سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :19

ڊاڪٽر صاحب: منهنجا خاص پڙهندڙ شاگرد، هاري، مزدور، ڪلارڪ ۽ هيٺين وچين ڪلاس جا ماڻهو آهن ۽ سچ پڇو ته مان لکان به انهن لاءِ ئي ٿو، منهنجي پهچ به اهڙن ئي ماڻهن تائين آهي، جيڪي گهٽ پڙهيل طبقي سان واسطو رکن ٿا، مون کي اهو ڏسي اطمينان به ٿيندو آهي ته اهي ئي ماڻهو منهنجي لکڻين ۾ دلچسپي وٺن ٿا،  ۽ متاثر ٿين به ٿا، مزي جهڙي ڳالهه ٻڌايا نو ته ڪن ڳوٺن ۾ منهنجو ڪهاڻيون ڪچهرين ۾هڪ ٻئي کي پڙهي ٻڌايون وينديون آهن ۽ هڪ اطلاع مطابق ڪيسٽ ڪري ٻين ڳوٺن ۾ به وڃي ٻڌايون وينديون آهن.

سوال: شروع ۾ مثال طور ” دعا ۽ تاڙيون“، ” طوفان جي تمنا“ وغيره جهڙيون سماجي ڪهاڻيون لکڻ کان پوءِ اوهان 1970ع واري دور کان عوامي رنگ ڍنگ جون جيڪي ڪهاڻيون شروع ڪيون آهن انهن ڏانهن اوهان جولاڙو ڪهڙي سبب جي ڪري ٿيو؟

ڊاڪٽر صاحب: ماحول ۾ تبديلي آئي ته تبديل ٿيڻو پيو،خاص ڪري ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ جيڪا افراتفري آئي، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ته ان جو اثر منهنجي لکڻين ۽ جذبن تي به پيو، بس اهڙين حالتن ۾ ڌيان سماجي مسئلن جي فريد مان نڪري سياسي مسئلن ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ ضرورت محسوس ٿي ته سماجي  اوڻاين تي لکڻ سان گڏوگڏ جاڳرتا ڀريو ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ وارو ادب به سرجڻ گهرجي، ان دور حالتن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ مون ساڳئي وقت مارڪسزم جو به ڪافي اڀياس ڪيو، مارڪس سان گڏ اينگلس، مائوزي تنگ، هوچي منهه، چي گويرا، ڪاسترو ۽ ٻين ڪامريڊن کي ڪافي پڙهيم ۽ انهن جي اثر هيٺ پنهنجي سماج جوجائزو وٺي، ڪهاڻيون ۾ مسئلا ۽ انهن جا حل ڳولي ماڻهن آڏو ڪڍي ظاهر ڪيم،

سوا: نقاد اوهان جي ڪهاڻي لاءِ جيڪا راءِ رکن ٿا، اوهان انهن سان ڪيتري قدر سهمت آهيو؟

ڊاڪٽر صاحب نقادن مون تي گهڻو لکڻ جي تڪليف ڪا نه ڪئي آهي،ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ قاضي خادم مون تي ڪجهه تفصيل سان لکيو آهي باقي نقادن کي ڇڏي ڪري، منهنجي پڙهندڙن منهنجي ڏاڍي همت افزائي ڪئي آهي، هنن جا ڪافي خط مون کي پهچندا رهندا آهن هوگهڻو ڪري منهنجي لکڻين جون نه فقط خوبيون ٻڌائيندا آهن پر ان سان گڏ ڪي اوڻايو به لکندا آهن انهن خطن مان لکڻ جو اتساهه حاصل ڪندو آهيان ۽ رهنمائي پڻ، ان ڪري ئي مان ايترن سالن کان پنهنجو لکڻ جاري رکي سگهيو آهيان ڪي پرهندڙ پنهنجي خطن ۾ ڏاڍا گل ڦل، سنڌ جونقشو ۽ ڪئليگرافي جا بهترين نمونا وڏي محنت سان چٽي موڪليندا آهن ڪي پڙهندڙ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پري پري کان مون سان ملڻ ۽ آٽو گراف ۽ٻيو ڪجهه لکرائڻ لاءِ به ايندا رهندا آهن، منهنجي پڙهندڙ گهڻو ڪري منهنجي سنئين سنڌي ٻولي، سمجهه ۾ ايندڙ پلاٽ، قومي ۽ انقلابي موضوع پسند ڪندا آهن ۽ مان انهن ئي پڙهندڙن لاءِ لکندو آهيان ۽دراصل اهي ئي منهنجي لاءِ وڏا ۽ معتبر نقاد پڻ آهن،

سوال: چڱو ڀلا، اوهان جي ڪلينڪ تي سنڌ جو نقشو، ان ۾ ڳاڙهاڻ، اوهان جو آڌر ڀائي ۽ الوداع وقت تي ” جيئي سنڌ“ چوڻ،اهو ڇا اوهان جو پوز آهي يا جذباتي سطح تي اوهين اهو سڀ ڪجهه چئو ٿا؟

ڊاڪٽر صاحب: سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي دل دراصل منهنجي ئي دل آهي ۽ ان ۾ رت جي موجودگي ۽حرارت زندگي جي علامت آهي، ۽اهڃاڻ آهي ان ڳالهه جو ته جيستائين دل ۾ رت ۽ حرارت موجود آهي، منهنجي دل سنڌ ۽ ان جي سرهائي جي جاکوڙ لاءِ ڌڙڪندي رهندي جيڪڏهن ڪو منهنجي ان دعويٰ کي پوز ٿو سمجهي ته سدا خوشي سان، باقي آڌرڀائي ۽ الودائي وقت منهنجي ” جيئي سنڌ“ چوڻ جو پس منظر هي آهي ته ون يونٽ جي ڏينهن ۾ مون کي خيال ٿيو ته هڪ سنڌي کي ٻئي سنڌي سان ملڻ وقت سنڌي ۾ ڪيئن کيڪارڻ کپي، نتيجي ۾ مون کي ” جيئي سنڌ“ واري کي ڪار ئي موزون لڳي، ان تي پوءِ مون هڪڙو مضمون به لکيو هو، جو مرحيات عبدالحق عالماڻي پنهنجي هڪ پبليڪيشن ۾ شايع ڪيو هو، اها کيڪار جذباتي به آهي، تاريخي به ۽ سماجي، سياسي به ۽ ان کي تهذيبي کيڪار به چئي سگهجي ٿو.

سوال: اوهانجي ناول ” پيار ڪهاڻي“ تي اعتراض اٿيو آهي ته اهو جنس تي وڌيڪ ۽سماجي مسئلي تي گهٽ زور ڏئي ٿو ۽ منجهنس ٿيل ڳالهيون به چشڪي واري انداز سان ٿيل آهن، ڇا ائين آهي ڇا؟

ڊاڪٽر صاحب: جنسيات، سيڪس ۽ پيار انسان جو بنيادي جذبو ۽ضرورت آهي، ننڍي هوندي کان اهو جنسياتي ۽ نفسياتي ادب مون مطالعي جي لحاظ کان پئي پڙهيو آهي، ان وقت ته شايد مطالعي سان گڏ چشڪو به ملندو هو، پر ميڊيڪل ۾ وري عضون جي فلاسافي ۽انهن جي ايناٽامي ڏسڻ ۽ مشاهدي ڪرڻ جو موقعومليو ۽ مون سوچيو ته ان موضوع تي ضرور لکندس، هاڻي هي جو ناول پيار ڪهاڻي لکيو اٿم، اهو منهنجي اڀياسي ۽ تخليقي جذبن ۽ پيار جي احساسن جو نچوڙ آهي، مون جڏهن هي ڪتاب لکيو پئي ته مون ڪيترائي  پنهنجا انڊر لائين ٿيل ڪتاب کوليا، ڊائرين مان ڪوٽيشنس کڻي، وڏن وڏن فلاسافرن جا نظريا پڙهي، پوءِ پلاننگ سان هي ناول لکيو اٿم، هن ناول ۾، پير بابت منهنجا احساس ، جذبا، امنگون، حسرتون ۽ ناڪاميون بيشڪ آهن، پر مون ڄاڻي واڻي جنسياتي جذبا اٿارڻ ۽ چشڪي وٺرائڻ لاءِ هن ناول ۾ ڪٿي به ولگر ڳالهيون ڪو نه لکيو آهن.سو ان حوالي سان مان اوهان جي يا ڪنهن ٻئي جي اٿاريل سوال کي مڃڻ لاءِ بلڪل تيار ناهيان، ته ها ناول محض چشڪي وٺرائڻ لاءِ لکيو ويو آهي.

***

س: سائين، توهان پنهنجي خانواهڻ واري زندگي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟

ڊاڪٽر: چار درجا سنڌي خانواهڻ پرائمري اسڪول ۾ پڙهيم، سيڪنڊري تعليم جيئن شروع ٿي ته ان وقت اسان کي نواب شاهه وڃڻو پيو ، انهي جو سبب  اهو هو جو  خانواهڻ  يا  ڪنڊياري ۾ هاءِ اسڪول ڪو نه هوندوهو،

 س: سائين، مختلف ذاتين جا ماڻهو عباسي سڏائيندا آهن، جن ۾ ڪلهوڙن جي اڪثريت آهي، توهان مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته توهان جي اصل ذات ڪهڙي آهي؟

ڊاڪٽر: منهنجي اصل ذات کنڀڙو آهي، مان هينئر پاڻ کي کنڀڙو سڏائڻ بهتر ٿوسمجهان، ڇاڪاڻ ته کنڀڙو اصل سنڌي لفظ آهي ۽ سهڻو لفظ آهي ڇا هي ته اسان سنڌي ماڻهن کي عربن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هجڻ جو احساس پئي رهيوآهي، انهي ڪري اسان جي وڏن عربن سان نسبت کي ملائيندي عباسي سڏائڻ شروع ڪيو، حالانڪ منهنجو والد کنڀڙو سڏائيندو هو، پر منهنجو مامو ۽ سئوٽ ڪرنل مشتاق، عباسي سڏائڻ لڳا، اهڙي طرح اسان جيڪي انهن جي پويان هئاسين انهن به عباسي لفظ سان منهنجونالو مشهور ٿي ويو آهي، انهي ڪري عباسي ئي سڏايان ٿو.

س: سائين، جيئن ته توهان جي اصل ذات کنڀڙو هئي، هاڻي توهان اسان کي پنهنجو کنڀڙو جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو ته ان جو پس منظر ڇا آهي ۽اها ڪيئن وجود ۾ آئي؟

ڊاڪٽر: کنڀڙو لاءِ چوندا آهن ته اسان جا وڏا جنهن پير جا مريد هئا ان کي اسان جو ڪو وڏو کير پهچائڻ ويندو هو اسان جي ڳوٺ ۽ پير صاحب جي درگاهه هڪ ٻئي کان ڪافي مفاصلي تي هئا هڪ ڏينهن ڇا ٿيو ته تمام گهڻو مينهن وسڻ جي باوجود اسان جو اهو وڏو، جي ڪو پير صاحبن کي کير پهچائيندو هو، پير صاحبن تائين کير کڻي پهتو ته اتي ان کي چيو ويو ته هيتري مينهن ۾به تون هتي کير کڻي پهچي ويو آهين! تون ته ڪو کنڀڙو آهين! اهڙي طرح ان ڏينهن کان پوءِ اسان جو اهو وڏو کنڀڙو سڏجڻ لڳو، هاڻي ان ڳالهه جي هتي وضاحت ڪري ڇڏيان ته اسان جي ان وڏي کي کنڀڙو کڀ سان نسبت ڏيندي ڪوٺيو ويو هو، ڇو ته کنڀ واري شيءِ اڏامڻ ڪري جلدي پهچي سگهندي آهي، اسان کنڀڙا خانواهڻ ۾ ته ڪافي گهٽ آهيون، پر خيرپور، سکر ۽ بهاولپور ضلعي ۾ کنڀڙن جا ڪافي ڳوٺ آهن.

س: جيئن توهان پڙهيو به شهر  نوابشاهه ۾ آهي ۽ ان کانپوءِ توهان حيدرآباد ۾ ئي رهيا آهيو، مطلب ته توهان جو گهڻو وقت شهرن ۾ گذريو آهي، پر ان جي باوجود توهان جي لکڻين ۾ نج ٻهراڙين جي جهلڪ نظر ايندي آهي ۽ بلڪل اهو ماحول جيڪو صفا ٻهراڙي جو هوندو آهي ان جو ڪهڙو سبب آهي؟

ڊاڪٽر: جيئن ته مون ٻهراڙي سان واسطو بلڪل ئي نه ٽوڙيو آهي، موڪلن ۾ مان هميشه ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺ ويندو هوس ۽ اهي ڏينهن ٻهراڙي جي ماحول ۾ گهاريندو هئس، توهان جي انهي سوال تي مون کي هڪڙي ڳالهه ياد اچي ٿي ته پهرين ڪهاڻي آءُ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ کڻي ويو هوس، ته جتي ڪاڪو لالچند امر ڏنومل، ٽماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر هوندو هو،اها ڳالهه پاڪستان کان اڳ جي آهي انهيءَ وقت آءُ شلوار قميص ۾ هئس ته مون گهٽتائي جو احساس پئي محسوس ڪيو، مون اتي آفيس جي ورانڊي ۾ چڪر لڳايو ته ڏٺم ته ڪاڪو لاچند پنهنجي آفيس ۾ ويٺو آهي ۽ مون کي ان ڏي اندر وڃڻ جي همٿ نه ٿيم ان وقت ٻه ٽي ڄڻا ٻيا به ويٺا هئا ۽ اهڙي طرح مان بورڊ جي آفيس مان ڪاڪي لاچند سان ملڻ کانسواءِ ئي واپس موٽي آيس، وري ٻئي ڏينهن ان جي آفيس ۾ ويس ته اهو اڪيلو ويٺو هو، پوءِ مان ان ڏي اندر هليو ويس، مان جيئن ئي ڪاڪي لالچند جي آفيس ۾ اندر گهڙيس، هن هڪدم اٿي مون سان هٿ ملايو، هن جي انهي قدم سان منهنجي گهڻي همٿ افزائي ٿي، پوءِ مون کان پڇيائين ته پٽ ڪيئن آيو آهين ڪاڪو لالچند ان وقت گهٽ ۾ گهٽ پنجهٺ يا ستر سالن جو هو

هي سوال ڊاڪٽر نجم عباسي کان، مرتضيٰ سيال ۽گل ڪونڌر جي ورتل انٽرويو تان کنيا ويا آهن؛ نصير

هن جي پڇڻ تي چيومانس ته سائين مون ڪهاڻي لکي آهي، مهراڻ لاءِ جيڪڏهن موزون هجي ته وٺو ۽شايع ڪجو،ان تي مون کي چيائين ته تون ويهه مان هينئر واندو آهيان. ڪهاڻي پڙهي توکي ٻڌايان ٿو ته موزون آهي يا نه، اهڙي طرح هن ان ئي وقت اها ڪهاڻي پڙهي ۽ چيو ته ڪهاڻي ڪجهه فني ڪچاين جي باوجود نهايت ئي موزون آهي، ڇو ته تنهنجي لکيل ٻولي ڏاڍي سٺي آهي، پر هڪڙي ڳالهه آءُ توکي چوان ٿو ته ٻهراڙي جا ڇوڪرا جڏهن شروع شروع ۾ ڪراچي ۾ ايندا آهن ته هو صحيح سنڌي ٻولي ڳالهائيندا آهن پر ڪجهه وقت شهر ۾رهڻ کانپوءِ انهن جي ٻولي بگڙي ويندي آهي تون هميشه اهو خيال ڪجان ته پنهنجي اها ٻولي قائم رکندو اچين، تنهن ڪري مون کي ڪاڪي جي ڪيل اها نصيحت هميشه ياد رهي آهي ۽ هونءَ به آءُ ڪوشش ڪري ٻهراڙي جا سنڌي لفظ استعمال ڪندو آهيان.

س: سائين، توهان پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهيو، پهريان توهان کي سرڪاري نوڪري به هئي، توهان اها نوڪري ڇڏي ڏني، ان جو ڪو خاص سبب هو؟

ڊاڪٽر: ڇا هي ته نوڪري ۾ تمام گهڻيون پابنديون آهن ۽مان جيئن ته اسڪالرشپ هولڊر هوس، انهي ڪري مون لاءِ اهو ضروري هو ته مان گهٽ ۾ گهٽ پنج سال سرڪاري نوڪري ڪريان، اهڙي طرح مان ڇهه سال نوڪري ڪرڻ کانپوءِ استعيفا ڏئي ڇڏي، انهي ڪري منهنجي لاءِ گهر ڇڏڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه ٿي پئي هئي.

س: جڏهن توهان استعيفا ڏني ته اهو ڪهڙو سن هو؟

ڊاڪٽر: 1959ع.

س: ان جو مطلب ته اهو ون يونٽ جو دور هو ته ڇا توهان جي بدلي اوڀر پاڪستان ته نه ٿي هئي؟

ڊاڪٽر: جي نه،اوڀر پاڪستان ته نه ٿي هئي، پر منهنجي پوسٽنگ جڏهن ٺٽي ۾هئي ته اختياري وارن منهنجي بدلي پنجگور(بلوچستان) ڪري ڇڏي، جنهن جو مون ان وقت تائين نالو به نه ٻڌو هو، اڃا ٺٽي مان رليو ئي نه ٿيو هئس ته مون کي پنجگور مان ئي منهنجي دوست، جيڪو پڻ ڊاڪٽر هو، تار ڪئي ته تون اڃا پنجگور ڏانهن نه اچجان، ڇو ته هيڏي اچڻ وارا رستا برف پوڻ ڪري بند آهن پوءِ مون پنهنجي دوست جي اها تار کڻي وڃي اختياري وارن کي ڏکاري ۽ پنهنجي بدلي جو حڪم معطل ڪرايم،

س: سائين، توهان جي پوري زندگي تمام گهڻن تجربن سان ڀريل هوندي جيئن ته هر ماڻهو زندگي ۾ گهڻين ئي ڳالهين سان واسطو پوي ٿو پر هڪ ليکڪ جي حيثيت سان توهان شين کي وڌيڪ سهڻي نموني ۾ گهرائي سان نظر مان ڪڍيو هوندو، توهان کي زندگي ۾ ڏکيو ڪم ڪهڙولڳو؟

ڊاڪٽر: بس مون کي زندگي ۾ نوڪري ڪرڻي تمام ڏکي لڳي.

س: جيئن ته هڪ اديب تمام حساس شخص ٿيندو آهي، هاڻي توهان ٻڌايو ته ان شخص جي ان حساسيت جو سندس ازدوا جي زندگي تي ڪو اثر پوي ٿو يا نه؟

ڊاڪٽر: جي ها، ان ڳالهه جو اثر ان جي ازدواجي زندگي تي پوي ٿو، ڇو ته ان شخص ۽ان جي گهر واري جي ذهني لاڙڻ ۾ ڪجهه فرق ٿئي ٿو.

س: سائين، توهان جو مقصد اهو آهي ته جيئن ته ان اديب جي گهر واري خود اديب نه آهي، ان ڪري انهن جي ذهني لاڙن ۾ فرق ٿئي ٿو؟

ڊاڪٽر: مان توهان کي پنهنجو مثال ٻڌايا ٿو جيئن  ته منهنجي گهر واري منهنجي هم خيال نه هئي، هاڻي ڇا هو ته شادي کان اڳ مون ڇوڪري کي ڏٺو ڪو نه، انسان مليو ڪو نه هوس، ڇوڪري وڏي آفيسر جي ڌيءَ هئي شهري هئي،آءُ ٻهراڙي جو ۽ هڪ غريب ماستر جو پٽ هئس، جڏهن اسان جي شادي ٿي وئي ته پوءِ هڪٻئي کي ڏٺوسين، ته اسان جي خيالن ۾ تمام وڏو فرق هو  انهي فرق جي ڪري اسان جي درميان ڪافي جهڳڙا به ٿيا ۽ ان دوران ۾ ٽي ٻار هڪ ڇوڪرو۽ ٻه ڇوڪريون به ٿيا،نيٺ اسان جي ذهني لاڙن ۾ فرق هجڻ جو نتيجو طلاق جي صورت ۾ نڪتو ۽ منهنجي لاءِ شادي هڪ الميو ثابت ٿي.

س: جيئن ته توهان جي شادي پنهنجي خاندان کان ٻاهر ٿي هئي ته ڇا اسان انهي شادي کي لو ميريج چئي سگهون ٿا؟

ڊاڪٽر: جي نه، منهنجي شادي پيار جي شادي نه هئي، پر ارينج ميريج هئي، پر تنهن هوندي به ان جو انجام صحيح نه ٿيو.

س: سائين، توهان ڀلا ان کان پوءِ ٻي شادي ڪئي؟

ڊاڪٽر: جي نه، مون ٻي شادي نه ڪئي، ان جو سبب اهو هو جو منهنجا ٻار مون سان رهيا، انهن جي ماءُ ٻي شادي وڃي ڪئي، پر مان ٻارن تي ماٽيجي ماءُ آڻڻ نه چاهي، ڇو ته ماٽيجي ماءُ جو ڪردار بين الاقوامي سطح تي خراب رهيو آهي، حالانڪه منهنجي عمر ان وقت پنجيتاليهه سال هئي ۽مان شادي ڪري پئي سگهيس، مرد ته سٺ سالن جي عمر ۾ به شاديون  ڪن ٿا.

س: سائين، عام طور تي اهو ڏٺو ويو آهي ته ڪافي اهڙيون شاديون به ناڪام وڃن ٿيون، جيڪي عورت ۽ مرد جي پسند سان ٿينديون آهن، توهان اهو ٻڌايو ته ان جو ڪو سماجي سبب آهي يا نفسياتي پهلو آهي؟

ڊاڪٽر: سائين ان ڳالهه جا سماجي سبب ته گهڻيئي آهن، جن مان خاص سبب اهو آهي ته انهن جي پاڻ ۾ انڊراسٽينڊنگ قائم رهي نه ٿي سگهي. منهنجي شادي حالانڪه لو ميرج نه هئي پر ان شادي مان منهنجو پيءُ ۽ مان ڏاڍو خوش ٿيا هئاسين، ڇو ته هڪ آفيسر پنهنجي ڌيءَ هڪ غريب ماستر جي پٽ کي ڏني هئي پر اڳتي هلي اها شادي ناڪام ٿي وئي.

س: سائين، هڪ اها ڳالهه آهي ته جڏهن ماڻهو جي انڊراسٽينڊنگ نٿي رهي ته پوءِ هو شخصيت ۾ ڪا کوٽ محسوس ڪري ٿو، جيڪا هن ڪري ٿو هن پوءِ توهان ان جي پورائي لاءِ ڇا ڪيو؟

ڊاڪٽر: جي ها، انڊراسٽينڊنگ نه هئڻ ڪري ماڻهو شخصيت ۾ کوٽ محسوس ڪري ٿو، مون ان ڳالهه کي محسوس ڪندي پنهنجي طبيعت کي ڦيرائڻ جي ڪافي ڪوش ڪئي، ته مان هن جي مطابق هلان، ڇو ته مان هڪ باشعور ماڻهو هئس، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به قصو ٺهي نه سگهيو ۽ويهن سالن جو عرصو ائين جهڳڙي واري ماحول ۾ گذري ويو، جنهن جو انجام وڃي طلاق تي پهتو.

س: سائين، توهان جو هڪ ناول آهي ” پيار ڪهاڻي“ ان ۾ائين محسوس ٿئي ٿو،ڄڻ ته اهو توهان جي زندگيءَ جو عڪس هجي ، ڇو ته ان ۾ ڊاڪٽري پيشي سان لاڳاپيل شيون ۽ سماجي مسئلن جو تسلسل ڪجهه اهڙي ئي نموني سان پيش ٿيل آهي.

ڊاڪٽر: هڪ ڪهاڻيڪار يا ناول نويس جڏهن ڪا ڪهاڻي يا ناول لکندوآهي ته اها پنهنجي زندگي مان کڻندو آهي، واقعو هن سان پاڻ سان ٿيل هوندو آهي يا هنجي ڪنهن واسطي واري سان يا اهو واقعو هن ڪٿان ٻڌو هوندو آهي، بهرحال اها حقيقت ضرور هوندي آهي پوءِ ان حقيقت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ يا ناول جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪردار ۽ ڳالهيون وڌيڪ شامل ڪرڻيون پونديون آهن،  هاڻي هن ناول ۾ڪجهه حصو منهنجي ذاتي زندگي جو به آهي، پر ٻين جو به آهي جنهن لاءِ توهان ائين چئي سگهو ٿا ته اهو منهنجي مشاهدي مان ورتل آهي، مون کي دوست چوندا آهن  ته تون پنهنجي آتم ڪٿا لک، ته آءُ انهن کي چوندو آهيان ته آتم ڪٿا ۾ ماڻهو سمورو سچ نه لکندا آهن هو پنهنجي زندگي جون سٺيون ڳالهيون يا خوبيون ته صحيح لکي ويندا آهن پر پنهنجي ڪچين ڳالهين يا اوڻاين تي ڪافي حد تائين پردو وجهي ويندا آهن انهي ڪري توهان جيڪڏهن منهنجي زندگي جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته پوءِ منهنجو لکيل ڪهاڻيون ۽ ناول پڙهو.

س: ماضيءَ ۾ توهان پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ هلائيندا رهيا هئا هاڻي ڪجهه وقت کان اها ڪلينڪ توهان بند ڪري ڇڏي آهي ان جو سبب توهان جي طبيعت جي ناسازي آهي، ڇو ته فالج جو حملو ٿيڻ ڪري منهنجي فزيڪل پوزيشن اهڙي نه آهي جومان پنهنجي پريڪٽس جاري رکي سگهان.

س: سائين، توهان دهشتگردن هٿان حيدرآباد وارو گهر ڦرجي وڃڻ کانپوءِ ڪجهه وقت سکر ۾ وڃي رهياهئا هاڻي وري حيدرآباد مان نڪرڻ کانپوءِ ڪجهه وقت ڪراچي ۾پنهنجي پٽ ”نديم“ وٽ رهيس، پوءِ سکر ۾ ۽هاڻي وري حيدرآباد ۾، ڇو ته ڪجهه گهرو حالات اهڙا آهن، جو هتي مون کي وڌيڪ سهوليت  محسوس ٿئي ٿي ۽ ڪجهه اهو به آهي ته مان حيدرآباد ۾ چاليهه سال رهيو آهيان،انهي ڪري منهنجو حيدرآباد سان دلي لڳاءُ آهي.

س: سائين، سنڌي ادب ۾ توهان جي هڪ نمائنده حيثيت آهي،توهان مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته توهان جي اولاد مان ڪو لکي ٿو؟

ڊاڪٽر: مون کي اهو تمام گهڻي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي اولاد کي ادب سان ڪا به دلچسپي ڪانهي، مان ته اهو سوچيندو هئس ته مون وٽ هيترا ڪتاب آهن انهن کي ڪير سنڀاليندو ڇو ته جنهن ماڻهو کي ڪتابن جو شوق نه آهي انهي لاءِ ڪتاب بي معنيٰ آهن.

س: سائين توهان جي ننڍي ڪڪي (ڪونج) ته شايد ڪجهه ڪهاڻيون لکيون آهن؟

ڊاڪٽر: ها انهي ٻه ٽي ڪهاڻيون لکيون آهن ۽اڃابه چوندي آهي ته مان ڪهاڻيون لکان ٿي، پر هوءَ باقاعده ليکڪا جي حيثيت سان سامهون اچي نه سگهي آهي ۽ان کيايترو پڙهڻ جو شوق به ڪو نه آهي.

س: سائين ڀلا توهان جي خاندان مان ڪو ٻيو لکي ٿو؟

ڊاڪٽر: جي ها، منهنجي خاندان مان ٻه ڇوڪرا جيڪي منهنجا ڀاڻيجا آهن جن مان هڪ جو نالو سرمد عباسي ۽ ٻئي جواسلم عباسي آهي، اهي لکن به ٿا ۽ انهن کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق به آهي.

س: سائين، توهان جو پنهنجي زندگي ۾ گهڻين ئي شخصيتن سان واسطو پيو هوندو، توهان مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته توهان کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي شخصيت متاثر ڪيو؟

ڊاڪٽر: مان پنهنجي زندگي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جي شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيو آهيان، ڇو ته اهو ڪامريڊ ماڻهو هو ۽ ان  جا خيالات ترقي پسند هئا، هن سان ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ هن جون لکڻيون پڙهندو هئس ۽ حقيقت ۾ مون ۾ جيڪو ذهني انقلاب آيو سو محمد عثمان ڏيپلائي جي لکڻين آندو.

سوال: ڪو ڪتاب، جيڪو توهان جي زندگي ۾ فئوريٽ رهيو هجي؟

ج: ڪتاب جيڪي مون کي پسند آهن زندگي ۾، اهي صرف ٻه آهن، ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ارتقائي ڪهاڻي ۽ٻيو به انهي جو ئي لکيل آهي،اهي بيماري دوران به پڙهندو آهيان.

سوال: سائين توهان پنهنجين ڪهاڻين کي ڪيترين سيٽنگس ۾لکندا آهيو، هڪڙي سٽنگ ۾ لکندا آهيو يا انکي مختلف سٽنگ ۾ لکندا آهيو؟

ج: مختلف سٽنگس ۾، ڇاڪاڻ جوڪهاڻي ننڍي هوندي آهي ته هڪڙي سٽنگ ۾ ۽ڪنهن ڪنهن ڪهاڻي کي ته ٻه ٽي ڏينهن به لڳي ويندا آهن، هاڻ ته لکڻ ۾ تڪليف ٿي رهي،انهي ڪري چار پنج ڏينهن به لڳي ويندا آهن،  انهي وچ ۾ خيال ڪي وسري ويندا آهن پر بهرحال ڪهاڻي ڪنهن نه ڪنهن نموني لکي وٺندو آهيان.

سوال: پنهنجي ڪهاڻي کي توهان ري رائيٽ ڪندا آهيو؟

ج: نه، ري رائيٽ نه ڪندو آهيان، اڄ تائين مون ڪا به ڪهاڻي ري رائيٽ نه ڪئي آهي.

سوال: موسيقي جو اوهانکي شوق آهي؟

ج: نه سائين بلڪل نه، ائين ٻڌندو آهيان، سنڌي راڳ، باقي نه.

سوال: ڀلا توهان کي ڪو فنڪار پسند ڪونهي؟

ج: پسند جي فنڪاره  روبينه آهي.

سوال: توهان سفر ڪٿي ڪٿي ڪيا آهن؟

ج: انگلينڊ جو سفر ڪيو آهي، بس.

سوال: وطن سٺو لڳو يا انگلينڊ؟

ج: پنهنجو وطن سٺو لڳو.

سوال: شاعرن ۾ سائين اوهان کي ڪو شاعر پسند آهي؟

ج: نه سائين، شاعري مون کي پسندئي ڪو نه اچي، شاعري مان پڙهندو به ڪو نه آهيان.

سوال: انهي جو ڪو خاص سبب آهي جو شاعري توهان کي پسند ڪونهي؟

ج: سائين مون پنهنجي ادبي زندگي شاعري سان شروع ڪئي هئي، اسڪول ۾ مشاعرا ٿيندا هئا ، اتي مون شعر ٺاهڻ شروع ڪيو، روايتي شعر گل ۽ بلبل جابه ٺاهيم، پر جڏهن مئٽرڪ پاس ڪيم ته شعر مون کان ڇڏائجي ويو.

سوال: سائين توهان کي ذاتي طور تي ڪهاڻي پسند آهي يا ناول؟

ج: ڪهاڻيون پسند آهن.

سوال: پنهنجا همعصر ڪهاڻيڪار توهان ڪنهن کي ٿا سمجهو، ڪي نالا آهن توهان جي همعصرن جا؟

ج: امر جليل، نسيم کرل، طارق اشرف.

سوال: سائين توهان جن همعصرن جي ڳالهه ڪئي هي انهن مان ڪو پسند آهي؟

ج: امر جليل.

سوال: پسند جي ڳالهه ٿي آهي ته توهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو پسند آهن؟

ج: خاموش طبيعت جا ماڻهو مون کي وڌيڪ پسند آهن.

سوال: ڪتابن جي باري ۾ سوال ته توهان جا هيستائين ڪيترا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن؟

ج: منهنجا ڪل 30 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن جن مان ڪي مضمونن جا، ڪي ناول آهن 16 ڪهاڻين جا آهن ڪي ترجما آهن.

سوال: توهان جي ڪتاب تي توهان کي ڪهڙا ڪهڙا انعام يا ايوارڊس مليا آهن؟

ج: مون کي پنهنجي پهرئين ڪتاب تي ٻه ايوارڊ مليا هئا، هڪڙو سنڌيونيورسٽي طرفان ٻيو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ۽ ٻي هڪڙي ڪهاڻي تي به انڊيا مان مون کي انعام مليو هو ۽ ٻيا به ايوارڊ مليا هئا، پر هينئر ياد ناهن.

هي ڪجهه سوال ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کان محمود مغل ٽي وي انٽرويو ۾ پڇيا: نصير

 

سوال: ڪلينڪ جي ديوار سان ڪارنر تي آمهون سامهون اسٽورس، رنگا رنگ دوائون ، ان کان اڳيان اسٽيشن روڊ ۽ زندگي اڄڪلهه ميڊيڪل اسٽورس تي رکيل دوائن وانگر ڪيڏي نه رنگين ۽رستي تي هلندڙ گاڏين ڪيڏي نه تيز رفتار آهي، (مون دل ۾سوچيو ۽کانئس پڇيم)  ڊاڪٽر صاحب اوهان جي ڪهاڻين، نئين زماني جي نون قدرن ۽ٽرينڊس سان ڪيتري قدر ساٿ ڏئي سگهي آهي؟

منهنجي سوال تي ڊاڪٽر صاحب گنڀير ٿي ويو، وراڻيائين، وقت بيشڪ تيز رفتاري سان وڃي اڳتي وڌندو، پر اسين ڪٿي آهيون؟ حالتن اسان سان ڪهڙا نه هاڃا ڪيا آهن،ڪهڙا ڪهڙا نه ويل وهايا آهن ۽ اسان هاڻي تاريخ جي ڪهڙي دور ۾آهيون، ان سموري صورتحال جو جائزو وٺو ۽ پوءِ منهنجي ڪهاڻين کي پرکيو ٻيو عرض ته ٽيڪنيڪ ۾جيڪي نوان لاڙا آيا آهن، مون وٽ انهن کان وڌيڪ مواد جي اهميت آهي ۽ ان ڏس ۾ مون پاڻ کي هميشه سوڀارو محسوس ڪيو آهي تهمان جيڪو ڪجهه لکان پيو اهو ماڻهو تائين ڪميونيڪيٽ به ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن پڙهندڙن وٽ ان جو ثبوت ملندو آهي ته پڪ ٿيندي اٿم ته نوان لاڙا ۽فنائتا ڍنگ اختيار نه ڪرڻ جي باوجود منهنجي ڪهاڻي ”هر واسي، آهي ۽ ماڻهو ان کي سمجهي ان مان اتساهه به حاصل ڪري رهيا آهن.

سوال: موجوده دور ۾ توڻي پنهنجي همعصرن ۾ اوهان سڀني کان وڌيڪ لکيو آهي ڪڏهن ائين سوچيو اٿو ته گهڻو ٿيو، دئٽس آل! هاڻي ريسٽ ڪرڻ گهرجي؟

ڊاڪٽر صاحب: ريسٽ جوته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئ، لکڻ مون وٽ محض هابي يا وندر ته ڪونهي جو ٿڪجي ۽ ورچي پوان، لکڻ کي ته مون ذميواري جي معنيٰ ۾ کنيو آهي ۽اڃا ته پاڻ خواهش اٿم ته جيڪر وڌيڪ لکان، پر اڌ کان وڌيڪ وقت روزگار کي به ڏيڻو ٿو پوي، ان ڪري ڏک اٿم ته پنهنجي خواهش پٽاندڙ اڃا به گهڻو لکڻ کان قاصر آهيان.

سوال: اوهان جا هيل تائين (30) ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي ويا آهن،سچ ٻڌايو، اوهان کي پنهنجا لکيل ڪتاب وڌيڪ وڻندا آهن يا پنهنجا ٻار؟

ڊاڪٽر صاحب: ٻار ۽ڪتاب ٻئي منهنجو تخليقون آهن، ٻئي پيارا آهن، پر ٻاروڌيڪ پيارا اٿم، ڇو ته اهي تخليق سان گڏ انسان به ته آهن،

موڪلائڻ کان اڳ مان ڊاڪٽر صاحب کان آخري سوال پڇان ٿو ته زندگي جيڪا گذاري چڪا آهيو يا گذاريو پيا، ڇا ٿا محسوس ڪريو ان جي باري ۾؟

ڊاڪٽر صاحب: زندگي ڏاڍي پياري شئي آهي، دل چاهي ٿي ته هڪ دفعو وري به نيئن سنئين ملي، جيئن جيڪي اوڻايون رهجي ويون آهن انهن کي ختم ڪري وڌيڪ خوشگوار زندگي گذاري سگهجي، باقي هنن حالتن ۾ قومي ۽ طبقاتي ظلم ڏسي دل ڪڙهندي ۽ دماغ اڀامندو آهي، بس اهائي پيڙا زندگي کي با معنيٰ خوشحال ۽ آزاد بڻائڻ لاءِ اتساهيندي آهي ۽ مون کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪندي آهي.

تنوير جوڻيجو

اڻڄاتل شهرجو نقشو

(شبنم گل جي ڪهاڻين جي مجموعي بابت مطالعا تي ويهڪ)                           

       شبنم گل ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي، هڪ طرف هو خوبصورت ڪهاڻيڪاره آهي ته ٻئي طرف حساس شاعره، ساڳئي وقت منفرد  ڊرامه نگار به.

”اڻڄاتل شهر جو نقشو“ سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي، جنهن جو مهورت تازو محترم محمد ابراهيم جويي فٽازهوٽل ۾، چند اديب دوست ساٿين جي موجودگي ۾ ڪيو.

شبنم هڪ طرف عورت آهي ۽ عورت جي مسئلن جي نشاندهي .... پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪئي آهي ته ٻئي طرف شبنم جي وابستگي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان به رهي آهي.

هونئن ته عورت جي مسئلن جي نشاندهي گهڻين ئي عورت ليکڪائن ڪئي آهي، پر شبنم ، جنهن عورت جو ذڪر ٿي اها روايتن ۾ قيد ته آهي، پر گهر جي چوديواري کان ٻاهر نڪتل آهي، هو يونيورسٽي ۾ به وڃي سيمينار به اٽينڊ ڪري ٿي، نوڪرين کي به منهن ڏئي ٿي، دنيا کي ڏسي ٿي،مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي ٿي ۽ انهن ٻاهرين دنيا جا مسئلا، جنهن جا خواب، بند گهرن جي عورتن ڏٺا، شبنم پنهنجي قلم وسيلي بيان ڪري ٿي.

شبنم، عورت جي ڪهڙي پهلوئن کي اجاگر ڪيو آهي؟ اهو ذڪر پوءِ......هن وقت احوال ان غير روايتي گڏجاڻي جو جيڪا، ” اڻڄاتل شهر جو نقشو“ جي مهورت جي سلسلي ۾ منعقد ڪئي وئي.

نه ڪا اسٽيج آهي نه ماڻهن جي بي پناهه رش آهي نه وري ڪو اجايو سجايو گوڙ گهمسان آهي، ڪجهه اديب دوست ساٿي آهن، جن کي آئون سڃاڻي سگهي آهيان. اهي آهن.

مانواري آپا رشيده حجاب، مانواري خيرالنساءَ جعفري، محترمه نذير ناز، محترمه زبيده ميتلو، محترمه عطيه دائود، محترمه دلشاد مرزا، محترمه سحر رضوي،محترمه سنيتا، عربيا نور، صائمه.....

۽ مرد حضرات ۾ شامل آهن محترم ابراهيم جويو، محترم ولي رام ولڀ، مانوارو مراد علي مرزا،پروفيسر عبدالغني شيخ صاحب، محترم امير علي قادري، نصير مرزا، طاق عالم، جامي چانڊيو، تاج جويو، اياز لطيف پليجو ۽ ٻيا.

شروعات چانهن جي پيالي سان آغا شبنم جي گهوٽ، ڀاءُ اشتياق انصاري جي ڀليڪار سان جنهن ۾ پنهنجائپ آهي، قرب آهي ۽ گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو مطلب  ۽ مقصد بيان ٿيل آهي.

ڀاءَ استياق چئي ٿو:

” گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو مقصد آهي، ڪهاڻيڪار کي ڪهاڻي جي فن بابت سکيا ۽ تربيت ڏيڻ ...... بنيادي آءُ رانديگر آهيان راند جي ميدان ۾رانديگر ڪيترو به سينيئر ڇو نه هجي، پر جديد لاڙن ۽رجحانن کان واقفيت لاءِ ڪوچز هوندا آهن جيڪي رانديگر جديد کان جديد واقفيت فراهم ڪندا آهن پر ڪهاڻي ۾ هن قسم جي ڪا  روايت ڪانهي،انهي سلسلي ۾ هن گڏجاڻي جو اهتمام ڪيو اٿئو ته جتي گڏ ٿي، نئين فڪر نئين سوچ ۽نون ويچارن بابت، ڪهاڻيڪار کي روشناس ڪرائجي.“

گڏجاڻي جي باقاعدي شروعات ٿيڻ کان اڳ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي وئي مشهور صحافين رضيه ڀٽي جي وفات تي.

ڊاڪٽر اسحاق انصاري ساٿين جي تعارف جو ڪم سر انجام ڏئي رهيو آهي.

۽ ساڳئي وقت ” اڻڄاتل شهر جو نقشو“ جو تعارف به ڪرائي رهيو آهي، ٽائيٽل کان وٺي ڪهاڻين جي Contents  تائين ” شبنم جي هن مجموعي ۾ شامل،ٻارنهن ڪهاڻين مان ڏهه ڪهاڻيون عورتن سان لاڳاپيل آهن، شبنم جي ڪهاڻين ۾ ڏکن جا رنگ غالب آهن عورتن جي اندر جي اڌمن ۽ ڪيفيتن جو بي پناهه اظهار آهي.“ هيءَ راءِ اسحاق انصاري جي آهي ۽هاڻي گروپ ڊسڪشن شروع ٿئي ٿو، گوري ولڀ چواڻي: شبنم جون ڪهاڻيون، تاثراتي ڪهاڻيون آهن، ڪردار جيئرا جاڳندا اسان سان گڏ هلندڙ گهمندڙ آهن، شبنم پنهنجين ڪهاڻين ۾ ٻن ڌرين کي هڪ ٻئي سان برسرپيڪار ڏيکاريو آهي، هڪڙي ڌر عورت آهي ته ٻي ڌر آهي سماج.“

عطيه دائود هميشه پنهنجي راءِ جو اظهار نهايت ڀرپور نموني ۾ڪندي آهي، پاڻ کي Feminist  قرار ڏيندي عطيه چوي ٿي : شبنم به آزادي نسوان جي قائل آهي پنهنجين لکڻين ۾ عورت جي مسئلن جي ڀرپور نشاندهي ڪئي اٿئين.“

مانواري آپا رشيده حجاب پنهنجي خيالن جو اظهار، پنهنجي مٺي لهجي ۾ هن ريت ڪري ٿي: ” بنيادي  هر انسان پنهنجو پاڻ سان پيار ڪندوآهي اهوئي سبب هوندو آهي جوهر ڪهاڻيڪار جي لکڻين ۾ پنهنيجي وجود جي جهلڪ نمايا هوندي آهي، جيئن تي انسان بنيادي طرح ساڳيو آهي ان ڪري مسئلا به ساڳيا آهن، البت پيشڪش جو انداز ضرور بدليو آهي، شبنم جي ڪهاڻين ۾ به اهي ساڳيائي ڪردار آهن، جيڪي اڄ کان اڳ لکندڙ خواتين جي ڪهاڻين ۾ هئا، نازان جو ڪردار ثميره وٽ به هئو، ڪهاڻي سائنس جو ڪو ڪتاب ڪونهي، ڪهاڻي جذبن ۽ اڌمن جو اظهار آهي، ۽ جذبا ۽اڌما سمونڊ هوندا آهن جن کي قيد ڪري نٿو سگهجي.
مشهور  شاعره زبيده ميتلو...... گهڻي وقت کانپوءِ منظر عام تي آئي آهي ۽ پنهنجي هن ظاهرائپ جو ڪريڊٽ شبنم کي ڏئي ٿي؛ ” مون شبنم جون سموريون ڪهاڻيون هڪ ئي ويهڪ ۾ ويهي پڙهيون آهن.“

سحر رضوي،عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياسي ڪارڪن، عورتن لاءِ شبنم جي لکيل ڪوششن کي ساراهيندي، عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي.

خير النساءَ جعفري پنهنجي بي ساخته، ذومعني ۽ خوبصورت جملن سبب، مقبوليت جا سڀئي رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي، حسب دستور ننڍڙا ۽ خوبصورت جملا سندس خيالن جو نتيجو آهن: ” ڪنهن به شئي جي وڻڻ لاءِ ڪو سبب ضروري ناهي هوندو، شبنم جو انتساب، شبنم جو پيش لفظ، شبنم جون ڪهاڻيون مونکي وڻيون، بناسبب جي.“

 

 طارق عالم ابڙو به خوبصورت جملن جو مالڪ آهي، طارق چئي ٿو: ” مان بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهيان مون شبنم کي پڙهيو آهي ۽ هن موقعي تي سندس ڪهاڻين کي ڊائسيڪشن هال ۾ کڻي وڃي وڍ ڪٽ ڪرڻ جو ڪو به ارادو ڪو نه ٿو رکان، ليکڪ يا ليکڪ هوندو آهي يا ناهي هوندو. شبنم ڪهاڻيڪار آهي ۽ سندس ڪهاڻيون دل کي ڇهندڙ ۽ وڻندڙ آهن.“

نصير مرزا جو قلم جيترو تيز ۽ پرتاثير، اوتري ئي سندس گفتگو ۽ انداز بيان به پر تاثير، نصير نهايت ڀرپور ۽ جامع انداز ۾ عورتن جي ادبي تاريخ جي باري ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته اڄ جي دور جي تقاضا ڪهاڻي جو Formate  ۽ Content   آهي جنهن تي هر ليکڪ کي ڌيان ڏيڻ گهرجي“.

جامي چانڊيو  نوجوان اديب محقق صحافي ۽ گهڻ پڙهيو نوجوان/ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چوي ٿو: عالمي ادب جي اصولن ۽ معيارن کي Fallow ڪرڻو پوندو“

ابراهيم جويو صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار هنن لفظن ۾ ڪيو: ” اديب جڏهن  لکي ته کيس سوچ ڪرڻ  گهرجي ته هو لکي ڪهڙي ڪلاس يا طبقي لاءِ ٿو ۽ انهن کي آڏو رکندي ئي اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ گهرجي، “ جويو صاحب شبنم کي صلاح ڏني ته انگريزي لفظن بدران سنڌي ٻولي جو سولو استعمال پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪري ته بهتر رهندو“

ولي رام ولڀ صاحب پنهنجن خيالن جو اظهار نه رڳو محفل ۾ ڪيو پر ڪتابي صفحن تي به سندس اکر نقش آهن.“  هي ڪهاڻيون سنڌي سماج جي وچئين ۽ هيٺين وچئين طبقي جو عڪس پيش ڪن ٿيون جيڪي ڪيترن ئي Gaps جي باوجود نهايت سانتيڪيون ننڍي پيمان واريون گهرائي سان محسوس ڪري لکيل آهن، ڪهاڻين ۾ احساساتي ۽ تاثراتي جذبن جو ڀرپور اظهار آهي، ڪردارن جي گفتگو ۽ سوچ جو انداز فيلسوفاڻو، روحانيت ڀريو ۽  دل کي ڇهندڙ آهي.“

 ولي رام   ولڀ صاحب جي گفتگوءَ کانپوءِ مراد علي مراد  علي مرزا صاحب سڄي گفتگو کي آخري شڪل ڏيئي سهيڙيو. ۽ هينئر.... وارو شبنم جو.... لهجي جو ميٺاڄ، لفظن جي چونڊ جو حسن، گفتگوءَ جو ڌيرج ۽ سندس شخصيت جو اهو روپ، ڪهاڻيڪاره شبنم، ڊرامه نگار شبنم ۽ شاعره شبنم کان گهڻو مٿڀرو آهي.

سندس انداز بيان جو جادو هر دل ۽ ذهن تي حاوي آهي، سحر اندازيءَ واري ڪيفيت آهي.

شبنم پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهي آهي:

” منهنجي ڪهاڻين جا موضوع معاشرتي مسئلن ۽ فرد جي بدلجندڙ نفسياتي روين جي چوڌاري ڦرن ٿا. خاص ڪري فرد جي داخلي مسئلن کي مون احساس جي اک سان منفرد انداز ۾ ڏٺو آهي، مون زندگي جي چهري تان رونق جا خوشنما نقاب لاهي، تنها لمحن جي حسن کي دل جي گهراين سان محسوس ڪيو آهي، اهوئي سبب آهي جو منهنجين ڪهاڻين ۾ صبح جي تازگي بدران سج لهندڙ سمي جي اداسي آهي، منهنجين تحريرن ۾ Pessimism  جي جيڪا جهلڪ آهي، ان کي مان هڪ اهڙي تعمير علامت سمجهندي آهيان، جيڪا فڪر تي جمود طاري ڪرڻ بدران ان کي سدائين متحرڪ رکندي آهي.

مون پنهنجي تحريرن وسيلي ڪڏهن به مخصوص سوچ يا مخصوص نظريي جي پرچار ناهي ڪئي، پر ائين ضرور آهي ته هڪ منتشر سوچ رکندڙ معاشري ۾ رهندي، مون پنهنجي چوڌاري اهڙو ماحول ڏسڻ جي خواهش ضرور ڪئي آهي، جتي سڀني کي جيئڻ، مرضي سان ساهه کڻڻ ۽ خواب ڏسڻ جي هڪ جيتري آزادي هجي.“

شبنم جي سحر انگيز گفتگو ماحول ۾ ماٺ جو مانڊاڻ ڀري ڇڏيو، ان گهڙي مون کي نصير مرزا جو هڪڙو ٻيو جملو ياد اچي ٿو، جيڪي هن شبنم کي مخاطب ٿيندي ادا ڪيو هو.

” پنهنجيءَ گفتگو جهڙيون ئي خوبصورت ڪهاڻيون به تخليق ڪيو نه.“

انيس انصاري

مثالي شخص/ مثالي عالم

ساڻس رڳي واقفيت نه پر محبت هئي، ڪنهن حد تائين عقيدت پڻ، طبيعت ئي اهڙي هيس، مٺن ٻولن سان ماڻهو جو من موهي وجهندو هو، وقت بوقت جڏهن دل تي بار پوندو هو ته لنگهي ويندو هيم وٽس، اٿندو هيس ته ذهن تان بار ۽ دل تان غبار دور ٿي ويا ويندا هئا، هو خوشيون ونڊيندڙ ۽ دک دور ڪندڙ انسان هيو، رب مرهيس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com