليو،
جنهن جي ملڻ تي ليليٰ خوشيءَ ۽ خوف ۾ وڪوڙجي ويئي
۽ آخر ڪار هن جا قدم انهيءَ جاءِ ڏانهن وڌڻ لڳا،
جتي محبت جا ماريل ملاقات ڪندا هئا.
ليليٰ جا اهي سفيد ڳيرا پري پري تائين مشهور هئا،
قيس به اڪيلائيءَ ۾ اڪثر ڪري انهن بابت سوچيندو
هو. هڪڙِ ڀيري جڏهن هن کي اهو خيال آيو، تڏهن هو
پلنگ تي اُٿي ويٺو، ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته ’جيڪڏهن آءٌ
هن جي پيءُ وٽ وڃي عرض ڪريان ته مون کي پنهنجي
ڌيءَ سان شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ته هو مون سان
ڪهڙيءَ طرح پيش ايندو؟ يا، جيڪڏهن آءٌ قاصد
موڪليان، ته اُن سان ڪهڙو برتاءٌ ڪيو ويندو؟...
جيڪڏهن منهنجون اهي اميدون سچيون آهن، ته پوءِ
اِهي پکي اُڏامي دريءَ ڏانهن ويندا، ۽ وڃي هن جي
سيِني سان چهٽندا--!‘
انهيءَ اوچتي خيال اچڻ تي، قيس پنهنجي نوڪر زيد کي
سڏ ڪيو، جيڪو پنهنجي عزيز مالڪ جو سڏ ٻڌي ڊوڙندو
آيو.
”زيد، توکي خبر آهي،“ قيس چيو، ”بصري جي سردار جي
محلات ۾ ٻه سفيد ڳيرا آهن، جن مان هڪ پنهنجي
مالڪياڻيءَ جي اشاري تي پري اُڏامي ويندو آهي، ۽
ايستائين گهُو- گهُو پيو ڪندو آهي، جيستائين ٻيو
ڳيرو وٽس نه ايندو آهي؟“ ”سائين، مون کي پوري خبر
آهي؛ اهي پاليل پکي آهن، ۽ پنهنجي مالڪياڻيءَ جي
اشاري تي ايندا آهن.“
”تون سمجهين ٿو ته اهي تنهنجي قبضي ۾ اچي سگهندا؟“
زيد، جيڪو پنهنجي مالڪ جي رازدار به هو ۽ کيس اها
به خبر هئي ته هو ڪهڙي مرض ۾ گرفتار آهي، تنهن
جواب ڏنو:
”سائين، اوهان کي اهي پکي گهرجن ڇا؟ منهنجو پيءُ
ڪاٺير هو، ۽ آءٌ جهنگ ۾ ئي پلجي وڏو ٿيو آهيان:
مون ڳيرن کان وڌيڪ ڪيترائي جهنگلي پکي ڦاسايا آهن؛
مون کي اهي اَٽڪلون به اچن ٿيون، جن جي وسيلي آءٌ
پکين کي پنهنجي هٿ سان جهلي سگهان ٿو.“
”ته پوءِ انهن پکين مان هڪ مون کي به آڻي ڏي... پر
خيال ڪجانءِ ته ان کي ٿوري به ضرب نه پهچي- ان جو
هڪ کنڀ به ضايع نه ٿئي!“
زيد سچ پچ ذهين هو. ٽِئن ڏينهن هو ليليٰ جو هڪ
سفيد ڳيرو کڻي آيو، ۽ آڻي قيس جي هٿ ۾ ڏنائين. قيس
پکيءَ جي پُٺيءَ تي پيار ۽ نرميءَ سان هٿ گهمايو،
۽ پوءِ پکي زيد کي جهلڻ لاءِ ڏيئي، پاڻ ڏاڍيءَ
خبرداريءَ سان ان جي ٽنگ ۾ هڪڙو چمڙي جو ٽڪرو
ٻڌائين، جنهن تي هيٺان بيت لکيل هئا:
- تنهنجي دل سفيد ڳيري وانگر صاف ۽ پاڪ آهي؛
۽ اُها سامهون وڻ تان،
تنهنجي محبت جو پيغام کڻي،
مون وٽ اُڏامي آئي آهي.
-توکي تنهنجي دل واپس ڪين ملندي،
ڇاڪاڻ ته هاڻي اها مو وٽ کي رهندي؛
پر، انهيءَ هوندي به، سامهون وڻ تي
تون منهنجي ڏکويل دل جا سُڏڪا ٻڌندينءَ.
- اَڄ رات آءٌ تنهنجو انتظار ڪندس-
اُن چشمي تي، جت محبت جا ماريل ملاقات ڪندا آهن
اي محبوب، مون وٽ اهڙيءَ طرح اُڏمي اچ،
جيئن ڳيرو ڳيريءَ ڏانهن اُڏامي ويندو آهي...
اُها رات البت گرم هئي. ليليٰ، دستور موجب، هڪڙي
ڳيري کي دريءَ مان اُڏئي ڇڏيو هو، ۽ ٻئي ڳيري کي
پنهنجي سيني سان لائي اُن جي ’گهُو- گهُو پئي
ٻُڌي... پر هميشه وانگر پکيءَ جو آواز سامهون وڻ
تان ٻڌڻ ۾ ڪونه آيس! ليليٰ ڦٽڪندڙ ڳيري کي پنهنجي
هٿن ۾ سوگيو جهليو، ۽ دريءَ مان اڳتي جهُڪي، آواز
کي غور سان ٻڌڻ لڳي؛ پر ڪو به آواز نه ٻُڌي، هُن
دل ۾ چيو ته ’هن کي ڇا ٿيو؟ هو ڪيڏانهن اُڏامي
ويو؟ اڳي ته ڪڏهن به ائين ڪونه ٿيو!... شايد پکيءَ
کي وڻ تي ئي ننڊ اچي ويئي آهي-.‘ |