سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :3

مرزا قليچ بيگ، مرحوم

اڳي به هوس، اڳتي به هوندس

حڪم حق جي تي باوفا هوندس، صاف صوفين جان آءٌ صفا هوندس.

ٻُڌ ته توکي ٻُڌايان تن جا قَول- ڪين مرندس آءٌ، دائما هوندس!

چئي ٿو ’خاقاني‘، آهيان چنڊ نه آءٌ، چمڪندڙ سج جيان رهنما هوندس؛

”هوس سؤ سال هن کان آءٌ اڳ، پوءِ به سؤ سال اڳتي ٻيا هوندس“؛

ان طرح چئي ٿو مولوي ’رومي‘:  ”مثل سبزي جي بارها هوندس“:

’شمس تبريز‘ ٿو چوي هڪ هنڌ: ”ابتدا هوس، انتها هوندس؛

”نو سؤ قالب ڏٺا مون ۽ پنجاهه، جيئن اڳي هوس، تيئن اڃا هوندس؛

”هڪ دفعو ڄائو گاهه ۽ انسان، ڄائو هت آءٌ گهڻا دفعا هوندس!“

چئي ٿو پڻ ’زنده پِيل احمد جام‘: ”قطرو قلزم کان ڌار تان هوندس؛

”هوس جسمن ۾ سؤ هزار ورهيه، ورهيه ٻيا ڀي اڃا گهڻا هوندس“؛

قول ’منصور‘ جو به آهي هيئن: ”ڪيئن فنا ٿيان، جو آءٌ بقا هوندس!“

”بحرِ وحدت جو آءٌ ڦڙو آهيان، اڳ بجا هوس، پوءِ بجا هوندس“؛

۽ ’سنائي‘ حڪيم پڻ ٿو چَوي: ”سڀ کان اڳ هوس، چؤ ته ڇا هوندس“؛

”آءٌ ازل کان اڳي هئس جيئرو، تا اَبد ڇو نه آءٌ بپا هوندس؟“

ٻولي ’بهلول‘ جي به ٻُڌ اُبتي: ”ٻه ورهيه اڳ، خدا ڪنا هوندس؛“

”نه هو ارض و سما، خدا به نه هو، تڏهين منجهه نشَو ۽ نما هوندس!“

چيو نبيءَ پڻ: ”محمدي آءٌ نور، اصل کان هوس، ۽ سدا هوندس!“

”حاضر آدم کان اڳ هئس حق ۾، واصل آخر به باخدا هوندس“-

”پيرويءَ تن جي تي چوي ٿو ’قليچ‘: ڇو نه نِت جيئرو آءٌ ڀلا هوندس؟

ٿي بشر ڪين ٿيان خدا، ليڪن، نه خدا کان ڪڏهين جدا هوندس!

گوورڌن محبوباڻي ’ڀارتي‘

مان اِنسان

مان اِنسان، مان اِنسان!

مٽِي منهنجي  سرجڻهاري، منهنجو پالڻهار زمان؛

ساري ڌرتِي منهنجو گهَر آ، منهنجو ويڙهو آهه جهان:

منهنجي برادري هيءَ خلقت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

آءٌ ڪُٻيرن* قارونن کان آهيان گهڻو گهڻو ڌنوان؛

ڏيندو آهيان گهُرجائن کي، هر ويلي دل کولي دانُ:

پيار، محبت، منهنجي دولت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

سَمَرُ ڀَلائِي، ساٿُ حياتِي، آهه وويڪ بڻيو اڳوانُ؛

سَچَ جو رستو حق جي منزل، منهنجو نگهبان ايمانُ؛

منهنجي ساٿڻ آهه صداقت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

آءٌ اَڪالُ، ڪالَ کان ڏاڍو، شمشانن کان شَڪتِيوان؛

عجب آهه جو موت وٽان ئِي مليم اَمرتا جو وَردانُ:

آهه شهادت، منهنجي طاقت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

ديوَن خواهه فرشتن کان وڌ، منهنجو درجو، منهنجو شان؛

هُو ته بڻيا جنت جا ٻانها، آءٌ سرشٽيءَ جو سلطان:

مَلڪن کان وڌ منهنجي عظمت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

ظلم، ستم، بي اِنصافيءَ لءِ، باغي بانڪو، جُنگ جوان؛

منهنجي هڪ وِک لَکين زلزلا، هڪ شوڪارو سؤ طوفان:

منهنجي بُڇڙي آهه بغاوت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

آءٌ دغا جو دشمن آهيان، مگر وفا تان مان قربان؛

رُکي روح جو منهن نه ڏسان، مان مانَ مروت جو مهمان:

عزت جي لءِ مون کي عزت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

آءٌ سُکي دنيا جي سک ۾، جڳ جي موجن ۾ مستان:

آءٌ دُکي دنيا جي دک ۾، جڳ جي گوندر ۾ غلطان:

جڳ جي راحت، منهنجي راحت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

منهنجي ذهن اندر ايجادون، دل ۾ واڌاري جو ڌيانُ؛

منهنجي جيتا مڙيءَ جان ۾، اوج ترقيءَ جو جولان:

منهنجن بازن ۾ آ برڪت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

مان چاهيان ٿو، سدا سُکي آزاد رهي شل هر اِنسان؛

مان چاهيان ٿو شاد رهي، آباد رهي، هر ملڪ مڪان:

مان چاهيان ٿو جڳ ٿئي جنت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

منهنجي گهَر ۾ شروع ڪري ٿو، هاڻ شرارت ڪو شيطان؛

جوڙي ويٺو جنگ، بغاوت، گهَرُو فسادن جو سامان:

مان ڪئن سهندس ههڙي حرڪت؟

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

آءٌ نه بڻجڻ ڏيندس جڳ کي جنگ لڙائيءَ جو ميدان؛

پيار محبت سان ميٽيندس، مان نفرت جو نانءٌ نشان:

ختم ڪندس مان شيطانيت!

منهنجو مذهب اِنسانيت!

مان اِنسان، مان اِنسان!

خون منجهان ڪيئن سَرندي راحت، ٿين خون تي خوش حيوان؛

مان انسان، جنگ جو ويري، امن صلح جو نت خواهان:

صلح پسند آ منهنجي فطرت-

منهنجو مذهب اِنسانيت!

’تنوير’ عباسي

ڪوس

هڪ ٻيو منصور ڦاسيءَ تي چڙهيو،

ڏس وري لهرائِي سُوليءَ جي رسِي:

حق جو نعرو آ وري ٻيهر لڳو،

هڪ ٻيو ڀيرو به سچ جي جيت ٿي!

هڪ پٺيان ٻيو سر اَڏي تي ٿو اچي،

ڪوس کان ڪاتي ڪڏهن واندي نه ٿِي:

هڪ کان پوءِ ٻئي جو پيو ٿو رت وهي،

سر زمين مقتل جي ڳاڙهي ئي رهِي.

ڪوس کان ڪاتي نه  جهلجي ٿي ڪڏهن،

نينهن وارا ڀي نه نعرن ريءَ رهن؛

قتل ئي ڪاتيءَ جو ڪم آهي جڏهن،

ڪار مستن جي ڪُسڻ آ، پيا ڪُسن.

آهي ڪاتيءَ جي اڃا ڀي تيز ڌار،

ڪُند تنهن کي ڪرڻ لءِ ڪئي سر اُٿيا؛

هڪ پٺيان ٻيا ڪيترا ڀرپور وار،

سر سچارن جا کُٽائڻ لءِ ٿيا

ها، اڃا تائين به جاري آهي جنگ،

اڄ به نعرا نينهن جا پيا ٿا ٻُجهن:

ڏسجي آخر ۾ ٿئي ٿو ڪهڙو رنگ،

اڳ ۾ ڪاتي ٿئي مُڏي، يا سر کُٽن!

شيخ ’اياز‘

انتظار

پپيهي پرديس جي، ڪئي پِيهُوپِي،

جهُمي اُٿي جهانجهه سان، جهانگين جي جهوپي؛

سنيهو ڪو سِڪ جو، وراڻيو وڻراهه،

رَسِي ويو راڳ ۾، ڄڻ ساوڻ جو ساهه؛

ڪَڪريون ڪُڏنديون آئيون، ڪيا کنوڻين کيل،

واجهايو ڪنهن واٽ تي، پئي صبح سويل؛

گهَڙو کڻي گهاٽ تي، ايندي ارٻيلي،

نهاريندي نينهن مان، ٻهڳڻ جا ٻيلي؛

پسندي پنهنجي پرينءَ کي، لڄي ٿِي لِڪندي،

مِلي هوَ محبوب سان، سدائين سِڪندي!

لکميچند ’پريم‘

تصويرون

عرش ئي عرش جون هر وقت ڏٺيم تصويرون،

مُشڪندڙ چنڊ ستارن جون پسيم تصويرون،

برق بادل جي غُبارن جون چِٽيم تصويرون،

هِير مٺڙيءَ جون تخيل ۾ رکيم تصويرون.

منهنجي تخليق اُفق لاءِ پئي واجهايو،

منهنجي شعرن ته شفق کي ئي پئي پرڀايو،

منهنجي گيتن کي پئي باد صبا ڇيڙيو ٿي،

منهنجي ڪَوِتا کي فلڪ پاڻ ئي همٿايو:

دل ۾ آڪاش جون محفوظ رکيم تصويرون.

جان ڏٺم فرش، وئي چيخ اچانڪ نڪري،

عرش جا مست مناظر به ويا جهٽ وسري؛

منهنجي قابو ۾ رهيا ڪين ڪو دم دل ۽ دماغ،

ڄڻڪ بيساخته محشر ويو مون تان گذري:

گند-  بستٽين ۾ غريبيءَ جون گڏيم تصويرون!

جن جو هو ننگو بدن، پيٽ به جن جو خالي،

جن جي صورت مان بکي صاف پئي پامالي،

جن جي تقدير سان هئي علم جي پڻ ناسازي،

جن کان سؤ ڪوهه ڀڳي دور پئي خوشحالي:

تيغ کان تيز پئي دل ۾ چُڀيم تصويرون!

پِيڙجي هڪ ٿي، جو گهٽ پيءُ ڏنو آ پيسو،

ٻي نه شاديءَ جي آ قابل، جو نه ٻل آ ڌَن جو:

هيءَ شاديءَ ۾ دُکي، هوءَ دُکي کي شاديءَ لءِ،

ٻئي ڀينر به سڳيون، سُور ٻنهي جو ساڳيو:

اهڙيون دلسوز نه نظرن کان هٽيم تصويرون!

هرڪا تصوير مصور آ چٽي هڪ رنگ مان،

تنهن کي بد زيب ڪيو صرف آ خود غرض انسان؛

نوجوانو، نه اڃا وقت ويو آ نڪري،

جلد غربت کي تڙڻ جو ڪريو جاري طوفان!

’پريم‘ سڀ قلب جي هر تهه کي رسيم تصويرون.

’محسن‘ عباسي

راه گذر

ڪم ڪو زماني جو هو، سو محل ڇڏي، پارَ، اُٿيس:

سوچ ڪيم ’اڄ ته گهمان، عمر سڄي قيد ڪٽيم!‘

هڪ ئي قدم ڪين کنيم، دانهن ڪيم- مار، ميان...

هي ته جهان! مون هي ڪُڄاڙو  پئي ڪيو، ڪجهه نه ڏٺم!‘

جنهن به طرف ويئي نظر، عڪس حسين تنهن کي مليو،

شام حسين لطف ڏنو، روح ڇِڪي واڳ سندم.

باغ اندر مُکڙي ۽ گل- جو به ڏٺم، روح فزا،

مست هوائون ٿي هليون قرب سنديءَ ملڪ ۾ نَم.

ملڪ سڄو سبز ڏٺم، پر جي سندم ديسي هئا،

رنج والم مُنهن تي هُئن، ساهه سُڪل تن جو ڏٺم.

ڊپ به ٿيم، پر نه رهيس، جلد پڇيم ”خير ته آ؟“

- ”چور آهن شاهه هتي، ماٺ ۾ اچ!“ هڪڙي چيم؛

”حڪم هتي هي ٿو هلي، سڀڪو رکي بند زبان!

”لوڌ سندن ظلم ڪري، گهر ٿي ڦَري“، ٻئي به چيم.

درد گهڻو دل ۾ ٿيم، دل ۾ چيم: ’تنهنجي مٿان،‘

صدقي ڪندس ساهه سندم، ارض وطن، تنهنجو قسم

فڪر اهو هو، ته ڪٿان دُهل جو پڙلاءٌ پيم،

فوج هئي جوش ڀري، ’حفظ وطن‘ نعرو ٻُڌوم.

ڪنهن ٿي چيو، ’سُرڪ پيو، مست ٿيو، جلد هلو-

’ديس ويو يار هٿان، تيز ڪريو هاڻ قدم!‘

ياد پيو عهد، ۽ مشغول اتي ئي ٿي ويس،

نيڻ کڻي عيش ڪده ڏي جو ڏٺم، ’هاءِ‘ چيم.

فوج جڏهن ڪُوچ ڪيو، تيز قدم مون به ڪيا،

ٻٻر لتاڙيندو ويس، پير ٽُنڊا ڪين ٿيم.

ياد جي ماضي ٿو پوي، اشڪ ندامت ٿو وهي،

پر جي ڏسان حال کي ٿو، خوش ٿو ٿئي روح سندم.

هاڻ وٽم ٻيو نه رهيو، سر تي کنيم بارُ وطن-

مالُ وطن، جانِ وطن، دينُ وطن، يارُ وطن!

’ذوالفقار‘ راشدي

راتين جا قيدي

مزارون، مائرون جي گود ٿي وئي،

هزارين ڀينريون ڀائن کان وڇڙيون؛

خزائن ۾ گُلن جو ڪهڙو ماتم،

هتي دفائجي ويون پاڪ مُکڙيون:

 هي قبرستان آ سارو گلستان!

هتي محصور خارن ۾ آ گلشن،

هتي قيدي خزائن جون بهارون؛

بڻي شبنم به ڳوڙهن جا هيولا،

ڀڄي پيون نرگسي نيڻن جون تارون:

رُئن ٿيون بلبلون صحنِ چمن ۾!

اڃا ويران خيابانن جون ڇاتيون،

اڃا منزل سَراين جي سلامي؛

ستارا، وڇڙيل وڳرن جا ساٿي،

فريبي چنڊ جي ڏين ٿا غلامي:

گهڻو سنسان انهن جون ڪائناتون!

مڻين خاطر وڪامن ٿا چنيسر،

اڃا موتين جي محتاج آهي ليلا؛

اڃا سورٺ سهاڳڻ ٿي نه سگهندي،

اڃا تئين ڪارگر ٻيجل جا حيلا:

ڏهاڳڻ  موملون راڻن کي روئن!

ازل کان ڪيچ وارن جي پُڇا ۾،

لتاڙيا ويا طويل و طول رستا؛

مگر سسئيءَ پنهل هرگز نه ماڻيو،

ٿيا قائم نه سي معصوم رشتا:

’ڪرو‘ ۽ ’پٻ‘ جي پهڻن کان پڇي ڏس!

مڪان تا لامڪان جي وسعتن ۾،

هزارين روح ٿيا مغموم و محزون؛

دلين جي بيڪرانين ۾ سمايل،

غم فراد ٿو پلجي روز افزون:

ڪٿي آهي آنشان صبح طرب جو!

هتي راتين کُٽائڻ لاءِ رَمندي،

سيہ گوشن ۾ ڪيئن تارا ٿا ڪم ٿين؛

نَونَ صبحن کي چمڪائڻ لءِ، ساٿي،

ڪروڙين شيان بَرقن ۾ ڄرڪن:

مگر اوڀرَ نه آندي روشنائي!

رفيقو! پوءِ به هڪ اميد آهي-

ڪٿي تاريڪين جو ڇيهه ٿيندو:

زمين تي هاريا نوراني ڪِرڻا،

ٻَري عرشن تي هڪ خورشيد ويندو:

خوشين مان ٻهڪندا راتين جا قيدي!

شمشير الحيدري

لاٽَ

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي،

سندم نگاهه جي سامهون عجيب منظر هو:

پري، تمام پري، هئي خيال جي بستي،

قريب و دُور فقط  منهنجو ئي تصور هو.

عجيب قسم جي تنهائين جو هو ماحول،

وڏو وسيع هو ميدان، رات جو عالم؛

فضا ۾ خوف جا آثار سڀ هئا پيدا،

سڄي جهان جا انڌيرا اتي هئا باهم.

هوا جو هانءٌ ٿي ڦاٽو، ڪري وڏا واڪا،

رکِي رکِي ٿي وري بجلين کي وحشت ٿِي؛

ڊُڪيا ٿي چئن طرف ڪيئي ديوَ طوفان جا،

قضا جي خوف کان ڌرتيءَ کي پڻ ٿي دهشت ٿِي.

مصيبتن  جي انهيءَ رات نظر رکندي،

ڀلا، ڏئي کي مجال آهي جو رهي قائم؟

هلائي ڪير اچي پنهنجو ايترو حيلو،

مِٽائي خود کي، ڏئي کي رکي صحيح سالم؟

مصيبتن جي انهيءَ رات تي نظر رکندي،

يقين جي ته هتي حد ئي ڪٿي آهي؟

مگر، خيال جي بستيءَ ۾ ڇا نه هو ممڪن-

(هوا جي هنج ۾ شعلي جي پرورش ڇا هي؟)

هتي ته نُور نچوئي پيو ڪو نيڻن مان،

گهڙيءَ گهڙيءَ پيو اوتي اهو ڏئي اندر؛

وري وري پيو وَٽ کي مٿي مٿي سوري،

جهُڪِي جهُڪِي پيو دامنُ بنائي سايه گر!

ڏئي جي لاٽ وسامي وئِي، ته ڇا رهندو؟

-          اڃا ته ڪيئي محبت جا مرحلا ايندا!

اڄوڪي رات جي مومل جو حال ڇا ٿيندو؟

۽ ڪيئن ڏينهن جي راڻن جا قافلا ايندا؟

يقين آهي ته ايندا پٺيان اچڻ وارا،

اچي هتي ئي ڪندا پنهنجي وقت جي منزل؛

انهن جي لاءِ ڀلا ڪا ته روشني گهرجي،

مچائيندا جي وڌي اڳتي عزم جي محفل!

محبتن جا اهي مرد، پهلوان هوندا،

ڪندا هوا کي مسخر، ۽ رات کي برهم؛

فلڪ جو اوج انهن جا اچي قدم چُمندو،

نرالي نُور جا مشعل جلائيندا هردم.

ڏئي جي لاٽَ ته هر حال ۾ رهي قائم-

اهو ئي منهنجي ارادن جو فيصلو آهي؛

پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سِيني ۾،

هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي!

حقيقتن کي طبيعت جي روشني پهتي-

اڄوڪي دَور جو دانا ڪري پيو محنت-

زمانو طي ڪري آيو خيال جي بستي،

نرالي نُور کي روڪي نٿي سگهي طاقت.

نيون طرزون

’بشير‘ مورياڻي

 (سانيٽ)

منهنجي خوابن جي حسين تشڪيل تون،

منهنجي جذبن جو عجب اظهار تون،

آءٌ دل آهيان، ته آهين پيار تون،

زندگانيءَ جي سنسدم تڪميل تون

مُرڪ تنهنجي چاندنيءَ جي نَئِن جيان،

چال تنهنجيءَ ۾ بهارن جو خرام،

گفتگو- موسيقيت جو اهتمام،

تنهنجي اکڙين ۾ اسان جو آستان.

تون جهان جي حُسن جو آهين غُرور،

تنهنجي دم سان دل جي محفل ۾ خوشي،

تون سراپا زندگي ئي زندگي،

تنهنجي هوندي، منهنجي نغمن ۾ سُرور.

ساز مان، اُن ساز جو آواز تون،

منهنجي هر تخليق جو آغاز تون!

مورو

عبدالجبار ’شام‘

دوست منهنجي ديس جا

سنڌ جو گهُران سُک، ڙي، دُور ٿئي سڀ دک، ڙي-

... دوست منهنجي ديس جا، ڳايان ويٺي مورو.

سنڌ سدائين سائِي، ڙي، واتَ اِهائي وائِي، ڙي-

... دوست منهنجي ديس جا، ڳايان ويٺي مورو.

سنڌ جو ورندو سائين، ڙي، سنڌ نه سمجهو لائين، ڙي-

.... دوست منهنجي ديس جا، ڳايان ويٺي مورو-

ساريان ديسي سيڻ، ڙي، نِير وهائين نيڻ، ڙي-

.... دوست منهنجي ديس جا، ڳايان ويٺي مورو-

سنڌ منهنجو ساههُ، ڙي، جئي سنڌ جو ’شاهه‘، ڙي-

... دوست منهنجي ديس جا، ڳايان ويٺي مورو-

غزل

مولوي احمد ملاح

اي سدا سهڻا سڄڻ، سالن جي صحبت ياد باد!

اڄ ملڻ مشڪل، مگر مُهندين محبت ياد باد!

مُند ساوڻ، سڄ وچينءَ، ساوڪ جي وچ ۾ صحبتون،

سو نظارو سو نظر، سو نينهن نوبت ياد باد!

ننڍپڻ جا ناز نخرا، نِت نظر مُهندان ڦِرن،

ريلڙين ۾ رس- رهاڻيون، راڳ رغبت ياد باد!

آءٌ ڪُوڙو قول ۾، ڪيڏا ڪيم ڪَوڙين قصور،

پر اوهان کي عَفو جو انجام الفت ياد باد!

آهي ’احمد‘ جي ادب سان هيءَ اَحد کي التجا:

هر طرف تنهنجو توجهه، هيءَ به تربت ياد باد!

شيخ ’اياز‘

فرازِ بيابان تي سؤ ماه و انجم،

تجِلّيون لُٽائي ويا- ڪير سمجهي!

تہِ خاڪ سؤ لاله و گل ڇُپي ويا،

صبا کي لنوائي ويا- ڪير سمجهي!

مسافر سوين ڪاروانِ عدم جا،

ڪٿي سڀ الائي ويا- ڪير سمجهي!

پِرين، جو نگاهون جهڪائي هليا ويا،

اَلا، روح گهائي ويا- ڪير سمجهي!

حياتِ گريزان، سرابِ مسلسل،

ازل کان اُڃائي ويا- ڪير سمجهي!

اچِي ننڊِ ۾ هو نماڻيءَ نظر سان،

سُتن کي سَتائي ويا- ڪير سمجهي!

ملائي ويا روح ۾ شهدِ شيرين،

مِٺيءَ سان مڃائي ويا- ڪير سمجهي!

سوين لعل و گوهر، گداگر، اوهان جي،

لبن مان لڪائي ويا- ڪير سمجهي!

نصيحت ڪري،- هاءِ، نادان ناصح،

ڏُکين کي ڏُکائي ويا- ڪير سمجهي!

تغافل شعار اڄ، نگاهِ ڪرم سان،

’اياز‘ آزمائي ويا- ڪير سمجهي!

پرسرام ’ضيا‘، مرحوم

غم کان آزاد ٿيڻ چاهيون ٿا،

زندگي گهرجي، جيئڻ چاهيون ٿا.

ذري ذري ۾ ڀري نوجيون،

خاڪ جو شان ڏسڻ چاهيون ٿا.

شمع ڪو بڻجي، ته پروانه بڻون،

ڪو جلائي، ته جلڻ چاهيون ٿا.

رهبريءَ لاءِ اُٿن ٿا جذبا،

پنهنجي منزل تي رسڻ چاهيون ٿا.

نيٺ بَرپٽ ۾ بهاري ايندي،

باغ جا نقشا رٿڻ چاهيون ٿا.

حسرتون خواهشون ٿينديون آباد،

پنهنجيءَ دنيا کي اَڏڻ چاهيون ٿا.

هاڻ تدبير کي رُسوا نه ڪبو،

ساٿ قسمت جو ڇڏڻ چاهيون ٿا.

اي ’ضيا‘، سُور گهڻا پيتاسين،

جام راحت جا پيئڻ چاهيون ٿا.

 [سنڌي ساهت منڊل، بمبئي، جي ”ساهت- سڳنڌ“ (1958) تان، شڪريي سان.]

’حيدر‘ جتوئي

زندگي آهه موت جو آواز،

موت آ زندگيءَ جو ساز ۽ ناز.

ڇو جهلين ٿو شراب کان، اي شيخ،

مون ڪڏهن روڪيو تنهنجو روزو نماز؟

ٿيا نه جنت ۾ منهنجا جاني هاءِ،

دوزخي ڪر سِگهو، غريب نواز!

مان ئي دوزخ جي لاءِ ڪافي ٿيان،

اي گناهو، وڌو، ٿيو بي انداز!

ناهه منهنجي نصيب ۾ هُو شوخ،

ڇا جي لاءِ، دل، اجايو سوز و گداز!

نيڪنامي! هجين سدا بدنام-

تو ئي دلبر ڪيو آ دُور دراز!

ويا سوين سال گذري ’حيدر‘ کي،

ڪنهن کي ياد آ هو زبان دراز!

رشيد ’ارشد‘

جشن جي خوشين ۾، همدم، ياد  اچي  ٿي  شامِ غم.

طوفانن کي مُنهن ڏيندس، جيتر آهي دم ۾ دم.

مون کي منهنجو جــام دل، توکي مبارڪ  جامِ جم.

مــــــحلاتــــــــــــن ۾ شــــــهنايون، هِن پياسي گهر گهر ماتم!

’ارشد‘ آهي تنهنجو غزل، گــويا شعلن ۾ شبنم!

’ذوالفقار‘ راشدي

حسين راتين ۾ زهدن جي تباهي-

لَکين ٿورا، ڙي موجِ بي پناهي!

ضرورت ناهه تنهنجي رهبريءَ جي،

اسين خود راهبر آهيون، ۽ راهي.

اسين آهيون قضا ۽ قدر، سائين،

اسان جي آ دلين تي بادشاهي!

ڀَڳو بلبل به آئينِ بهاران،

اسان پر گُلرُخن سان پئي نباهي.

کڻي هر سُو قصا ها ڪُلفتن جا،

اسان پارن محبت پئي وراهي.

خطائن جون سزائن ڏي نه، مٺڙا،

اڳي ئي آهي صدمو جا نڪاهي.

ٺهِي بازي نه سا دلين جي،

جيڪا گنهگارن خطاڪارن نه ٺاهي.

ذرا هيڏي، ڙي ديدِنيم خوابي!

عِنايت، او نگاهِ بي نگاهي!

”مقبول“ صديقي

ڏينهن ڇا، ماه و سال گذري ويا،

ڪيئي ماضيءَ ۾ حال گذري ويا.

ياد تنهنجي جڏهن ٿي دل ۾ سجاڳ،

هڪڙيءَ ساعت ۾ سال گذري ويا!

مان ئي ميخاني وٽ ويس رُڪجي،

باقي سڀ خوش خصال گذري ويا.

ياد آيو جڏهن سوالِ  معاشِ،

پوءِ ٻيا سڀ سوال گذري ويا.

تنهنجي حسنِ ڪمال سامهون جهُڪِي،

زهد جا سڀ ڪمال گذري ويا.

ڪير روشن ڪري ويو شمعِ حيات،

موت جا احتمال گذري ويا!

آهين يڪتا جهان ۾، ’مقبول‘،

جي هئا ڪجهه مثال، گذري ويا.

لکميچند ’پريم‘

زندگي آهه فنا، زندگي شايد نه رهي؛

هيءَ جوانيءَ جي حسين دلڪشي شايد نه رهي.

گلستانّ  کي به انهيءَ لاءِ سَجائين ٿا گُل،

خوشنعا جسم تي سا تازگي شايد نه رهي.

آهه نظرن سان پيئڻ ۾ ئي محبت جو مزو،

جامَ ساغر نه ملي، مَيڪشي شايد نه رهي.

آ چڱي هٻير پيئڻ ڪؤڙا زهر ڍُڪ غم جا؛

زندگي ڇو ته سدا شربتي شايد نه رهي.

بيخوديءَ ٺاهه ڪيو آهه جنون سان اِن لاءِ،

تا قيامت اِها ديوانگي شايد نه رهي.

حسن دم دم ٿو رکي خود کي اَٻوجهائيءَ ۾،

عمر ڀر لاءِ سندس سادگي شايد نه رهي.

دل جي مهراڻ ۾ غلطان ٿئي ٿو شاعر،

ڇو ته سمجهي ٿو وري بيخودي شايد نه رهي.

اَشڪ پلڪن جي اندر ٿا سدا تيار رهن،

دل جي دامن ۾ هميشه خوشي شايد نه رهي.

پنهنجي من ۾ ئي جَڳي جوت، اُها آ بهتر،

دائما ٻاهرين هيءَ روشني شايد نه رهي.

زندگي زنده رهڻ لءِ جي رِهِي، ڇا مطلب؟

پريم بِن، ’پريم‘، ڪڏهن زندگي شايد نه رهي.

شبير ’هاتف‘

حُسن کي بيقرار ڪير ڪري،

عشق کي داغدار ڪير ڪري!

منهنجو گُلرُو سدا شگفته آهه،

انتظارِ بهار ڪير ڪري!

سنگدل سان اسين نباهيون پيا،

پر اسان سان پيار ڪير ڪري؟

ڪنهن تصور ڪيو، ته ڪُسجي ويو،

ذڪرِ ابرُوي يار ڪير ڪري!

تنهنجي حسنِ ڪرم کي ڇا چئجي،

مهربانيون شمار ڪير ڪري!

منهن تي چڙهبو، شڪايتون ڇڏيون،

وصل کي زهرِ مار ڪير ڪري!

شيخ کي آڇبو، ته پِي ويندو-

زهد کي شرمسار ڪير ڪري.

پاڻ وٽ جهوپڙي به ڪانهي ڪا،

فڪرِ برق و شرار ڪير ڪري!

جيڪو ٻَرندو، سو ڪِنجهندو، ’هاتف‘،

آه تي اختيار ڪير ڪري؟

سڳند آهوجا

تِنِڪو نئون جڏهن به وڌم  آشيان ۾،

بجليءَ کي آيو ياد کنوڻ آسمان ۾.

شبنم روئي ڏنو ته ڪڏهن کِلي ڏنو،

خود تي ورئڻ کلڻ ئي رهيو گلستان ۾.

ڀلجي به سنڌيت کي ڀُلائي نٿا سگهون،

سالن کان سنڌ ڀٽڪي ٿي هندوستان ۾.

جيوَت جو سوئي نفعو ۽ نقصان آ فقط،

جا ياد موت بعد ٿي ڇڏجي جهان ۾.

رُئندا رهون ٿا تن تي، مري جي نٿا مرن،

’ناهي‘ تي روئجي ٿو، ۽ ’آهي‘ جي شان ۾.

هيءَ ڪشمڪش حيات جي مايوس ٿئي متان،

غم جو نه ذڪر ڇيڙ گهڻو داستان ۾.

هر سچ بذاتِ خود به ٿو جادو اثر ٿئي،

ناحق نه ڀرجي رنگ هنر جو بيان ۾.

عبدالله’خواب‘

جا قوم زماني ۾ جهان ساز نه آهي،

تنهن قوم جو دنيا ۾ ڪو آواز نه آهي.

جو گردشِ ايام جي رفتار کي بدلي،

ساقيءَ جي اکين ۾ اهو اعجاز نه آهي.

مون خون جي ڳوڙهن سان لکيو دل جو فسانو،

محفل ۾ ٻڌُڻ وارو ڪو همراز نه آهي.

هر موڙ تي صياد ڪيئن دام وڇايا،

گلشن ۾ ڪو گُلگَشت جو انداز نه آهي.

ٿو طوقِ سلاس به اناالحق پڪاري،

هيهات جو منصور آواز نه آهي!

اي ’خواب‘، قفس کي کڻي هوند اُڏامان،

پر طائِر دل مائلِ پرواز نه آهي.

شمشير الحيدري

لَٿا عرش تي زندگيءَ جا سفينا،

بدلجي ويا بندگيءَ جا قرينا!

 بنايون پيا روشنيءَ جا مدينا،

ڪٿي آهي موسيٰ، ڪٿي طوُرسينا!

نه اُلجهو، اسان عاشقن سان اُلجهو،

لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سينا!

ورائِن پيا وقت کي هوش وارا،

گذاري وٺو مستين جا مهينا!

نظارن جي بيتاب خاموشين ۾،

پگهرجي پيا نَور جا آبگينا!

کُلي پيئي اڳرائين جي حقيقت،

لِڪي ڇا ڪندا هاڻ سهڻن جا سينا!

قطعا

’برده‘سنڌي

عورت

عورت امرت جو آ پيالو، آهي وِههَ جي وٽِي،

آهي حياتيءَ کان وڌ مٺڙي، موت جيئن ٿُو- کَٽِي،

پياري سُرڪ جيئاري جڏڙا، گهوٽ گهُٽي ٿي ماري،

ڪن جي گهر ۾ ڀاڳ جي ديوي، ڪن جي سر تي چٽي!

عورت جهُڙ جي ڌُپَ به آهي، ٿڌڙي ڇانوَ پپر جِي!

هوءَ ڏائڻ ۽ ڌوَتي سڏجي، صورت لَڄَ مهر جِي؛

هي نانگڻ ۽ جوڳڻ ڀي، بنگال جو جادو آهي،

ڪاري رات سرءُ جي عورت، مٺڙي ويل اَسُر جي!

آهي پنڌ پهاڙو جو عورت، آهي پينگهه جو لوڏو،

ڪن لءِ  کير ڪٽورو عورت، ڪن لءِ زخمي گوڏو؛

اهڙي ڳجهي ڳجهارت آهي. جا سَلي ڪنهن سياڻي،

پَهو ڏهيءَ جو ڪن جي اک تي، ڪن جي اک تي ڇوڏو!

آهه چَهو ڄڻ ٻيٽ جو نازڪ، گوَنچ سرنهن جو ڪچو،

شير کان وڌ، شمشير کان وڌ، ۽ آهه ٻليءَ جو ٻچو؛

آهه تقدس مَلڪن جو، شيطان جو پاڇو عورت،

هن جي دم سان دم آدم جو ۽ هيءَ ڏيهه جو ڏچو!

عورت آهي دل ڌرتيءَ جي، عورت جَڳ جي جواني،

آهي حُسن زماني جو، هيءَ فطرت جي نيشاني؛

خوش آ ’صبحِ بهاران‘ وانگي، مُونجهِي ’شامِ غريبان‘،

آهي وقت جي ٽورَ ڍري، پر حد کان وڌ مستاني!

مُرڪِي چنڊ کان مهر وَ تائين، سج کان گهُورَ کسيائين،

راتيون، ڪنهن وهلور جي ويجهو، روئي رَن ڪٽيائين؛

ڪنهن کي خون پياري پنهنجو، ڪنهن جي خون جي پياسِي،

هر ساعت ۾ سانڊي وانگر سؤ سؤ رنگ مَٽيائين!

جي آ ماءٌ، ته سمنڊ مِهرَ جو؛ مٺڙي ڀيڻَ، ڪنارو؛

زال جي صورت ۾، همدرديءَ جو هڪ ڊگهو سهارو؛

ڌيءَ جي ديد نماڻيءَ ۾ ڏي سڪ جا پاڪ سينها؛

هر حالت ۾، عورت آهي منزل ڏانهن اشارو!


* ڪُٻير: ديوتائن جو خزانچي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com