سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :19

ادبي مجلس:

تاريخ 27 ڊسمبر صبح جو پرنسپال لالسنگ اجواڻيءَ ادبي ميڙ جي صدارت ڪئي. پرنسپال اجواڻيءَ پنهنجي لکيل بهترين صدارتي تقرير پڙهي، جنهن ۾ ٻڌندڙن کي لفظن وسيلي سنڌين جي اَتما ڏيکارڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي ويئي هئي. هن سنڌين جي لڇڻن ۽ گُڻن جو وستار ڪندي سنڌي تهذيب جو مول تت ٻڌايو- ’گيان، ڌيان، ۽ ڀڳتيءَ جو جوڙ- ميل‘. هن جي ويچار ۾ سنڌي ساهت جو به تت آهي- ’حق جي ڳولا، حق جي شرڻ ۾ وڃڻ، ۽ حق ۾ سمائجڻ.‘

ادبي مجلس جي مکيه مهمان خواجه احمد عباس چيو ته’اسان جي ڪم نصيبي آهي جو اسان کي ڀارت جي جدا جدا ڀاشائن ۽ سنسڪرتين جي پوري ڄاڻ نه آهي. اسان کي فرانس، انگلنڊ، جرمني، وغيره وديشي ملڪن جي اديبن جي ڄاڻ آهي، پر پنهنجي ديس جي ڀن-ڀن ڀاشائن جي شاعرن ۽ اديبن جي ڪا ڄاڻ نه اٿئون!‘ هن وڌيڪ چيو: ’اسان کي موئن جي دڙي جي کوٽائيءَ بعد پتو پيو ته سنڌين جي سڀيتا ڪيترا هزار سال جهوني آهي!‘ ان موقعي تي پڻ هن چيو ته: ”جيئن ڪنهن به ملڪ جو وڌان ڪا ٻولي تخليق ڪري نٿو سگهي، تئين اُهو ڪا ٻولي ناس به نٿو ڪري سگهي“.

خواجه احمد عباس سنڌي ليکڪن کي صلاح ڏني:

”- اوهان کي پنهنجون ڪهاڻيون ’مئرين ڊرائيو‘ جي محلن ۾ رهندڙن جي زندگيءَ تي نه، بلڪ نرواسي ڪئمپن ۾ رهندڙن جي مسئلن تي لکڻيون آهن، جي مصيبت ۾ رهندي به همت ۽ خوش خلقيءَ سان جيون جي جدوجهد ۾ اُوچو ڳاٽ رکي سگهن ٿا!“

ادبي مجلس ۾ پنج کوجناتمڪ مضمون پڙهيا ويا، جن جا قابل ليکڪ آهن: گوبند سنگ منسکاڻي (”شاهه جي سنڌ“)، چيتن ماڙيوالا (”اسان جو تهذيبي ورثو“)، آسانند مامتورا (”ٻوليءَ جي زندهه وهڪ“)، لڇمڻ خوبچنداڻي (”سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائون“)، ۽ ڪشنچند جيٽلي (”سنڌي هندن ۽ مسلمانن جون بُکون“). ٻيا به ٽي مضمون قبول ڪيا ويا هئا، پر وقت جي تنگيءَ ڪري پڙهيا نه ويا.

مشاعرو

ساڳئي ڏينهن، شام جو ساڍين ڇهين بجي، ڪي. سي ڪاليج جي پاسي واري ميدان تي مشاعرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اٽڪل ٻه هزار ڪويتا- پريمي حاضر رهيا. مشاعري ۾ اڌ جيتريون ڇوڪريون هيون، جن مان به اڌ کان مٿي نوڪري ڪندڙ ۽ ڪاليج ۽ اسڪول پڙهندڙ شاگرد هيون. مشاعري ۾ ڀارت جي سمورن سنڌي شاعرن بهرو ورتو. ڪن جا نالا هي آهن: نارايڻ ’شيام‘ ’خادم‘،’دلگير‘، سڳن آهوجا، ارجن ’شاد‘، موتي پرڪاش، سندري اُتمچنداڻي، مايا لالا، سترام ’همدرد‘، پرڀو ’وفا‘، هريڪانت، سنتولال، لڇمڻ ڀاٽيا، رام پنجواڻي، هوند راج ’دکايل‘، ماسٽر چندر، لوڪناٿ جيٽلي، ٻلديوگاجرا، ارجن ’حاسد‘، گوبند ڀاٽيا، ديپڪ ’آشا‘، قيمت ’ڪمل‘، سروج ’ڪمل‘ تيرٿ ’پريتم‘، لال ’مجرم‘، اجمل، ديال ’آشا‘، هوند راج ’سڪايل‘، وغيره مشاعري ۾ پروفيسر ليکراج ’عزيز‘، پروفيسرکيئلداس ’فاني‘، ’دانش‘، ايشور ’آنچل‘، گوورڌن ڀارتي، ڪرشن ’راهي‘، لکميچند ’پريم‘ ۽ ايم- ڪمل جي غير حاضري بُريءَ طرح محسوس ڪئي ويئي. ’ڀارتي‘ ۽ ’ڪمل‘ جا شعر ’شيام‘ ۽ ’لوڪناٿ‘ پڙهيا. مشاعري جي وچ ۾ شريمتي موهني ميرچنداڻيءَ هڪ شعر ترنم ۾ ڳايو.

غير سنڌي شاعرن مان ساحر لڌ يانوي، ڪيفي اعظمي ۽ انديوري پريتم پنهنجن چونڊ شعرن سان حاضرين تي بيحد اثر ڪيو.

’سنڌي ڏينهن‘

تاريخ 28 ڊسمبر، منجهند جو، سنڌو- نگر جي تاريخ ۾ پهريون دفعو بمبئيءَ جا ڪيترا ڪم ڪندڙ، ۽ سڄي ديس مان سنڌي ساهتڪار اچي گڏ ٿيا. شام جو چئين بجي ’نيو ايرا‘ هاِ اسڪول ۾ ’سنڌي ڏينهن‘ جو آرنڀ ڪيو ويو. آرنڀ ڪندڙ سنڌي شاعر، ڀودان نيتا، هوندراج ’دکايل‘ هو. اتسو ۾ بمبئيءَ ۾ بحال ڪيل ٺهراءَ پڙهيا ويا. ڪلاڪ بعد، اتان بهراڻو ڪڍيو ويو، جنهن ۾ دکايل ۽ رام پنجواڻي بهراڻي سان سڄو وقت جهمر هڻندا، ڇيڄ وجهندا، ۽ لال سائينءَ جا پنجڙا ڳائيندا هليا. بهراڻي ۾ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.

رات جو ’ڊيلي گرافڪ ڪلب‘ ۾ ڪلچرل پروگرام رکيو ويو، جنهن ۾ اٽڪل اٺ هزار ماڻهو اچي جمع ٿيا. پروگرام ۾ دکايل، رام پنجواڻيءَ، ۽ سندس پارٽيءَ مان آسن ميراڻيءَ، نرملا ساپرو ۽ ڇتي ڀڳت ڪجهه ڪلام ٻڌايا. دهليءَ جي ’موتيهار‘ ڀائرن به ڪلام ٻڌايا. شري ديوَن موتيهار، گٽار سان حاضرين کي خوب وندرايو. شوي رامناڻيءَ هڪ ڪافي ۽ هڪ لاڏو ٻڌايو، ۽ ماسٽر چندر هڪ نظم ٻڌايو- ’سنڌي ڇا آهن؟‘ شري پرسرام جي پارٽيءَ پنهنجي ڇيڄ جو اسم ڏيکاريو.

لپيءَ جو سوال

لپيءَ تي بحث بند هو؛ مگر، تڏهن به، ديوناگري لپيءَ جي حمايتين لپيءَ جي سوال اٿارڻ جي ناڪامياب ڪوشش ڪئي. کين خبر به هئي ته هو ٿورائيءَ ۾ آهن، ۽ عام سنڌين کي خبر آهي ته هو ئي آهن جن fear complex جو شڪار ٿي اسان کي هتي جي مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ جذب ٿي وڃڻ جو اُپديش ڏنو هو. هو جيئن سميلن کان ٻاهر پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه پئي ٿيا آهن، تيئن سميلن ۾ به ٿي نه سگهيا. اهو سوال اٿاريندي، ديوناگري لپيءَ جي فائدي ۾ هنن اهو  دليل ڏنو ته سنڌي ٻولي جيڪڏهن ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي، ته ڀارت جي ٻين ٻولين جي باشندن کي سنڌي سکڻ تي دل ٿيندي، ۽ پڻ اسان جا ٻار ٻين ٻولين سکڻ ۾ چاهه وٺندا. اهو ڄاڻڻ جو هنن ڪڏهن به فڪر نه ڪيو آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ جي لپيءَ سکڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. رومن لپي انگريزيءَ جي پهريئن درجي ۾ سکي سگهجي ٿي، مگر انگريزي ٻولي ڳالهائڻ ميٽرڪ وارن لاءِ به سولي نه آهي- ان لاءِ اوسي پاسي جي فضا ۾ ان ٻوليءَ جو هلڻ، ان ٻولي جو ساهت پڙهڻ، ۽ ان ٻوليءَ ۾ سوچڻ جي دماغي مشق پچائڻ بيحد لازمي آهي. هو اهو نٿا سوچين ته ديونا گري لپيءَ اَپنائڻ سان اسين سنڌ جي اٽڪل اڌ ڪروڙ سنڌين جي ادب تان هٿ کڻون ٿا؛ نه وري اهو ٿا سوچين ته اسان جو اٿاهه ساهت، جو سنڌي ٻوليءَ مگر عربي لپيءَ ۾ موجود آهي، اهو سموروئي ديوناگري لپيءَ ۾ ڪٿان ايندو؟ ان لاءِ لکين روپيا به ڪافي نه ٿيندا. هو اهو به نٿا سوچين ته هند ۽ پاڪ جي وچ ۾ رهندڙ اڄ جا مسئلا ڪو هميشه قائم نه رهڻا آهن، جو اسين انهن کان تهذيبي ۽ ادبي طور الڳ ٿيڻ جو سوچيون.

عربي لپيءَ وارن ان تي خوب سوچي، پنهنجي ٻوليءَ جي حفاظت ۽ بهتريءَ جو فيصلو عربي لپيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ديوناگري لپيءَ وارن جي پرچار کان گمراهه ٿي، جن ماڻهن پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٻولي ديوناگري لپيءَ ۾ سيکاري هئي، انهن مان گهڻا اڄ پڇتائي رهيا آهن. ٻئي طرف اسان، عربيءَ لپيءَ وارن، ٻارن کي عربي لپي سيکارڻ لاءِ جدا جدا شهرن ۾ خاص ڪلاس کولڻ شروع ڪيا آهن. اسين شڪر گذار آهيون شري بولچند راجپال جا، جنهن سميلن ۾ اهو مزيدار ٺهراءُ موڪليو ته: ”بهترين ٿيندو جيڪڏهن سنڌي ٻولي ’رومن لپيءَ‘ ۾ لکي وڃي، ڇو ته پوءِ دنيا جا عالم سنڌي ٻولي سکڻ ۾ چاهه وٺندا ۽ سنڌي ٻار به دنيا جون مکيه ٻوليون لکي سگهندا“! اها طنز ديوناگري لپيءَ وارن جي ڦٽن تي لوڻ برابر هئي. نيٺ، ديوناگري لپيءَ وارن پنهنجو ٺهراءٌ واپس ورتو، تڏهن شري بولچند راجپال به پنهنجي مطالبي تان هٿ کنيو!“

سنڌ جا ساٿي:

هن سميلن ۾، هميشه جيان، سنڌ جي سنڌي ليکڪن، شاعرن، مفڪرن ۽ دانشورن جي غير موجودگي بُريءَ طرح محسوس ڪئي ويئي. گهڻي چاهه مان هيءَ اميد ظاهر ڪئي ويئي ته هڪ مبارڪ موقعو اهڙو ضرور ايندو، جڏهن ٻنهي ملڪن مان تهذيبي وفد هڪٻئي ڏانهن اچڻ وڃڻ شروع ڪندا.

رد عمل:

 سميلن جي پنجن ڏينهن واري ميل جول ۾ هڪ هڪ ليکڪَ سؤ سؤ دوست پاتا آهن. سچو سميلن ته سميلن کان ٻاهر ٿي نظر آيو. نوان ناتا، رشتا ڳنڍيا ويا آهن. روٽي چاهي لالواڻي برادرس جي ڊيليگيٽ ڪئمپ ۾ کاڌي ويئي هجي، چاهي سنڌي ڏينهن تي نيو ايرا هاءِ اسڪول واري لنگر ۾؛ مگر روٽيءَ کائڻ مهل جي فرش تي قطارون ٺاهيون وييون، اهي قطارون، سِڪ ۽ سنيهه جون سوتر بڻجي. ڪلڪتي جي سنڌيءَ کي بمبئي جي سنڌيءَ سان، اجمير جي سنڌيءَ کي دهليءَ جي سنڌيءَ سان، ناگپور جي سنڌيءَ کي گانڌ يڌام جي سنڌيءَ سان، بنارس جي سنڌيءَ کي سنڌونگر جي سنڌيءَ سان جڪڙينديون- ۽ ائين، ڀارت جي سر زمين تي جو ميل ميلاپ جو سنگ بنياد رکيو ويو آهي، ان بنياد تي، سنڌيءَ جا مفڪر ۽ دانشور، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ساهت، تهذيب ۽ تمدن جي عاليشان عمارت اَڏيندا.

 

آل پاڪستان ادبي ڪنوينشن

(29-30 جنوري، 1959ع: ڪي. جِي. اي. هال، ڪراچي)

ملڪ ۾ ادب جي فروغ ۽ اديبن جي بهتريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي مرادن سان، گذريل جنوريءَ ۾ ڪراچيءَ ۾ ”آل پاڪستان ادبي ڪنويشن“ ٿي گذريو. ٽن نشستن جي هن ڪنوينشن ۾ سؤ دريائن جي ديس، مشرقي پاڪستان، ۽ هارين ۽ مزدورن جي ڪکاين جهوپڙين ۾ ساده ۽ پرڪشش، وجدانگيز ۽ محبت آفرين گيتن ۽ سجاڳ ڪندڙ ڪهاڻين جي لکندڙن، حسين ۽ رنگين پهاڙين، روماني ۽ روحاني سبزه زار وادين، جي اٽڪل اڍائي سو کن اديبن ۽ شاعرن پهريون ڀيرو دوبدو ملاقاتون ڪيون، ۽ حال احوال ڏنا ورتا. اُن جو افتاح پروفيسر مرزا محمد سعيد ڪيو. ٽن ڏينهن جي مسلسل تبادل خيال ۽ علمي رهاڻ کان پوءِ، پاڪستاني اديبن جي هڪ پيشه ورانه برادري (all Pakistan writer’s guild) قائم ڪرڻ، اديبن جي مادي ۽ مالي حالتن کي سڌارڻ، مصنفن جي حقن ۽ ناشرن جي طريقن کي درست ڪرڻ ۽ هڪ مشترڪ دارالاشاعت جي قيام متعلق تجويزون پاس ڪيون وييون.

ڪي، جي، اي. هال ۾ ٽن سون نمائيندن، ۽ ٽن سون کان وڌيڪ معزز شهرين ۽ ادب نواز حلقي کي خطاب ڪندي، پروفيسر مرزا محمد سعيد چيو:

”- هيءٌ ڪنوينشن پنهنجي نوعيت جي پهرين ڪوشش آهي، جنهن ۾ هر مڪتب خيال جا اديب موجود آهن. هيءٌ ڪنوينشن محض شاعرانه ذوق جي تسڪين لاءِ نه آهي، پر هن ۾ اديبن جي ٺوس مسئلن متعلق پڻ سوچيو ويندو. اديبن لاءِ وجهه آهي ته هو پنهنجن مسئلن تي سوچين، پنهنجين مشڪلاتن کي حل ڪرڻ سکن، ۽ معاشرتي زنگيءَ ۾ اهم ۽ بامقصد مقام پيدا ڪن.“

وڌيڪ ٻڌايائين ته:

”- اديبن جي پيشه ورانه برادريءَ قائم ڪرڻ ۽ اديبن جي امداد لاءِ پڻ اسڪيم بنائڻي آهي. حڪومت اديبن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي.“

ڪنوينشن جي انهيءَ افتتاحي اجلاس ۾ مجلس عمل جي صدر، شاهد احمد دهلويءَ، سڀني آيل مهمانن جو خير مقدم ڪيو، ۽ تقرير ڪندي افسوس جو اظهار ڪيائين ته گذريل يارهن سالن کان وٺي اقتدار پرست گروهه اديبن کي نظر انداز پئي ڪيو آهي، ۽ ڪن اديبن کي اجاين سجاين الزامن هيٺ جيلن ۾ پڻ اماڻيو پئي ويو آهي؛ نتيجو اهو نڪتو آهي جو ’ادب‘ کي فيشن طور اختيار ڪندڙ چند آفيسرن مختلف ادبي ادارن تي پنهنجي اجاره داري قائم ڪري ورتي آهي. شاهد صاحب چيو ته ”حڪومتون ڪو چڱو ادب پيدا ڪري نٿيون سگهن: ادب فقط اديب ئي پيدا ڪري سگهن ٿا، حڪومتون البت ادب ۽ اديبن لاءِ سهڻو ۽ تعميري ماحول سازگار ڪري سگهن ٿيون.“

شاهه صاحب چيو:

”- قيام پاڪستان کي ساڍا يارهن سال گذري چڪا آهن. قومي زندگيءَ جي هر شعبي وانگر، ادب ۽ اديبن ۾ به افراتفريءِ جو دور رهندو پئي آيو آهي. اول ته سياستدانن اسان ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو- اگر توجهه ڪيو به ويو، ته هن طرح جو ڪن اديبن تي ڪونه ڪو الزام هڻي کين جيلن ۾ بند رکيو ويو. نتيجو اهو نڪتو، جو ادب کي فيشن وانگر اختيار ڪندڙ چند آفيسرن جي هٿ ۾ پوري ملڪ جون ادبي تحريڪون ۽ ان سان گڏ تهذيبي ۽ ثقافتي ادارن جي اجاره داري آڻي انهن چند ٺيڪيدارن پنهنجن هٿ- ٺوڪين جي سرپرستي ڪئي، ۽ انهن کي ذاتي وظيفن سان نوازيائون. اسين ان ۾ ارها نه آهيون، رڳو ايترو چئون ٿا ته هيڏي وڏي ملڪ جي ادب سان تعاون نه ڪيو ويو! شايد هو اديبن کي بدقماش سمجهندا هئا، يا بيڪار تماشبينن جي تفريحي جماعت؛ يا ته وري ريڊيو جي مشاعرن ۽ ريڊيائي تقريرن ۾ شريڪ ٿيندي ۽ هڪ اڌ سرڪاري رسالي جي ادارت ڪندي ڏسي، کين تهذيبي ۽ ثقافتي زندگيءَ جو پورو پورو ترجمان سمجهي رهيا هئا!

”اسين ائين به نٿا چئون ته ڪو حڪومتون سهڻو ادب پيدا ڪري سگهن ٿيون: نه سائين، ادب ته معياري اديب ئي پيدا ڪري سگهن ٿا- ۽ اهو به پنهنجي مرضيءَ سان! انهن تي پابندي وڌي وڃي، يا کين هدايت جو پابند بنايو وڃي، ته پوءِ لازمي طور هو لکڻ پڙهڻ بند ڪري ڇڏيندا. البت، حڪومتون سهڻي ادب کي پيدا ڪرڻ لاءِ سازگار حالتون ضرور پيدا ڪري سگهن ٿيون، ان کان ڪو به ماڻهو انڪار ڪري نٿو سگهي. نئين حڪومت اسان لاءِ نيون اميدون ساڻ کڻي آئي آهي: اها ڪيتري قدر اسان اديبن جي مسئلن کي حل ڪري سگهندي، ان جو جواب اڳتي هلي وقت ڏيندو.“

مسٽر جسيم الدين، بنگالي شاعر، پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو:

”- پاڪستان بنجڻ کان پوءِ، هڪ بدنصيب اديبن جو گروهه ئي آهي جنهن متعلق ڪنهن کي ڪجهه به سمجهڻ ۽ سوچڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي آهي.

”ڪجهه ڪتابن ڇاپڻ، يا ڇپارائڻ، ۽ ڪن اديبن کي انعام ڏيڻ سان ڪي ادبي مسئلا حل ٿي نٿا سگهن: هت اهڙي فضا پيدا ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ اديب پنهنجي تخليق جي ذريعي پنهنجي روزيءَ جو انتظام پاڻ ڪري سگهن. جيئن فرينچن دنيا جي علم و ادب ۾ بيش بها اضافو ڪيو آهي، تئين ڪم ڪرڻو آهي- پر ياد رهي ته ان ۾ حڪومت جو وڏو هٿ هو. بادشاهن ۽ نوابن جو زمانو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي عوام کي ئي اديبن جي سرپرستي ڪرڻ گهرجي.“

صدر جنرل محمد ايوب خان، هڪ اجلاس ۾ خطاب ڪندي، فرمايو:

”- اديب ملڪ ۾ پُر مسرت زندگيءَ فروغ ڏيڻ لاءِ اسان سان تعاون ڪن. شڪر آهي جو يارهن سالن جي مايوس ڪندڙ دور کان پوءِ به اديبن ۾ جدوجهد جو جذبو اڃا موجود آهي.“

ٽئين ڏينهن ’منشور‘ بحال ڪيو ويو، جنهن جي لفظ لفظ جو استقبال نهايت گرم جوشيءَ سان ڪيو ويو. ان ۾ چيو ويو:

- ’اسين اديب‘ پنهنجي خيالات جي اظهار ۽ ڦهلاءَ جي آزاديءَ واري بنيادي حق جا قائل آهيون- ان کان سواءِ بي مقصد ادب پيدا ٿئي ٿو. اسين انساني حقن جا قائل ۽ حامي آهيون.‘

اجلاس ۾ ’آل پاڪستان رائيٽرس گلِڊ جو آئين بنايو ويو، ۽ ان جا عهديدار چونڊيا ويا. ’گلِڊ‘ جو سيڪريٽري جنرل مسٽر قدرت الله ’شهاب‘، ۽ خزانچي مسٽر عبدالعزيز ’خالد‘ کي چونڊيو ويو.

علاقائي ادب جي نمائندگيءَ لاءِ، هڪ ڪراچيءَ مان 5، مغربي پاڪستان مان 6 ۽ مشرقي پاڪستان مان 11، ۽ هڪ پشتوءَ لاءِ ۽ هڪ سنڌيءَ لاءِ- جملي 24 نمائيندا کنيا ويا. گجراتي ۽ بلوچي اديبن مان ڪوبه نمائيندو ڪونه کنيو ويو- حالانڪ انهن کي نمائيندگي ڏيڻ بهرحال ضروري آهي. سنڌي اديبن مان فقط هڪ نمائيندو کنيو ويو آهي- جو ناڪافي آهي. افسوس آهي جو سنڌي کي پشتو سان مساوي قرار ڏنو ويو آهي. حالانڪ سنڌي ادب توڙي سنڌي اديبن جي ادب جي وسعت ۽ حيثيت، هڪ کان وڌيڪ نمائيندن جي متقاضي آهي. اميد آهي ته منتظمين سنڌي ادب جي نمائيندگيءَ واري فيصلي تي نظر ثاني ڪندا.

سنڌي راڳ ڪانفرنس

(6 مارچ، 1959ع: سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي)

سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ جي سنڌي سوسائٽيءَ طرفان سنڌي موسيقيءَ جي هڪ عظيم محفل منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن مان اٽڪل اڍائي سو کن مشهور ڳائڻا ۽ فنڪار گهرايل هئا.

هن محفل جو مقصد هو- سنڌ جي فنون لطيفه جو مظاهرو. افتتاح ڪندي، سنڌ مسلم ڪاليج جي پرنسپال، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، پنهنجيءَ تقرير ۾ ٻڌايو ته ’اسان سنڌ جي سڀني مشهور فنڪارن کي گهرايو آهي. اسان جي مجلس ۾ پيش ٿيندڙ سنڌي راڳ، پاڪستان جي علائقائي تهذيب ۽ فن جو بهترين شاهڪار آهي.‘

هن محفل جي ڪارگذاري جناب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هلائي. اول ۾ ڊاڪٽر صاحب هر پيش ٿيندڙ فنڪار ۽ سندس فني ڪمالات جو تعارف ٿي ڪرايو، ۽ ان کان پوءِ ’فن‘ پيش ٿي ڪيو ويو. پهرين مجلس سنڌ جي مشهور فنڪار بنست فقير ۽ سندس پارٽيءَ، دهل ۽ شرناءِ جي وڄت سان شروع ڪئي ان کانپوءِ هيٺين فنڪارن حصو ورتو:

(1) لاڙ جي ڳوٺاڻين ڳيچ پيش ڪيو؛

(2) حافظ اسحاق ۽ سشيلا مهتاڻيءَ ڌار ڌار ڪلام چيا؛

(3) قادر بخش ۽ سندس پارٽيءَ مُرليءَ تي وڄت پيش ڪئي؛

(4) مصري فقير ڪافي ٻڌائي؛

(5) ٽنڊي الهيار ’وليج ايڊ‘ پارٽيءَ ”جمالو“ پيش ڪيو؛

(6) خميسي خان الگرزن تي لَي پيش ڪئي؛

(7) حسين بخش ’خادم‘ ڪافي ٻڌائي؛

(8) ڳوٺاڻين عورتن، ڳهڻن جي پائڻ وارا ڳيچ ٻڌايا؛

(9) دادوءَ جي سُرندائيءَ سُرندو وڄايو؛

(10) جيڪب آباد جي هندن جي ٽوليءَ ڏونڪن تي ناچ ڏيکاريو؛

(11) مس عائشه ڪافي چئي ٻڌائي؛

(12) فقير عيسيٰ ڪافي چئي؛

(13) حسين فقير هڱوري ۽ سندس پارٽيءَ لوڙائو جا بيت چيا؛

(14) محمد مسخري مسخري وڌي، ۽ ’پڪو راڳ‘ ٻڌايو؛

(15) ان کان پوءِ گل حسن شاهه جي پارٽيءَ ۽ گل بانوءَ ڪافيون چيون؛

(16) گل محمد فقير، سعد آباد واري، وائي ۽ ڏهر پيش ڪيا؛

(17) هالا جي فنڪارن ’وهول ناچ‘ ڏيکاريو؛

(18) استاد منظور خان پڪو راڳ ٻڌايو؛ ۽

(19) آخر ۾ ڪاليج جي نينگرن ترانو ٻڌايو.

هن مجلس جي خصوصيت اها هئي جو سڀني فنڪارن کي سنڌي لباس پهريل هو.

سنڌ جي ’لوڪ ادب‘ گڏ ڪرڻ جي اسڪيم

’لوڪ ادب‘ هر ٻوليءَ جو روح آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ پڻ لوڪ ادب ۾ تمام شاهوڪار آهي. ’سنڌي ادبي بورڊ‘، پنهنجيءَ هڪ اسڪيم تحت، 1956ع کان وٺي هن قومي خذمت کي هٿ ۾ کنيو، ۽ ” سنڌ جو لوڪ ادب“ گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. توقع آهي ته سنڌ جو هي ثقافتي سرمايو گهٽ ۾ گهٽ چاليهن ضخيم جلدن تي مشتمل ڇپجي عوام آڏو ايندو. انهيءَ اسڪيم تي ابتدائي ڪم 1957ع ۾ شروع ڪيو ويو. سنڌ جي سڀني اخبارن ۽ رسالن ۾ ان اسيڪم بابت اشتهار شايع ڪرايو ويو، جنهن ۾ سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش ڪئي ويئي هئي ته هن قومي ڪم ۾ اسان سان تعاون ڪن. هن اسڪيم موجب، هيٺين عنوانن تي مواد ترتيب ڏيڻو آهي:

(1) اهي آکاڻيون ۽ ڪهاڻيون، سنڌ جي هر گهر ۾ وڏڙا ننڍن ٻارن کي ٻڌائيندا رهندا آهن- جن ۾ جنن ڀوتن ۽ پرين، پکين ۽ جانورن جون آکاڻيون ۽ سنڌ جون قديم ترين ڏند ڪٿائون اچي وڃن ٿيون.

(1) سنڌ جا نيم تاريخي قصا ۽ رومانوي داستان.

(3) اهي اڻڇپيل پهاڪا ۽ چوڻيون، جي سنڌ جي مختلف حصن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٽڙيا پيا آهن، ۽ جن کي اسان جا ڳوٺاڻا ڀائر استعمال ڪندا رهن ٿا. پهاڪا ۽ چوڻيون واقعات پٽاندر ٺهيل آهن، تنهن ڪري پهاڪي يا چوڻيءَ سان گڏ ان جو اصل واقعو پڻ حتي الامڪان ڄاڻائڻو آهي.

(4) سنڌ جي ڪچهرين جي سونهن پروليون ۽ ڳجهارتون آهن. هن عنوان ۾ پروليون سُرائتيون ڳجهارتون، هيماريون يا معمائون، دراوا، ست سُريون، هنر ۾ ڏهس ناما، سينگار، وغير اچي وڃن ٿا.

(5) سنڌي ڪافيون، جي سنڌ ۾ هر هنڌ ڳايون ٿيون وڃن، ۽ جن مان ڪيتريون اڄ تائين قلمبند نه ٿي سگهيون آهن. هر هڪ شاعر جي سوانح عمري ۽ سندس چونڊ ڪافيون شامل ڪيون وينديون.

(6) شاعرن ۽ سگهڙن جا ڊگها بيت، جي عموماً نڙ سان گڏ آلاپيا ويندا آهن- مثلاً ساوڻ، الله ڏني نوناري، بچائي رند، محمود شيخ ۽ ٻين جا بيت.

(7) چونڊ مولود، مداحون ۽ سي حرفيون، شاعرن جي سوانح سميت، گڏ ڪيون ويون آهن.

(8) ملوڪن ۽ سگهڙن جا ظريفانه ٽوٽڪا ۽ خوش طبعي ماڻهن جا پاڻ ۾ چرچا، ماڻهن جي نالن سميت.

(9) سِٺون- هجوَ يا ڪَوار جا بيت.

(10) مقابلي يا مناظري جا بيت- مثلاً ’ٽوپيءَ ۽ پڳ جو جهيڙو‘، وغيره.

(11) اهي بيت، جي سگهڙن ڪن خاص واقعن تي چيا هجن، جيئن حرن تي چيل بيت.

(12) ڳيا ۽ ڳيچ: شاديءَ يا خوشيءَ جي موقعن تي، رسمن رواجن ۽ ساٺن سوڻن سان گڏ، عورتون جي ڳيچ چونديون آهن.

(13) مرڻي جون رسمون، سوڻ، ڏهاڙا، پار، اوسارا، وغيره.

(14) سنڌ جا عام گيت، مثلاً مورو، جمالو، ڇلو، وغيره.

هن وقت تائين اهو ڪم ڪافي اڳتي وڌي چڪو آهي. اسين انهن دوستن جا نهايت شڪرگذار آهيون، جن ’لوڪ ادب‘ گڏ ڪرڻ ۾ وقت بوقت خلوص دليءَ سان تعاون ڪيو آهي. هينئر، هن اسڪيم تحت، سنڌ جي نيم تاريخي قصن کي ترتيب ڏني پيئي وڃي. جيئن ته ڪي اهڙا نيم تاريخي قصا ۽ رومانوي داستان رهيل آهن، جن بابت تفصيلي حالات دستياب نه ٿي سگهيا آهن، تنهنڪري سنڌ جي مڙني اهل علم، ۽ ادب ۽ ٻوليءَ سان دلچسپي رکندڙ سڄڻن کي گذارش آهي ته هيٺ ڄاڻايل عنوانن بابت جيتريقدر نظم توڙي نثر ۾ مواد هٿ اچي سگهي، سو مهرباني فرمائي اسان ڏانهن روانو ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ خاص گذارش آهي ته اهي قصا ۽ داستان جيئن ٻڌجن، تيئن ئي قلمبند ڪري موڪلجن. سنڌي اسڪولن جا استاد، جي ٻهراڙين ۾ رهن ٿا، ڪوشش ڪندا ته اميد ته چڱو مواد هٿ ڪري سگهندا.

گهربل مواد

1. دودو- چنيسر (ڳاهن سان يا ڳاهن کان سواءِ)؛

2. بڊاماڻي پنرو (جنهن جو ذڪر رسالي جي سُر ’ڏهر‘ ۾ آهي)؛

3. سپڙ چوٽاڻي (جنهن جو ذڪر رسالي جي سُر ’پرڀاتي‘ ۾ آهي)؛

4. جسوتڻ بادشاهه (جنهن جو ذڪر رسالي جي سُر ’ڏهر‘ ۾ آهي)؛

5. سارو سنگهار (جو چون ٿا ته وڏو ڀاڳيو هو)؛

6. ڦل بدوئو ۽ ڀوري؛

7. مري ۽ مڱ ٿر؛

8. بوبنا جراڙ؛ ۽

9. جسمان ۽ لاکو راءِ.

مخلص

(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)

ڊئريڪٽر، لوڪ ادب اسڪيم،

سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد، سنڌ.

تبصرا

تاريخ سنڌ، عهد ڪلهوڙا (2 جلد، اڙدو). مرتب مولانا غلام رسول ’مهر‘؛ صفحا: جلد اول 572، جلد دوم 1231؛ قيمت جلد اول.-.-8 روپيا، جلد دوم.-.-8 روپيا؛ ڇپائي صاف سٿري؛ جلد پڪو، مضبوط، خوبصورت گرد پوش سان؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ؛ سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بند روڊ ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

سنڌ جي تاريخي عظمت جي باوجود، اسان جي قديم مؤرخن سنڌ جي تاريخ سان جيڪا بيرخيءَ جي هلت هلي آهي، تنهن اڄوڪي دور جي لکندڙن لاءِ سنڌ جي تاريخ جي ترتيب کي هڪ مشڪل مسئلو بنائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي تاريخ تي جيڪي اڳيون تصنيفون ملن ٿيون، سي ايتريقدر ته ناقص ۽ بي ربط آهن جو انهن جو انتخاب ۽ هم آهنگي هڪ مستقل ۽ مشڪل ڪم آهي. اسان کي ڪوبه اهڙو ڪتاب نٿو ملي، جنهن کي صحيح معنائن ۾ سنڌ جي تاريخ چئي سگهجي. وري عجيب اتفاق هي آهي جو سنڌ جي تاريخ جن دورن تي مشتمل آهي، انهن مان تاريخ جو دور ته اهو آهي جنهن جي ابتدا انهن فاتحن سان ٿئي ٿي، جيڪي سنڌ ۾ فاتحانه حيثيت سان داخل ٿيا. انهن جي باري ۾ اسان کي عرب مورخن ۽ جغرافيه نويسن وٽان ڪجهه نه ڪجهه مواد ملي ٿو.- ۽ انهيءَ ڪري هن دور جي ترتيب ۾ هڪ مورخ لاءِ آساني به آهي.

سنڌ جي تاريخ جو ٻيو دور اهو آهي، جيڪو هتان جي مقامي باشندن جي حڪومت تي مبني آهي. اهو ئي دور سنڌ جي اصل تاريخ آهي، ۽ انهيءَ ئي دور کي سنڌ وارن لاءِ خاص اهميت حاصل آهي. اهو دور سمن، سومرن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن تي مشتمل آهي، جن ڳچ عرصي تائين پنهنجي ملڪ ۾ فرمانروائي ڪئي. هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ملڪ جي فلاح ۽ بهبود جو جيڪو جذبو، هن ملڪ جي رهاڪو هجڻ جي حيثيت سان، فطري طور انهن ۾ ٿي سگهي ٿو، سو ٻين ۾ تمام گهٽ ٿو ملي. انهن حاڪمن جي ڪارنامن ۾ يقيناً اهڙا شاندار ڪارناما به ملندا، جيڪي حب الوطنيءَ جي جذبي هيٺ ڪيا ويا آهن، ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ نمونو ۽ مثال بنجي سگهن ٿا.

ليڪن، بدقسمتي اها آهي جو تاريخ جو هن دور کي جيتري اهميت حاصل آهي، اوتريقدر وري مٿس گمناميءَ جا پڙدا پيل آهن. تاريخ جي هزارن صفحن کي اٿلائڻ پٿلائڻ سان به جيڪي اسان کي انهن مقامي حاڪمن بابت پلئه پوي ٿو، سو نهايت ئي مختصر ۽ محدود آهي: ۽ انهن محدود صفحن کي سامهون رکي، موجوده دور جي تقاضائن مطابق ڪنهن جامع تاريخ جي ترتيب پٿر کي پاڻي بنائڻ کان گهٽ نه آهي. انهيءَ لحاظ کان، هن دور جي ڪنهن حصي تي قلم کڻڻ معمولي دل دماغ جو ڪم نه آهي- جيستائين فڪر و نظر جي صحت، وسيع مطالعو، ۽ خاص طور تي تاريخي فن جي نزاڪتن ۽ بلندين تي عبور حاصل نه هجي.

پيش نظر ڪتاب، ’تاريخ سنڌ‘ (عهد ڪلهوڙا)، ٻن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن کي اڙدو جي مشهور اهل قلم مولانا غلام رسول ’مهر‘ مرتب ڪيو آهي. پهرئين جلد ۾ 572، صفحا آهن، ۽ ڪلهوڙن جي ابتدائي حالات کان شروع ٿي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حالات تي ختم ٿئي ٿو. هن ۾ انهيءَ دور سان تعلق رکندڙ نادر ۽ ناياب عڪسي فوٽا شامل آهن. هن جلد ۾ ٻاويهه باب آهن. ٻئي جلد جي ضخامت 1231 صفحا آهي. آخر ۾ مشهور رجال، جاين جڳهين ۽ مختلف مقامن جي فهرست ڏيئي، ڪتاب جي افاديت ۾ اڃا به اضافو ڪيو ويو آهي. هي جلد مراد ياب خان جي حالات کي شروع ٿي، ڪلهوڙن جي آخري حاڪم ميان عبدالنبيءَ تي ختم ٿئي ٿو. منجهس ڪل اوڻيتاليهه باب آهن. ميان عبدالنبي جا حالات ٻاويهين باب تي ختم ٿين ٿا؛ باقي سترهن بابن ۾ سنڌ جو پس منظر، ڪلهوڙن جي ملڪي وحدت جي بحالي ۽ آبادڪاري، حڪومت ۽ ملڪي ماڻهو، ڪلهوڙا حڪومت جا رڪن ۽ اڪابر، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي اقتصادي حالت جو نقشو، صنعت ۽ تجارت، ڪلهوڙن جي عهد جو علم و فضل ۽ شعر ادب، ۽ انهن جي دور تعميرات تي سير حاصل تبصرو ڪيل آهي. ڪتاب جي شروعات ۾ انهن حاڪمن جي عهد سان تعلق رکندڙ 43 نادر عڪسي تصويرون ڏنل آهن، جن مان سندن شخصيت، سندن دور جي مختلف عمارتن، ۽ سندن تحريرن جو عڪس اسان جي اڳيان اچي ٿو.

ڪلهوڙن جي داستان حيات جا جيڪڏهن مڙيئي ورق قديم تاريخن مان گڏ ڪيا وڃن، ته انهن جو تعداد، خود مولانا ’مهر‘ جي چوڻ مطابق، ”107“ صفحن کان وڌيڪ نٿو ٿئي. وري اهي واقعا به ’لف ونشر غير مرتب‘ جيان تاريخ جي ورقن ۾ ان طرح ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جو انهن کي ڳولي لهڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي. ويتر قديم مؤرخن جي متضاد، مبهم ۽ بيجوڙ بيانن هن موضوع تي لکڻ وارن جي ذميواريءَ ۾ گهڻو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. انهن مڙني مشڪلاتن هوندي، مولانا ’مهر‘ ڪلهوڙن جي تاريخ مرتب ڪري نه صرف تاريخ ۾ هڪ بيش بها اضافو ڪيو آهي، بلڪ ائين چوڻ هڪ حقيقت آهي ته مولانا پنهنجي علم وفضل، راءِ جي صحت، فڪر و نظر جي بلنديءَ، ۽ پنهنجي جستجو ۽ تلاش سان ڪلهوڙن جي تاريخ کي نئين سر وجود بخشيو آهي؛ هيءَ ڪلهوڙن جي صحيح معنيٰ ۾ پهرين تاريخ آهي، جيڪا اهل ملڪ جي اڳيان اچي رهي آهي، ورنه هن کان اڳي جيڪي ڪجهه ڪلهوڙن بابت لکيو ويو آهي، تنهن کي تذڪرو ته چئي سگهجي، پر ان جي تاريخ جو درجو ڏيئي نٿو سگهجي. هن ڪتاب جي سڀ کان نمايان خصوصيت هيءَ آهي ته ان جو اندازو بيان ايترو دلڪش ۽ طرز نگارش ايتري عمدي آهي، جو اهو پڙهڻ واري کي پاڻ ۾ جذبو ڪريو ڇڏي. مولانا جي زور قلم ڪتاب کي ايتري قدر دلچسپ بنائي ڇڏيو آهي، جو هن ڪتاب کي ختم ڪرڻ کان سواءِ پڙهڻ وارو هڪ ڪمي محسوس ڪندو رهي ٿو. هن ڪتاب جي ٻي خصوصيت، جيڪا ان کي ممتاز ٿي بنائي، سا آهي ان جي ترتيب ۽ هم آهنگي. ڪلهوڙن تي هن کان اڳ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي سو ايترو غير مسلسل، بي ربط ۽ منتشر آهي جو پڙهندڙ انهن واقعن ۽ سندن حالات زندگي جي بي ترتيبيءَ کان تنگ ٿي هڪ اهڙي ذهني خلفشار ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو، جتي کيس ڏاڍي مايوسي ٿئي ٿي- ايتريقدر جو جيڪڏهن اوهين اڳئين تاريخي لٽريچر مان اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته ’ڪلهوڙا خاندان جا ڪيترا حاڪم هئا، انهن جا نالا ڇا هئا، انهن مان هر هڪ جو دور ڪهڙي سن کان شروع ٿي ڪهڙي سن تي ختم ٿئي ٿو‘، ته مختلف تاريخن جي سون صفحن ورائڻ کان پوِءِ مس وڃي اوهين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي سگهندا- ليڪن هن ڪتاب جي ترتيب انهن مڙني مشڪلاتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. مولانا ڪلهوڙن جي سڀني واقعن کي اهڙي سهڻي ترتيب سان پيش ڪيو آهي، جو پڙهڻ وارو ڪٿي به ذهني مونجهارو نٿو محسوس ڪري- بلڪ اهي ذهني مونجهارا جيڪي قديم تاريخن کي پڙهڻ سان پيدا ٿين ٿا، هن جي مطالعي سان خود بخود سُلجهي وڃن ٿا.

سنڌ جي تاريخ جي ماهرن کان هيءَ ڳالهه لڪل نه آهي ته ڪلهوڙا حاڪمن جي دور کي سنڌ جي خوشحاليءَ، آبادڪاريءَ، سرسبزي ءَ شادابيءَ، علوم و فنون جي ترقيءَ ۽ تعميرات جي لحاظ کان ’سنڌ جو سونهري دور‘ چئي سگهجي ٿو. سنڌ جي زرعي نظام ۽ آبپاشيءَ ۾ انهن جيڪي تبديليون پيدا ڪيون، سنڌ جي زرعي پيداوار کي ڪمال جي معراج تي پهچائڻ جي جيڪا ڪوشش انهن ڪئي، آبادگان کي حق ۽ رعايتون ڏيئي ملڪ جي پيداوار ۽ خوشحاليءَ کي جهڙيءَ ريت انهن وڌايون، واهن کوٽائڻ ۽ انهن جي صفائيءَ، بحالي ۽ واڌاري ۾ انهن جيڪي مشقتون ڪيون، آبادڪاريءَ جا جيڪي وسيلا انهن اختيار ڪيا، سنڌ جي زمين جي زرخيزيءَ ۽ سنڌو دريا جي قدرتي دولت مان پوري پوري فائدي وٺڻ جي جيڪا ڪامياب ڪوشش انهن ڪئي، مخلتف شهر ۽ ڳوٺ آباد ڪري سنڌ کي جيڪا رونق انهن بخشي، - بيشڪ ڪلهوڙا حاڪمن جا هي اهي عظيم الشان ڪاناما آهن، جيڪي ماضيءَ جي عظمت کي اڳيان آڻي، مستقبل جي راهه جي روشني بنجن ٿا. ليڪن، افسوس آهي جو انهن جا اهي ڪارناما قديم تاريخن جي منتشر ۽ متفرق ورقن ۾ ’وساريل وٿ‘ بنيا پيا هئا. مولانا انهن جي دور جي مخلتف ڪارنامن کي ڪيترن ئي بابن ۾ ڦهلائي، اهل بصيرت لاءِ نهايت ئي سٺو سامان فراهم ڪيو آهي. علوم و فنون، شعر و ادب، خصوصاً سنڌي زبان جي جيڪا ارتقا ڪلهوڙن جي عهد ۾ ٿي- مولانا ان کي هڪ باب ۾ تفصيل سان بيان ڪري، علوم و فنون جي انهن خدمتگذارن ۽ سنڌي زبان جي محسنن جي ياد تازي ڪري ڇڏي آهي.

هن ڪتاب جي ٽي خصوصيت تاريخي واقعن جو ربط آهي. ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ خاص طرح جيڪا اوڻائي محسوس ٿئي ٿي، سا هيءَ آهي ته اسان جي گذريل مؤرخن سندن حالتن ۽ واقعن کي قلمبند ڪرڻ ۾ ڪي اهڙا خال ڇڏي ڏنا آهن، جن جي ڪري واقعات ۾ بي ربطيءَ جهڙي ڪيفيت معلوم ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري ڪلهوڙن جي سڄي تاريخ غير دلچسپ ٿي پيئي آهي. مولانا انهيءَ ڪميءَ جي پورائي جو گهڻو خيال رکيو آهي، ۽ پنهنجي ٺوس راءِ ۽ تاريخي شاهدين سان واقعات ۾ ربط ۽ تسلسل پيدا ڪري، ڪتاب کي دلڪشيءَ جو بهترين ڀنڊار بنائي ڇڏيو آهي.

منهنجي خيال ۾، هڪ مؤرخ جو اهم فرض هي به آهي ته قديم مؤرخن جن متضاد واقعن کي نقل ڪيو آهي، تن کي پيش ڪري، يا تنهن انهن ۾ مطابقت جي صورت پيدا ڪري، ۽ يا وي انهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ جي راءِ کي ترجيح ڏئي ٿو، ته اهڙن دليلن ۽ ثبوتن سان ان کي مڪمل ڪري، جي سندس خيال موجب ٻين کي مطمئن ڪري سگهندا هجن اهو ئي اُهو نازڪ موقعو آهي، جتي هڪ مؤلف ۽ مصنف جي جودت طبع، ڪهنه مشقيءَ ۽ معلومات جي وسعت جا جوهر کُلن ٿا، ۽ انهيءَ ئي سان ڪنهن تاليف ۽ تصنيف جي قدر قيمت وڌي ٿي.

عجيب اتفاق آهي جو ڪلهوڙن جي باري ۾ اڳيون تاريخون ڪن هنڌن تي متضاد روايتن سان ڀريل نظر اچن ٿيون- انهن ۾ تطابق ۽ ترجيح ڪو آسان ڪم نه آهي. مولانا پنهنجو علم و فضل سان انهيءَ فرض کي سڄي ڪتاب ۾ جهڙيءَ طرح ادا ڪيو آهي، سو پنهنجو پاڻ مثال آهي.

تاريخ اسان لاءِ گذريل دور جو هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ هر چيز پنهنجي اصل رنگ روپ ۾ هوبهو ائين نظر اچڻ کپي، جيئن اها پنهنجي زماني ۾ هئي؛ ليڪن اسان جي مؤرخن ڪن شخصيتن جي تاريخ ۾، خارجي اثرن جي ڪري، ڪجهه اهڙا بدنما داغ داخل ڪري ڇڏيا آهن، جو انهن جا ڪردار نهايت ئي منجهيل صورت ۾ اسان جي اڳيان اچن ٿا، ۽ ان ڪري انهن جون مڙئي خوبيون دٻجيون وڃن. اهڙين حالتن ۾ هڪ مؤرخ جو فرض آهي ته جيڪڏهن هو محسوس ڪري ته هي الزام غلط آهن، ته انهن داغن دُٻڻ کي صاف ڪري، جن جي ڪري انهن شخصيتن جو اخلاقي آئينو ايندڙ نسلن لاءِ ڏسڻ لائق نه رهيو آهي. مولانا پنهنجي تاريخ ۾ انهيءَ ڳالهه جو به خاص خيال رکيو آهي، ۽ کيس جتي به اهڙي قسم جي زيادتي نظر آئي آهي، هن ان جي تلافيءَ جي ڪوشش ورتي آهي.

هن ڪتاب جي هڪ وڏي خاصيت هيءَ به آهي ته سڄي ڪتاب جي عبارت تاريخي شان ۽ معيار رکندڙ آهي. سڄي جو اسٽائيل (طرزبيان) يڪسان آهي. بي سروپا ڳاليهون، حشو و زوائد، ۽ ٺونس ٺوسان کان هي ڪتاب بلڪل پاڪ آهي، ۽ تاريخ جي معياري ادب جو هڪ بهترين نمونو آهي.

ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ، يا دائود پوٽن جي، يا بروهين جي- اهي ٽيئي هڪٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن- يعني جيڪڏهن ڪلهوڙن جي تاريخ لکي وڃي، ته ناممڪن آهي جو دائود پوٽن جو ذڪر نه اچي؛ يا وري ايرانين، افغانن ۽ مغلن جو ذڪر نه اچي، جيڪي انهن جي زماني ۾ فاتحن جي حيثيت سان داخل ٿيا.

هن تاريخ جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته جتي به ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ انهن مان ڪنهن جو ذڪر آيو آهي، ته شروع ۾ ئي انهن جي اجمالي تاريخ ايتري قدر ڏيئي ڇڏي ويئي آهي جو ان کي پڙهي ڇڏڻ کان پوءِ سندن تذڪري تي ڪنهن قسم جي مونجهه نٿي ٿئي- ۽ وري انهن جي تاريخ مان به پڙهندڙن کي هڪ حد تائين بصيرت حاصل ٿئي ٿي. ان طرح، جيتوڻيڪ هڪ ڪتاب ڪلهوڙن جي دور جي مڪمل تاريخ آهي، پر وچ وچ ۾ ان طرح، دائود پوٽن، بروهين، ۽ ايراني، افغاني ۽ مغل بادشاهن جا حالات به سامهون اچن ٿا، جن سان ڪلهوڙن جو تعلق رهيو آهي.

سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ دقت طلب ڳالهه هيءَ به آهي ته قديم تاريخن ۾ سنڌ جي ڪن شهرن جا جيڪي نالا آهن، سي هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بنيا بيٺا آهن- يعني ڳولا ڪرڻ سان به پتو نٿو پوي ته انهن شهرن جا هاڻوڪا نالا ڪهڙا آهن، اهي هينئر ڪٿي آهن، ۽ اهي هن وقت موجود به آهن يا نه. هن تاريخ ۾ جتي به قديم شهرن جو ذڪر آيو آهي، فٽ نوٽ ۾ انهن شهرن جو هاڻوڪو نالو ۽ ڏس پتو وغيره ڏنو ويو آهي. جيڪي شهر هن وقت موجود نه آهن، انهن جا اصل ٺڪاڻا متعين ڪيا ويا آهن، ۽ موجوده ڪيفيت کي پڻ واضح ڪيو ويو آهي. ان طرح، سنڌ جي تاريخ مطالع ڪرڻ وارن کي هڪ وڏيءَ مصيبت کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.

هن ڪتاب جي هڪڙي وڏي خوبي هيءَ به آهي ته ان ۾ فقط واقعن جا ڀنڊار ڀريل ڪين آهن، بلڪ واقعن کي ورجائڻ سان گڏو گڏ فاضل مؤلف هر جڳهه تي نتيجا پڻ قائم ڪندو ويو آهي، ۽ هڪ شاندار ماضيءَ کي سامهون آڻي، اچڻ وارن نسلن ۾ عمل جا نوان ولولا پيدا ڪيا اٿس.

مٿين سڀني خوبين جي باوجود، ڪجهه خبرون اهڙيون به آهن، جيڪي منهنجي راءِ ۾ غور جوڳيون ٿي سگهن ٿيون. مثلاً، ڪلهوڙن جي نسب جي سلسلي ۾ مولانا هن ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته اهي شجرا جيڪي هن خاندان کي حضرت عباس رضه سان ملائين ٿا، ۽ عباسيت جي سند طور پيش ڪيا وڃن ٿا، سي صعف ۽ اختلال کان خالي نه آهن. مختلف طور جيڪي به شجرا مولانا کي هٿ آيا، سي پيش ڪري، انهن مان پاڻ هر طريقي کي مجروح ٺهرايو اٿس. ساڳئي وقت، مولانا هي به مڃي ٿو ته مؤرخن ڪلهوڙن جي عباسيت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي- مثلاً، ’برٽن‘ لکيو آهي ته

-”ڦڵێۆڏڌ إڜڵإ غڷۆ ښڷڈێۑ جێڌ، إښ ڵیڌ ښڶضێڷإ غإیڌ ڦۏ ێڷڈۇۆڷ ښڌ ڶښڵڶإڷ ێۆیڌ. ضب إښ كإڷڈإڷ ڷڌ ڈڎضێ ء إڶجۑإڐ قإڜڵ ڦڎ ڵۑإ، جۆ بڷۑ ڠبإښ ێۆڷڌ ڦإ إښجقڤإڤ صۑڛ ڦڎ ڈۑإ؛ ڵۑڥڷ ڠڵڶإء ڦڌ ڷڐڈۑڦ إڷ ڦإ ڛضڎٔء ڷښب ڠبإښۑج ڦڌ إڷجښإب ڶۑڼ ڷإڦإڶ شإبج ێۆإ. إښ صڎ إڷێۆڼ ڷڌ آڈڶۑ ښێڎإ كڞبۑێ بۑضێڌ، جإڦێ ۆێإڷ ڦڌ ڶڛإیك ڦۑ صإښ ضۆ ڈښجإۆۑڐ ێۑڼ، إڷ ڦۑ ڷڤڵ ڦڎڵۑڼ،  ڶڛإیك ڷڌ ڦإڶڵ ښڌ ڦإڶ ڵۑإ. جۆ ڦڵێۆڏۆڼ ڷڌ إڷ ڦۑ ضإڧۑڎۑڼ ڝبڞ ڦڎڵۑڼ. إڷ ڦڌ ڧإیۆڷ جبإه ڦڎ ڋإڵڌ، إۆڎ جإڷبڌ ڦۑ إڷ جكجۑۆڷ ڦۆ إخێإ ڦڎ ڵڌ ڧیڌ، ێڷ صڎ ڛضڎٔهٔ شبج جێإ. إښ ڞڎق، ۆێ بڌ ڛإیبێ ڎۑب قڝڎج ڠبإښ ڎڝێ ڦڌ إكڵإڢ بڷ ڧیڌ، إۆڎ ڶڎڛڈ ڤڎإڎ صإیڌ.“

(ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٤٣)

’برٽن‘ جي راءِ تي تبصرو ڪندي مولانا لکي ٿو:

- ”بۑڛڦ ێڶ ڦڵێۆڏۆڷ إۆڎ ڈإیۆڈ صۆجڎۆڷ ڦڌ صۑڛ ڦڎڈه ڛضڎۆڼ ښڌ ڶڠڤۆڵ ۆضۆه ڦۑ بڷإ صڎ إكجڵإڢ ڦڎ ښڦجڌ ێۑڷ، إڷ ڦڌ إښڤإڶ ښإڶڷڌ ڵإ ښڦجڌ ێۑڷ، ڵۑڦڷ إښ قڤۑڤج ښڌ ڦۑۆڷڦڎ إڷڦإڎ ڦڎ ښڦجڌ ێۑڷ ڦۏ إڷ ڦۑ ڠبإښۑج ڶښجڷڈ إڜقإب ڦڌ ڷڐڈۑڦ ێڎ ڠێڈ ۾ ڶڠڎۆڢ ۆ  ڶښڵڶ ڎێۑ.“ (ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٤٤)

ڪلهوڙن جي عباسيت جي شاهديءَ لاءِ جيڪي دليل مولانا صاحب پيش ڪيا آهن، سي ”ماثر الا مراء“، تحفته الڪرام“ ۽ ”نامه نغز“ جا اهي بيان آهن، جن ۾ کين ’عباسي‘ سڏيو ويو آهي. مولانا انهن جي عباسيت جو هڪ دليل هيءُ به پيش ڪيو آهي:

- ”ضبجڦ إڷ كإڷڈإڷۆڷ ڦۆ جإڎۑك ڦڌ ڶڷڟڎ ڠإڶ صڎ ضڵۆه ڧڎ ێۆڷڌ ڦإ ڶۆڤڠ ڷێ ڶڵإ، إۆڎ إڷ ڦڌ إقۆإڵ ۆڟڎۆڢ ڧڶڷإڶۑ ڦڌ صڎڈهء ڟڵڶج ۾ ڶۆښجۆڎۆ ڶجۆإڎۑ ڎێڌ، إڷجښإب ڠبإښۑج ڦۆ ڷێ ڡۆڎ جقڤۑڤ ڦڌ ڶڠۑإڎ صڎ صڎڦێإ ڧۑإ، إۆڎ ڷێ ڦښۑ ڦۆ إښ ښڌ إكجڵإڢ ڦۑ ڝڎۆڎج ڶقښۆښ ێۆیۑ؛ ضب إڷ ڵۆڧۆڷ ڦۑ جڤڈۑڎ ڦإ ښجإڎه غڶڦإ إۆڎ ۆه إصڷڌ ڈڎكڛإڷ ڦإڎڷإڶۆڼ ڦۑ بڈۆڵج ڛێڎج ڠإڶ ڦڌ ڈڎبإڎ ڶۑڼ إۑڦ ڶڠڐڐ ڶښڷڈ ڦڌ قڤڈإڎ بڷ ڧیڌ، جۆ ضێإڷ ڦێۑڷ إڷ ڦإ ڍڦڎ آۑإ، إڷێۑڷ ڠبإښۑ جښڵۑڶ ڦۑإ ڧۑإ. ڍڶێ ڈإڎ ڶڠإڜڎ ښۆإڷق ڧإڎۆڷ ڶۑڷ ښڌ ڦښۑ ڷڌ إښ إڷجښإب ڦۆ ڶقڵ ڷڞڎ ڤڎإڎ ڷێ ڈۑإ. ڛێڎج ڠإڶ إۆڎ ڤبۆڵ ۆ إڠجڎإڢ ڦڌ إښ جۆإجڎ ڦۆ بێڎ قإڵ إڜڵ ڈڠۆڌ ڦڌ إشبإج ێۑ ڦۑ إۑڦ ۆڤۑڠ ڈڵۑڵ ښڶضێإ ضإیڌ ڧإ، إڧڎغۏ صۑڛ ڦڎڈه ڛضڎۆڷ ڶۑڷ ڦجڷۑ ێۑ كإڶۑإڷ ڎإه  صإ ڧیۑ ێۆڷ.“ (ضڵڈ إۆڵ، ڜ ٣٥)

ڪلهوڙن جي عباسي هجڻ جي باري ۾ جيڪڏهن مولانا صاحب جي دليلن جو تجزيو ڪيو وڃي، ته اهو هن ريت ٿيندو:

(1) تاريخ جي ڪتابن ۾ انهن کي عباسي لکيو ويو آهي؛

(2) انهن جي عباسيت هر عهد ۾ مستند ماڻهن وٽ معروف ۽ مڃيل رهي؛ ۽

(3) انهن جي عباسيت کي عام شهر، قبوليت ۽ اعتراف، تواتر جي درجي ۾ حاصل آهي، جيڪو سندن دعوا جي وزندار آهي.

ليڪن جڏهن اسين اصل مسئلي تي غور ٿا ڪريون، ته اسان جي راءِ ۾ ڪلهوڙن جي عباسيت جو جيڪو قوي دليل بنجي سگهي ٿو سو، سندن ’شجرو‘ آهي. شجرو ئي هڪ اهڙي چيز آهي، جنهن تي نسب جي دعوا جي صحت ۽ عدم صحت جو فيصلو ڪري سگهجي ٿو؛ ليڪن مولانا صاحب جي اڳيان جيترا شجرا آيا آهن، خود انهن کي درايت ۽ روايت کان مجروح ٻُڌايو اٿس. ان طرح، ڪلهوڙن جي عباسي هجڻ جو جيڪو سڀ کان وڏو دليل بنجي سگهيو ٿي، سو مفقود ٿي ويو.

رهي هيءَ ڳالهه ته مؤرخن انهن کي عباسي ڪري لکيو آهي. اسان جي راءِ ۾، مؤرخن انهن کي عباسي ڪنهن تحقيق جي سلسلي ۾ ڪونه لکيو آهي، بلڪ تذڪري طور لکيو آهي- يعني ڇاڪاڻ ته هيءَ خاندان ’عباسي‘ مشهور هو، ان ڪري هو بيڌڙڪ ’عباسي‘ لکندا ويا آهن؛ يا جيڪي شجرا انهن جي اڳيان هئا، تن جي صحيح يا غلط هجڻ جي تحقيق ڪرڻ بنا، انهن جي بنياد تي، هو ڪلهوڙن کي عباسي ڪري مڃيندا هئا- ان ڪري انهن جو صرف عباسي لکي ڇڏڻ ڪو ڪلهوڙن کي عباسي نٿو بنائي، جيستائين ڪو ٺوس دليل اسان جي اڳيان نه هجي.

باقي صرف عام شهرت ۽ تواتر ٿو رهي. ريسرچ ۽ تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ ’عام شهرت‘ (جنهن کي اسين مجازاً ’تواتر‘ سان تعبير ڪريون ٿا) ڪنهن دليل ۾ مدد ته ڏيئي سگهي ٿي، مگر خود مستقل دليل بنجي نٿي سگهي- خصوصاً جڏهن ان جي مخالفت ۾ ڳورا دليل پڻ موجود هجن. جيڪڏهن صرف عام شهر ئي دليل بنجي سگهجي ها، ته جناب رسالت ماب صلي الله عليه و آله وسلم جي ولادت باسعادت جي باري ۾ ’12- ربيع الاول‘ جي روايت کي اڄ تواتر حاصل آهي، ليڪن مشهور سيرت نگارن، باوجود انهيءَ تواتر جي، روايت جي ’صحت‘ کي ترجيح ڏني- خود علامه شبلي مرحوم غالباً ’9- ربيع الاول‘ واريءَ روايت کي، ”سيرت النبي“ ۾، ان جي صحت جي بناء تي، قبول ڪيو آهي.

اسان جي راءِ ۾، هن الجهيل مسئلي ۾ جيڪڏهن مولانا صاحب دليل بازيءَ جي بجاءِ موافقن ۽ مخالفن جا رايا لکي ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏي ڏ.ي ها، ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.

هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪلهوڙن جي طريقت جو شجرو سيد محمد جونپوري مهدي سان ملي ٿو. فطرتآ هي سوال پيدا ٿئي ته اهي سيد محمد جونپوريءَ کي مهدي موعود مڃيندا هئا يا نه. جيتوڻيڪ مولانا صاحب گهڻي ڀاڱي انهيءَ شبهي کي دور ڪيو آهي ته هو ’مهدوي‘ نه هئا؛ انهن جا سڀ عقيدا سني مسلمانن جهڙا هئا، ۽ هو حنفي فقہ جا پيرو هئا؛ ليڪن جيڪڏهن هن مسئلي جي اهميت کي ڏسندي، دليلن ۽ ثبوتن سان ڪجهه وڌيڪ وضاحت ٿي سگهي ها ته وڌيڪ چڱو ٿئي ها.

اهي چند چيزون آهن، جيڪي منهنجي راءِ ۾ قابل غور ٿي سگهن ٿيون- مگر، انهن خوبين ۽ وصفن جي سوجهري ۾، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڀريل آهن، اهي ڳالهيون فقط چنڊ جي چٽِي جي حيثيت رکن ٿيون.

ڪتاب جي ڇپائيءَ جي نفاست، ديده زيبي، صحت جو اهتمام، ۽ گرد پوش جي خوبصورتي وغيره، سنڌي ادبي بورڊ جي صحيح ذوق جون ترجمان آهن، جو ان جي سڀني ڪتابن ۾ نمايان نظر اچي ٿو. – اعجازالحق قدوسي

تڪمله ’مقالات الشعرا‘ (فارسي). تاليف مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ ٺٽوي؛ تصحيح، حواشي ۽ مقدمو، سيد حسام الدين راشدي؛ صفحا ساڍا نَو سؤ؛ مهڙ ۾ تصويرن جا 43 بلاڪ؛ ڪاغذ اوچو، ڇپائي بهترين، جلد پڪو، ڪوَر تي سنڌي تهذيب جو دلپزير نقش؛ قيمت. 8-12 روپيا؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ حيدرآباد، سنڌ.

سنڌي ادبي بورڊ جي معياري ۽ بلند مقام سلسلي ۾ ”مقالات الشعرا“، (مير علي شير ’قانع‘) نهايت پاڪيزه پيشڪش جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ فارس، هنڌ ۽ افغانستان جي مشهور شاعرن جو منتخب ڪلام ۽ مختصر سوانح حيات آيل آهي: ”تڪمله مقالات الشعرا“ لکي، مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ ٺٽوي (المتوفي 1317هه) ان سلسلي کي پايهء تڪميل تي پهچايو آهي. اهي شاعر جن جو ڪلام مير ’قانع‘ کي دستياب نه ٿيو آهي، يا جي شاعر مير ’قانع‘ کان پوءِ جي پيداوار آهن، انهن سڀني کي هڪ هنڌ جمع ڪرڻ، انهن جي ڪلام کي سوانح سميت درج ڪرڻ، مخدوم ’خليل‘ جو وڏو علمي ڪارنامو چئي سگهجي ٿو.

بورڊ جي طرفان سنڌ جي قديم عربي ۽ فارسي ڪتابن جي اشاعت جو هڪ سيع سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ تاريخ ۽ سير، حديث ۽ فقہ، تصوف ۽ ادب، شاعريءَ ۽ تذڪري جهڙا اهم موضوع اچي وڃن ٿا. هن ڪتاب جي تقريظ ايران جي عالم شهير، اديب بزرگ، علامه ’آقائي نفيسي‘ فارسيءَ ۾ لکي آهي. هن صاحب نهايت جامعيت سان ’تڪملہ‘ جي تعريف ڪندي لکيو آهي:

’هن دور ۾ اهل علم حضرات تي فرض آهي ته هو پنهنجي سلف ۽ گذريل عالمن جي بياضن کي ڳولي هٿ ڪن، انهن کي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڇپائين، ۽ ڏسن ته سندن اڳيان عالم علم و فن جي دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا بيش بها ڪتاب لکي ويا آهن. خاص طور، ادبي شاعرانه ڪتابن جو شايع ڪرڻ تمام ضروري امر آهي‘.

ان کان پوءِ، فارسي زبان جي عظمت ۽ مقبوليت متعلق رقمطراز آهي؛

’ان ۾ شڪ نه آهي ته مشرقي قومن ۾، خاص طرح اهل اسلام وٽ، فارسي زبان نهايت مقبول رهي آهي. ان دور ۾ شعرو شاعريءَ جي ترجماني فارسي زبان ئي ڪندي آئي آهي. گذريل هڪ هزار سالن ۾ فارسي زبان جو ڪجهه عملي ۽ ادبي ذخيرو ايران ۾ پيدا ڪيو آهي، اهو سند ۽ معيار جو درجو رکي ٿو. ’ان سان گڏ، 9 سؤ سالن کان هند ۽ پاڪستان ۾ به فارسي دان عالم ۽ اديب پيدا ٿيندا آيا آهن- خاص طرح سنڌ جي سرزمين جيڪي عالم ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن، اهي وڏيءَ شهرت جا مالڪ آهن.‘

ان کان پوءِ فرمائي ٿو:

’هن کان اڳ مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ جو ڪتاب ”مقالات الشعرا“ ڇپيو آهي، جو 1050هه ۾ لکيو ويو هو. ان ۾ سنڌ جي ست سؤ کن مشهور شاعرن جو تذڪرو موجود آهي. هن ڪتاب، ”تڪمله“ 82 مشهور شاعرن جو منتخب ڪلام ۽ سوانح آيل آهي. اهي سڀ شاعر ”سنڌي“ آهن.

’هي ڪتاب اسان ايرانين معنوي رابطي جو درجو رکي ٿو. جيڪڏهن ههڙا ڪتاب نه ڇپجن ها، ته پوءِ خوف هو ته اهڙو علمي ذخيرو شايد حوادث روزگار جي ڪري ضايع ٿي وڃي ها!

تفريظ کان پوءِ پير حسام الدين راشديءَ جو مقدمو به فارسيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ ’خليل‘ جي سوانح ۾ ’تڪمله‘ تي سير حاصل بحث آهي. پير صاحب رقمطراز آهي:

”مخدوم محمد ابراهيم ’خليل‘ جمادي الاوليٰ 1243هه (1827ع) ۾ ڄائو. هي اهو وقت هو، جڏهن ’مقالات الشعرا‘ جي مصنف مير شير علي ’قانع‘ کي وفات ڪئي پورا چاليهه سال گذريا هئا. ٽالپر خاندا جي مير ڪرم علي ’ڪرم‘ جڏهن وفات ڪئي هئي، تڏهن مخدوم صاحب هڪ سال جو هو؛ ان کان پوءِ، هن خاندان جو آخري تاجدا مير مراد علي خان ’علي‘ تخت نشين ٿيو هو.“

ان کان پوءِ پير صاحب انگريزن جي آمد، ۽ مخدوم صاحب جي تعليم ۽ تربيت تي بحث ڪيو آهي؛ ان دور جو سياسي. علمي ۽ ادبي جائزو ورتو آهي؛ مخدوم ابراهيم ’خليل‘ جي استادن ۽ شاگردن جو ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ ان سان گڏ ان دور جي عالمن ۽ بزرگن، فقيهن ۽ شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، جي سڀ مخدوم صاحب جا معاصر هئا. پير صاحب لکيو آهي ته ان وقت حيدرآباد، هالا، مٽياري، بکر، شڪارپور ۽ سيوهڻ، فارسي دان شاعرن جا مرڪز هئا. ان کان پوءِ ”تڪمله مقالات الشعرا“ جي تصنيف ۽ تدوين متعلق بحث ڪيو اٿس.

هن مقدمي ۽ تقريظ کان سواءِ، 43 تصويرون پڻ ڪتاب ۾ ڏنل آهن، جن ۾ عالم، شاعر، بادشاهه ۽ انهن جا مقبرا اچي وڃن ٿا.

82 شاعرن کان پوءِ، ’تعليقات‘ جي عنوان هيٺ، مشهور شاعرن جو ذڪر ڪيل آهي. تعليقات کان پوءِ فهرست مصادر، فهرست اسماي رجال، فهرست اماڪن جغرافي، فهرست نامهاي ڪتب، استدارڪ ۽ صحتنامو ڏنل آهن.

’تڪمله‘ ۾ ڪجهه نسبناما به آيل آهن، جن ۾ نسب نامه جعفري، مير صابر علي’صابر‘، سردار محمد خان ’طرزي‘، نواب علي محمد خان’علي‘، ۽ ٻِن ٽالپري خاندان جي حاڪم شاعرن جا شجرا آهن.

سنڌي شاعرن جي هن دلاويز فارسي انتخاب جي مطالعي کان پوءِ نه فقط سنڌي شاعرن جي فني پختگيءَ جو پتو پوي ٿو، پر ان سان گڏ انهن جي فارسي دانيءَ ۽ شاعرانه ڪمالات جو به اندازو ٿئي ٿو.

بهرحال، ’تڪمله‘ هڪ معياري ڪتاب آهي. اميد ته هن کان پوءِ ڪو ٻيو اهڙي جامع ۽ تذڪره نگار پيدا ٿيندو، جو ’تڪمله‘ جي پڄاڻيءَ کان وٺي اڄ تائين جي فارسي شاعرن جي ڪلام کي مرتب ڪندو.

ڪتاب جي ڇپائي نهايت اعلي درجي جي آهي، ۽ ڪَور تي ٺٽوي لُنگي اٿس. اميد ته سنڌ جا عالم ۽ ادب نواز حضرات هن ادبي شاهڪار جو قدر ڪندا.

ڪاميابي:- مصنف ابن طفيل اندلسي، مترجم غلام حسين جلباڻي؛ صفحا 119؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت .-2 روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ’ڪراچي‘، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي ڪتاب ’ابن طفيل جي مشهور ”حيّ بن يقظان“ جو سنڌي ترجمو آهي. ترجمو ڪندڙ مسٽر غلام حسين جلباڻي آهي. ٻولي آسان، ۽ اندازو تحرير دلنشين اٿس. ڪتاب جو موضوع آهي- انسان جي تخليق ۽ ان جي ارتقا. مصنف نهايت قابليت سان انسان جي تخلـيق مـتعلق پنهنجي مطالــعي، فڪر ۽ مفروضي کي بيان ڪيو آهي، ۽ عملي طور انسان جي پيدائش کي بيان ڪيو اٿس. ابن طفيل اندلسي 12 صديءَ عيسويءَ جو وڏو عالم ليکيو وڃي ٿو. هن ڪـتاب مـعقول ۽ منقول- ٻنهي حيثيتن سان تخليـق، روح مـاده عـالم جـي حـدوث ۽ قـدامت، نفس ۽ قلب تي بحث ڪيو ويو آهي. سنـڌي زبـان ۾ پنهــنجي نموني جو هي بلڪل پهريون ۽ نرالو ڪتاب آهي.

شڪنتلا:- مترجم رشيد احمد لاشاري؛ صفحا 176؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪورَ معياري؛ قيمت ٻه روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

”شڪنتلا“ دنيا جي عظيم فني شاهپارن مان هڪ مشهور ناٽڪ آهي. دنيا جا عالم کيس شيڪسپيئر جي ”هئمليٽ“ ۽ گوئٽي جي ”فاؤسٽ“ جي معيار جو سمجهن ٿا. ڪتاب دنيا جي سڀني علمي ۽ غير علمي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن ناٽڪ ۾ قديم هندو سڀيتا جو رنگين نقش موجود آهي. هندستان جي ادب ۾ هيءُ چوٽيءَ جو ڪتاب آهي. ان کان اڳ سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جا ترجما موجود آهن. هيءُ ترجمو مشهور شاعر رشيد لاشاريءَ نهايت دلنشين ۽ سليس انداز ۾ ڪيو آهي. ٻولي نهايت سهڻي ۽ صاف استعمال ڪئي اٿس. گهڻو ڪري عربي فارسي ترڪيبن کان پاسو ڪري، صاف ۽ خالص زبان ۾ ترجمو ڪيل آهي.

تحفتہ النسوان:- مرزا قليچ بيگ مرحوم: صفا 193؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت .-.- 2؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ حيدرآباد، سنڌ.

هن ڪتاب ۾ مشهور مسلمان عورتن جي سوانح ۽ سيرت بيان ٿيل آهي. ان ۾ شاعر ۽ ادب، عالم ۽ فاضل ۽ حڪمران، مدبر ۽ بهادر، عابد ۽ زاهد عورتن جو ذڪر نهايت دلنشين پيرايي ۾ بيان ٿيل آهي. عرب، عجم ۽ هند جي مشهور عورتن جي سيرت پڙهڻ کان پوءِ، سنڌ جون پڙهيل ڪڙهيل عورتون نهايت پاڪيزه ۽ اصلاحي اثر وٺي سگهن ٿيون. عورتن لاءِ واقعي هي ڪتاب هڪ قيمتي تحفو آهي، جيڪو هر گهر جي هر پڙهيل عورت کي پڙهڻ کپي.

شاهه ايليا (ڪنگ ليئر). مصنف شيڪسپيئر، مترجم مرزقليچ بيگ مرحوم.؛‘ صفحا 204؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت ٻه روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ملڻ جو هنڌ سنڌي ادبي بورڊ جا بڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي ناٽڪ شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ ”ڪنگ لئير“ جو ترجمو آهي. هي ناٽڪ حضرت عيسيٰ کان اٺ سؤ ورهيه اڳ بادشاهه ”ليئر“ جي دؤر جي ترجماني ڪري ٿو. شيڪسپيئر 1404ع ۾ لکيو هو. ناٽڪ ۾ زندگي جو اهو ئي رنگ ڏيکاريل آهي، جو هن 19 صديءَ ۾ موجود آهي. انساني فڪر جي ارتقا ۾ زماني جي ههڙي مطابقت نهايت حيرت انگيز امر آهي. ٻولي اهڙي ته صاف ۽ مقامي محاورن ۾ ڪيل آهي، جو ترجمي تي اصـل جـو گـمان ٿئي ٿو. منجهس نفسيات، اخلاق ۽ فلسفي جا انيڪ اهم نُڪا نهايت سادگيءَ سان حل ڪيا ويا آهن بهترين ڪتاب آهـي، هرهـڪ جـي پـڙهڻ وٽان آهي.

مقالات الحڪمت:- مصنف لارڊ بيڪن، مرتجم مرحوم مرزاقليچ بيگ؛ صفحا 236؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري قيمت.-8- 2 روپيا؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ، ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي دنيا جي مشهور ڪتابن مان هڪ آهي. هن جو مصنف لارڊ بيڪن آهي، جنهن جي حڪمت ۽ فلسفي، علم ۽ قابليت کي ڏسي کيس ’انگريزي افلاطون‘ سڏيو ويو آهي. بيڪن عالم به هو، فيلسوف به هو، ته اديب به هو. 16 صدي عيسويءَ ۾ ههڙو جامع ڪمالات شخص ٻيو ڪونه هو. هن ڪتاب ۾ حڪمت ۽ فلسفي متعلق بهترين ۽ مفڪرانه مقالا گڏ ٿيل آهن. ڪتاب گهڻو ڪري دنيا جي سڀني ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. مرزا صاحب ههڙي ڳوڙهي ۽ اونهي فلسفيانه ڪتاب جو ترجمو نهايت آسان ۽ دلنشين رنگ ۾ ڪيو آهي. فلسفي سان تعلق رکندڙ استادن ۽ شاگردن لاءِ هن ڪتاب جو مطالعو نهايت ضروري آهي. اڄڪلهه جي سطح ٻين ماڻهن ۾ فڪري صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ ههڙن ڪتابن جو پڙهڻ لازم آهي.

ڇوٽڪارو: تصنيف امام غزالي رحه، ترجمو غلام حسين جلباڻي؛ صفحا 115؛ ڇپائي، ڪاغذ ۽ ڪَور معياري؛ قيمت سوا روپيو؛ ڇپيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال (1) اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

هي ڪتاب امام غزاليءَ جي مشهور ڪتاب ”المنقذ من الضلال“ جو سنڌي ترجمو آهي. هي ڪتاب فلسفهء تصوف تي اگرچه مختصر آهي، پر جامعيت جي لحاظ سان نهايت معياري آهي. غزاليءَ علم ۽ مذهب، ڪلام ۽ تصوف جي مسئلن متعلق خدشن ۽ گمراهين جو نهايت بلند نظريءَ سان جائزو وٺي، تنقيح ڪري، ثابت ڪيو آهي ته علم ۽ مذهب جا وسيلا ۽ ذريعا سڀ ناقص آهن. ”وحي“ کان سواءِ علم ۽ ان جي حقيقت کي سمجهڻ ناممڪن آهي. ڪتاب جو ترجمو مسٽر غلام حسين جلباڻيءَ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد، ڪيو آهي.

نيٺ ڇا ڪجي:- مصنف ليؤ ٽالسٽاءِ؛ مترجم نورالدين سرڪي؛ صفحا 458؛ ڪاغذ اوچو، ڇپائي ۽ گيٽ اپ معياري؛ ڪَور رنگين، دلڪش؛ قيمت ساڍا چار ورپيا؛ ڇپائيندڙ ’سنڌي ادبي بورڊ‘؛ ملڻ جو هنڌ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جا بوڪ اسٽال- (1) سنڌ اسيمبلي بلڊنگ، بندر روڊ‘؛ ڪراچي، ۽ (2) اسٽيشن روڊ، حيدرآباد، سنڌ.

اسان جو سنڌي ادب ۽ ان جي علمي سرمايو گهڻو تڻو اهڙن فني ۽ فڪري انقلابي ۽ اصلاحي ڪتابن کان خالي آهي. ڪو هيڪڙ ٻيڪڙ ڪتاب ملندو، جو فڪر انگيز ۽ ٺوس موضوع تي لکيل هوندو، باقي مڙيئي شعر و ادب، افساني ۽ ناول، تاريخ ۽ مذهبيات جي سطحي ۽ غير معياري درجي تي لکيل ملندا. هي ڪتاب عالمي لٽريچر ۾ پهرئين بلند درجي ڪتابن مان هڪ آهي، جو دنيا جي هر ملڪ ۾، هر دور ۾ ۽ هر زبان ۾ ترجمو ٿيو آهي، ۽ اڄ تائين نه معلوم سندس ڪيترا جلد ڇپيا هوندا. ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪروڙها ماڻهن جي ذهن ۽ فڪر جي بالبدگيءَ لاءِ هن ڪتاب جيڪو ڪجهه تاريخي ۽ عمراني، ۽ ثقافتي ۽ فڪري سرمايو ڇڏيو آهي، اهو غير فاني ۽ سدا حيات آهي.

هيءٌ ڪتاب هر نقطء نظر سان جامع ۽ ڪامل آهي. انساني زندگيءَ جي سڀني شعبن ۽ ضرورتن جو قريبي مطالعو ۽ تجزيو ڪري، جو ڪجهه ٽالسٽاءِ محسوس ڪيو آهي، ان کي ’عالمي شعور‘ جو درجو حاصل آهي. سرمائيداريءَ ۽ ان جي گندي ۽ متعفن معاشري جي عڪاسي ۽ ترجماني جنهن بصيرت ۽ چابڪدستيءَ سان ڪيل آهي، اها پنهنجيءَ جاءِ تي بيمثال به آهي، ۽ زندگي بخش به.

هيءٌ ڪتاب پهريائين 1886ع ۾ اصل روسي زبان ۾ ڇپيو. هي سنڌي ڪتاب ”آلمرماڊ“ جي ڪيل انگريزي ترجمي (عالمي ڪلاسيڪي ادب جي سلسلي ماتحت، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ طرفان. 1950ع ۾ شايع ٿيل ڇاپي) جو ترجمو آهي.

ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو آهي ته زندگي رڳو ”پيسي جي پوڄا“ جو نالو نه آهي، ۽ نڪو پيسي مان سچي خوشي ۽ دائمي راحت ملي سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ جو انداز بيان نهايت نماڻو، ۽ زود اثر، سنجيده ۽ مخلصانه آهي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسان جو ضمير آزاد آهي ته پوءِ اسين پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذارڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪري سگهون ٿا! ٽالسٽاءِ هن ڪتاب ۾ امير ۽ غريب جي صحيح ترجماني ڪري، ٻڌايو آهي ته سرمائيداري ۽ مفت خوري دراصل آدمخوري آهي. ٻين جي محنت تي آقا ۽ غلام جو فرق رکڻ ديانت جي مفت خوري دراصل آدمخوري آهي. ٻين جي محنت تي آقا ۽ غلام جو فرق رکڻ ديانت جي خلاف آهي. ان سان گڏ ٻڌايو اٿس ته غربت جو مطلب اهو نه آهي ته غريب ڪي بيسمجهه آهن، ۽ هميشه ڏکن ڏوجرن ۾ گذران ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، ۽ نه وري امير رڳو عيش لاءِ پيدا ٿيا آهن. هي ڪتاب نهايت زوردار احتجاج آهي.

هن همه گير ۽ حيات گير ڪتاب جو پورو پورو لطف ان جي مطالعي مان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. اسين سندس متعلق پنهنجي ٽيڪا ٽپڻيءَ ۽ تعريف و تعارف کي ڇڏي، خود ٽالسٽاءِ ڪا چند فقرا نقل ڪرڻ مناسب ٿا سمجهون. ’يڪ مشت نمونه خرواري‘ وانگر، چند فقرن مان ئي ساري ڪتاب جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. لکي ٿو:

”پيسي جي پوڄا، ۽ زندگيءَ جي ٻين سڀني ڳالهين کي ڇڏي، فقط پيسي جي پوئتان پوڻ سان ڪابه سچي ۽ دائمي خوشي حاصل نه ٿي سگهندي.“

ٽالسٽاءِ اسان کي ذهن نشين ڪرايو آهي ته پنهنجي خود پسنديءَ ۽ تن آسانيءَ کي صحيح ثابت ڪرڻ بدران، بهتر آهي ته انسان ذات جي خدمت ڪندا رهون. اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اسين ”پنهنجي ذهن ۽ ضمير مطابق زندگي گذاريون“.

اميريءَ ۽ غريبيءَ جهڙي بنيادي ۽ عالمگير مسئلي تي لکندي، لکي ٿو:

- ”غربت انسان کان سمجهه ڪانه ٿي کسي وٺي. ماڻهن اها ڳالهه ڪڏهن به قبول نه ڪئي آهي، ۽ نڪو قبول ئي ڪندا ته هڪڙا سدائين سکيا ۽ ستابا عيدا ملهائيندا رهن، ۽ ٻيا ڏکيا بکيا، محنت ۽ مزدوري ۾ عمر جو قيد ڪاٽين.“

- ”دنيا ۾ جيڪڏهن هڪڙو شخص به محنت نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته هو چئن ٻين کان سولائي سان ڪم وٺي سگهي ٿو، ته چئبو ته غلام اڃان موجود آهي.“

- ”اڄ، اسان جي ڏينهن ۾، زندگيءَ جو مکيه مقصد ’محنت مزدوري ۽ پگهر جي پورهئي سان پيٽ پالڻ‘ نه، پر آرام ڪرسيءَ تي ويهي قارون جو خزانو گڏ ڪرڻ ٿي پيو آهي!“

”آديسي اُٿي ويا، مڙهيون مون مارين!“

- از غ. م گرامي

مرحوم ماستر الهه بچايو سمو

 سنڌي جي اهل علم طبقي لاءِ هيءَ خبر وحشت اثر نهايت روح فرسا ثابت ٿيندي ته سنڌي زبان جو مشهور اديب، پخته نويس، صاحبِ طرز، انشاپرداز، ماستر الهه بچايوسمو، 9 ڊسمبر 1958ع تي، داعيء اجل لبيڪ چوندي، رحلت فرمائي ويو.

مرحوم الهه بچايوسمو پنهنجي ادبي تخليقات (’سيرڪوهستان‘ ۽ ’سيرلاڙ‘) جي ڪري سنڌي ادب ۾ انفردي حيثيت حاصل ڪري چڪو هو. سندس زباندانيءَ ۽ انشاپردازيءَ ۽ طرز تحرير ۽ اسلوبِ نگارش جو مثال ئي نٿو ملي سگھي. سچ پچ رب ڪريم هن عظيم اديب کي گوناگون ذهني ۽ علمي صلاحيتن سان نوازيو هو. سندس هر تحرير شستگيءَ ۽ پختگيءَ جي ان مقام تي پهتل آهي، جتي پهچي سندس تحرير ’سهل ممتنع‘ ٿي چڪي آهي، جنهن جي اتباع ڪرڻ ۽ مثال پيدا ڪرڻ کان وڏا وڏا اهل قلم به عاجز آهن.

مرحوم سمو صاحب، درسي علوم جي حيثيت سان ڪنهن به دارالعلوم ۽ ڪاليج جو فارغ التحصيل ۽ سند يافته نه هو: پاڻ پنهنجي ذاتي مطالعي ۽ ڪسب سان ئي ادب ۽ فن جي ان مقام تي پهتو. کيس سنڌي ٻوليءَ جي ذخيرهء الفاظ ۽ سرمايهء محاورات تي استادانه عبور حاصل هو. سندس عبارات آرائي ۽ لفظن جي جڙت ۽ چوَنڊ، محاورن جي صحت، بندشن جي چستيءَ ۽ رنگينيءَ کي ڏسي، ائين چئي ٿو سگھجي ته سندس قلم گوهربار هو، ۽ هو مس مان نه پر مُشڪ آلود ماکيءَ مان ٻوڙي لکندو هو. ههڙي شيرين ۽ دلنشين زبان مشڪل سان هٿ ايندي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه آهي ته ماستر الهه بچائي سمي جي جاءِ خالي آهي. اسان کي اهڙو ڪوبه انشا پرداز ڪونه ٿو سُجھي، جو اڄ اها زبان لکي سگھي، يا ’سير ڪوهستان‘ جي رنگين ڍنگ جو ڪتاب لکي سگھي.

مرحوم، سمن جي خاندان مان يار محمد پٽ ٻڍي خان جو فرزند هو، ۽ ملير جو رهواسي هو. سندس تعليم، فائينل امتحان کان پوءِ، ٽريننگ ڪاليج جي ٻن سالن تائين هئي. ان کان پوءِ، ذاتي مطالعو ڪري ثابت ڪيائين ته علم ۽ صلاحيت، فن ۽ هنر جي حاصلات ۽ پرک لاءِ نڪو ڊگرين جي لانڊ جي ضرورت آهي، ۽ نڪو سَندَن جي قطار جي گنجائش آهي. سندس پويان ابهم ۽ يتيم ٻارڙا آهن. اسان جي گذارش آهي ته اديبن جي امداد وري فند مان هن اديب جي ٻچن جي به مدد ڪئي وڃي.

مرحوم امام الدين ”ضامن“

اهل علم حضرات لاءِ هيءَ خبر نهايت الم انگيز آهي ته سنڌ جو شهور مزاح نگار شاعر ميان امام الدين”ضامن“ 12 فبروري1959ع تي وفات ڪري ويو- انالله واناليہ راجعون. مرحوم ميهڙ جي ڀرسان دٻيءَ جھڙي ننڍڙي واهڻ ۾ 1909ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس وڏا پنهنجي مڇيءَ مانيءَ وارا هئا، ۽ سندس والد چڱو زميندار هو.

”ضامن“ اڃا چئن- پنجن سالن جو مس ٿيو ته سندس والد وفات ڪئي، ۽ پاڻ 4-5 درجا پڙهي، فقيريءَ جي تلاش ۾ وڃي قلندر جو ملنگ ٿيو. سالن جا سال شهباز قلندر تي رهيو، ۽ ان کان پوءِ ٽپال کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، جا پڇاڙيءَ هلندي آئي.

سندس طبيعت نهايت خود دار ۽ قلندرانه هئي، تنهنڪري خوشامد پسند آفيسرن کيس ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ کيس ڪوئيٽا ۽ پشين تائين بدلي ڪيائون؛ پر هي مرد قلندر پيرين اگھاڙو، برف کي لتاڙيندو، کلائيندو ۽ وندرائيندو، ٽپال ورهائيندو وتندو هو! ايتري تنگ گذر ۾ به والده ۽ اولاد جي خدمت ڪندو آيو، تَنَ کي تسيا ڏيئي پٽ کي اعليٰ تعليم ڏياريائين.

سندس شاعري مرحوم شمس الدين ’بلبل‘ جي صحبت ۽ اصلاح سان شروع ٿي، جو بلند مرتبه اديب ۽ شاعر هو، ۽ خاص طرح ظريفانه نڪته سنجيءَ ۾ بيمثال هو. ’ضامن‘ جو مزاج نهايت نمڪين، لذيذ، دلنشين ۽ سنجيدو هوندو هو. سندس مزاج زندگيءَ جي تلخين جي پيداوار هو. هن روئڻ  ۽ روئارڻ جي جاءِ تي کلڻ ۽ کلائڻ کي ترجيح ڏني. مَرڪڻ سندس خاص نشان بنجي چڪو هو. سندس شعر ۾ حدت احساس ۽ شعور جي پختگي نظر اچي ٿي. هن پنهنجي طنزيه ۽ مزاحيه انداز سان ملن مولوين، وڏيرن ۽ رشوتخور آفيسرن جا چوڏا لاهي رکيا. وڏن وڏن آفيسرن ۽ مولوين جي هوندي، هي بيڊ پائيءَ سان سڀڪجھ چئي وڃي پار پوندو هو. سندس ڪلام ۾ سبڪائي ۽ ناشائستگي اصل ڪانه آهي. سندس فرزند ’خالد‘ تي حق آهي ته هو ’ضامن‘ صاحب جو سارو ڪلام گڏ  ڪري ڇپارائي.

 

ٻه خط

ــــــــ گرامي ڀاءُ، اوهان جا ٻه خط مليا؛ ٻنهي کي ورائي ورائي پڙهيم.

....انسان جون طبيعتون برابر نراليون ٿيون ٿين- انسان جو ٿيا! پوءِ اهي ڪي شمشير هجن يا علي بخش، يار محمد، رباني، جويا يا خود گرامي. مختلف طبيعتن کي هڪٻئي سان اتفاق ۽ اشتراڪ جا ننڍڙا ننڍڙا ۽ نازڪ نازڪ نقطا ڳولڻا ۽ لهڻا آهن- ۽ پوءِ زندگيءَ جي گرانبارين کي گڏجي ڪِلهو ڏيڻو آهي. مون ته شمشير، يارمحمد ۽ ٻين ڪيترن سان گڏ اوهان کي به انهيءَ خيال کان هميشه پنهنجو يار پئي سمجھيو آهي. مون ته هر ڪنهن ۾ ڀلائيءَ جي اميد رکي آهي، ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کان ڪا آرڏائي ٿيندي پئي ڏٺي اٿم، ته دل کي بلڪل ائين دک پئي ٿيو اٿم جيئن خود پنهنجيءَ ڪنهن ڏنگائيءَ يا آرڏائيءَ تي اڪثر پنهنجي ضمير کي ٿيندو اٿم.

نفرت ۽ دشمنيءَ مان آءٌ ڇا ڄاڻان! پر عين ممڪن آهي ته منهنجيءَ روش کي ڪن حالتن ۾ دشمنيءَ ۽ بدخواهي جو نتيجو تصور ڪيو وڃي. ان حالت ۾، آخرين طور آءٌ پاڻ کي ئي ڏوهي قبول ڪندس، جو ايتري ڪثافت باقي رهي، جنهن مان اهڙو گمان پيدا ٿي سگھيو. ڪوشش اها هوندي اٿم ته نفرت ۽ بيزاري برائيءَ لاءِ مخصوص رهي، ۽ نه بُرن لاءِ هر ڪنهن ۾ ڪمزوريون ۽ برايون آهن، تنهنڪري هڪٻئي کي چوڻو ڪرڻو پوي ئي ٿو.

....بهرحال، اوهين خاطري رکو ته جڏهن حيدرآباد آئيندي اچڻ ٿيم ته سڀئي گڏجي ويهنداسون، ۽ دل کولي، ڳالهيون ٻولهيون ڪري، ’بورڊ‘ جي ڪم توڙي ذاتي تعلقات جي بهتريءَ لاءِ ڪي خاطر خواه فيصلا ڪري اٿنداسون.

ٻئي، 14 تاريخ واري، خط ۾ عزيز عبالحليم ’جوش‘ جي لکيل ۽ ’نئين زندگيءَ‘ ۾ شايع ڪيل صريحاَ بيجا ۽ بر خود غلط تنقيد تي اوهان پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي آهي- جنهن سان منهنجو پورو اتفاق آهي. عبدالحليم لاءِ منهنجي دل ۾ هميشه جڳهه رهي آهي. انسانن جي بنيادي نيڪيءَ ۾ ماڻهوءَ جي اعتماد کي ڪن شخصن جون اهڙيون ڳالهيون ئي لوڏي وجھنديون آهن. اهڙين ڳالهين تي بيخوفيءَ سان پنهنجي مخلصانه راءِ جو اظهار ڪرڻ هر نيڪ ۽ سمجھدار ماڻهوءَ جو فرض آهي. غلط ڳالهه کي غلط نه سمجھبو، نه چئبو، ۽ ان جو بي تعلق ٿي ڪري مقابلو نه ڪبو، ته چئبو ته اُن سان ماڻهو متفق ۽ شريڪ ٿيو. اوهان اِن باري ۾ اخبارن ڏانهن جيڪي لکي موڪليو آهي، تنهن جي پڙهڻ جو نهايت شوق ۽ انتظار رهندم.

ادب جي دائري ۾، پنهنجي متعلق آءٌ فقط هيتري چئي سگھڻ لاءِ پاڻ کي حق بجائب سمجھندو آهين ته ’ادب سان مون کي چاهه آهي، پاڻ ظاهر آهي ته هرڪو ادب سان چاهه رکندڙ، توڙي جو هو ڪجھ لکندو به رهي، پاڻ کي اديب چوارائڻ جو حق نٿو رکي سگھي. ائين ته سڀڪو لکي پڙهي ڄاڻندڙ شخص ڪجھ نه ڪجھ لکي سگھي ٿو؛ ۽ جتي عام ادبي شناس پوري سوري هجي، ۽ اهو ادب جنهن کي واقعي ادب چئي سگھجي پيدا ئي مختصر ٿيندو هجي، اُتي، موجوده علم ۽ ادب جي پياسيءَ دنيا ۾، هر ڪچيءَ پڪيءَ لکيت جا ڇاپيندڙ توڙي پڙهندڙ موجود به ٿي سگھن ٿا- جيئن هر ڀليءَ بُريءَ زباني ڳالهه کي ڪن ڏيئي ٻڌڻ ۽ ا تي ڪنڌ ڌوڻڻ وارا به هر حالت  ۾ موجود ئي رهن ٿا. پر اديب چوائڻ لاءِ جيڪڏهن ’ڪيترو‘ ادب نه، ته به ’ڪهڙو‘ ادب ماڻهوءَ پيش ڪيو آهي، ڪم از ڪم ان کي خيال ۾  رکڻ هڪ لازمي شرط رهي ٿو. ادب جي منهنجي سامهون جيڪا عظمت ۽ اعليٰ منزل آهي، تنهن کي خيال ۾ رکندي، آءٌ پاڻ کي اديب چوائڻ جي ڪڏهن همت ئي ساري ڪونه سگھيو آهيان. ائين به ٿي سگھي ٿو ته اسانجن پنهنجن ڪن ’اديبن‘ جا جيڪي حال آهن، تن کي ڏسندي، آءٌ پاڻ کي سندن صف ۾ بيٺل ڏسڻ لاءِ پنهنجي دل ۾“ ڪا خاص ڪشش محسوس ڪانه ٿو ڪريان. بهرحال، پاڻ کي اديب چوائڻ يا اديب چوائڻ جي خواهش رکڻ ته الڳ ڳالهه رهي، پر پاڻ کي ڪنهن جي واتان اديب چوندي ٻڌندو آهيان، ته به، پاڻ کي اُن جو لائق نه سمجھي، ڦڪائيءَ کان ڪنڌ هيٺ جھُڪي ويندو اٿم.

پر، جيڪڏهن ڪو لقبن لائڻ يا خواهمخواهه آڀارڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهي، يا واقعي نيڪ نيتيءَ سان سچ سمجھي، ڪنهن کي چڱي نالي سان اٿي ياد ڪري، ته ان حالت ۾ ڪري به ڇا ٿو سگھجي! ۽ جي ڳالهه اڃائي ڪجھ مٿڀري هجي- يعني، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو ’اديب‘ سڏي، اُن سان ٻه چار صفتون ڳنڍي، ۽  پوءِ ان کان به اڳتي وڌي ’نقاد‘ چوي، ۽ ان سان به مزيد پنج اٺ صفتون چبنڙائي....۽ وري اُتي جو اُتي ڦيرو کائي، ’ذمه دار ۽ تلخ نوانقاد‘ بنجي، اُن ساڳئي پنهنجي ’اعليٰ ۽ ممتاز اديب ۽ نقاد‘ جي سنَون سيبتن لفظن کي مروڙي سروڙي، هُن جي بنهه ڪن وقتائين دلچسپيءَ وارين ڳالهين کي سندن لازميءَ پس منظر ۽ حوالن کان ڇني، انهن سان پنهنجون ابتيون سبتيون ڳالهيون ڳنڍي، ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب انهن مان عجيب نتيجا ڪڍي، اطمينان سان اعلانَ ڪرڻ بيهي رهي ته هي جنهن کي مون هيڏوڪي هيڏو اديب ۽ نقاد سڏيو، سو اديب ۽ نقاد نه آهي، پر ههڙوڪي ههڙو آهي!

ــــــ ته اهڙي سمجھڻ کان سواءِ سياڻپ جي ڳالهين ڪندڙ شخص جي رڳو منهن ۾، حيرت وچان ۽ چپ چاپ، بيهي ڏسي ئي سگھجي ٿو. افسوس جو عبدالحليم، ’جوش‘ سان گڏ ’هوش‘ کي پنهنجو نه ڪيو. اوهان کي معلوم آهي ته روزانه ”نواي سنڌ‘ جي محترم تبصره نگار، اخبار جي ڪنهن ويجھيءَ اشاعت ۾، ”گل ڦل“ جي پهرين پرچن تي تبصري ڪندي لکيو هو ته ”..........کري ۽ کوٽي جي پرک جو شرف هڪ اعليٰ شرف آهي، ۽ ان جي ذميداري به اوتري ئي اهم ۽ امتيازي ٿئي ٿي: ذّاتيات ته ان ۾ ٿئي ٿي ڪانه، ۽ ايمانداري ۽ دانشمندي ان جا اولين شرط آهن.“ جيڪڏهن اسان جو هيءُ نوجوان قلمڪار، آپي کي ڇڏي ۽ انصاف کان ڪم وٺي، رڳو انهن چند لفظن تي ٻه گھڙيون غور ڪري ها، ته سنڌي ادب تي سندس هن متوقع طول طويل ’تنقيدي نظر‘ جي هيءَ بسم الله هوند ايتري بر غلط ڪانه ٿئي ها، ۽ اٿندي ئي ايترو جو جھنگ جھڙي وڃي مٿي چڙهيو آهي، تنهن جي شايد کيس ايڏي ضرورت محسوس ڪانه ٿئي ها. عقلمندي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حد کان اُڪري ويندي آهي. نتيجي طور ان جا کوٽا مقصد اُتي جو اُتي ازخود کُلي پوندا آهن، ۽ اُن مان جا حاصلات پڙ پوندي آهي، سا لازمي طور، کهنبي جي چٽڪي وانگر، محض نظر جو فريب ۽ پلڪ جو تماشوئي بنجي رهجي ويندي آهي. ڪاش، اسان جا هي اديب ۽ نقاد لکڻ جي همت سان گڏ پاڻ ۾ ڪجھ سوچڻ جي همت به ڪن!

اسان جي هن ’ذمه دار نقاد‘ ، جو پنهنجي ’تلخ نوائيءَ‘ کي، رسالي ”نئين زندگيءَ، ۾ شايع ڪرائڻ ضروري سمجھيو آهي، ان سلسلي ۾ اوهان هڪڙي ڳالهه ضرور نوٽ ڪئي هوندي

ـــــــ ۽ اها هيءَ ته رسالي ”نئين زندگيءَ“ جو مدير محترم ڪجھ ڏينهن کان پاڻ تي مڙويوئي ڏمريل آهي. مثال طور، رسالي جي هڪري تازي پرچي ۾، بورڊ جي شايع ڪيل ”رسالو سچل سرمست“ متلعق ڇاپيو اٿس ته ”هن کان ته آر. ايڇ. احمد برادرس جي شايع ڪيل رسالي تي گھڻي محنت ٿيل آهي“- حالانڪ آر. ايڇ. جي ڇاپيل رسالي ۾، ڇاپي جي انيڪ غلطين کان سواءِ، تقريباً سٺ ستر ڪلام ٻه ٻه دفعا، بلڪ ڪي ته ٽي ٽي دفعا به ڇپيا پيا آهن! هن مان رسالي ”نئين زندگيءَ“ جي مدير محترم ۽ سنڌي ادب جي سندس هن ’نقاد‘ متعلق ڀلا ڇا ٿو چئي سگھجي....!

اميد ته اوهين هر طرح خيريت سان هوندا.

اوهان جو،

ــــــ محمد ابراهيم

(2)

ادا، خوش هوندين!.....جيل ۾، ”مهراڻ“ هي ديدار ڪرڻ سان بيحد خوشي ٿي؛ پر کولڻ سان ئي شمس العلماء علامه دائود پوٽي جي تصوير ڏسي، سندن انتقال پر ملال جو وري به دک تازو ٿيو.

قدرت اسان کان هيءَ بينظير هستي تڏهين کسي ورتي، جڏهن اسان جي ملڪ جي نئين تعمير ٿي رهي آهي. مرحوم ڊاڪٽر صاحب جا سنڌي زبان بابت لکيل ٻه لافني مضمون نئين سر شايع ڪرڻ سان اوهان سنڌ جي وڏي خدمت ڪئي آهي. خصوصاً، سندن هٿ اکر خط جو فوٽو!.....الله الله، هيءُ ته انهيءَ لائق آهي جو ان جا ٻئي پاسا هڪ پني تي ڇپجن، جو اهو پنو فريم ڪري هر سنڌي اداري بلڪ هر سنڌي ۾ ٽنگي ڇڏجي!

انهيءَ خط اها به خوشي ڏياري ته اسان جي ”سنڌي ادبي سنگت“ جو بانيڪار در حقيقت علامه مرحوم ئي آهي: ۽ هيءَ به، ته اها ڪا اچانڪ وجود ۾ ڪانه آئي، بلڪ ورهين جي فطري تمنا هئي، جنهن کي نروار ڪرڻ جو سهرو چند غريب اديبن جي ئي سرن تي ٻڌجڻو هو- ۽ اهوئي سبب هو، جو انهن غريبڙن جي ’سنگت‘ جي ’طوبيٰ‘ جون شاخون ٿوري ئي عرصي ۾ سڄيءَ سنڌ اندر پکڙجي وييون!

ڦِڵۑۆڷ  ڶۑڷ   إێجڐإڐ   ێڌ   صڎۆإڐ   قښڷ   ڦإ،

ښۑڷغإ ڦښڌ ڷڌ صێۆڵ ڦۆ بڵبڵ ڦۑ ڵێۆ ښڌ.

ــــ جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ان کي ڏسي ٻيون به ڪيئي انجمنون قائم ٿيون، ۽ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. يقين سان چئي سگھجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي آبياريءَ جا هي سمورا پيدا ٿيل وسيلا پنهنجي نيڪ مقصد تائين پهچڻ ۾ ڪڏهن به وسان ڪين گھٽائيندا. سنڌ ۽ سنڌي زبان جي خادمن کي هر حالت ۾ قرآن پاڪ جي هيءَ آيت سڳوري سامهون رکڻ گھرجي:

”واما الزيد، من فيذهب جفاء؛

واما ما ينفع الناس، فيمڪث في الارض.“

(پگھريل سون هجي خواهه برسات جو پاڻي- جيڪا گجي هوندي آهي، سا ترت ئي غائب ٿي ويندي آهي؛ باقي جيڪا چيز انسان ذات لاءِ فائديمند هوندي آهي، سائي زمين ۽ دائم ۽ قائم رهي ٿي.)

نظم جو شروع ۾”رڳون ٿيون رباب“ جي ديباچي مان ورتل ٽڪرو نظر آيو: ”سچ ڪڏهين ’مارئي‘ ٿي ڪوٽ ۾ ڳوڙها ٿو ڳاڙي، ته ڪڏهين ’سسئي‘ ٿي ڏونگر ٿو ڏوري.“

پر، بهرحال، جيت ته سندس ئي رهي ٿي نه! قدرت به کيس هر وقت اهوئي دلاسو ڏيندي رهي ٿي:

اڄ سندءِ قسمت ۾ ڪنڊا گرچ آهن، غم نه ڪر،
پر سڀاڻي گل سان ڀربو تنهنجو دامن، غم نه ڪر!

نظم جو باقي حصو به خوب آهي. نثر به گھٽ ڪونه آهي. البت، اهو وري به چوندو رهندس ته ”مهراڻ“ جو سال 1955ع ۽ 1956ع وارو دور ڪو وقت ته دل ساريندي رهندي- اهو وري به ضرور ايندا؟

خانبهادر حسن علي مرحوم جو تذڪرو بجا، سنڌ جي هن سر سيد جا سنڌ تي لک احسان؛ پر ان کي سڄا سارا 46 صفحا ڏيڻ حد کان وڌيڪ زوراوري آهي- سو به وري خاص ڪري ڇپيل مواد دهرائڻ. ڪهڙو نه سٺو ٿئي ها، جو هن سنڌ سرسيد جي سوانح هن موقعي تي نئين سر ۽ جديد طرز تي لکائي شايع ڪجي ها!

مرحوم ڊاڪٽر صاحب، خانبهادر ميمڻ، شيخ محمد اسلم، مولانا لغاري ۽ ”ضيا“ جا تذڪرا اسان جي ايندڙ نسل لاءِ مشعل راءِ جو ڪم ڏين ٿا، ۽ انهن جي لکڻ ۾ پورو حق ادا ڪيو ويو آهي.

مولائي صاحب جيڪو سياست ۾ مرشدن جي حصي جو ذڪر ڪيو آهي، سو هڪ نئون ۽ مفيد تاريخي باب آهي؛ پر جيڪڏهين بيجا عقيدتمنديءَ جون خاميون گڏيل نه هجن ها، ته ڪيڏي نه عاليشان چيز بنجي ها! ڪاش، اسان جا ڪُهنا اديب هي خام چيزون ترڪ ڪن!

نظمن جي حصي ۾ جيڪو جين ڌرم جو ڀاڄي خوريءَ لاءِ نئون پرچار ڏٺوسين، تنهن خوب کلايو. ويچاري ’مسافر‘ کي شايد اها خبر ڪانهي ته نيڻن مان نِيرَ ته ٽماٽا ۽ پٽاٽا به وهائيندا آهن! ڀلا، ملائيءَ ۽ مائي هٿ ڪرڻ لاءِ کير ڪيئن ٿو هٿ اچي؟......اهو به نه درحقيقت ٻڪريءَ جي ٻچن لاءِ ئي ٿو پيدا ٿئي، نه اسانجي آنگلن لاءِ! بهرحال، اهو به چڱو ٿيو جو ’مهراڻ‘ ۾ اهو نئون ورق به وريو. انهيءَ ’سٻڌ‘ جي جوڙ جو هڪ ٻيو ’سٻڌ‘ به ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسون-

”سڻو فرياد ٻڪريءَ جو:

’ماڻهومنهنجو ماس ٿا کائين‘!“

اهو به هٿ ڪريو ته چڱو. ٻڌون پيا ته ڪي سرڪاري نازڪبدن ڪامورا ٻڪرين جا اهي ٻيٻڙاٽ ٻڌي ٻڌي، يا ”غم نه داري، بُز بخر“ وانگي بيزار ٿي، ارادا ڪري رهيا آهن ته ٻڪرين جو تڏوئي کڻي ڇڏجي، ته نه رهي بُز نه بُز جي بها!

بإڡبإڷ  ڦێجإ  ێڌ  ښّڷ  ښّڷ ڦڎ ڢڡإڷ ڠڷڈڵۑب،

صێۆڷڦڈڌ آجڛ ښڌ، إۑ ڧڵ، آڛجإڷ ڠڷڈڵۑب!

والله اعلم، ڳالهه ڪيئن آهي، سمجھ ۾ ته ڪانه ٿي اچي ته ائين ڪيئن هوندو ۽ ڪيئن ٿيندو،پر هي حاڪماڻيون رمزون آهن، جن بابت ڪنهن ٿري بزرگ چپ چٽي چيو هو ته ”ڀائي، ايهان حاڪمان دي ڪيڙي بات ڪجي. اي تو گُڙ راهَنان ٺهرائين، ته به سونهين- پِڇي چڙهتا به جائين، ته چَٽتا به جائين!“  ۽ ها، ٻڪرين جي هن ذڪر ٻڌندي، هتي جيل ۾، هڪڙي ساٿيءَ کي وري هيءَ الجھن جاڳي ته مهاتما گانڌيءَ جي ٻڪريءَ جو ڪفن دفن، يا اگني سنسڪار، الائي ڪيئن ٿيو! خير.

 آخر ۾ هڪ ننڍڙي الجھن منهنجي دور ڪريو ته ڏاڍو چڱو.....پرچي ۾ هي ’کراب‘ اکر الائي ڪيئن ڇپايا ويا:

”هر  هي  پلؤ،   هــر   هوُ   پــــلؤ-

ڪجھ هيٺ، ڪجھ مٿتي ڇڪي،

پوتي  ســــنــهي  چـــخـنن  ڀري،

ٿي پنهنجي ڇاتيءَ تي وجھين:

سينگار  تون   بيٺي  ڪرين،

مان ڀر  ۾  ويهي پيو  ڏسان“!

ــــــــ ائين ته ڪين هو ته اوهان مان ڪنهن ويجھڙائيءَ ۾ ”عبدالله دي گريٽ“ فلم ڏٺي هئي! چڱو، ادا، هاڻي باقي وري ٻئي پرچي تي.....الائي ڪڏهن ڪڍندؤ؟

’سدائين وصل جو وعدو ٿيو صد سال آ تنهنجو!‘

17، جنوري، 1959ع

لئون ڦاٿل

- ڏيپلائي 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com