عرب بدوي تمدن جو اثر سنڌ جي دهقاني زندگيءَ جي هر
شعبي تي پيو: پير کڻڻ، نکٽ نهارڻ، ڏٿ ڏورڻ، کوهيون
۽ تڙ کڻائڻ، وس چرڻ، جهوڪون ڪرڻ، جهوڪ جون باهيون
ٻارڻ، دونهيون دکائڻ ۽ پڊ ڪرڻ، جي سڀ سنڌ جي بري
زندگيءَ جا نشانبر پهلو آهن، انهن مڙني تي عرب جي
بدوي تمدن ۽ بدوي لغت جو بلڪل گهرو اثر پيل آهي.
عرب رات جو جهوڪن وقت باهيون ٻاريندا هئا، ته
مسافر پري کان ڏسي لڙي اچن. باهه ٻارڻ ۽ دونهيون
دکائڻ، مهمان نوازي ۽ مردانگيءَ جو شيوو هو. سنڌ
به اهو عربي تمدن انهيءَ ساڳيءَ اخلاقي معنيٰ ۾
قبول ڪيو. سنڌيءَ جا اصطلاح ’ٻُوٽو ٻارڻ‘ يا
’فلاڻي ڪانه ٻاري‘، وغيره انهيءَ تمدن جي ياد آهن:
ٿو مِرون ماري مڙس کي، تون بيٺو آهين بي ايمان،
انهيءَ جئي کان مُئو ڀلو هون، تو ڪانئر ٻاري ڪان!
(دين محمد لغاري)
اهڙيءَ طرح ’کيما کوڙڻ‘ (خيما کوڙڻ= منزل انداز
ٿيڻ) اصطلاح، انهيءَ برري تمدن جي ساک ڀري ٿو، جو
سنڌ ۾ عربي اثر هيٺ رائج ٿيو.
عشق آڻي جت کيما کوڙي، دين ڪفر جا ٽڳا ٽوڙي.
عرب شاعرن پنهنجي محبوب جا ڦِٽل پَڊ (جهنگ ۾ گهرن
جا نشان) ڳايا آهن. مثلاً: ’امرؤالقيس‘ چوي ٿو:
قِفا نَبڪِ مِن ذڪريٰ حبيب و منزلِ
(بيهو ته محبوب جي پَڊن جي ياد ۾ ڳوڙها ڳاڙيون)؛
شاهه صاحب چوي ٿو ته:
کاروڙيان کڻي، وِيڙهي جهَپ ويا،
سيڻ منهنجا، سَيد چوي، هاڻي هِت هُئا،
پسي پَڊ اُنيءَ جا، مون کي لڙي لُڙڪ پيا،
ڏيهي ڏور ويــا، ڏيـــان ڌوراپا ڪــن کي.
بدوي عرب شاعرن پنهنجي محبوبن جي سونهن کي اُٺن
ڏاچين جي سهڻين وصفن (مثلاً ڊگهي ڳچي) سان مشابهت
ڏني آهي؛ اهڙيءَ طرح سنڌي شاعر به چوي ٿو ته:
نبي سر جون نام- ڪٺيون، سي ننگ ڀريون ڪن ناٽ؛
هڪڙي لوڏ لوهاڻين کي، ۽ ٻيءَ جا سونهن سماٽ؛
جويون جيسلمير جون، اٿئي ڪُل
ڪَنواٽ.
(سانوڻ)
مطلب ته سنڌ جي دهقاني خيال ۽ تمدن تي عربي تمدن
جو نهايت گهرو اثر پيو. ٻهراڙيءَ ۾ هر شيءِ ۽ شي
جي هر ذري پرزي کي نالو مليو: ٿر بر، جهنگ جهر،
مال، پوک، گاهه ڏٿ، گهر تڙ، مَنهن ڇپر جي جز تي
خاص نالو پيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي تمدني
سرمايي ۾ وڏو واڌارو ٿيو.
4.
ٻوليءَ جي علم ادب جو بنياد پيو:
سنڌ ۾ عربي حڪومت جي دور ۾ اسلامي سلطنت واري
اراضي، ۽ علم ادب ۽ سائنس ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ممتاز
هئي. جتي جتي اسلام پهتو، اتي علمي ترقي ٿي. سنڌ ۾
به فتح اسلام بعد نئون دور شروع ٿيو. سنڌ ۾ عربي
حڪومت شروع ٿيڻ کان اٽڪل هڪ سؤ ورهين اندر، سنڌ جي
علمي درسگاهن، عربي خواهه سنڌي ۽ هندي ٻولين جا
ڄاڻو پيدا ڪيا. عباسي دور حڪومت ۾، خصوصاً مامون
جي وقت ۾- جي علمي ۽ فني ڪتاب سنسڪرت مان ترجمو
ٿيا، سي گهڻو ڪري سنڌ جي گورنرن جي معرفت ۽ سنڌ جي
درسگاهن مان نڪتل عالمن جي مدد سان ٿيا. ڪنهن عربي
عالم جو بيان آهي ته هن طبرستان طرف ڪنهن ڪتبخاني
۾ هڪ ’هدي‘ ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڏٺو، جنهن ۾
ڄاڻايل هو ته هيءُ ترجمو ساونديءَ جي امير جي
سرپرستيءَ هيٺ ٿيو().
’ساوندي‘، جيئن فتحنامي مان ظاهر آهي، سنڌ جو شهر
هو، جنهن جا والي سما هئا. خاص سنڌ وارن مان
ڪيترائي محدث، مصنف، مؤرخ ۽ شاعر پيدا ٿيا. ابو
عطا سنڌي، عربيءَ جو بلند پايه شاعر، ۽ ابو معشرر
سنڌي، تاريخ جو مشهور راوي، انهن اوائلي شخصن مان
هئا. سنڌ جي گاديءَ ’منصوره‘ جي قاضي، احمد بن
محمد، عراق ۽ فارس ۾ شهرت حاصل ڪئي. ”انساب
سمعاني“، ”مُعجَمُ البُلدَان“ ۽ ٻين عربي ڪتابن
مان ڪيترن ئي سنڌي محدثن، خصوصاً شهر ديبل جي
عالمن، جا نالا ملن ٿا. سنڌي مصنفن مان فَرخَ
السندي، ۽ خَلاد السندي ابو الفَراج السندي (جو
ڪوفي ۽ بجاج هو) جا نالا قابل ذڪر آهن(2).
هڪ طرف سنڌي نسل جي عالمن عربي علوم ۾ شهرت حاصل
ڪئي، ته ٻئي طرف وري عربي نسل جي عالمن سنڌ ۾ سنڌي
۽ هندي ٻولين جي مطالعي ۾ گوءِ کنئي. سنڌ ۾
’منوصره‘ علم جو مرڪز هو. سنه 288 هجريءَ ۾ ابو
محمد الحسين نالي هڪ عالم منصوره ۾ هو. اتي هن هڪ
معتبر شخص کان ٻڌو ته ڪشمير طرف جي هڪ راجا- جنهن
جو لقب ”راءِ“ ۽ نالو ”مهروڪ بن رايق“ هو، ۽ جو
هندستان جي نام نهاد راجائن مان هو- 270 هجريءَ ۾
سنڌ جي حاڪم عبدالله هَباريءَ ڏي لکيو ته سندس
واسطي اسلامي احڪام جو هندستاني ٻوليءَ ۾ ترجمو
ڪرائي. عبدالله، منصوره جي هڪ عالم کي گهرايو، جو
اصل عراقي خاندان مان هو، شاعر به هو، ۽ هندستان
جي مکيه ٻولين بلڪ محاورن جو به ماهر هو. ان عالم،
راجا جي ضرورت موافق، اسلامي احڪام کي ڏيهي ٻوليءَ
۾ قصيدي جي صورت ۾ نظم ڪيو، جو راجا ڏي موڪليو
ويو. راجا کي اهو نظم نهايت پسند آيو، ۽ امير
عبدالله کان مصنف جي گهر ڪيائين. هي عالمُ راجا جي
درٻار ۾ ويو، ۽ ٽن سالن بعد موٽيو؛ [۽ خبر ڪيائين
ته] راجا قلب توڙي زبان سان اسلام قبول ڪري چڪو
آهي، مگر سياست جي مصلحت سببان عام اعلان ڪونه ٿو
ڪري؛ [۽ چيائين ته اتي] راجا کيس ملڪي ٻوليءَ ۾
قرآن شريف جي ترجمي ڪرڻ لاءِ چيو، جو پورو ڪيو
ويو. [راجا جي انعام متعلق چيائين ته] راجا ٽن
ڀيرن ۾ کيس ڇهه سؤ مڻ سون بخشش طور ڏنو(1).
مڻ انهيءَ وقت هڪ ننڍو وزن هو.
هنن حقيقتن مان ظاهر آهي ته سرزمين سنڌ ۾ نه صرف
عربيءَ جي اڀياس لاءِ درسگاهون هيون، مگر سنڌي بلڪ
هندي زبانن جي مطالعي لاءِ به جوڳو بندوبست ٿيل
هو. سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي ٻنهي ٻولين کي وڏي اهميت
هئي، ڇو ت عربن ۽ سنڌين جي گڏيل رهڻي ڪهڻيءَ سبب،
ٻئي هڪٻئي جي ٻولي سمجهندا ۽ ڳالهائيندا هئا.جملي
عرب سياحن جو بيان آهي ته سنڌ ۾ سنڌي توڙي عربي
ٻولي ٻئي رائج هيون- جنهن مان ثابت آهي ته عرب
حڪومت سنڌي ٻوليءَ کي وڏي اهميت ڏني، ۽ ان جي
ترقيءَ ۽ واڌاري جو باقاعدي انتظام ڪيو.
سنڌ ۾ سنڌيءَ سان گڏ عربيءَ جي عام فهم هجڻ مان هڪ
وڏو فائدو هيءُ ٿيو جو سنڌ وارن پنهنجا تعلقات
بغداد توڙي اسلامي سلطنت جي ٻين ڀاڱن سان قائم
ڪيا، ۽ اتي جي علمي، ادبي ۽ فني ترقيءَ کان براه
راست بهرور ٿي سگهيا، ۽ سنڌ ۽ بغداد جي درميان
تمدني تعلقات وڌيا. سنڌ جا عرب گورنر جي مرڪزي
حڪومت طرفان ايندا هئا، سي اڳي ئي علم ادب جا
ڪوڏيا هئا. اول ۾ انهن سان گڏ مرڪز مان ڪاسبي،
ڪاريگر، منتظم ۽ فوجي آفيسر آيا، مگر بعد ۾ مرڪزي
عرب ملڪن مان وڏا عالم، سياح ۽ سياسي ليڊر به سنڌ
۾ ايندا رهيا. شايد ابو جعفر منصور جي ڏينهن امام
ابراهيم- جنهن کي پوءِ شهيد ڪيو ويو- سنڌ ۾ آيو، ۽
ان سنڌ جي تارريخ تي تحقيق ڪئي. منهنجي راءِ ۾
’فتحنامي‘ جو هڪ باب، جو محمد بن قاسم جي درياءَ
اڪرڻ بابت آهي، سو امام ابراهيم جي تحقيق جو نتيجو
آهي(1).
سنڌ مان وري ڪپڙي جا واپاري (بزاز)، پيلبان، صراف،
سڪي ساز ۽ بورچي بغداد ۽ بصري، ڪوفي ۽ ٻين مرڪزي
شهرن ۾ ويا. سنڌ جي بورچين ئي شايد بغداد ۾ سنڌي
پلاءُ جا ٻه قسم، ”لِيمويَہ“ (ليمائي) ۽
”مُهَلبِيہ“ (سنڌ جي مهلبي گورنرن جي نالي پٺيان)
جنهن کي ”بهطہ“ (ڀَت) به سڏيندا هئا، رائج ڪيا(1).
سنڌ جي سرازن جا ٺهيل موزا ۽ سليپر بغداد جون
شوقين بيگمون نهايت پسند ڪنديون هيون(2).
سنڌ جي انهن ڪاريگر سرازن، پنهنجي عربي دانيءَ مان
فائدو وٺي، انهن سليپرن تي دلچسپ عربي شعر ڪُنڍي
دوز ڪيا. هڪ سنڌي سليپر تي هي اشعار لکيل هئا:
جَــعـلَتُ خـــدي لـــہ ارضا فَـلتُ
’طَامَن فَوقَها و ارضَا‘،
فقال ’لا‘، قلت ’بليٰ سيدي‘!
صبراً عليٰ
الحُب و ان مَضيٰ(3).
(بنايم پنهنجي ڳل کي فرش ان لا
چيم خوش ٿي
قدم رک، ڪر تون دلجاءِ؛
چيائين ’نه‘؛ چيو مون ’سائين، ها ها
محبت جا نِباهو ڏينهن جي ويا’)
سنڌ ۽ مرڪز جي درميان هنن آزادانه ۽ باهمي تعلقات
کان سواءِ سنڌ جي عرب گورنرن به ادبي ذوق کي زور
وٺرايو. انهن گورنرن جي معرفت ڪي مشهور عرب شاعر
(مثلاً: مُطيع بن اياس ۽ الصِمة بن عبدالله
القُثَيرِي) سنڌ ۾ آيا. سنڌي نسل جا شاعر- مثلاً
ابو عطا سنڌي، عياض سنڌي ۽ ابوالضلع سنڌي، سندن
اعليٰ عربي شاعريءَ سبب اسلامي ملڪن ۾ مشهور ٿيا.
جنهن صورت ۾ سنڌ ۾ سنڌي زبان کي به عربي سان گڏوگڏ
زور وٺايو ويو هو، انهيءَ ڪري سنڌي زبان جا به
ڪيترائي شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيا هوندا، ۽ ممڪن آهي ته
منجهانئن ڪي ٻاهر به ويا هجن. سنڌ ۾ انهن شاعرن جي
ڪارنامن بابت ڪوبه احوال ڪونه ٿو ملي. البت،
سنڌيءَ ٻوليءَ جي تاريخ جي خوش قسمتي چئبي، جو خاص
سنڌي زبان جو هڪ شاعر جنهن سنڌي زبان ۾ بغداد جي
برمڪي وزيرن جي تعريف ۾ هڪ قصيدو ٺاهيو ۽ جو سنڌ
جي عرب گورنر جي معرفت ۽ معاونت سان بغداد پهتو،
تنهن جو ذڪر هڪ عرب عالم جي تصنيف ۾ محفوظ رهيو.
امام حافظ ابو حاتم محمد بن حبان البُستي، جنهن
سنه 354هه ۾ وفات ڪئي، سو پنهنجي ڪتاب ”روضة
العقلاءَ و نُزهَةُ الفُضلاءِ“ ۾ لکي ٿو ته ”مون
ابراهيم کان ٻڌو، جنهن کي ابن ابي القعقاع چيو ته
مون سان ابو هُذ يل ڳالهه ڪئي، ۽ چيائين ته آءٌ
يحيٰ بن خالد برمڪيءَ وٽ روبرو ويٺو هوس، جو هڪ
هندي شخص، پنهنجي مترجم سان گڏ، ڪچهريءَ ۾ آيو؛
مترجم يحيٰ کي چيو ته ’هي شخص شاعر آهي، ۽ توهان
جي مدح ڪئي اٿس‘؛ يحيٰ چيو ته ’ڀلي ٻڌائي‘؛ انهيءَ
تي هن شخص چيو:
’اَرَه اَصَرَهِ ککرا، کي کِرَه مَندَره:‘
يحيٰ مترجم کان پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي‘؛ چيائين ته
چوي ٿو ته:
’اذا المکارم في آفاقِنا ذُکِرَت،
فَانما بِکَ فِيها يُضرَبُ المَثَلُ؛‘
(جڏهن اسان جي طرف چڱاين ۽ نيڪين جو ذڪر نڪرندو
آهي، تڏهن تنهنجو مثال ڏيندا آهن.)
پوءِ يحيٰ ان کي هڪ هزار دينار انعام ڏيڻ لاءِ حڪم
فرمايو“(1).
مٿئين روايت ۾ هن شاعر کي ’هندي شخص‘ (رَجل هندي)
ڪري ڄاڻايو ويو آهي، مگر ان مان مراد ’سنڌي‘ آهي.
انهي آڳاٽا عرب دؤر ۾ ’سنڌي‘ کي ’هندي‘ به ڪري
لکندا هئا؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ ۽ هند ساڳئي ملڪ جا ٻه
ڀاڱا هئا؛ اهڙا ڪيئي مثال آهن، جن ۾ ڪن مصنفن
جڏهين ’هندي‘ لکيو آهي، تڏهين ٻين دليلن مان ان جي
مراد ’سنڌي‘ ثابت ٿئي ٿي. خوش قسمتيءَ سان، هن
ڳالهه جو ذڪر ”مجمل التواريخ و القصص“ جي مصنف به
ڪيو آهي، جنهن ۾ صاف طور ”سرزمين سنڌ جو شاعر“
ڄاڻايو اٿس؛ البت، هن مصنف جي قول موجب، هن شاعر
اهو بيت يحيٰ جي پٽ فضل جي تعريف ۾ چيو. هن مصنف
جو بيان هن طرح آهي ته ”سر زمين سنڌ جو هڪ شخص
سندس (فضل) آڏو آيو، ۽ پنهنجي زبان ۾ هڪ بيت پڙهي
ٻڌايائين، جو هيءُ هو:
’اره بره کنکره، کراکري مندره‘
فضل پڇيو ته ’ڇا ٿو چوي؟‘ ترجمان جواب ڏنو ته ’چوي
ٿو ته:
اذِاَ المکارِمُ فِي آفاقِنا ذُکِرَتُ،
فَانَما بِکَ فيها يُضرَبُ المَثَلُ؛‘
انهيءَ تي فضل خوش ٿيو، ۽ کيس هڪ هزار دينار، هڪ
قيمتي وڳو، اُٺ، ۽ ٻيون سوکڙيون ڏنائين؛ ترجمان کي
پنج سؤ دينار ڏنائين، ۽ چيائين ته ’اسان هن زبان ۾
اهڙو ڪونه ڏٺو‘(1).
بعد ۾ ٻارهين صديءَ جي هڪ لکندڙ، ابن نورالدين
المڪي، پنهنجي ڪتاب ”نُزهة الجليس“ ۾، اهو بيت
حضرت بلال ڏانهن منسوب ڪندي لکيو آهي ته حضرت بلال
اهو بيت حبشي ٻوليءَ ۾ نبي ڪريم جي تعريف ۾ چيو(2).
ابن نورالدين، سنه 1133هه ڌاري، هندستان جي سفر تي
آيو هو، ۽ هو بلڪل پوءِ جو مصنف آهي، جنهنڪري
آڳاٽن عربي مصنفن جي ڀيٽ ۾ سندس راءِ کي ڪا خاص
اهميت نٿي ڏيئي سگهجي.
افسوس جو هن تاريخي بيت جي لفظن جي هاڻوڪي صورت
اهڙي آهي، جو ان مان ڪوبه مطلب نڪري نٿو سگهي. هي
بيت برمڪي اُمراءِ جي تعريف ۾ چيو ويو. جيئن ته
سنه 187هه ۾ هارون الرشيد جعفر بن يحيٰ برمڪيءَ کي
مارايو، ۽ برمڪي خاندان جو خاتمو ڪري ڇڏيو، انهيءَ
صورت ۾ ظاهر آهي ته هي بيت سنه 187هه کان اڳ پڙهيو
ويو، ۽ قلمبند ڪيو ويو. ايتري آڳاٽيءَ لکيت جي
اصلي صورت مٽجي وڃڻ جو هر امڪان آهي. اول ته جنهن
اهو بيت قلمبند ڪيو، تنهن ڪيتري قدر اچار صحيح
لکيا، سو معلوم ڪونهي؛ تنهن کان پوءِ، مٿين ٻن
مصنفن جنهن صورتخطيءَ ۾ اهو بيت پنهنجي ڪتابن جي
اصلي نسخن ۾ نوٽ ڪيو؛ سو معلوم ڪونهي؛ اسان وٽ هن
بيت جي اها صورتخطي موجود آهي، جا ڪاتبن جي سَهون
۽ ڇاپي جي غلطين بعد وڃي باقي بچي آهي: انهيءَ ڪري
جيڪڏهن اصل الفاظ کڻي اسان جي سمجهڻ جهڙا هجن، ته
به هينئر اسين انهن کي نٿا سمجهي سگهون.
انهيءَ هوندي به، هيءُ حوالو اسان جي سنڌي ٻوليءَ
جي تاريخ لاءِ هڪ قيمتي وٿ آهي. سڀ کان اول ته
هيءُ سنڌي ٻوليءَ جو عربي صورتخطيءَ ۾ سڀ کان
پهريون نمونو آهي؛ ٻيو ته هيءُ حوالو ثابت ٿو ڪري
ته سنه 187 هجري تائين، يعني ته سنڌ ۾ عربي دور
حڪومت جي شروع (93هه) کان تقريباً هڪ سؤ سالن
اندر، سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري ادبي صلاحيت پيدا ٿي
چڪي هئي، جو ان ۾ اهڙي بهترين شاعري ٿي سگهي ٿي،
جنهن ۾ مرڪزي سلطنت جي وزير جي تعريف ۾ قصيدو
منظوم ٿيو؛ ٽيون ته هيءُ حوالو ان وقت جي سنڌي
ادبي ذوق جو شاهد آهي: جيڪڏهن هيءُ شاعر ڪنهن سنڌ
جي گورنر جي مدد ۽ معاونت سان بغداد پهتو، ته ان
مان عرب حاڪمن جي سنڌي ادب سان دلچسپيءَ جو ثبوت
ملي ٿو؛ شاعر کي جو انعام مليو، سو، برمڪين جي
مثالي سخاوت جي علاوه، سندن سنڌي زبان جي شاعر جي
قدردانيءَ جي ساک ڀري ٿو؛ ۽ پڻ هيءُ حوالو ان وقت
جي عرب عالمن ۽ اديبن جي سنڌي ٻوليءَ سان علمي
دلچسپي ثابت ڪري ٿو، جو انهن هن بيت کي اصلي زبان
۾ قلمبند ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ان وقت جي عرب عالمن جي سنڌي ٻوليءَ متعلق تحقيق
جو بهترين مثال ابن نديم جي قيمتي تصنيف ”ڪتاب
الفهرست“ مان ملي ٿو، جو هن سن 377 هجريءَ ۾ لکيو.
هو سنڌ وارن جي ٻوليءَ ۽ صورتخطيءَ بابت لکي ٿو ته
”سنڌ وارن کي مختلف ٻوليون (لغات) ۽ مختلف مذهب
آهن؛ کين ڪيترن ئي قسمن جا رسم الخط آهن؛ هڪ شخص
جو سندن ملڪ گهمي آيو آهي، تنهن مون کي ٻڌايو ته
’کين تقريباً هڪ سؤ رسم الخط آهن‘؛ پڻ چيائين ته
’سنڌ وارا نوَن (9) تائين جدا جدا انگ لکندا آهن؛
ڏهاڪا هر انگ جي هيٺان هڪ ٻُڙي ڏيئي لکندا آهن
(’هڪ‘ جي هيٺان ٻڙي= 10؛ ’ٻن‘ جي هيٺان ٻڙي= 20؛
وغيره) سؤ هر انگ جي هيٺان به ٻڙيون (”هڪ“ جي
هيٺان ٻه ٻڙيون= 100، ’ٻن‘ جي هيٺان ٻه ٻڙيون= 200
وغيره) ڏيئي، ۽ اهڙيءَ طرح هزار هر انگ جي هيٺان
ٽي ٻڙيون ڏيئي لکندا آهن.“()
ابن النديم جو قول ته سنڌ ۾ ڪيئي رسم الخط مروج
آهن، سو قابل غور آهي. غالباً آڳاٽي وقت کان سنڌ
جي هرهڪ ڀاڱي يا وڏي شهر ۾ جدا جدا صورتخطيون ۽
انگ اکر استعمال ٿيندا هئا. شايد عربي دور حڪومت ۾
غير مسلمن پنهنجون آڳاٽيون صورتخطيون ۽ انگ اکر
پئي ڪم آندا هجن. ويندي اميرن جي ڏينهن تائين، سنڌ
جي جدا جدا شهرن ۾ مختلف طريقي جا رسم الخط هئا،
جن کي ڪيپٽن اسٽئڪ (Stack)
سنه 1850ع ۾ پنهنجي ٺاهيل گرامر ۾ جمع ڪيو آهي.
مٿي ڏنل سڄي بيان ۽ جملي حوالن مان معلوم ٿيندو ته
عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي ترقي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترائي اديب ۽ عالم پيدا ٿيا.
سنڌي ٻولي اهڙي ادبي پايي تي پهتي، جو منجهس
بهترين شاعري ٿي پئي سگهي. عربي عالمن سنڌي ٻولي،
ادب توڙي صورتخطيءَ ۾ دلچسپي ورتي، ۽ پنهنجا
معلومات پنهنجين تصنيفن ۾ قلمبند ڪيا. سنڌي ٻولي
عربي صورتخطيءَ ۾ لکجڻ ۾ آئي، جنهن جو اوائلي ۽
نادر مثال انهيءَ سنڌي شاعر جو بيت آهي، جو هن
يحيٰ يا اُن جي پٽ فضل برمڪيءَ جي تعريف ۾ چيو.
(5) ٻوليءَ جي سِٽا ۽ صرف- نحو تي اثر پيو:
عربي دور حڪومت جي مٿين پيدا ڪيل اثرن- سنڌي
ٻوليءَ جي مرڪزيت، ٻوليءَ جي نفسياتي تبديل،
ٻوليءَ جي تمدني واڌاري، ۽ ٻوليءَ جي ادبي ترقيءَ
مڙني ٻوليءُ جي سِٽا ۽ صرف- نحو تي به دائمي اثر
وڌو.
1. اول ته سنڌي الف- ب جي حروف صحيح ۾ واڌارو ٿيو.
عربي الف- ب جا حرف مثلاً ث، ح، خ، ص، ض، ط، ظ، ع،
غ، ف، ق- سنڌي الف- ب ۾ داخل ٿيا.
2. ٻيو ته عربي زبان جي زير اثر حروف علت-ا، و ۽
ي- جو زياده استعمال ٿيو. انهيءَ ڪري اهڙا الفاظ،
جي گهڻو ڪري ان وقت حروف صحيح جو مجموعو هئا، تن
جي اچارن ۾، ا، و، ي جي هلڪن اچارن سهولت ۽ سلاست
پيدا ڪئي. مثلاً، سنڌي لفظ ”ڀت“ کي عربن ”بهطہ“ يا
”بهطا“ ڪري لکيو؛ جو لفظ پنجابيءَ ۾ اڃا تائين
”گَلِ“ آهي، سو سنڌيءَ ۾ حروف علت جي واڌاري سان
”ڳالهه“ ٿيو؛ شايد ب، گ ۽ ڊ جي چٽن ۽ ڳرن اچارن
مان ٻ، ڏ ۽ ڳ جا نرم ۽ هلڪا اُچار نمودار ٿيا:
مطلب ته عربن ۽ سنڌين جي مسلسل ميل جول ۽ عرب
عالمن جي سنڌي دانيءَ سببان سنڌي لفظن ۾ حروف علت
جو زياده استعمال ٿيو جنهن سنڌي اچارن کي سهل ۽
سليس بنائڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي.
3- ٽيو ته سنڌي لفظن جا اچار درست ٿيا. سنڌ ۾ ئي
سنسڪرت ۽ هندي ڪتابن جا ترجما ٿيا. منصوره ۾ جي
قابل عالم ۽ اديب موجود هئا ۽ جي سنڌي سان گڏ
هنديءَ جا پڻ ڄاڻو هئا، تن يقيني طور ترجمن وقت
لفظن جي صحت ۽ صحيح تلفظ تي ڌيان ڏنو هوندو.
غالباً هن علمي ماحول ۾ ئي سنڌي ٻوليءَ جي لفظن کي
سندن اصلوڪيءَ صورت مطابق لکيو ويو، جنهنڪري اڄ به
سنڌي لفظن جي ذريعي اصلي پراڪرت لفظن جو پتو لڳائي
سگهجي ٿو. عربي ٻوليءَ جي زير، زبر، پيش، جزم ۽ مد
وارين نشانين، جي صحيح اچارن قائم ڪرڻ ۾ ويتر وڌيڪ
واهر ڪئي.
سنڌ وارا جڏهين عرب شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي صحبت
۾ آيا، تڏهين سندن اچار جي خامين تي نڪتي چيني ٿيڻ
لڳي. ڀانئجي ٿو ته سنڌي ٻولين ۾ ان وقت يا ته ’ج‘
۽ ’ش‘ جا حرف هئا ئي ڪين، ۽ انهيءَ ڪري سنڌي ’ج‘ ۽
’ش‘ جا اچار نه ڪري سگهندا هئا؛ ۽ جيڪڏهن اهي حرف
هئا، ته به سنڌي محاورن ۾ ’ز‘ ۽ ’ج‘، ’س‘ ۽ ’ش‘ جي
اچارن ۾ ڪا تميز ڪانه هئي. عربي ٻوليءَ جي لفظن ۾
به سنڌ وارا ’ج‘ ۽ ’ش‘ جي اچارن کي ڦيرائي ’ز‘ ۽
’س‘ اچارڻ لڳا. مشهور اديب جاحظ پنهنجي تصنيف
”ڪتاب البيان والتبيين“ ۾، هن حقيقت ڏانهن اشارو
ڪيو آهي، ۽ تنقيد ڪندي لکي ٿو ته ”سنڌ جو رهاڪو
لامحاله ’ج‘ جو اچار ’ز‘ ڪري ٿو، پوءِ ڀل ته هو
عرب جي فصيح ۽ بليغ قبيلن بنو قيس ۽ بنو هوازن ۾
پنجاهه سال رهيو هجي“(1).
هن سلسلي ۾ جاحظ پنهنجي ٻي تصنيف ”ڪتاب الحيوان“
۾، سنڌ جي هڪ پوڙهي مائي (جنهن جي مادري زبان سنڌي
هئي) جو سنديس سواري جي اٺ بابت عربيءَ ۾ ادا ڪيل
هڪ فقرو نقل ڪيو آهي، جنهن ۾ مائي ”جمل“ (اٺ) کي
’زمل‘ ڪري اچاريو(2).
ابو عطا السندي عربيءَ جو مشهور ۽ مڃيل شاعر هو، ۽
ننڍي هوندي کان عرب قبيلي ’بنو اسد‘ ۾ رهيو هو،
مگر تنهن هوندي به سندس زبان ۾ سنڌي اچارن واري
خامي هئي، ۽ هو ’ج‘ کي ’ز‘، ’ش‘ کي ’س‘ ڪري
اچاريندو هو. انهيءَ تي سندس ٻيا همعصر شاعر ۽
اديب مٿس نڪتي چيني ڪندا هئا. هن سلسلي ۾ هڪ دلچسپ
۽ معتبر واقعو ٿي گذريو، جو عربي ادب جي ڪتابن ۾
هن طرح مشهور آهي:
ابوالحسن مدائني جي تحقيق موجب، هيءَ ڳالهه هن ريت
هئي ته معليٰ بن هُبيرة ۽ حماد الرواية، جي ٻئي
شاعر، راوي ۽ اديب هئا، تن جي وچ ۾ هڪ قسم جي ادبي
رقابت هئي؛ انهيءَ ڪري معليٰ هڪ سٽ سٽي ته ڪنهن به
طرح هو حماد کي ابو عطا سنڌي سان ٽڪرائي، ته ابو
عطا پنهنجيءَ هجو سان حماد کي خوار خراب ڪري.
انهيءَ رٿ سان، مُعليٰ هڪ ڀيري حماد کي چيو:
”جيڪڏهن تو ابو عطا کان ڪنهن طرح ’زُج‘ (ڀالو)،
’جرادة‘ (مڪڙ) ۽ ’مسجد بني شيطان‘ جا الفاظ
چورايا، ته آءٌ توکي پنهنجي خچر سنجن سوڌي ڏيندس!“
حماد اها ڳالهه قبول ڪئي. هڪ محفل رٿي ويئي، جنهن
۾، حماد ٿو ڳالهه ڪري ته، ابو عطا سنڌي آيو؛ اچي
ويٺو، ۽ خوش خير عافيت طور چيائين ته ”مرحبا
مرهبا، هياکم الله! (يعني مرحبا، مرحبا، حَيا کَمُ
الله) مون خوش خير و عافيت ڪئي مانس، ۽ سندس آڏو
رات جي ماني پيش ڪيم، جنهن تي چيائين ته ”لا
هَاجةَ لي بہِ“ (=لا حاجَةَ لِي بِہ) يعني ته مون
کي ضرورت ڪانهي. ان بعد ’نبيذ‘ طلب ڪيائين، جو
اسان کيس ڏنو. پيئڻ بعد جڏهن خمار ۾ آيو، تڏهن مون
(حماد) چيومانس: ”اي ابا عطا! ڪنهن شخص ڪي پرولين
جا بيت اسان کي طرح طور ڏنا آهن، جن جا جواب نٿو
ڏيئي سگهان، حالانڪ ڪالهه کان وٺي هن وقت تائين
ڪوشش ڪئي اٿم؛ تون انهيءَ سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪري
سگهندين؟“ ابو عطا چيو ته ”بيت ٻڌاءِ“. مون چيو:
ابِن لِي اِن سَئَلتُ، اباعَطاءِ، |
يقنياً کيف عِلمُکَ بالمعَانِي. |
(اي ابوعطا! مون کي سمجهاءِ، جيڪڏهن آءٌ
پڇان، |
ته يقيني طور توکي معنيٰ جي فن ۾ ڪيتري
مهارت آهي.) |
ابو عطا چيو:
خَبِير عالم، فَاساَل تَزِدنِي
(تجدنِي) |
بها تَبا و آياتِ المَثانِي.
(طبا) |
(آءٌ ڄاڻو ۽ ماهر آهيان؛ پڇ ته خبر پوئي، |
ته آءٌ انهيءَ فن ۾ يگانهءِ روزگار آهيان.) |
اتي پڇيومانس ته:
فَما اسمُ حَدِيدَ: فِي راسِ رُمحِ |
دُوَينِ الکَعبِ، لَيستَ بِالسنانِ؟ |
(انهيءَ لوهه جو ٽڪر جو نالو ڇا آهي، جو
نيزي جي چوٽيءَ ۾ |
ٽِڻيءَ جي نزديڪ آهي، مگر اهو نيزو به
ناهي؟) |
چيائين:
هُوَ الزُّزُّ الذي ان باتَ
دَيفاّ
(الزج) (ضـيفا) |
لِصدَرِکَ، لَم تَزِل لَکَ اَولتَانِ.
(عولتان) |
اهو زُزّ [صحيح ’زج‘ يعني ڀالو] آهي؛ جو
جيڪڏهن |
رات جو تنهنجي ڇاتيءَ جو مهمان بنجي، ته
توکي هميشہ لاءِ سُور ڏيئي ڇڏي.) |
مون چيومانس ته ”ڌڻي توکي نيڪي ڏئي، شايد تنهنجي
مراد ’زج‘ آهي!“ وري پڇيومانس:
فَما صُفَراء تُدعيٰ اُمّ عَوفِ،
(ڀلا اها ڪهڙي پِيلي شيءِ آهي، جا ’اُم عوف‘
سڏجي ٿي |
کانَّ رِجَيلَتَيۡها مِنجَلانِ؟
۽ جنهن جا پيرڙا ڄڻ ڏانٽي جهڙا آهن؟) |
جواب ڏنائين:
ارَدتَ زَرادة و اَزُن زَنا،
(جرادة) (اَظن ظنّا) |
بانکَ ما اردَت سِويٰ لِسانِي! |
تنهنجي مراد ’زرادة‘ [صحيح ’جرا دة‘، يعني
مڪڙ] آهي؛ |
مگر مون کي شڪ ٿو پوي ته تنهنجو ارادو سواءِ
منهنجيءَ زبان جي خاميءَ جي ٻيو ڪونهي! |
مون چيو ته ”ڌڻي سڀ سهنج ڪريئي، ۽ وڏي حياتي
بخشيئي!“ پوءِ پڇيومانس ته:
اتَعرفَ مَسجد الِبَني تَمِيم،
(ڀلا توکي بنو تميم وارن جي انهيءَ مسجد جي
خبر آهي، |
فُوَيق المِيل دُونَ بَني اَبانِ؟
جيڪا ’ميل‘ کان ٿورو مٿي، ’بني ابان‘ پاڙي
جي پريان آهي.) |
انهيءَ تي ابو عطاء چيو:
بَنُو سَيطانَ
دُونَ بَني اَبَانِ،
(بنو شيطان) |
کَقُربِ ابِيکَ مِن ابد انمَدَ ان.
(عبدالمدان) |
(اُها ’بنو سيطان‘ [صحيح ’بنو شيطان] جي
مسجد آهي جا بني ابان جي پاڙي کان ايتروئي
پري آهي، |
جيترو پڻهين جو رشتو
’ابدالمدان‘ [صحيح ’عبدالمدان‘]
قبيلي کان ڏوراهون آهي). |
حماد چيو ته: ”مون ڏٺو ته سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي
وييون، ۽ سمجهيم ته مڙس ڪاوڙجي پيو آهي. اتي ڊنس،
۽ چيومانس ته ’اي ابا عطا! هن وقت مون کي معافي
ڏي، ۽ منهنجو بچاءُ ڪر؛ باقي جو ڪجهه مون کي مليو
آهي تنهن ۾ اڌ تنهنجو به ٿيو.‘ اتي چيائين ته ’سچي
خبر ٻڌاءِ‘؛ جنهن تي مون سچي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
ٻڌي، چيائين ته ’توتي حرف ڪونهي؛ جيڪي توکي مليو
سو توکي پرتو، مون کي انهيءَ جي ضرورت ڪانهي.“
ائين چئي اٿيو، ۽ معليٰ کي ننديندو روانو ٿي ويو“(1).
ابو عطا سنڌيءَ جو دور دورو تقريباً سنه 132هه
ڌاري ختم ٿئي ٿو: انهيءَ لحاظ سان، هيءَ حڪايت
ثابت ڪري ٿي ته ٻي صدي هجريءَ جي اوائل ڌاري سنڌي
ٻولين ۽ محاورن ۾ ’ز‘ ۽ ’ج‘، ’س‘ ۽ ’ش‘ جي اچارن ۾
تميز ڪانه هئي. ٻيو ته سنڌ ۾ عربي حڪومت جي انهيءَ
اوائلي دور ۾ اڃا سنڌ وارن جون زبانون خالص عربي
حرفن- ح، ض، ط، ع، وغيره سان پڻ مانوس ڪين ٿيون
هيون، ۽ انهن حرفن جا اُچار سنڌ جي ٻولين ۽ محاورن
۾ داخل ڪين ٿيا هئا. هيءَ حڪايت اهو به ظاهر ڪري
ٿي ته، ڪيئن سنڌ واري جي خام اچارن تي عربن طرفان
تنقيد ٿيندي رهي. انهن علمي تنقيدن توڙي سنڌين ۽
عربن جي وچ ۾ عام ميل جول جو اهو نتيجو نڪتو، جو
سنڌي لفظن جي اچارن ۾ ’ج‘، ’ز‘، ’س‘ ۽ ’ش‘ جي
جداگانه ۽ مستقل اچارن جو اضافو ٿيو. اڄڪلهه سنڌ
جا اصل باشندا. يعني لاکا، سهتا، سما، چنا، وغيره-
جي ٻهراڙيءَ ۾ رهن ٿا، تن مان اڻپڙهيل به اهي اچار
بلڪل صحيح صاف ڪن ٿا؛ صرف سنڌ جا اهي هندو، جي
گهڻو پوءِ پنجاب ۽ ٻين ٻاهرين علائقن کان سنڌ ۾
لڏي آيا، انهن ۾ اڃا تائين انهن اچارن جي خامي
موجود آهي.
4- چوٿون ته سنڌي ٻوليءَ جي سٽاء تي عربي ٻوليءَ
جي اعراب جو اثر پيو. ’اعراب‘ جملي ۾ بيهڪ جي لحاظ
سان لفظ جي آخري حرف واريءَ حرڪت (زير، زبر، پيش)
جو نالو آهي. هندوستان جي ٻين موجوده ٻولين مان
سنڌي ٻولي ئي آهي، جنهن ۾ اعراب جو سلسلو مڪمل
طريقي سان موجود آهي. سنڌيءَ جا مذڪر اسم پنهنجي
اصلوڪيءَ صورت ۾ اڪثر پيش سان هوندا آهن، ۽ مؤنث
اسم گهڻو ڪري زير يا زبر سان (سواءِ ڪن جزوي
مستثنات
exceptions
جي- مثلاً مَس، ڪَس، وغيره). حالت فاعلي (۽ فعل
لازمي) ۾ البت اسمن جي اعراب ساڳي اصلوڪي حرڪت
رهندي (مثلاً، گهُر ڪشادو آهي‘)؛ مگر اضافي ۽ جري
حالتن ۾ ’ر‘ جو پيش بدلجي زبر ٿيندو (جئن ته حالت
اضافي ۾ ’گهر جو ڌڻي‘، ۽ حالت جري ۾ ’گهر ۾‘، ’گهر
کي‘، ’گهر ڏانهن‘)؛ پر جيڪڏهن حرف جو حذف ڪبو
(ڪيرائبو)، ته آخري حرف کي زبر ڏبي- مثلاً ’فلاڻي
جي گهرِ وڃِي‘، (جو دراصل ’فلاڻي جي گهَر ۾ وڃي‘
جي برابر آهي). جن مردن جي نالن پٺيان ’و‘ آهي،
اهو حالت ندا ۾ مٽجي ’الف‘ ٿيندو، ۽ حالت اضافي ۽
جري ۾ ’ي‘- مثلاً ’اي الهڏنا!‘، ’الهڏني جو پٽ‘،
’الهڏني کي چيم‘. مگر، عربيءَ وانگر، سنڌيءَ ۾ پڻ
زالن جا نالا ”مبني“ آهن، يعني ته انهن جي اعراب
ڪين ڦرندي، جيئن ته ’بانو جو پٽ‘، ’بانو کي چيم‘،
وغيره. اسين چونداسين ته ’احمدُ آيو‘، ۽ ’احمدَ
چيو‘: اتي ٻنهي صورتن ۾ حالت فاعلي آهي، مگر
پهريون فعل لازمي آهي، ۽ پويون فعل متعدي. سنڌي
اعراب جي قاعدي موجب، متعدي فعل جي فاعل جي اعراب
زبر ٿيندي- يعني ته پيش ڦري زبر ٿيندو ۽ ’و‘ مٽجي
’ي‘ ٿيندو، جيئن ته ’الله ڏنو آيو‘ ۽ ’الله ڏني
چيو‘. وري، سنڌيءَ ۾، بلڪل عربيءَ وانگر، ضمير سڀ
’مَبني‘ آهن، يعني ته انهن ۾ اعراب جي ڦيرگهير
ڪانه ٿيندي؛ ’هُو‘، ’تون‘، وغيره سڀ ضمير، هر حالت
۾ پنهنجيءَ اصلوڪي صورت ۾ رهندا. مطلب ته سنڌي
ٻوليءَ جو هيءُ فنِ اعراب، عربي ٻوليءَ جي گهري
اثر جو نتيجو آهي.
5- گرامر جي جزن ۽ ڀاڱن تي عربيءَ جو اثر پيو:
(الف)
اسم:
عربيءَ مان اسم، ڏينهن ۽ مهينن جا نالا، ۽ ٻيا
ڪيئي اسم سنڌي ٻوليءَ جو جز بنيا- مثلاً بصر، جبل،
ٿوم، دٻڪي (طبق)، دلو، رسو وغيره؛ ڪيئي اسم روزمره
جي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا؛ ازان سواءِ نار (ع. ناعورو)
مجيري، جريب ڪاسو، وغيره الفاظ کيتي جي ڌنڌي ۾
داخل ٿيا. سنداڻ ۽ مترڪو (مِطرقة) لوهارڪي ڌنڌي جا
اسم بنيا؛ کڙيو، کرجين، ساهمي، وغيره واپارين
ذريعي رائج ٿيا؛ ۽ زورق، سڙهه (شراع)، سُکاڻ
(سڪان)، وغيره اسم ملاحن ۽ ناکُئن جي استعمال ۾
آيا. انهن ’عربي الاصل‘ اسمن کان سواءِ، خود
سنسڪرت يا پراڪرت مان جي اسم سنڌ ۾ رائج هئا، تن
مان به ڪن تي عربي اثر پيو، جئن ته ’سُوريہ‘ ۽
’آشچريہ‘ شايد عربي اثر سببان ڦري ’سورج‘ ۽ ’اچرج‘
ٿيا.
(ب)
ضمير:
ضمير ’هُو‘ ۽ ’آءٌ‘ غالباً عربي الاصل آهن. ’آءٌ‘
خاص طرح سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ رائج آهي؛ ۽ جيئن ته
انهيءَ ڀاڱي ۾ ديبل ۽ منصوره جي مرڪزي شهرن سبب
سنڌيءَ تي عربيءَ جو گهرو اثر پيو، ته اُتي غالباً
عربي ’اَنا‘ جو سنڌي نمونو ’آءٌ‘ هميشہ لاءِ
استعمال ۾ اچي ويو. سنڌ جي اُترئين حصي ۾ آڳاٽي
وقت کان وٺي پارسيءَ جو زياده اثر رهيو، انهيءَ
ڪري غالباً پارسي لفظ ’من‘ منجهان ئي ’مان‘ مروج
ٿي ويو.
(1)
سردست اصل حوالو دستياب نه ٿي سگهيو، ۽ حافظي
جي آڌار تي مطلب ادا ڪيو ويو آهي.
(2)
فهارس النجاشي و الطوسي.
(1)
’عجائب الهند‘، لکيل بزرگ بن شهريارر، ڇپيل
ليڊن، ص 44.
(1)
ڏسو ’فتحنامہ سنڌ‘، ڇپيل ’سنڌي ادبي بورڊ‘،
حيدرآباد، 1954ع، ص ص 215، 480- 482.
(1)
’ڪتاب الطبيخ‘ (تصنيف 623هه) لکيل محمد بن
الڪاتب البغدادي، ڇپيل موصل، سن 1353هه
(1934ع)، ص ص 150، 19، 31- 32.
(2)
’ڪتاب التربيع و التدوير سن رسائل الجاحظ‘
(طبع ساسي)، ص ص 134- 135.
(3)
’ڪتاب الظروف والظرَفاء‘، لابي الطيب الوشاءِ،
ص 148.
(1)
ڪتاب ’روضة العقلاءِ و نزهة الفضلاءِ‘، مطبع
(کردستان العلمية) مصر، سنه 1328هه، ص 215.
(1)
’مُجمل التواريخ و القِصص‘، ڇپيل ايران، ص
343.
(2)
ابن نورالدين المکي: ”نُزهَة الجليس“، جلد 1،
ص 359. سندس راءِ جو بنياد غالباً انهيءَ سطحي
خيال تي آهي ته ڇاڪاڻ جو اهي الفاظ حضرت بلال
جي مرقد تي لکيل آهن، انهيءَ ڪري اهو بيت سندس
چيل هوندو، حالانڪ حضرت بلال جو مقبرو (دمشق
۾) نسبتاً پوئينن دور جو ٺهيل آهي، جنهن تي
اها عبارت پوءِ لکي ويئي.
(1)
’ڪتاب الفهرست‘، مصري ڇاپو، 1348هه، ص 27.
(1)
’ڪتاب البيان والتبيين‘، جلد 1، ص 66.
(2)
”لقد رکبت عجوزه سندية ظهر بَعير فلما اقبل بہ
البعير و ادبر و طمر فمخضها مرة مخض السقاء و
جعلها مرة کانها ترهز. فقالت بلسانها، و هي
سندية عجمية: اخزي الله هذا الزمل، فانہ يذکر
بالشر.“ (کتاب الحيوان، جلد 3، ص 9).
(1)
هن حڪايت لاءِ ڏسو: ’الاغاني‘، 16/80؛ ’و
الشعراء‘، ص 483؛ ’والخزانة‘، 4/170؛
’والعقد‘، 3/ 456؛ ’والوفيات‘، 2/585- 586 (د-
سلين، 3/39-438)؛ ’و بدائع البدائہ‘، ص ص 19-
20.
|