سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :3

بادل

غزل

درد جو پاڇو ٿيو گهرو، شام آئي،
منهنجي من ۾ هڪ انوکي مام آئي،
 

آرزوئون، خواب سارا ڌوڙ ٿيا ۽،
جستجو پنهنجي وري ناڪام آئي،
 

وقت ڪيڏا فاصلا مون کان ڪرايا،
سار تنهنجي هر گهٽي، هر گام آئي،
 

هر گهڙي محشر سندو منظر هنو ۽،
هر گهڙي خود سان کڻي ماتام آئي،

غلام مصطفيَ ” گدا“ کوسو

غزل

ساڀيانن کان ڏور اسان جو سپنو هو،
پن ڇڻ رت ۾ ٻور اسان جو سپنو هو،
 

حق ۽ سچ جي خاطر پاڻ لڙياهاسون،
سولي تي منصور اسان جو سپنو هو،
 

گهاڻي منجهه بلاول سان گڏ پيڙيو ويو،
سنڌ سنڌ چڪنا چور اسان جو سپنو هو،
 

قدم قدم تي دنيا شيشا پٿريا ها،
زخمن سان ڀرپور اسان جو سپنو هو،
 

ميهر وانگر دوست رهيا سڀ هن پاسي،
سهني جيان  مجبور  اسان  جو  سپنو  هو،

 

جنهن جي بدلي درد مليا، هن جيون ڀر،

ڪوئي ڄڻ ته قصور اسان جو سپنو هو،

روشن ظفر راهو

غزل

توبن جيون رڻ پٽ ۽ بنواس لڳي ٿو،
هرڪو لمحو، پن ڇڻ جيئن اداس لڳي ٿو
 

جوڀن جلوا، سونهن جا سارا روپ وڻن ٿا،
ڪوري تن جو سنگ هوائن واس لڳي ٿو،
 

مورت سامهون بيٺو آ جو هٿ ٻڌي هو
پختو تنهنجو،ان ۾ ها وشواس لڳي ٿو
 

سج ڇڏي ويو شام سنهري اولهه پاسي،
رت سان ريٽيل اوچو هي آڪاس لڳي ٿو،
 

راس نه آئيون هيلوڪيون هي برکا بوندون،
سانوڻ جو هر منظر ڀي بي آس لڳي ٿو،

اسحاق سميجو

موسميات کاتي اعلان ڪيو آهي ته ...!

هن ڀيري وري

موسميات کاتي اعلان ڪيو آهي ته

هيءَ موسم

اسان جي هجر جي موسم ثابت ٿيندي!

پهاڙن تي برف نه وسندي

نهرون وهي نه هلنديون

درياءَ سُڪل رهندا

اسان جي ٻارڙن وانگر

اسان جا کيت به اگهاڙا ئي رهندا،

اُڃ اسان جي چپن

۽ بُک اسان جي پيٽ کي پنهنجو گهر بڻائيندي،

لُڪ،

اسان جن وڻن جو مقدر بڻجندي!

۽ ڀٽن تي پکڙيل،

اسان جن مُئل جانورن جي هڏاون پڃرن جون

اخبار تصويرن،

ٻاهرين سياحن کي، هيڏانهن اچڻ کان روڪينديون!!

موت جي وحشي ڏائڻ

اسانجين وانڍين ۾

ننگو رقص ڪندي،

۽ اسان جا وڏڙا،

جيڪي نسل در نسل خانه بدوش رهيا آهن،

سي ٻچڙن بچائڻ خاطر،

بئراجي علائقي ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندا

۽،

 تون ۽ مان ،

ملهارن جي موٽڻ تائين،

ملي نه سگهنداسين!

 هن ڀيري وري موسميات کاتي اعلان ڪيو آهي ته،

هيءَ موسم،

اسان جي هجر جي موسم ثابت ٿيندي

عبدالحميد آس  ٻٻر  

اوهان پڄاڻان

اوهان پُڄاڻان گلاب مهڪيا،

چمن ۾ رنگين ڪهڪشائون،

کڙيون ستارن جي ماڳ وانگر،

چئون ته ڪهڙا رنگين منظر،

اکين جي چانئٺ ٽپي نه سگهيا،

 گلاب راتين جا خواب سُندر

اسان سان گڏجي هلي نه سگهيا-!

اوهان پڄاڻان وسوڳ رُت ۾،

زمين تاسي رهي نه باقي-

مگر الئه ڇو مٽي اندر جي ،

اُهائي ساڳي تسي رهي آ،

جڏهن ته هر رات جي پڇاڙي،

بدن مٿان پئي وسي رهي آ،

اوهان پڄاڻان،

سمُونڊ ساکي؛

 

ته چنڊ تارن جون چلولايون،

لهر، ڪنارن جون چلولايون

نه ساب آيون!!

اُداس ماڻهو؛

نهي ويا هونُ،

صليب راتين جي جاڳ سان ڀي،

الاءِ ڇا لئه،

ننڊون به جانان!

اسان کي ڀُلجي نه راس آيون،

اوهان پڄاڻان،

گهڙيون سموريون،

اداس آيون اداس آيون!!

علي دوست عاجز

ڏيڍ سٽا

وسندا ته ڪڪر وانگي،

سڄڻن جون نه پڇ ڳالهيون،رسندا ته پٿر وانگي!
ڀٽ گهوٽ، جو ميلو آ،

چانڊاڻ،لکين ماڻهو، پر پو به اڪيلو آ!
ڪا ياد ٿي تڙپائي،

هاڻي ته هي فوٽُ بي،دل کي نه ٿو بهلائي!
جھڻ پيار به فئشن آ،

بنگلي ۾ رليون، دٻڪيون تلوار به فئش آ!
تو جهڙو ڪو ٻيو ڀاڙي؟

دشمن هو فلاڻو ۽ تو ٻار وڃي ساڙي!
ائين تون ته نه چو پيارا،

جيئن پوک ڇٽي هوندي، تيئن سنگ ڀلا ٿيندا!
ان رات کي ساري ٿو،

احساس جي گرميءَ تي، ٻي رات گذاري ٿو،
دل منجهه ائين آن تون،

پورهيت جي ٻٽونءَ ۾جيئن،رنگين هجي ڦوٽون!
ايڏيون ته نه ڪر ديرون،

ٿي وار وڃن اڇڙا، ٿي ددون وڃن ميريون!

بخشل باغي

غزل

سامهون ندي وهي ٿي سر سبز هن ڪپر تي،
ويٺي آ واز ڇوڙي وينگس پريان پٿر تي،
ڦڙ ڦڙ وسي ٿي هوريان، ۽ ٿڌڙي هير ۾ ٿا،
ميندي جا لڏن ٻوٽا، خوشبو ڪري پڌرتي،
هرڪو درن کي ڏيئي،بي فڪر ٿي سمهي ٿو،
جاڳي مگر ڪڙو ٿو اڌ رات پو به در تي،
تنهنجي چني جي رنگت جو عڪس تلاءُ ۾ آ،
 تنهن کي ڏسي لڳي ٿو اندلٺ لٿي آجر تي،
هيڏيون ڇڏي مزارون،ڪوشخص هڪڙي تازي!
ڳاڙن گلن سان ڍڪيل روئي بيٺو قبر تي،

عطا قاضي

غزل

ڪجهه اهڙا احساس ٿين ٿا،
ڄڻ گلڙن جي واس ٿين ٿا،
 

هر ڪنهن ڏانهن دل ڇڪبي ناهي، ڪي ڪي ماڻهو خاص ٿين ٿا
 

آشائن جا محل نه ڪيريو،
مس ته جڙي هي راس ٿين ٿا
 

اجرن احساسن کان خالي،
بلڪل سي بڪواس ٿين ٿا
 

شاعر تنهنجا منهنجا ناهن،
قومن      جي      ميراث      ٿين           ٿا،

 

آزادي، الفت ۽ ايڪو،
خاص عطا جي آس ٿين ٿا

جاڙون خان خطائي ٿيٻو

غزل

رٺاجي رهن ٿا رجهائي سگهون ٿا،
 ڀلين کي دڳن سان لڳائي سگهون ٿا،
 

جيون ٿا جهان ۾ ٻين لئه ڪيون ڪجهه،
هوا جي رخن کي مٽائي سگهون ٿا،
 

اسان ٿي مجاهد برائي مٽائي،
حقن جي گواهي ٻڌائي سگهون ٿا،
 

ڪري قول جيڪي ڦري ٿا وڃن ڙي،
ڏسي ڳالهه تن کي مڃائي سگهون ٿا،
 

منجهي جت مسافر رسي تت خطائي،
وٺي راهه تائين رسائي سگهون ٿا،

 

مقالا

..... فارسي ۽ عربي اکر گهڻي ۾ گهڻا ڪتب آڻڻ علم جي نه، بلڪ جهالت ۽ پنهنجي زبان کان اڻڄاڻائي جي نشاني آهي، آءُ 1928ع کان 1938ع تائين پنهنجن اخبارن ۾، مولانا  ابوالڪام آزاد ۽ ظفر علي خان جي پوئواريءَ ۾ فارسي ۽ عربيءَ جا وڏڦڙا وسائيندو رهيس، ليڪن اڄ جڏهن اهي مضمون پڙهان ٿو ته نه ڇڙو غلطي محسوس ڪريان ٿو، پر شرم ۾ کل به اچي ٿي،

آسان ۽ نج زبان لکڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي، غالب، سر سيد ۽ مولوي عبدالحق اردو کي تمام سليس لکيو ۽ خاص طرز پيدا ڪئي، سنڌيءَ ۾ گربخشاڻي، ڄيٺمل، لالچند، پروفيسر شاهاڻي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولانا وفاقي ۽ دائو دپوٽي مرحوم، سليس روان ۽ صاف سنڌي لکي آهي، اڄ به اوهين اهي لکڻيون پڙهو، ڄن لذت پيئي ايندي،

ڳالهائيندڙن ۾ آءُ علامه قاضي صاحب جي سنڌي جو قائل آهيان، جڏهن ساڻن ڳالهائبو هو ته جواب ۾ ڪوبه لفظ ڌارين زبان جو ڪو نه ڪتب آڻيندا هئا،

شهرن ۾ رهي رهي ۽ ڌارين سان اٿي ويهي اسان ماڻهن جي زبان خراب ٿي وئي آهي، سچ پڇو ته اسان کان پنهنجي زبان وسري ويئي آهي، اڳتي هلي جنهن جا نتيجا ڏاڍا ڏکوئيندڙ نڪرندا، سنڌي زبان جي صورت بدلجي ويندي ۽ اهو هاڃو اسين پنهنجو پاڻ سان ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ آءُ هن وقت گهڻي ۾ گهڻو جوابدار سنڌي اخبارن کي سمجهان ٿو، ڇاڪاڻ ته اخبار نويسن جو پنهنجي زبان ۾ مطالعو گهرو ڪو نه آهي، اردو اخبارون پڙهن ٿا، جڏهن ته لکڻ ويهن ٿا، تڏهن اهائي زبان استعمال ڪن ٿا، جيڪا هنن صبح جواردواخبارن ۾ ڏٺي آهي، تر تڪڙ ۾ اهي ئي عنوان ۽ اهي ئي لفظ سندن دماغ سوچي ٿو،

سنڌي زبان جهڙي شاهوڪار زبان ۾هروڀرو ڌارين ٻولين جا لفظ آڻڻ آپگهات ڪرڻو آهي، اهو غلط آهي، ناجائز آهي، گناهه آهي ۽ آخر ۾ اهو سلسلو لکندڙ لاءِ ۽ خود ٻوليءَ به گهاتڪ ٿيندو.

سيد حسام الدين راشدي

 (1971ع)

ايم ، ايڇ پنهور

 مترجم: غلام محمد لاکو

سنڌي جي سرحدن جي مقرري

(1843ع -1947ع )

       ( ڪنهن به خطي جي سرحدن جي ڄاڻ، جاگرافيائي تاريخ جو هڪ اهم پهلو هجي ٿو، ان ريت سرحدي حد بندين جي مطالعي کان سواءِ خود تاريخ جو اڀياس به اڻ پورو رهجي وڃي ٿو، سنڌي جي سرحدن جي مقرريءَ بابت، جناب ايم. ايڇ. پنهور صاحب جو هي تحقيقي مقالو رسالي” سنڌالاجيڪل اسنٽديز“ جي سال 1989ع جي اونهاري واري پرچي ۾ ڇپيو آهي، ان جو ترجمو سنڌي پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com