”ٻيو ڪم آهي ” پوراني سادات“ ، ٺٽي جا پوراني
سادات سنڌ جو تمام وڏو علمي خاندان هو،
”نصرت نامه ترخان“ ان خاندان جي هڪ فرد لکيو آهي،
ان سڄي خاندان جو تفصيلي احوال مون گڏ ڪيو آهي،
ارادو اٿم ته خدا توفيق ڏئي ته اهو ڪتاب جيئن،
مير معصوم جولکيو اٿم، لکي پورو ڪيان، ڇاڪاڻ ته
اهو منتشر آهي ۽ تمام قيمتي مواد آهي جو جيڪڏهن گڏ
ٿي وڃي ته سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب مڪمل ٿي
وڃي، ان خاندان جي علمي اهميت اها آهي جو ان جو
واسطو سنٽرل ايشيا، خراسان ۽ هرات سان آهي، ٽئين
ڪتاب لاءِ ارادو آهي ته سنڌ جي ادبي تاريخ لکان.“
(14)
پير صاحب جون اهڙيون خواهشون جيڪي هن وقت بوقت
ملاقات دوران چند اهل قلم حضرات سان پئي ظاهر
ڪيون آهن، سي هيٺ ڏجن ٿيون.
1.
جناب محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته ”... پير سائين
سان وڌيڪ ڪم جون ڳالهيون ٿيون، کين فارسي جي رهيل
سنڌ جي ماخذات جي ايڊيٽنگ ۽ اشاعت جو خيال هو، چئي
پنجاهه سال عمر جا ٻيا هجن ته به هوند ڪم پورو نه
ٿئي، سنڌي ادبي جي مفصل تاريخ لکڻ جو خيال هون ۽
هو ڏوٿي هو ڏينهن جي طرز تي خاص طرح پنهنجي سانئڻ
ماءُ جي يادگيرين جو ڏاڍو شوق هون ۽ مون کي پڪ آهي
ته سندس ڇڏيل ڪاغذن ۾ ضرور انهن تجويزن تي سندن ڪي
ابتدائي يا ڪجهه قدر وڌيڪ نوٽ موجود هوندا.“
2.
ڊاڪٽر رياض الاسلام لکي ٿو ته ”.... پير صاحب جي
غير مڪمل ڪمن مان غالبن سڀ کان اهم ڪم مرزا حيدر
دوغلت جي شهره آفاق تاريخ رشيدي جي ايڊيٽنگ جو ڪم
هو، اها رٿا سندس زندگي جي وڏين آرزوئن جي هئي ۽
1981ع جي پڇاڙي تائين پاڻ ان فڪر ۾ هئا ته ڪنهن
طرح اهو ڪم پورو ٿي وڃي، جنوري 1982ع ۾ جڏهن پاڻ
لندن روانا ٿيڻ وارا هئا، تڏهن شايد اچڻ واري
واقعي جو مٿس القا ٿي چڪو هو، ڇاڪاڻ جو روانگي کان
اڳ تاريخ رشيدي جي سمورن روٽو گرافن ۽ صاف ڪيل
نقلن جو ڪريٽ منهنجي ۽ پروفيسر محمود الحسن صديقي
جي حوالي ڪري ويا.“
3.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو ته ”... پير
صاحب جي دلي خواهش هئي ته تحفت الڪرام جي فارسي
متن کي نئين سر سنواري سڌاري شايع ڪيو وڃي، اهو
اهم ڪم هٿ ۾ کنيائين، ان جو پهريون حصو حاشين سان
سينگاري شايع ڪيائين، افسوس جو ان جا باري رهيل ٻه
حصا شايع نه ٿي سگهيا، سنڌي ادبي بورڊ کي جڳائي ته
جيڪڏهن پير صاحب اهي ٻئي حصا به مڪمل ڪري ويو آهي
ته اهي هٿ ڪري شايع ڪري، ڇاڪاڻ ته هي حصو به سنڌي
ادبي بورڊ ڇپايو آهي...“
4.
سيد صباح الدين عبدالرحمان لکي ٿو ته ”..... پير
حسام الدين راشدي وٽ ڇپجڻ لاءِ تاريخ رشيدي مرزا
حيدر دوغلت، تاريخ فراهمي سلاسل تيموريان ۽ سلسله
نورجهان بيگم زن جهانگير بادشاهه تيار هيون،
5.
ڊاڪٽر محمد ايوب قادري لکي ٿو ته ”.... پير صاحب
برصغير جي اولين تاريخ ” تاج الماثر“ (نظامي) جي
اردو ترجمي لاءِ خواهشمند هئا، پروفيسر عبدالمجيد
صديقي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، مگر افسوس جو اهو
منصوبو عمل ۾ اچي نه سگهيو، جوامع الحڪايات راز
عوفي، اردو ترجمو اختر شيرواني جي سليس ۽ شگفته
سنڌي ترجمي جو ذمو محترم پير حسام الدين راشدي
کنيو....“
6.
غلام مصطفيٰ ڀيو لکي ٿو ته ”..... هڪ دفعي آغا
صاحب بدر الدين دراني وٽ پير حسام الدين صاحب ڳڙهي
ياسين آيا، مان به وٽن روزانو ويندو هيس، رات جو
وقت هو، پير صاحب سان سندن ڪمري ۾ ويٺو هيس، مان
کانئن پڇيو ته، سائين جن جي آئنده پروگرام ۾ ڪهڙا
ڪتاب لکڻ جو ارادو آهي، جواب ۾ هڪڙي چوپڙي کيسي
مان ڪڍيائون ۽ کولي ڪتابن جا نالا ٻڌائڻ شروع
ڪيائون، جن ۾ ٽيتاليهه (43) ڪتابن جانالا هئا، جن
مان ڪافي ڪتاب پوءِ ڇپجي آيا ۽ باقي رهجي ويل آهن،
جن مان ڪجهه نالا محفوظ آهن، (1) ارغونن، ترخانن ۽
مغلن جي دور جي ادبي تاريخ، (2) ٺٽي جي سياسي
تاريخ، (3) ارغون ترخانن ۽ مغلن جي دور جي تاريخ
(4) سرمد شهيد (5) سيوهڻ جي تاريخ، انهن بابت پاڻ
ٻڌايائون ته مان انهن تي گهڻو ڪم ڪيو آهي، پاڻ
فرمائيندا هئا ته منهنجي ڪتابن ۾ مڪلي نامه ۽
تاريخ ٺٽه وڏي پائي جا ڪتاب هوندا ۽ تحفت الڪرام
جي فارسي ايڊيشن کي ايڊٽ ڪرڻ ۽ ان جا وڌيڪ ٻه حصا
ٻيا به خواهشي سان مرتب ڪندس، جو انهن جي پڙهڻ کان
پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي ڪنهن به ٻئي ڪتاب جي ضرورت
نه رهندي، مگر تاريخ ٺٽه، سيوهڻ جي تاريخ ۽ تحفت
الڪرام جا بقيه ٻه حصا رهجي وين، سرمد شهيد ۽ مير
معصوم شاهه تي پنجاهه ورهيه تحقيقي ڪندا رهيا،
ٽيون ڪتاب مير ڪي سادات، جيڪي پراڻي سکر ۾ رهن ٿا
جو تذڪرو تاريخ به ڪمپليٽ ڪري ڇڏي اٿائون، ان تي
ڪو ٿورو ڪم رهيل هوندو، جو اميد ته سندن ڀاءُ علي
محمد راشدي يا ڀائٽي محترم حسين شاهه راشدي جي
بقيه رهيل ڪم پورو ڪري شايع ڪرائيندا، ان سان گڏ
سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا بابت ڏاڍو خيال هين ته اهو
ڪم مان ڪيان، جن لاءِ ماڻهن ۽ ڪافي سرمائي جي
ضرورت پوندي، جيڪڏهن اهي ٻئي ماڻهو ۽ سرمايو ميسر
ٿئي ته مان ان ڪم کي ٻن سالن اندر پورو ڪري ڇڏيان،
مگر اها به سندس آرزو پوري ڪانه ٿي، پير صاحب مون
کي چيو ته مان مير معصوم بکري تي ٻيو جلد به لکي
رهيو آهيان، تون سکر وڃي ڪري سندن خاندان ۾ ڪنهن
لکئي پڙهئي ماڻهو سان ملي، مون سان رابطو قائم
ڪراءِ ته مان کانئس مير معصوم بابت ڪجهه زباني
احوال وٺندس ”.......“
7.
جناب غلام محمد لاکو لکي ٿو ته ” .... راشدي صاحب
هڪ ملاقات دوران مون کي ٻڌايو ته ڪتاب ” ميرزا
غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب تهران مان فارسي
زبان ۾ نروار ٿيڻو هو، ليڪن گمان غالب آهي ته
ايران ۾ بعد جي حالت سبب اهو اچي نه سگهيو، آخري
ملاقات 68 ڊسمبر 1981ع ۾ راشدي صاحب مون کي هن
ڪتاب جي سنڌي ترجمي لاءِ پڻ حڪم ڪيو، افسوس جو
سندن اوچتي وفات سبب هي ڪم پڻ التوا ۾ رهجي ويو،
پير حسام الدين راشدي صاحب، مير فانع جي مفصل
سوانح لکڻ جو پڻ اشارو ڏنوآ هي، افسوس جو هي ڪم پڻ
وقت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو ۽ منظر تي اچي نه سگهيو،
راشدي صاحب هڪ ملاقات ۾ ٻڌايو ته تذڪره رياض
العارفين جلد دوم (از، آفتاب راءِ لکنوي) ڇپائيءَ
هيٺ هو، جو مذڪوره ادارو پاڪستان انسٽيٽيونٽ آف
پرشن اسٽڊز اسلام آباد، ايران جي نئين سرڪار بند
ڪرڻ جو حڪم ڏنو پوءِ ڪٿي هي تذڪرو شايع ٿيو يا نه،
ان جي خبر خاوند کي...“ جناب غلام محمد لاکي مٿي
بيان ڪيل سڀني انهن ڪتابن کانسواءِ، چند هيٺين ٻين
ڪتابن جي مسودن بابت به آگاهه ڪيو آهي، جيڪي پير
حسام الدين راشدي صاحب شايع ڪرائڻ لاءِ ايڊٽ ڪيا
هئا: معيار سالڪان طريقت (از مير علي شير قانع)،
مثنوي زيبا نگار (از، ملاضيائي ٺٽوي)، ٽالپرن جي
تاريخ، راشدي خاندان جون علمي ۽ ادبي خدمتون، پير
علي گوهر شاهه اصغر جو ڪلام، مذڪره پوراني سادات،
تاريخ ادبيات سنڌ (ادبيات، جي تاريخ، برائون جي
طرز تي) مڪلي جي مقبرن تي تاريخي فارسي شعر،
واقعات ڪشمير (حوالو، تڪمله ڪشمير جلد 4، صفحو 10)
تعليقات مقلات (غالبن ان طرز تي پوءِ ڪشمير جو
تڪمله تيار ٿيو)“ (12)
مٿين سڀني حوالن جي روشني ۾ اسان کي پير حسام
الدين راشدي جون هيٺيون خواهشون نظر اچن ٿيو،
(1)
مثنوي مختار نامه،از مير علي شير قانع، (2) مثنوي
ختم السلوڪ، از مير علي شير قانع، (3) مير علي شير
قانع جا منتشر شعر، غزل، رباعيون ۽ تاريخي قطعات
(اهي سڀ مير علي جي مختلف فلمي بياض ۽ ڪتابن ۾
ٽڙيل پکڙيل آهن، انهن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ڏيڻ)
(4) قصيده بمدح عبدالنبي از امير علي شاهه شائق،
(5) نامه نغز از، باغ علي خائف، (6) گلدسته نورس
بهار ڪلهوڙا دور جي حاڪمن جا خط) از منشي
عبدالرئوف سيوستاني، (7) گلدسته هميشه بهار از،
منشي عبدالرئوف سيوستاني، (8) انشاءَ عطارد از،
شيوڪرام عطارد، (9) اسناد ۽ فرامين (ڪلهوڙا حاڪمن
جا جاري ڪيل پروانه، سندون ۽ فرمان وغيره، ) (10)
مشاهير سنڌ جلد ٻيون ۽ ٽيون از، مولانا دين محمد
وفائي، (11) شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر
شاعرن جي ڪلام جا ديوان شايع ڪرائڻ، (12) شاهه
عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس خاندان جي مڪمل سوانح
حيات، (13) شاهه عبداللطيف ڀٽائي دور جي سياسي ۽
تمدني تاريخ، (14) شاهه عبداللطيف جي دور ۾ تصوف
جون تحريڪون ۽ انهن ۾ شاهه جو حصو، (15) شاهه صاحب
جي رسالي متعلق تحقيقي ايڊيشن، (16) سنڌ جا فنڪار
۽ انهن جو حوال، (18) سنڌ جي فارسي ماخذات جي
ايڊيٽنگ ۽ اشاعت، (18) سنڌي ادبي جي مفصل تاريخ،
(19) پير صاحب جي والده محترمه جون يادگيريون،
(20) تاريخ رشيدي از، ميرزا حيدر دوغلت، (21) تحفت
الڪرام جا باقي رهيل ٻه ڀاڱا (انهن جي ايڊيٽنگ)
(22) تاريخ فراهمين سلاسل تيموريان، (23) سلسله
نورجهان بگم زن جهانگير بادشاهه، (24) تاج الماثر
از، نظامي، (25) جامع الحڪايات، (26) ارغونن،
ترخانن ۽ مغلن جي دور جي ادبي تاريخ، (27) ٺٽي جي
سياسي تاريخ، (28) ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي
تاريخ، (29) سرمد شهيد، (30) سيوهڻ جي تاريخ، (31)
تذڪره مير
ڪي سادات، (32) سنڌ جي انسائيڪلو پيڊيا، (33) مير
معصوم شاهه بکري جلد ٻيو، (34) مرزا غازي بيگم
ترخان اور اس ڪي بزم ادب، جو سنڌي ترجمو، (35) مير
علي شير قانع جي مفصل سوانح، (36) تذڪره رياض
العارفين جلد دوم، (37) مثنوي معيا سالڪان طريقت
از، علي شير قانع (38) مثنوي زيبانگار از ملاضيائي
ٺٽوي، (39) ٽالپرن جي تاريخ، (40) راشدي خاندان
جون علمي ۽ ادبي خدمتون، (41) پير علي گوهر شاهه
اصغر جو ڪلام، (42) تذڪره پوراني سادات، (43)
تاريخ اديبات سنڌ (اديبات جي تاريخ برا.ئون جي طرز
تي) (44) مڪلي جي مقبرن تي لکيل تاريخ فارسي شعر،
(45) واقعات ڪشمير (46) تعليقات ڪشمير، (47) سنڌ ۾
اردو، (48) تذڪره مشائع سيوستان (هن تذڪري ۾ آيل
اولياءِ ڪرام جي مقبرن جو احوال لکڻ ۽ انهن جون
تصويرون ۽ نقشا ٺاهي شايع ڪرائڻ)، (49) خلاصت
المڪتوبات، (50) انشاءِ نورالحق مشتاقي، (51)
انشاءِ ابري جلد اول و دوم (52) مجموعه مڪاتيب
دانشگاهه سنڌ، (53) مجموعا رقعات دانشگاهه سنڌ،
(54) گلدسته باغبان، (55) منهاج الشعور، (56)
تاريخي انشاءِ، (57) انشاءِ خبرت، (58) انشاءِ
محمد سعيد، (59) رقعات امام الدين، (60) انشاءِ
(61) مڪتوبات قانع، (62) مڪتوبات مير عظيم الدين
ٺٽوي، (63) مڪتوبات مير نصير خان ٽالپر، (64)
مڪتاتيب انندرام مخلص، (65) مدحيه ۽ نعتيه ديوان
عطا ٺٽوي، (66) تاريخ مظهر شاهجهاني حصه اول از،
ميرڪ يوسف، (67) تعليقات مقالات الشعراءَ، (68)
مڪلي نامه جي ٻئي ايڊيشن مڪلي جي تاريخي آثارن ارض
پاڪ مصلي، چاهه محاذي محراب عيد گاهه، غير هائي
جبل مشرق رويه زمين ميڪرا، پير غيب، تالاب اگهور
نزديڪ طفرل آباد ۽ ملا دائود درس مسجد و تالاب جو
تعين ڪرڻ ۽ سندس محل وقوع ۽ انهن جي موجوده حالت ۽
احوال لکڻ ۽ انهن جون تصويرون ڪڍي ۽ نقشا ٺاهي ڏيڻ
گهرجي.
هاڻي اسان پير صاحب جي مٿين خواهشن جي ٿوري وضاحت
ڪنداسين، نمبر هڪ کان اٺاهٺ (68) تائين ڪتاب اهي
آهن، جن جو پير صاحب کي ايڊٽ ڪرڻ، ترجمو ڪرڻ يا
مرتب ڪري ڇپائڻ جو خيال هو، ليڪن زندگي وفانه ڪيس،
جنهن ڪري انهن ڪتابن جا صرف نالا ئي پير صاحب جي
خواهشن ۾ رهجي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن مان
ڪن ڪتابن جو مواد ڇڙوڇڙ ٿيو پيو آهي، جيڪو چونڊي
گڏ ڪرڻو پوندو، ڪن ڪتابن کي ايڊٽ ڪرڻو پوندو ۽
معلوماتي حواشين سان سينگارڻو پوندو، چنڊ ڪتابن جو
سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪرڻو پوندو وغيره، انهي ڪم
ڪرڻ لاءِ ڪنهن هڪ فرد يا اداري جو وس پڄي نه
سگهندو، تنهن ڪري انهن ڪتابن کي مرتب ڪرڻ ۽ ترجمو
ڪرڻ وغيره لاءِ انهن ادارن ۽ مفردن کي سامهون اچڻ
گهرجي، جيڪي سائين جي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح
سان ساڻس منسلڪ رهيا، اهو انهي لاءِ چوان ٿو جو
انهن ڪتابن مان ڪن ڪتابن جو صرف نالوئي آهي، ٻيو
مواد ڪجهه ڪو نه لکيو اٿن، تنهن ڪري اهو ڪم صرف
اهي ئي ماڻهو سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، جن جو هميشه
واسطو پير صاحب سان رهيو هجي، ڪن ڪتابن لاءِ ته
صرف پير صاحب ٿورو مواد گڏ ڪيو يا لکيو ته پاڻ
هميشه لاءِ اسان کان موڪلائي ويا ۽ اهو، ٿورو مواد
به پير صاحب وٽ ئي رهجي ويو، تنهن ڪري انهن ماڻهن
کي اڳتي اچڻ گهرجي جن وٽ يا جن کي پير صاحب جي
انهي لکيل مواد بابت ڪجهه ڄاڻ آهي، اهي ماڻهوانهي
مواد کي هٿ ڪري وڌيڪ مواد انهي ئي مواد جي روشني ۾
تيار ڪري انهن نالي واري ڪتاب کي مرتب ڪن.
انهي سڄي ڪم تي هڪ سرسري نگاهه وجهي اسان رايو
ڏينڊاسين ته مٿي ڄاڻايل ڪتاب مان نمبر هڪ کان وٺي
نو تائين، ويهه کان پنجويهه تائين، ستٽيهه کان
اٺٽيهه تائين، اٺيتاليهه ۽ پنجاهه کان اٺاهٺ
تائين، اهي سڀ ڪتاب صرف ايڊٽ ڪري ۽ معلوماتي حاشين
سان سينگاري شايع ڪرائڻ گهرجن، ڇٽيهون (36) ڪتاب ”
تذڪره رياض العارفين جلد دوم“ (از، آفتاب راءِ
لکنوي) اسلام آباد مان ڇپجي چڪو آهي.
” مثنوي نامه نغز“ جو هڪ قلمي نسخو سنڌ ۾، ۽ ٻيو
نسخو سنڌي ادبي بورڊ جي لئبرريءَ ۾ موجود آهي،
تنهن ڪري سنڌ ادبي بورڊ جي منتظمين کي گهرجي ته
اهو قلمي نسخو ڪنهن ڄاڻو عالم کان ايڊٽ ڪرائي شايع
ڪرائين،
” گلدسته نورس بهار جا ٻه قلمي نسخا پير صاحب جي
ذاتي لئبرريءَ ۾ موجود هئا، ان متعلق پير صاحب لکي
ٿو ته ” هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتب خاني ۾
موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو متن تيار
ڪيو آهي ۽ انتظار ۾ آهيان تاريخي حاشين ۽ چٽاين
سان ان کي ڇاپيو وڃي...“ انهي کان علاوه انشاءِ
عطارد، خلاصت المڪتوبات، انشاءِ ابري جلد اول
ودوم، منهاج الشعور، انشاءِ خبرت، انشاءِ، مڪاتيب
انندرام مخلص ۽ تاريخ مظهر شاهجاني حصو اول جا
قلمي نسخا پڻ پير صاهب جي لئبريري ۾ موجود هئا،
انهي کان علاوه . تاريخ فرامين سلاسل تيموريان“،
سلسله نورجهان بيگم زن جهانگير بادشاهه“ ۽ ” سنڌ ۾
اردو“ جا مسودا پڻ پير صاحب تيار ڪي ڇڏيا هئا،
تنهن ڪري مٿيان قلمي نسخا توڙي مسودا پير صاحب جي
خاندان وٽان هٿ ڪري انهن کي مرتب ڪري شايع ڪيو
وڃي.
مجموعه مڪاتيب، دانشگاهه سنڌ، مجموعه رقعات
دانشگاهه سنڌ، مڪتوبات قانع، مڪتوبات مير عظيم
الدين ٺٽوي ۽ اسناد و فرامين جا قلمي نسخا سنڌي
ادبي جي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي لئبريري ۾ موجود آهن،
اسنادو فرمين جو هڪ ٻيو نسخو پير صاحب جي لئبريري
۾ پڻ هو اهي سڀ نسخا هٿ ڪري ايڊٽ ڪري شايع ڪرايا
وڃن، غلام محمد لاکي صاحب جي چوڻ مطابق راشدي صاحب
جي آخري عمر واري حصي ۾ هيٺيان، سڀ ڪتاب تيار ٿي
رهيا هئا يا ترتيب هيٺ هئا، مثنوي مختارنامه،
مثنوي ختم السلوڪ، مير علي شير قانع جا منتشر شعر،
غزل، رباعيون ۽ تاريخي، قطعات، تحفت الڪرم جا
بقايا رهيل ٻه ڀاڱا،ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي
تاريخ، مثنوي معيار سالڪان طريقت، مثنوي زيبا
نگار،ٽالپر جي تاريخ، راشدي خاندان جون علمي ۽
ادبي خدمتون ، تذڪره پوراني سادات،تاريخ اديبا
سنڌ، ملڪي جي مقبرن تي لکيل تاريخ فارسي شعر ،
واقعات ڪشمير ۽ تعليقات ڪشمير“. انهيءَ کان علاوه
پير صاحب سنڌي ادب جي مفصل تاريخ، ارغونن مغلن ۽
ترخانن جي دور جي ادبي تاريخ ٺٽي جي سياسي تاريخ،
سرمد شهيد ، سيوهڻ جي تاريخ، سنڌ جي انسائيڪلو
پيڊيا، ميرمعصوم بکري جلد ٻيون۽ مير قانع جي مفصل
سوانح حيات لاءِ ڪجهه نه ڪجهه مواد ضرور لکيو
هوندو يا گڏ ڪيو هوندو . تنهنڪري انهن سڀني
ڪتابن کي لکڻ يا مڪمل ڪرڻ لاءِ انهن عالمن ۽
محققن کي اڳتي اچڻ گهرجي، جن کي پير صاحب جي انهي
لکيل مواد متعلق ڄاڻ هجي ته جيئن انهي مواد جي
روشنيءَ ۾ ٻيو مواد گڏ ڪري، انهن کي مرتب ڪرائي
شايع ڪرائي سگهجي، تحفت الڪرام جي بقايا رهيل ٻن
ڀاڱن کي ايڊٽ ڪري حواشي سان سينگاري شايع ڪرڻ
گهرجي، مير قانع جي مفصل سوانح حيات“ تي راقم پڻ
تحقيق ڪر رهيو آهي.
تازو معلوم ٿيو آهي ته ” تذڪره پوراني سادات“ جو
سمورو سهيڙيل مواد ممتاز مرزا جي حوالي ڪيو ويو
آهي ته جيئن هو ان کي ايڊٽ ڪري تنهن ڪري ممتاز
مرزا کي گهرجي ته پير صاحب جي خواهش جي تڪميل لاءِ
انهي ڪتاب کي جلد ايڊٽ ڪري ۽ ڇپائي، هي به معلوم
ٿيو آهي ته مير علي شير قانع جي مثنوي ” معيار
سالڪان طريقت “ جناب خضر عباسي نوشاهي پي ايڇ ڊي
جي ٿيسز لاءِ ايڊٽ ڪري رهيو آهي.
عطا ٺٽوي جي” نغتيه ۽ مدحيه“ شاعرن جي ديوان جو
قلمي نسخو به سنڌي ادبي بورڊ جي لئبريريءَ ۾ موجود
آهي، اهو نسخو به ڪنهن ڄاڻو کان ايڊٽ ڪرائي جلد
شايع ڪرايو وڃي ۽ ” مقالات الشعراءِ“ تي تعليقات
به ڪنهن ڄاڻو عالم کان لکايا وڃن۽شايع ڪرائجن.
قصيده بمدح عبدالنبي، نامه نغز، گلدسته نورس بهار،
گلدسته هميشه بهار، انشاءَ عطارد ۽ اسناد و فرامين
سنڌي ادبي بورڊ کي شايع ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته انهن
کي شايع ڪرڻ لاءِ خود پير صاحب به سنڌي ادبي بورڊ
کي اپيل ڪئي آهي ته” مهيا ٿيل ڪتابن مان هيٺيان
ڪتاب (يعني مذڪوره ڪتاب) فوري توجهه جي لائق
آهن،اميد ته سنڌي ادبي بورڊ انهن جي اشاعت لاءِ
ضرورت اهتمام ڪندو“. (17)
انشاءَ نور الحق مشتاقي، گلدسته باغبان، تاريخ
انشاءَ، انشاءَ منشي محمد سعيد، رقعات امام الدين
۽ مڪتوبات مير نصير خان ٽالپر جا قلمي نسخا سنڌ
يونيورسٽي جي لئبريري ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي لئبريري
۾ محفوظ آهن، انهن ڪتابن جااهي نسخا هٿ ڪري،ايڊٽ
ڪري انهن کي حاشين سان سينگاري شايع ڪرايووڃي،
ڪتاب ” نگيران سنڌ“ جو قلمي نسخو ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلي جي ذاتي ڪتب خاني لاڙڪاڻي ۾ پيل آهي،
انهيءَ ڪتاب کي به ايڊٽ ڪري شايع ڪيو وڃي.
” پير صاحب جي والده محترمه جي يادگيرين“ ۽راشدي
خاندان جي علمي ۽ادبي خدمتون“ لکڻ لاءِ جناب حسين
شاهه راشديءَ کي چيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڻ انهي
گهراڻي جا فرد آهن ” پير علي گوهر شاهه اصغر جو
ڪلام مفتي محمد رحيم سڪندري، ايڊٽ ڪري، جمعيت
علماءِ سڪندريه درگاهه شريف پير ڳوٺ مان شايع ڪيو
آهي، انهي جو ٻيو مستند ۽ مڪمل ايڊيشن پروفيسر شيخ
محمد فاضل ترتيب ڏيئي رهيو آهي.
” جامع الحڪايات“ ، ”تاج الماثر“ مرزا غازي بيگ
ترخان اور اس ڪي بزم ادب “ جو سنڌي ۽ اردو ترجمو
ڪيو وڃي ۽ شايع ڪيو وڃي، ” تاريخ رشيدي“ ڊاڪٽر
سليم اختر ايڊٽ ڪيو آهي ۽ انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل
اينڊ ويسٽ ايشين اسٽڊيز ڪراچي طرفان شايع ٿيڻ وارو
آهي، مٿين ڪتابن مان ” مرزا غازي بيگ ترخان اور
اس ڪي بزم ادب“ جو سنڌي ۽ فارسي ۾ ترجمو ڪرايووڃي.
” مشاهير سنڌ جلد ٻيو ۽ ٽيون“ 1985ع ۽ 1986ع ۾
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي، ” شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جي همعصر شاعرن جي ديوانن کي
مربت ڪرڻ ۽ اشاعت“ لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن، شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح ۽ سندس خاندان جي مڪمل سوانح حيات ۽ شاهه جي
رسالي جي تحقيقي ايڊيشن لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ تحسين جوڳو ڪم ڪيو آهي، تازو ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز طرفان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي مرتب ڪيل شاهه جي
رسالي جا چار جلد شايع ٿي چڪا آهن، انهي جي شروع
۾شاهه صاحب ۽ سندس خاندان جي مفصل سوانح ڏني وئي
آهي؛ هي تحقيقي ايڊيشن جو پڻ پورائو ڪري ٿو، اميد
ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب شاهه جي رسالي جا رهيل حصا پڻ
جلد ايڊٽ ڪري شايع ڪرائيندو.
” شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور جي سياسي ۽ تمدني
تاريخ“ ۽ ” شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دور ۾ تصوف
جون تحريڪون ۽ انهن ۾ شاهه جو حصو“ ڪتاب، تاريخ جي
ڪنهن ڄاڻو عالم کان لکايا وڃن، ڪتاب ” سنڌ جا
فنڪار ۽ انهن جو احوال“ تي ڪجهه ڪم ممتاز مرزا
ڪيو آهي، هن چند سنڌي فنڪارن جو احوال ” وساريان
نه وسرن“ نالي ڪتاب ۾ ڏنو آهي، اهو ڪتاب پڻ تازو
سال 1988ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز طرفان شايع ٿيو
آهي، اميد آهي ته مذڪوره ادارو انهي ڏس ۾ اڃان
جوڳا قدم کڻندو ته جيئن سنڌ جي سڀني فنڪارن جو
احوال جلد لکجي ۽ ڇپجي سگهي.
پير صاحب جي خواهشن جي تڪميل لاءِ چند اهل قلم
حضرات جا رايا ۽ مشورا هيٺ ڏجن ٿا.
محمد ابراهيم جويو، صاحب ”.. مون کي پڪ آهي ته پير
صاحب جي ڇڏيل ڪاغذن ۾ ضرور انهن تجويزن تي سندن ڪي
ابتدائي يا ڪي قدر وڌيڪ نوٽ موجود هوندا، انهن کي
نوٽ ڪري ڪم از ڪم فارسي ماخذات ۽ سنڌ جي ادبي
تاريخ تي ۽ پڻ ان سان گڏيا ان سڀ کان علاوه به خود
سندس ادبي سوانح عمري تي ڪم ٿي سگهي ٿو، جيڪو خاص
علمي ۽ ادبي ادارن جو اولين فرض آهي..“
ڊاڪٽر غلام علي الانا ”..... هاڻي اسان سڀني جو
فرض آهي ته انهن کي سميٽيون، انهن کي سنڀاليون ۽
نئين نسل جي اطلاع ۽ اڀياس لاءِ انهن کي هڪ هنڌ گڏ
ڪريون، اهوئي سندس سرمايو اهي، جنهن تي اسين هڪ
زنده قوم وانگر ناز ڪري سگهون ٿا، هر هڪ جو فرض
آهي ته سندس ٻاريل مشعل کي اجهامڻ نه ڏيون، پير
صاحب جي گذريل سال سچل واري ادبي ڪانفرنس ۾ ڪيل
تقرير ۽ ان ۾ ڏنل پيغام هينئن سان هنڊائڻ جهڙو
آهي، اسان کي سندن اهم پيغام سامهون رکي اڳتي وڌڻو
آهي،سندن طرفان ڏسيل مقصد ۽ منزل تي پهچڻ جي ڪوشش
کي جاري رکڻو آهي، پر ائين ڪرڻ جي بدران فقط ٻه
لفظ واکاڻ جا ڳالهائڻ کان پوءِ سڄو سال خاموش ويهي
رهڻ سان پير صاحب جي ڏنل پيغام جي پوئيواري نه ٿي
سگهندي، پر ان جي بدران سندس مشن کي جاري رکڻ
گهرجي، پير حسام الدين راشدي يادگار ڪائونسل يا
اڪيڊمي ٺاهي اهو ڪم ان جي حوالي ڪريو ته جيئن هر
ڪم ڪنهن رٿا ۽ ترتيب سان ٿي سگهي...“
ڊاڪٽر رياض الاسلام ”...هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي
آهي ته هڪ اهڙو ادارو قائم ڪيو وڃي جيڪو پير صاحب
جي علمي مشن کي جاري رکي، ٻين ڪمن سان گڏ انهن
ڪتابن کي پورو ڪري ڇپائي جيڪي پاڻ اڻ مڪمل حالت ۾
ڇڏي ويا آهن، سندن اهي ڪتاب پڻ ٻيهر شايع ڪري جيڪي
هاڻي ناياب ٿي ويا آهن ۽ سندس مضمونن کي گڏ ڪري
مجموعن جي شڪل ۾ شايع ڪري، پير صاحب پنهنجي زندگي
۾ بيشمار لکندڙن، اديبن ۽ شاعرن جي همت افزائي ۽
واهر ڪئي، هاڻي اهو انهن ماڻهن جو فرض آهي ته هو
پير صاحب جي عظيم علمي مشن کي جاري رکڻ ۾ سيد
حسين شاهه راشدي جو هٿ ونڊائين، جنهن صاحب انهي ڪم
جو بار پنهنجي مٿي تي کنيو آهي...“
جناب ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”... پير صاحب
سنڌي مقالن کانسواءِ بيشمار اردو ۽ فارسي مقلا به
لکيا، جيڪي اردو ۽ فارسي جي نامور رسالن ۾ سايع ٿي
چڪا آهن، ضرورت آهي ته اهي مقالا به ڪتابي صورت ۾
شايع ڪيا وڃن “ ....“
جناب خادم شيخ ”.... سائين جي وفات سان جيڪو سنڌي
ادبي کي نقصان رسيو آهي تنهن جي کوٽ پوري ڪرڻ
لاءِ ته ڪافي وقت کپي، بهرحال سائينءَ جي خاندان
مان سائين حسين شاهه راشدي ادب ڏانهن لاڙو ڪيو
آهي. تنهن ۾ اسان کي ڪافي اميدون آهن،
”.........“
جناب غلام محمد لاکو؛ ”...... پير حسام الدين
راشدي جي علمي ۽ ادبي مان مرتبي، بحيثيت هڪ محقق ۽
مورخ جي ڇڏيل ڪار گذاري، اسان جي حوالي ڪيل ادبي
اثاثي، تاريخ نويسي لاءِ ڏنل نظريي، هڪ دانشور،
ڏاهي، پر خلوص، پروقار، محب وطن ۽همت ڀرئي بزرگ
توڙي همتائيندڙ انسان جي حيثيت ادبي لاڳاپن ۽
ايليٽ وانگر سندن ادبي ۽ علمي وسيلن جي صحيح پروڙ
لاءِ ضروري آهي ته جلد کان جلد سندن صحيح ۽ مڪمل
سوانح مرتب ڪجي، بيشڪ هي هڪ اهم ۽ ضروري ڪم آهي،
جيڪو ڪرڻ به گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان وٽ هاڻي ته فخر
لائق ٻي ڪابه ڳالهه نه بچي آهي، سنڌ جو مايه ناز
اديب، محقق، دانشور، مورخ ۽ عالم محترمه پير حسام
الدين راشدي صاحب جيتوڻيڪ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو
آهي، ليڪن سندن ڇڏيل ادبي اثاثو، علم ۽ ادبي لاءِ
ڪيل خدمتون ۽تازو توانو فن ۽ فڪر اسان وٽ رهندي
دنيا تائين موجود رهندا، اسان سڀ جيڪي سندس
عقيدتمند، پوئلڳ ۽ شاگرد ۽ شاگرد سڏايون ٿا ۽ سندس
لاڳاپي تي فخر محسوس ڪريون ٿا تن جو ۽ انهن سڀني
ادارن جو جيڪي سندن سرپرستي ۾ وڌايا ۽ ويجهيا،
مڙني جو فرض آهي ته پاڻ جيڪي ڪم اڌورو ڇڏي ويا آهن
تن جو پورائو ڪريون، ان ڏس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪنهن حد
تائين هيٺيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهن، راشدي
صاحب سنڌ جي ادبي تاريخ جي اها قابل فخر هستي آهي،
جنهن جو علمي ادبي خدمتون لافاني يادگار ۽ اڻ مٽ
آهن مناسب آهي ته سندس جامع ۽ مڪمل سوانح جلدي
لکجي ۽ ڇپائجي ته جيئن آئنده نسلن جي رهبري ٿئي،
سردست ان ڏس ۾ سندس مختصر سوانح ئي ترتيب ڏجي،
تڏهن بهتر ٿيندو، افسوس جو هيل تائين ڪنهن به عالم
يا اديب جي ڪا سوانح نه لکي وئي آهي، (2) راشدي
صاحب جي ذاتي ڪتب خاني ۾ سنڌ تي جيڪي فارسي مخطوطا
هئا، تن جو مفصل ڪيٽلاگ تيار ڪري شايع ڪجي ته جيئن
ريسرچ ڪندڙ جي رهبري ٿي سگهي، سندن حياتيءَ ۾
اهڙوڪيٽالاگ ڊاڪٽر روشن آرا بيگم تيار ڪيو هو جيڪو
غالبا ڇپجي نه سگهيو آهي، هن ڪم ڪرڻ لاءِ اسان کي
پنجاب يونيورسٽي پاران مختلف عالمن جي مخطوطن تي
تيار ڪيل فهرست تان رهنمائي وٺڻ گهرجي، (3) راشدي
صاحب جا جيڪي تيار ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب باقي آهن تن جي
ڇپائيءَ جو بندوبست جلد از جلد جڪرڻ گهرجي، (4)
اهي ڪتاب جيڪي اسان جي هن عالم وٽ ترتيب ۽ تياري
هيٺ هئا، ليڪن زندگي جي بي وفاقي جي ڪري انهن جو
ڪم اڌورو رهجي ويو، جلد از جلد مختلف عالمن جي
حوالي ڪري قابل اشاعت بنايا وڃن ته جيئن سندن رهيل
ڪم جي پورائي ٿي سگهي (5) مناسب ته ائين آهي ته
هنن سڀني ڪمن جي پورائي لاءِ ” راشدي اڪيڊمي“
ٺاهجي، جتي نه رڳو سندس لئبريري محفوظ ڪجي بلڪ
سندن ذاتي استعمال جي شين کي پڻ محفوظ ڪيو وڃي (6)
هنن سڀني ڳالهين جي پورائي لاءِ راشدي صاحب جي
ڀائٽي محترم حسين شاهه راشديءَ کي پڻ سرگرم ٿيڻ
گهرجي“. (18)
آخر ۾ راقم الحروف پير صاحب جي انهن خواهشن جي
تڪميل لاءِ پنهنجي راين جو اظهار هن طرح ڪري ٿو ته
” جن اخبار ۽ رسالن وغيره ۾ پير صاحب ڪم ڪيو، انهن
جا ايڊيٽر ٿي رهيا يا انهن سان ڪنهن به قسم جو
تعلق هين ته انهن سڀني اخبار توڙي رسالن مان پير
صاحب جا علمي ادبي ۽ سياسي مقالا ۽ مضمون،
ايڊيٽوريل، شاعري ۽ افسانا وغيره گڏ ڪري ڪتابي
صورت ۾ شايع ڪيا وڃن، پير صاحب جون اهي تحريرون ۽
تقريرون به گڏ ڪري شايع ڪيون وڃن، جيڪي هن وقت
بوقت ادبي جلسن ميٽنگن، مختلف ڪتابن جي رونمائي
وارين تقريبن وغيره جي دوران ڪيون هيون، انهن
فارسي،سنڌي ۽ اردو ڪتابن جا مهاڳ، تعارف مقدمه ۽
پيش لفظ به گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع ڪيا وڃن،
جيڪي پير صاحب جا لکيل آهن، پير صاحب جا مختلف
مقالا، اردو ۽ فارسي مختلف رسالن مان هٿ ڪري ۽
انهن جو سنڌي ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع
ڪرايا وڃن، پير صاحب جي نالي تي هڪ اڪيڊمي يا
لئبريري قائم ڪئي وڃي، پير صاحب جا مختلف عالمن
ڏانهن لکيل خط ۽ مختلف عالمن جا سندس ڏانهن لکيل
خط پڻ گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايا وڃن.
پير صاحب متعلق ببليوگرافي لکائي وڃي، جنهن ۾ پير
صاحب بابت سندس وفات کان اڳ جوادبي سوانحي ۽ سياسي
موادوغيره ڄاڻايو وڃي ۽ وفات کانپوءِ سندس متعلق
غير ملڪي ۽ ملڪي ماڻهن جا وفات تي موڪليل تعزيتي
پيغامات، اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ ريديو ۽ ٽي وي تان
نشر ٿيل پيغامات ۽ ٻيو مواد ڄاڻايو وڃي،پير صاحب
جي سنڌي ٽي سئو مقالن مان رهيل بقايا مقالن کي به
گڏ ڪري ڪتاب ” ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ وانگر هڪ ٻئي
جدا ڪتاب ۾ شايع ڪيا وڃن، انهي سلسلي ۾ جناب غلام
محمد لاکي جي ڪوشش تحسين جوڳي آهي جو هن پير صاحب
جي چند تاريخي مقالن کي هڪ هنڌ سهيڙي ” ڳالهيون
منهنجي سنڌ جون“ نالي مجموعو تيار ڪيو آهي جيڪو
سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيو آهي.
پير صاحب جي ناياب افسانن، ناولن ۽ ٻين ادبي
تاريخي، سوانحي ۽ سياسي ڪتابن کي ٻيهر جلد از جلد
شايع ڪرايو وڃي، پير صاحب جي ٽي وي ۽ ريڊيو تان
نشر ڪيل تقريرن کي ڪيسٽن ذريعي عام ڪيو وڃي ۽ انهن
تقريرن کي مرتب ڪري ڪتابي صورت ۾ آڻي شايع
ڪرايووڃي.
اهي ڪتاب جلد شايع ڪرائڻ گهرجن جيڪي پير صاحب وفات
کان اڳ مڪمل ته ڪري ويو مگر شايع نه ٿيا ۽ انهن
ڪتابن کي به جلد مڪمل ڪرائي شايع ڪيو وڃي جيڪي پير
صاحب وفات کان اڳ ۾ لکي هيو هو مگر سندس وفات سبب
مڪمل ٿي نه سگهيا، پير صاحب جي مڪمل سوانح عمري
تيار ڪري جلد شايع ڪئي وڃي، راشدي صاحب جي ذاتي
ڪتب خاني ۾ موجوده فارسي مخطوطن جو ڪيٽلاگ تيار
ڪرايو وڃي.
پير صاحب جي مذڪوره خواهشن ۽ پير صاحب متعلق مٿي
ڄاڻايل ڪمن جي تڪميل لاءِ انهن ادارن ۽ ماڻهن کي
خاص طور تي اڳتي وڌڻ گهرجي جن جو پير صاحب سان
تعلق رهيو آهي، اهڙن ادارن مان انسٽيٽيوٽ آف سنڌ
الاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ به آهن،انهن ٻنهي ادارن کي
گهرجي ته پير صاحب جي خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ خاص
طور تي پير صاحب جي خاندان مان جناب حسين شاهه
راشدي جون خدمتون حاصل ڪن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻنهي
ادارن تي پير صاحب جا ڪيترائي احسان آهن، پير صاحب
جي دور انديشي، گهري اڀياس ۽ اعليٰ سوچ جو هڪ مثال
هي به آهي ته سندس رٿ تي آڪٽوبر 1964ع ۾ سنڌ
اڪيڊمي جو نالو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي“ رکيو ويو
، پير صاحب هن اداري جو 1962ع ۾ باني ميمبر پڻ
رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ تي به پير صاحب جا گهڻائي احسان
آهن، ڇاڪاڻ ته هن اداري جي معرفت پير صاحب گهڻي
کان گهڻا تاريخي ڪتاب تيار ڪري شايع ڪرايا، پير
صاحب جي انهن معلومات افزا تاريخي ۽ ادبي خزاني جي
ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو نالو ملڪ توڙي ٻاهر روشن
ٿيو آهي، پير صاحب کي هر وقت انهيءَ ادارن جي ترقي
جو اونو هوندو، تنهن ڪري ئي هڪ هنڌ لکيو اٿن ته
”.... هن وقت سنڌ ۾ تاريخ جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ
ڪري رهيو آهي، ۽ انهن اداري سنڌ کي ٻاهرئين ملڪن
سان ڪافي روشناس ڪرايو آهي ۽ گهڻو ڪري بنيادي ڪتاب
شايع ڪري چڪو آهي ليڪن ان جي سالياني گرانٽ ڪافي
نه آهي، انهيءَ اداري کي پڻ نئين سر قومي پيماني
تي تشڪيل ڪجي ۽ رقمون مهيا ڪجن.“ (19)
حوالا
1.
پير حسام الدين راشدي،” ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“،
صفحو 43، ڇاپو پهريون 1981ع، انجمن تاريخ سنڌ
ڪراچي (ڪتاب، ” تذڪره امير خاني“ 1961ع ۾ ۽ ” مير
معصوم بکري“ 1979ع ۾ ” سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيا
آهن.)
2.
مير علي شير قانع ” مثنويات وقصائد قانع“ (مرتب:
پير حسام الدين راشدي) صفحو 1 ۽ 2 تعارف، ڇاپو
پهريون 1961ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
3.
ميان نور محمد ڪلهوڙو، ” منشور الوصيت ودستور
الحڪومت“ (مرتب: پير حسام الدين راشدي) صفحو 29 ۽
30 ڇاپو پهريون 1964 ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
4.
مولانا دين محمد وفائي، ” تذڪره مشاهير سنڌي جلد
پهريون“ (مرتب، پير حسام الدين راسدي) صفحو 15
مهاڳ ڇاپو پهريون 1974ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
5.
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 846-843
6.
ساڳيو ڪتاب، صفحو 837.
7.
مير علي شير قانع، ” مڪلي نامه“ (مرتب: پير حسام
الدين راشدي) صفحو 37 مقدمو، ڇاپو پهريون 1967ع،
سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
8.
سه ماهي ” مهراڻ“ 1/1955ع، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، صفحو 745- ناز
سنائي (مرتب) ” سنڌي تاريخ جا ماخذ“ ، صفحو 37 ۽
38. ڇاپو پهريون 1979ع ” سنڌي تحقيقي بورڊ “
حيدرآباد.
9.
سه ماهي ”مهراڻ“ 1/1987ع، صفحو 82 کان 90، سنڌي
ادبي بورڊ حيدرآباد، ” سنڌ جي تاريخ جا ماخذ“،
صفحو 73 کان 83.
10.
سه ماهي ” مهراڻ“، 3. 4/1974ع، صفحو 2.2 سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد.
11.
ملا عبدالحڪيم عطا ٺٽوي، ” هشت بهشت“ (مرتب پير
حسام الدين راشدي) صفحو 1.-3 مقدمو،ڇاپو پهريو،
1963ع، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
12.
ميرڪ يوسف، ” تاريخ مظهر شاهجهاني“ (ايڊٽ، پير
حسام الدين راشدي)صفحو 83 مقدمون ڇاپو پهريون
1962ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.
13.
مير علي شير قانع، ” مقالات الشعرءَ“ (ايڊٽ، پير
حسام الدين راشدي) ڇاپو پهرين1957 سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد.
14.
پير حسام الدين راشدي ” ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“
(مرتب، غلام محمد لاکو) صفحو 283-284، ڇاپو پهريون
1992ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
15.
سه ماهي ” مهراڻ“ (مقالا نمبر )4/1984ع، صفحو،
26-261 سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
16.
سه ماهي ”مهراڻ“ ( پير حسام الدين راشدي نمبر)
1/1983ع، صفحو 76. 77. 011. 126. 158. 1. 2. کان
4. 2. 235. 239. 246 ۽ 247، سنڌي ادبي بورڊ.
17.
” منشور الحڪومت و دستور الحڪومت“، صفحو 29./30
سنڌي ادبي بورڊ.
18.
سه ماهي ” مهراڻ (پير حسام الدين راشدي نمبر)
01/1983ع. صفحو 62. 63. 64. 76.77 121. 122. 8. 2.
221. 227. 247 ۽ 248.
19.
”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، صفحو 838.
ڊاڪٽر نواز علي شوق
مخدوم محمد اسماعيل رحه پريان لوئي
سنڌ صوفي سڳورن ۽ الله جي پيارن بزرگن ۽
اوليائن جي سر زمين آهي، هر وستي ۽ واهڻ ۾ ڪنهن
ڪنهن بزرگ جي مزار يا خانقاهه ضرور نظر ايندي،
خيرن ڀري خيرپور ۾ به ڪيترائي خير ۽ برڪت وارا
الله جا پيار آرامي آهن، انهن مان هڪ مخدوم محمد
اسماعيل آهي.
سنڌ اصل نالو اسماعيل آهي، پر عشق رسول سبب سندن
لقب ” عبدالرسول“ هو، پاڻ ذات جا جوڻيجا هئا ۽
ڏوڪري تعلقي جي هڪ ڳوٺ ميين جي کاهي جا ويٺل هئا،
سندن ننڍ پڻ جو ڪو احوال ڪو نه ٿو ملي، پير حسام
الدين راشدي مرحوم ” حديقت اوليا“ جي مقدمي ۾ ”
حالات مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي“ نالي هڪ
فلمي ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي، اهو ڪنهن جي ملڪيت هو؟
هينئر ڪنهن وٽ آهي،ان بابت ڪا ڄاڻ ڪانه ٿي ملي،
بهرحال، جيستائين اهو قلمي ڪتاب هٿ اچي، تيستائين
ٻين ماخذن جي مدد سان هيءُ مقالو لکيو اٿم، جيڪو
اڃا اڻ پورو آهي.
مخدوم صاحب پنهنجي ڳوٺ مان لڏي ” ڀرالي“ آيو ۽
اتان جي بزرگ سيد حاجي جمال شاهه
جو مريد ٿيندو، مخدوم صاحب جن
ڪهڙي سن ۾ ڀرالي آيا؟ ۽ سندن لڏڻ جو ڪهڙو سبب هو؟
اهو پڻ معلوم نه آهي، بهرحال مخدوم اسماعيل رحه
هميشه لاءِ خيرپور جي ڀاڳ ڀرئي شهر ” ڀرالي“ جو ٿي
ويو، ان شهر کي سندن مريدن ۽ عقيدت مندن مرشد جي
محبت ۽ عقيدت ۾ ” پريان لوءِ“ سڏيو، جيڪو وري اڄ
بگڙجي ” ڀريالو“ ٿي ويو آهي.
مخدوم صاحب نقشبندي مسلڪ جو پوئلڳ هو، سندن طريقت
جو سلسلو حضرت امام رباني شيخ احمد سرهنديءَ سان
ملي ٿي، جيئن هيٺين شعرن مان ظاهر آهي:
از مجدد ثاني فيض عالمگير شد،
وز جناب شان جهانرا برک و تاثير شد،
شيخ آدم گشت از فيض مجددکامياب،
شيخ سعد الله ازو گشته منور مسطلاب،
زوست ايوب ولي و هم جمال الله شاهه،
زوست مخدوم ” برالو“ رابقا ماننڊ ماه،
زوشده راشد خليفه از فيوضش بهرمند،
در طريقه عاليه حضرت جناب نقشبند،
آخري شعر ۾ حضرت محمد راشدي روضي ڌڻي رحه جن جو
ذڪر آهي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته پير صاحب کي مخدوم
صاحب کان فيض مليو، ملفوظات روضي ڌڻي رحه ۾ آيو
آهي ته: هيڪر پاڻ روضي ڌڻي رحه روهڙي شريف مان ٿي
موٽيا هئا ۽ حضرت مخدوم صاحب محمد اسماعيل قدس سره
جي زيارت لاءِ پريان لوءِ شريف تشريف فرما ٿيا،
جيستائين حضرت مخدوم صاحب قدس سره جي روضي منور ۾
آيا، تيستائين ٻيا فقير اڳي اچي روشي مطهره ۾
زيارت لاءِ گڏ ٿي ويٺا. پاڻ جڏهن روضي ۾ اندر
گهڙيا ته اندر اچڻ شرط وڏي ادب ۽ نياز سان جيئن ڪو
پاڻ کي بي اختيار کڻي زمين تي اڇلائي، اهڙيءَ طرح
تمام ادب سان مزار شريف جي پير انديءَ کان اچي
ويٺا، جامع ملفوظات ٿو چوي ته: آءُ به سندن پويان
اچي ويٺس پاڻ ختمي لاءِ ڪجهه به نه پڙهيائون ۽
ٿورڙي مدت صورت بي روح وانگر متوجه ويهي اتان
اٿيا ۽ پوئين پيرين ٻاهر نڪري آيا،
مولانا دين محمد وفاقي ”تذڪره مشاعير سنڌ“ ۾ لکيو
آهي ته ” پير سائين محمد راشدي روضي ڌڻي عليه رحه
جووالد بزرگ پير سيد محمد بقا شهيد مخدوم صاحب جي
اجازت ورتل خليفن ۽ مريدن مان هو،نقشبندي طريقي ۾
سڀ ڪجهه اتان حاصل ڪيو هئائين، راشديه قادريه
طريقي جا ذڪر اذڪار ڏٺا ويندا ته اهي اندرئي
نقشبندي نموني جا آهن مخدوم صاحب جو مقولو آهي ته
نقشبندي ۽ قادري طريقا ٻئي هڪ ٻئي جي ويجها آهن،
قادري طريقو نور ذاتي ۽ نقشبندي نور صفائي آهي،
قادري بادشاهه ۽ نقشبندي وزير آهي.
ان زماني ۾ کهڙن جو شهر علم ۽ عرفان جو مرڪز هو،
مخدوم اسماعيل جاکهڙن جي مخدومن سان تمام گهرا
تعلقات هئا، مخدوم عبدالرحمان،2
شهيد جي فرزندن مخدوم محمدي
۽
مخدوم احمدي
پوئين پيج تان ورتل
سان
سندن نينهن جوناتو هو، تذڪره مخاديم کهڙا جي مولف
لکيوآهي ته، مخدوم اسماعيل رحه مخدوم محمديءَ جي
تمام.
گهڻي عزت ڪندو هو، اڪثر وٽن ويندو رهندو هو ۽
هميشه مخدوم محمدي جي پٺيان هلندو هو، توڙيجو
مخدوم صاحب کين عرض ڪندا هئا ته توهان بزرگ آهيو،
اڳ ۾ ٿي هلو، پر مخدوم صاحب کين جواب ۾ فرمائيندا
هو ته ” اي محبوب! مخدوم سهڻا! اوهان جي پيشانيءَ
۾ اسم اعظم بکي ٿو ۽ الاهي نور روشن آهي، تنهن ڪري
اسان کي تاب ۽ طاقت نه آهي جواوهان کي پٺي ڏيون.
مخدوم اسماعيل ۽ مخدوم احمد خدائي جي پاڻ ۾ ڏاڍي
پريت هئي، دونهين وارو پير سيد ابراهيم شاهه جيڪو
پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ بزرگ هو، سو سندن گهرو
دوست هو،ابراهيم شاهه جا وڏا ملتان جا ويٺل هئا،
مجيد شاهه نالي هڪ سيد سڳورو سير سفر ڪندو، سيوهڻ
مان ٿيندو اچي خيرپور پهتو، انهيءَ سفر ۾ سندن پٽ
موٽڻ شاهه به گڏ هو، مجيد شاهه جي وفات کانپوءِ
موٽڻ شاهه اچي ٻٻرلوءِ ۾ رهيو، سيد ابراهيم شاهه
انهي موٽڻ شاهه جو فرزند هو.
پريان لوءِ ۾ نقوي ساداتن جي هڪ درگاهه آهي، جنهن
جو باني صالح شاهه سوائي هو، سيد صالح شاهه جو
فرزند سيد قائم علي شاهه
مخدوم
اسماعيل رحه جو تمام پيارو دوست هو، مخدوم صاحب
خطاطيءَ جي فن جو ماهر هو ۽ شاهه صاحب به سندن
صحبت ۾ هن فن ۾ مهارت حاصل ڪئي هئي، ٻنهي گڏجي هڪ
قرآن پاڪ لکيو هر هڪ پندرهن پندرهن پارا لکيا، اهو
قرآن مجيد سيد سڳوري جي پوين وٽ موجود آهي، مولانا
دين محمد وفائي مرحوم تذڪره مشاهير سنڌ ۾ لکيو اهي
ته: هو خوشخط به هڪ ئي هو، معقول ۽ منقول جا سمورا
درسي ڪتاب پنهنجي قلم سان لکي پنهنجي ڪتبخاني ۾
جمع ڪيا هئائين.“
هر وقت عشق رسول ۾ محو هوندا هئا، ” خزانت
المعرفت“ ۾ آهي ته؟ هڪ ڀيري خليفت الله رضي الله
تعاليٰ عه مسجد شريف ۾ مثنويءَ مان وعظ ٿي فرمايو،
انهي دوران هڪڙو نقل بيان فرمايائون ته هڪ ڏينهن
حضرت مخدوم صاحب پريان لوئي قدس سرت العزيز طالبن
۽ مريدن جي جماعت سان ٻاهر آيا، هڪڙي ڇوڪري سنڌي
ڏوهيڙو چيو:
پنهنجي پرينءَ تي چڱو چوسو
” چوسو“ فارسيءَ ۾ اهڙي ڪپڙي کي چوندا آهن، جيڪو
رنگريزن وٽ رڱبو آهي، ڳاڙهي اڇي ڪاري رنگ ۾ رڱيل
هوندو آهي، حضرت مخدوم سائين اهو ٻڌڻ شرط وجد جي
حالت ۾ اچي ويا، جيئن ته واٽ ۾ هڪ وڏو واهه آيو،
مخدوم سائين انهيءَ مان ٽپوءَ ڏيئي ٻيءَ ڀر وڃي
بيٺا، حضرت مخدوم صاحب جڏهن هوش ۾ آيا، فرمائون
خدا جا طالبو! ڇوڪري جي ڳالهه توهان کي ڪا سمجهه ۾
آئي، ڪهڙو نه چڱو چيائين:
عرض ڪيائون؛ ” اسان جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو“
مخدوم صاحب فرمايو ” هن چيو پنهنجي پرينءَ تي چڱو
چوسو، يعني منهنجي پرينءَ تي چڱو ڪلمو چو، منهنجي
دوست مان مراد حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم
وسلم جن جي ذات آهي ڪلمو پڙهه مخدوم صاحب کي پٽيتو
اولاد ڪو نه هو، فقط هڪ نياڻي هئن، جنهن جي شادي
پنهنجي پياري دوست مخدوم احمد خدائي جي فرزند
مخدوم محمد عاقل (ثالث)
سان
ڪرائي هئي، سندن ڪيترائي مريد الاهي عشق ۾ رنڱجي
ريٽا ٿيا، مريدن ۽ معتقدن کي وعظ ۽ نصيحت ڪرڻ سان
گڏوگڏ ديني تعليم پڻ ڏيندا رهندا هئا کان علاوه
ڌار ڌار پاره لکي ماڻهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، ”
تذڪره مخاديم کهڙا“ جي مولف لکيو آهي ته:
” جڏهن به نئين سر ڪلام الله جي تحرير شروع ڪندا
هئا ته اڳ ۾ تمام ” اسماءَ الله الحسنيٰ“ شنگرف
سان سهڻا سهڻا حاشيا بڻائي لکندا هئا . ٻيا به
جيڪي شرعي يا درسي ڪتاب لکندا هئا ته اهي سڀ
محشي هوندا هئا .سندن تحرير جي
پوئين پيج تان ورتل ،
مخدوم صاحب جا درازي درويشن سچل سائين سان گهرا
تعلقات هئا، تذڪره ” مخاديم کهڙا“ ۾ هڪ واقعو ڏنل
آهي، جنهن جو تت هن ريت آهي،
مخدوم محمد عاقل جي دور ۾ سخي قبول محمد اول
گادي نشين هو، مخدوم صاحب جي ننڍي ڀاءُ مخدوم
ميان محمد مير سهراب خان دانهن ڏني ته کين وڏي
ڀاءُ کان پنهنجي ملڪيت جو حصو وٺرائي ڏيو، مير
صاحب کين چيو ته ، ” اهو اوهان جو ذاتي معاملو
آهي، تنهن ڪري اسان وچ ۾ نه اينداسون.“ پوءِ
مخدوم صاحب درازا دانهين ٿي ويو، سائين قبول
محمد سچل سائين کي موڪليو ته وڃي ڀائرن جو ٺاهه
ڪرا،سچل سائين اتي پهتو ته مخدوم محمد عاقل سندن
وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو، حال احوال کان پوءِ مخدوم
صاحب پنهنجي مهر سچل سائين کي ڏني ۽ چيائون ته
فيصلو لکي ان تي مهر هڻو، ان دستاويز تي سچل
سائين به صحيح ڪئي، اهڙي ريت ڀائرن جو جهيڙو جهٽ
پل ۾ ختم ٿي ويو.
صحت جي ڇا ڳالهه ڪجي! انتها درجي جي مستند ۽
فاضلانه هوندي هئي اکر اهڙا هوندا هئا جيئن موتيءَ
جا داڻا، سندن تحرير منجهان علمي ڪمال بکندو هو“
مخدوم محمد اسماعيل رحه سنڌي ۽ فارسي جا بلند پايه
شاعر هئا، فرسي ۾ حمديه نعتيه ڪلام چيو اٿن، سنڌي
۾ مولود مداح ۽ منقبت سندن پسنديده صنفون هيون،
انهن صنفن ۾ سهڻو ڪلام چيو اٿن، پير سائين صبغت
الله شاهه اول تجر ڌڻي رحه جن جي ملفوظات ” خزانت
المعرفت“ ۾ آهي ته ” هڪ ڏينهن حضرت جن مثنوي معنوي
جي شغل دوران فرمايو
ته هڪڙي شخص حضرت مخدوم صاحب پريان لوئي قدس سره
جي درٻار ۾ الله تعاليٰ جي طلب ڪرڻ جي واٽ بابت هڪ
سنڌي بيت عرض رکيو:
سڪڻ سپ ڳرا، سک منهنجا سپرين،
آسائتيون اڀن ري، پون نه پاتار،
جني هن جرا، من رکيو مينهن کي.
حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو ته اي يار!
سپون ۾ ساراهه، هيج جن جو ههڙو،
سڄڻ ۽ ساڃاهه،اٺي ويڙهه وسري،
پير حسام الدين راشدي مرحوم حديقت الاوليا جي
مقدمي ۾ ٻه بيت ڏنا آهن، جيڪي پير صاحب هڪ قلمي
ڪتاب ” حالات مخدوم محمد اسماعيل پريان لوئي“ تان
نقل ڪيا هئا:
ڪهنو اٿم ڪپڙو، سٽون ڪين سهي،
نظر ڪريو مهر جي، تنهن تان مر لهي،
اجاريوس آهي، پراڻو پر تو اٿئي،
پرکيم سرنهن ، ٿي پيو ڄانڀو،
اهواولانڀو، مون کي آيو نيه جون
سنڌي زبان ۾ ڪيترائي منظم خطيا جوڙيائون، جيڪي
اڃان تائين جمع جي خطبن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، ڪيترائي
مولود چيائون، جن مان ڪي ٿورا محفوظ رهجي ويا آهن،
انهن مان سندن عشق ۽ محبت جو اندازو لڳائي سگهجي
ٿو، انهن ۾ نهايت سليس ۽ سهڻي ٻولي نظر ايندي، هتي
نموني طور ٻه مولود پيش ڪجن ٿا:
ٿلهه:
ٻاجهه حضرت جي گهڻي، محب مون تي لک ٿورا
1-تون
سردار آهين سڀ خلق جو، مهڙ مڙن جو مصطفيٰ،
شفيع سافعي، نور نافعي، مير مديني جا ڌڻي،
2-راضي
رهائيم صبر توفيقا، قادر تنهنجي ڪل تي قضا،
حال پسڻ هي مون نه وس، يار! توکي هيءَ وڻي
3
-ولي
ڪر سڪرات منهنجي،قبر ۾ رس ڪارڻي،
وير وڙ ڪر، ڀال ڀڙ ڪر، ڇپر پيس، آءُ ڇڻي،
4- ”اسماعيل“ کي علم ارشاد جي هن آر اندر ۾ آڻي
وڙ وڃايم، ” پلوء“ پايم، عيب آيس آءُ کڻي.
ٿلهه:
الحمد ال اوهين ڪهو، صلوات ۾ راضي رهو
اوهين جاءِ جنت ۾ لهو، صَلوا عليه وسلم
فرزند عبدالله جو، رهبر شرع جي راهه جو
هو دادلو درگاهه جو، صَلوا عليه وسلم
2- ڏينهن آخرت جو ڌرتي، چاڙهيو اچي ڏيئي همٿي
يا رب هبلي امتي، صَلوا عليه وسلم
-لوچي لهو قرآن ۾ فتاح جي فرمان ۾
سمجهي ڏسو دل جان ۾، صَلوا عليه وسلم
4- ” اسماعيل“ جي دل خوش ڪريو، آهي اوهان جو آسرو
ڪلمو محمد تي پڙهو، صَلوا عليه وسلم
آخر ۾ سندن فارسي ڪلام جو نمونو پيش ڪجي ٿو.
حمد است زات پاک را- آن مانع افلاک را،
درکنه او ادراک را،ني فهم باشدني خبر،
از حمد او هر نعمتي – از شکر اوهر لذتي،
در هر امور برکتي، افزون شور دل در صدر،
طور است سينئه عاشقان- سير است صدر عار فان،
نور است قلب سالکان- از پر تو آن مقتدر،
نعت نبي آخر زمان، از بهر خون دان حرزجان،
باشد ترا امن و امان، از بهير تن روز حشر
آن احمد خير الوريٰ- آن سرور هر دو سرا،
سردار عالم ما وريٰ-نُوالهديَ خير بشر
معراج سوي آسمان- سيرش بسوي لا مکان
بر بستر آمد آن زمان- اين يک عجائب رانگر
بر بستر آمد آن زمان، اين يک عجائب رانگر
درشب اشارت کرد چون- جان عدو زان گشت خون
اعزاز دين گشته فزون- انگشت را سون قمبر
مخدوم صاحب جون ڪيتريون ئي ڪرامتون مشهور آهن
مولانا دين محمد وفائي تذڪره مشاهير سنڌي ۾ سندن
ڇهه ڪرامتون ڏنيون آهن جيئن ته اهي اڳ ۾ ڪتاب ۾
ڇپيل آهن، تنهن ڪري انهن کي ڇڏي ، هتي ” تذڪره
مخاديم کهڙا“ مان هڪ ڪرامت نقل ڪري ڏني وڃي ٿي:
هڪ دفعي حضرت مخدوم اسماعيل رحه جن حضرت مخدوم
احمدي خدائي رح جن وٽ کهڙين آيل هئا، مخدوم احمد
خدائي جن رات جو ڪافي دير تائين ڪچهريءَ بعد، حضرت
مخدوم اسماعيل جن جي خدمت ۾ ٻنهي صاحبزادن هر هڪ
مخدوم زاده محمد عاقل ۽ صاحبزادو حضرت پير ميان
محمد راشد لڪياري جن (جيڪي اڃا طالب علم هئا ۽
مخدوم احمديءَ جي مدرسي ۾ پڙهندا هئا) کي سمهاري،
پاڻ حويليءَ اندر وڃي آرامي ٿيا.
مخدوم اسماعيل رح تهجد پڙهي جهنگ جي خيال سان
روانا ٿيا، ٻئي صاحبزادا سڳورا پڻ ساڻن گڏ هئا،
واٽ تي هڪ هنڌ ڪتو مئو پيو هو، صاحبزادي مخدوم
محمد عاقل ٺوڪر هڻي پنهنجي ڪرامت سان ان کي جيئرو
ڪيو،
رفع حاجت کان پوءِ اچي هڪ واهه جي ڪناري صبح جي
نماز لاءِ وضو ڪرڻ ويٺا ته ايتري ۾ کهڙن جي ٽڪاڻي
جو ٻائو (ٻانڀڻ) به سنان ڪرڻ لاءِ اتي اچي نڪتو،
ٻانڀڻ سنان ڪري جيئن ئي ٻاهر نڪتو، ته مخدوم صاحب
سڏ ڪيس، مٿس اهڙيءَ ته توجهه سان نظر ڪيائون جو
سندس ڪايائي پلٽجي وئي، پوءِ کيس پيار ۽ پاٻوهه
سان فرمايائون: ” اچو ميان حافظ جلا الدين سڳورا
صبح جي نماز جو وقت ٿي چڪو آهي، هلو ته هلي نماز
ادا ڪيون.“
اهڙيءَ طرح سندن ڪرامت سان ان ٽڪاڻي جي ٻانڀڻ جا
نصيب کلي پيا، هو نه فقط دين اسلام ۾ اچي ويو، پر
مولوي سڳورو ۽ حافظ قرآن به ٿي ويو ۽ صبح جي نماز
جي امامت به ڪيائين، مخدوم اسماعيل رحه کيس
دعائون، ڪيون، پوءِ صاحبزادي محمد عاقل (ثالث) کي
فرمايائون ” ابا مئل جسم جيارڻ ڪا وڏي ڳالهه نه
آهي، پٽ! مئل دليون جيار،“
ان جلال پنهنجن پوين کي وصيت ڪئي ته سواءِ ٻانڀڻ
جي ڪا ٻي ذاتي نه سڏائجو ته جيئن يادگار رهي ته
اسان مخدوم اسماعيل پريان لوئي واري جي دعا سان
رتل آهيون“ خيرپور جا مشهور زميندار ٻانڀڻ ان ئي
جلال ٻانڀڻ جي اولاد مان آهن ۽ اڄ تائين پنهنجي
ذاتي ڪانه مٽائي اٿن ۽ ٻانڀڻ سڏائڻ ۾ ڪو عار ڪو نه
ٿا محسوس ڪن.
مخدوم محمد اسماعيل 8 ربيع الاول سومر جي ڏينهن
سنه 1174 هه ۾هيءَ مٽيءَ جو ملڪ ڇڏي وڃي بقا واري
بستيءَ ۾ آرامي ٿيو، سندن آخري آرامگاهه پريان
لوءِ ۾ آهي، مٿن شاندار قبول اڏيل آهي، سندن فيض
اڄ به جاري آهي، ڪنهن شاعر سندن وفات تي هيٺيون
تاريخي قطعو لکيو آهي.
چون زينجا رخت بست آن باز جبروت
تهي کرد آشيانهء قيد ناسوت
چون رفت آن رهنما فرياد برخواست
ز ذرات جهان از مان تاحوت
کدامي باز اسماعيل مخدوم
که ميلش بود کلي سوي هاهوت
وقوع رحلت آن قطب عالم
گريه افگند در سکان ملکوت
بهشتم از ربيع الاول او رفت
دوشنبه چون که باز آمد ز حانوت
زتاريخش بمن هاتف چنين گفت
”مقام روح پاکش جاي لاهوت“
1174هه
مخدوم صاحب جي مرشد سيد حاجي جمال الله شاهه
جي مزار پريان لوءِ ۾ آهي.
ملفوظات شريف حضرت روضي ڌڻي (سنڌي ترجمو) حصو
ٻيو مترجم: مولانا قاسم مشوري ص- 38.
تذڪره مشاهير سنڌ، مولانا وفائي، جلد
ٽيون،سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ص -4 ۽ 5 سال
1928ع.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جڏهن کهڙين آيو
هو ته شهر جي ٻاهران چنيهه فقير واري کوهه تي
اچي منزل ڪئي هئائين مخدوم محمدي پنهنجي خاص
ماڻهوءَ هٿ دعوت ڏياري موڪلي هئي، جيڪا شاهه
سائين قبول فرمائيندي چورائي موڪليو هو؛
اڄ نه آيس آنءُ، صبح ايندس سپرين،
توتي جنهن جو نانءُ، سو کڻي بار کهين جا.
ٻئي ڏينهن شاهه صاحب پنهنجي فقيرن سميت اچي
سندن مهمان ٿيا ۽ پورو هفتو وٽن رهيا، ٻنهي
بزرگن روح رچنديون رهاڻيون ڪيون، ان کان پوءِ
شاهه صاحب درازا وڃي ميان صاحب ڏني فاروقي سان
مليو هو، احمد شاهه ابدالي سندن عقيدتمند هو،
کين سوکهڙيون پاکڙيون ۽ نذر نياز کان علاوه
جاگيرون پڻ ڏنيون هئائين، مخدوم صاحب جي وفات
1171هه ۾ ٿي.
مخدوم احمديءَ جي ولادت سنه 1144هه ۾ ٿي ۽
1203هه ۾ شهادت جو جام پيتائون، 1171هه ۾
پنهنجي وڏي ڀاءُ مخدوم محمدي جي وصال کان پوءِ
سجاده نشين ٿيا، پنهنجي دور جا وڏا عابد،زاهد
، عالم ۽ شاعر هئا، سندن ڪيتريون ئي ڪرامتون
مشهور آهن، پير محمد راشدي روضي ڌڻيءَ رحه
سندن شاگرد هو، هن برهان نالي هڪ جادوگر کي
حيدرآباد وڃي شڪست ڏني،برهان جيئن کٽ تي
اڏامندو ٿي آيو ته مخدوم صاحب پير محمد راشدي
کي چيو ته ” پادر هڻيس“، پير صاحب پادر هنيو
ته برهان کٽ، سوڌو هيٺ ڦهڪو ڪري ڪري پيو.
تذڪره مخاديم کهڙا قلم (سنڌي ترجمو) ص 135
مترجم: غلام احمد.
سيد قائم علي شاهه جو ڏاڏو سيد بهاوالدين شاهه
اچ کان لڏي اچي روهڙيءَ ۾ رهيو، روهڙيءَ ۾
حاجن شاهه واري درگاهه سندن قائم ڪيل اهي،کين
چار پٽ هئا، جيڪي مختلف شهرن ۾وڃي ويٺا، صالح
شاهه ڀرالي ۾ آيو، هو پنهنجي دور جو وڏو بزگ
هو ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو
هو، کيس جاگير جي آڇ ڪيائين، پر درويش جيئن ته
لاطمع هو، تنهن ڪري انڪار ڪيائين سنڌي زبان
جوسٺو شاعر هو، پر سندس ڪلام اڻ لڀ آهي، (ڏسو
ڊاڪٽر حامي جو ڪتاب ” خيرپور جي ميرن جو ادب،
سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ ص 413 سنڌ الاجي سنه
1994ع.)
تذڪره مشاهير سنڌ (جلد ٽيون) ص 1 سنڌي ادبي
بورڊ سنه 1986.
مخدوم صاحب جي ولادت سنه 1161هه ۾ٿي، وڏو عالم
يا عمل هو، شرڪ ۽ بدعت جي پاڙ پٽيندڙ هو،
هزارين سندن عقيدت مند ۽ مريد هئا، وقت جا
حاڪم ۽ بيڪانير ۽ جيسلمير رياستن جا راجا سندن
عقيدت مند هئا، کين سو کهڙيون، پاکڙيون
موڪليندا رهندا هئا. شاهه شجاع سندن وڏو عقيدت
مند هو، هن جڏهن سنه 1219هه ۾ قنڌاران ڪاهي
اچي پنجاب ۾ ڦر لٽ ڪئي ۽ پوءِ ڦرلٽ جي ارادي
سان اچي بکر پهتو، ميرن وڃي مخدوم صاحب کي منٿ
ميڙ ڪئي ته هيءَ بلا ٽاريو،مخدوم صاحب جي ڪجهه
معزز پاڻ سان وٺي بکر ويا ۽ سندن هدايت تي
شاهه شجاع اتان ئي واپس هليو ويو، اهڙيءَ ريت
مخدوم صاحب جي مهرباني سان وڏي مصيبت ٽري وئي،
ان واقعي جي قطعه تاريخ آهي:
از لب دريا بکر ز باز گشت 1219هه
قمبر ضلع لاڙڪاڻي جي ڪن گهراڻن کي مسلمان
ڪيائون، جيڪي اڄ سنجوڳي شيخ سڏجن ٿا.
سنڌي ترجمو: مترجم مخدوم غلام احمد بن مخدوم
امير احمد ص -166.
سنڌي ترجمو: مترجم مفتي محمد رحيم سڪندري ص –
298 سال 1411هه.
سپ بابت شاهه لطيف فرمايو آهي:
سپ سمنڊين سپجي، ابر آساروس،
ٻاڙو پئي ۾ ٻپڙي، مٺو منهن لڳوس،
ماڻڪ تي مڙيوس،جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾.
خواجا محمد زمان لواريءَ واري فرمايو آهي:
سنڌي ۾ نعتيه شاعري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد
سنڌي ص، 57- 156، سال 1980ع.
مولود:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ص – 37، سنڌي ادبي
بورڊ 1961ع.
تذڪره مخاديم کهڙا (سنڌي ترجمو) ص- 185 کان
188
تذڪره مشاهير سنڌ جو پهريو جلد پير حسام الدين
راشدي ايڊٽ ڪيو هو، تنهن ڪري اهو جلد هر لحاظ
کان معياري آهي ٻيو ۽ ٽيون جلد بغير نظر ثاني
جي شايع ٿيا، تنهن ڪري انهن ۾ ڪجهه غلطيون
رهجي ويون آهن، مٿي جيڪا قطعه تاريخ ڏنل
اهي،اها تذڪره مشاهير سنڌ ۾ پڻ ڏنل آهي، پر
ان ۾ اٺ غلطيون آهن، ست غلطيون ته پروف جون
اهن اٺين خود مولانا وفائي کان سهو ٿي وئي
آهي، ۽ دوشنبه جي جاءِ تي شنبه نقل ڪيو اٿن،
تنهن ڪري سومر بجاءِ ڇنڇر لکيو اٿن، تنهن ڪري
اهو ضروري آهي ته تذڪره مشاهير سنڌي جي جلد
ٻئي ۽ ٽئين جونئون ڇاپو ڪنهن عالم کان ايڊٽ
ڪرائڻ بعد ڇپرايو وڃي.
|