سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :15

ٻيو ته جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل جون ضميري پڇاڙيون- مثلاً چيم (مون چيو)، چيومانس (مون هن کي چيو)- رائج آهن، اهڙيءَ طرح اهي ٻي ڪنهن به هِند- آريائي ٻوليءَ ۾ نٿيون ملن: گمان غالب آهي ته اهي پڇاڙيون عربي ۽ فارسي ٻولين جي اثر هيٺ مروج ٿيون.

(ج) فعل: اصل عربي لفظن مان سنڌيءَ ۾ فعل بنيا- جيئن ته دفنائڻ، نظرڻ، نِيتَڻ، مرهڻ، ضربڻ، طلبڻ، تَرڪڻ وغيره.

(د) حرف جر: ’لاءِ‘ (= عربي ’ل‘) ۽ ’واسطي‘- اهي ٻئي حرف دراصل عربي آهن، مگر سنڌيءَ ۾ عام طرح استعمال ٿين ٿا. ازان سواءِ ’طرف‘ (= ڏانهن)، ”في“ (= ۾؛ ’في ماه‘، ’في سيڪڙو وغيره) ۽ ”ب“ (= ساڻ؛ ’بالله‘، ’بالاخر‘ وغيره) پڻ رائج آهن.

(هه) حرف ندا: ’يا‘ (ياالله) ۽ ’شال‘  (= ان شاالله)- ٽيئي حرف ندا عربي الاصل آهن. ازانسواءِ، خوف وقت ’نانگ- نانگ‘ يا ’چور- چور‘ به عربي جي بدائي سٽاءِ ”تخدير“ جو نتيجو آهي.

مطلب ته سنڌي ٻوليءَ جي صرف- نحو واريءَ سٽاءَ خواهه لغت تي عربي ٻوليءَ جو وڏو اثر پيل آهي.

3. تعميري دور (1100- 1850)

عربن جي حڪومت کان وٺي مغل شهنشاهيت جي آخر تائين، يعني تقريباً 1100ع کان 1750ع تائين، سنڌي ٻولي پنهنجي تعميري دور مان گذري. انهيءَ عرصي ۾ سنڌي پنهنجي لساني ۽ بياني سرمايي کي وڌايو ۽ ويجهايو. اسان جي موجوده تحقيق موجب، قاضي قاذن جا بيت هن تعميري دور جي سنڌي ٻوليءَ جو جهوني ۾ جهونو نمونو نه آهن. مگر، عربي دور حڪومت کان وٺي قاضي قاذن تائين هڪ ادبي خال نظر اچي ٿو، جنهن تي هيٺ قدري روشني وڌي ويندي.

(الف) سومرن جي حڪومت وارو روماني دور

اسين مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته عربن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مرڪزيت ملي، ۽ ان جي سِٽا ادبي پايي تي پهتي. تقريباً عربي حڪومت جي خاتمي وقت ۽ يارهين صديءَ جي شروعات ۾ محقق ابو ريحان بيروني هندستان ۾ آيو، ۽ اچي هندن جي تهذيب ۽ تمدن جي تحقيق ڪيائين. هن پنهنجي ڪتاب ”الهند“ ۾ ڪن جاين تي سنسڪرت جا الفاظ ۽ اصطلاح، توڙي عام مروج مڪاني الفاظ ۽ اصطلاح ڏنا آهن: اهي مڪاني الفاظ ۽ اصطلاح، بقول پروفيسر سَخاؤ، لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ جا آهن(1). بيرونيءَ پنهنجي تحقيق ملتان ۽ ان کان مٿي لاڳيتي ڀاڱي ۾ ڪئي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جا الفاظ، پنهنجي لغوي ۽ ادبي فوقيت سببان، ملتان کان مٿي واريءَ اراضيءَ تائين پکڙجي ۽ ڇانئجي ويا هئا. در حقيقت سنڌي ٻوليءَ جي اها ئي لغوي ۽ ادبي صلاحيت هئي، جنهن سومرن واري روماني دور جون ضرورتون پوريون ڪيون.

سومرن جو دور سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌي ادب جو روماني دور آهي. هن دور ۾ ئي سنڌ جي انهن قصن ۽ ڪهاڻين جو بنياد پيو، جن جي تاڃي پيٽي ۾ سنڌيءَ جو موجوده ادب اُڻيل آهي. مگر انهن قصن جي شهرت صرف انهيءَ ڪري ٿي، جو سنڌي ٻوليءَ ۾ انهن قصن کي بيان ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي.

انهن قصن ۾ اوائلي قصو ”سسئي- پنهون“ جو آهي، جنهن جو بنياد سنڌ ۽ بلوچستان جي درميان گهَري واپار ۽ تعلقات جي حقيقت تي ٻڌل آهي. اهو واپار عربن جي بنايل انهيءَ خشڪي شاهراهه سان هلندو هو، جيڪا لس ٻيلي، ڪيچ، مڪران، ڪرمان ۽ اهواز کان ويندي بصري تائين هئي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته اهو قصو عربن جي ڏينهن جو آهي؛ مگر هن قصي ۾ سنڌ ۾ بلوچن جي آمد جو جُز شامل آهي، ۽ انهيءَ لحاظ سان بلوچن جي ڪن قبيلن جي سنڌ ۾ اوائلي آمد تقريباً ’5‘ صدي ۽ ان بعد سومرن جي ڏينهن ۾ ئي تصور ڪري سگهجي ٿي. ٻيو قصو ”سيف الملوڪ“ جو آهي، جنهن ۾ اروڙ وٽان درياءَ جي رخ بدلائڻ جو ذڪر آهي. اهو واقعو به سومرن جي حڪومت ۾ ٿيو، جو هنن وڳهه ڪوٽ، رُوپاهه ۽ پُراڻ جا پَٽ ڇڏي اچي لاڙ ۾ موجوده شاهه ڪپور لڳ ”محمد طور“ وسايو. روهڙيءَ لڳ ٻيٽ تي خواجه خضر واريءَ درگاهه ۾ هڪ سر تي لڳل ڪتبي مان گمان نڪري ٿو ته اهو پنجين صدي هجريءَ جي شروعات جو آهي، ۽ ان ۾ درياءَ جي رخ مٽائڻ ڏانهن اشارو آهي. پنجين صديءَ جو اوائلي زمانو سومرن جي عروج جو زمانو آهي، ۽ ان وقت ئي غالباً اروڙ وٽان درياءَ ريٽ ڪري ڦري روهڙيءَ وٽان وڙهو. ٽيون قصو ”سورٺ ۽ راءِ ڏياچ“ جو آهي، جو پڻ سومرن جي ڏينهن جو آهي. ڪئپٽن ولبرفورس جي بيان موجب، همير سومري 1020ع ڌاري ”جاسل“ نالي ڪنوار کنئي، جنهن سبب راءِ ڏياج سنڌ تي ڪاهه ڪئي([1]). چوٿون قصو ”مومل- راڻو“ آهي، جنهن ۾ سنئون سڌو همير سومري جو نالو آيل آهي. پنجون قصو ”عمر- مارئي“ جو آهي، جنهن ۾ عمر سومري جو نالو پڌرو آهي. ڇهون قصو ”ليلان- چنيسر“ جو آهي، جو پڻ شايد سومرن جي ڏينهن جو آهي. ڇاڪاڻ ته چنيسر جو نالو سومرن جي پُري پيڙهيءَ مان پڌرو ٿيو، ۽ ٻين راوَن ۽ راجائن غالباً انهيءَ نالي کي اتان اختيار ڪيو. چنيسر داسڙو هو، ۽ هيٺ لاڙ جي هڪ ڀاڱي جو راءِ هو. ستون قصو ”سهڻي- ميهار“ جو آهي. سنڌ جي قديم روايت موجب، سهڻي ۽ ميهار جون قبرون شهدادپور ۾ ڦٽل درياءَ جي ڪنڌيءَ تي آهن، جنهن کي ”سهڻي جو ڍورو“ چئجي ٿو. اهو ڍورو عربن جي دور جي آخر ۾ ۽ سومرن جي اوائلي دور ۾ وهندو هو، جنهنڪري گمان غالب آهي ته اهو قصو به سومرن جي ڏينهن جو آهي. خود ”سهڻي- ميهار“ جي اصلي قصي ۾ پڻ ميهار کي ترڪستان جو واپاري ڪري ڄاڻايل آهي. ترڪستان طرفان واپارين ۽ شهزادن جي هندستان ۾ آمد محمود غزنويءَ (پنجين صديءَ جي شروعات) جي فتوحات بعد ٿي- ۽ اهو دور سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جو دور آهي.

غور طلب ڳالهه هيءَ آهي ته اٽڪل روءِ عربن جي دور جي خاتمي ۽ سومرن جي اوائل کان اهي قصا ڳائجڻ لڳا؛ جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غالباً ان زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان ۽ ادائگيءَ جي پوري صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي. انهيءَ وقت جا اشعار به ٻڏل ٻيڙيءَ جي هريڙن جهڙا ۽ جيترا ملن ٿا. سومرن جي دور جي آخر ۾، سلطان محمد بن تغلق ۽ سلطان فيروز شاهه سنڌ تي ڪاهون ڪيون. سلطان محمد سومرن سان لڙايون ڪندي ٺٽي جي ويجهو وفا ڪئي. ان بعد، سلطان فيروز شاهه وڏي ڪٽڪ سان حملا ڪيا. هڪ دفعي سنڌ جي لشڪر سلطان فيروز کي اهڙي ته شهه ڏني، جو کيس گجرات ڏانهن واپس وڃڻو پيو.

سنڌ وارن جون دهليءَ جي سلطانن سان شايد اهي ئي جنگيون هيون، جي عوام ۾ پوءِ ”علاءِ الدين ۽ دودي- چنيسر“ جي جنگين جي نالن سان مشهور ٿيون. تاريخي واقعات جي بناءَ تي چئي سگهجي ٿو ته ”علاءِ الدين ۽ دودي- چنيسر“ جو قصو غالباً سومرن جي حڪومت جي آخري دور کان وٺي ڳائجڻ لڳو، ڇاڪاڻ ته سلطان علاءِ الدين جي سپهه سالار ظفر خان جو سنه 697هه ڌاري سنڌ تي چڙهي اچڻ ثابت ٿئي ٿو(1)؛ ۽ سنڌ جي هڪ روايت موجب ان وقت ’اسدالملة‘ دودو سومرو حڪمران هو، جنهن سنه 700هه ۾ وفات ڪئي(2). جيڪڏهن 697 کان 700هه واري عرصي ۾ سلطان علاءِ الدين جي سپهه سالار ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگيون فرض ڪجن، ته پوءِ اهي مقابلا سومرن جي خاتمي (تقريباً 750هه) کان ڄڻ پنجاهه سال کن اڳ ٿيا. انهيءَ لحاظ سان چئبو ته علاءِ الدين ۽ دودي- چنيسر جو قصو سنه 700 هجريءَ بعد، يعني اٺين صديءَ جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين پيو ڳائجي. انهيءَ قصي جي مختلف روايتن ۾ جيڪي ڳاهُون (بيت) آهن، تن مان گهڻيون نسبتاً پوئين دور جي سگهڙن ۽ قصه خوان چارڻن ۽ ڀَٽن جون چيل ٿيون ڏسجن. البته ڪي ڳاهن وارا بيت اهڙا به آهن، جن بابت گمان ٿئي ٿو ته شايد اهي انهيءَ آڳاٽي دور يعني اٺين صديءَ جي پوئين نصف واري دور جي شاعري ۽ سگهڙن جا چيل هجن- مثلاً:

جَرَ  نه  کُٽَن ڪِنگرين، راوَ نه ڳنَڍنِ ويڻَ،

گولِي ويئي گُجرين، توءِ چُندا دودي ڀيڻ.

هن بيت جي ٻولي قدري ان جي قدامت جي ساک ڀري ٿي. سومرن توڙي سمن جي ڏينهن ۾ خود مسلمان حاڪمن کي به ”راءِ“ جي خطاب سان سڏيندا هئا. ڀٽائي صاحب خود ڄام تماچيءَ جو مثال ڏيندي چيو آهي ته:

”تون تماچي تَڙ ڌڻي، تون تماچي تَڙَ راءِ.“

’گجر‘ لفظ جو استعمال ’راڻين‘ لاءِ هو. قصي  ۾ هي بيت ڄڻ دودي جي زباني جواب آهي: جڏهين سندس ڪن صلاحڪارن کيس چيو ته ’سلطان علاءِ الدين لاءِ ٻاگهيءَ (دودي جي ڀيڻ) جو سڱ ٿا گهرن؛ تون ٻاگهيءَ جي ٻانهن ڀلي نه ڏي، پر پنهنجيءَ ڪنهن ٻانهيءَ کي ٻاگهيءَ جو نالو ڏيئي کڻي ڏياري موڪل.‘ انهيءَ تي دودو جواب ٿو ڏئي ته ’ٻانهي کڻي موڪليان به، ڇو ته (هڪ ٻانهي ڏيڻ سان هن وڏيءَ حرمسراءِ جي ڪمي ڪانه ٿيندي- جئن) ڪِنگرين ڀرڻ سان کوهه جو جر ڪونه کُٽندو؛ ٻيو ته ٻاگهيءَ جي ٻانهن وٺي خود سلطان به طعنا ۽ ويڻ ڏيئي وڙ ڪونه وڃائيندو؛ پر سوال عام شهرت جو آهي، جو ماڻهن جا وات بند ڪين ٿيندا: هتان کڻي ٻانهي گولي وڃي گُجرن (راڻين) سان گڏ ويهي، پر چوندو هرڪوئي ائين ته دودي جي ڀيڻ آهي.‘

انهن ڳاهن وارن بيتن کان جدا ٻيو هڪ بيت اسان کي سنڌ جي راوين وٽان مليو آهي، جو قدري وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته سومرن جي وقت جو آهي. بدقسمتيءَ سان سومرن جي هجوَ ۽ شڪايت ۾ چيل آهي، ۽ محض علمي تحقيق خاطر هت معذرت سان پيش ڪجي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته عرب سخي هئا، ۽ سخاوت عربي زندگيءَ جو اهم جز هئي. سانجهيءَ ٽاڻي قافلن جي جهوڪ وقت باهين جا مَچ ڪري ڇڏيندا هئا ته من مسافر لڙي اچن. عربن بعد سومرا حڪمران ٿيا. سومرا، هڪ دليل موجب، اسماعيلي عرب هئا يا اسماعيلي عربن جي تبليغ سان راجپوتن مان نومسلم ٿيل هئا. اسماعيلي عرب مبلغ، پورهيا ۽ ڌنڌا اختيار ڪري، ڪاسبين جي معرفت پنهنجي تبليغ ڪندا هئا. انهيءَ حالت ۾ سومرا جيڪڏهن اسماعيلي عرب هئا ته به ڪاسبي هئا، جا خصوصيت اڃا تائين منجهن موجود آهي. ڪاسبي پنهنجي پگهر جي پورهئي مان ڪمائين، انهيءَ ڪري سخاوت ڪرڻ لاءِ وٽن پيسو ڪو پورو پنو هوندو آهي. ٻئي دليل موجب، جيڪڏهن سومرا هندو هئا ۽ پوءِ مسلمان ٿيا، ته انهيءَ حالت ۾ به هندن واري پڪائي سندن نسل ۾ هئي. بهرحال، سنڌ ۾ عربن جي حڪومت واري سخاوت سومرن جي دور ۾ ڪانه رهي. اهي باهين جا مچ، جي جهوڪ ويلي عربن جي ڏينهن ۾ ڄڻ جَبلَ چوٽئين لاٽون ڪري ٻرندا هئا، سي سومرن جي ڏينهن ۾ نه رهيا. سومرن جي ڳوٺن ۽ بستين جون باهيون ۽ دونهيون سانجهيءَ ٽاڻي، جهوڪ ويلي، جهڪيون ۽ جهيڻيون ٻريون، ۽ انهيءَ ڪري عربي دور جي مهمانوازيءَ واريون روايتون باقي نه رهيون. انهيءَ حال کي ڏسي ان وقت جي ڪنهن سنڌي شاعر سومرن جي هجوَ ڪئي:

سَڄو  ڦَسيءَ  پيا  سومرا،  اَڌ  ڦَسيءَ  پيو  لوڪ،

جهِيڻي ٻارڻ جهوڪ، نه ته پئي ليڙ پيائي لاٽون ڪري.

يعني ته جيڪڏهن اڌ ڦِٺ ٻئي ساري لوڪ تي، ته سڄي ڦِٺ سومرن تي (ڇوته باوجود انهيءَ جي جو حڪمران قوم آهن، سندن ڳوٺن ۽ بستين جي باهه) جهوڪ ويلي جهڪي ۽ جهيڻي ٿيو وڃي، باقي هونءَ ته ٻئي وقت لاٽون ڪريو پئي ٻري.

هن بيت جو خيال خواهه ٻولي، ٻئي انهيءَ آڳاٽي تاريخي تمدن جي ساک ڀرين ٿا، ۽ قدري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته غالباً هيءُ بيت سومرن جي ڏينهن جو هجي.

سنڌ جي اڳئين اترئين ڀاڱي، يعني بهاولپور رياست واري اراضيءَ جي هڪ قديم روايت(1) ذريعي سومرن جي آخري دور جو هڪ بيت مليو آهي، جو اڃا تائين انهيءَ اراضيءَ جي وڏڙن وٽ مشهور معروف آهي. روايت هن طرح آهي ته حاڪم همير سومري جي ڏينهن ۾ سمي ڄام لاکي جي پٽ، ڦُل وڏي، هڪ چارڻ کي ڪي ڀلا گهوڙا انعام طور ڏنا، جي ڍوري راءِ سومري جي سازش سان چورائجي ويا؛ انهيءَ تي هن چارڻ، پٽِ طور، هيءُ بيت چيو ته:

ڍُري ڍوري راءِ، جَنهِين چارڻ سان کاههُ،

پَتڻ  پَٽي  جو  ٿيو، سيجَ  وِتايو  ساههُ،

هميرا  پوراهه،  راڄ  نه  ڪندا  سومرا.

يعني ته ڍوري راءِ، جنهن جِي چارڻ سان دشمني آهي، سو ڍُرڪي ضعيف ٿي چُڙي مري؛ سندس شهر ’پتڻ‘ ڦِٽي پوٺو (پتي) ٿيو، ۽ هاڪڙي (سيج) درياءَ سُڪي ساهه ڇڏيو؛ همير سومري پڄاڻا (سندن حڪومت جو خاتمو ٿيندو ۽) سومرا راڄ ئي ڪين ڪندا.

هن بيت جي معنيٰ ۽ مراد قرين قياس آهي. بقول ’تحفة الڪرام‘، سومرن جو آخري حاڪم همير هو، جنهن کان سمن حڪومت کسي. انهيءَ جي تصديق سلطان فيروز شاهه طرفان ملتان جي گورنر عين الملک ماهرو جي خطن مان ٿئي ٿي، جيڪي هن سنه 1352ع کان 1365ع واري عرصي ۾ لکيا. هو لکي ٿو ته ’هن وقت سومري حاڪم همير پٽ دودي جي حڪومت جو سَلو سُڪي رهيو آهي؛ محض سلطان جي مدد سان ئي قدري سائو ٿيو بيٺو آهي. ٻئي طرف، سمو ڄام ٻانڀڻيو پُٽ انڙ سندس سرڪشيءَ ۽ طاقت سان اُڀري رهيو آهي(1). چئي نٿي سگهجي ته همير سومري کان ڪهڙي سال ۾ حڪومت کسي ويئي، يا ڪڏهين وفات ڪيائين؛ پر جيئن ته سلطان فيروز شاهه 66- 1365 ڌاري ٺٽي تي حملو ڪيو، انهيءَ مان گمان نڪري ٿو ته لڳ ڀڳ 1365 ڌاري همير سومري جي حڪومت جو خاتمو ٿيو. انهيءَ لحاظ سان، مٿين بيت جو زمانو به اندازاً 1352 کان 1365ع وارو عرصو قرار ڏيئي سگهجي ٿو. بقول ’تاريخ طاهري‘، سومرن جو خاتمو به سمن زميندارن جي وڌندڙ طاقت سببان ٿيو. مٿين روايت مان پڻ ظاهر آهي ته سمن ڄامن، پنهنجي خوشحاليءَ سببان، سخاوت ڪري پئي چارڻن کي نوازيو، جن سڄي ملڪ ۾ وڃي ٿي سندن ڳُڻ ڳايا. چارڻن جون اهي ڪيرتون ڄڻ سمن لاءِ هڪ قسم جي پروپئگنڊا هيون، انهيءَ ڪري سومرن کي ڏکيون ٿي لڳيون؛ تنهنڪري ڪن سومرن زميندارن وري چارڻن کي هِيسڻ ٿي چاهيو. ڍوري راءِ سومري جي اشاري تي چارڻ جا گهوڙا چورائجڻ هڪ قرين قياس امر آهي. انهن دليلن جي بناءِ تي چئي سگهجي ٿو ته غالباً هيءُ بيت سومرن جي آخري دور جو آهي.

جيڪڏهين مٿيان بيت سومرن جي ڏينهن جا آهن ته پوءِ چئبو ته سومرن واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ بيان جي ايتري صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي جو نه صرف نثر ۾ رومانوي داستان ۽ قصا رائج ٿيا، پر سنڌي شعر به ڳاهن واريءَ صورت ۾ نمودار ٿيو.                           [هلندڙ]


 


(1) ڏسو ”ڪتاب الهنہ“ (عربي متن، تصحيح پروفيسر سَخاؤ) جو مقدمو، ص 25.

([1]) ڏسو ڪئپٽن ولبرفورس جي ”ڪاٺياواڙ جي تاريخ“. همير سومري 1020 ۾ ’جاسل‘ کنئي، جنهن تي راءِ ڏياچ جو پٽ راءِ نوگهن گجرات مان سنڌ تي چڙهي آيو.

(1) ’تاريخ فيروز شاهي‘ (تصنيف ضياءِ بَرني، سنه 758هه)، ڪلڪته 1862، ص ص 253- 254؛ ۽ ’طبقات اڪبري‘ (تصنيف نظام الدين بخشي، سنه 1002هه)، مطبوعه ڪلڪته، 1927- 1935ع، جلد 1، ص 142.

(2) ’دولت علويہ يا سومرن جي حڪومت‘ (تاليف مولوي عبيدالله ’شائق‘)، مطبوعه 1929ع.  

(1) اها روايت، بيت سميت، بهاولپور رياست گزيٽيــئر (پـنــــجاب رياســت گزيٽيئر سلسلو، نمبر XXXVI-A مطبوعه لاهور، 1908ع، ص 378) ۾ ’پٽن‘ شهر جي بيان هيٺ ڏنل آهي، جتان اردو ۾ پڻ ترجمو ٿي، ”پتن منارا“ مضمون جي عنوان سان، رسالي ”العزيز“، بهاولپور (ماهه فيبروري 1941ع، ص ص 41- 44)، ۾ شايع ٿي. اسان انهيءَ روايت کي قدري وضاحت ۽ بيت جي صورتخطيءَ توڙي معنيٰ جي اصلاح سان هت پيش ڪيو آهي. گزيٽيئر جي اصل مضمون ۾ هن بيت کي انگريزي صورتخطيءَ ۾ لکيو ويو آهي، پر رسالي ”العزيز“ ۾ بيت ۽ ان جي معنيٰ کي اردو صورتخطيءَ ۾ هن طرح لکيو ويو آهي:

دهري ڊهورا رائي، جنهين چارن سانکهيا،

پَتن  پَتيجو  تهيو،  سيج وتايو ساه،

حميرا  پورا،  راج  نه  کندا  سومره.

ترجمو: ”ڊهورا رائي (سومرن، جس ني چارن کي گهوڙي چرائي ٿي) پر لعنت هو، اور پتن تباه هو، اور سيج (اوس وقت درياء هکڙه کا نام ٿا) اپان راسته تبديک کردي، اور خدا کري حميرا سومره کو سلطنت کرني کي زياده مهلت نصيب نه هو!“

ظاهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ کان غير واقفيت سببان اها معنيٰ اوٽ تي ڪيل آهي. اسان اصل انگريزي ۾ لکيل لفظن کي نئين سر سنڌيءَ ۾ سلجهايو آهي: ”ڊهورا رائي“ کي اسان ”ڍوري راءِ“ ڪري لکيو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ”ڍوري“ نالو عام مروج آهي (حيدرآباد ضلعي ۾ ’ڍوري هڱوري‘ جي ڳوٺ جو تاريخن ۾ ذڪر موجود آهي، حالانڪ هينئر انهيءَ ڳوٺ جي کنڊرن کي ’ڌونئرا هڱورا‘ چيو وڃي ٿو)؛ ”سانکهياه“ يقينا ”سان کاه“ آهي؛ ”پتيجو“ کي متن ۾ ”پَٽِي جـــــو“ پــــڙهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اڳتي  (درياهه جي سڪي پوٺي ٿيڻ جو ذڪر آهي، انهيءَ لفــــظ  کــــي (حاشيو هلندڙ) ”پِٽي جو“، يعني ”پِٽيل جو“، به پڙهي سگهجي ٿو، پر پوءِ فعل ’ٿيو‘ جي خبر اڻپوري رهجي ويندي.

(1) ”منشات ماهرو“، قلمي نسخو، نقل ڪيل ڊاڪٽر رياض الاسلام، ڏسو سندس مضمون ”The Rise of the Sammas in Sindh“، مطبوعه رساله ”اسلامڪ ڪلچر“، حيدرآباد دکن، آڪٽوبر سنه 1948ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com