ڪاظمي
محمد موسيٰ ”راز“
حيدرآباد جو قلعو
رهيل ڪنهن شمع ٻَريل جو نشان هي بيگُمان آهي،
گلستان ڪنهن ۾ يا هاڻي ٿيو دورِ خزان آهي،
وِيلُ ڪنهن قافلي جو يا رهيل خيمه روان آهي،
ڪنهين محفل ڦِٽل جو يا هي فرياد و فغان آهي،
گذشته
دور
جو
البت
اِهــو
هڪڙو نـــشان آهـــي،
انهيءَ ڪُهنيءَ عمارت مان عجب عبرت عيان آهي:
اُڏاڻو ٿي هتي پرچم شهنشاهي ڪلهوڙن جو،
نقارو ٿي وڳو هِت ٽالــپر جي راڳ رونشن جو.
ڏسي ٻَهران بيهِي پُورب طرف ديوار ڪو جيڪر،
ته اوچو قد ڏسي هن ڪوٽ جو آلوَند کان اڳڀر:
نظر ايندو اڳوڻن بادشاهن جو ته ڪر ۽ فر،
طريقو سڀ ڪلهوڙي جو، ۽ پُوري ٽالپر جي پَر:
وڏي جاه و جلالت سان سونهنِ ڪنگرا مٿس بَرتر:
پٿر جو سڀ پڪو بنياد، ۽ بالا سِـرُن جـو
سَر:
ڪيو ٿي بند خندقَ رستو پُرآشوب دشمن جو،
پيو پَسجي
پري کان بُرج، جو سَرڪوب دشمن جو.
در و ديوار جي تعمير بيشڪ آهه ڪُل موزون،
عجب رونق فزا اندر، سدا راحت رسا بيرون:
ڏين ’طاقِ فريدون‘ سان ٿا شُعرا هِن کي تشبيهون،
خبر ناهي اُهو ڪمتر اِنهيءَ کان هو، يا هو افزون؛
اگرچه ناهه هي همسر سندو ڪَيوان يا گردون،
مگر محراب جي هيئت مان ظاهر آهه هي مضمون:
ڪجاوا پـوش سان، هَنباريون زر زيب زينت سان،
انهيءَ در کــان ڪڏهن ويندا هئا ڪنهن شان شوڪت
سان.
ڪڏهن غازي غلامِ شاهه، جو صفگير هو هِن هنڌ،
ڪڏهن جهنڊو سرافرازي بصد تـوقير هو هن هنڌ،
ڪڏهن عبدالنبي شاهه صاحبِ تدبير هو هن هنڌ،
ڪڏهن فتحِ علي خان، مہ مڪرّم مِير هو هن هنڌ،
ڪڏهن نورِمحمد خان عَدوُ لءِ تير هو هن هنڌ،
ڪڏهن درجي بدرجي تن جو هر هڪ وِير هو هن هنڌ:
وهيو ٿي زور سان هنِ ڪاخ ۾ درياء دولت جو،
ٿيو هن محل ۾ ٿي جشن شاهي شان شوڪت جو.
مگر اڄ تخت سو، ۽ تاج ۽ سامان ڪٿ آهن؛
اُهي بخشي، اَهي ناظم، اُهي ديوان ڪٿ آهن؛
اُهي حاڪم، اُهي فرمانروا خاقان ڪٿ آهن؛
سي خدامِ ادب آهن ڪٿي، دربان ڪٿ آهن؛
غرض، گذريل حڪومت ۽ سندس ارڪان هٿ آهن؛
هلائِي ٿي وزارت جن، اُهي اَعيان ڪٿ آهن:
پيا پَٽ ۾ وڃي سي نَرَ، اَپر افسوس، اي يارو!
هئا جن جا رؤسا نامور پابوس، اي يارو!
ڪڏهن هئي بارگاهِ خاص جي اعليٰ عمارت هِت،
ڪري جلوو ٻَري ٿي شمع شاهي ۽ وزارت هت،
وَڌي ٿي روز شب نظمِ سياست جي مهارت هت،
خوشيءَ مان خير سان ٿي فتح جي آئي بشارت هت؛
مگر هاڻي نه سا معنيٰ، نه سا آهي عبارت هت؛
اچن ٿا قصد سان سيّاح هاڻي لءِ زيارت هت:
زبانِ حال سان، ڏيڍي، سخن چئي فهم واران جو،
ته هو اڳ مخزنِ اسرار هن هنڌ تاجدارن جو.
عجب تنهن محلَ رنگين جو ٿيو انداز پڻ بهتر،
ٿيو بيمثل صنعت ۾، ته رفعت ۾ به بالاسر؛
منجهس پَلٽا لڳا ٿي مطربِ خوش لهجه جا يڪسر،
سِتار ۽ سارنگي طنبور جا سُر ٿيا ٿي سهڻيءَ پَر،
ڪڏهن ’ڌرپت‘، ڪڏهن ’آسا‘ ڪڏهن ڏس’ڀيروي‘ خوشتر؛
مگر اڄ ڪير آهي جو حقيقت سا ڪري اظهر:
مشرف بُرج هي دائم هو هيٺان ستارن جي،
سڳورا سي ستارا اڄ سُتا منجهه ڍير وارِنِ جي!
هئا مسطور گل جنهن قصر ۾ با جلوه آرائي،
جتي ٻايُن ٿي ٻانهين تي هلائِي حڪم فرمائي،
ڏسڻ سان اُت تباهيءَ جي بُري حالت نظر آئي،
اڱڻ ۾ گاهه ۽ ڪَڪرا، ڀتين تي ڌوڙ ۽ ڇائي؛
بڻي عشرتڪدي مان اڄ ڦِري بزمِ عزا، جائي،
بچڻ جي آهه طوفانِ حوادث کان نه پَرِ ڪائي:
هئا جنهن گهر ۾ گل، سُوسن سمن سنبل ۽ لاله، هِي،
ابابيلن ڪيو هٿ اڄ انهيءَ گهر جو قباله، هِي!
ڪٿي بستر سي ڪم خوابي، ڪٿي سي سيجبند آهن؛
ڪٿي اڄ سي وڇاڻا ۽ وهاڻا طُول هنڌ آهن؛
ڪٿي سي جام بلوّري، ۽ گوهر دلپسند آهن؛
ڪٿي ماڙيون، اُهي بنگلا، ۽ جهنڊا سر بلند آهن؛
ڪٿي تازِي اُهي اَبلق، ڪٿي سُرخا سَمند آهن؛
ڪٿي سي گهوٽَ، جن جي دورَ جا هي بند چند آهن:
سڃا سڀ پَٽَ پيا آهن، نه ڪنهن جي ڪا پُڇا آهي،
فقط هڪڙي مؤرّخ وٽ شرف هن جو عُليٰ آهي.
نٿا ڏسجن اُهي حمّام مردانا زنانا اڄ،
نه پسجن کُوهه پاڻيءَ جا، نه عيشن جا نشانا اڄ،
نه صندوقون اُهي سونيون، نه سي تجرون خزانا اڄ،
نه سي گلزار ۽ گل ڦل، نه قمريءَ جا ترانا اڄ،
ستم ڏاڍو سهايو تو هي زورآور زمانا اڄ،
ڪهاڻيءَ طور بس تن جا وڃي بچيا فسانا اڄ؛
نه سا محفل، نڪو ساغر، صراحي ۽ نڪو ساقي،
فقط طاق و رواق و در، دڙا ڏسجن پيا باقي!
هٿن ڪاريگرن جي ڄڻ ته ڪو جادو ڪيو آهي،
وجهِي سانچي ۾ ڪنهن پَلٽي عمارت کي ڪڍيو آهي!
نظر جي تارَ سان نِرتؤن سِرُن کي ڪنهن سِبيو آهي!
نڪو فانوس اُت آهي، نڪو روشن ڏيئو آهي،
مگر شمس و قمر جو روز شب بس پرتوو آهي؛
زمين جي فرش تي ٻُر دز جِي- اهڙو بسترو آهي-
نه نڪرڻ تي چوي ٿي دل هِتان ڪنهن سير واري جي،
نظر پڻ ٿي گهُري رخصت گهڙي دم ڪا نظاري جي!
در و ديوار ڪنگرن کي پوي ٿي ياد اڳين شوڪت،
اچن ٿا جي زيارت لءِ، چون ٿا تن کي روئي رت:
ادا ڙي، ڇا ڏسو ٿا اڄ اسان جي بيڪسي حالت،
لُٽايوسين هٿن سان ساٿ، سُرهِي سڀ وئي سنگت؛
هينئر مُنشي ٻه ٽي آهن، ڪي چپراسي اڃا البت،
اُهي پڻ نوڪريءَ خاطر رهن ٿا، پَر بصد نفرت:
بجز ذات خدا هاڻي نه ڪو حالي موالي آهه،
پيا هِت هيڪلا آهيون، نه ڪو وارٽ نه والي آهه!
ڪلهوڙي جي حڪومت جو جڏهن پُورو ٿيو پايو،
تڏهن ڪاهي، ڪري زوري، انهيءَ تي ٽالپر آيو؛
ختم ٿي صاحبي تنهن جي، ته قدرت جو ٿيو رايو...
چڙهي انگريز جي لشڪر به هيبت ڪوٽ ڪنبايو،
ڪري قبضو قلعي تي ’نيپئر‘ صاحب سڀِن نايو،
هڻي تنهن خانخانن جو هِنيُون سان خوفَ دهڪايو:
متان مغرور مغروري ڪري ڪو هن حڪومت تي،
اڳوڻا شاهه ويا ڪاڏي، زماني جي خصومت تي!
ڀڳا در ۽ ڪريا ڪنگرا، ٿيو هُل حادثو هيبت،
ڦُريا گهَرَ گهاٽَ تجرون، پر وري گهٽ ٿي اها قوّت،
بلند آخر ٿيو سرڪار جي اقبال جو رايت،
ٿيو امن و امانّ، سک سانت، چوڏس عيش ۽ عشرت،
وري سرڪار، آثار قديمه جي ڪري عزّت،
مرمّت تن جي ڪئي جاري، ته ڀل ڪا ڀِت رهي ثابت:
هجي ها جي نه وقتِي حاڪمن جي مهرباني هيءَ،
ته ڏسجي ها ته اڄ سينءَ ڪا اڳواڻن جي نشاني هيءَ!
اچو هيڏي ذرا، اي نوجوانو، قوم جي طرفان،
رکو ٿا جيڪڏهن ڪا ديدهء بينا، ڏسو تنهن سان،
ڪا پايو عينڪ آثارِ صناديدِي، سندم جانان،
نگاهِ شوق و عبرت سِان نهاريو سڀ اڳيان پٺيان،
ڪري روشن طلب جي شمع، نڪرو هن انڌاري کان،
وٺو، گنجينهء اعزاز کي ڇو ٿا ڇڏيون هٿ مان!
هي دروازا ۽ چٽسالي ۽ ديوارون شڪسته سڀ،
ٻڌائن ٿا اوهان کي، يارَ، آئيندي جا رستا سڀ.
ادا، هيءَ قوم باغ آهي، اوهين ان جا شجر آهيو؛
ادا، هيءَ قوم نخل آهي، اوهين ان جا ثمر آهيو؛
ادا، هيءَ قوم چرخ آهي، اوهين شمس و قمر آهيو؛
ادا، هيءَ قوم اک آهي، اوهين نور بصر آهيو؛
ادا، هيءَ قوم کاڻ آهي، اوهين لعل و گَهَر آهيو؛
ادا، قوم آهي نظارو، اوهين مدِ نظر آهيو؛
بچايو، مثلِ ’موسي!‘ قوم کي ذلت ڪنان، يارو!
ڪڍو گوسالهء غفلت سندي پُوڄا هتان، يارو!
الاهي، سدا رک تون آباد سنڌ!
هميشہ وسي حيدرآباد سنڌ!
رهي تا قيامت ترقيءَ تي نِت، وڌي ويجهي سرسبز
بنياد سنڌ!
ڏسي ڪين منهنجو وطن ڏک جو مُنهن، مدامي ڏسڻ ۾ اچي
شاد سنڌ!
گهَڙيءَ کان اڳي خود سو برباد ٿئي، ڪرڻ جو گهُري
دُزد برباد سنڌ!
زماني جا بيمثل، هر فنَّ ۾، ڪيا ڪهڙا ڪهڙا ٿي
اِيجاد سنڌ!
ٺٽو ۽ مَٽاري ۽ هالا، ڪڏهن، هئا علم جو گهر ۽
استاد سنڌ!
’اوبوالفضل‘ ’فيضي‘، ٻئي نامور- مُڪو هِند ڏي
پنهنجو اولاد سنڌ!
ڪئين ’حيدري‘ ’مرتضائي‘ جيها، سخنور ڪيا پيدا نقاد
سنڌ.
گهڻا گلشنِ معرفت جا به گل، هئا جن ٿي واسِي به
اِرشاد سنڌ.
ڪيم سير ڪشمير جو، پر اُتي، سُتي ويٺي مون کي رهي
ياد سنڌ!
اگهائج دعا ’راز‘ جي، ربّنا، هجي ڪل حوادث کان
آزاد سنڌ!
- محمد موسيٰ ’راز‘
گذارش
”مهراڻ“ جو پنجون سال
هن شماري سان ’مهراڻ جي نئين دور جا چار سال پورا
ٿيا، ۽ پنجون سال شروع ٿيو.
زندگيءَ سان جنهن تعميري ۽ معياري ادب جي وابستگي
آهي، اهو ادب ۽ ان جي اشاعت ’مهراڻ‘ جي حقيقي مقصد
پئي رهيو آهي. اوڻائين ۽ عيبن کان ته ڪير به بچي
ٿو سگهي- ممڪن آهي ته ڪي ڪمزوريون ۽ گهٽتايون رهجي
وييون هجن. هونئن به، هر ڪنهن جي نظر ۽ پسند جي
معيار جداگانه حيثيت رکي ٿو، تاهم اسين، پنهنجي
مخلصانه پورهئي کي اڳيان رکي، اطميان سان چئي
سگهون ٿا ته اُن جو مجمعوعي اثر نيڪ ۽ اميد افزا،
ترقي پذير ۽ زندگي بخش رهندو آيو آهي... ۽ اڳتي به
رهندو، انشاء الله!
’مهراڻ‘ سان راقم الحروف جي وابستگي، پڙهندڙ توڙي
لکندڙ جي حيثيت ۾، ڪنهن نه ڪنهن حد تائين، شروع
کان وٺي رهندي پئي آئي آهي. رسالي جي پوئين پرچي
جي مواد جي چونڊ ۽ ترتيب (”مثالي ٽڪرا“ ۽ ”تنقيدي
۽ تبصره“ جي عنوان کان سواءِ) مرحوم مغفور علامه
دائود پوٽه نُر الله مرقده جن پنهنجي مبارڪ هٿن
سان پاڻ ڪرڻ فرمائي، ۽ ان جي ادارتي نوٽ لکڻ جو
شرف مون هيچمدان کي پاڻ بخشيائون. چناچه،
’الامرفوق الادب‘ جي تحت، هڪ نوٽ مون لکيو، جو پڻ
پاڻ ڏسي اشاعت لاءِ منظور ڪيائون، پر پوءِ سندن
ناگهاني انتقال سبب اهو نوٽ شايع نه ڪيو ويو، ۽ ان
جي عوض ٻيو نوٽ تيار ڪري پرچي ۾ شامل ڪيو ويو، جو
سندن ذات متعلق مخصوص هو، ۽ جنهن ۾ سندن سيرت ۽
ادبي خدمتن کي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ جو مقصد
سامهون هو.
علامه مرحوم جي وفات کان پوءِ، سنڌي ادبي بورڊ مون
هيچمدان کي هاڻي ’مهراڻ‘ جي ادارت لاءِ چونڊ سچ پچ
پنهنجي ذره نوازيءَ جو ثبوت ڏنو آهي- ورنه ’من آنم
که مي دانم‘. اميد آهي ته اهل علم حضرات پنهنجي
تعاون سان نوازيندا ايندا، جيئن سنڌي زبان ۽ ادب
جو هجي معياري رسالو جيئن پوءِ تيئن معياري به
رهندو اچي ۽ افادي به.
پاڪستان جي اديبن جي ڪنوينشن
29، 30 ۽ 31 جنوري 1959ع تي، ڪراچيءَ ۾، پاڪستان
جي ادين جو هڪ عديم المثال منعقد ٿيو، جنهن لاءِ
ان جا باني ۽ سربراهه مبارڪن جا مستحق آهن. اجتماع
جي ڪِي قدر تفصيلي ڪار گذاري ’مهراڻ‘ جي پڙهندڙن
لاءِ ٻئي هنڌ شايع ڪئي ويئي آهي، هتي ان جي چند
خاص الخاص چيزن جو ذڪر اميد ته اسان جي اديبن ۽
پڙهندڙن لاءِ افاديت جو باعث ٿيندو.
ادب:
ڪنوينشن کي صدر مملڪت، جنرل محمد ايوب خان، خطاب
ڪرڻ فرمايو. سندن هي لفظ نهايت غور طلب آهن، ۽
اميد افزا به:
’يارهن سالن جي مايوسيءَ کان پوءِ به اديبن ۾
زندگيءَ جي مسئلن متعلق جدوجهد ڪرڻ جو جيڪو جذبو ۽
اخلاص نظر اچي رهيو آهي، ان کان آءُ ڏاڍو متاثر
ٿيو آهيان. مون کي اميد آهي ته اسان جا اديب اهڙي
زندگي کي پيدا ڪرڻ ۾ ساٿ ڏيندا، جنهن کي پُر مسرت
زندگي سڏي سگهبو.‘
پاڻ زندگيءَ جي مستحسن بنيادي تصور جي تشريح ڪندي
ٻڌايائون ته:
’اسان جو نظريو ۽ تصور نهايت سادو ۽ چٽو آهي: اهو
در اصل هڪ خوشحال، بهتر ۽ تعميري زندگيءَ ڏانهن
ارتقائي عمل ۽ جدوجهد جو ٻيو نالو آهي.‘
صدر موصوف جنهن جامعيت سان اديبن کي سندن فرضن کان
آگاهه ڪيو آهي، اهو تحسين جوڳو آهي. اميد آهي ته
اسان اديب ۽ دانشور پنهنجي فن کي ملڪ جي ثقافتي ۽
سماجي تعمير ۽ خوشحالي لاءِ وقف ڪندا، ۽ زندگيءَ
جي ارتقائي سفر ۾ پنهنجي ملت جا پيشرو ٿي هلندا.
ادب ۽ غربت:
اجتماع جي هڪ نشست جي صدارت ڪندي، مشرقي پاڪستان
جي مشهور شاعر جسيم الدين، ادب ۽ غربت جي روح فرسا
پيچ بازيءَ جو ذڪر ڪندي، فرمايو ته:
”پاڪستان کان پوءِ ملڪ جو صرف هڪ طبقو ئي بلندين
تي گامزن ٿيندو ويو. ملازمت، تجارت، صنعت- سڀ تي
فقط هڪ طبقي جو قبضو ٿيندو. ويو ان جي مقابلي ۾،
ٻيو طبقو اهڙو به هو جو آهستي آهستي تحت الثريٰ ۾
ڪرندو رهيو: اهو طبقو عوام جو طبقو هو، جنهن ۾
اسين اديب به اچي وڃون ٿا.
”ڪن جو چوڻ آهي ته ’ادب‘ ۽ ’غربت‘ پاڻ ۾ لازم
ملزوم آهن، غربت ۾ جذبات جي تربيت ٿئي ٿي، وغيره،
پر هن دور ۾ اهو مقولو ڪونه هلي سگهندو. اڄڪلهه
ٻارهين ملڪن جي اديبن جي آمدني تمام گهڻي
آهي. اگر غربت تخليق لاءِ ضروري هجي ها، ته پوءِ
اسان وٽ ’برنارڊ شا‘، ’ايبسن‘ ۽ ’هارڊي‘
جهڙا اديب ڇو نه پيدا ٿيا آهن؟ سچي حقيقت اها آهي
ته افلاس ۽ غربت جي ڪري اسان جا ڪيئي اديب لکڻ
پڙهڻ کان توبه ڪري چڪا آهن!“
پاڪستاني ادب جي گوناگون حيثيت:
جسيم الدين، پاڪستاني ادب جي ترڪيبي عناصر ڏانهن
انتهائي دلپذير پيرايي ۾ اشاري ڪندي چيو:
”اسان جو ’ملڪي ادب‘ اسان جي تحت الشعور کي ماءٌ
ٿڃ پياري طاقت ۽ توانائي بخشي ٿو.“
مشرقي پاڪستان جي هن ممتاز دانشور جي هنن مختصر
مگر پُر معنيٰ لفظن جو مطلب هو آهي ته اسان جو
ملڪي ادب، جو اڙدوءَ ۽ علاقائي زبانن- سنڌيءَ
بنگالي، پشتو، پنجابي ۽ بلوچيءَ- تي مشتمل آهي،
اهو انهن زبانن ڳالهائيندڙن لاءِ ’ماءَ جي ٿڃ‘ جي
حيثيت رکي ٿو: ٻار پنهنجيءَ ماءٌ پيءٌ جي ٿڃ پيئڻ
سان جسمي ۽ ذهني نشو و نما حاصل ڪري سگهي ٿو، تيئن
قومون پنهنجي ’مادري زبان‘ جي علمي ۽ ادبي سرمايي
سان ئي ذهني ارتقا حاصل ڪن ٿيون. ڪنهن به قوم کي
مادري زبان ۽ ان جي ادب جو کسڻ، ائين آهي ائين
آهي جيئن ابهم ٻارڙي کان ماءٌ جي ٿڃ کسي وٺجي-
پوءِ هو پيو رڙي ۽ روئي، ڳري ۽ جهُري! اهو اٻالڙو
۽ ڌالڙو ٻار ڪڏهن به نه وڌي ٻار ڪڏهن به نه وڌي
سگهندو، ۽ نڪو مضبوط ۽ سگهارو ٿيندو- ائين سَٽُن ۽
جهٽن تي پوي تڳندو ۽ رڙهندو.
اديبن جي اهميت ۽ سندن ذميداريون:
ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ خوشحاليءَ ۾ اديبن جي تخليقي
ڪاوشن جو ڪيترو حصو رهي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾ سندن
ذميواريون ڪهڙيون آهن، انهن جو ذڪر ڪندي، جسيم
الدين فرمايو ته:
”ملڪ کي اديبن کان غفلت ۽ حقارت نه ڪرڻ گهرجي. در
اصل اسين ئي ملڪ جون جيئريون جاڳنديون يونيورسٽيون
آهيون. اسان جو ڪم ان مقام تان شروع ٿو ٿئي، جتي
تعليمي ادارن جو ڪم
ختم ٿي وڃي
ٿو. اسين ماڻهن کي ’فن‘ ۽ ’زندگي‘ ڏيون ٿا.
جيڪڏهن اسين نه هجون ها، ته پوءِ پڙهيل ڪڙهيل
ماڻهو به جاهل ۽ ڪورا ڄٽ رهجي وڃن ها!
”اسان پنهنجي قلم جي طاقت سان مختلف زمانن ۾
ڪيتريون حڪومتون بنايون آهن، ۽ ڪيتريون ڊاٺيون
آهن، ڪيترا آدرش ۽ اصول ڦهلايا آهن، ۽ ڪيترن اصولن
سان ٽڪر کاڌو اٿئون. اوهين جڏهن خواب ۾ مدهوش
هوندا آهيو، تڏهن اسين مٽيءَ جي ڏيئن کي روشن ڪري
اوهان لاءِ لکندا آهيون. اسان جو ’فن ۽ ادب‘ اوهان
کي ’زندگيءَ‘ جو رفيق ۽ ساٿي ثابت ٿيندو آهي.
”اوهين اسان کان غفلت نه ڪريو: اسان جو اعزاز، وطن
جي اعزاز جي برابر آهي! وڏيون وڏيون رياستون تباهه
ٿي وڃن ٿيون، سياسي ليڊر تاريخ جي ورقن ۾ گمنام ٿي
وڃن ٿا، پر اسين اديب ئي آهيون جي هر دور ۾ زندهه
رهون ٿا. جيڪڏهن ڪاليداس نه لکي ها، ته پوءِ
اڄڪلهه وڪرماجيت جو نالو نشان به نه هجي ها.
”...... تحقيق، اڄ بادشاهن ۽ نوابن جو زمانو ختم
ٿي ويو؛ وطن جي عوام کي ئي هاڻي اسان جي سرپرستي
ڪرڻ پوندي. (تنهنڪري،) اڄ ضرورت آهي ته (ٻين
ڳالهين سان گڏ) بنگال، سنڌ ، پنجاب، سرحد ۽ ٻين
خطن جا لوڪ گيت گڏ ڪيا وڃن، ۽ انهن جو ٻاهرين
زبانن ۾ ترجمو پڻ ڪيو وڃي ”اسان جيڪڏهن اڄ هو ڪم
نه ڪيو“ ته پوءِ ايندڙ نسل جي نظرن ۾ غدار
ليکباسون!“
منشور:
اسين پاڪستان جا اديب- جي ملڪ جي سڀني زبانن جي
نمائيندگي ڪريون ٿا- پاڻ کي مادر وطن جي ترقيءَ ۽
عظمت، بين الاقوامي امن جي آدرش ۽ اصول، ۽ انسانيت
جي ترقيءَ لاءِ وقف ڪريون ٿا. اسين حقوق انساني تي
يقين رکون ٿا، جن جي تشريح اقوام متحده جي منشور ۾
ڪيل آهي.
’اديـــب جي حيثيت سان، اسان پنهنجي خيالات جي
اظهار ۽ ڦهلاءَ جي آزاديءَ وارن بنيادي حقن جا
حامي آهيون، جن کان سواءِ حقيقت ۾ تخليقي ادب بي
مقصد رهجي وڃي ٿو.
’اسان کي انهن عظيم روايتن تي، جي اسان کي ماضيءَ
مان مليون آهن، پورو فخر آهي. اسين انهن جي حفاظت
۽ انهن جي وڌاري ۽ ترقيءَ جو عهد ڪريون ٿا.
’اسين پنهنجي مقدس فرض کان چڱيءَ طرح آگاهه آهيون،
جو سچائيءَ جي عڪاسيءَ، قوم پرستانه قدرن جي نشو
ونما، بين الاقوامي اخوت ۽ تعاون جي فروغ، ۽
انساني تعلقات جو قيام سان متعلق آهي.
’اسين چاهيون ٿا ته انسانيت وڌ ۾ وڌ راحت، طمانيت
۽ وقار سان پنهنجي وجود باقي رکي سگهي.
’اديب هجڻ جي حيثيت سان، فرداً فرداً ۽ اجتماعي
طور، اسين اهڙي خوشحال ۽ صحتمند معاشري جي ترقيءَ
جي ڪاڻ پنهنجيءَ ذميواريءَ کي قبول ڪريون ٿا، جنهن
۾ سڀ جي لاءِ آزادانه ۽ مساوي موقعا فراهم هجن، ۽
جتي دولت ۽ اقتدار انساني قدرن ۽ روحاني تصورات جي
تابع هجن. ان سان گڏ، اسين علم ۽ سائنس جي ترقيءَ
کي دنيا ۾ امن ۽ خوشحاليءَ جي فروغ جو ذريعو
سمجهون ٿا.‘
’پاڪستان رائيٽرس گِلڊ‘، ۽ ان جي نمائيندگي جو
مسئلو:
پاڪستاني اديبن جي هن عظيم اجتماع جي مٿئين تجزيي
۽ تفصيل سان گڏ- جنهن ۾ ايڏيءَ حوصلي منديءَ ۽ همت
افزائيءَ جا آثار موجود آهن- هڪ اهڙو پهلو به آهي،
جنهن متعلق ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تمام ضروري معلوم ٿئي
ٿو- اهو پهلو آهي نمائندگيءَ جو. ڪنوينشن
۾’پاڪستان رائيٽرس گلِڊ‘ (يعني انجمن اُد باي
پاڪستان) قائم ڪئي ويئي، جنهن جي مرڪزي مجلس عمل
تي اڙدوءَ پاران ڪراچيءَ جا 5 اديب ۽ مغربي
پاڪستان مان 6 (ڪل 11)، ۽ مشرقي پاڪستان مان
بنگاليءَ جا 11 اديب چونڊيا ويا آهن. ان مقابلي ۾،
پشتوءَ ۽ سنڌي جو هڪ هڪ نمائيندو کنيو ويو، بلوچي
۽ گجراتي زبانن جو ڪوبه نمائيندو ڪونه کنيو ويو.
جيستائين سنڌي زبان جي نمائيندگيءَ جو تعلق آهي،
اسين نهايت خلوص ۽ ديانتداريءَ سان چئي ٿا سگهون
ته سنڌي ادب ۽ زبان جي وسيع ۽ علمي دنيا کي نظر
انداز ڪيو ويو آهي. جنهن زبان جو علمي ۽ ادبي
سرمايو نهايت پيش بها آهي، جنهن جي تهذيب ۽ تمدن
نهايت قديم ۽ زنده آهي، جنهن زبان ۽ ادب جي
ڳالهائيندڙن جو انداز پاڪستان ۾ اڌ ڪروڙ کان مٿي ۽
هندستان ۾ 25 لک آهي، جنهن خطي جي زبان معياري ،-
۽ علمي آهي، جنهن زبان ۾ علم وفن جي هر صنف
تي معياري
لٽريچر موجود
آهي،- اهڙيءَ زبان جي نمائيندگيءَ لاءِ فقط هڪ
نمائيندي کي چونڊڻ ’بُخل‘ آهي، ’رزاقي‘ نه
آهي. ڪنوينشن جي اراڪين کان اسان جو پُر زور
مطالبو آهي ته هو سنڌي ادب جي نمائيندگيءَ لاءِ
حقائق جي عالم ۾ سنجيدگيءَ سان سوچين، ۽ نه رڳو
سنڌيءَ کي بلڪ ملڪ جي ٻين ٻولين- پنجابي، پشتو،
بلوچي ۽ گجراتي- کي پڻ پوري نمائيندگي ڏيئي، ادب
نوازيءَ ۽ فن شناسيءَ جو ثبوت ڏين.
پنهنجي طرفان اسان جو سنڌ جي اديبن کي زوردار
مشورو آهي ته هو، سواءِ ڪنهن پس و پيش جي، هن
’انجمن ادباي پاڪستان‘ ۾ شامل ٿين، ۽ ان جي
ڪارڪردگيءَ ۾ همت ۽ جذبي سان حصو وٺن. ’پاڪستان
رائٽرس گِلڊ‘ جي سامهون اديبن جي بهبوديءَ ۽
خوشحالي لاءِ ڪي بيش بها ۽ انتها مفيد تجويزون
آهن، جن مان فائدي حاصل ڪرڻ جو حق جهڙو ملڪ جي ٻين
اديبن کي آهي، تهڙو سنڌي اديبن کي. هونئن به هيءٌ
زمانو منهن ڦيرائي، رُسي ۽ ناراض ٿي، علحده ويهي
رهڻ جو نه آهي: هيءَ زمانو ميدان تي نڪري اچڻ جو
آهي، گڏجي ڪم ڪرڻ جو آهي، صالح چيزن کي زنده ۽ غير
صالح چيزن جي فنا ٿي وڃڻ جو آهي: گهَر- ڪُنڊ ۾
ويهي پاڻ کي سڀ کان صالح تصور ڪندي رهڻ مان نه
ڪجهه ورندو نه جڙندو. اميد ته سنڌ جا اديب اسان جي
هنن دوستانه طور چيل لفظن تي جوڳو غور ڪندا.
علاقائي زبانون:
پاڪستان ۾ ٻوليءَ متعلق جي به مسئلا پيدا ٿيا آهن،
تن ۾ ٻن خيالن جا ماڻهو تبادله خيالات ڪري رهيا
آهن. هڪڙا اهي آهن، جي اڙدوءَ کي انگريزيءَ جي بدل
قرار ڏيڻ جي حق ۾ آهن. هو چاهين ٿا ته سڀني صوبن ۾
اڙدوءَ کي ذريعهء تعليم به بنايو وڃي، ۽ ان سان گڏ
دفتري زبان ۾ اڙدوءَ کي ئي بنايو وڃي. ٻيا اهي
آهن، جي جديد نفسيات ۽ عمرانيات جي اصولن موجب چون
ٿا ته ذريعهء تعليم ’مادري زبان‘ ئي هئڻ گهرجي،
علاقائي زبانن جي اصولن موجب چون ٿا ته ذريعهء
تعليم ’مادري زبان‘ ئي هئڻ گهرجي، علائقائي زبان
جي علمي ۽ فني حيثيت کي تسليم به ڪيو وڃي، ۽ انهن
جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ به سوچيو وڃي. ٻين زبانن
کي ثانوي ۽ اختياري حيثيت ڏيڻ گهرجي. خوشيءَ جهڙي
ڳالهه آهي جو مغربي پاڪستان جي گورنر، جناب اختر
حسين، پڻ ’اڙدو ڪانفرنس‘ (لاهور، 22 فيبروري
1959ع) ۾ ان متعلق اظهار خيال فرمايو آهي:
”حڪومت ملڪ جي سرڪاري زبانن جي ترقيءَ سان گڏ
علاقائي زبانن جي اهميت ۽ صلاحيت کي نظرانداز نٿي
ڪري سگهي: انصاف جي تقاضا اها آهي ته ملڪ جي سڀني
علائقن جي زبان کي مناسب اهميت ۽ حق ڏنو وڃي.“
اڳتي هلي فرمايو اٿس:
”بيشڪ، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته اڙدوءَ ۾
اها صلاحيت آهي ته هوءَ ٻين ٻولين جا لفظ جذب ڪري
وٺي؛ پر اڙدوءَ کي قومي زبان بنائڻ جو مطلب اهو نه
آهي ته ان کي علاقائي زبانن جي جاءِ ڏني وڃي،
تنهنڪري اڙدوءَ ۽ ٻين علاقائي زبانن جي وچ ۾ رقابت
جو ته ڪو سوال ئي پيدا ٿي نٿو سگهي. هرهڪ علاقائي
زبان کي پنهنجون خاص علاقائي حدون آهن، ۽ اهي سڀئي
زبانون زندگيءَ ۽ ثقافت جي نمائيندگي بلڪل هڪ
طريقي تي ڪن ٿيون: قومي زبان انهن زبانن جي جاءِ
ڀري نٿي سگهي، جيڪي ملڪ جي جدا جدا علائقن ۾
ڳالهايون وڃن ٿيون.“
مغربي پاڪستان جي گورنر جي مٿينءَ تقرير ۾ ٻوليءَ
متعلق پيدا ٿيل سڀني مسئلن ۽ مشڪلاتن جو حل موجود
آهي، جن ۾ مکيه هي مسئلا آهن:
1.
هر علاقائي زبان جون خاص علاقائي حدون آهن؛
2.
اهي سڀ علاقائي زبانون بلڪل هڪ طريقي تي زندگيءَ ۽
ثقافت جون ترجمان آهن؛
3.
ڪابه قومي زبان، علاقائي زبانن جي جاءِ نٿي ڀري
سگهي؛
4.
قومي زبان، (اڙدوءَ ۽ بنگاليءَ) جي مقابلي ۾، ٻين
علاقائي زبانن جي اهميت کي نظرانداز ڪري نٿو
سگهجي.
سنڌي زبان جو مسئلو:
پاڪستان ۾ ٻولين جي مسئلي جي مٿين عقده ڪشاني
ڪندي، جناب اختر حسين اهو به فرمايو آهي ته:
”قومي زبان اها ئي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ذريعي
تعليم ڏني وڃي، ۽ جا آفيسن ۽ ڪورٽن ۾ استعمال ڪري
سگهجي.“
مٿئين نڪته نظر موجب، ائين چوڻ ۾ اسين حق بجانب
آهيون ته مغربي پاڪستان جي ٻين مکيه علاقائي
زبانن- پنجابي ۽ پشتو- جي مقابلي ۾ سنڌي زبان کي
وڏو مقام حاصل آهي. سنڌيءَ جون پنهنجون ’علاقائي
حدون‘ آهن، اتي جي باشندن لاءِ مني صديءَ کان وٺي
اڄ تائين ’ذريعهء تعليم‘ سنڌي رهي آهي، ۽ ان سان
گڏ ڪورٽن ۽ آفيسن ۾ به ايتري ئي عرصي کان وٺي
لکپڙهه سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ٿيندي آئي آهي: اهو
ئي سبب آهي جو ’سنڌ جي قومي زبان‘ جو درجو
’سنڌيءَ‘ کي حاصل آهي. ليڪن، افسوس اهو آهي جو
لاهور ۾ ٿيل انهيءَ ’اڙدو ڪانفرنس‘ ۾ علاقائي
زبانن متعلق جيڪو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، سو نهايت
بيروح ۽ سطحي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسين سنڌ جي
حالات ۽ سنڌي عوام جي جذبات ۽ احساسات کان حڪومت
اولهه پاڪستان کي آگاهه ڪرڻ لاءِ ايترو عرض ڪرڻ
مناسب ٿا سمجهون ته:
-
سنڌي زبان جي علاقائي حيثيت ۽ حق مڃيو وڃي؛
-
ان جو ڪم از ڪم موجوده ذريعهء تعليم وارو درجو
تسليم ڪيو وڃي، ۽ بحال رکيو وڃي؛
-
باقي زبانن مان اڙدوءَ کي، تعليمي نفسيات جي اصولن
جي مطابقت ۾، نصاب جي ڪنهن منزل تي لازمي قرار
ڏيئي، انگريزي، بنگالي، فارسي ۽ عربي وغيره کي
ثانوي ۽ اختياري حيثيت ڏني وڃي.
هن باري ۾ اسين جناب اختر حسين جي ارشادات کي
دوباره پيش ڪرڻ ڪافي ٿا سمجهون:
”حڪومت، سرڪاري زبانن سان گڏ، علاقائي زبانن جي
اهميت ۽ صلاحيت کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي: انصاف
جي تقاضا اها آهي ته ملڪ جي سڀني علائقن
جي زبانن کي
مناسب اهميت ۽ حق ڏنو وڃي.
قومي زبان اها ئي ٿي سگهي ٿي، جنهن جي ذريعي تعليم
ڏني وڃي، ۽ جا آفيسن ۽ ڪورٽن ۾ پڻ استعمال ڪري
سگهجي.“
اديبن کي امداد:
وڏيءَ عمر وارن، بيروزگار ۽ بيمار صحافين، اديبن ۽
عالمن جي امداد ڪندي، صدر مملڪت اديبن کي ماهيانه
لوازمن عطا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي- اسين ان جو خير
مقدم ٿا ڪريون. ان سان گڏ، ايترو عرض ڪرڻ ضروري ٿا
سمجهون ته سنڌي اديبن مان ماستر محمد صديق ’مسافر‘
۽ حاجي محمود ’خادم‘ ٻه اهڙآ اديب آهن، جن پنهنجي
سڄي ڄمار ادب ۽ علم جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. ههڙي وقت
۾ انهن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ فرض
آهي. انهن کان سواءِ، مرحوم ’واصف‘ ۽ مرحوم الهه
بچائي سمي جي پسماندن جي به خبرگيري ڪرڻ گهرجي، جي
نهايت ڏکيو وقت گذاري رهيا آهن. اميد ته اسان جي
هن گذارش تي ضرور توجهه ڏنو ويندو.
تنقيد:
’تنقيد‘ اسان جي ادبي ڪاوشن ۽ فني شاهڪارن جي پرکڻ
لاءِ نهايت اهم موضوع آهي؛ مگر افسوس آهي جو اسان
وٽ تنقيد جو اهو صحيح معيار نه رهيو آهي، جو هڪ
’نقاد‘ جي شايان شان هئڻ گهرجي.
اڄڪلهه جي تنقيد کي اگر تضحيڪ ۽ ترديد، انتها
پسندي ۽ تعريض چئجي، ته بجا آهي. اڄڪلهه جا
’نقاد‘، فن جي اصولي ۽ فروعي جاچ جوچ ۽ ڇنڊ ڇاڻ
کان هٽِ ڪري، اول ته فنڪار جي شخصيت کي لوئڻ ۽
بدنام ڪرڻ لاءِ لکن ٿا، ۽ ’شخصيت‘ کي پوريءَ طرح
لتاڙي، ان جي ئي بنياد تي، سندس ’فن‘ متعلق نهايت
تلخ ۽ تُند، تُرش ۽ اڻسهائيندڙ لهجي ۾ راءِ ڏين
ٿا- جا راءِ، يقيناً، علمي ۽ فني حيثيت سان ڪوبه
وزن پيدا ڪري نٿي سگهي. اصل ۾ نقاد کي فنڪار جي
ذات ۽ شخصيت سان به ڪو واسطو ئي نه رکڻو آهي-
فنڪار آڇو آهي ته ڇا ۽ ڪارو آهي ته ڇا، چڱو آهي ته
ڇا ۽ مٺو آهي ته ڇا- نقاد کي ته فنڪار جي پيش ڪيل
’فن‘ جو جائزو وٺڻو آهي، ان جي افاديت ۽ مقصديت کي
ڏسڻو آهي. جاچڻو هي آهي ته اهو فن، پنهنجي هيئت
توڙي موضوع جي لحاظ کان، سماج ۽ ان جي تقاضائن کي
ڪيتريقدر سمجهائي سگهيو آهي، انساني شعور جي
بلنديِءَ ۽ پاڪيزگيءَ لاءِ ڪهڙا صحت بخش قدر پيش
ڪري سگهيو آهي، ۽ ڪهڙن تهذيبي ۽ عمراني مسئلن کي
حل ڪرڻ لاءِ عقده ڪشائي ڪري سگهيو آهي؛ فن ڪٿي
پنهنجي اصلي مقصد کان هٽي ويو آهي، يا سندس موضوع
ڪيتريقدر پائمال ۽ غير افادي آهي.
نڪته چينيءَ جي انهيءَ اجازت سان گڏ، نقاد تي اهي
فرائض پڻ عائد ٿين ٿا ته هو تنقيد ۽ جائزي جي
مناسبت سان اصلاحي رايا ۽ مشورا به ڏيندو هلي،
غلطين جو ازالو به ڪندو هلي، ۽ فن جي لغرشن ۽ نقصن
جي تلافي به ڪندو هلي، جيئن پڙهندڙ جو ذهن ’ڇا نه
هجڻ گهرجي‘ سان گڏ ’ڇا هجڻ گهرجي‘ کان به واقف
ٿيندو رهي. مشبت ۽ منفي- ٻئي پهلو پڙهندڙن جي
مطالعي ۾ رهڻ گهرجن، جيئن پڙهندڙ جو ذهن ڪا تشنگي
۽ کوٽ نه محسوس ڪري، ۽ نه هو ڪنهن قسم جي نظرياتي
اثر ۾ تقليدي طرح جڪڙجي وڃي، بلڪ ديانتدار نقاد جي
ديانتدارانه ڇنڊ ڇاڻ ۽ سندس پوريءَ پوريءَ ڄاڻ
سڃاڻ جي روشنيءَ ۾، هو ڪجهه پاڻ به سوچي سگهي. اها
سوچ جي وٿ ئي آهي، جا هر ڪو مصنف ۽ نقاد پنهنجي
پڙهندڙ ۾ پيدا ڪرڻ گهرندو آهي: ’فڪر‘ جي انهيءَ
صلاحيت پيدا ڪرڻ لاءِ ئي مباحثا ۽ مناظرا ٿين ٿا،
تصنيف ۽ تاليف ٿئي ٿي، تحريرون لکجن ٿيون، ۽
تقريرون ڪجن ٿيون.
بهرحال، اڄ جي ’نقادن‘ کي پنهنجيون تنقيدي
صلاحيتون تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ وقف ڪرڻ گهرجن، ۽
شخصي ۽ ذاتي رنجشن ۽ رُسامن جي ڪشمڪش ۾ ’ادب ۽ فن‘
جهڙي زندگي بخش موضوع کي غير افادي بنائڻ جي ارادي
ڪوشش کان گريز ڪرڻ جڳائي. ذاتيات کان بلند بنجي،
نظريات ۽ انهن جي فني افاديت جي ڇنڊ ڇاڻ کي ئي
’تنقيد‘ چئي سگهجي ٿو، باقي جو ڪجهه به لکيو ويندو
ان کي تنقيد ته بهر حال نه سڏڻ گهرجي، ان لاءِ ڪو
ٻيو فني ۽ ادبي نالو تجويز ڪرڻ گهرجي.
”مهراڻ“ جي مواد جو تعارف
اسان، پنهنجي حال ۽ بساط آهر، ”مهراڻ“ جي زير نظر
شماري جي ترتيب ۽ تدوين جي سلسلي ۾، پوري ۽
مخلصانه ڪاوش صرف ڪري، ناظرين لاءِ نهايت ڪار آمد
۽ معلومات افزا مواد پيش ڪيو آهي.
حصه نظم ۾ بيت، دوها، ڪافيون، ڏوهيڙا، وايون، گيت،
نظم، سانيٽ، مورو، غزل، ۽ قطعا اچي وڃن ٿا، جي
اسان جي چوٽيءَ جي فنڪارن ۽ شاعرن جي تخليق آهن.
اسين سنڌي شاعريءَ جي پراڻين طرزن سان گڏ، هن دور
جي نين ۽ مغربي طرزن- جهڙوڪ سانيٽ ۽ ترائيل- کي به
سنڌي شاعريءَ ۾ آڻي رهيا آهيون. مٿين اصناف سان
گڏ، قصيدو، رباعيون، سي حرفي، لوڪ گيتن جون متعدد
صنفون، آزاد نظم، ۽ موزون بيت وغيره، جي هن کان اڳ
باالالتزام شايع ڪندا آيا آهيون، سي هن ڀيري پيش
نه ڪري سگهيا آهيون؛ اميد ته آئيندي نهايت معياري
۽ سڀني صنفن تي حاوي حصه نظم پيش ڪندا رهنداسون.
مختصر افساني جي صنف ۾، هن پرچي ۾، ”شمع ٻاريندي
شب“ (ثميره زرين)، ”بيوفا ڪير“ (رشيده حجاب)،
”مانيءَ ڳڀو“، (جمال رند). ”بک بڇڙو ٽول“ (غلام
رباني)، ۽ ليليٰ- مجنون“ (مرتجم مراد علي ’اختر‘)
آيل آهن، جن سڀني جو معيار اميد ته اسان جي
پڙهندڙن کي خاطر خواهه معلوم ٿيندو.
ناٽڪ جي سلسلي ۾ ايترو ٻڌائڻ ڪافي آهي ته سنڌي ادب
۾ هن صنف تي تمام گهٽ توجهه ڏنو وڃي ٿو؛ تاهم اسين
’مهراڻ‘ ۾ ڪونه ڪو ناٽڪ شايع ڪندا آيا آهيون. هن
پرچي ۾ شيڪسپيئر جي مشهور ناٽڪ ”مرچنٽ آف وينس“ جي
هڪ سين، ”انصادف“ جي عنوان سان، محترم محبوب علي
جوکيي جي ترجمو ٿيل، ڏيئي رهيا آهيون.
’لوڪ ڪهاڻيءَ‘ جهڙي اعليٰ ۽ عوامي صنف کي ’مهراڻ‘
جي ذريعي نه فقط متعارف ڪري چڪا آهيون، پر ان جي
فني ۽ وضعي هيئت متعلق به ڪافي مواد اچي چڪو آهي
هن پرچي ۾ ”ٽي ڀائر“، محترم ابراهيم جويي جي لکيل،
لوڪ ڪهاڻي پيش ڪيل آهي، جا ان فن تي هڪ مثالي ۽
قابل تقليد چيز شمار ٿي سگهي ٿي.
مقالن جي سلسلي ۾ حضرت علامه آءِ. آءِ قاضي صاحب
جي اها افتتاحي تقرير پيش ڪري رهيا آهيون، جا
’پاڪستان فلاسافيڪل ڪانگريس‘، منعقده 18 مارچ 58ع،
۾ ڪيل آهي. هن تقرير ۾ جديد دور جي علمي ۽ سائنسي
مسئلن ۽ تقاضائن جي روشنيءَ ۾ نهايت فڪر انگيز ۽
فلسفيانه ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٻڌايو ويو آهي ته سائنس ۽
فلسفي کي هڪٻئي جي قريب آڻڻ لاءِ جي زندگي بخش قدر
پيدا ٿي سگهيا آهن، اهي عوامي ۽ عمومي بنايا وڃن“
جيئن فسلفو ۽ سائنس پاڻ ۾ همِ آهنگ ٿي انسانذات جي
عمراني ۽ تهذيبي مسئلن لاءِ ڪو پائدار حل پيدا ڪري
سگهن. علامه صاحب جي ان تقرير جو گهربل داد ته اهي
فڪر جا صاحب ڏيئي سگهن ٿا، جن جو موضوع آهي فلسفو
۽ عمرانيات، پر ان سان گڏ ’ڊان‘ پنهنجي ايڊيٽوريل
نوٽ ۾ ان تقرير جا اقتباس پيش ڪري دنياي انسانيت،
خاص طور مغرب کي هن سنڌي مفڪر جي ان فلسفيانه راءِ
کان روشناس ڪرائي جس کٽيو آهي. اسين اها تقرير پيش
ڪندي خوش ٿا محسوس ڪريون. اميد آهي ته اهل فڪر
حضرات ان مان مستفيد ٿيندا.
’مهراڻ‘ جي هن پرچي ۾ جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب
بلوچ جو هڪ محققانو مقالو، ” سنڌي ٻوليءَ جي مختصر
تاريخ“، شايع ٿي رهيو آهي. هن مقالي ۾ اهو بحث ڪيو
ويو آهي ته ’سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڪانه پيدا ٿي
آهي‘، پر سامي نسل مان پيدا ٿيل آهي. هن بحث جي
علمي ۽ فني حيثيت ان نڪته نظر کان به نهايت اهم
آهي ته انهيءَ نظريي ۽ فيصلي ۾ جناب ڊاڪٽر صاحب
باقي سموريءَ تحقيقات سان اختلاف ڪيو آهي، جنهن ۾
چيل آهي ته سنڌي زبان سامي نسل مان نه آهي، پر
آرين شاخ مان آهي: سنسڪرت مان پيدا ٿيل ’پراڪرت‘،
۽ ان مان نڪتل ’اپڀرنش‘ ۽ ان جي الهندي شاخن مان
هڪ شاخ ’وراچڊ‘ مان صورت پزير ٿي آهي؛ ۽ پوءِ
عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين کان متاثر ٿي، موجوده
هيئت تي پهتي آهي. انهن جي فيصلي ۽ راءِ سان
اختلاف ڪندي، ڊاڪٽر صاحب جن جو چوڻ آهي ته:
”تحقيق جي دائري کي ذرا وسيع ڪرڻ جي خيال کان، هن
مضمون ۾ ڪوشش ڪري ڪي نيون حقيقتون واضع ڪيون ويون
آهن، ۽ انهن جي بناء تي ڪي ’نوان نُڪتا، نوان خيال
۽ نوان نظريا‘ پيش ڪيا ويا آهن: مثلاً اهو خاص
نظريو، جو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو
نروار ڪيو ويو آهي، ته ’سنڌي ٻولي سنئون سڌو
سنسڪرت مان نڪتل ناهي‘.“
ڊاڪٽر صاحب جن پنهنجي نظريي لاءِ ڪافي بحث ڪيو
آهي، پر ان سان گڏ اهو به اشارو ڪيو اٿن ته
”انهيءَ خواهه ٻين نظرين مان هر هڪ جي پٺڀرائيءَ
واسطي هڪ مفصل علمي ۽ تنقيدي بحث جي ضرورت آهي“.
اسين سنڌ جي اديبن ۽ محققن کي گذارش ڪنداسون ته هو
عالمانه انداز سان تبادلهء خيالات ڪري، ’سنڌي
ٻوليءَ جي تاريخ‘ جي هن علمي موضوع کي پايه تڪميل
تي پهچائي، جس کٽندا. |