سنڌ جي قديم تمدني زبان غالباً سامي- صفت هئي. ان
تي جي اوائلي اثرات پيا، سي خاص طرح ايراني زبانن
جا، ۽ بعد ۾ داردي زبانن جا؛ سنسڪرت جو اثر دير
سان پالي محاوري جي واسطي سان پيو. مگر، انهيءَ
ساڳئي عرصي ۾، مغربي ۽ شمالي زبانن- جهڙوڪ ايراني،
يوناني، ترڪي ۽ داردي جو به اثر پيو. انهن اثرات
جي علاوه سنڌ جي ٻوليءَ جي ذاتي اصليت خواهه
تاريخي حقيقت، سنسڪرت ۽ ان جي پراڪرت ٻولين کان
بلڪل نياري هئي؛ انهيءَ ڪري ئي ’سنڌ جي ٻولي‘ ٻين
پراڪرت ٻولين جي ڀيٽ ۾ هڪ نرالي نوعيت ورتي. ٻيو
پراڪرت ٻوليون، جي پنهنجي ٻئي ارتقائي دور مان
گذري وڌيڪ بگڙيون، انهن ٻولين کي آڳاٽن نحوين
”اپڀرنش“ سڏيو، يعني ’معيار کان ڪريل‘. انهن نحوين
جي پرک جو معيار هو ’سنسڪرت سان مناسبت‘؛ مگر سنڌ
جي ٻولِ، جا پنهنجي اصلي سنجٽ ۽ سِٽا ۾ نرالي هئي،
۽ جنهن تي هندستاني پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ مغربي ۽
شمالي ٻولين جا اثر زياده پيا هئا، سا انهيءَ
معياري پوک موجب ته گهڻو گهڻو بگڙيل هئي؛ انهيءَ
ڪري، ڪن محققن جي چوڻ موجب، جنهن ٻوليءَ کي انهن
نحوين ”وراچڊ اپڀرنش“ يعني ’گهڻو گهڻو بگڙيل‘
سڏيو، سا ’سنڌ جي ٻولي‘ هئي. منهنجي نظر ۾، ’وراچڊ
اپڀرنش‘ جو اطلاق به سنڌ کان گهڻو مٿي اُتر واري
خطي جي ڪنهن ٻوليءَ تي هئڻ گهرجي، نه سنڌ جي
ٻوليءَ تي؛ ڇاڪاڻ ته ’وراچڊ اپڀرنش‘ جي اصطلاح ۾
به ’سنسڪرتي مناسبت‘ ملحوظ آهي. سنڌ جي ٻوليءَ جو
ته معيار ئي انوکو هو، انهيءَ ڪري پراڪرت وياڪرڻ
جي جوڙيندڙ، ’مارڪڻڊيه‘، جو قول ته ”وراچڊ کان به
سنڌ جي ٻولي گهڻو ڦِريل آهي“، زياده وزندار ۽ قابل
غور آهي. انهيءَ قول جي تائيد لاءِ هڪ اهم ثبوت
موجود آهي- مثلا: ’وراچڊ آپڀرنش‘ ۾ ’س‘ جو اُچار
ڦيرائي ’ش‘ ڪندا هئا، مگر سنڌ جي ٻوليءَ ۾ وري ’ش‘
جو اچار ڦيرائي ’س‘ ڪندا هئا. سنڌ جي ماڻهن جي اها
انوکي لساني خصوصيت پوءِ به ڪافي دير تائين باقي
رهي، جيئن اڳيان ابو عطا سنڌي شاعر جي ڏنل مثال
مان ظاهر ٿيندو.
2. سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي دور (500- 1100ع)
(الف) فتح اسلام وقت ٻوليءَ جي صورت ۽ سٽا
سنڌي ٻوليءَ جو بنيادي دور تقريباً راءِ ۽ برهمڻ
گهراڻن ۽ عربي حڪومت جي عرصي وارو دور آهي، جو
ٿُلهي ليکي عيسوي ڇهين صديءَ کان وٺي يارهين صديءَ
جي آخر تائين سمجهڻ گهرجي. هن دور ۾ ’سنڌي ٻولي‘
جي تشڪيل ٿي. انهيءَ عرصي کان اڳ وارري ٻوليءَ، يا
ٻولين، کي اسان ”سنڌ جي ٻولي يا ٻوليون“ سڏيو آهي؛
ڇو ته اسان وٽ يقيني ته خير، مگر ڪو ظني ۽ گماني
دليل به موجود ناهي ته عربي دور حڪومت کان اڳ
موجوده سنڌي ٻولي ڪنهن به نوع ۽ نموني ۾ موجود
هئي.
عربن جي حڪومت کان اڳي جا ٽي چار سؤ ورهيه، سنڌي
ٻوليءَ جي اُسرڻ ۽ اُڀرڻ لاءِ هڪ چڱو پيش خيمو
هئا. انهيءَ دور ۾ ٻڌ ڌرم جو مهاين پنٿ سنڌ جي
عوام ۾ پکڙيل هو، ۽ ماڻهن جي انهيءَ ڌرمي ميلاپ جو
نتيجو معاشرتي ميلاپ ۽ لساني يڪسانيت ٿي سگهي ٿو.
سياسي نڪته نظر سان ڇهين ۽ ستين صدي عيسويءَ ۾
راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي حڪمرانن به سنڌ ۾
سياسي مرڪزيت جو هڪ خاڪو پيدا ڪيو. انهيءَ ڌرمي ۽
سياسي يڪسانگي سنڌ جي ٻولين ۽ محاورن کي مرڪزيت
ڏيڻ لاءِ رستو صاف ڪيو.
فتح اسلام کان اڳ، سنڌ جي ٻوليءَ يا ٻولين جو
قلمبند ٿيل نمونو موجود ڪونهي؛ البته ”فتحنامي“ ۾
ڪي الفاظ ملن ٿا، جي هن ريت آهن:
(1)
اول ته ڪي اسم خاص ملن ٿا. مثلاً: ڪن ذاتين جا
نالا- لاکا، ٺَڪر، جت، سمه، سهته، لوهانه، ڀاٽيه
وغيره آيل آهن، جي اڄ به ساڳيائي آهن. ماڻهن جي
نالن مان خاص سنڌي نالا: چندر (چنڊ)، ڏاهر (آواز
اُٿاريندڙ؟)، موک (موکيو)، بسايه (وسايو)، وکيه
(وڪيو)، کاکه (ڪاڪو) وغيره ڏنل آهن، جن مان چنڊ،
وسايو، وڪيو، ۽ ڪاڪو اڄ به موجود آهن. ندين ۽ واهن
جي نالن مان مهراڻ، جلوالي، ساڪره، موج، وراول ڏنل
آهن؛ ازان سواءِ کنبهه، دنده ۽ بيت يعني ڪُنب، ڍنڍ
۽ ٻيٽ جا به الفاظ آيل آهن. شهرن جي نالن مان ڪي
هي آهن: بلهار، ساوندي، ودهاتيه، جهم ۽ دهتايت.
اضافي ترڪيبون هي آيل آهن: دنده وکر بهار (وڪر
بهار جي ڍنڍ)، کاکاراج (ڪاڪن جو راڄ)، کارمٽي
(کاري جي مٽي)، ندمٽي (نديءَ جي مٽي) بُدرکوُ
(يعني ٻَڌ جي رکيا ڪندڙ). انهن اضافي ترڪيبن جي
نوعيت ڏيکاري ٿي ته شايد ان وقت حروف اضافت
جداگانه استعمال ۾ آيل نه هئا. هن وقت انهيءَ قديم
سٽا جا مثال سنڌيءَ ۾ ڪافي ٿورا وڃي رهيا آهن.
مثلاً: جهنگ، ٻلو، جنڊ، جهرڪي، پَٽ، تِتر، رَس،
ول، ٽَر، ٻاٻيهو وغيره.
(2)
’فتحنامي‘ ۾ سنڌ جي ٻوليءَ جو جملو صرف هڪ ڏنل
آهي: ڏاهر پنهنجي لشڪر کي اطمينان ڏيارڻ لاءِ
تنواريون ته ”نسي من، نسي من“، يعني ’من اينجا
ام‘(= مان هتي آهيان). اسان جي فاضل مرحوم ڊاڪٽر
دائودپوٽي جو گمان آهي ته شايد اهو اصل ۾ سنسڪرت
جو جملو ”اَسمِي آتر“ هجي؛ مگر، گمان غالب آهي ته
ڏاهر پنهنجي عام لشڪر کي خطاب به سندن عام ٻوليءَ
۾ ڪيو هوندو ۽ انهيءَ حالت ۾ اهو جملو ”هتي مون،
هتي مون“(1)
جي برابر ٿو ڀانئجي. جيڪڏهن ائين هجي، ته معلوم
ٿئي ٿو ته اڃا سنڌ جي ٻوليءَ جي سٽا صرف مفرد لفظن
تي بيٺل هئي: حرفن توڙي زمانن موجب، فعل اڃا جملي
جي ربط ۽ ترڪيب جا لازم ملزوم جز نه بنياد هئا.
(3)
اسان جي هاڻوڪيءَ زبان جي لفظن جي اڀياس مان معلوم
ٿئي ٿو ته جيئن اڳ تيئن الفاظ حروف صحيح سان بنيل
هئا، يعني ته منجهن حروف علت بلڪل ڪم هئا يا مورڳو
نه هئا. هاڻوڪا بنا حروف علت (ا، و، ي، کانسواءِ)
الفاظ- جهڙوڪ به، ته، نه، مک، نٿ، ڪڪڙ، مڪڙ، گدڙ-
شايد انهيءَ حقيقت طرف اشارو ڪن ٿا. لفظن جي اهڙي
بيهڪ ۽ بناوت جي ماضيءَ جي مطالعي مان ڀانئجي ٿو
ته عربيءَ جي اثر کان اڳ سنڌي الفاظ اڪثر حروف
صحيح جا مرڪبات هئا. ’واڻڪي الف- بي‘ جي سِٽا ڄڻ
انهيءَ قديم زماني جي يادگار آهي، جڏهن ٻوليءَ ۾
حروف صحيح تي ٻڌل سنڌي لفظن جي وڏي اڪثريت هئي.
(4)
ساڳيءَ طرح، اسان جي موجوده سنڌي ٻولين ۽ ان جي
محاورن جو اڀياس، ٻوليءَ جي ماضيءَ جي تاريخ جي
قدري رهنمائي ڪري ٿو. لاڙي، ٿري، اتراڌي ۽ ڪاڇي
محاورن ۾ جو فرق آهي، سو اسان سڀني کي معلوم آهي
پر انهي کانسواءِ، قبائلي ٻولين ۾ ته اڃا به گهڻو
فرق آهي. مثلاً ماڇين، مهاڻن، سامين ۽ جتن جي
ٻولين ۾ نه صرف لب لهجي ۽ اچار مگر لغت توڙي
محاوري جو به وڏو فرق آهي. جنهن صورت ۾ هينئر به
ايترو تفاوت آهي، ته جيئن اڳ ماضيءَ ۾ تيئن اهو
فرق گهڻو هوندو. لاکن، سمن، سهتن ۽ چنن ۾، گهڻو
گهڻو اڳ، نه صرف ريتن رسمن جو مگر ٻوليءَ جو به
فرق هوندو؛ ڇاڪاڻ ته سنڌ جي انهن اصلي قبيلن جا
راڄ جدا جدا اراضين ۾ آباد هئا. سنڌي نسب نامي جي
هڪ جهوني ڪهاوت آهي ته ”سنڌ سمو، ڪاڇي ڇَنو، ڀاٽي
جيسلمير“. فتح اسلام وقت انهن قبيلن جا راڄ محمد
بن قاسم بلڪل انهيءَ ڪهاوت موجب آباد ٿيل ڏٺا.
انهيءَ وقت انهن قومن مان هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي
ٻولين ۽ پنهنجي پنهنجي آداب و اطوار هئڻ ۾ ڪو شڪ
نٿو نظر اچي. انهيءَ ڪري، چئي سگهجي ٿو ته فتح
اسلام کان اڳ نه صرف ملڪ هر خطي جي زبان جدا هئي،
مگر مختلف راڄن جون پنهنجون پنهنجون ٻوليون هيون.
هن حقيقت جي تائيد مشهور عربي عالم، اِبن نَدِيم،
جي تقريباً هڪ هزار ورهيه اڳ جي ڪيل تحقيق مان به
ٿئي ٿي، جا اڳتي بيان ڪئي ويندي.
(ب) عربن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تشڪيل ۽
ترقي
عربي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ٻوليءَ يا ٻولين تي جي
اثرات پيا، سي هي هئا:
1.
ٻوليءَ ۾ مرڪزيت پيدا ٿي:
عربن جي دور حڪومت ۾ جا وڏي ۾ وڏي ترقي ٿي، سا
هيءَ هئي ته سنڌ جي ٻولين ۽ محاورن ۾ هڪ مرڪزيت
پيدا ٿي، جنهن جي ڪري هڪ جامع ’سنڌي ٻولي‘ جي
تشڪيل وجود ۾ آئي، ۽ ان جو بنياد مضبوط ٿيو. هن
مرڪزيت جا مکيه ڪارڻ هي هئا: (1) سڄي سنڌ هڪ پختي
نظامِ حڪومت جي ماتحت آئي. سنڌ جي تاريخ ۾ هيءَ
پهرين منظم حڪومت هئي، جنهن سنڌ جي گوشي گوشي ۾
پنهنجي قضا (انصاف) ۽ خَراج (زرعي ڍل) جي نظام
ذريعي رعايا جي زندگيءَ تي گهرو اثر وڌو؛ تقريباً
ٽي سؤ سال، يا اڃا به مٿي، سنڌ عربي سياست ۽ ان جي
اثر هيٺ رهي؛ (2) سياست سان گڏ رعايا دينِ اسلام
اختيار ڪيو؛ اسلامي عقائد ۽ اسلامي زندگيءَ هن
سياسي مرڪزيت کي اڃا به زياده مضبوط ڪيو؛ قبائلي
فرق گهٽيا، ۽ اسلامي شريعت مختلف ريتن رسمن کي
هموار ڪيو؛ (3) هن دور ۾ نوان نوان شهر ٻڌا، ۽
واپار لاءِ خشڪي خواهه درياهي رستا کليا؛ واپار جي
ترقيءَ ۽ قافلن جي اچ وڃ سبب ملڪ جا مختلف حصا پاڻ
۾ ڳنڍجي ويا، ۽ سڄي ملڪ جي ماڻهن ۾ گهري لهه وچڙ
پيدا ٿي؛ انهيءَ لهه وچڙ ۽ لڳ لاڳاپي ملڪ جي مختلف
ٻولين ۽ محاورن ۾ هڪ لساني ربط پيدا ڪيو، ۽ عام
سنڌي ٻوليءَ جي اوڀر ۽ اوسر کي ترقي ڏني.
2.
ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت بدلي:
عربي دور ۾ نه صرف سنڌ جي ٻولين ۽ محاورن ۾ مرڪزيت
پيدا ٿي ۽ هڪ عام سنڌي ٻولي اُسري، مگر اُن سان گڏ
ٻوليءَ جي نفسياتي ڪيفيت به بدلي. ان جا مکيه ڪارڻ
ٻه هئا:
پهريون ته سنڌ جي عوام جا، عرب ملازمن، ڪاريگرن ۽
مهاجرن سان گهرا معاشرتي تعلقات پيدا ٿيا؛ عربن
سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، ۽ محمد بن قاسم سنڌ جي
گوشي گوشي ۾ عربن جون آباديون قائم ڪيون(1).
محمد بن قاسم بعد ڪن ماڻهن پوئتي موٽڻ ٿــي
چـــاهيو، مگر خليفي سليمان جو فرمان آيو ته ”اتي
رهي کيــتي ڪـــريو ۽ هَـــرُ ڪاهيو ته سکيا هجو“().
مرڪزي حڪومت جي انهيءَ پاليسيءَ عربن کي سنڌي
ڪڙمين ۽ آبادگارن جو همسايه ۽ همدوش بنايو، انهيءَ
ڪري عرب ڄڻ سنڌي بنجي ويا، ۽ عربن ۽ سنڌي جي وچ ۾
قريب تر معاشرتي رستو پيدا ٿيو. سرزمين سنڌ ۾ ته
عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ متعدد شادين مُرادين ۽
مائٽين جو امڪان نظر اچي ٿو، مگر اهل سنڌ جي شرافت
۽ مروت کان وڏا وڏا عرب خاندان به متاثر ٿيا، ۽
انهن سنڌ مان شاديون ڪيون. هڪ قديم عرب مؤرخ ۽
محقق جي بيان موجب حضرت عليءَ جي فرزند محمد، امام
زين العابدين ۽ امام زيد بن الحسين جون مائرون
سنڌي هيون(2).
اهڙيءَ طرح، علي الاصغر بن زين العابدين علي بن
الحسين جي امڙ به سنڌي هئي(3).
بنو اميه جي مشهور جرنيل مُهلب جي ٻن بهادر پٽن،
مُفَضل ۽ عبدالملڪ، جي ماءُ به سنڌي هئي، ۽ سندس
نالو مائي ’ڀَلِي‘ هو(4).
بنو اميه جي آخري ڪمانڊر- اِن- چيف يزيد بن عمر بن
هبيرة الفزاري جي ماءُ، جا نهايت حسين عورتن مان
هڪ هئي، سا به سنڌي هئي(5)؛
۽ هن سنڌي رشتي جي ڪري ئي ابو عطا سنڌي شاعر سندس
ظالمانه قتل تي هڪ بي نظير مرثيو لکيو، جو ملڪان
ملڪ مشهور ٿي ويو، عربي ادب جي فن مرثيه جو نَڪ
بنيو، ۽ متعدد عربي ادب جي ڪتابن ۾ نقل ٿيو(1).
خود ابو عطا انهن مشهور سنڌي النسل ماڻهن مان هو،
جن جون مائرون عرب هيون.
عربن ۽ سنڌين جي مائٽين جا متعدد مثال موجود آهن،
مگر مٿيان مثال بلڪل اوائلي ۽ اهم آهن. عرب ۽ سنڌي
پاڻ ۾ جو ايتريقدر سڱيڻا ٿيا، تنهن سنڌ وارن جي
گهرو زندگيءَ، پاڙي ۽ ڳوٺ جي زندگيءَ، راڄ جي
زندگيءَ ۽ ملڪ جي معاشرتي زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو.
عرب اخلاقيات واريون وصفون- مثلاً مروت، ضيافت،
سخاوت، شجاعت، عصيبت، حميت، بدويت، سادگي ۽
مردانگي- سنڌين جي شخصيت جو لازم ملزوم نفسياتي جز
بنجي ويون.
ٻيو وڏو ڪارڻ جنهن ماڻهن جي شخصي توڙي اجتماعي
زندگيءَ ۾ وڏي نفسياتي تبديل آندي، سو هو اسلام جو
دلين تي اثر. خداي عزوجل جو خوف، ڪفر ۽ ايمان ۾
فرق، دنيا ۽ آخرت جو تصور، دوزخ ۽ بهشت (عذاب ۽
انعام) جو فڪر، حق تي سر ڏيڻ ۽ شهادت جي دلپذيري،
وغيره اسلامي اعتقادن ماڻهن جي سوچ ويچار توڙي
ارادن ۾ نئين ڪيفيت پيدا ڪئي، جنهنڪري شخصي توڙي
اجتماعي نفسيات جو رُخ بدليو. اهڙيءَ طرح اسلامي
عملن- شريعت اسلام جي پابندي، نماز، روزا، صدقات ۽
خيرات- شخصي توڙي اجتماعي زندگيءَ جي عملي طرز ۽
طريقي کي ڦيرايو، ۽ ماڻهن جي عادات ۽ اطوار، افعال
۽ اعمال کي هڪ نئين نهج ۽ نئينءَ نوعيت تي آندو.
مطلب ته معاشرتي ۽ ديني عوامل ۽ اثرن اهل سنڌ جي
شخصي توڙي اجتماعي نفسيات ۾ وڏي تبديل آندي.
انهيءَ شخصي ۽ اجتماعي نفسيات جو ٻوليءَ جي نفسيات
تي اثر پيو. جڏهن ماڻهن جي خيالات، احساسات ۽
جذبات جي نوعيت بدلجي ويئي، تڏهن سندن نفس ڪلام جي
هيئت بدلجڻ ضروري هئي: نه صرف اسلام، ايمان،
شريعت، دين، توحيد، سنت، نماز، روزا، حج، زڪوات،
صدقات ۽ خيرات جا الفاظ ٻوليءَ ۾ رائج ٿيا، مگر
مروت، ضيافت، سخاوت، شجاعت، عصيبت، حميت، بدويت،
سادگي ۽ مردانگي- اهي اهڙا تخيلات (Concepts)
هئا، جن جو اثر خيال ۽ ويچار جي ڪيفيت (thought
process)،
عمل جي نوعيت (behaviour)،
۽ اڃا به زياده نفس ڪلام جي هيئت ۽ ٻوليءَ جي سٽا
تي پيو، جنهنڪري سنڌي ٻوليءَ جي نفسيات اصلاً توڙي
اصولاً بدلجي ويئي.
3.
ٻوليءَ جي تمدن ۾ واڌارو ٿيو:
عربي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لغات جي تمدني
سرمايي ۾ وڏو واڌارو آيو. عرب حڪومت ملڪ جي
اقتصادي حالت کي بهتر بنائڻ لاءِ ملڪ جي زراعت ۽
ڌنڌن کي زور وٺارايو. زراعت توڙي ڌنڌن ۾ ڪم ڪندڙن،
ڪم جي اصطلاحن ۽ ڪم جي اوزارن کي عربي ٻوليءَ جا
الفاظ ۽ نالا مليا. (1) زراعت ۾ ”هاري“ ۽ ”مجيري“
جا بنيادي نالا، عربي لغت ۽ ان جي اثر سان سنڌي
ٻوليءَ جو جز بنيا. ’هاري‘ جيڪڏهن ’هر‘ مان اسم
فاعل آهي، ته به عربيءَ جي اثر هيٺ؛ ۽ جيڪڏهن
”حارث“ مان نڪتل آهي، ته به عربي اثر هيٺ. ’مجيري‘
’اجار- يجير‘ فعل مان نڪتل آهي، ۽ ان جي معنيٰ آهي
’محافظ‘ يا ’سنڀال ڪندڙ‘. هاڻوڪي سکر براج وانگر،
شايد محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ ئي ملڪ جي زراعت
لاءِ ڪو بئريج يا بند ٻڌو ويو هو، جنهن جو نالو
رکيو ويو هو ”سڪر الميد“، يعني ’ميديا مهاڻن وارو
بند‘. عربيءَ ۾ ’سڪر‘ جي معنيٰ ئي آهي بند، ۽
’سکر‘ شهر جو نالو انهيءَ آڳاٽي بند جو يادگار
آهي. اهڙيءَ طرح، ان جي ماڻ جو نالو، ”ڪاسو“، ڪنهن
عربي ماپي ”ڪامہ“ (برتن) جو يادگار آهي. ’چوٿائي‘
عربي لفظ ”ربع“ جو ترجمو آهي، ۽ ”خرار“ لفظ عربي
جي ذريعي آيل فارسي ماڻ جو نالو آهي. (2) لوهارڪي
ڌنڌي ۾ مطرقو (ع. مِطرَقَة) ۽ سنداڻ (ع. سندان)
عربي اثر جا يادگار آهن. (3) جهاز رانيءَ ۾ ملاح،
ميربحر، زورق، ونجهه (فارسيءَ مان عربي ذريعي)،
سُکاڻ (ع. سُڪان)، ڦُڙ يا ڦڙدو (ع. فُرضة)؛ (4)
ڪاسائڪي ڌنڌي ۾ ڪاسائي (ع. قصاب)، ڪاتي (ع. قاطع)،
حُلوان (ننڍو ٻڪر)، ذبح، حلال، حررام ۽ تڪبير؛ (5)
واپار ۾ دڪان (فارسيءَ مان عربي ذريعي)، ساهمي،
دلال، ڪاٻاڙو (ع. قبالہ)، کَڙيو يا کُرجين (ع.
خُرج)، بقر يا باقري (ع. بَقال)، بَجاج (ع. بزار)،
حلوه (ع. حلوه)، قُرص، ٿوم، بصر وغيره.
عربن ۽ سنڌين جي گهري معاشرتي زندگيءَ سبب، سنڌي
ماڻهن جي نالن جي نوعيت ۾ به ڦيرگهير آئي. عرب
پنهنجن ماڻهن ۽ قبيلن جا نالا ڪَڙن ۽ پِتن ۽
خطرناڪ جانورن جي نالن جهڙا، دشمن تي رعب ويهارڻ
لاءِ، رکندا هئا- مثلاً ماڻهوءَ جو نالو ’حَنظلہ‘
(= ٽُوهه)، قبيلي جو نالو ’بنو اسد‘ (= شينهن جا
ٻچا)، وغيره. ساڳيو عڪس سنڌي نالن تي پيو: سنڌيءَ
۾ ماڻهن جا نالا (مثلاً ٽوهه، ڪَوڙو، اڪ، نم،
شينهڙو، گدڙ، بگهڙ، سَگهو، سٻر، ڌڱاڻو، لوهه-
مروڙ، وغيره) ۽ ذاتين جا نالا (ناهر، بگهياڙ،
شيهڙا، واسينگ وغيره) عربي نهج تي مگر خالص سنڌي
لغت ۾ بنيا. گهرو زندگيءَ ۾ ابو، اما، رئو
(رداءِ)، پوتي (فوطه)، گج (قز)، دٻڪي، تباک (طبق-
طباق)، عربي لغت جا الفاظ سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا.
عربن جي مال متاع ۽ وهٽن جي شوق، سنڌ جي چوپائي
مال جي پرورش ۽ اٺن گهوڙن ڌارڻ جي ذوق ۽ ڌنڌي کي
وڌايو. سنڌ ۾ عربي گهوڙن ۽ اٺن جا نسل پالجڻ شروع
ٿيا. يمن جي قبيلي ’مهرة بن حيدان‘ جي اٺن جي بُڻ
مان سنڌ ۾ مهري اُٺن جو نسل آيو، ۽ ڀلن اُٺن تي
نالو ئي ’مهري‘ پئجي ويو. گهوڙن مان ابلق ۽ ڪُميت
جا بُڻ عربن آندا. ازان سواءِ، جيئن ته عربي
ٻوليءَ ۾ اُٺ ۽ گهوڙي جي قسمن، رنگن، پنڌن، مرضن ۽
علاجن جا عجيب غريب نالا هئا، تيئن ساڳئي نموني تي
سنڌي ٻوليءَ ۾ به نالا نروار ٿيا. اُٺ جا، ڄم کان
وٺي ڇهن سالن تائين، عمر موجب نالا: ڄائو ته
گونئرو ۽ مزات؛ 2 سال، ٻِهاڻ، 3 سال، ٽرهاڻ؛ 4- 5
سال، ڇَٽ؛ 6 سال، دؤڪ، 7 سال، چوڳو؛ 8 سال، ڇَڳو؛
۽ 9 سال، نيش (’نيش‘ يعني نون سالن جو نوجوان اُٺ،
جو بلڪل عربي لفظ ”بازغ“ جو مترادف بنيو)؛ ان بعد،
9 کان 12 سالن تائين ’بنيش‘، ۽ ٻارهين سال
’ارموش‘، اهڙيءَ طرح گهوڙن جا نالا عمرن موجب:
وڇيرو، سَرل، دؤڪ، چؤسال، پانجاريو وغيره. رنگ ۽
بُن موجب اُٺ: سنڌي، لاڙائي، ساڪرائي، ڍاٽي،
ڊيائي، سوٽي، جالوري، وغيره؛ ته وري گهوڙو- ڪُميت،
جابون، نيرو، بور، مُشڪي، چينو، نقرو، ٻگلو، ابلق،
سنجاف، سرخو، مَڪڙو، سمند، پنج- ڪلياڻ، ڪبوتريو،
ديناري، وغيره گهوڙي جي سنجن مان ’رڪيب‘ ۽ اُٺ جي
سازن مان ’نط‘ (= ’نطع‘ يعني چمڙي جي جهُل)، عربي
اثر جا نمايان نشان آهن. مطلب ته گهوڙن، اُٺن ۽
چوپائي مال (جو سنڌ جي زندگيءَ جو مکيه جز آهي) جي
ٻوليءَ جو تمدن عربي ٻوليءَ جي ساڳئي تمدن جي زير
اثر توڙي نهج ۽ نموني تي ويجهيو وڌيو.
بدوي يا بري تمدن جي خصوصيات مان هڪ هيءَ به آهي
ته ان جي افراد کي بدوي زندگيءَ جي جزئيات جي ذري
پرزي خبر هوندي آهي. هو پنهنجي تر جي مٽيءَ جي ذري
ذري، وڻ وڻ جي ذات ۽ گاهه گاهه جي پن کي سڃاڻي.
سنڌ پنهنجي طبعي بناوت جي لحاظ سان عرب جهڙي هئي،
انهيءَ ڪري بدوي تمدن جو مڪمل عڪس سنڌ پنهنجي طبعي
بناوت جي لحاظ سان عرب جهڙي هئي، انهيءَ ڪري بدوي
تمدن جو مڪمل عڪس سنڌ جي دهقاني زندگيءَ تي پيو، ۽
عربي لغت جو عڪس سنڌ جي عام ٻوليءَ تي. جيئن
عربيءَ ۾ ڪن اسمن- مثلاً اٺ، شينهن وغيره جا مختلف
اوصاف، ۽ محاورن سبب مختلف نالا هئا، تيئن سنڌي
ٻوليءَ ۾ به انهيءَ نهج تي مختلف نالا نروار ٿيا:
سنڌيءَ ۾ اُٺ لاءِ بوتو، ڏاگهو، چانگو، ٻور، توڏو،
مَيو، ليڙو، بغدي، وغيره نالا بنيا، ته شينهن جا
(قسم ۽ رنگ وغيره جي لحاظ سان) قيصر، ساوَج، مزار،
ڪيهر، واگهه، ٻيلائي، چيتو، گجمير، وغيره نالا
نڪتا. اهڙيءَ طرح، سنڌيءَ ۾ وڻن ۽ گاهن جا متعدد
نالا آهن؛ ۽ ساڳيءَ طرح هُرلي ۽ نار، ڇپر ۽ مَنهن
جي جدا جدا ڪاٺين جا جدا جدا نالا آهن. هن
’جزثياتي تفصيل‘ جو مثال، سواءِ عربيءَ جي ٻين
ٻولين ۾ نٿو ملي.
(1)
نسي من (نسِي= نهِي= هِني= هِتي. مَن=مون= هتي
مون.
(1)
’تاريخ طبري‘، ليڊن (Lieden)
ڇاپو، جلد 2، صفحو 1275.
(2)
’ڪتاب المعارف‘ (ابن قتيبہ)، ص 110.
(3)
’عمدة الطالب‘، ص 304.
(4)
’ديوان فرزدق‘، پئرس ڇاپو ص 77، مصري ڇاپو ص
16.
(5)
’ڪتاب المعارف‘ (ابن قتيبہ)، ص 208.
(1)
’المعارف‘ 208؛ ’الطبري‘، 3/70؛ ’الشعراء‘،
484؛ ’الامالي‘، 1/271؛ ’العقد‘، 2/31؛
’الخزانة‘، 4/167؛ ’الحماسة‘، 2/52- 151؛
’الاغاني‘، 16/81؛ ’الوفيات‘، 3/91- 290؛
’المرتضيٰ‘، 1/161؛ ’المقطعات‘، 102؛ ’الحصري‘
، 3/213؛ ’الاقتضاب‘، 292؛ ’الاضداد‘، 68؛
’ادب الکاتب‘ 24؛ و شرح 124؛ ’مراة الجنان‘،
1/ 278؛ ل (عهد) (اتم).
|