سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :5

بانوءَ جي دل ۾ وري نين اميدن جنم ورتو ليڪن، جنهن جي موجودگيءَ هن اداس گهر ۾ رونق آڻي ڇڏي هئي، اُهو ڪنهن اڏامندڙ پکيءَ جيان پڃري ۾ اُتاولو ويٺو هو، ته ڪڏهن بند خلاص ٿين ته هو پنهنجي پراڻي نشيمن ڏانهن وڃي. رحيم جي مرضي هئي ته هو نوڪري به هتي ئي ڪري-جيڪو نصيب هوندو اهو ملندو، ٻئي ڪٿي وڃڻ جو ضرور ڪونهي. احمد اهڙي قسم جا ليڪچر ٻڌي، صرف ’هان‘ ’هون‘ پيو ڪندو هو.

کيس آئي اڃا ٻه چار ڏينهن مس ٿيا هئا. رحيم جيئن دوڪان تي وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪتو، ته ٽپاليءَ کيس تار آڻي ڏني. پهرين ته هو تار کڻي احمد کي پڙهائڻ ٿي ويو؛ پر ڪنهن خيال سندس قدم روڪي ڇڏيا، ۽ هو تار جو ڪاغذ مٺ ۾ لڪائي دوڪان تي هليو ويو، جتي هن غفور کان تار پڙهائي.

”ڪٿان آئي آهي... ڇا لکيل آهي؟“ هن اتاولائيءَ مان پڇيو.

اکيون مٽڪائيندي، مشڪي، غفور آهستي چيو: ”چاچا، امينه جي تار آهي، احمد ڏي موڪلي اٿس.“

”لکيو ڇا اٿس؟“

”ته مان سخت بيمار آهيان، جلد اچ-.“

”هون!...“ ۽ هن تار پرزا پرزا ڪري اڇلي ڇڏي.

”پٽ غفور، ڏس... هن جو ذڪر اصل نه ڪجاءِ!“

”نه، چاچا، مان ائين ڪيئن ڪندس، اوهان دلجاءِ ڪريو-.“ غفور کيس يقين ڏياريو. پوءِ رحيم جي ٽپاليءَ تي نظر رهڻ لڳي. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وري امينه جو خط آيو، جيڪو هن چُلهه جي نذر ڪري ڇڏيو- ۽ اهڙيءَ طرح هن ڪيترائي خط ضايع ڪري ڇڏيا.

امينه جو ڪوبه خط احمد کي نٿي پهتو... مگر ڪيستائين؟ هڪ ڏينهن رحيم کي دوڪان تي البت دير ٿي ويئي. سندس غير موجودگيءَ ۾ ٽپاليءَ احمد کي خط ڏيئي ويو. پڙهي، احمد انهيءَ دم ڪراچي وڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو. رحيم ٻنپهرن جو جڏهن گهر آيو، ته هن ڏٺو احمد جي ماءُ ۽ بانو چپ چپ ويٺيون چانور سوئي رهيون هيون. کيس ڪجهه کٽڪو پئجي ويو-

”ڇو، خير ته آهي؟ مٺ ماٺ لڳي پيئي آهي!“ رحيم زال کان پڇائين.

”اسان جي لاءِ وري ڪهڙا خير...“ هن مايوس آواز ۾ چيو ”پر به آهي ڇا؟-“ ”اهي وري ڇا.. احمد ڪراچيءَ ٿو وڃي! امينه جو خط آيو اٿس...“ هن ناراضگيءَ مان وراڻيو.

رحيم جون اميدون هڪ دفعو وري خاڪ ۾ ملي ويئون.

کين ائين اداس ۽ گم سم ڏسي، احمد رخصت ٿيڻ وقت: ”امان، نوڪريءَ جي ڪم لاءِ ضروري وڃڻو اٿم، نه ته جيڪر نه وڃان... بس، هفتي ڏيڍ ۾ سامان کڻي هليو ٿو اچان!“

”ها پٽ، اسان کي اڳي وانگر رولي نه وڃجانءِ!...“ ماءٌ، پٽ جي اکرن تي ڀني پيئي.

”نه، امان، آءٌ اوهان جي قدمن جي خاڪ... هاڻي آءٌ دل جان سان اوهان جي خدمت ڪندس!“

... پوءِ احمد، سڄي گهر جي خوشين ۽ اميدن کي پالنا ڪري، هليو ويو. سندس انهن لفظن ۾ ڪيتري صداقت هئي، تنهن جي ڄاڻ ڪنهن کي هئي؟ پر احمد ڪو ٻار ته ڪين هو، جنهن کي زبردستيءَ رهائي سگهجي هئا... جيڪي وڃڻ وايون ڪن، تن کي روڪي ئي ڪير ٿي سگهيو؟... احمد ويو، وري نه آيو- هو نه ايندو، سو ڪنهن نٿي ڄاتو...!

هڪ دفعو وري بانوءَ جي اميدن جا چراغ پنهنجي ئي جوش ۾ جلي وسامي ويا. هن دفعي احمد ساڻس اهڙي ته بيرخيءَ جي هلت هلي، جنهن هن جي دل ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏي هئي. جڏهن هوءَ ڪم ڪار سان سندس ڀرسان لگهندي هئي، ته احمد جي چهري تير گهُنڊ پئجي ويندو هو. ائين نظر ايندو هو، ڄڻ هو پنهنجي هن قيد جو سمورو ذميواري بانوءَ کي سمجهندو هجي- جنهن کيس امينه کان الڳ ڪري، پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ قيد ڪري رکيو هو.

زندگي وري اڳي وانگر اداس ٿي ويئي. بانوءَ جو پيءُ جڏهن موت جي ڪنڌيءَ تي اچي پهتو، ته پاڻ کي پِير تان کڻائي گهر آيو. ڪيتريءَ دير کان پوءِ ئي سهي،... نيٺ خدا سندس ٻُڌي هئي- صحت نه سهي، موت ته کيس ملي رهيو هو! مرڻ وقت هو ٽٽل ڦٽل اکرن ۾ احمد کي ياد ڪرڻ لڳو. مگر، احمد اهڙي آسان اميد ته ڪين هئي، جيڪا جلد پوري ٿي سگهي- هن اميد کي کي پوري ٿيڻ لاءِ ته هڪ عمر درڪار هئي! جڏهن بيهوشيءَ جي حالت ۾ کائنس احمد جي وائي نه وسري، تڏهن ماڻهن کي ڪوڙ ڳالهائڻو پيو ته احمد آيو آهي. پورهي جو روح ڄڻ اِنهن ئي لفظن جو منتظر هو.. احمد جي موٽي اچڻ جو ٻڌي، سندس بيقرار ۽ بيچين پکيئڙو، آسمان جي نِيراڻ ڏانهن، سُک جي تلاش ۾، پرواز ڪري ويو. هر ڏک کي پنهنجو رنگ هو، پنهنجو انداز هو... الائي ڇو، هيترن ڌڪن کائڻ کان پوءِ به سندس احساس کي موت نه اچي سگهيو هو! بانوءَ جي ماءُ غريب پورهيت هئي سندس جوانيءَ جي بهار گذرئي به مدت ٿي چڪي هئي. مذهب تي کيس ڪجهه نٿي چيو، مگر مولوين کيس عدت جا ڏينهن گهر کان ٻاهر نڪرڻ نه ڏنو. ڪو بک مري يا جيئي تنهن سان مولوين جو ڪهڙو ڪم؟... هو انسان جي بک دور ڪرڻ جا ذميوار ٿورئي هئا! اهي ڏينهن هنن ڪيئن گذاريا، سا سندن دل کي ئي خبر هئي. ڏکيا يا سکيا- ڏينهن ته مڙيئي گذرڻ لاءِ هئا، ۽ گذري ويا... اها ته ڳالهه ئي ٻي هئي ته سندن هر صبح، ڏکن جا نوان نوان خزانا کڻي ايندو هو.

روز روز جي وڌندڙ گرانيءَ ۾ هوءَ پنهنجن ڪمزور هڏهن مان گهر ۾ رُکي ٽڪر ڏيڻ کان به لاچار هئي... پر ويچاري ڪري ئي ڇا ٿي سگهي؟ ماءَ  کي ائين اداس ۽ پريشان، ۽ پيٽ- پورت لاءِ دربدر ڀٽڪندو ڏسي، بانوءَ جي دل روئي اٿندي هئي- ’اوه، احمد، تو هيءٌ ڇا ڪيو؟... ڪيڏو نه ڏک ڏنئه-!‘

بانوءَ جي جوانيءَ کي ڏسي، ماڻس جون فڪر ۾ ٻڏل نگاهون هيٺ جهڪي وينديون هيون. گذريل ٽن ڏينهن جي فاقن هن جي اکين جي اها طاقت زائل ڪري ڇڏي هئي، جنهن سان کيس بانوءَ جي پُور جوانيءَ ۽ حسن نظر ايندو هو. لڳاتار ڏکن ۽ بکن، آخر خانداني ننگ ناموس جو احساس به گهٽ ڪري ڇڏيو... ۽ هڪ ڏينهن، ڪيترا گهر جاچي، نيٺ هوءَ هڪ عمر رسيدي واپاريءَ جي گهر بانوءَ جي نوڪريءَ جو بندوبست ڪري آئي، جيڪو پنهنجيءَ زال ۽ ڌيءَ سان گڏ ڀر واريءَ گهٽيءَ ۾ رهندو هو.

ڊنل ڊنل قدمن سان، پنهنجيءَ غيرت کي دم دلاسو ڏيندي، بانو واپاريءَ جي گهر نوڪريءَ تي وڃڻ لڳي. هو صوم صلوات جو پابند هو، ۽ نهايت شريف ٿي ڏٺو. سندس ڊگهيءَ ڏاڙهي ۽ پيشانيءَ تي نماز جي نشان، بانوءَ جي دل مان هن جو خوف زائل ڪري ڇڏيو- هوءَ کيس پيءُ  سمان سمجهڻ لڳي.

بانو، حويليءَ جي زالن جي طعنن تنڪن کان بيپرواهه ٿي، نوڪري ڪندي رهي. گهر جي حالت هاڻي ڪي قدر سڌرڻ لڳي هئي. پنج چار مهينا سانت سان گذري ويا. هڪ ڀيري، گرمين جا ڏينهن هئا؛ بانوءَ جي ماءُ ڊپٽيءَ جي گهران ماني پچائيءَ آڻي؛ ماني رکي. هوءَ بانوءَ کي وٺي اچڻ لاءِ اُٿي؛ اڃا برقعي ۾ هٿ مس وڌائين، ته بانو تڪڙي تڪڙي اندر گهڙي آئي... سڌي وڃي کٽ تي ڪِري- تڪڙا ساهه پئي کنيائين. ماڻس، گهٻرائجي، ٻانهن ۾ هٿ وجهي، پڇيس: ”ڇو، بانو، بخار اچي ويئه ڇا؟“ بانوءَ نفرت آميز غصي ۾ چيو: ”امان، سڀاڻي کان نوڪريءَ تي ڪانه ويندس...“ ماءُ جي اکين ۾ پهرين حيراني۽ پوءِ غصي ۽ ڏک جي مليل ڪيفيت ڇائنجي ويئي. سندس شاڪي نگاهون مٿي آسمان ڏانهن کڄي ويون- ’اوه، ايڏي اونداهه!... هيءَ اڪيلو روح، ۽ هي حيات جون اونداهيون راهون ڪيئن اڳتي وڌجي، ڪيئن پنڌ پڄي!‘

هيءَ بيدردي دنيا،... ۽ ڪنهن اڪيلي انسان جي جيئري جان! ڪڏهن زندهه رهڻ لاءِ انسان کي پنهنجيءَ انسانيت جي قرباني به ڏيڻي ٿي پوي. صدين جي سلسلن ۾، مجبورين جون راهون به ڄڻ مقرر ٿي وييون آهن.- خودڪشي، يا ذلالت، بانوءَ جي ماءُ تي مجبورين جي حد ٿي چڪي هئي؛ ليڪن هوءَ اڃا زنده هئي... کيس ٻين جي ناجائز ناتن ملائڻ جو پيشو اخيار ڪرڻو پيو. ائين ڪندي، سندس دل ٻوساٽجي ويندي هئي، ۽ هوءَ چاهيندي هئي ته جيڪر انهيءَ ذليل زندگيءَ کي ٻرندڙ مچ ۾ اڇلائي جلائي ڇڏي، جنهن جي حفاظت ڪندي اخلاق ۽ عزت جون ڌڄيون به اُڏامي ويئون هيون... ۽ هن سڄيءَ دنيا کي چوُچڙي لڳائي ڇڏي، جنهن ۾ هن کي بکئي پيٽ لاءِ عزت جو رُکو ٽڪر به نصيب نٿي ٿي سگهيو!

احمد جڏهن بانوءَ ڏانهن هيترن سالن کان پوءِ به واٽ نه واري، تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي ڏيئي جي جهيڻي لاٽ ڏسي، بانوءَ جي ماءُ کي انهيءَ فڪر اچي ورايو ته کانئس پوءِ هن جي زندگي ڪيئن گذرندي! ’ڇو نه هن کي احمد کان آزاد ڪرائي، ٻئي هنڌ پرڻائي ڇڏيان!‘...يڪا يڪ اهو خيال هن جي دل ۾ آيو. ان کي عملي جامو پهرائڻ جيتوڻيڪ ڏکيو هو، ڇو ته سندن خاندان ۾ ڪنهن به زال ٻيو مڙس نه ڪيو هو. سندس زندگي ڪيئن ٿي گذري، اهو ته سندس قسمت تي ئي منحصر هو- فلحال، سڀني رڪاوٽن کي خيال ۾ نه آڻي، هن اها ڳالهه بانوءَ سان ڪرڻ جو خيال ڪيو. هن بانوءَ کي سندس تاريڪ ۽ بي سهاري آئيندي جو تصور ڏياري اِها رِٿ ٻڌائي، ته هوءَ بيتاب ٿي ويئي، ۽ چوڻ لڳي:“ تنهن کان مون کي گهُٽو ڏيئي ماري ڇڏ، پر مان هرگز نه ڪنديس!..“ هو پيشمان ٿي ويئي، ۽ کيس وري ڪجهه چوڻ جي همت نه ٿي سگهي.

بانو اڃا زندگيءَ جي گلستان ڏانهن اوسيڙي ڀريون اکيون کڻي رهي هئي... مگر سندس تمنائن جي گلن کِڙڻ لاءِ اها بهار ڪٿي هئي، جنهن جي انتظار ۾ هن خزان جا دلسوز جُهوٽا سَٺا هئا!

جيل مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ احمد لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جا دروازا ته بند ٿي ويا هئا، پر کيس ڪا سٺي خانگي نوڪري به نه ملي سگهي. پورو پنو ڪمائيندو هو، جنهن مان هو- جنهن مان هو ڇڪي تاڻي پيٽ پالڻ لڳو. امينه جڏهن ڪمزور جسم ۽ ميرن ڪپڙن ۾ گذارڻ واري احمد کي ڏسندي هئي، تڏهن هن جي دل بدمزي ٿي ويندي هئي. احمد وٽ هاڻي رهيو به ڇا هو- نه دولت، نه صورت!... ۽ هڪ ڏينهن نيٺ هوءَ سندس ڇنل ٽُٽل آکيري مان اڏامي ويئي.

اها خبر احمد جي مائٽن کي پيئي، ته سڀني کي خوش ٿي. سڀڪو سمجهڻ لڳو ته اهو سڀ. بانوءَ جي آهُن جو اثر آهي حويليءَ جون زالون کيس مبارڪ ڏيندي چونديون هيون، ’بانو، خدا نيٺ تنهنجي ٻُڌي، هينئر احمد تنهنجو آهي-‘ مگر، هيءَ خلاف اميد خبر ٻڌي، بانو ذرو به خوش نه ٿي. هوءَ دير دير تائين آسمان جي تارن کي تڪيندي تڪيندي سوچيندي هئي. ’آخر امينه ئي ٿڪجي احمد کي ڇڏي هلي ويئي، پر احمد کيس ڇڏي مون وٽ نه آيو!... تڏهن ڏوهه رڳو امينه جو نه هو!‘

احمد، پشيمانيءَ جي خفت کان، هنن کي منهن ڏيکاري نه سگهيو. کيس پنهنجي سرد مهريءَ ياد اچي، اکيون مٿي کڻڻ نٿي ڏنيون. انهيءَ احساس کي مٽائڻ لاءِ هو ڪٿي ٻئي هنڌ هليو ويو.

امينه جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مهينن پڄاڻا به احمد گهر جو رخ نه ڪيو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ هن مان آسرو لاهي ويٺا. ’هن نالائق مان ڪنهن چڱائيءَ جي اميد رکڻ ئي اجائي آهي... سوئر جو ڦر!‘ رحيم ڪاوڙ ۾ اچي هن کي گار ڏيندو هو- جيڪا اڌ کيس ئي لڳي ايندي هئي.

سخت سياري جا ڏينهن هئا. صبح کان وٺي برسات پيئي هئي، ته به اڃا آسمان صاف نه ٿيو هو. رکي رکي وڄ جي چمڪاٽ پراڻن گهرڙن جي مڪينن کي ڏڪائي ٿي ڇڏيو. بانو ڪوٺڙيءَ ۾ ٽن ڏينهن کان بخار ۾ بيهوش پيئي هئي. پاسي جي سور کيس گذريل ٽن راتين کان هڪ گهڙي به آرام نه ڏنو هو. پوڙهي ماءٌ، ڀرسان ويٺي ڇيڻن جي باهه تي تيل گرم ڪري رهي هئي. بانوءَ جي قسمت تي سوچيندي، هن جي بينور اکين مان ڳوڙها ڪري رهيا هئا. امينه احمد کي ڇڏي ويئي هئي، تنهن کي به سال کن ٿي ويو هو. جنهن ڏينهن بانوءَ کي بخار شروع ٿيو هو، ان ڏينهن هن، ڇت جي ڏنگين ڦڏين ڪاٺين کي گهوريندي، کيس چيو هو:

”امان، هو نيٺ ته ايندو نه؟“

”ها، ڌيءَ ڇو نه ايندو- ضرور ايندو.“ ماءُ کيس دلداري ڏئي چيو.

”اما، جڏهن اچي ته کيس چئجانءِ- بانو توکي ڏاڍيون دعائون ڪندي هئي...!“

”دل نه لوڙهه، ڌيءَ! جڏهن اچي ته تون پاڻ کيس چئجانءِ-.“ ماءُ پنهنجا آنسو اوندهه ۾ لڪائيندي چيو. ’اوه، منهنجي بدنصيب ڌيءَ!...تو ڪهڙا ڪنڊا پوکيا هئا، جو خوشيءَ جو هڪ گل به حاصل نه ٿي سگهيئه!... منهنجي پياري ڌيءَ، تون پنهنجيءَ سونهن سان گڏ ايڏي تاريڪ قسمت ڪيئن کڻي آئينءَ...؟‘

ٻاهر هوائون تيز ٿي ويون هيون. هوءَ بخار ۾ بيهوش بانوءَ کي جاڻ ۽ تيل جي مالش ڪرڻ لڳي. کيس ڊبل نمونيا ٿي پيئي هئي... ۽ دوا لاءِ وٽن ڪوڏي به ڪانه هئي. کيس ائين تڪليف ۾ تڙپندي ڏسي، هٻڪي هٻڪي، ماءُ کيس چيو: ”ڌيءَ، اها مُنڊي نه  ڏين ته گروي رکي تولاءِ دوا وٺي اچان.“

”نه، اما، آءٌ ڪا مري ٿوروئي ٿي وڃان!...“ ماءُ کي خبر هئي ته اها مڱڻي جي مُنڊي هن جي لاءِ صبح جي تاري کان گهٽ ڪين هئي. گذريل فاقن ۾ جڏهن سندن ٻيا سڀ زيور ختم ٿي ويا هئا، ته بانوءَ ٽي ڏينهن بُکي رهي به هيءَ منڊي وڪڻڻ نه ڏني هئي. پاڙي اوڙي ۾ خاموشي لڳي پيئي هئي؛ صرف گهٽي ۾ نيسارن مان پاڻيءَ ڪِرڻ جو آواز ٿي آيو. رکي رکي وڄ پئي چمڪاٽ ڪيا. ڪجهه دير بانوءَ کي مالش ڪري، هوءَ ڏيئي جي وٽَ جَهڪي ڪري، سندس ڀرسان کَٽ تي ليٽي پيئي. ٿَڪ سبب هن جون اکيون جلد بند ٿي وييون- کيس ننڊ اچي ويئي. چڱو وقت گذري ويو. برسات وري تيزيءَ سان وسڻ لڳي هئي. ان وقت ٻاهر گهٽيءَ ۾ هڪ ٽانگو اچي بيٺو، ۽ زور زور سان هارن وڄڻ لڳو؛ ليڪن، سجاڳ هوندي به ڪوئي ٻاهر نه نڪتو. برسات کان ششدر ٿي، هڪ ماڻهو، سامان لاهي پاسيرو رکي، هڪ دروازي کي زور سان کڙڪائڻ لڳو. مس دروازو کُليو. هو جهٽ اندر گهڙي ويو. سڄيءَ حويليءَ ۾ هلچل ۽ سجاڳي اچي ويئي. برسات جي تيزي سڀ کان وسري ويئي. ٻئي ديس کان آيل سهڻين چيزن کي سڏڻ لاءِ هرڪو مٿان اچي پيو.

چُلهه ۾ پيل باهه مٿان رک ڄمي ويئي هئي. بانو جي ماءُ اوسيڙي ڀري ننڊ سُتي پيئي هئي، ته سندس ڪوٺڙيءَ جي در تي زور سان ڌڪ هڻندي غفور رڙ ڪئي: ”ماسي،... او ماسي، در ته کول!“ غفور جي آواز مان بي انتها خوشي ڦُٽي رهي هئي ٿاٻڙندي وڃي در کولي هن جيڪي ڏٺو، تنهن کيس وائڙو ڪري ڇڏيو. اکيون مهٽي، وري ڏٺائين... سامهون، قيمتي ڪپڙن ۾ ملبوس احمد، ڪجهه سامان جا پئڪيٽ هٿن ۾ کنيو، غفور سان گڏ بيٺو مُرڪي رهيو هو-

”ها. چاچي، مان احمد آهيان.“ حمد جُهڪي سندس پيرن تي هٿ رکيا. ”... بانو ڪٿي آهي؟“

گهڙي کن احمد کي غورسان ڏسندي، يڪا يڪ هوءَ تيزيءَ سان بانوءَ جي کٽ ڏانهن وڌي- ”بانو... او بانو! احمد آيو اٿئي!...اُٿ، ڏس ته ... بانو!“ هن خوشيءَ ڀري آواز سان ڪيترائي سڏ ڪيا؛ پر بانوءَ ڪو به جواب نه ڏنو. ڪمبل پري ڪري، هوءَ کيس ڌونڌاڙڻ لڳي... ليڪن سندس برف جهڙي سردي جسم سان هٿ لڳندي ئي هن کان چيخ نڪري ويئي.

”بانو...! هڪ دلدوز رڙ ڪري، هوءَ بيهوش ٿي ڪِري پيئي.

احمد دروازي وٽ گم سم بيٺو رهجي ويو. غفور اڳتي وڌي ڏٺو- بانوءَ جي مُرجهايل چهري تي تلخ مُرڪ ڇانيل هئي. هوءَ ڄڻ مٺيءَ ننڊ ۾ ستي پيئي هئي. غفور جي مايوس نگاهن احمد ڏي نهاريو... احمد جي هٿن مان سامان جا پئڪيٽ ڪِري هيٺ پکڙجي ويا...

ٻاهر، آسمان جي گهُور انڌيرن ۾، بجلي چمڪي وري گم ٿي ويئي.

رشيده حجاب

بيوفا ڪير

سڄو هال تاڙين جي شورر سان گونجي ويو. هڪ سال جي ننڍڙيءَ فوزيءَ ڦوڪ ڏيئي موم بتي وسائي ڇڏي.

”شاباس! شاباس!“ ساجده هن جي چهري تي بوسن جي بارش ڪري ڇڏي.

”ويري گُڊ!“

”واه واه!“

”ماشاالله!“

”ڏاڍي ذهين بي بي آهي!“

هُن جي چپن تي اُداس ۽ طنزيه مُرڪ نچي اُٿي. هُن ائين ئي چيو: ”هجي به ڇونه؟ آخر ڌيءَ ڪنهن جي آهي!“

هُن جا طنز ڀريا لفظ ساجده جي دل ۾ زهريلن تيرن وانگر پيوست ٿي ويا. سندس اکين ۾ غم ۽ مايوسي ڀرجي آئي، ۽ سندس چپن تي اداسيءَ ۽ شڪايت جا پاڇا ٿڙڪڻ لڳا. ڄڻ هوءَ پنهنجي خاموش زبان سان چئي رهي هئي: ’تون ائين ڇو ٿو چوين ... ڇا لاءِ؟ ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور؟ مان اڳ گهٽ زخمي آهيان، جو تون ائين منهنجن زخمن تي لوڻ ٿو ٻرڪين! مون کي تڪليف ڏيئي، ڇا توکي تسڪين ملي ٿي؟... ٻڌاءِ! ... ٻڌاءِ!‘

ساجده جي ان خاموش شڪايت کان ڄڻ هو مرعوب ٿي ويو، ۽ ٻئي طرف هليو ويو. هوءَ، گُم سُم بيٺي رهي- ۽ جڏهن فوزيءَ سندس گلي ۾ اچي پنهنجون ٻانهون وڌيون، تڏهن هوءَ ڇرڪي ويئي.

مهمان سڀ هن کي پياني تي نغما ٻڌائڻ لاءِ چئي رهيا هئا، ۽ هو ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ساجده کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته هو پيانو تمام سٺو وڄائيندو آهي؛ مگر ان وقت سندس دل ڌڙڪڻ لڳي، ۽ سندس نظرون ڄڻ التجا ڪري رهيون هيون: ’نجمي، انهن سُرن کي نه ڇيڙجانءِ... انهن سُرن سان تنهنجي ۽ منهنجي ماضيءَ جون تلخ يادگيريون وابسته آهن! ڪٿي اها چڻنگ وري شعلو بڻجي نه ڀڙڪي اٿي، جنهن کي مون هزارين مڻ رَکَ جي هيٺان دٻائي ڇڏيو آهي! اڄ منهنجي بي بيءَ جي پهرين سالگرهه آهي... خدا جي واسطي، اڄ ته مون کي خوش رهڻ ڏي- مٿئين دل سان ئي سهي! تنهنجن نغمن ٻڌڻ سان شايد ضبط جو دامن وس ۾ نه رهي، ... ۽ پوءِ ... پوءِ!‘

مهمانن جو اصرار وڌندو رهيو ... ۽ پوءِ هن جون ڊگهيون آڱريون پياني جي سيني تي تيزيءَ سان هلڻ لڳيون. پياني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ٿي ويو. هو پيانو وڄائي رهيو هو. ٻڌڻ وارا ساڪن، دم روڪي ويٺا هئا، هن جي نغمن ۾ وياڪلتا هئي، غم هو، ناڪاميون ۽ نامراديون هيون؛ هن پنهنجي دل جو درد نغمن ۾ پلٽي ڇڏيو هو... ۽ هوءَ ائين سمجهي رهي هئي، ڄڻ سنگيت هن جي آڱرين ۾ سمائجي ويو هجي. نغمو ختم ٿي ويو. هڪ دفعو وري هال تاڙين جي شور سان گونجي ويو. هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.

ڪا ڇوڪري هن کان پڇي رهي هئي: ”مسٽر نجمي، درد جو هي انمول خزانو توهان ڪٿان حاصل ڪيو آهي؟“

”درد ... اُداسي ... افسردگي... غم... هي سڀ منهنجي تنهائيءَ جا رفيق آهن!“ هو شرابين جي انداز ۾ چوڻ لڳو: ”هي سڀ مون پاڻ حاصل نه ڪيا آهن، هي پاڻ مون وٽ آيا آهن... ها، بلڪل پاڻ آيا آهن! جڏهن سڀ مون کان منهن موڙي هَليا ويا، تڏهن ... هي مون وٽ هليا آيا- منهنجا سچا همدرد ... منهنجا ساٿي...!“

هوءَ ڇوڪري ۽ ٻيا مهمان کلڻ لڳا. شاهد کلي چيو: ”معلوم ٿو ٿئي، نجمي، اڄ هڪ ٻه جام وڌيڪ چاڙهي ويو آهين! هل، هلي آرام ڪر، صبح جو هليو وڃجانءِ.“ شاهد هن کي سهارو ڏيئي، ،پلنگ تي سمهاري ويو؛ ... ۽ هو پاڻ کي واقعي شرابي سمجهڻ لڳو.

مهمان رخصت ٿي ويا. شاهد ساجده کي وٺي ڪمري ۾ هليو ويو.

هو ڦاٽل اکين سان چنڊ کي گهُورَڻ لڳو. رات پُرنم ٿي ويئي هئي. پوين تاريخن جو چنڊ آهستي آهستي اُڀري رهيو هو، ۽ ڪمزور چانڊوڪي ڄڻ هن جي دل وانگر خاموش سڏڪا ڀري رهي هئي. هو ان ڪمزور چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي شوخ ۽ شاداب چانڊوڪي ڳولي رهيو هو. ڪٿي هئي هن جي چانڊوڪي؟- هن جي ساجده، هن جي ’ساجي!‘

”ساجي، تون ڪٿي آهين؟“

”نجمي، او نجمي، مان هتي آهيان! ڇا آهي؟“

”ڇا آهي!... اهو ته تون ٻڌاءِ نه؟“

”ڀلا ٻڌايانءِ؟ ٻڌايانءِ، ته ڇا ڏيندين؟“

”چاڪليٽ!“

”ته پوءِ چاڪليٽ ئي آهن- هيڏي ڪر!“

ننڍڙو سفيد هٿ وڌيو.

”هان وٺ! وٺي ته تنهنجي لاءِ ئي آيو آهيان، پر توکي خبر ڪيئن پيئي؟“

”بس، نجومت هلايم!“

”نجومت؟“

”ها ها، نجومت!“

”جيڪڏهن توکي نجومت ايندي آهي، ته ڀلا ٻڌاءِ، مان ڇا ٿو سوچيان؟“

”واه، اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“

”وڏي ڳالهه نه آهي، ته پوءِ ٻڌاءِ نه!“

”ٻڌايانءِ؟“

”ها، ٻڌاءِ!“

”- ’اما ۽ چاچيءَ کان لڪي باغ ۾ هلون، ۽ انب پٽيون!‘ ڪيئن، نجمي!“

”اڙي ساجي، تون ته صفا ولي ٿي ويئي آهين!“

”۽ اما جي چوڻ موجب، هاڻي سياڻي به ٿي ويئي آهيان!“

...۽ پوءِ معصوم ٽهڪ گونجڻ لڳا.

”نجمي، او نجمي، ڳالهائين ڇو نٿو؟“

”چپ!“

”اڙي بابا، ڪُڇ ته سهي، آهي ڇا؟“

”نه، مان توسان نه ڳالهائيندس! تون ڪالهه ڇونه آئي هئين؟ ڪيڪ به سُڪي ويا، ۽ چاڪليٽ مون پاڙي جي ٻارن کي ڏيئي ڇڏيا!“

”بس، ڳالهه به ايتري!“ هن وڏو ٽهڪ ڏنو. ’بابا، اما نه پيئي ڇڏي- چي، ’تون هيڏي وڏي ڍڳي ٿي آهين، ڇوڪرن سان ڪا ٺهين ٿي؟ سڄو ڏينهن نجميءَ سان پيئي رُلين!‘“

”پوءِ؟“

”پوءِ ڇا! ڪالهه ته جيئن تيئن ڪري گذاري ڇڏيم، اڄ هلي آيس. پر، نجمي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي: جڏهن مان شاهد سان راند ڪندي آهيان، ته اما ڪجهه به نه چوندي آهي- هٿؤن چوندي آهي ته ’شاهد سان راند ڪندي ڪر!‘ ... ڇو ڀلا؟“

”شاهد هن جي ڀاءُ جو پٽ آهي نه!“

”پوءِ تون به ته بابا جي ڀاءُ جو پٽ آهين نه!“ ساجده برجستو جواب ڏنو.

”الائي ڇو...؟“ نجميءَ جو معصوم ذهن جواب ڏيئي نه سگهيو، پر هن جي اداسي گهَري ٿيندي ويئي.

”ڇڏ، نجمي، انهن ڳالهين کي- اچ راند ڪريون!“

هو بيدليءَ سان اٿيو، هن جي دل ۾ ڪا ڳالهه هئي، جنهن کي هو فقط محسوس ڪري سگهيو ٿي، سمجهي نٿي سگهيو.

هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جي ڪشيدگيءَ ويئي وڌندي... ۽ پوءِ هن جو وسيع بنگلو ٻن حصن ۾ تقسيم ٿي ويو. باغ جي وچ ۾ ڪنڊن جي ڀت اچي ويئي. هن جي ماءُ هر شيءَ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. مگر ... هُن جي دل کي تقسيم ڪرڻ هن جي ماءُ جي وس ۾ ڪٿي هو؟

ساجده ۽ نجمي- ٻئي، ننڍپڻ جون حدون ڇڏي، انهن حدن کي پهچي چڪا، جتي هنن جو هڪٻئي کي ڏسڻ به مشڪوڪ هو.

هوءَ اڪثر سوچيندي هئي: ’هن جي ماءُ ۽ چاچيءَ جا جاهلانه جهيڙا، ڇا هن جي زندگيءَ مان مسرت چوسي وٺندا؟‘ مگر هن کي پاڻ وٽان ڪوبه جواب ڪونه ملندو هو، ۽ هوءَ عجيب ڪشمڪش ۾ متبلا ٿي ويندي هئي. اتي هن کي تسلي ڏيڻ وارو هن جو ننڍپڻ جو ساٿي نجمي به ڪونه هوندو هو.

نجميءَ ڪاليج جي مضمونن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ پهريون انعام حاصل ڪيو. هوءَ خوشيءَ کان بيتاب ٿي ويئي. اهو سڀ هن جي دلي دعائن جو ئي ته اثر هو! پنهنجي ڪاميابيءَ تي ڪنهن کي خوشي نه ٿيندي؟ نجميءَ جي ڪاميابي به ڄڻ هن جي پنهنجي ئي ڪاميابي هئي.

هوءَ ان رات دير تائين پنهنجيءَ مخصوص جاءِ تي گلاب جي ٻوٽن جي قريب ويٺي رهي، ۽ پوءِ، آهستي، ٻوٽن ۾ ڪو پاڇو ٿڙڪيو-

”ساجي...“ ڪنهن آهستي سڏ ڪيو.

”اجها، نجمي، مان هتي آهيان...“

”اڄ مون کي پهريون انعام مليو.“

”مبارڪ هجيوَ... مون کي نگار ٻڌايو هو.“

”مبارڪ جي مستحق ته تون آهين، ساجي!“

”مان! مان ڪيئن؟“

”اهو سڀ تنهنجي ئي دعائن جو ته اثر آهي!“

- ۽ هوءَ بيحد شرمائجي ويئي.

”هيءَ ڏس، ڪهڙي خوبصورت ٻيڙي آهي!“

ساجيءَ چنڊ جي هلڪي روشنيءَ ۾ ڏٺو. چانديءَ جي خوبصورت ٻيڙي هئي، جنهن تي دلڪش نقش هئا.

”ڏاڍي سٺي آهي... هان، وٺ!“

”وٺڻ ڇا جو؟“

”هي ڇا ٿي چوين، ساجي! ياد اٿيئي، مان تنهنجي لاءِ ننڍپڻ ۾ اهڙيون ڪيتريون شيون وٺي ايندو هوس- تڏهن نه تون وٺڻ کان انڪار نه ڪندي هئينءَ! اڄ انڪار ڇو!“

”نجمي، مون کي ائين نه چؤ! مان... مان... چڱو، مون کي ڏي...“

هوءَ تيزيءَ سان بنگلي جي طرف هلي ويئي، ۽ هو سايي ۾ اکيون ڦاڙي، هن جي پري پري ويندڙ پاڇي کي ڏسي رهيو هو.

- ڪيترا نه معصوم هئا هنن جا جذبات!

هڪ ڏينهن نجميءَ ٻُڌو، هنن جي نوڪرياڻيءَ کي ساجده جي ماءُ چئي رهي هئي: ”هاڻي دعا ڪر، مائي، منهنجيءَ ساجده جا به هٿ پِيلا ٿين خير سان!“

نوڪرياڻيءَ دعا ڪندي چيو: ”ها، بيگم صاحب، الله ڪري ساجده بيبي خير سان ڪنوار بڻجي! پر، بيبي، توهين دير ڇو ٿا ڪريو! خدا جي فضل سان ڇوڪرو توهان وٽ پنهنجو ئي آهي؛ ڪنهن ڏينهن مولويءَ کي گهرائي، نڪاح پڙهائي ڇڏيو. ماشاالله، اها ئي عمر شاديءَ جي آهي. ابي نجميءَ به بي. اي ته پاس ڪئي آهي، باقي دير ڇا جي؟ بسم...“

”ڇا؟ نجمي!“ هن جي چاچيءَ اهڙي زور سان رڙ ڪئي، ڄڻ ڇت ٿي ڦاٽي. ”مان ان نجميءَ نکڻي کي ڏينديس پنهنجي ڌيءُ؟ آهي اڃا پاڻ پيءُ جو محتاج، باقي منهنجيءَ لاڏن جي پاليل ڌيءَ کي پاليندو؟ اهڙا بي. اي پاس ته گهڻائي پيا رُلن. مان ته پنهنجي ڌيءَ ڪنهن ولايت- پاس کي ڏيندس!“

”پر، بيبي، پهرين حق ته نجميءَ جو آهي- وڏي چاچي جو پٽ آهي.“ نوڪرياڻيءَ ڊڄندي ڊڄندي چيو.

”حق! حق ڇا جو؟“ هن دفعي هن جو آواز سمجهڻ کان ئي ٻاهر هو. ”ساجده ڪا ڄمندي ئي نجميءَ جي نالي ٿورو ئي ٿيل هئي؟ ۽ مان وري ڪا پنهنجي ڌيءَ جي دشمن آهيان ڇا؟ نجميءَ جي ماءُ مون کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو هو، جو منهنجي ٻچڙيءَ کي سهندي؟ مون ته خير هشياري ڪري، ساجده جي پيءُ کي چئي، پنهنجو حصو ڪرائي ڇڏيو، پر منهنجي ڌيءَ جي وات ۾ ته زبان ئي ڪانهي- هوءَ ڇا ان افلاطون سان پڄندي؟ منهنجي ڌيءَ کي جلائي جلائي ماري ڇڏي هوءَ!“

نوڪرياڻي ته ويچاري چپ ڪري کسڪي ويئي. هن جو سينو زخمن کان چُور ٿي ويو. چاچيءَ جو هڪ هڪ اکر زهريلو تِير هو، جو هن جي دل جي آرپار ٿيندو ٿي ويو. هو سوچڻ لڳو: ’چاچي ويچاري به سچي آهي... زندگي افسانن تي بسر ٿي نٿي سگهي؛ ۽ نه خالي خولي محبت جي سهاري، جبل جيڏي حياتي ڳاري سگهجي ٿي. اسين افسانن ۾ چاهي ڪجهه به لکون- محبت ابدي چيز آهي، لافاني آهي، فلاڻ آهي، ڍينگ آهي- ليڪن حقيقت بهرحال حقيقت آهي. بک ۾ ڪڏهن محبت جو خيال به نٿو اچي سگهي. بک مٽائڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت آهي، محبت جي نه. کاڌو پيسن سان ملي سگهي ٿو؛ محبت سان ڪير کاڌو ڏيڻ لاءِ تيار ٿيندو؟ جسم ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي ضرورت آهي؛ محبت سان ته جسم ڍڪجي نٿو سگهي. پوءِ، مان ڪهڙي منهن سان ساجده کي حاصل ڪرڻ لاءِ چئي رهيو آهيان! ساجده زندگيءَ جي گهُرجن کي محبت سان ته پورو نه ڪندي، ۽ نه هن جي زندگي افسانن جي خيالي محلن ۾ گذري سگهندي...‘ ۽ پوءِ هن جي چهري تي هڪ ئي وقت اُداس ۽ طنزيه مُرڪ نچڻ لڳي. ’ولايت پاس! ساجده کي صرف ان خوش نصيب جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪو ولايت پاس هوندو- ٻين اکرن ۾، ساجده جي قيمت ولايت مان آندل ڪا ڊگري هوندي!‘ هن آهستي چپن ۾ ڀُڻڪيو: ’چاچي، ساجده جو سودو ايترو سستو نه ڪر ... هوءَ انهن ڊگرين کان بلند آهي- تمام بلند!‘

دروازي جي اوٽ ۾ بيٺل ساجده، سوچي رهي هئي... ’ڪهڙي نه همدرد آهي منهنجي ماءُ! هن جو خيال آهي ته زندگي صرف بنگلن ۾ رهِي ۽ موٽرن ۾ گهمي ئي خوشيءَ سان گذاري سگهجي ٿي! ... خوش رهڻ لاءِ انهن بد رنگ شين کان زياده ڪنهن ٻيءَ چيز جي ضرورت آهي: دولت ته فاني شي آهي، زندگي گذارڻ لاءِ ڪنهن لافاني شي جي ضرورت آهي... امان، مون کي دول جي ضرورت نه آهي- تون ته چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿي ته مون کي ڪنهن جي ضرورت آهي.... پوءِ تون ڄاڻي به اڻڄاڻ ڇو ٿي بڻجين؟ ڇا، تون چاهين ٿي ته مان بيحيا بڻجي توکي سڀ ڪجهه پنهنجيءَ زبان سان چوان؟... پر نه، امان، مان ائين نه ڪنديس... مان ته آهيان ئي بيزبان- بيزبان جانور! توکي جيئن وڻي تيئن ڪر، مان ڪجهه نه چوندس... ڪجهه نه چونديس!‘

دل جي زبان اکيون- هن جي اکين روئي ڏنو. جيڪي ڪجهه هن چوڻ چاهيو ٿي، اهو سڀ ڪجهه هن جا گرم گرم ڳوڙها چئي رهيا هئا... مگر، ڳوڙهن جي زبان عجيب- سمجهي ڪير؟

ان رات جو هو دير تائين پيانو وڄائيندو رهيو. هن جو جسم روح کان خالي هو- هن جو تمام روح ڄڻ هن جي آڱرين ۾ سمائجي ويو هو. نغمن جو سوز وڌندو رهيو. چنڊ، هن سان گڏ روئڻ لاءِ، آسمان تان لهي، هن جي دريءَ ۾ اچي بيٺو؛ ۽ روئي، شفقت آميز لهجي ۾ چوڻ لڳو: ’تون روئين ڇو نٿو؟ تنهنجا ڳوڙها تنهنجين اکين جي ڪُنڊن ۾ ڄمي ڇو پيا آهن؟ هنن کي تون وهڻ ڇو نٿو ڏين؟ تنهنجون آهون تنهنجو سينو جلائي رهيون آهن. هنن کي پنهنجن لبن جي ديوار ٽوڙڻ ڏي، ته هنن جي سوزش ٻيا به محسوس ڪري سگهن!... تون انهن نغمن کي بند ڪمري ۾ ويهي نه ڇيڙ- دنيا کي ٻڌاءِ... دنيا کي ٻڌاءِ!... مان توکي هن طرح اندروني اندر تڙپندو ڏسي نٿو سگهان- نٿو برداشت ڪري سگهان! منهنجين ٻڍين اکين تو جهڙو آتش فشان ڪونه ڏٺو آهي. اڙي، مجنون ۽ فرهاد به ته ائين اندر ئي اندر ڪونه سڙندا هئا، پوءِ تون...‘ هو چرين وانگر رڙيون ڪرڻ لڳو- ”تون شيطان آهين! تون مون کي پنهنجي تفريح ٿو بڻائڻ چاهين!... هليو وڃ هتان!“ هن زور سان دري بند ڪري ڇڏي، ۽ بي اختيار پياني تي جهُڪي پيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساجده ٻڌو ته نجمي پنجن سالن لاءِ آمريڪا هليو ويو. اهو ٻڌي، هوءَ بي اختيار کلڻ لڳي. ماڻس جي چهري تي ناگواريءَ جا آثار پيدا ٿيا. هن جي کل جيئن بي اختياريءَ سان آئي هئي، تيئن هلي ويئي؛ ۽ ڪنهن نامعلوم احساس کان هن جو سڄو جسم ڏڪڻ لڳو.

شاهد آمريڪا کان واپس آيو. ساجده جي ماءُ سندس شاديءَ جون تياريون ڪرڻ لڳي. ان وقت الائي ڪيئن، هن جي گونگي پيءُ جي وات ۾ زبان اچي ويئي- ورنه هن جي سياهه و سفيد جي مالڪ ته بيگم صاحبه هئي، هو ڪجهه ڪُڇندو ئي ڪونه هو. شايد نجميءَ ۽ ساجيءَ جون خاموش بيقراريون هينئر زبان بڻجي آيون هيون-

”ساجده جي شادي نجميءَ سان ٿيندي!“

”۽ مان چوان ٿي ته شاهد سان ٿيندي!“

”نه، هرگز نه! نه... نه...!“

”آخر ڇو نه ٿيندي؟ شاهد ۾ آخر ڪهڙي گهٽتائي آهي؟ تنهن کانسواءِ، مان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي زبان ڏيئي چڪي آهيان. مان زبان ڏيئي ڦِرڻ واري نه آهيان!“ ۽ پوءِ چال بدلائي، روئڻهارڪي لهجي ۾ ماترائڻ لڳي: ”مان ڪا پنهنجي نياڻيءَ جي دشمن ٿورو ئي آهيان! ... اهڙو چڱو رشتو ڇڏڻ بيوقوفي آهي. ڪهڙو نه لائق ڇوڪرو آهي! هرڪو ولايت وڃي ڪا مڊم ضرور گهليو اچي، مگر هن اشراف ائين نه ڪيو، ۽ هو تنهنجو فرشتو ڀائٽيو!... وري ڪيڏانهن ٿو وات وڃي...“ وٺي زور زور سان روئڻ شروع ڪري ڏنائين. گونگي پيءُ جي زبان وري ڪيڏانهن گم ٿي ويئي. عاجز ٿي، چوڻ لڳو:

”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن ڪر، پر خدا جي واسطي روءُ نه...!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com