سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 1959ع

مضمون:

صفحو :2

ان کان پوءِ، ”دانائن جا خط“ جي عنوان هيٺ، داعي الدعاة الشيرازي ۽ مشهور فلسفي ابوالعلاء معريءَ جا خطوط آيل آهن، جي هنن گوشتخوريءَ جي مسئلي متعلق هڪٻئي کي لکيا آهن. هن تاريخي ۽ فڪري بحث کي پيش ڪرڻ مان اهو مقصد به آهي ته ڪي علمي ۽ ادبي پراڻيون تحريرون محفوظ رهن، ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو به ٿي وڃن.

”دوستاڻو ناتو“ مسٽر چيتن ماڙيوالا جو تاريخي مقالو آهي. چيتن ماڙيوالا اهو سنڌي اهل قلم آهي، جنهن جي تاريخ سان وابستگي مسلمه حقيقت آهي. سندس تاريخي مقالن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هن مقالي ۾ انگريزن جي سنڌ تي غاصبانه مقصدن جي تحت ڪيل ڪار گذارين جو تفصيلي مطالعو ڪيو ويو آهي- گويا 1821 کان 1820 تائين مليل تاريخي رڪارڊ جو جائزو وٺي ٻڌايو ويو آهي ته مير نهايت بيقصور هئا. انگريزن جي باطني خباثت پهرئين ڏينهن کان آخر تائين قائم رهندي آئي، جنهن جو اعتراف خود ڪي انگريز محقق به ڪري چڪا آهن.

”سُڌاتوري ۽ ڪُڌاتوري جي ڳالهه“، سنڌي ادب جو نهايت سهڻو ڪلاسيڪي شاهڪار آهي، جنهن جي دوباره اشاعت مان فقط اهو مقصد آهي ته اسان جون پراڻيون ادبي تحريرون هميشه لاءِ محفوظ رهن، ۽ انهن جي فني ۽ لغوي ارتقا ۽ حيثيت متعلق به ڪا راءِ قائم ڪري سگهجي. ان سلسلي ۾، اميد آهي ته اهڙا شاهڪار وقت بوقت اشاعت هيٺ آڻيندا رهنداسون.

”مهراڻ جا موتي“ جي عنوان هيٺ، حڪيمانه مقولا به حسب دستور پيش ڪيل آهي، جي- ”ڤّۆڵ ڦۑ صجۑ ښڌ ڦخ ښڦجإ ێڌ ێۑڎڌ ڦإ ضڧڎ، ڶڎڈ ڷإڈإڷ صڎ ڥڵإڶ- ڷڎڶ ۆ ڷإڐڦ بڌ إشڎ

”سنڌي نثر مان مثالي ٽڪرا!“ جي عنوان هيٺ سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جا اهي معياري اقتباس پيش ڪبا آهن، جي ناظرين ۽ صاحب مطالع وقت بوقت پسند ڪري موڪليندا آهن.

ان کان سواءِ ”علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون“ جي عنوان سان، انهن سڀني مشهور ڪانفرنسن جي ڪارگذاري ڏجي ٿي، جي سنڌ توڙي پاڪستان جي مڙني علائقائي زبانن ۽ تهذيبن سان واسطو رکن ٿيون. هن پرچي ۾ ’اکل ڀارت سنڌي ساهتيه سميلن‘، ڪراچيءَ ۾ ٿي گذريل’راڳ ڪانفرنس‘، ۽ ’آل پاڪستان رائٽرس ڪنوينشن‘ جون ڪارگذاريون ڏنيون ويئون آهن.

”تبصرا“ جي عنوان هيٺ نون ڪتابن تي پوري احتياط ۽ فني جوابداريءَ سان تبصرا ڪيا وڃن ٿا، ۽ مصنفن ۽ مؤلفن کي پنهنجي راءِ ۽ مشورن کان آگاهه ڪندا اچون ٿا. هن پرچي ۾ تازن ڇپيل ڪتابن جهڙوڪ- ’تاريخ ڪلهوڙن‘ (اڙدو)، ’تڪمله مقالات الشعرا‘ (فارسي، ’نيٺ ڇا ڪجي‘، ’ڇوٽڪارو‘، ’ڪاميابي‘، ’مقالات الحڪمت‘، وغيره- تي مختصر تبصرو ڪيو ويو آهي.

گذارش

آخر ۾ ناظرين ڪرام وٽ معذرت خواهه آهيون، جو بيحد ڪوشش هوندي به رسالي جي ڇپائيءَ ۾ ذرا ديرمدار ٿي وئي آهي. اميد ته اسان جا ناظرين، اسان جي مجبوريءَ ۾ معذرت کي قبول ڪندا، ۽’مهراڻ‘ سان پنهنجي تعاون ۽ وابسگتيءَ کي قائم رکيو ايندا.            -غ. م.گ.

1

بيت

’نياز‘ همايوني؛ ’درد‘ دريشاڻي؛ موتي پرڪاش

دوها: ’بشير مورياڻي؛ ’برده‘ سنڌي

ڪافيون

مرزا قليچ بيگ، مرحوم؛ مرزا همايون بيگ ’فائق‘، مرحوم: ’نيازهمايوني؛ مير محمد’ميرل‘؛ حافظ محمد ’احسن‘

وايون: شيخ ’اياز‘؛ عبدالجبار ’شام‘

گيت

شيخ ’اياز‘؛ گوورڌن محبوباڻي؛ ’تنوير‘ عباسي؛
’برده‘ سنڌي؛ ’بشير‘ مورياڻي؛ ’محسن‘ عباسي؛ ايشور چندر؛ ابن حيات پنهور

نظم

مولوي احمد ملاح؛ مرزا قليچ بيگ، مرحوم؛ گوورڌن محبوباڻي؛ ’تنوير‘ عباسي؛ شيخ ’اياز‘؛ لکميچند ’پريم‘؛ ’محسن‘ عباسي؛ ’ذوالفقار‘ راشدي؛ شمشير الحيدري

نيون طرزون

سانيٽ: ’بشير‘ مورياڻي مورو: عبدالجبار ’شام‘

غزل

مولوي احمد ملاح؛ شيخ ’اياز‘؛ پرسرام ’ضيا‘، مرحوم؛ ’حيدر‘ جتوئي؛ رشيد ’ارشد‘؛ ’ذوالفقار‘ راشدي؛
’مقبول‘
صديقي؛ لکميچند ’پريم‘؛ شبير ’هاتف‘؛ سڳن آهوجا؛ عبدالله ’خواب‘؛ شمشير الحيدري.

قطعا

’برده‘ سنڌي

اسين

”اسين ملڪ جون جيئريون جاڳنديون ’يونيورسٽيون‘ آهيون. اسان جو ڪم اُتان شروع ٿئي ٿو، جتي تعليمي ادارن جو ڪم ختم ٿي وڃي ٿو. اسين ماڻهن کي فن ۽ زندگي ڏيون ٿا. جيڪڏهن اسين نه هجون ها، ته پوءِ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو به ڄٽ ۽ جاهل رهجي وڃن ها.

”اسان پنهنجي قلم جي طاقت سان مختلف زمانن ۾ ڪيتريون حڪومتون بنايون آهن، ۽ ڪيتريون ڊاٺيون آهن؛ ڪيترا آدرش ۽ اصول ڦهلايا آهن، ۽ ڪيترن سان ٽَڪر کاڌي اٿئون.

”اوهين جڏهن خواب ۾ مدهوش هوندا آهيو، تڏهن اسين، مٽيءَ جي ڏِيئن کي روشن ڪري، اوهان لاءِ لکندا رهندا  آهيون. اسان جو لکيل اهو فن ۽ ادب، اوهان جي زندگيءَ جو رفيق ۽ ساٿي ثابت ٿيندو آهي.

”وڏيون وڏيون رياستون تباهه ٿي وڃن ٿيون ۽ سياسي ليڊر تاريخ جي ورقن ۾ گمنام ٿيو وڃن، پر اسين اديب ئي آهيون، جي هر دور ۾ زندهه رهون ٿا.

اسان جو اعزاز، وطن جي اعزاز جي برابر آهي!“

- جسيم الدين

بيت

’نياز‘ همايوني

ڦُٽيءَ کاڌي ڦوٽ، ڪپهه پئِي ڪانڀي،

ائين دل سانڀي، سڄڻ اسان کان وَرتڙي.

کُنڀيءَ وانگ کِڙي، ڪنهن جي سُڃ ۾ سونهن،

نانگ نينهن، ٿيو وسهِنِ کان وائڙو.

مينديءَ ۾ جيئن رنگ، تيئن وِرهه وجود ۾،

اندر اناري انگ ، ٻاهر ساول صوف جان.

اِلسيءَ ٽانگا ٽِڙيا، ڦُلين کاڌا ڦاٽَ،

هاڻ ته گهُوري آٽ، اڱڻ اچ سپرين!

روئي ڌوئي ويهن ٿيون، جانيون جيئڻ آس،

آڌيءَ رات اداس، شال نه ڪنهن جو روح ٿئي!

آڌيءَ تنهنجو آسرو، سانجهيءَ تنهنجا سُور،

ڪهڙا پچائي پُور، ڪهڙا پچايون، او پرين!

تَڪيا تڪيم ڪيترا، پر تڪين ڪين تڪيو،

آخرڪار تڪيو، پنهنجو رکيم پاڻ تي.

جِنين جيڏا جُهد، تَنين تيڏا جَسَ،

ڪري ورا وسَ، ماڳ رسا مُهت سين.

اسان سڄڻ جو نينهُن، سڄڻ اسان جي سونهن،

ويندن وانگ ورونهن، پيا ڪريون ٿا پنڌ ۾.

محبت جن جو ماڳ، تن وٽ سُکن ڪال،

اُجڙي اُجڙي شال، ڏاڍ ڏمر جو ڏيهه، الا!

’درد‘ دريشاڻي

(بسنت)

آئي رُت بسنت جي، ٽڙيا گل گلاب،

سَيون چڀُيون ساهه ۾، اکين آيا آب،

يادن جا ڪتاب، ور ور ڪري مون واريا.

آئي رت بسنت جي، ساوا ٿيا پَٽَ،

ڪنهن اٻوجهه نينهن جا، اُکلي پيا ڦَٽَ،

رکي رکي سَٽَ، اُڀري منهنجي ساهه ۾.

آئي رت بسنت جي، لڳو ٿڌڙو واءٌ،

گونجيو تنهنجي کِلَ جو، ڪَنن ۾ پڙلاءٌ،

لُڙڪن جو درياءٌ، اُٿلي آيو، او پرين!

آئي رت بسنت جي، مينهن ڪئي ڇَم،

ڇنڊا پيا جيءَ تي، جاڳي اٿيا غم،

سونهن ڀَرئي عالم، سُيون چڀايون ساهه ۾.

آئي رت بسنت جي، چمڪيا خوب خيال،

ڏيئا ٻاريا من ۾، يادون جي جمال،

پڇ نه منهنجا حال، ڪهڙا ٿيا بهار ۾!

موتي پرڪاش

اکيون اُڃايون گهڻيون، نگاهن کي اُڃ،

ساجن بِنا سرتيون، ساوڪ آهي سُڃ،

هي جڳ آهي رُڃ، ڀٽڪيو ڀٽڪيو ٿي ڀُڻان.

ڀٽڪيو ڀٽڪيو ٿي ڀُڻان، لهندم ڪير سنڀار؟

پرينءَ جا پيرا کڻي، وڃان ڪهڙي پار؟

منهنجي هيءَ ڄمار، جبل جهاڳيندي وئي!

ساريان ڪيئن سرير جِي، سرتيون سڌ ۽ سارا!

چَڳُون چيِڙاليون ٿيون، ڪيئن سنواريان وار؟

گلي ۾ روئي وڌم، هِيرن سندا هار!

ساجن بن سينگار، ڪين سيباڻي ساهه کي!

دوها

’بشير‘ مورياڻي

تنهنجي نيڻن جي ساگر ۾ منهنجي پيار جي چانڊوڪي،

مُرڪ نچي آئي چپڙن تي، توته گهڻوئي ٿي روڪي.

پهرئين پيار جي پِيلي پيِلي چانڊوڪي مُسڪائِي،

تنهنجي ياد گلشن مان درد جي خوشبوءِ آئي.

ٻن آواره اکڙين منهنجي دل چورائي.

هاءِ قيامت، منهنجي چَپَ تي ليڪن اُف به نه آئي!

منهنجي چپڙن تنهنجي منهن جي چانڊوڪي چورائي،

شرميلين اکڙين ۾ بِرهه جي لالائي لهرائي.

تنهنجي ياد جو ڏيئو جلايان، ساري ساري رات،

آس ڀرين اکڙين سان جاڳان، جاڳايان پرڀات.

’برده‘ سنڌي

سانوڻ آيو، ياد پيو مون کي سانورڙي جو رُوپ،

دل- مندر جي دَر تي نيڻن نمِي دُکايو ڌُوپ

رات رات جي بات آ پيارا، گذري ويندي رات،

ورَهين کان ان ويل لءِ ٺاهيم ، خوابن جا محلات.

ساهه کان وڌ آ، مٺڙي مٺڙي، سهڻا تنهنجي سونهنَ،

تڏهن ته چاهي هرڪا دل ٿي، توسان ڪرڻ وِرونهن!

مٺڙي مٺڙي مهَل آسُرجي، ٿڌڙي ٿڌڙي هِير،

مس مس ساهه سُتو آ ٿڪجي، جهاڳي جهاڳي سِير.

ڪافيون

مرزا قليچ بيگ، مرحوم

ڪوهه ڪُٺيءَ کي قيد ڪري، ڪيئه مارن کؤن ڌار، ڙي!

عمر ڏنئه آزار، ڙي- ڏاڍي ٿيس لاچار، ڙي!

سانگين سان هُيس ڪالهه هيڪاندي، غم وهم کان هُيڙس واندي،

ايرادي هن ڪوٽ ۾ آندي، مفت مُٺي پئي موت مري-

اکيون ابائي پار، ڙي.....

وٺا مينهن، ٿيون گلزاريون، پئيون نڪري پٽ پنوهاريون؛

اچن ڪِرڙ ڪريڙ ٻهاريون، پڪا پيرون پانڌ ڀري-

ٻاٻاڻن جا ٻار، ڙي...

زهر لڳن ٿا تنهنجا کاڻا، ساوا ساڳ سدا سيباڻا،

پاڪ پنير لُلر ۽ لاڻا، ڏُکِي ساريو ڏُٿ ڏري-

ڏنگا ڏؤرن ڏارَ، ڙي....

عمر حال وڃايم روئي، لال لِڱن تان لاٿيم لوئي،

ڍڪينديس آءٌ تنهن کي ڌوئي، پَٽ پٽيهر پاءِ پاءِ پَري-

واسيان آءٌ نه وار، ڙي...

نِت ’قليچ ڪريان ٿي آهون، روز نهاريان ويٺي راهون،

مانَ ٻُڌن سي دلبر دانهون، ماروئڙا شل  پير ڀري-

سگهو لهن ڪا سار، ڙي...

مرزا همايون بيگ ’فائق‘، مرحوم

ٿا سِيني سِر جن سُور! ووءِ ووءِ، پل پل پون پُور!

حال منهنجا واقف مارُو، گهارن مون کان ڏور...

هڪڙي مون سان ڪئي، جنهن زور وڌم زنجير،

ٻيو قيد ڪيو آڻي ڪوٽن ۾ مون کي آهي هتي تقدير:

آءٌ موٽي ملان وڃي ٿاريلين سان ٿر ڪهڙي دستور..

ڪين وئن تنهنجا طُول وهاڻا، هار، ڪنگڻ، ڪٺمال،

شالون تنهنجون ساڙيان، مون کي لوئي وڻي ٿي لال:

ٻَن وجهي هي ٻوڙَ، وڃي شل روڙيان ڪِرڙن ٻُور....

ڪانگ اُڏايم، ڪانه لڌي پر منهنجي سنگهارن سار،

ڪوٺن تي ٿِي اُڀِي اوساريان، مانَ ٻُڌن ٻاڪار:

راتيان ڏينهان تات اندر منجهه، مارُن جو مذڪور..

’فائق‘، مان ٻُڌ هُو داتا، درد وَنديءَ جو دانهون،

عرض اگهائج آگا منهنجو، آءٌ ته ٻَڌئين ٿي ٻانهون:

پار اُڪارج ڊُونڊي منهنجي، پرورَ پهرئين پور....

- ووءِ ووءِ، پل پل پون پور!

’نياز‘ همايوني

(ڏوهيڙو)

تسبيح وانگي لُڙڪن داڻا، سوري سوري، هوءِ !

ڪنهن جو نالو خشڪ چپن تي، چوري چوري، هوءِ!

ويٺيس پنهنجي جيءَ کي، جيڏيون، جهوري جهوري، هوءِ!

جهوري ويم جهُڙاليون، الا،.... شل ڪا باهه لڳي برساتين کي!

 ماڻهو مُرڪن مينديءَ گُل جان،

مُکڙا تن جا ڪسيوءَ ڦُل جان،

پنهنجون اکڙيون آليون، الا،

- شل ڪا باهه لڳي برساتين کي!

روح سدائين راتاهن ۾،

جيان هڄي ٿي آڙاهن ۾،

هيئن ٿا جنجل ۾ جاليون، الا،

- شل ڪا باهه لڳي برساتين کي!

پاڻيءَ بِنِ جيئن ڪُرڙي ڦٿڪي،

تيئن ٿي ويڳاڻي دلڙي ڌڙڪي-

اوکيون عشق جون چاليون، الا،

- شل ڪا باهه لڳي برساتين کي!

سانوڻَ ساههُ پَلايون سکن کان،

ساٿ گهريوسين، ’نياز‘، ڏکن کان،

پُڇ نه اسان جون ڳالهيون، الا،

- شل ڪا باهه لڳي برساتين کي!

مير محمد جويو، ’ميرل‘

دوست نه دلڙي مَٽجي، مٽجي هڏ نه پوئتي هٽجي هٽجي!

طعنا مهڻا لوڪ جي خواري، آهي سهائڻ سر تي ساري،

- سـرڙو نـيـئـي سَـٽـجـي سَـٽجي ....

سرڙو اَڏيءَ تي جو ئي آڻي، حال حقيقي سو ئي ماڻي،

- ڪنڌڙو ڪاتيءَ ڪٽجي ڪٽجي...

”فَاذ ڪرونِي اَذڪرڪُم“ ٿي، گيان انهيءَ ۾ هيڪر گم ٿي،

- بازي هاريل کٽجي کٽجي.....

آيو جن تي عشق الاهي، ’ميرل‘ ڪن سي ’ماهي ماهي‘،

- نانءٌ ٻيو ڪهڙو وٺجي وٺجي....

حافظ محمد ’احسن‘

سرس ڪري سينگار، دوست پسايو ناز نظارو!

عشق اول آسان ٿي ڄاتم، پيچ پرين سان پختو ڀانيم،

نينهن نسنگ نروار- پوءِ پروڙيم پِرت پسارو.

راز ۽ رمزون تنهنجون نراليون، چست عجائب تنهنجون چالون،

عشق سندا اسرار- سالڪ سمجهن سڀڪو اشارو.

تنهنجي ڏسڻ مان اکڙيون نه ڍاپن، ور ور ڏيئي ٿيون واٽون واجهائن

ڪانه اٿن ٻي ڪسار- نينهن لڳو جن تنهنجو نيارو.

ديدون دوناليون تنهنجون دلبر سيني ۾ ٿيو سَٽڪن هرهر،

جيري جگر مان پار- ڪين سي ڪن ٿيون ڪنهن کان ڪنارو.

عشق الستؤن تنهنجو آهي، نيٺ ۽ سونينديس نينهن نباهي،

تن من ۾ تنهنجي تار- توکان ڳجهو ناهي حال هي سارو.

قهر جدائي جانب تنهنجي، ڪين سري ٿي ساعت منهنجي،

هوت اچج هڪوار- آهه سڄڻ سڀ تنهنجو سهارو.

پورهيت جي توکي پارت آهي، تو ريءَ واههَ وسيلو ناهي،

سونهن ڀريا سردار- تنهنجو آهي پاس پنارو.

’احسن‘ تي ڪر قرب ڪرم اڄ، پاءِ اڱڻ ۾ يار قدم اڄ،

دُرس ڪيستان ديدار- بخت منهنجي جو چمڪي ستارو.

وايون

شيخ ’اياز‘

ڪيئن ڪريان مان؟ ڪنهن به ريت

... منهنجي من کي چين ناهي.

هاءِ، ڪهڙي رات آهي، چنڊ منهنجو نا ميت!

... منهنجي من کي چين ناهي.

هيءَ گلابي رُت ڏسي، مون کان رُسي ويا ڪئي گيت!

... منهنجن من کي چين ناهي.

هار ڪائي هار ناهي، جيت ڪائي ناهي جيت!

... منهنجي من کي چين ناهي.

تون ڪٿي آهين، پرين آهي ڪٿي اڄ تنهنجي پريت؟

... منهنجي من کي چين ناهي.

عبدالجبار ’شام‘

سِڪَ اُڪاري پار، گهڙو کڻجي ڪينڪي!

سُهڻيءَ سڏيو ساهڙ کي، پهتو پڙاڏو پار...

ڀُري گهڙو ڀورَ ٿيو، ڀيلو سهي نه بار..

گهَڙي ۽ گهيڙ جو، اکر ڪيم اُچار...

آڳاهون اُن سين، هئي ڪا پِرت پچار...

ٻُڏيون ٻوڙيو ٻوئين، دريا شاهه دلدار..

ساهڙ سنديءَ  سِڪ ۾، گهَڙي بنا گهار...

ڪنڌيون ڪنڌئين مليون، ويڇا سڀ وسار...

گيت

شيخ ’اياز‘

جوت

جيوَن- نَيا مٺڙي مٺڙي سُر ۾ پئِي ڪجهه ڳائي،

سانجهي سهڙي آ هستيءَ تي، ڪارا پَرَ ڦهلائي،

ڪوهيڙي ۾ ڪونج اُفق تي پرڙا پئي ڦڙڪائي:

آشا- ديپ جلائي-

.... هن دنيا جي وَهه تي ويو ڪو آشا- ديپ جلائي!

هوريان هوريان هِير نديءَ تي لاٽَ پئِي ٽمڪائي،

پاڻيءَ ۾ پاڇو چوڌاري جوت پيو ڦهلائي،

ڇولِي، ڏيِئٻي سان ٽڪرائي، تيل پيِئي ڇلڪائي:

ڀل پيو لوڏا کائي-

... هن دنيا جي وَهه تي ڏيئو ڀل پيو لوڏا کائي!

ڏس ته مٿان آڪاش پيو ٿو ڪيڏا ديپَ جلائي-

هڪڙو گم اٿئي، ٻيو نڪري، تارن سان راند رچائي!

تنهنجو ڏِيئو غرق به ٿي ويو جي جڳ کي جرڪائي،

دل نه سندءِ گهٻرائي:

... پنهنجي جيوت جڳائي ويو جو، سو ڇا کان گهٻرائي؟

(2)

جواني نه رهندي

جواني نه رهندي، جواني نه رهندي!

اسان جي صدا آ صدا الستي- ڪريو ميَ پرستي، ڪريو ميَ پرستي!

پيو حسنِ هستي- پيو حنِ هستي اڃا ٻي مستي، اڃا ٻي به مستي!

سدائين مئي ارغواني نه رهندي-

... جواني نه رهندي، جواني نه رهندي!

اهو جوشِ صهبا ٻه ٽي ڏينهن آهي، اهو جام ومِينا ٻه ٽي ڏينهن آهي؛

طِلَسمِ تمنا ٻه ٽي ڏينهن آهي، مگر پوبه ڇاڇا، ٻه ٽي ڏينهن آهي:

مڃان ٿو سدا زندگاني نه رهندي-

... جواني نه رهندي، جواني نه رهندي!

سدا فرشِ گُل تي ڪندي رقص شبنم، سدا چنڊُ اُڀري ڪندو سير، عالم،

سدا هِير ۾ جهُومندو زلفِ برهم- مگر ابنِ آدم، مگر ابنِ آدم،

ٻه ٽي ڏينهن آ، عمرِ فاني نه رهندي-

...جواني نه رهندي، جواني نه رهندي

اها چاندني رات رهندي نه، مٺڙا، مِٺي ۽ ملاقات رهندي نه، مٺڙا،

اها تاس ۽ تات رهندي نه  مٺڙا، خصوصاً خرابا رهندي نه، مٺڙا:

نه رهندي، نه رهندي، جواني نه رهندي-

... جواني نه رهندي، جواني نه رهندي!

هلي آ، گذاريون ائين زندگاني، نه الله باقي، نه انسان فاني،

اسان جي حقيقت مجاز آهه، جاني، اسان جي عبادت،- جواني، جواني!

جوانيءَ سواءِ ٻي نشاني نه رهندي-

.... جواني نه رهندي، جواني نه رهندي!

گوورڌن محبوباڻي ’ڀارتي‘

نئين نظر

دل تي آهن زخم هزارين،

ڪنهن تي ڪنهن تي ملم لڳايان!

منهنجي اکڙين ۾ جيئن آنسُو، نِيل گگن ۾ تيئن هِي تارا؛

لاشڪ منهنجو درد پَڇاڻِي، رات ڀري ويٺِي شوڪارا:

دل چاهي ٿي مان تارن کي، پنهنجي لڙڪن ساڻ ملايان!

-       دل تي آهن زخم هزارين...

سواسَن جي سَرگم سان ويٺِي، تالُ ملائي دل جِي ڌڙڪن؛

گذريل سُکَ جا نورا پائي، ياد نچي ٿِي ڇَن – ڇنَ- ڇَن- ڇنَ:

مان سڏڪن جو ساز وڄائي، ڳوڙهن ۾ پڻ ويٺو ڳايان!

-       دل تي آهن زخم هزارين.....

مٺڙي، تو مون کان منهن موڙيو، مون منهن موڙيو آهه سَکن کان؛

کِلندي ايڏا سور سَٺم، جو دل نه ڏڪي ٿِي هاڻ ڏکن کان:

غم ويٺو مون کي ريجهائي، مان ويٺو غم کي ريجهايان!

-       دل تي آهن زخم هزارين....

مون کي هاڻي پنهنجي سُک جِي آهه رهِي پرواهه نه ڪائِي،

سُر سهان دنيا جي سک لءِ، دل ۾ آهي چاهه اِهائِي:

مان چاهيان ٿو، دنيا جا دک پنهنجي سني منجهه سمايان!

-       دل تي آهن زخم هزارين....

گهايل پريت پڇي ٿي مون کان: نيڻ ملائي تو ڇا پاتو؟

چاهي ٿِي ناڪام محبت، مان ٽوڙيان دنيا سان ناتو؛

پر سوچيان ٿو: مان ڇا جي لءِ ’رُڃن سُڃن‘ ۾ پاڻ وڃايان؟

-       دل تي آهن زخم هزارين....

ڇو نه اُفق جي حد اورانگهي، ديسَ- ڪالَ جا ٻنڌن ٽوڙيان؟

مان هن بيدردي دنيا کان بهتر ٻئي ڪا دنيا جوڙيان!

زخمن کي مان زخم نه ڀانيان؛ هڪ سان ڇو،- جڳ سان دل لايان!

-       دل تي آهن زخم هزارين،

ڪنهن تي ڪنهن تي ملم لڳايان؟

(2)

رات جا آنسو

ڪلهه نڊرموهي چنڊ نه آيو، وِرهه جا لڙڪ وهايا؛

ڇانئِي جَل ٿَل آسمانَ تي، تاريڪيءَ جي غم جِي ڇايا.

سِنڌُرُ لاهي، سينڌ به ڊاهي، ڇوڙيا ڪارا وارَ، اَڀاڳڻ؛

موهيندڙ جهِلمِل تارن جا، ٽوڙيا سهڻا هارَ، اَڀاڳڻ؛

بالم بِن بيسوُد سجاوٽ، ساجن بِن سينگارَ اجايا-

... ڪلهه نِرموهي چنڊ نه آيو، رات  وِرهه جا لڙڪ وهايا!

ٿڪل ٽٽل سنسار سمهي پيو، مگر رات کي ننڊ نه آئي؛

هاءِ، چنڊ جي اوسيڙي ۾، هُن هڪ پَل ڀِي اک نه لڳائي:

جِلِي جدائيءَ جي جوالا ۾، ڪئن نه اُماس ڪيائين ڪايا!

.... ڪلهه نرموهي چنڊ نه آيو، رات ورهه جا لڙڪ وياها.

سُڻِي رات جا سڏڪا، ڪي ڪي بادل دانهن ڪري ٿي جاڳيا؛

شاخن تي خاموش سُتل پَنَ، هر هر ڇرڪ ڀري ٿي جاڳيا؛

ڏهن ڏَسائُن جا دروااز، پاڳل پَوَن  پئي کڙڪايا-

.... ڪلهه نر موهي چنڊ نه آيو، رات ورهه جا لڙڪ وهايا.

رُئندي، پاسا بدلائيندي، ’رات‘ سموري رات گذاري،

پوئين پَهر، نٻل نِسَتي ٿِي، ڍرڪڻ لڳِي ورهه جِي ماري:

ڳڙيس ڳلن تان ڳوڙها جي، سي ڌرتيءَ تي ’شبنم‘ ٿي آيا!

.... ڪلهه نر موهي چنڊ نه آيو، رات ورهه جا لڙڪ وهايا.

’تنوير‘ عباسي

تن ۾ تات

سهڻا سائين، تنهنجي پيارَ جيءَ ۾ جوت جلائي آهي-

جيءَ ۾ جوت جلائي آهي، تَنَ ۾ تات لڳائي آهي!

گل تي پوپٽ جيئن جيئن آيا، اڀ تي بادل جيئن جيئن ڇايا،

منهنجا مٺڙا، تنهنجي سارَ، ايئن ايئن دل ۾ آئي آهي-

ايئن ايئن دل ۾ آئي، .. تن ۾ تات لڳائي آهي!

پيار جي لهر چڙهِي جو آئي، مند نه ڄاڻي، موسم ڪائي،

ساوڻ سياري تارؤن تار، اُٿلڻ لءِ ڄڻ آئي آهي-

اُٿلڻ لءِ ڄڻ آئي آهي، ... تن ۾ تات لڳائي آهي!

پيار جي چنَدن وانگر ڄاڻو، تيئن سُرهو  ٿئي جيئن پراڻو:

منهنجي من ۾ تنهنجي تنوارَ، هڪ سُرهاڻ سمائي آهي-

هڪ سُرهاڻ سمائي آهي،... تن ۾ تات لڳائي آهي!

مون سوچيو، سمجهيو، ويچاريو، سياڻپ مون کي هي سيکاريو:

ڏاهپ ساري آ بيڪار، سوچ ۽ سمجهه اجائي آهي-

سوچ ۽ سمجهه اجائي آهي، ... تن ۾ تات لڳائي آهي!

اِنڊلٺ وارو وَنگُ لتاڙي، پيار سان پنهنجو پاڻ سلهاڙي،

سهڻا، هل ته هلون هُن پار، هِت هرڪو هرجائي آهي-

هِت هِت هرڪو هرجائي آهي... تن ۾ تات لڳائي آهي!

سهڻا سائين، تنهنجي پيارَ، جيءَ ۾ جوت جلائي آهي!

’برده‘ سنڌي

پرڏيهي پکي

اڙي پِکي پرڏيهه جا رهندڙ، آئين ڪهڙي سانگ- اسان وٽ آئين ڪهڙي سانگ؟

ڪوٽَ ڪنڌيءَ تي ويٺو ٻولين، ويَل وَلَر کي روئي ڳولين!

اڙي اُداس پکي پرڏيهي، توکان نکڙي ويا سڀيئي-

ان ويسر ۾،  سيون ’ڏهيسر‘ ٿي ويا وانگو وانگ!...

اسان به تو جئَن سُک جي ڪارڻ آياسون هٿ پاڻ جيئارڻ،

نکڙي سورَ  پراياسون پَر، ڪاڻ ڏکن جي ڄاياسون، يَر!

آس اميد به هاءِ اسان کان کسي وَتي هِت ڏانگ!...

هي جڳُ جادوءَ جي نگري آ؛ ڳل ڦاهِي پَر ڍري ڍري آ؛

جا نه جيئڻ ڏئي، هر هر ماري، ويٺاسون ڪو ماڳ وساري-

انگ انگ ۾ وَنگ وڌا، هن لوڀ موههَ جي نانگ!...

آهيون ڪنهن واڙي ۾ واڙيل، سِر ٽڪريل ۽ سڱِ سلهاڙيل؛

وڙهندي وقتُ ويو لاکيڻو، هَڄي هڄي ٿيو هرڪو هيڻو:

ڪنهن نه سهاڳ ڪري ڍَؤ ماڻيو، ڪنهن نه رچائي مانگ!...

هڄندي ڀڄندي وڃي وهامِي، جهٽَ جو جيئڻ، سا به غلامِي؛

 آزاديءَ جو هڪڙو لحظو، مَٽ آهي سو لَک ورهين جو:

موڙي سَرڪش وقت جون واڳون، ويهه ورائي لانگ!..

موٽڻ لءِ دل ماندي آهي، آءُ ته ڪاٽيون وِرههُ ورهائي؛

موٽ ته موٽي ماڳ ملهايون، ديس لءِ  ديدون، الا، اُڃايون؛

سِڪ ۾ منزل ماڳهين ويجهي، ٿيندي هڪ ٻلهانگ!...

-   اڙي پکي پرڏيهه جا رهندڙ....

’بشير‘ مورياڻي

گفتگو

تنهائيءَ ۾ توکي ڪوئي ياد ته آيو هوندو،

خوب جدائيءَ جي اونداهه ۾ تو گهٻرايو هوندو،

ذهن کي وسريل وادين ۾ ڀي تو ڀٽڪايو هوندو،

ليڪن تنهنجا پرين الائي پهتا ڪهڙي پار!

ويڙهيچن جي ياد کي ور ور ڇاتيءَ لاتو هوندو،

بعضي بعضي ماضيءَ جو تو راڳ به ڳاتو هوندو!

اَرتو اوتڻ بند ڪيو هوندءِ ڪي گهڙيون چار.

نينهن جي نيزي تنهنجيءَ نازڪ دل کي گهايو هوندو،

تنهنجيءَ دل ۾ تنهائيءَ جو درد سمايو هوندو،

پنهنجي پيارن کان وڇڙي تو ڀي پڇتايو هوندو،

پنهنجي پرينءَ کي دل- مندر مان پلپل پئي پڪار!

’محسن‘ عباسي

آهي حياتي نينهن نسورو

وقت وڃاءِ ڪين رُسڻ ۾، آهي حياتي نينهن نسورو!

توتاڻ سهڻي ساهه ڏيان ٿو،

صدقي سَو سَوَ بار وڃان ٿو،

توتي ٿي مان ڀونئر ڀُڻان ٿو:

ڏينهن لنگهي ويا ڪيئي رُنڻ ۾-

اڄ پڻ آيُس تنهنجو گهورو.

ناز نوان سَو بار ڪرين ٿي،

هار سوين سينگار ڪرين ٿي،

هي جي اَرڏا آرَ ڪرين ٿي-

ڇا هٿ ايندءِ ڌار ٿيڻ ۾؟

الفت ڌار حسن آ ڇورو!

سُر جي لءِ جيئن ساز کپي ٿو،

نغمن کي آواز کپي ٿو،

دل کي ڪو همراز کپي ٿو:

تنهنجو مانَ آ مون سان ملڻ ۾-

مون تي تنهنجو ڇا جو ٿورو؟

سُڪندي مُکڙي هونئن به آخر،

پوءِ ڇو مِهڻا خوشبوءَ خاطر؟

سِڪ مان کوليان ٿو مان ڀاڪر:

هاڻ نه ڪر ڪا دير اچڻ ۾-

پورو ڪر تون گيت اڌورو!

ايشور چندر

دل ٿي ڳائي

ڪوئل ڪاري، هاءِ ويچاري،

جڳت جَنن جي مٺڙي، پياري:

جهِر جهِر نيڻان نِير وهائي- ڇا پئي ٻولي، ڇا پئي ڳائي؟

ٻهڪي پيئي دنيا ساري،

بلبل جي هر لات نياري:

وڻراهن ۾ پئي واجهائي- ڇا پيئي ٻولي، ڇا پيئي ڳائي؟

ڊوڙَ ڇو آ هرڻيءَ جي جاري،

ڪهڙو آيو آهه شڪاري:

بَن بَن ڊوڙي پاڻ ٿڪائي- ڇا پئي ٻولي، ڇا پيئي ڳائي؟

اُڀن سَلن تان جهرڪي پياري،

ڏسي ڀڄي ٿي، آيو هاري:

کيتن ۾ پئي ڦيرا پائي- ڇا پئي ٻولي، ڇا پيئي ڳائي؟

هر ڪو ڳائي، هرڪو ٻولي،

ڪنهن سان پنهنجو ڀيد نه کولي:

پنهنجيءَ ڌَن ۾ سوز سمائي- دل ٿي ٻولي، دل ٿي ڳائي!

ابن حيات پنهور

ساجن آءُ

آ او ساجن، ساجن آءُ موٽ مسافر، موٽي آءُ!

کيٽ کِڙي ويا، سِرنهن ڦُولاري، گُلڙن لاتي آ گلزاري:

تو بِن ناهي ساهه کي ساءُ.

جيڏيون سَرتيون مون تي کلن ٿيون، مِهڻا هر هر منهن تي ڏين ٿيون:

’توئي رُسايو پنهنجو  راءُ.‘

تنهنجي آهيان، تڏهين دانهيان، هوتَ، حُجت سان سِينو ساهيان:

ننگ سڃاتي ڪر ڪو نياءُ!

نظم

مولوي احمد ملاح

اباڻا ياد آيا ڪي

اکين آرو ٻڌو، اڄ پڻ اَباڻا ياد آيا ڪي!

اُتر کُڻ کان کوي، کاهُڙ تي کِنوڻين کيل لايا ڪي!

سنباريم سانگَ  سيڻن جا، ڀَلا ٿيا ڀاڳَ ڀيڻن جا؛

نماڻِيءَ نارَ نيڻن جا، ٽِماڙن تان ٽِمايا ڪي!

چڙهيم مَن تي مِها ميٿِي؛ وطن ويندس، جيئان جي ٿِي؛

کنوڻ کاهڙ، اُها ڏيٿي؛ وَريا هِي واءَ سَڻايا ڪي.

ڇُٽَا ڏولاءِ مان ڏوٿِي، اَٺو آکاڙ جي چوٿِي؛

وِڄون ورنديون ڏسان هُوٿِي، بهاري رنگ بنايا ڪي.

پسند مون پَٽ (1)،  نه گهرجي پَٽَ  (2)، نشاني لَڄَ لوئِيءَ تي لَٽَ؛

ڪڏهن پَرهي پٽيهر پَٽَ، لويارن (3) مِٽَ لڄايا ڪي!

ڌڻيءَ وس واهه جي جوڙي، پلر پي پاڙ کيہ کوڙي؛

ڇَٻر ڇِٻ ڇِٻ مٿي ڊوڙي، کِوائي (4) سر کوايا ڪي!

سوين سَرَ گاهه ساماڻا؛ لِچڻ  (1)، لَنب ۽ لُلرَ لاڻا؛

منڌيئڙا، مُرٽ، مانڌاڻا؛ منڊل مَکڻي مچايا ڪي!

پَيون  (2) پوٺا پلوٽن ۾، لسيون موجود لوٽن ۾،

اباڻا اڄ اَلوٽن ۾، ڌرڙن دَم دمايا ڪي!

کِڙيا کاهُڙ کَٻڙ کيرون؛ پُسيون، پِس ۽ پِپُون پيرُون؛

ٻَهون ٻوههُ، ٻاويون، ٻيريون؛ سِڱر، سِڻ، ٿيا سوايا ڪي!

پڪو ساڻيهه ۾ سائُون، ٿيون ٿر ۾ ٿڌيون ڇائُون،

ڪَڙهان ٿي ڪوٽ ۾ آئون، جدائيءَ جَلَ جَلايا ڪي!

پَناريا (3) وڻ، وليون ڦليون؛ جُهلن وچ جيڏيون جهُليون؛

چڱا چَونرا، چِٽيل چُلهيون- دونهان دل تي دُکايا ڪي!

وٺا بادل منجهان ڀَرتين، ڦٽي دورا ڪيا ڌرتين،

کڻي سِرَ ٻيلهڙا سَرتين، پَلؤ لوين لُڏايا ڪي!

نظر چڙهيم نگاهن تي، ته ٿيا تهه گاهه گاهن تي،

ڪئين ڌڻ گاهه ۾ گهاري، چيهي ۾ چَنگ چِينگهاري،

سُکيو ڌڻ گاهه ۾ گهاري، چِيهي ۾ چَنگ چينگهاري،

سَنگهاريُن پاڻ سينگاري، وير چوُڙا چڙهايا ڪي!

تَنوارڻ ۾ پيا تاڙا، لِڳهه (1) اُن لوڪيا لاڙا،

ٻَڌا ڀاڙيچين پاڙا؛ لڳو لڳ گهَر لڳايا ڪي!

گولاڙي مند گوَنرن جِي، ٿئي ڌُو- ڌُو ٿِي ڌَونرن جي،

ڏهوڻي ڳالهه ڏونرن جِي، ولين وَڪڙا ورايا ڪي!

مَنهه مارُو اٿم مَن تي، ڪِڪيءَ جي ڪِڙڪ (2) پئِي ڪِن تي،

وري ڇانگُون هليون ڇَن (3) تي، ڏيئِي وَرَ ڍورَ ڍايا ڪي!

پچِي پِئَڙا پڳهه پَٽ ۾، نه بيهي ماڻڪِي مَٽ ۾ (4)،

ڍڪو ڍِڪ ڍولين ڍِٽ ۾، ڏهوڻا ڏُڌ ڏُهايا ڪي!

وَڌي سائِي مٿي سائِي، بَگِي، ڀُوري، مِڙي ڀائِي،

رَنڀِي آئِي رَتِي، لائِي- ڪَنا ڪَرسين ڪڍايا ڪي  (5)!

جهَڻيون ڳاٽيون، لڳن گهوٽا، ڦلهون اَڪ، لونگ ۽ ڦوٽا،

اَڇا اُن جا اڱڻ اوٽا، رحم سان رب رچايا ڪي!

ڇڏيم هيِرُن هِنيون واسي، لڳن پانور  (6) جي پارا (7) سي،

رهاڻيون ريلڙين (8)  پاسي، ڳنوارن ڳاچ ڳايا ڪي!

نه وٺنديس مِير تنهنجي مَت، سچو سُبحان رکندم سَت،

پنوهارين هاڻ پرنديس پَت، عمر جا ڪم اجايا ڪي!

نه مون کي وسرڻيون ويڙهيون، ميان! مڃ ڪي مِنت ميڙيون،

ٿين ڀيڻون وري ڀيڙيون، جنين سان روح رايا ڪي!

عمر، تنهنجو ڦِٽي اَڏيو، اٿئي ڪوه مون گنگهر گڏيو،

کَٿيرن کوههَ اچڻ ڇڏيو قهارن ڀر ڪنبايا ڪي!

حڪم حاڪم نه مڃڻو مون، ڪنهين ڀت بند ڀڃڻو مون،

وطن ڏي ڪيئن به وڃڻو مون، پِرهه کان پَهه پچايا ڪي!

رکِي لَڄ پنهنجي لوياري، ڪيس مولا مددگاري،

هُئِي جن، ٿي به تن واري، پکي ۾ پير پايا ڪي!

اسين جنهن جي ڳُڻن ڳولا، مِلايا محب سي مولا،

لَٿا ’احمد‘ اکين اولا، عرض آگي اگهايا ڪي!


(3) لوئيءَ وارن.

(4) گاهه جو نالو.

(1) گاهه جو نالو.

(2) ترايون.

(3) ساوا ٿيا.

(2) ننڍي مَٽرِي.

(3) گاهه جي هُڙي.

(4) ماڻڪي: مينهن جو نالو. ’نه بيهي ماڻڪي مَٽَ ۾‘: ماڻڪِي مينهن، کير سان مَٽ ڀريو ڇڏي.

(5) سائي، بگي، ڀُوري، رتي ۽ رائي- ڳُئن جا نالا. ’ڪَنا ڪَرسين ڪڍايا ڪي‘: کير سان ڪَرسيون ڀرجي وئيون.

(6) ٿر جي ڪنهن ڀاڱي جو نالو.

(7) پارَ کان، طرف کان.

(8) ساوڪوُن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com