سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :16

هن جي لهجي ۾ اڻ ويساهي جي خشڪ هوا اڃان به قائم هئي، چوي ٿو، ” پر جان! اعتبار جو مينهن منهنجي اڃايل دل تي ڇو نه ٿو وسي.....“ ڇوڪري سندس هٿ کي ڀڪوڙيندي چوي ٿي، ” زماني جي ويساهه گهاتين جي سخت پٿرن، تنهنجي اعتبار جي نفيس آئيني کي ڪرچيون ڪرچيون ڪري ڇڏيو آهي، پر ڏس! منهنجي اکين جي آرسي ۾  سانڍيل تنهنجي عڪس تي وقت جي گهم بنهه ناهي چڙهي.... دنيا جي آلوده آوازن تنهنجي خلوص جو خون ڪيو آهي، پر ٻڌ! منهنجي دل جي خاموش ڌڙڪنن ۾توکي، تنهنجي ئي نالي جو ورد ٻڌجڻ ۾ ايندو.....“

هو لمحي لاءِ اکيون ٻوٽي ٿو ڇڏي، اکيون کولڻ کانپوءِ کيس پنهنجي چهري تي،سوڀ جي سورج جا ڪرڻا چمڪندي محسوس ٿين ٿا، پر هوپاڻ سان گڏ هلندڙ ڇوڪريءَ جي ساٿ کي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ، هڪ ڀيرو ٻيهر خاموشي جي بيٺل ڍنڍ ۾ سوال جو پٿر اڇلائي ٿو.

”ته خوشي! ڇا واقعي هي سچ آهي؟“

ڇوڪري زمين تي تيز قدم رکندي چوي ٿي،  ” جيڪڏهن منهنجو ڳالهيون توکي هوا جون سرگوشيون ٿيون، محسوس ٿين، ته پوءِ هنن رستن کان پڇي ڏس!“

لمحي لاءِ هن جي اکين ۾ اداسي جو ڪارو بادل تري اچي ٿو” پر خوشي! رستا ته گونگا آهن!“

ڇوڪريءَ جي مک تي مينهن جي نازڪ ڪڻين جهڙي مرڪ تري ٿي اچي، هو چوي ٿي ” چريا! رستا گونگا آهن پر اسان جي پيرن جي آهٽ ته گونگي ناهي...“

 ڪجهه لمحن لاءِ خاموشي جو ڪوريئڙو سندن وچ ۾ سوالن جا ڄار اڻيندو ٿو رهي،هو ٻئي هلندا هلندا شهر جي باغ جي ڀرسان اچي پهچن ٿا، باغ ۾ ٽڙندڙ تارن ۽ ڪنوارن گلن جي خوشبو، هنن ٻنهي جي انگ انگ ۾ واسجي وڃي ٿي، ڇوڪري ماڻهن جي نظرن جا تير پاڻ تي پوندي پڇي ٿي ” ماڻهو ڇا سوچيندا هوندا....... مان ڪاليج ڊريس ۾ هن وقت ...... ڪيڏانهن......“ هو  ڏانهس ڏسڻ بغير وراڻي ٿو، ” ماڻهن کي غلط سوچڻ کان سواءِ ٻيو ايندو ئي ڇاهي....؟

هاڻ هو ٻئي مصروف علائقي کان پرڀرا ٿي اهڙي علائقي ۾ داخل ٿي وڃن ٿا، جتي جا گهر، پهاڄن جيان هڪٻئي کان پري پري آهن، ڇوڪري ماحول جو جائزو وٺندي پڇي ٿي، ” اسين ڪيڏانهن پيا وڃون........“ هو جواب ڏيڻ بدران، سوال جو گل هن جي اکين ڏانهن اڇلي ٿو.

خوشي! ته تون ڪنهن ٻئي جي گلي جو هار ٿيندينءَ.........؟“ سوال گلابي ڇوڪري جي چهري تي ڪنهن اداس ناسي شام جا رنگ اوتي ٿو ڇڏي، هوڪنڌ جهڪائي هوريان وراڻي ٿي ها، مائٽن کي منهنجو سٺو اگهه ملي ويندو.

هو پنهنجي خالي کيسي کي ڏسي، پنهنجي خالي هٿن کي مهٽندي پڇي ٿو، ” تنهنجي سڀني مائٽن جا هٿ انهن پئسن سان گرم ٿي ويندا.“

ڇوڪريءَ جي آواز ۾ ڏک جون پٿريون اٽڪي ٿيون پون، ڳيت ڏيندي چوي ٿي ” مون چيو اٿمان، مون کي وڍي برابر حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ پوءِ هرڪو مون کي جدا جدا وڪڻي.....“

” يعنيٰ، تنهنجي خودڪشي جي ڪوشش به سندن دل ۾ رحم پيدا نه ڪيو.“

ڇوڪري هڪ سرد آهه ڀري وراڻي ٿي، ” مرده دل ماڻهن لاءِ خودڪشي جهڙوالميو ڪابه معنيٰ ناهي رکندو.“

خاموشيءَ هاڻ اڀرندڙ سج جي ڪرڻن سان گڏجي سندن اکين ۾ چڀڻ لڳي ٿي، هو ٻئي هڪ گهر جي ڀرسان اچي بيهي ٿا رهن، ڇوڪرو تالو کولي ٿو ۽  ٻئي دروازو اورانگهي ٿا وڃن.

”خوشي! توکي مون سان گڏ هن اڪيلي گهر ۾ ايندي لمحي لاءِ به خوف جو احساس نه ٿيو......“ ڇوڪري پنهنجي اداس اکين تان ٿڪ جو پردو کڻندي هڪ نهار سموري گهر تي وڌي ۽ ڌيرج سان وراڻيائين، ” پنهنجي پناهه کان ڪنهن کي ڊپ ٿيندو آهي ڇا؟“ هو ٻئي گهر جو اڳنڌ ۽ ورانڊو لتاڙيندا،ڪمري ۾ اچي کٽ تي ويهي ٿا رهن، هو پنهنجا هارايل نيڻ کڻي ڇوڪريءَ جي اکين ۾ نهاري ٿو، جنهن ۾ پيار ۽ حجاب جون تتليون اڏري رهيا هئا، ٻئي لمحي هو پنهنجا سردي ۾ خشڪ ٿي ويل چپ، ڇوڪريءَ جي گرم چپن سان چهٽائي ٿو ڇڏي. ڪافي دير تائين هو ٻئي ائين ئي هڪ ٻئي جي واتن مان ساهه کڻندا ٿا رهن ۽ پوءِ هن ٻئي جي گڏيل ساهن جي ڌارا کي ٽوڙي ٿا ڇڏين.

ڇوڪري پنهنجي چهري تي وکريل وارن کي مخروطي آڱرين سان هٽائيندي چوي ٿي، پاڻ شايد وري ائين نه ملون، اڄ اسان کي اهوسڀ ڪجهه چئي ڇڏڻ گهرجي، جيڪو اسان وقت جي پيٽين ۾ وجهي،دل جي کڏ ۾پوري ڇڏيو هو، اڄ اسان کي خوب دل کولي کلڻ گهرجي....... پر ڇو اسان جي وچ ۾ خاموشي جي ڍنڍ اچي وئي آهي ۽ اسان جي چپن تي ڇو وقت برف جيان ڄمي ويو آهي....؟“

هو ڇوڪريءَ جي هٿ ريکائن کي ڏسندي آهستگي سان وراڻي ٿو، ” پاڻ ٻيو ڪري به ڇا ٿا سگهون،اسين وڇوڙي جي روايت جو تقدس به ٽوڙي نه ٿا سگهون.“ ڇوڪري پنهنجي لهجي ۾ آٿت جي مصري ملائيندي چوي ٿي، ” پير ڪير ٿو چوي“ اسين هميشه جي لاءِ وڇڙي رهيا آهيون، اسان جي گهرن جون ديوارون ۽ انهن ۾ لڳل دروازا هوا ۾ شامل اسان جي ساهن جي سنيهن کي ته روڪي نه ٿا سگهن.......، زماني جون نظرون اسان جي دل جي سجدن جو تعين ته نه ٿيون ڪري سگهن نه؟ ۽ تو ئي ته پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو هيو، جدائي، ٻندلين کي هميشه جي لاءِ ڳنڍيندڙ اها ڏور آهي، جنهن ۾ پيار ۽ سڪ جا انيڪ ڌاڳا پويل آهن.“ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ اٿلي پيل ڏک جو سمنڊ دلاسن جي ڪکاون جڳهن کي لوڙهي ٿو ڇڏي،۽ هو چهرو ٻئي طرف ڦيري ٿي ڇڏي، هو پنهنجي ڦرڪندر هٿن سان هن جو چهرو سامهون ڪندو چوي ٿو، خوشي تون ڪامياب محبوبه ضرور آهين، پر ڪامياب اداڪاري ڪڏهن به ڪري نه ٿي سگهين“ ۽ پوءِ خاموش ڪمري ۾ ڇوڪري جي سڏڪن جوسرگرم گونجڻ لڳو، هو ڇوڪري کي پرچائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ به روئي ٿو پري.... سڏڪن جو سرگم ٻٽو ٿي وڃي ٿو، گهڻي دير تائين اکيون روئنديون ٿيون رهن....“

پڄاڻي جي پڄاڻي

.....هو اکيون اگهي ڪمري جو بلب آن ٿو ڪري، لمحي لاءِ سندس مٿو فري ٿو وڃي، سندس ڪنن ۾ پاڙي ۾ وڄندڙ دهل شرناين جا سڏڪا گونجن ٿا، هو ڪمري ۾ هڪ هارايل نهار وجهي ٿو، جٿي آلي وهاڻي کان سواءِ ڪيربه نه هيو.....“

مراد قريشي

صبح جي دري تي رکيل خواب

       هي جي ننڊ مان جاڳڻ کان پهرين هن جا اڻکٽ خواب جڳي ٿا پون. هوءِ خوابن کي سمهاري پاڻ جاڳي ٿي پئي، سج جي عجيب ڪرڻي کي بنا اجازت پنهنجي بيد روم ۾ ڏسي هن کي ڪنهن به قسم جو عجب نٿو محسوس ٿئي، صبح جا ڪرڻا هن کي صبح ٿي وڃڻ جي ثابتي ٿا ڏين.

هو صبح کان پنهنجي باري ۾ پڇي ٿي پر صبح ڪجهه به نه ٻڌائڻ جي سگهه پنهنجي اندر ۾ پيدا ڪندو صرف هن جي نظرن اڳيان انڌيري جيان ڦهلجندو ٿو وڃي هوءَ اٿي بيڊروم جي درين جي پردن کي هٽائي ٿي، ته صبح پوري طرح ڪمري کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ٿو ڇڏي.

روز ائين ڏسڻ جي باوجود به هن کي اڄو ڪو صبح ڪجهه عجيب ٿو لڳي، هو آئيني اڳين بيهي ڊريسنگ ٽيبل تان برش کڻي، پنهنجن وارن کي ڏيندي آئيني کان پنهنجي باري ۾ پڇندي ٿي رهي، پر آئينو اکيون بند ٿو ڪندو وڃي، ۽ هن جو عڪس آئيني تي دنڌلو ٿو ٿيندو وڃي.

هو پنهنجي مڙس کي ساڳئي حالت ۾ بيڊ تي اونڌو ستل ٿي ڏسي، باٿ روم ۾ داخل ٿي ٿئي، باٿ روم مان نڪرندي به هو پنهنجي مرس کي ساڳئي حالت ۾ ستل ٿي ڏسي!! ڪچن ۾ پهچي چانهه ٿي رکي، چانهه جي ڪٽلي ۾ چانهه جي پاڻي بدلي پاڻ کي وجهي ٿي ڇڏي ۽ ڪٽلي ۾ پيل ٽهڪندڙ پاڻي جيان پاڻ کي به ٽهڪندو ٿي ڀانئين، هو ٻه ڪوپ چانهه سان ڀري ۽ بسڪٽ پليٽ تي رکي ٽري کڻي بيڊروم طرف اچڻ لڳي ٿي، پنهنجي مڙس کي ساڳئي بيڊ تي اخبار پڙهندي ڏسي هن کي هڪ لمحي لاءِ الاءِ به ڇو خوشي ٿي ٿئي، پر پوءِ عجيب طرح سان هو  هن اجنبي خوشي لاءِ سوچي ٿي، سڀ ڪجهه هن کي فضول ٿولڳي.

هوءَ چانهه جو ڪوپ کڻي دري جي سامهون ٿي بيهي ٿي، سامهون سج پوري جوش سان هن جي اکين ۾ اکيون ملائي هن کي پاڻ طرف سڏيندو ٿو رهي، هوءَ اڏامندڙ سج کي پاڻ طرف متوجه ٿي ڪندي رهي، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ سج کي پنهنجين ٻنهين ڇاتين جي وچ ۾ لهندي ٿي محسوس ڪري ،۽ يڪدم پنهنجي اندر ۾ گرمائش محسوس ڪندي ، ڪجهه ڇرڪي ٿي پئي ،۽ سج کي ساڳي ريت چمڪندو ڏسي هن کان پنهنجي باري ۾ پڇندي ٿي رهي، پر سج ناڪار ۾ڪنڏ لوڏي اڃان به وڌيڪ جوش ۾ اچي هن جي اکين ۾ چڀندو ٿو رهي، هو اکيون بند ٿي ڪري ڇڏي.!!!

اکيون کولي ٿي ته محسوس ٿي ڪري  ته هن جي هٿ ۾ جهليل ڪوپ ۾ پيل چانهه به هن جي وجود جيان ٿڌي ٿي چڪي آ...... هوءَ چانهه جا وڏا وڏا ڍڪ ڀري ڪوپ ٽيبل تي رکي، ڪجهه دير اتي ائين ئي فضول بيهي بيڊ روم مان ٻاهر ٿي نڪري اچي ۽ پنهنجي مڙس کي ساڳئي ريت اخبار پڙهندي ٿي ڏسي.

” سڀ ڪجهه ئي ته ساڳيو آ.“ هوءَ سوچي ٿي، جيڪو اڄ آ! اهو ڪالهه به هيو ۽ سڀاڻي به هندو.

محسوس ٿي ڪري ته ڪافي وقت کان، شايد ٽن سالن کان هن کي هر موڪل جو ڏينهن وڌيڪ اداس ڪري ڇڏيندو آ. ۽ موڪل کان علاوه ٻيا سمورا ڏينهن هن کي بوريت جو آئينو لڳندا آهن جنهن آئيني ۾ سندس وجود هن کي بلڪل به فضول هجڻ جي ثابتي ڏيندوآ، پر هن پل هن کي ڪو به فرق نظر نٿو اچي، نه ايندڙ ڏينهن ۾ نه ئي گذرندڙ يا گذريل ڏينهن ۾-!

” ڪالهه به ته ساڳيو ئي هيو،اڄ ۽ سڀاڻي به ائين ئي هوندو......“ هوءَِ سوچي ٿي.

بيڊ روم جي ڀرسان ئي ٽي وي روم ۾ پهچي، هوءِ ٽي وي کولي نٿي، پر ڪمري ۾ پيل هر شي کي غور سان ڏسي، انهن کان ا جنبي ٿيندي وڃي، ٽي  وي لائونج جي ڀرسان ئي،ڊرائنگ روم ۾ هر سينگاريل شيءَ هن کي فضول هجڻ جو احساس ٿي ڏياري.، هو ڀت تي لڳل آئيني ۾ يڪدم پنهنجي عڪس کي سڃاڻي ٿي وٺي ۽ سوچي ٿي.....“ ڊرائنگ روم ، بيڊ روم ۽ منهنجي هن پوري گهر ۾ پيل سموريون شيون واقعي به فضول ته آهن،بلڪل به منهنجي زندگي جيان فضول، ڪهڙي حيثيت آهي، انهن  جي مون جيان،هيل تائين ڪنهن به ته هنن شين کي ڏٺو آ.... نه پيار ڪيو آ.. ۽نه ئي ڪا تعريف ڪئي آ، هيل تائين اسان ٻنهين کان علاوه انهن ڪمرن ۾ ڪير آيو به ته ڪونهي، ڪيڏا نه اداس لڳندا آهن اهي سمورا ڪمرا، بلڪل به منهنجين سوچن جيان، هن گهر ۾ يا انهن ڪمرن ۾ هيل تائين ڪير به ته ناهي کيڏيو، نه رڙيون ڪيو ن آهن ڪنهن ٽي وي لائونچ ۾ پيل ڪٻٽ به ته سڄو رانديڪن سان ڀريو پيو آ، پر ڪير به ته ناهي جيڪو انهن رانديڪن سان کيڏي، انهن سمورن رانديڪن کي ڀڃي ۽ ٻين رانديڪن جي فرمائش ڪري!! هو وڌيڪ اداس ٿي وڃي ٿي، ڪٻٽ ۾ پيل سمورن رانديڪن جيان.

ڪچن ۾ ويندي پنهنجي مڙس کي ٻيهر ساڳئي رت اخبار پڙهندي ٿي ڏسي، هن کي پڪ آهي ته معمول جيان هو اڄوڪو موڪل جو سڄو ڏينهن به اخبار ۽ ڪتاب پڙهندي گذاريندو، هو ته هر موڪل جي ڏينهن تي الاءِ ڇا ڇا سوچيندو آهي، تمام گهڻو ڳالهائڻ به چاهيندي ، پر ڳالهائي ڪين سگهندي آ، لفظ هن جو بلڪل ساٿ نه ڏيندا آهن ۽ خاموشي هن کي ڪجهه به نه ڳالهائڻ تي مجبور ڪندي آ، هر وقت محسوس ڪندي آ ته خاموشي هن جي اندر ۾ گهرڪري ويهي رهي آ، ائين جيئن گهر کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ڇڏيو اٿائين.

هن کي ياد آ، شادي جي پهرين سالگرهه کان پهرين ، هر موڪل جو ڏينهن هن لاءِ ڄڻ عيد جو ڏينهن هوندو هيو، ڪيڏو نه انتظار ڪندي هئي، پوري هفتي ۾ صرف انهي موڪل جي ڏينهن جو !! هر موڪل جي ڏينهن تي هو لاسٽ شو لازمي ڏسندا هئا۽ ان کان پهرين شام جو شهر جي ڪانه ڪا تفريح گاهه سندن آجيان لاءِ منتظر هوندي هئي.

هن کي بلڪل به ياد آ، شادي جي پهرين سالگره وارو ڏينهن ڪيڏو نه عجيب ڏينهن هيو، ٻنهين جو ۽ ڪڏي نه عجيب طرح سان هنن اهو ڏينهن ملهايو هيو، ڪنهن کي به ته شادي جي پهرين سالگره جي دعوت نه ڏني هئائون. هڪٻئي کان سواءِ !! ڪيترو نه خوش هئا ٻئي ان ڏينهن تي ۽ ڪيڏو نه پيار ڏنو هو ٻنهين هڪٻئي کي..!؟

هن پل به اهوئي  پيار محسوس ڪندي، ڪجهه ڇرڪي ٿي پئي ۽انهي پيار کي اڃا به وڌيڪ محسوس ٿي ڪرڻ چاهي، پر سندس سوچون اڳتي ٿيون وڌنديون وڃن!!

شادي جي پهرين سالگره کان ڪجهه وقت پوءِ

” نه،نه فڪر ڪرڻ جا ڪابه ضرورت ناهي، ڏسو توهان ائين ڪيو، ڪنهن گائينا ڪلاجسٽ کي ڏيکاريو.!!

(گائينا ڪلاجسٽ وٽ)

” توهان جي چيڪ اپ ۽ توهان جي ٽيسٽن کان پوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته توهان کي اولاد جي ٿيڻ جا چانس تمام گهٽ آهن، جيڪڏهن اتفاق سان توهان Pregnant  ٿيندوءَ به ته ٻار جي بچڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن ڇو جو توهان جي رپورٽن مان معلوم ٿو ٿئي ته ان ٻار کي لازمي  Erythroblast Osis Fetalis) ) جي بيماري هوندي.ڇاڪاڻ  توهان ۽  توهان جي Husband  جو بلڊ گروپ Negative  ۽  Positive ۾ ٿو اچي، اهڙيءَ صورت ۾ ٻار جي بچڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن،“ !!

 وڌيڪ قدرت جي وس ۾ آهي جيڪو قسمت ۾ لکيل هوندو“!!

ان پل اهو ٻڌي الاءِ ڇو هن کي پنهنجي نه هجڻ جو شڪ ٿيڻ لڳو هيو، ڪنهن کي تخليق ڪري خلقيندڙ بڻجڻ ڇا هن جي قسمت ۾ نه هيو، هن ڪيڏو نه سوچيو هيو ان باري ۾، الاءِ به ڇو هن کي پنهنجي قسمت کان وڌيڪ پنهنجي مڙس تي ڪاوڙ آئي هئي، جنهن ئي  ته شادي کانپوءِ هڪ ڀيرو چيو هيس:

 ” مونکي ٻار بلڪل به نه وڻندا آهن، منهنجي دل چاهيندي آ ته مونکي اولاد نه ٿئي ۽سڄي زندگي اسان ائين ئي هڪٻئي سان پيار ڪندا رهون.“

اڪيلائپ، خاموشي، سانت، جيڪي هرپل پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندي آ، هن پوري گهر ۾، ۽ گهر جي هر خالي ڪمري ۽اداس شين ۾،

هن کي خبر آ ته سوچون ئي آهن جيڪي هن سان ڳالهائينديون، هن سان لڙڪ ۽ ٽهڪ شيئر ڪنديون آهن. اڪيلائي مان ڪڍي هن کي سهارو ڏينديون آهن ۽ هڪ عجيب دنيا طرف وٺي وينديون آهن.

هوءَ هينئر به اڪيلائپ ۽ خاموشي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ سوچن کي پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ ٿي چئي،

هن کي ياد آ، شادي جي ٻئي سالگره کان ڪجهه وقت پهرين، هن هاسپيٽل جي آپريشن ٿيٽر ۾مئل ٻار کي جنم ڏنو هو، ۽روئيندي رهي هئي، جيستائين روئي سگهي هئي، ان پل به مڙس جو چيل ساڳيو جملو هن جي دماغ ۾ ڦرندو اندر کي چيريندو ٿي ويس، هوءَ نه چاهيندي به الاءِ ڪيترا ڀيرا ان جملي جي زهر جو ڍڪ پيئندي ٿي وئي ۽ فضول هجڻ جواحساس هن جي اندر ۾ پنهنجي وجود لاءِ نفرت جوپاڻي ڀريندو ٿي ويو، هو اندر ئي اندر وڃائجندي ٿي وئي، پنهنجو پاڻ کان.

” مان وڃائجندي ٿي وڃان، پنهنجو پاڻ...... ڪجهه به ته نه رهي آهيان، پاڻ کان نفرت منهنجي وجود کي کائيندي ٿي رهي، ڇو آهيان؟ ڇا لاءِ آهيان، ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي، نه ئي ڪو ڪارڻ ٿو نظر اچي،جنهن جي ڪري پاڻ سان ڪجهه محبت ڪري سگهان.....“

سوچيندي ٿي رهي،ڪچن مان اٿندڙ دونهون هن کي پاڻ جيان ڪجهه به نه هجڻ جي ثابتي ٿو ڏيندو رهي.

 هوءَ ساڳئي ريت غور سان سان سوچيندي ٿي رهي. ” منهنجو خلقڻهار بنجڻ خدا لاءِ ايڏو مهانگو ڇو!؟؟ مون ته صرف پنهنجن پيرن ۾ جنت پئي پيد ڪرڻ چاهي، پر مون کي ڪهڙي خبر ته صرف ان هڪ اڻ پوري چاهت  جي بدلي منهنجو سڄو وجود ئي دوزخ بڻجي ويندو، منهنجو ته سمورو وجود ئي ان دوزخ جي باهه ۾ سڙندو ٿو رهي، ايڏي وڏي سزا بنا ڪنهن ڪارڻ جي!! آخر ڇو؟؟ ڪهڙي آڌار تي.؟؟ مان ته شايد عورت به نه رهي آهيان، واقعي به مان عورت ڪٿي آهيان..... مان جڏهن ڪنهن تخليق کي پنهنجي وجود مان حلقي نٿي سگهان، مون کان ته عورت جي هجڻ جو حق به کسيو ويو آ، بنا ڪنهن ڏوهه جي.

بنا ڪنهن ڏوهه جي مون کي جنت مان ڌڪاري دوزخ ۾ اڇلايو ويو آ، ان دوزخ جي باهه ۾سڙيل پنهنجو وجود مان ڪنهن کي ڏيکاريان...... پنهنجا گم ٿل سمورا لفظ مان ڪٿي وڃي ڳوليان، مون کي اها پڪ آ، ته مان پنهنجو پاڻ کي عبادت ڪرائڻ جي لائق نٿي بڻائي سگهيان، پر ان جي باوجود به مان پنهنجو پاڻ کي ته پوڄي ٿي سگهان،  جيئن صدين کان بنا ڪنهن به آڌار جي نه چاهيندي به پوڄيندي آئي آهيان، هر عورت جيان!

” توهان پنهنجي وائيف جو خيال رکجو، هن کي پنهنجي ٻار جي ڊيٿ جو گهرو شاڪ پهتو آ.“ ساڳئي ئي گائينا ڪلاجسٽ جو چيل جملو کيس ٻار ضايع ٿي وڃڻ جي ثابتي ڏيندو ٿو رهي، هو ڪجهه به سمجهي نٿي سگهي! پر  ساڳيو جملو هن جي ذهن ۾ نفرت ڀريندو ٿو رهي.

”مون کي ٻار بلڪل به نه وڻندا آهن“

”ڪاش اولاد نه ٿئي ۽ اسان سڄي زندگي اڪيلا.... اڪيلا...ا....ڪ....ي...لا.....

الاءِ ڇو انهن لفظن کي هن ان ئي پل پنهنجي اندر ۾ لهندي محسوس ڪيوهو، پنهنجو پاڻ سان ڪيڏو ڳالهائڻ جي باوجود به اڪيلائپ کي پاڻ کان الڳ ڪري نه سگهي هئي، آئينو به ته هميشه هن کي تنها هجڻ جي ثابتي ڏيندو رهيو آهي، هميشه آئيني ۾نظر ايندڙ بلڪل به تنها خاموش عڪس ڪيڏونه چاهيو اٿائين ته پاڻ کي اڪيلائپ جي اونداهي مان ڪڍي، ڳالهين جي چانڊوڪي ۾ بيهاري، پر سمورا لفظ هن پنهنجي سوچن تي خرچ ڪري ڇڏيا آهن،

” ڪجهه به ته ناهي منهنجي اندر ۾ يا هن جي زندگي ۾ عورت هميشه ائين ئي رهي آ، گهٽيل، هيسيل، پنهنجو پاڻ کان اجنبي! آخر مان ڇو پنهنجو پاڻ کي ايڏو مظلوم ۽ تنها ٿي سمجهان. سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود به، ساڳئي ئي گائناڪلاجسٽ وٽ سوچيندي ٿي رهي آ،

” ڊاڪٽر، مون کي ائين ٿولڳي ڄڻ مان آهيان ئي نه، پنهنجو پاڻ کي مان محسوس ئي نٿي ڪري سگهان، ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجو صرف وجود آ، اهوبه ڪنهن ٻئي جي استعمال لاءِ ..... شايد انهي ڪاڻ جيئان ٿي يا جيئڻ جي پنهنجي اندر ۾ سگهه پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪندي رهان، پنهنجي Husband سان گڏ پنهنجي زندگي سان ايڏي وڏي ڪمٽمنٽ،آخر ڇو؟ صرف نڪاح تي سائن جي بدلي ايڏي وڏي سزا!

” ۽ جڏهن کان ڪجهه به نه هجڻ جو احساس ٿيو اٿم نه؟ تڏهن کان ئي ائين سوچڻ لڳي آهيان، الاءِ ڇو ٿي سوچيان ايڏو فضول ڪجهه به ته سمجهه ۾ نٿو اچي، آخر ائين ڇو ٿو لڳي ته مان وڃائجي وئي آهيان، پنهنجو پاڻ کان ...... ۽ ڪڏهن پاڻ کي ڳوليندي بلڪل به ختم ٿي ويندس، مون وٽ سڀ ڪجهه هوندي به حقيقت ۾ ڪجهه به ناهي، مان ته هڪ ڌڪاريل عورت آهيان، منهنجن پيرن مان جنت کي زوري جدا ڪري، منهنجي سموري وجود کي دوزخ ۾ اڇلايو ويو آ، مان نه پنهنجي نه ئي ڪنهن ٻئي جي عبادت ٿي ڪري سگهان، ۽ نه عبادت ڪرائي ٿي سگهان  ۽ نه ئي جي ٿي سگهان ۽ نه....

”توهان ڪنهن سائيڪاٽرسٽ کي ڏيکاريو.“

” سائيڪاٽرسٽ کي!“ ڇرڪ، خوف، انديشا، پڇتاءُ..  ” ائين آخر ڇو ٿيو؟.“ ” مان آخر ڇو پنهنجو پاڻ کي رحم قابل ٿي ٺاهيندي وڃان؟“ آخر ڇو ٿي چاهيان ته ٻيا مون تي ۽ منهنجي زندگي تي رحم کائن، نه چاهيندي به هٿرادو  همدردي ڏين؟“

 توهان ڪنهن سائيڪاٽرسٽ کي ڏيکاريو.....“

” ڇا واقعي چري ٿي وئي آهيان، يا ٿيندي ٿي وڃان!؟؟ يا ٿي نه وڃان!“

هن کي ياد آ.

شادي جي ٻئي سالگرهه هن پاڻ نه ملهائڻ چاهي هئي، نه ته هن جي مڙس ڪيڏو نه چاهيو هيو پوئين سال.....سالگره به ساڳئي ريت ملهائجي، پر هن ته ڪجهه به نه پئي چاهيو، خاموشي سان ته ڄڻ هن نڪاح ڪري ڇڏيو هيو، هن ڪڏهن به نه پئي چاهي زوري خوشي حاصل ڪرڻ!

بس ڪا سچي خوشي حاصل ٿئي هن ته صرف اهو پئي چاهيو، ان انتظار ۾ هر هٿرادوخوشي حاصل ڪرڻ کان انڪاري هئي، شادي جي ٽئين سالگرهه ان کان پوءِ چوٿين ۽ پنجين، هر سالگرهه جو ڏينهن بنا اجازت. هن جي اندر  ۾ ڪجهه به احساس پيدا ڪرڻ کان سواءِ گذرندو ويو هيو، ڪا به ته سالگره هو پهرين سالگره جيان ملهائي نه سگهي هئي. چاهيندي به.

منجهند جي ماني پچائيندي، ڪچن کان پنهنجي باري ۾ پڇندي ٿي رهي، پر ڪچن ۾ پيل سموريون ڄاتل سڃاتل شين کي خاموش ڏسي، پاڻ به خاموش ٿي وڃي ٿي، اهوئي خاموشي جواحساس پاڻ سان گڏ پوري گهر ۾ محسوس ٿي ڪندي رهي.

بيڊ روم ۾اچي ڪجهه ڳالهائڻ ٿي چاهي.

” ٻڌ منهنجو ڪتاب مليو؟“ هن جو مڙس تازي اخبار بند ڪندي هن کان پڇي ٿو،

” ڪتاب....... جي .. نه  !“

”ڏس توکي ڪالهه به چيو هيم، توکي ته خبر به آهي ته مون کي پنهنجا ڪتاب سڀ کان وڌيڪ پيارا هوندا آهن، ۽ مان ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن ڪتاب جو وڃائجي وڃڻ برداشت نه ڪري سگهندو آهيان، مون کي ڪتاب کپي پنهنجو.“

هوبيڊ تان اٿي ٿو ۽ بيڊ جي سامهون لڳل بوڪ شيلف مان ڪتاب ڪڍي ڏسندو ٿورهي.

” ڏس هن گهر ۾ٻيو ڪير آ، اسان ٻنهين کانسواءِ ۽ ٻيو اسان وٽ ڪوئي اچي به ته نٿو، ڪتاب آخر کڻي ڪير ٿو سگهي.....؟ اتي ئي ڪٿي پيو هوندو، تون ڳولڻ جي ڪوشش ڪجان ٻيهر به.“

هوءَ هاڻي ان ڪتاب لاءِ سوچيندي ٿي رهي، هن کي ڪتابن کان سخت نفرت آ، جن ۾ موجود خاموش لفظ پنهنجو جادو ڏيکاري هن جي مڙس کي وندرائيندا رهندا آهن، پر تڏهن به هو هينئر انهيءَ ڪتاب لاءِ سوچيندي ٿي رهي،هن کي صرف اهو ياد آ، ته اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ هن ساڳيو ڪتاب کڻي ڏٺو هيو، پوءِ الاءِ ڪٿي رکي ڇڏيو هئائين، وڌيڪ هن کي ياد ڪونهي، هوءَ چاهيندي به وڃائجي ويل ڪتاب لاءِ ڪا به يادگيري پنهنجي ذهن ۾ آڻي نٿي سگهي.

منجهند جي ماني وقت ڊائننگ ٽيبل  تي بلڪل به ويجهو ويهي، ڄڻ هڪ ٻئي کان شرمائيندا خاموشي سان ماني کائيندا ٿا رهن، خاموشي پوري گهرسان گڏ ٻنهين جي چوگرد چوڪيداري ڪندي ٿي رهي، صرف ٽيبل تي پيل چمچا، پليٽون هڪٻئي سان ڳالهائيندا ٿارهن ۽ سندن خاموشي تي عجيب طنز مان پليٽن تي لڳي کڙڪندي مرڪندا ٿا رهن.

فيروز

هڪ  اداس خواب جي پڄاڻي

      روز جيان ڪمري ۾ اچي در جي ڪنڊي چاڙهي ڀر ۾ ويهي رهيو ۽کيسي مان پنو ڪڍندي چيائين، ” تون واحد ماڻهوآهين جنهن کي مان پنهنجا ذاتي خط پڙهائيندو آهيان.“

ڪجهه ڏينهن کان هن ڏي عجيب قسم جا خط اچڻ لڳا هئا، رومانس جي مس ۾ ٻڏل خط،، ڪا ڇوڪري هئي جنهن ڏانهس هر روز خط لکڻ پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيو هو،ڪ مون زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙو خوش ماڻهونه ڏٺو هو، جيترو هو هنن ڏينهن ۾ نظر اچڻ لڳو هو، جيئن ڪو ٻار راندڪو ڏسي خوشين کي پنهنجي پلڪن ۾ ڇنڀڻ لڳندو آهي،تيئن ئي خط پڙهڻ سان سندس اکين منجهارا خوشين جا ڪيئي چنڊ اڀري پوندا هئا، ڄڻ لفافي ۾خط نه پر ” ڪيڊيري“ جون ٽافيون ڀريل هونديون هيون، جنهن جي چوسڻ سان سندس چپن تي مرڪن جا نرم گداز جسم رقص ڪرڻ لڳندا هئا.

ڪنهن ٻئي ته ڇا پر پاڻ به پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪو اتفاقي خواب ڪونه ڏٺو هئائين ته ڪو هن ڏانهن به خوشبو ڀريا خط لکي سگهي ٿو.

هڪ اڳي ئي شڪل شبيهه جو ڪوجهو  ٻيو ڪپڙن کي کيسا وجهرائيندو نه هيو، ڀلا وجهرائي به ڇا جي لاءِ..... خالي کيسن کان ڀلو آهي ته ماڻهو مورڳي ڪپڙن کي کيسا وجهرائي نه.

جيتري قدر سندس شخصيت جي ڳالهه آهي ته ان ۾ اهڙي ڪابه خوبي ڪونه هئي. جنهن جي ڪري ڪا ڇوڪري کيس پنهنجي پرس ۾ پنهنجي ڪاسميٽڪس سان گڏ کڻي هلڻ لاءِ تيار ٿيوڃي، پر منهنجي ان راءِ جي ابتڙ ڇوڪريءَ کيس خط ۾ لکيو هو،” ڊيئر جيئن مان زندگي ۾ ڪڏهن به پرس کڻڻ ناهيان وساري سگهي، ساڳي ريت تون مون سان هميشه گڏ رهندين مان توکي ننڍڙي آئيني جيان پرس منجهه رکندس ۽ جتي به مون کي وڻندو تومنجهه پنهنجو چهڙو ڏسي وٺندم ۽ پنهنجي وارن کي سنواري سگهندم.“

مون کان وڌيڪ کيس پاڻ کي حيرت هئي ته آخر ڇوڪريءَ سندس اکين ۾ اهڙي ڪهڙي شيءِ ڳولهي لڌي هئي جوانهن جو ذڪر ائين ڪندي هئي ڄڻ سندس چهري تي اکيون نه پر ڪي ڊائمنڊ لڳل هجن.

جيتري قدر مان هن جي اکين کان واقف آهيان ته اهي مون کي سدائين ان سڪل، ٺوٺ ۽ ڏرا ڏنل چپن جيان لڳنديون هيون جن صدين کان وٺي پاڻي جو ڍڪ نه ڏٺو هجي.

اڪثر مون کي لڳندو آهي نه هو جانڊس جومريض آهي، پر هن جي چوڻ موجب ته سندس اکيون سائي جي ڪري ائين نه هيون، بلڪ اها ساواڻ خوابن جي سرد لاشن جي هئي.

هڪ خط ۾ سندس محبوبه لکيو هو ته،”ڊيئر تنهنجو اکيون ايتريون ته خوبصورت آهن جودل ٿي چوي ته ڪنهن سوناري کي ڏئي ان منجهان مان پنهنجي ڪنن جا ايرينگ ۽ نڪ جي ڦلي ٺهرايا.

البت هاڻي سندس اکين ۾ رونق ٿورو مرڪڻ لڳي هئي، سندس سايون اکيون ڪاريون ٿيڻ لڳيون هيون، ڄڻ هن پنهنجن نيڻن مان خوابن جي سرد ٿي ويل لاشن کي کڻي ڪنهن شمشاد گهر۾ چتا تي چاڙهي ڇڏيو هو، ۽ انهن لاشن جي خاڪ ڪنهن سرمي جيان سندس اکين کي سهڻو بڻائڻ جا جتن ڪري رهي هئي، چيم، ”يارتنهنجن نيڻن مان خوشبو ٿي اچي.“

 چيائين،” اها خوشبوءِ خوابن سجي سڙيل لاشن جي خاڪ جي آهي.“

پنهنجي اکين ڏانهن سان اشارو ڪندي چيائين: ” ڏس يار منهنجواکيون واقعي خوبصورت آهن نه؟“

چيم ” دوست جيڪي اکيون ڪنهن وينگس جو آشيانو هجن اهي هميشه خوبصورت ئي هونديون آهن، پر انهن اکين کي ڏسڻ نه گهرجي، انهن اکين کي چمڻ گهرجي، “ چيائين، ” چمڻ جو حق ته صرف هن کي آهي...................

منهنجي اکين ۾ ڪا باهه ٿي ٻري يار...... دل ٿي چوي هو جلدي پنهنجي چپن جي الاڻ سان اچي ان باهه کي اجهائي.“

چيم: ” اها باهه ته محبوبه پنهنجي آشياني ۾ ماني پچائڻ لاءِ ٻاري هوندي ڇو ته بورچيخاني کان سواءِ آشيانا نامڪمل هوندا آهن.“

هو ٿورو مرڪيو ته اڇي اجري مرڪ سندس ڪارن بادلن جهڙن چپن تي ڪنهن کنوڻ جيان کلي پئي اها مرڪ جيڪڏهن موناليزا جي چپن تي اڀري ها ته سندس چپن کي باهه لڳي وڃي ها، هن جي مرڪ مون کي ان ڪري به متاثر ڪيو جومان زندگي ۾ کيس پهريون چڪر مرڪندي ڏٺو هو.

چيم: ” اهڙو مرڪڻ ڪڏهن کان سکيو آهين؟“

چيائين: ” اها مرڪ سان سندس خطن منجهان چورائي آهي.... جيڪي لفظن سان نه پر مرڪن سان ڀريل هوندا آهن.“

 چوندا آهن ته ماڻهو پنهنجي فطرت کي تبديل ڪري ناهي سگهندو، پر هوسرپا تبديل ٿي ويو هو وارن جي اسٽائيل کان وٺي پير جي بوٽ ۽ جورابن تائين هن پاڻ ۾ تبديلي آڻي ڇڏي هئي، هر خط سان سندس وارن جو اسٽائيل تبديل ٿيڻ لڳو هو، ڄڻ هوءَ هر خط ۾ کيس نئون ڪو هيئر اسٽائل اماڻيندي هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20   
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com