سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :9

فاروق سولنگي

ڪجهه بچيل باداميون

        جنهن ڏينهن گل حسن جي سائيڪل خراب ٿي پوندي هئي، ان ڏينهن هو حميده کي پيرين پنڌ اسڪول ڇڏڻ ويندو هو، اسڪول ۾جلديپهچڻ لاءِ هو وڏي رستي کان نه پر وچان وچان ئي هڪ ڪالوني مان ٿيندو، اسڪول پهچندو هو، اسڪول ۾گهڻو ڪري غريبن جا ٻار پڙهندا آهن،هيڊائن ۽ ڦڪن گيڙو رنگي ڪپڙن سان ڇوڪرن جي اسڪول سان ٻن ڪمرن وارو ڳاڙهين سرن سان ٺهيل هڪ ڇوڪرين جو اسڪول به آهي، جتي حميده پڙهندي آهي، حميده کي ڳالهائڻ جي ڏاڍي عادت آهي، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن گل حسن ڏاڍو بيزار به ٿي پوندو آهي، جنهن ڏينهن گل حسن مايوسي جي وڏي حملي هيٺ يا سوداءَ جي سورن ۾وڌيڪ روتل هوندو آهي، ان ڏينهن ننڍڙي ڌيجي سوالن جي جواب ۾ رڳو ها....... نه........ نه........ ڪندو ويندو آهي ۽ بي خيالي ۾ جتي هن کي ها چوڻي هوندي اتي هو نه چئي ويندو آهي، جنهن کي حميده  جو ننڍڙو معصوم ذهن سمجهي نه سگهندو آهي ۽ پوءِ حميده رڙ ڪري پيءُ کي چوندي آ ” نه نه بابا ائين نه ٿيندو. توهان ڇا پيا چئو“ ۽ پوءِ گل حسن هڪدقم پنهنجو پاڻ سنڀالي وٺندو ۽ هڪدم چوندو، ” نه نه ايئن ناهي.... دراصل مون .....ها......چوڻ پئي چاهي“....... اڄ رات کان وٺي مينهن راڱا پئي ڪيا، صبح تائين ڌرتي جي هر شئي ڌوپجي چڪي هئي، گل حسن جنهن ڪچي آبادي ۾ رهندو، اهو جي ڪيترن گهرن ۾ اڃان تائين مينهن جا چواڪا پيا پئي، گهرن مان اڇو اڇو دونهون ڪڏهن گهاٽن ته ڪڏهن ڇڊن ڪڪرن وانگر ڦهلبو ۽ پوءِ مٿي آسمان طرف ويندي گم ٿيندو ٿي ويو، ڪجهه گهڙين لاءِ اهي ڪچا گهر ڄڻ ته ڪوهه مري جي لهوارين پهاڙين تي اڏيل ننڍڙا خوبصورت گهر ٿي لڳا، ڪوهيڙي جي دنڌ ۾ ويڙهيل دونهاٽيل ميرانجهڙا دنڌيل، سامهون انگريزن جي دور ۾ رکايل وڏي باغ ۾ جهڙالي مند ڪري، ڪوئل چرين وانگر ڪوڪيندي رهي ٿي، بڙ جي ٿلهن چهچ ساون پنن جي مٿاڇري تان مينهن جا مٺا ڳاڱي ڦڙا، موتين روپ ڌاري ڌيري ڌيري ائين ترڪي رهيا هئا، ڄڻ ته ڪا پدمڻي تازو ڦوهاري سان وهنجي وار ٽوال سان ٻڌي پيرين اگهاڙي وهنجڻ خاني مان ٻاهر نڪتي آ، فضا ۾ مٽيءَ جي آلاڻ وڻن ۽ ٻوٽن، ڇٻر ۽ گاهه مان نڪرندڙ مينهوڳيءَ واري مڌر سرهاڻ، ٿڌڙي سيراٽيون ڪنڍندڙ گهميل هوا ۾ شامل ٿي وئي هئي، پپر ۽ بڙ جي ٽارين تي پکين چرڙاٽن جي ڌم ٻاري ڏني هئي، شايد انهن جي سارنگ عيد هئي، چتون جي چهنب انهن چپن جهڙي ڳاڙهي ٿي پئي هئي، جن کي چمڻ لاءِ اڄ دل پئي ڪڍيو، جائي به سڄي فضا ڄڻ ته وهنجي پاڪ ٿي پئي هئي...... هر برائي ڌوپجي پئي هئي سواءِ ميرن ڪسيل منن جي، گل حسن چانهه سان خشڪ ڊڳڙ کائي ٻاهر گهٽي ۾ سائيڪل جي هوا ڏسي رهيو هو ۽ ميري اڳڙي سان ان کي صاف به ڪري رهيو هو، حميده اڃان چانهه ۾ ڪالهوڪي بچيل ڊبل روٽي ٻوڙي کائي رهي هئي.

”حميده..... بابا هاڻي اچ به کڻي.... پي وٺ چانهه....... مون کي دير ٿي ٿئي اسڪول ۾“ ائي ڇوري تون به ڀرجين ئي ڪا نه ٿي، جلدي ڪر، پڻهين بيٺو آ ٻاهر سويل کان“ حميده ساسر ۾ گرم چانهه کي شوڪارا هڻندي تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀرڻ لڳي ٿي.

” ها....... ها........... بابا اچان ٿي......... امان منهنجوفيئر بوڪ وڌئي ٿيلهي ۾ ..........اڙي منهنجي پينسل..... رٻڙ ورتو هيئي نياز کان.......... ڏاڏي.“

ها ها سڀ اٿئي هن ٿيلهي ۾........ رڳو بوٽ پاءِ............ جلدي ڪر......... ديهان پڻهين ڪٽي ڇڏيندوءِ.“ حميده جون چوٽيون ٻڌي رهي هئي.  هن جي ماءُ، ڪچين آبادين وارين ڪچين گهٽين ۾ ته هونءَ به ڪنين نالين جو بدبودار پاڻي گهڻو ڪري بيٺو هوندوآهي، پر اڄ مينهن پوڻ ڪري اهي ويتر ڪاري پاڻي سان تار لڳيون پيون هيون، جتي پاڻي نه به هو ته اتي رٻ جهڙي گپ لڳي پئي هئي، گل حسن ۽ حميده سنهڙيو گهٽين مان سائيڪل کي پنڌ ڪاهيندي نيٺ هڪ ڊگهي گهٽي ۾ اچي نڪتا، ڪامورن جي سڌريل ڪالوني جي سٺن روڊن تائين پهچندي پهچندي گل حسن جي سائيڪل جي ڦيٿن ۾ گپ ايتري ته ڀرجي وئي جو سائيڪل جا ڦيٿا اڳتي چرڻ کان ٺپ بيهجي ويا هئا، پر پوءِ به گل حسن سائيڪل کي پيڊل هڻندي گهليندو رهيو، سائيڪل بي حد ڳري ٿي پئي هئي، گل حسن کي سٿرن ۾ ڳرٽ چڙهي پيا ۽ لوندڙين کان پگهر نڪري پيو هوس، اوڳرائي ڏنائين ته ڄڻ پيٽ ۾ زهر اٻري رهيو هوس، ٿورو چاڙهي تي چڙهڻ جي ڪيائين ته کنگهه جو دورو پئجي ويس، ڪرڻ کان اڳ سائيڪل تان لهي پيو، حميده به ٽپ ڏئي ٿيلهي سان لهي پئي، گل حسن هاڻي سائيڪل هٿن سان گهليندو رهيو، ڪامورن جي ڪالوني ۾ صبح سان پجيرو جيپن ۽ ٻين موٽر ڪارن جي اچ وڃ جي ڌم ٻري ويندي آهي، اسڪولن ڏانهن ڪاليجن ڏانهن، اڄ مينهن وسڻ ڪري گل حسن ۽ حميده جي منهن تي ڪابه گاڏي ڌوڙ وجهي نه سگهي هئي، قدرت اڄ انهن تي خاص مهربان هئي ” بابا هتي ڪيڏا نه وڏا بنگلا آهن.“ حميده وري پيءُ کان اهو ساڳيو سوال ڪيو ۽ ساڳيو جملو دهرايو، جيڪا اڪثر ڪري هو هتان لنگهندي، پيءُ کي چوندي هئي، پڻس ڪو به جواب نه ڏنس، ” بابا هتي ڪير رهندا آهن؟“ پٽ! هتي ڪامورا رهندا آهن، هي ڪامورن جي ڪالوني آهي.“

”ڪامورا ڪير هوندا آهن بابا،“ ڪامورا خدا جا خاص ماڻهو هوندا آهن پٽ....... پر تون ماٺ نه ڪندينءَ. گل حسن سهڪندي بيزاريءَ مان ڌيءَ کي چيو، گل حسن هڪ ننڍڙي ڪاٺي کڻي سائيڪل جي پکن مان آلي مٽي کرچڻ لڳو، پر پوءِ ڏٺائين ته سائيڪل جو ڦيٿو به پنڪچر ٿي چڪو آهي ”بابا ڏسو ته هتان جي مسجد به، اسان جي مسجد کان سٺي آهي.“ حميده ٿيلهو ڪلهن ۾ وجهندي پيءُ کي وري چيو.“ ها پٽ ڪامورن جي ڪالونين جون مسجدون به ائيرڪنڊيشن ۽ غاليچن سان سينگاريل هونديون آهن، انهن جا پيش امام به خوشحال هوندا آهن.“

بابا پوءِ انهن جون پگهارون به لک لک رپيا هونديو.“

گل حسن کي حميده جي ان سادگيءَ ۽ معصوميت تي ڪاوڙ بدران رحم اچي ويو...... هن جي ٺوٺ چپن تي مرڪ ڊوڙي وئي، هن سڪل تارون سان ڳيت ڏني ته نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪانڊيرن جو مچو ڦاسي پيس،“ ٻچا! انهن جي پگهار پنج ڇهه هزار يا کڻي وڌ ۾ وڌ ڏهه هزار هوندي ٻيو ڇا؟“

” بس....... ۽ توهان جي.............“ حميده ڄڻ ته ڪجهه گهڙين لاءِ پيءُ جي ڀيٽ ڪامورن سان پئي ڪري.“ پگهار کي اڄڪلهه ڪير ٿو پڇي، منهنجي به پگهار ڇهه ست هزار کن ٿيندي.... پر ڏس هاڻي تون ڏاڍو بيزار ٿي ڪرين حميده!“

اوچتوگونگو مينهن شروع ٿي ويو...... ڦڙ......ڦڙ.......ڦڙ.. وڏيون ڦڙيون.

” چڱو هاڻي اهو اسڪول اچي ويو اٿئي..... پاڻ ئي هلي وڃ.“

گل حسن ڪامورن جي ڪالوني ۾ هڪ انجنيئر جي ٻارن کي سنڌي پڙهائڻ ويندو هو، هن کي خاص طور ٻارن جا سنڌي اکر سڌارڻ لاءِ رکيو ويو هو، ردا بابا سنڌيءَ ۾ ٿي ٿنڀ هڪ الڳ مڪمل اکر آهي، جڏهن ته اردو ۾ ت ۽ هه کي ملائي ”ٿ“ ٺاهيو ويندو آ. توهان هي درست ڪيو.... وري لکو.

”ڇوڪرا وڃن ٿا،“ ردا ڪاپيءَ ۾ لکي ٿي، ” نه بابا ڇوڪره نه پر ڇوڪرا.... تها نه پر ٿا... ٿا ....ٿا درست ڪيو...“

گل حسن اڄ ردا کي ڊائننگ ٽيبل تي پڙهائي رهيو هو ڇوته ڊرائنگ روم اڄ انجنيئر صاحب جا دوست آيل هئا ۽ عام ڪچهري ۾ مشغول هئا، ” هاڻ!.......پوءِ ......پوءِ نيٺ ڪيئن رڪي بدلي.“ انجنيئر صاحب کي، اظهر صاحب ڪوپ ۾ چمچو گهمائيندي چيو، ” روڪبي وري ڪيئن نه...... وڃي هنيا مانس ني......“ ” نيٺ گهڻي تي ڪم ٿيو.“

پهرين ته پنج ٻڌيو ويٺو هو، پر پوءِ نيٺ ٽن لکن ۾ ڪم ٿي ويو، پاڻ کي سيف رکڻ لاءِ چيائين ته مڙئي ڪنهن وزير يا ايم اين اي، ايم پي اي کان کڻي چورائجانءِ“ ” پوءِ نيٺ.“ پنهنجا وزير ۽ ايم پي اي کوڙ يا مائٽ هن سو .....خبر ٿئي“.... ڏاڍو سٺو ٿيو يار بچي وئين....... نه ته نوڪري وڃائجي وڃئي ها....

 ها سائين مون به وڏي رسڪ کنئي هئي، پر ڇا ڪجي........ چيف جو به شيئر هو.... مٿي سيڪريٽري به هن ڪم ۾ اکيو وجهيو ويٺو هو پر...... مڙئي خير ٿي ويو..... لک ٿورا رب جا..... بندو ڇا ٿوڪري سگهي“........... انجنيئر صاحب ڪنن جي پاپڙين کي پڪڙيندي توبهه ڪئي...“ زاري.... آ منهنجي سائين مڙئي گاڏو پيو هلي ميان الله جڙيا خان...... چڱڙي ڊويزن آ... ڇهه ست ڪروڙ بجيٽ آ.... بس شڪر آ.... رب جو “ الله جڙيو خان يونيورسٽي ۾ فل پروفيسر آهي، هو ڪمال صاحب جي هر جملي ت ٿڌوساهه ڀري رهيو ۽ گڏوگڏ ايراني باداميون به ڪرٽي رهيو هو، پروفيسر جي قميص جو ڪالر سڻڀو ۽ ڪنڌ کان بي حد ميرو هو، پروفيسر پنهنجي ڀر ۾ ويٺل هڪ ٻئي دوست کي ڪن ۾سر ٻاٽ ڪري چيو.“ سائين پنج پر سنٽ تي به ٻڌو ته ڇهن ڪروڙن تي ٿيا 30 لک سال ۾ .... معنيٰ سراسر مهيني ۾ ٻه ٽي لک...“ پروفيسر وري ٿڌو ساهه کڻي پنهنجي منهن چيو....“ هئي ڙي ڀاڳ ڀلا ڪنهن جي ڀاڳ سان ڪا ريس.“

        پروفيسر وري اخروٽن جي لپ ڀري وات ۾ وڌي..... هن جي چپن جي ڪنڊن ۾ اڇي گجي،کس کس جي ٿاڌل جهڙي،گڏٿي چڪي هئي.

         بس سائين زندگي جا رنگ آهن.... باشا ڇا ٿا چئو مون کي به ٻي ٽي سال وڃي هيڊ آفيس ۾ويهاريو هئائون، مولا جوقسم پنڌرهن ويهه لک رپيا کائي ويس گهر جا.“ حيدر صاحب پيپسيءَ جي بوتل مان ڍڪ ڀريو، هو مڪاني حڪومت ۾آفيسر آهي.“ وري پوءِ به شڪر آ جو وڃي مرشدن کي ايلاز منٿون ڪيون سين. پنهنجي ڪالوني واري مسجد ۾ٻه ڪمرا ٺهراياسين... ڳوٺ جي قبرستان کي چوڌاري ڀت ڏياري سين...... مٿان وري توهان جي دعا سان حڪومت به بدلجي وئي، تڏهن وڃي خدا خدا ڪري پوسٽنگ ٿي...“ ” سائين مڙئي مٿان سڻائي ٿي اچي ته باشا دير ئي ڪانه ٿي ٿئي.“ اظهر صاحب، حيدر صاحب جي ڳالهه کي لاڳ ڏيندي چيو، اظهر صاحب پستن کي ٿي چٻاڙيوته هن جي ڄاڙين جو گوشت سيٽجي،وري سسي ٿي ويو، ڄڻ ته ڪنهن ڏيڏر ساهه ٿي کنيو، اظهرصاحب تو وارو يار به ٻڌو هوسين ته توسان ڪونه پيو ٺهي.“ ڪئي هئائين وچ تي ڦشري پرمٿان اهڙوموچڙو هڻايو مانس.... جو هاڻي مجال آ.....  جو....“ پروفيسر هاڻي روح افزا جو ٻيو گلاس به ڀري پيئڻ لڳو.... گلاس خالي ڪري اظهر صاحب ڏانهن سڏندي چيائين... سائين اظهر صاحب به نر آفيسر آ.....وڙهي به ڄاڻي ته ڪمائي به ڄاڻي.“ بس پروفيسر صاحب نفسانفسي جو زمانو آ.... ملڪ مان شرافت نيڪي وئي آ نڪري... هر شي ۾ بيماني... هر کاتي ۾ رشوت ته ڏسو... بس مڙئي شخر آ رب جو....“ اظهر صاحب خالي بوتل صوفا جي پاسي ۾ رکي ڇڏي، ردا بابا توکي ڪيترا دفعا سمجهايو اٿم ته سنڌي ٽ ۽ اردو واري ٽ ۾رات ڏينهن جو فرق آ.“ ماستر گل حسن لهجي ۾ ڪجهه سختي آڻيندي ردا کي چيو.

        ”ساري سر.... ساري آءِ ول ناٽ رپيٽ دي سيم مسٽيڪ اگين.“ ” ييس ماءِ ڊاٽر... يو شڊ انڊر اسٽينڊ اٽ ونس اينڊ فار آل،“ ” اوڪي سر... اوڪي... ٿينڪ يو.“ ” يو آر ويل ڪم.“ گل حسن پڙهائي ته ردا کي پيو، پر ڪن سڄو صاحب جي ڪچهري ۾ هوس. ” ڀلا چاچي جان محمد خان جو ڇا حال آ.“ انجنيئر صاحب، حيدر کان پڇيو.

” بس يار بابي سائينءَ کي ڇڏي ڏنو اٿم روزي نماز لاءِ اڄڪلهه مڙئي تبليغي جماعت وارن سان روح ريجهي ويو اٿس، هاڻي ته وتي ٿو ملڪ ۾ تبليغون ڪندو، الله سائين پٺيان گنج ڏنو آهي.“ ” ها سائين ها... انسان کي اڳي پوءِ ڪم ايندي اها آخرت. سڀ ڪجهه  هت ڇڏي وڃڻو پوندو قبر ۾“  ” برابر برابر“ اظهر صاحب ڀلا تو واري هن پاسي واري پلاٽ جو ڇا ٿيو.“ يار هو ڏاڍو  پڪو آ.. پنجويهن کان هيٺ ته لهي ئي نٿو. ڏسجي ته تو هن جو مغز خراب ڪيو.. هروڀرو ٻاويهه لک چئي وئينس.“  ” يار ڇا ڪيان پاڙي جو پلاٽ آ. الائي ڪير اچي وٺي ، پر پوءِ توکي شوق هجي ته ڀلي تون وٺي ڇڏيندس“ ” نه ڀلي تون وٺينس، مون وري ٻيو هڪ پلاٽ وٺي ڇڏيو آ. ڪلفٽن تي ....“  ” اڙي ڇورا جمعا ڪيڏانهن وئين... مرزيل ڀيڻسان اهي نوڪر به ڏاڍا لوسي ٿي پيا هن...“ پاپا جمعو آنٽئيءَ کي ساڙي هي ڏيکارڻ ويو آهي، ننڍڙي ردا پيءُ کي جواب ڏنو ” اڇا اڇا... چڱو ردا هيڏانهن اچ، هيءَ چانهه کڻي ڏي ماستر کي..“  ” نه سائين نه مان هينئر هينئر چانهه پي آيو آهيان گهران“ اڙي هاڻي ڇڏ نخرو ماستر.“ ردا اٿي ماستر لاءِ چانهه ۽ پستن واري پليٽ کڻي آئي، ماستر شديد احساس ڪمتري واري ڪيفيت ۾ نروس ٿيندي ڏاڍي شائستگي سان چانهه پيئڻ شروع ڪئي. ” سائين ابڙا صاحب، اسان جو هي ماستر صاحب ڏاڍو هوشيار اٿو، ٽي ايم اي ڪيل اٿس.“ ڏاڍو سٺو.“ حيدر صاحب پنهنجي اڇي آر سان ڀريل ٽوپي کي مٿي تي سڌو ڪندي اٿي بيهي رهيو ۽ پنهنجي واچ ڏني، هن کي ڏسي ٻيا به اٿي بيهي رهيا.“ يار چڱو ڪمال...... سٺي ڪچهري ٿي وئي، هاڻي هلون ٿا. ڊاڪٽر کان بلڊ پريشر به چيڪ ڪرائڻو آهي.... دوري ناهي...... وري گڏجون ٿا نماز تي.“ انجنيئر صاحب به پنهنجي واچ ڏٺي. ” اڙي ها! سومهڻيءَ جو وقت به اچي ڀريو آ ٻيو، سهڻا تنهنجي شگر ليول هاڻي ڪيئن آ.“ في الحال ته ڪنٽرول ۾آ.... پر ڀيڻسان انجائنا منجهائي وڌو آ...“ بس دل نه لوڙهه، ڪانفيڊنس پيدا ڪر پاڻ ۾، مون کي ڏس ڏهن سالن کان پيو هلان... سچي هاهو درويش اٿئي نه.... اهوڪنري واري پاسي وارو.... مست نالو ڇا ٿس.“ ” اهو پنهنجو مست ملنگ کٻڙوارونانگو...“ ” اهو نه جيڪو گاريون به ڏاڍيون ڏيندو آ.....“ ” ها ها بابا مستن جون گاريون به دعا آهن، ان کان به ڏاڍيون مڪون کائي آيو آهيان... اصل بس پٺيءَ مان ٺڪاءُ ڪڍي ڇڏيائين.“ ” هان...... ته پوءِ سڻائي اٿئي.... نانگو شاهه ڪنهن ڪنهن سان ريجهندو اٿئي.“ ” پوءِ چڱو الله مڙئي چڱي ڪندو.“ انجنيئر صاحب جا سڀ دوست هليا ويا، هنن جي وڃڻ سان ئي ڪمال صاحب جي بيگم ڊرائينگ روم ۾داخل ٿي ، ” يڪو جو ڳالهين ۾ ويهو ٿا ته نه پٺيان جي نه اڳيان جي.“ ” ڇا ڪيون پاڙي جا ماڻهو آهن..... ڀلا ڪراچي ڳالهايئي.“ ”  ها وڏي مشڪل سان مئنيجر سان ڳالهه ٿيزوري پنڌرهين تاريخ جي اپائيٽ منٽ ڏني اٿارئين سو به رات جو يارهين وڳي ، سو به هڪ ڏينهن اڳ ڊيٽ ڪنفرم ڪرڻي پوندي،.“ ڀائي پوءِ آهي به ته ڪراچي جو نمبر ون بيوٽي پالر... ڪامران ڀائي آمريڪا مان ٽيون ڪورس ڪري آيو آ... بيوٽيشن جو... اهوبه مهنجو يار آ..... جو توهان کي ايترو ويجهو اپائينٽ مينٽ ڏني اٿائين، اڳو پوءِ حرا جا وار به سيٽ ڪرايو اچجان ٻيو ڇا.“ ” ته پوءِ ان لاءِ وري ٻئي اپائينٽ مينٽ وٺڻي پوندي...“ نه نه مان فون ڪندو سانس کڻي... ٻه ٽي هزار کڻي مٿي ڏجانس.“

بيگم صاحبه ۽ انجنيئر اندر هليا ويا، گل حسن دل ۾ چيو، مئنيجر ڪامران صاحب هون.... بيوٽي پالر... جديد ماڊرن حجم جو دڪان... ڪامران صاحب ماڊرن حجم... آمريڪا.... پنهنجو ڳوٺ وارو آ هتي حجم ابي ڏاڏي کان... اوستو جوسو... ويچارا سادا ماڻهو... اٻوجهه...“ ردا پنهنجا ڪتاب سيٽ ڪري اندر وڃي چڪي هئي، ماستر لاشعوري طور هڪ پستو کڻي وات ۾ وڌو ته هن کي هڪدم حميده ۽ نياز جو خيال آيو...“ ٻارن لاءِ ڇو نه هي پستا کنيو وڃان.“ پر هن جي اڳيان هن جي انا ۽ خود داري اچي وئي.“ نه نه اهي رشوت خور ڪامورن جا بچيل پستا، مان پنهنجي اولاد کي ڪيئن کارائيندس.“ وري دل ۾ خيال آيس..“ نه نه ڇا هي خود داري... ڇا جي انا مون جهڙا ڪنگلا، توائي ماڻهو جيڪي دنيا تي ڪاوڙيا ڦوڪيا وتن ٿا.. ڪيو آ انهن، ڪهڙو نقصان رسايو آ، هن گندي سماج جي گندن فردن... سواءِ پنهنجي اجائي آڪڙ ۽ سيٽ جي، حميده ۽ نياز ڪيڏو نه خوش ٿيندا، جڏهن انهن کي باداميون ۽ پستا ملندا کائڻ لاءِ، ها پر ڪير ڏسي نه وٺي، ڇا چوندا ته ماستر خوار ٿيو آ، هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو، ڪو به ڪو نه هو، هن اک جي پڪائي سان ڊڄندي ڊڄندي سڀ پستا کڻي پاسي واري کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. ڪتاب ۽ نوٽ بوڪ کڻي در ڏانهن ويو ته ڊرائنگ روم جي ٽيبل تي ڪجهه باداميون ۽اخروٽ به بچيا پيا هئا. وري هيڏي هوڏي ڏسي اهي به سڀ مبڙي چونڊي کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين، خوشي به ٿيس پئي ته ڊپ به ورائي ويو هوس، ڄڻ ته ٻارن لاءِ قارون جو خزانو هٿ ڪيو هئائين... تڪڙو تڪڙو ٻاهر هليو ويو.... ڪافي پنڌ تائين پوئتي لونڻوبه نه هنيائين...... ڪيتري وقت کانپوءِملندا ٻارن کي کائڻ لاءِ پستا بادام ۽ اخروٽ، هون به باداميون دماغ لاءِ سٺيون آهن. حميده ته جائي به ڏاڍي ذهين آهي، ليڊي ڊاڪٽر ڪندوسانس، باقي ڇورو ڏاڍو نڀاڳو آ، ” ماءَ تي ويو آ“ گل حسن جي گهر اچي ويو، ” اڙي حميده ڪٿي آ، حميده! ڏس مون تو لاءِ ڇا آندو آ، بابا جلدي اچ نه هاڻي نه ته نياز اچي ويندءِ،“ ليڪن حميده جو  ڪوبه آواز نه آيو، گل حسن جي زال رڌڻي ۾ ديڳڙي ڌوئي رهي هئي ان اتان ئي ڪاوڙ  ۾ جواب ڏنو ، ” حميده وري ڇا! شام کان وٺي الٽيون ڪري ڪري ڇوڪري ساڻي ٿي پئي آ..... دست بيهنس ئي ڪو نه ٿا، اها پئي ٿئي هنڌ ۾.... ميري بلب جي جهيڻي روسني ۾، کٿل رلي مٿان حميده جو ننڍڙو ڪومل هيڻو سرير پيو هو ۽ مٿان پئي هيس هڪ ميري ڇيٽ جا چادر، گل حسن جي ماءُ حميده کي وڃڻو هڻي رهي هئي، سيراندي کان ” هان! ڇا ٿيو آ..... ڇوڪري کي حميده پٽ ڏس مون ڇا آندو   تو لاءِ..... هان هي اٿئي پستا... باداميون..... اخروٽ.“ پر حميده جون ٻوٽيل اکيون، ائين ئي ٻوٽيل رهيون، گل حسن جي پستن ۽ بادامين سان ڀريل لپ، حميده جي ٻوٽيل اکين اڳيان ائين رهجي وئي....گل حسن سمجهيو ته پستن بادامين جو ٻڌي حميده خوشي مان اٿي کڙي ٿيندي پر ائين نه ٿيو، چورايل بادامين ۽ پستن جو پهاڙ ڀري ڀورا ڀورا ٿي پيو هو، هن پستا حميده جي ڀر ۾ رکي ڇڏيا، گل حسن تي وحشت طاري ٿيندي وئي. ” پر ڇوڪري کي ٿيو ڇا، صبح ته ٺيڪ هئي.“ ” ڇا وري ڇا ڇوري کاڌي اچي منجهند ڪالهوڪي بچيل دال ۽ سڪل ڍٻل روٽي.“ ”او ته فوڊ پوائزننگ، رن پوءِ ڇو کائڻ ڏنئه پاروٿي دال ڇوڪري کي.“ ”ڪهڙا هتي ڪڪڙ ڇڏي ويو هئين جو کارايانس هان! ڇوري کي جهليم ته ويهه ته پٽاٽا تري ٿي ڏيان پر...“ ” اندران گل حسن جي ماءُ ڳالهايو......” ڇوڪري اسڪول کان ٿي موٽي ته بک بک ڪندي ٿي اچي..... ڪئين ترسندي ماني لاءِ“ گل حسن حميده جي نرڙ تي هٿ رکيو. ” اڙي هيءَ ته ٻري پئي تپ ۾..... هن جو واٽر ليول.......  هن کي  پاڻي پيارو اٿو جام ..“ ”ڇوڪري کي ڏسين ٿو ته هوش ئي ڪونهي .“ گل حسن حميده کي ڪنڌ کان  لوڏي ٿو..... ڳٽن کان جنجهوڙيس ٿو.... حميده پٽ... حميده.... ڏس اکيون کول ته ڊاڪٽر ڏي هلون بابا....... ڏس هي مون تو لاءِ پستا بادام آندا آهن...“ ” رڌڻي مان زالس جو آواز آيو.......” گهر۾ لڀي کائڻ لاءِ ڪو نه..... مٿان ڌي لاءِ پستا بادام  وٺي آيو...آ“  گل حسن جون اکيون نيٺ ڇلڪي پيون، هيڏا سارا گهر ۾ ويٺا آهيو ڊاڪٽر ڏي به ڪو نه کڻي ويئوس. ” ها ها گهر ۾ لک ڇڏيويندو هين جو کڻائي وڃونس ڊاڪٽر ڏي. “ ” چڱو هاڻيتون ته پنهنجي اها  بڪ بند ڪر، گل حسن ٻاهر نڪتو ته مينهن جي ڪڻ ڪڻ وري شروع ٿي چڪي هئي، روڊ تائين پهتو ته برسات ڪافي تيز ٿي چڪي هئي..... مٿان اوچتو بجلي به بند ٿي وئي، ڪافي دير کانپوءِ هڪ رڪشا  بيٺو. ”سول اسپتال تڪ.“ ”پچاس رپيا هوگا.“ ” يار ڪجهه تو خيال ڪرو ميري بچي بيمار هي، ڊاڪٽر ڪو بهي دينا هي، دوائي ڀي ليني هي، اڇا پينتيس  ليلو .“ ” اڇا بيٺو ....يار پيٽرول ڀي مهنگا هي اوپر سي بارش ....رات ڪا وقت “. “حميده جو ڪو سو نڍال ، نٻل جسم چادر  ۾  ويڙهيل گل حسن جي هنج ۾ پيو هو،رڪشا ڏامر جي ڪاري سنان پسيل روڊ تي پوندڙ مينهن ڦڙن کي چيريندو اڳتي وڌندو ٿي ويو، گل حسن ڪڏهن موٽرن جي تيز روشنين تي چمڪندڙ مينهن جي لاٽن ته ڪڏهن حميده جي زرد چهري کي اونده ۾ تڪيندو ٿي رهيو، هن جي اداس من ۾ڪيئي وسوسا ۽انو مان اڀري رهيا هئا، هن جي اکين مان ٻه ڪوسا ڳوڙها هيٺ ڪري پيا، ڄڻ ته ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيوهو، رڪشا فل رفتار سان سان پنهنجا  پاڇا پوئتي ڇڏيندو اڳتي وڌندو ٿي رهيو، گل حسن حميده کي بارش کان بچائڻ لاءِ چادر کي ٺاهيندو رهيو... هڪ زندگي پنهنجي جياپي لاءِ اڳتي وڌي رهي هئي.

لياقت رضوي

ڪاوڙيل ماڻهوءَ جي ڳالهه

      بيزاري، ٿڪاوٽ ۽ڪاوڙ مان، هن پراڻو دروازو بند ڪري،ان کي رنگ آلوده تالو هنيو، ڪجهه بک ۽ ڪجهه ڪاوڙ،هن  جسم کي ٿورو ڪمزوري ڪري ڇڏيو، پر هن بيزار صبر سان دڪان بندڪري گهر جو رخ ڪيو.

 هونئن ته سندس نالو محمد يوسف هو ۽ پاڻ ڌوٻي هو پر سڀئي کيس جوسو ڌوٻي ڪوٺيندا هئا، هن جي عمر چالهين سالن جي لڳ ڀڳ هئ، پر طويل جسماني مشقت جي ڪري، اڃان تائين سندس بدني بناوٽ ۾ بي ڍنگي سختي جان شان نمايان هئس، قد ننڍڙو ۽رنگ نڀو ڪارو هئس، ستن ٻارن جي پيءُ ۽ هڪ بيمار زال جي مڙس هئڻ جي باوجود به ڪڏهن هن اهڙي غير معمولي ڪاڙو ڪونه محسوس ڪئي هئي، جهڙي اڄ  هن محسوس پئي ڪئي، توڻي ان جو سبب بنهه غير معمولي آهي، ڪيترن سالن کان اهو هن جو معمول آهي ته منجهند جي ماني، هو دڪان تي کائيندو آهي، ٿي سگهي ٿو اڳي به ڪڏهن ائين گهران، سندس ماني اچڻ ۾ دير ٿي وئي هجي ۽ هو ٿورو گهڻو ڪاوڙيو هجي پر اڄ ماني ۾ دير ڪري، هو ڏاڍو ڪاوڙيو آهي، خبر ناهي سندس ايڏي ڪاوڙ جو اصل سبب بک آهي، جيڪا سندس پيٽ ۾ مٺيون وجهي ويٺي آهي يا ڪا ٻي ڳالهه آهي، جنهن جو في الحال شعوري طور تي احساس ڪونهي.

حيرت جي ڳالهه آهي ته سالن کان هڪ معمول ۾ زنده رهندڙ ماڻهو، اچانڪ ڪنهن غير اهم سبب جي ڪري غير معمولي طور تي ٻيو ٿي ويندو آهي، ڪاوڙيل ۽ ٿڪل قدمن سان گهر ڏي ويندڙ محمد يوسف، توڻي جو ٻين جي لاءِ ساڳيو   جوسو ڌوٻي  آ هي ،پر جيڪڏهن مڃجي ته بي قابو ڪاوڙ ماڻهو ٻيو ٿي ويندو آهي ته واقعي به هو ڪوئي ٻيو شخص هو، جيڪو ڪنهن به سبب جي ڪري، پنهنجي سالن جي معمول ذده زندگي مان حيرتناڪ نموني نڪري ويو هو، ڪڏهن به هن ائين تڪڙ ۽ اٻهرائي سان دڪان بند ڪو نه ڪيو هو، ڪڏهن به هو دڪان تان  ائين بدحواس نموني  ڪو نه موٽيو هو جو گلي حجم جي دڪان اڳيان، کيس سلام ڪرڻ کانسواءِ گذريو هجي، سچ ته کيس به خبر ڪونهي ته ڪو هوئي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيوآهي.

گهر پهچي، هو زال کي انتقام ۽ بدتميز لهجي ۾ مخاطب ٿئي ٿو، جنهن ۾ پن جي ٻيڙي جي اڻپوري ٻاڙ به شامل هجي ٿي، اڄ ماني کي ڇا ٿي ويوآ؟ ڀلي، بک ۾ مان دڪان تي مري وڃان پر تنهنجي آڱوٺي کي به پرواهه ڪونهي.“

هن جي زال چاهي ها ته اهڙي لهجي ۽ لفظن تي، هن سان احتجاج ڪري ها پر هو ايتري باشعور ڪونه هئي، پوءِ به هن ممڪن صبر ۽ ڌيرج سان مڙس کي بيمار آواز ۾ چيو، ” ماني ته تيار پئي آ، پر رشيد جي خبر ئي ڪونهي، اسڪول مان موٽي ، اهي ڪتاب کٽ تي ڦٽي ڪري جو ويو آهي ته اهو  به خيال ڪونه آيس ته پيءُ کي ماني پهچائڻي آهي.....“ هو اڃان وڌيڪ به ڪجهه چوڻ چاهي ٿي، جيڪو يقينن اهو هوندو ته، هاڻي نياڻيون ته وڏيون ٿي ويون آهن، هنن جو دڪان تي ماني کڻي اچڻ ٺهي ڪو نه ٿو، باقي الله کان سڪي پني پٽ ورتوسين، تنهن کي ته ڪم کان آهي ٻرو، سڄو ڏينهن هجيس اها مئي وسيءَ وار (هوءَ وي سي آر کي سدائين وسي وار ڪري اچاريندي آهي) جڏهن کان نذير شاهه جي هوٽل تي ها نپٽي آئي آهي، سجھو ڏينهن اتي چڪ هنيو پيو آهي وغيره وغيره، پر هوڪاوڙيل لهجي سان زال جي ڳالهه اڌ ۾ ڪپيندي چوي ٿو، اهو ڇورو اچي ته اڄ ڦيهه ٿوڪڍانس، پر تون ماني به ڏيندين يا...“ الائي ڇو هو پنهنجو جملو اڌ ۾ ئي ڇڏي، کٽ تي پيل ڪتابن کي لاپرواهه غصي سان هٽائيندي ويهي ٿو رهي، ٿوري ويرم ئي، ڌيڻس ماني کڻي ٿي آڻي رکي، زال به اچي ساڳي کٽ تي ويهي ٿي، لاشعوري طرح هو تڪڙ ۾ ماني کائڻ لڳي ٿو.

ٻنهي زال مڙس جو اندازن گذريل اڻهويهن سالن جو ساٿ آهي، ساڳئي گهر ۽ غربت ۾، زال درجن کان مٿي ٻار جڻي چڪي آهي، جن مان فقط ڇهه ڌئيون ۽ هڪڙو پٽ زنده سلامت آهن، مڙس يعني جوسو ڌوٻي هڪ محنتي ۽ جفاڪش شخص رهيو آهي، پر هاڻي بقول سندس، عمر ساٿ ڇڏي رهي آهي، پر پوءِ به پيٽ ته پالڻو آهي، کين هڪ غربباڻو دڪان آهي، جتي هو ماڻهو جي ڪپڙن جي مير ڌوئيندو آهي، ائين مشڪل سان ٻن وقتن جي ماني ۽زندگي  جي چند محدود ضرورتن کي جئين تيئن پيو منهن ڏيندو آهي.

ماني کائيندي اچانڪ، هن کي نه سمجهه ۾ ايندڙ پريشاني گهيري ٿيوٺي، جيڪا گهڻو ڪري دڪان جي باري ۾ آهي، پر گهڻي ڪوشش کانپوءِ به هن کي چڱي طرح سمجهه ۾نٿواچي ته اچانڪ هو دڪان جي باري ۾ ڇو پريشان ٿي ويو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ائين لڳندو آهي ته، اسان ڪٿي غلطي ڪئي آهي پر گهڻين ڪوششن کانپوءِ به اها بنهه ياد نه اچي رهي هوندي آهي، جنهن ڪري اسين هڪ اڻپوري بيچيني جو شڪار ٿي  ويندا آهيون، اهڙي ئي ڪيفيت ۾ هو ماني کائي رهيو هو ته  هن جو سڪيلڌو پٽ گهر ۾ داخل ٿيو، جنهن تي ڪجهه لمحا اڳ هو ايترو ڪاوڙيل هو، اجو انمهل سامهون هجيس ها ته سچ پچ به ٺاهوڪي ڦيهه ڪڍيس ها، پوءِ به وساريل ڪاوڙ کي گڏ ڪندي، هو پٽ کي دڙڪي واري انداز ۾ چئي ٿو، اڙي، ڪاڏي ٿو هر والا هڪليندو وتين، هن عمر ۾ ئي لوفرن وانگي وتين ٿو هوٽلن تي ڌڪا جهليندو، اڙي ڇو ٿوموچڙن کي سڏ ڪرين، ڪڏهن نه ورتو مان ته ميرن ڪپڙن وانگي سٽي...“ پر هن جو جملو ۽ ڪاوڙ نه رڳو اڻپورا رهجي وڃن ٿا، بلڪ هڪ واضع ۽گهري پريشاني ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، ڇو جو ٺيڪ ان وقت سندس نظر پٽس جي چهري تي پئي ٿي، نون ڏهن سالن جو پٽس جڏهن ائين اوچتو، گهر ۾گهڙندي پيءُ جي ڪاوڙ ۾ گهيرجي ٿو وڃي ته بنهه ميسوڻي ۽ معصوم شڪل بڻائي در وٽ ئي بيهي رهي ٿو ۽  پٽ جي گهٻرايل ۽معصوم منهن تي نظر پوندي ئي سندس جملو ۽ ڪاوڙ  اڻپورا ئي رهجي ٿا وڃن، جو کيس اچانڪ اها ڳالهه ياد اچي ٿي وڃي، جيڪا ڪجهه لمحن کان سندس نه سمجهه م ايندڙ بيچيني جو باعث هئي، ۽ ٽپ ڏئي هو کٽ تان اٿي ٿو، پٽس کي پڪ ٿي وڃي ٿي ته” اڄ  بابا  ضرور مار ڪڍندو.“  زال به هن کي ايئن اڇل ڏئي اڌ ماني مان اٿندي ڏسي سمجهيو ته، ” پٽ کي مارڻ لاءِ اٿيو آهي.“ پر هو در تي بيٺل هراسيل پٽ کي اندر ڌڪي، تيزي سان ٻاهر نڪري ويو.

هو جيڪڏهن زال کي پڇڻ جو موقعو ڏي ها ته ضرور زال کي به خبر پئجي وڃي ها ته هو دڪان ۾ گرم استري ٽيبل تي رکي آيو هو، هونئن دڪان ۾ ڪوئي گهڻو سامان ته ڪو نه پيل هو، سواءِ هڪ ڪوئلن واري استري، ٻن ننڍن ڪاٺ جي بغير دروازن ڪٻٽن، جن جا تختا، وقت ۽ بي احتياطي جي ڪري چٻا ڦڏا ٿي ويل هئا، جن تي ماڻهن جا ڌوتل ۽ استري ٿيل ڪپڙا رکيل هئا، هڪ پراڻي ڪرسي، ڀڳل بينچ، ٽيبل جنهن تي رلي ۽چادر وڇائي، هو ڪپڙا استري ڪندوهو ۽ بوسيده ديوارن تي لئي سان لڳل فلمي اداڪارائن جي تصويرن واريون چند اخبارون، جن جا رنگ به اڏامي ويا هئا، پر پوءِ به اهو دڪان، سندس زنده رهڻ ۾ جو سهارو هو.

پريشاني ۾ به غير حاضر دماغي سان دڪان ڏي ڊوڙندي، هن کي ٻيڙي جي ٻاڙ لڳي ٿي، پر ظاهر ته ڊوڙندڙ ماڻهو ٻيڙي ڪونه دکائي سگهندو آهي، ان لاءِ هن کي بيهڻو پوندو آهي ۽ ان کان اڳ جو هو ڪنهن نتيجي تي پهچي، گلي حجم جو دڪان اچي ٿو وڃي،جتان هو پنهنجي دونهين ۾ ورتل دڪان ۽پريشان ماڻهو جي ڊنڀ کي باهه وسائيندي چڱي طرح ڏسي سگهيو ٿي.

توڻي جو ماڻهو، باهه تي قابو پائي چڪا هئا، پر دڪان جو الهه تلهه سڙي رک ٿي چڪو هو، دڪان ۾ جيڪڏهن ڪجهه بچيو هو ته چند سڙيل ڪپڙن جون اڳڙيون، لوهه جي ستري ۽ ڀرواري هوٽل جي هودي جو گندو پاڻي، جنهن سان باهه وسائي وئي هئي.

 اهو سڀ ڏسڻ لاءِ هو دڪان تائين پهچي ڪونه ٿو سگهي،جو گلي حجم جي دڪان وٽ هن کي ٿاٻو اچي ٿو ۽ ڪرندي ڪرندي هن جومٿو، دڪان جي دڪي سان وڃي ٿو لڳي، هن کي اهو سوچڻ جو موقعو به ڪو نه ٿوملي ته دڪان کي باهه، اصل ۾ گرم استري ٽيبل تي وساري اچڻ جي ڪري ڪو نه لڳي هئي، بلڪ جلدي ۽ ڪاوڙ ۾ دڪان مان نڪرندي، هن جيڪا دکيل ٻيڙي،لاپرواهي سان اڇلائي هئي، سا ڀر ۾ پيل ميرن ڪپڙن جي هڙ تي وڃي ڪري هئي.

۽پريشان ماڻهن جي انبوهه لاءِ، دڪان جي باهه وسائڻ کان به ڏکيو ڪم، هنجو لاش، سندس گهر پهچائڻ هو.

سيد ماڪن شاهه رضوي

اندر ڦٽ فراق جا

      صبح ساڻ ئي سج اصل اماڙي کڻي اڀريو هو، هونئن به جنهن اڀرئي تاءُ نه ڪيو سو لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو. آکاڙ وارو مهينو صبح ساڻ ئي واءُ کي ڄڻ ته ٻنجو اچ ويو، آهستي آهستي سج ٻنپهرن تي پهتو ته ڌرتي  مان ٻاڦ نڪرڻ لڳي. اهڙو ڪاڙهو جو ڪانءُ جي اک پئي نڪري، چوڌاري ڄڻ ته راڪاس گهمي ويو هجي، هن قهري گرمي ۾ ڀلا ماني ڪنهن جي روح کي وڻي؟ پوءِ به ٻه گرهه ڳاڙهن چانورن جي ماني جا پيٽ هڻي ٻه وٽا جهڻ پيئڻ کانپوءِ هر ڪو مرد ماڻهو  ٽوال ۽ وهاڻوکڻي وڃي، ڪنهن ٽالهي يا وڏي واهه جي گهاٽي وڻن هيٺ پئنيتل تي آرامي ٿيو، ٻٻرن هيٺ ٻڌل مينهن جا ڦرڙا رکي رکي رنڀيا ٿي ته ڪتا هٿ جيڏيون زبانو ڪڍيون سهڪيا پئي، جتي ڇانءُ ۽ پوسل ٿي ڏٺائون اتي ڪريون ٿي پيا، ڪنهن ڳيري جي گهوگهو تو ڪنهن ڪنهن ويل ماٺار جي چادر ۾ چير وڌو ٿي نه ته ٻيو سڀ خير،

” توبنهن، توبنهن... منهنجا رب؛ گرمي آهي، ڪ دوز ک....؟“ جيئرو ٽائڊو پيو ٻري، ڪربلا لڳي پئي آهي“ پوڙهي سليمت هٿ واري وجڻي ڦيرائيندي چيو.

” ڪاڪي: گهٽ ته آگم واري آهي، ڀانيا ٿي مينهن اجهو آيو ڪي آيو“ لالان ٻٻر هيٺ ٻڌل ڍڳن کي گاه مٺ ڏيئي واپس ورندي چيو.

” بس ڙي امان! انهي مينهن مان به اچي ڦاٿا آهيون، مئو وڃي ٿر تي وسي، هت هڪڙو ڏينهن وٺو ته ڏهه ڏينهن ڪلر چڪندو، مئي لٺ به نٿي کپي..... پروڪي سانوڻ به ته ترڪي ڪريس ته ٻانهن ڀڃايم، هيل ته الائي ڇا ٿيندو؟“

 پوڙهي ڏک اوريو.

” ڪمارڙو... ان پاڻي ڏي ته مولا مينهڙو وسائي...“ ڳوٺ جي ٻارڙن جو ولر ڪپڙي جي جهولي ڦيريندو لوڙهي جي گهٽي مان اندر گهڙيو.

” ائي ڏسو ته سهي، هن ٽانڊي گرمي ۾به هنن ٻارن جو سک ڦٽو پيو آهي“ پوڙهي پاڻمرادو ڀڻڪو ڪيو.

لالان لانڍي ۾ گهڙي گندلي مان سارين جو ٻڪ ڀري ٻارڙن جي جهولي ۾ وڌو ۽ نراڙ تي هٿ ڏئي، سج جي نپش کان اکين کي بچائيندي آسمان ڏي ڏٺو، جتي اتر کڻ ڏي جبل جيڏا ڪڪر آهستي آهستي چٽا ٿيندا ۽ رنگ بدلائيندا پئي ويا.

” ڏسين ڇا پئي؟ مينهن اچڻ وارو آهي، تون چانهه ڪاڙهي وٺ ته پوءِ لانڍي کي راڳو ڏيون، ٽمي پئي ته رلين جا  ٻه ڌڏ به پسي ويندا،“ لالان جي ڏاڏي جيڏي مڙس نبو ٻاهران  ايندي چيو. مڙس کي ڏسي لالان جي ملوڪ منهن تي نفرت جون ليڪون اڀري پيون ۽ نراڙ ۾ گهنڊ پئجي ويس.

هو بنا جواب ڏيڻ جي، منهه ۾ وڃي چلهه ۾ ڪاٺيون وجهڻ لڳي.

نبو ساٺيڪي کي ڌڪ هڻيو ويٺو هو، مٿو مڇون ته ڇا پر ٻانهن جا واربه اڇا ٿي ويا هئس، ڀروئن ۽ ڀنجڻن ۾ به ڪو ڪو اڇو وار مرڪيو ٿي، ڏاٺون به ڀري ويون هئس پر ماڻس سليمت وانگر کهي وارو هو، جو اڃا جڙد مڙد پي هليو.

” اي ابا! هي ڪاڙهو ته ڏس، مٿان وري چانهه؟ ڇوٿا ڪوسي پاڻي سان آنڊا ساڙيو؟“ پوڙهي سليمت وري به بڙ بڙ ڪئي.

” اي ! هي ڪوڏر جو بنڊ وري ڪنهن پٽيو؟، الائي ڪٿي آهي، جيسين چانهه ڪڙهي تيسين گاري کي لت هڻي وٺان...“ نبو ماڻس جي ڀڻڪي کي اڻ ٻڌ و ڪندي لالان کان پڇيو.

” مون کي ڪهڙي خبر.... رکي به پاڻ هوندئي“ لالان جي جواب ۾ هلڪي ڇڙٻ هئي.

رکي هوندم ته ڳولي وٺندس، تون ڳالهه ڳالهه ۾ ڪتي وانگر چهٽيون وڃين“ نبو کهرو ٿيندي چيو.

” ڪتيون هوندئي پنهنجون..... مئا ڇتو ٿيو وتين.“ لالان به ڦهڪائي ڪڍيس.

” آئون چوان ٿو ڄاڙي نه هڻ نه ته....“ نبو اکيون ڪڍيو.

” نه ته ڇا ڪندين؟ ٻاهران ئي ککندو اچين” لالان چيو.

” آئون ته ڀانيان ٿو ميڄالو ڪڍي وجهندو سئين لٺ سان رن آهين يا....“ نبو پٽي گار ڏني.

”..... اٿئي پنهنجو، ٻلي ماري اٿئي ڪڏهين جو مونکي ماريندين.“ لالان جي لهجي ۾ ويتر کارائڻ اچي وئي،

” بيهه تي سهي ڀيڻسان...“ نبو رومڙ ڪري، لانڍي جي جنڊي وٽان پيل ٻارڻ وارين ڪاٺين مان هڪ ڊگهي ۽ ٿلهي ڪاٺي چڪي ڪڍي.

” اي ابا!..... هي يا پير جو پلاند اٿئي، ماڙهو نه کلاءِ....“ پوڙهي سليمت پوتي جو پلاند پکيڙي پٽ جي اڳيان بيهي رهي.

ماءُ جي گندي جو پلاند ڏسي نبو بيهي رهيو.

” پر امان! رن ته ڏس! ڇتي ٿي پئي آهي،مائٽن کي پڳ ٻڌائي آئي آهي، باقي هاڻي منهنجو وارو آهي.... ڪنهن جاٰءِ جي“ نبو ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.

” آءُ چوان ٿي گار نه ڏي“ لالان رڙ ڪئي.

” مائي!خدا جو نالو اٿئي ماٺ ڪر.“ پوڙهي سليمت وري ننهن ڏي ڪنڌ ورائيندي چيو.

هل تي پاسي وارن گهرن مان ماسي پٺاڻي، ڌيڻس جنت، ننهڻس حرمت، ڪاڪو سانوڻ ۽ خدن به نڪري آيا.

” اي وري ڇا ٿيو؟ ميان جا فقير ڪو ڌيان ڪريو، ڇو اچي ٻپهرو جهيڙو جوٽيو اٿان، ڇوٿا ماڻهو کلايو.“ ڪاڪي سانوڻ لٺ ٽيڪيندي چيو.

هو ٻئي هڪٻئي کي نفرت ۽ ڪاوڙ مان گهوريندا رهيا.

اوچتو رڪيل هوا جا در کلي ويا، ائين لڳو ڄڻ طوفان کي موڪل ملي ويئي هجي.

پراڙ جي دنن مان سڪيل سارين جا تيلا آسمان ڏي اڏامڻ لڳا،ٻٻرن ۽ ڄارين جا وڻ جهومڻ لڳا، وٺي جي ٿڌي هوا سڄي ڏينهن جي گرمي ساڙيل جسمن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو، هوائن جي سوساٽ سان گڏ، گوڙ جو گجندڙ آواز چوڏ ساءُ پڙلاءِ پکيڙي ويو، جهيڙي ۾ مينهن واري ڳالهه ته سڀني کان وسري وئي هئي، هاڻي جو هوا جي سوساٽ سان گڏ گوڙ جو ڌڌڪار ٿيو ته سڀني جون اکيون مٿي عرش ڏي کڄي ويون، جنهن تي ڪپاهه جي ٻڙڻ جهڙن اجرن ۽ تيز اڏامندڙ ڪڪرن پويان سليٽي نيري رنگ جي جهڙالي بي جوڙ چادر وڇايل هئي، نبو ۽ لالان کان جهيڙو وسري ويو ته پاڙي وارن به پويان پير ڪيا.

پوڙهي سليمت جون ست ۽ نٻل پير لانڍي ۾ ۽ مينهن جي پهرين ڦڙي ڌرتي تي هڪ ئي وقت پهتا،اوهيرن پويان اوهيرا،سڄو اڀ ڪڪر پويان لڪي ويو، رکي رکي کنوڻ جو چمڪار ۽ سيلهي جي ڊگهي چمڪندڙ ليڪ آسمان کان زمين تائين چمڪي گم ٿي وئي، گڏوگڏ گوڙ جو ڌڌڪو... لالان چپ چاپ لانڍي جي در سامهون رکيل کٽ تي ويهي رهي نبو ماڻس سليمت سان گڏ ٻي کٽ تي منهن سڄايو ويٺو هو.

لالان هن ڏي ڪو به ڌيان نه ڏنو، هو دري کان ٻاهر وسندڙ مينهن کي ڏسڻ لڳي ٿورڙي ويرم ۾ اڱڻ جي راڳيل اڇي اجري پٽ تي چڱو خاصو پاڻي بيهي ويو هو پاڻي۾ ڪرندڙ ڦڙين سان ڦوڪڻن جيئان ننڍا وڏا ڦوٽا تيزي سان ٺهي ڊهي پاڻي ۾ گم ٿيندا ٿي ويا.

پاڻي جي سيني تي ننڍڙو ڳاڙهو جيت ” مينهن جومامو“ تکو تکو تريو پئي، پريان ٻٻر هيٺ ٻڌل ڍڳا ساه ماهه ماريوبيٺا هئا، سندن بت تان پاڻي جو ڦڙيون ترڪنديون سندن کل پسائينديون هيٺ وهندي ٿيويون، منهه ۾ ڪڪڙ پسيل ٻچڙن کي ڪوڙي ۾ ڪريو بيٺي هئي.

جيئن زندگي ۾ ساروڻيون وڏو ڌن آهن،تيئن مندن ۾ مينهوڳي جي مند به وڏو ڌن آهي،وسندڙ مينهن ۽چڀندڙ يادون به مينهوڳي رت ۾ گڏجي اچيو سهڙن، ماڻهو ويٺي ويٺي الائي ته ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو آهي ۽لالان جو اکيون برابر ٻاهر وسندڙ مينهن کي ڏسي رهيو هيون، پر سندس ذهن ۾يادن جي لهندڙ ڊگهي ڄڃ الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتي هئي.

هن جي تصور ۾ پنهنجو اباڻو گهر تري آيو، جتي جي مٺي کير جهڙي ڌرتي مٿي مينهن وسي دنگ ٿيندو هو ته زمين پاڻي چوسي ويندي هئي، باقي وڃي ڪي دٻا دٻا بچندا هئا، ٻئي ڏينهن اجري پسيل ڌرتي تي ڌانڃوري جا ساوا سلا ڄمندا هئا، کنڀيون ٿينديون هيون، ڪچي مٽي جا ٺاهيل گهر، ڇيڻي ۽واري سان راڳيل ڀتيون، سر جي پکن ۽ بانس جي لڙهن جون ٺاهيل ڇتيون، لوهه جا وهندڙ نارا، پري کان ٿر جون ڀنل سليٽي ڀٽون، هاڪڙي ڍوري جي ڪپ تي چهچ ساون کٻڙن جا وڻ ۽ انهن کي ڀاڪر پائي پکڙيل گولاڙن ۽گرڙن جون ولهيون، جن ۾ لال رتيون ڳاڙهيون گولون ۽ساوا گرڙ، ماڻس ستڀرائي ۽ پڻس جمعو سدائين لالان تان وڙهندا هئا، ماڻس، ڀاڻس دودي جو پاسو وٺندي هئي ۽ پڻس لالان جو طرفدار هوندوهو.

”ڇوري نڀاڳي، دين دنيا ۾ هڪڙو ڀاءُ اٿس، تنهن سان به ٿي وڙهي، ڏائڻ چڪ هڻي ڇوري جي ٻوٽي پٽي ورتي آهي، بيهه ته ٺاهيئين“ ماڻس الر ڪندي هئي ۽هو ڊوڙي وڃي پڻس جي جهولي ۾ لڪندي هئي، پڻس جي جهولي ۾ لڪي کيس ائين لڳندو هو ڄڻ هو لوهي ڪوٽ ۾ محفوظ ٿي وئي هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com