سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :15

” سائين......“ بلاول ڪجهه چوڻ چاهيو.

” بس ڪر ڙي، ڪنهن ڇڙٻ ڏنيس.

” ٺيڪ....... آ“ ڪرسي تي ويٺل جج چيو، ايتري ۾ صوبيدار شريف لالان کان ٻن ٽن ڪاغذن تي آڱوٺا هڻائي ورتا، ۽ کيس ٻاهر وٺي آيو، ٻاهر پوليس وارن وٽ کيس ڇڏي هو وڏيري عارب کي اندر وٺي ويو،جتي وڏيري عارب جج آڏو لالان جي مڪمل حفاظت ۽ ڪو به جاني نقصان نه پهچائڻ جو قسم نامو صحيح ڪيو.

اوچتو هن جي نظر ميرل تي وڃي پئي،

” ادو.....هتي“ سوچيائين.

” متان دوکو کاڌو اٿم“ دل ۾سوال چڻنگ وانگر لڳس.

” نه نه...... خير ،ماسي ويچاري...... رڳو ججهه وٽ پڄان“دل کي دلاسو ڏنائين هن جي دل چاهيون ته هو ميرل سان ڳالهائي ننڍڙي جو پڇي، پاڻ تي وهيل وئيلن جو ٻڌائي پر ان کان اڳ صوبيدار شريف ۽ وڏيرو ٻاهر آيا، ۽ لالان کي صوبيدار جي اشاري تي جيپ ۾ وهاريو ويو.

ٻنهي جي منهن تي مرڪ هئي، هو هاريل بازي کٽي ويا هئا، جمين وارن جا پئسا ۽ وڏيري جي ڊوڙ ڊڪ صوبيدار شريف جو پکڙيل ناٽۡ... سڀ سجايا ٿي ويا هئا، جيپ اڄ ٿاڻي ڏي ڪانه ويئي پر سڌي اچي، لالان جي اباڻي ڳوٺ پهتي ۽ سندن اصلي گهر اڳيان بيٺي، لالان حيران ٿي وئي،

” جمان! هي تنهنجي امانت.....“ صوبيدار شريف کلندي چيو.

۽ جمون صوبيدار جي پيرن تي ڪري پيو، پوئين جيپ مان وڏيرو عارب دودو ۽ ٻيا همراهه لٿا، وڏيرو صوبيدار سان ڀاڪرين پئجي ويو.

”اهو خيال رکجئو ته ڇوڪري جو ڪو به نالو نه وٺي، هٿ به سنئون نه ڪجئو، وڏيرو پاڻ ضمانت ڏيئي آيو آهي،متان وڏيري جو به سر وڃايو ته پنهنجوبه“صوبيدار ڪڙڪ ٿي چيو.

لالان گم سم، حيران حيران ته هي ڇا ٿي ويو، ڇو ٿي ويو؟؟؟ پڻس ٻانهن کان جهلي جيپ مان هيٺ لاٿس ۽ ماڻس سهارو ڏيئي کيس گهر وٺي آئي، هو ايندي ئي گهر جي راڳيل پٽ تي ڪري پئي، تپن جا هڙه چڙهي ويس ۽ سندس ذهن هڪ ڀيرو وري به اوندهه ۾ وڃائجي ويو هو غش ٿي ويئي، پر ڪنهن به سندس پرواهه نه ڪئي،

رات جو سڀئي اچي گڏ ٿيا، رڳو چاڪر جي آڪهه ڪانه آئي.

” ادا آن پان جي همت ڪري ڏسي پر هاڻي مائي کي گهر راهڻ چڱو ڪينهي، ڪٿي نه ڪٿي بلو ڪري ڪريوس روانو“ ميرڻ چيو.

” چاڪر جو ڇورو ته صاف جباب ڏيئي ويو، مرڳو هنن اها ڪني ماني به ڇڏي ڏني هاڻي ڪو پوڙهو ٺوڙهو ڳوليو“پيرو ڀڻڪيو.

”ابا اکين ڏٺي مک ڪيرٿو ڳڙڪائي“ علڻ چيو.

”هن راڄ ۾ ته اميد ڪانهي، باقي لاڙ واري مائٽي پڇايو“ جاڙي صلاح ڏني لالان کي هر ڪوايئن پيو ڏسي ڄڻ ڪا بيماري اچي ڳوٺ ۾ پئي هجي، هر ڪو پاسو ڪريو وڃي سڄي راڄ جي عورتن مردن جمين جي گهر کان پاسو ٿي ڪيو.

هن مان قسمت ائين هٿ ڪڍي ويندي اهو ته هن سوچيو به نه هو،اڄ کيس خبر پئي هئي ته پيار پيار ناهي مڇي جو واپار ٿي ويوآهي، جنهن لاءِ رت جارشتا ٽوريا، در در ڌڪا کاڌا عزت وڃائي تنهن ئي منهن مقابل بيان ڏيئي کيس ڦاسيوٻيوته ٻيون ننڍڙي اشرف ڏانهن به ڪو نه ڏٺائين هاڻي هو ڪنهن تي ميار ڏي، ڪنهن تي ڀروسو ڪري،

هن ميرل جي انهي انديشي کي به رد ڪري ڇڏيو ته متان ڇوڪري سان دوکونه ٿيو هجي، مٿس تشدد نه ٿيو هجي، هن ميرل جي پيل ڪرڻ واري رٿ به نه قبولي ۽محبت جي موٽ ۾ ملندڙ چئن سالن جي سخت پورهئي سان ٽيپ کي اکين تي رکي بنا ميار بنا شڪايت جي جيل هليو ويو ۽ويندي ويندي ميرل کي هن رڳو اشرف جي پارت ڏني،

محبتن جو ادائون به عجب آهن کلائڻ تي اچن تي خوشي جهول ۾ پوري نه ٿيئي، روئارڻ تي اچن ته ماڻهو واٽن جي دز بنجيو پوي، يا ڇڻيل پن،لتاڙ ۾، هوائن آڌار.

پندرهن ڏينهن اندرلالان جونڪاح وري اڌڙوٽ نبو سان ٿي ويو، ڪنهن به اهو ڪو نه چيو ته نڪاح مٿان نڪاح نه ٿيندو، ڳوٺ جو ملان صالح به چپ رهيو،هن نڪاح ۾ به نه ميندي لڳي نه موڙ ٻڌا، نه کنبهار ڍڪيا، نه پڻس مٿي تي هٿ ڏنس،باقي ماڻس روئي برابر موڪلايس، دودو ته هن جي اچڻ واري ڏينهن کان ئي گهر ڪو نه آيو هو سو هن جي وڃڻ پڄاڻان گهر۾ گهڙيون ۽لالان پيءُ کان وڏي نبوسان نڪاح مٿان نڪاح پڙهائي مقدر تي ماتم ڪندي، پٽ جي وڇوڙي ۽ پيار جي ميار ساڻ کڻي اچي لاڙ پهتي. نبو اڳ ئي ٻه زالون ماريو ويٺو هو، سر مسافر هو، نه اولاد نه وارث مڙهي ماءُ هئس يا، بک....... ٻيو خير، جوڙو ڍڳن جو به سرڙيائپ تي پرايو، پر جمين تي هن جو به احسان هوته هن ڪني مڇي قبولي لالان سان نڪاح ڪيو هو، دودي ته هن جو منهن نه ڏسڻ جو قسم کڻي ڇڏيوهو.

باقي ماڻس پڻس سال ڇهين مهيني پيا ايندا  هئا يا ويندا هئا باقي مائٽن ڏي لالان جووڃڻ مرڻي پرڻي بند هو، مٿس سخت چوڪسي هئي ته متان ڪٿي آپگهات نه ڪري يا وري نه ڀڄي وڃي.

لاڏين ڪوڏين به پرڻجي ڪانه آئي هئي جو کٽ چاڙهي کارائينس ها، ٿوري هٿيڪي هئي سو سڄي گهرجو لوڙهي مان ڍينگ گهريون پٽي باهه ٻارڻ، نيرن پچائڻ، گهيڙ تان پاڻي ڀرڻ، ٿانو ملڻ، ڍڳن لاءِ گاهه ڪرڻ لاءِ ڳوٺ وارين لسي لپ يا مرچن سان ماني کائڻ کانپوءِگاهه جي ڪتر ڏينهن رات جي سان جڻ مٿان نبو جي ڦٽڪار ۽ وقتي وقتي مار هن جو مقدر بڻجي ويئي.

۽ پوءِ سالون گذري ويو...... ڦٽ ڇٽا نه هئا ته به ڪڙيون ضرور ٻڌي ويا هئا، هرهر چڪندا ڪو نه هئا.....

” اڄ لولو ڪو نه پچندو ڇا؟“ نبو جي هڪل ٻڌي هو خيالن جي جهان مان ڇرڪ ڀري جاڳي پئي مينهن الاءِ چلهه ۾ ڦوڪون ڏيڻ لڳي.

........ پوءِ وري به الاءِ ڪيترا ڏينهن گذري ويا، ڪيترا سج لٿا اڀريا جن وقت جو حساب ڪيو تن چيو پنج سال لنگهي ويا.

اڄ لاڙ جي لال سمن سرڪار جي درگاهه جو پهريون جمعون هو، هر چنڊ جي پهرئين جمع تي اولياءَ جي درگاهه تي چڱو خاصو ميڙو مچندو هو،سمن سائين جا ته چار ئي جمعان ميڙو، پر پهريون جمعو ڀرپور لڳندو آهي،اتر، لاڙ، ٿر وچولو، ڪوهستان ويندي بلوچستان ۽ پنجاب جا ماڻهو به زيارت لاءِ ايندا آهن خميس ڏينهن صبح ساڻ سڀ رستا ماڻهن کي درويش جي مقبري ڏانهن وٺي ويندا آهن.

عورتن مردن ٻڍن ٻارن سان ميدان چڪار ٿي ويندو آهي ۽ جڳ  جهان کي اهابه خبر آهي ته سرڪار جي درگاهه تي ست جمعا ۽ ڪڪڙ باسجي ته دل جي مراد تڙي کڙي ملي، پاڙي مانڇوري جنان مڙسس ڦتو ۽ حرمت سنبريا، ڪڪڙ ديگڙا چانور، رڌ پچاءَ جو سامان ساڻ کنيائون گاڏي جي ٺانٺي ۾ٻه ٽي رليون وڇائي ٿيا روانا، پنڌ پرڀرو هو، سو صبح ساڻ روانا ٿيا ته وچين ڌاري مس اچي پهتا، روضي جي ڏاکڻان، نم جي وڻ هيٺ اچي پاٿاري ڪيائون، شام ٿيندي ٿيندي سڄو ميدان اندر ٻاهر ماڻهن سان ڀرجي ويو، ماني ٽڪي کائي واندا ٿيا،هر ڪو گهمڻ ڦرڻ ۾پورو، نه ڪا جهل نه ڪا پل، شيدڻين جا سهرا ۽ امبڙو فقير جي دهل تي وڄايل وهه ول ميدان کي ٻرائي ڇڏيو، ڇلن منڊين ۽ رانديڪن جي دڪان تي پيهه پيهان.

سرڪار جي پڙ ۾ ڪير دل ۾ بي ايماني آڻي؟ وس آهر ته هر ڪو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ۾، پر پري صورتن جا بي حجاب جلوا، سرخين پوندڙن ڪجلن سان سينگاريل صورتون ڪنهن ڪنهن ويل ايمان وارن جي دلين ۾ ڌڪ ڌڪ مچائي ٿي ويا.

 پر لالان کي سورن ايڏو ته ساڻو ڪري ڇڏي هو جوسندس دل تي نه ته نظارن جو اثر ٿي پيو نه نيزارين جو، تنهن هوندي به جيئرو ساهه دنيا کان ڌار ته نٿو ٿي سگهي، سو جنان جي زور ڀرڻ تي هوبه ساڻس گڏ گهمڻ هلي.

مڙس پنهنجي منهن، هرڪنهن کي اهو ڀروسو ته جي ڪنهن بي ايمان ميري اک ڪئي ته اولياءِ پاڻهي پڄندس،سو سڀ اختيار درويش حوالي ڪري هوبه آزاد هئا هو به هلنديون ڏسنديون آيون ننڍڙن ٻارن جون ٽوليون رانديڪن ڦوڪڻن ڦٽاڪن جي دڪانن تي.... اوچتو لالان جي نگاهه ان ننڍڙي ٻارڙي تي وڃي پيئي جيڪو منياري جي دڪان تي ٻين ٻارن سان گڏ رانديڪا وٺي رهيوهو.

ڀرتيل سنڌي ٽوپي، آڏي ڳچي وارو پهراڻ، اڇي سٿڻ، ٻارڙو،ايڏو ته سهڻو هو، جهڙوڪر .... هو بيهي رهي .

” جتان! هو ٻارڙو ته ڏس ڪيڏونه سهڻو آهي“ لالان چيو.

” هائو ادي! سمن سهڻو شل مائٽن کي بشڪي بچائي ڏي“ جنان چيو.

” منهنجو اشرف به هاڻي ايڏو هوندو“  لالان جي دل ۾ چهڪ اچي ويو،اکين ۾لڙڪ تري آيس،ٻارڙو رانديڪو وٺي وريو، ۽ هو نم جي وڻ هيٺان بيهي هن کي ڏسڻ لڳيون،جنان هن جي راءِ تي بيهي رهي هئي، هو ڀر مان اچي لنگهيو ته لالان کان رهيونه ٿيو.

” ننڍڙا!.....“ لالان سڏيو ۽ ٻارڙو بيهي رهيو، ۽ حيرت مان هنن کي ڏسڻ لڳو.

”هيڏانهن اچ پٽ“ وري سڏيائينس، ۽ ٻارڙو ناز سان هليو آهي.

” تنهنجو نالو ڇاهي پٽ“ لالان هن جي گلابي ڳلن تي هٿ ڦيرايو.

اشرف....“ ٻار جواب ڏنو ۽ لالان کان ڇرڪ نڪري ويو، هواتيئي ويهي رهي، ۽ هن کي جانچڻ لڳي سندس جسم ڏڪاڻ لڳو،

”تنهنجا مائٽ ڪٿي آهن ابا“ هنجو آواز به ڏڪيو پئي،

” مان جي امڙ مڙي ويئي، مان کي چاچي امان پاليو آ..... مان چاچا ۽ بابا سان گڏ آيو آهيان...... مان جو بابا او هو پريئو اچي پيو ٿو... ننڍڙي چيو.

” اباڙي....“ لالان جي اندر مان لفظ سڏڪي نڪتو.

هن بي اختيار ٻار کي ڀاڪر ڀري چمڻ شروع ڪيو،ٻارڙو حيران ٿي ويو،گهٻرائجي ويو.

اوچتو ڪنهن جي هٿن هن کان اشرف کسي ورتو، هو ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان جاڳي پئي، سامهون بلاول بيٺو هو...... اڌ به ته نه رهيو هو، وقت کان اڳ پيري ڇانئجڻ لڳي هئي هن تي... پر اکين ۾ نفرت ۽ حقارت جا شعلا اڃان جوان هئس.

” هي اڃان ننڍڙو آ.... هن ۾ چار سال قيد ڪاٽڻ جي طاقت ناهي“ بلاول چيو ۽ اشرف کي وٺي هلڻ لڳو.

”اچ پٽ.....هي ڪا چري عورت ٿي ڏسجي“

 ” آئون تنهنجي ماءُ آهيان اشرف...تنهنجي ماءُ...... “ لالان چرين جيئان رڙ ڪئي.

” ڪوڙ ٿي ڳالهائي پٽ“ تنهنجي امڙ ته ڪڏهوڪو مري ويئي“ بلاول چيو،  ماڻهن جو درياءَ ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ بلاول اشرف کي کڻي هجومن نڪري ويو، هو يڪ ٽڪ ماڻهن جي درياءَ کي ڏسندي رهي، جنهن ۾ بلاول ۽ اشرف ڪنهن ڦڙي جيئان وڃائجي ويا هئا، اوچتو هن کي لڳو ڄڻ سندس دل کي ڪو مٺ ۾ جهلي ڀڪوڙي پيو، ۽ پوءِ هن جي ذهن ۾ دونهون ڀرجڻ لڳو..... گهٽ..... ٻوسٽ وڳارو دونهون هن کي چڪر آيو...... هوڪرڻ لڳي پر ڪنهن سنڀالي ورتس..... هن هڪ ڀيرواکيون کوليون.... نبوکيس جهليو بيٺو هو،........ ۽ پوءِ هن جو اکيون بند ٿينديون ويون،ائين جيئن ڏيئي مان تيل کٽڻ پڄاڻان وٽ وسامڻ لڳندي آهي پڙ کان ٻاهر ڪنهن موٽر جو آواز ..... ڄڻ ته ڪن پرديسي مسافرن کي کڻي پري ٿيندي پئي وڃي..... ڪا جيپ ڪا بس..... ڪا لاري زندگي جي لاٽ جيئان.

 

عزيز ڪنگراڻي

سڪيءَ تي سمونڊ

                    سانوڻي جي ڪڪر، اونداهي رات جي ڪاري رنگ کي وڌيڪ گهاٽو بنائي ڇڏيو آهي، ڪنهن ڪنهن مهل کنوڻ کنوندي رات جي ڪاراڻ ۾ ٽارچ ٻاري جائزو ٿي ورتو ته ڌرتي تي ڪو اڃايل مينهن جوآس وند آهي!؟ يا شايد اها پڪ ٿي ڪيائين ته ريءَ اجهي ڪرونڊڙو ٿي ڪو اجهي جي تلاش ۾ ته ناهي!!!؟ کنوڻ ٽارچ هڻڻ وقت ڪهڙو جائزو ٿي ورتو سا ڳالهه مبهم آهي پر سندس روشني رات جي ڀيانڪ وجود ۾ ڏاروجهي ٿي ڇڏيا گوڙ جي گونج مينهوڳيءَ جي ڀير تي ڏونڪ، لوٽي پلٽ مينهن جواطلاع، لڳي ٿوڄاڻ اڀ جو منهن درياهه وانگر کليو ۽ڪنڌي ڪناتار ٿي ويندي!

سدوري ، شام کان پريشان آهي ان ويل ويتر خوفائتي ماحول ۾پريشان ٿي وڃي ٿي، جنهن ويل گوڙ جي گونج پر سڪون ننڊ جي آغوش ۾ ستل ڪنڌي ۾ ڏهڪاءُ ڦهلائي ڇڏي ٿي،اڪيلائپ جي احساس ۾ وڪوڙجي پنهنجي ور ڪامل بابت سوچي ٿي.

      ڪامل گادي واري شهر ۾ نوڪري سانگي ٽڪيل آهي، جيڪو مهيني ماس اچي ڳوٺ پيار ورڇي وٽس سرهي سار ڇڏي ويندو آهي، هن ڀيري ڏهه پندرنهن اڳ آيو ۽اچڻ سان چيائين،” مونکي سرڪاري بنگلو مليوآهي، سڀ گڏجي هلي اتي رهون“ پر سندس پيءُ ڪيهر مخالفت ڪندي چيس ته ” نه پٽ! اسان جا ابا ڏاڏا.... هتي ڳوٺ ۾ دفن ۽ اسين اباڻا ڪک ڇڏي هلي سدائين لاءِ شهر ۾ رهون!! زماني جون گهڻيون ئي گهٽ وڌايوآهن.....ڳوٺجي مٽي ئي نصيب نه ٿئي سدائين هي تنهنجي نوڪري به نه  هوندي، وري به هتي ئي ورڻو آهي.“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو ڪامل هت هجي ها ۽ ڪاڪي ڪوڙي جي ڳالهه دل گوش لاءِ سڻي ها ۽ چاچي ڪيهر کي مڃائي ها.

دري مان ڪهي ايندڙ هوا جي اوچتي زوزاٽ تي سوچن کان واپس ٿي ڀر ۾ ستل ننڍڙي مرڪ ۽ ٻي کٽ تي ننڊ پيل عرفي تي نظر وجهي، در وٽان پيل کٽ تي اهليل ڪيهر ڏانهن نهاري ٿي ته ڪيهر پاسو ورائي کيس ويٺل ڏسي پڇي ٿو.

” ڌيءَ! خير ته آهي!؟

” ها .... چاچا....ننڊ نه ٿي اچي !!“

”ڪامل پٽ ياد...... آيو ڇا ڪنوار!!؟

” ڪامل ته هر گهڙي ياد آ...... پر ننڊ اٻ جي ڪري نهٿي اچي“

” دري منجهان هوا ته اچي پئي.... ڌيءَ.... پوءِ به اُٻ ٿي ٿينئي!!؟

” دريءَ مان هوا گهٽ ٿي اچي“

” پوءِ در به کولي  ڇڏ“

” نه ... چاچا...الائي ڇو.... سوڙهه ٿي ٿئي... ساهه تي!!“

” ٻاهر ...... مينهن جو خوف آ.... نه ته کٽون ٻاهر وجهو ها“

”ڏاڍو ٿو گجي“

ڌيءَ! جوگجندو آ.... سو وسندو نه آ...... پر دل جوخوف.

”کنوڻ کي وارو ڪونهي..... اڄوڪي رات رخ خراب ٿس“

” ٽيون ڏينهن کان پيو گجي.... وٺوئي ناهي....... وسي ته ڪاڇي جي ڪنڌيءَ ۾ ساهه پوي“

” وسي به خير جو .....چاچا ...گهڻو به عذاب آ “

”هيلهه زبرا مينهن پيائي ناهن ته عذاب ڪيئن اڻيندا!؟

” مون کي شام کان ڳڻتي آ..... چاچا.....آرام ڦٽي ويو آ“

” ڇو!؟ مون به سمجهيو ته ڪا ڳالهه آهي!“

” ڪاڪا ڪوڙي وارو نياپو هانءُ تي تور ٿي بيٺو آ“

ڪنوار!! کنوڻين تي به ڪڏهن مال ڪاهبوآ !“

”ڪاڪو ڪوڙ جهڙوناهي“

” هيلهه ايترا وسڪارا ئي نه ٿيا آهن جو تير ڀت ٽٽي!!؟

” سرڪار.... ڳوٺن ۾ پڙهو گهمايو..... تو پاڻ ٻڌو ...چاچا!!“

“” سرڪار... عوام لاءِ ته ڪندي...متان پاڻي اچي.. ۽اسان انهي متان تي لڏو کڻون!؟“

ڪاڪي ڪوڙي ، کي پڊ پيارا نه هئا جو..... ان، سامان ۽مال متاءُ ڪاهي هليو ويو“

”ڪوڙي ج ٿڙي ڪل جو سڪيءَ تي پٽيائين لڏو“

” چاچا.... نه به آيو....ته موٽي ايندو...... اسين به موٽي اچون ها..... ڪو سدائين ڪئمپن ۾رهون ها.....ڇا!؟“

” ڪنوارا!! توکي به ڪوڙي جو واءُ لڳو...شام کان ... يا ڳوٺ ڇڏڻ جو شوق اٿئي!“

”نه چاچا .... ڇا به سمجهين پر.... پاڻي کي ازغيبي طاقت آ.... جتان آيس اتان وهي هلندو.... اسان جو ڳوٺ به هيٺاهين ۾ آ.“

” تون الڪو نه ڪر...ا لله امن ڏيندو،سج اڀري..... پاڻي پڳو ته کڻي الهه توهار ڪبي!!“

” جي راتو واهه... اچي ڪڙڪي ته پوءِ!؟“

 ” پٽ پريشان نه ٿي – ڏس نه هينئر رات جو ڪيڏانهن نڪروءن!؟“

” مون شام جي ڳالهه ڪئي آ.............. چاچا !“

” سا ته گذري وئي..... موٽي ته نه ايندي ٻيو ته ڳوٺ وارا ٻيا به آهن.... اسان به انهن سئوان!!“

” ڪامل به نوڪري پويان.....آءُ زائفان....“

”تون...... خوف دل مان ڪڍ.... خير گهر....ڪنوار! ستن پيڙهين کان ٻوڏون اچن پيون........، اسان جو ڳوٺ نه ٻڏو هاڻ ٻڏندو!؟“

” چاچا..... رب رحم ڪندو.... پر ڊپ ٿو ٿئي...... تون پوڙهو مڙس.... ڦاسي نه وڃون“

اصل پڪ ڪيو ويٺي آهين ڪنوار!! مون کان ائين آنهه لاهيو ويٺي آهين“

 ”منهنجو اهو مطلب نه آهي“

”ته..... ڇا هي ڪنوار.... ڪامهل کان ويٺو چوان ته وهم نه ڌار.... رب سڻائي ڪندو... صبح ان ڳالهه کي ڏسبو.“ هينئر ماٺ ڪري سمهي پئو“ ڪيهر چوندي پاسو ورائي ڇڏي ٿو.

سدوري خاموش کٽ تي اهلي پوي ٿي، نه کنوڻ ۾ کوٽي ۽نه گوڙ گجگوڙ ۾ ڪمي،اهلي پوڻ کان پوءِ به ننڊ سدوري جي پنبڙين کي نه ٿي ڇهي، سجاڳ ئي آهي ته سندس ننڍڙي مرڪ جي روئڻ جو آواز ڪمري ۾ گونجي ٿو، سدوري ستي ئي پاسو ورائي ٿڃ ڏيڻ جي ڪريس ٿي پر مرڪ ماٺ نه ٿي ڪري جنهن تي ڪيهر کنگهندي، پاسو ورائي چويس ٿو:

” ماٺ ڪرائينس.... ڌيءَ“

” نه ٿي ڪري...... چاچا!!“

” ڇو ٿي روئي“!!“

”الائي .........!“ ؟

” ٿڃ ڏينس..... متان بک کان ٿي روئي“

” ڏني ٿمانس..... شام کان سک ناهيس“

”ڪو اهنج اٿس ڇا!؟“

” شايد... تڏهن ته ٿڃ به نه ٿي وٺي.“

” ڌيءَ.... تون ڏينس... ٿڃ جي چڳڙ تي آهستي آهستي ننڊ پئجي ويندي“

” جي .... چاچا“

سدوري مرڪ کي ٿڃ ڏئي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، مرڪ ٿڃ وٺندي رئندي هوريان هوريان خاموش ٿي وڃي ٿي، سدوري ستي ئي ڇت کي تڪي ٿي، ٻاهر گگهه اونداهي جي ڪري کيس بتي جي روشني به جهيڻي لڳي ٿي،ڪاڪي ڪوڙي واري نياپي الائي ڇو سندس سوچن جي پچرنه ڇڏي آهي،اندر ۾ اڻ تڻ سبب خود کي بتي جي وٽ وانگر سڙندي ڀانئي ٿي، سوچي ٿي ٻوڏ اچي وئي ته اوندهه ۾ڪيئن ڪبو!؟ مرڪ ۽عرفي ڪيئن ترندا!؟ ترڻ ته آئون  به نه ڄاڻان !؟ پروردگار ... رات جي وڳڙي ۾ تون ئي واهر ڪجان“ ڪيهر کنگهي ٿو ته مضطرب سوچن جي قبر مان نڪري اچي ٿي، ڪيهر کنگهندي سڏيس ٿو:

” ڪنوار“

” جي..... چاچا“

” مرڪ سمهي پئي!؟

”هيڪر ته اک لڳي وئي ٿس“

” ٻاهر .... شور  آهي يا منهنجا ڪن ٿا وڄن“

”خبر ناهي چاچا....“

” ڌيءَ.... ڏس.... ٻاهر ڪناءِ..... پاڻي ڍڪ به ڏينم“

” جي .... چاچا....!“

سدوري مرڪ کان آهستي سان ٿڃ ڇڏائي احتياط سان اٿي ٿي، رئو مٿي تي رکي پير گهليندي اچي دروازو کولي ٿي، دروازي کلڻ سان گوڙ گهمسان ٻڌندي سندس نظر بتي جي لاٽ تي چمڪندڙ ورانڊي ۽ ٿلهي تي پوي ٿي. جسم منجهانن دهراڙي نڪري ويس ۽ دهلجي دانهن ڪري ٿي:

” چاچا....!!!“

ڇا ٿيو ڌيءَ!!!“

! ورانڊو ۽ ٿلهو پاڻي سان ڀرجي ويو آ“

” چوين ڇا ٿي!!؟“

”سچ... چاچا!“

”مينهن وٺو هوندو“

” ورانڊي ۾ مينهن وٺو “

”ڪٿان ڇت ٽمي پئي هوندي“

”ايترو ٽمي .....! ! ورانڊو  ڇڇر جي ويو آ “

”بيهه ته آءُ ڏسان...مولا مهرڪندو“

ڪيهر تڙ تڪڙ ۾ اٿي ٿو، پٽڪي جا ور به مٿي سان مڙئي ويڙهي سيڙهي ٻاهر نڪري ٿو، ورانڊوگذري ٿلهه تي پهچڻ سان گهٻرائجي چوي ٿو:

” ڪنوارا...... ڳوٺ ۾ ٻڙ ڌول آ..... واقع مينهن ناهي...اونداهي ۾ به چوڦر اڇ  ئي اڇ ٿي لڳي“

” نه نه !!“

” ها..... ڌيءَ.... شايد آفت اچي وئي“

” مون ته سج لٿي کان منٿون ڪيون.... چاچا“

” حوصلو نه هار...... مهل اڃان به نه وئي آ“

” انڌاري رات ۾ ڪيئن ڪنداسين!؟

” وقت نه وڃاءِ ڪنوار..... مرڪ کي کڻ.... آءُ عرفي .... نڪر ته نڪرون!!“

” ۽ گهر ......!؟“

 ” اوڙاهه ۾پوي گهر ۽ سامان.... سر بچائڻ به غنيمت آ“

” ڪهڙي پاسي نڪرون ...... چاچا!؟“

” جامي سڳوري جو ٿلهو مٿي آ.“

” جامي سڳوري خود ڪچي آ.....“

”اسين ٿلهي تي ويهنداسين“

”اهو به ٻڏي ته .... پوءِ “

” ڇوڪري تون ڏي وٺ ڇڏ.....شايد تير ڀت ڀڳي آ ۽ بچاءُ بند به ڊهه سهي نه سگهيو آ،

” هينئر سمڪ آئي اٿئي چاچا!؟

” ڌيءَ.... عقل سک..... مصيبت مٿان اچي پئي آ..... طعنن مهڻن جو وقت ناهي“

” چاچا ..... هي پاڻي ڳوٺن جا ڳوٺ پائيندو ايندوهوندو..... جاميءَ.....“

” خدا کي مڃ ....سدوري ڌيءَ .... مرڪ کڻ!!“

ڪيهر جون متيون منجهي پون ٿيون، گهٻراهٽ ۾ سدوريءَ کي ڇڙٻيندي بنان دير گهري ننڊ جي ڀاڪرن ۾ ستل عرفي کي ٻک وجهي ٿو ته عرفي سجاڳ ٿيندي معصوميت ۽ ننڊ جي خمارن۾ پڇيس ٿو.

” ڇو...... ڏاڏا.......! ؟

” پٽ اٿ.....“

” هونهه... ڇا هي ڏاڏا!؟

” ڪجهه ناهي..... پٽ اٿ هلون“

” ڪا ڏي ...... سڏ ته سمهان.....“

” اچ .....هلون.... پوءِ ٻڌايان ٿو.... چريا!!“

ڪيهر چوندي کيس رهڙي ڪلهي تي کڻي ٿو، ٻاهر لوهه پائيندي، سدوري کي منجهي بيهندو ڏسي ڪاوڙ ۾ تپي وڃي ٿو ۽کيس ڇڙٻ ڏيندي چوي ٿو:

” ڪنوار...... تنهنجي مرضي ڇا هي..... آخر!!؟“

” هل....... چاچا....!!“

” اچ ...... بابا..... پاڻي اندرئين ڪمري جي چانئٺ ٽپي چڪو آ“

” اچان .... ته پئي...چاچا!!“

. هي بيهڻ ۽ منجهڻ جي مهل ناهي.... وارو ڪر.“

ڪيهر ٻاهرنڪري ٿو ته سدوري سندس ڪڍ،مرڪ کي سيني سان لائي نڪري ٿي،سدوريءَ جو من ڀرجي اچي ٿو، ورانڊي جي ڇڇر، ڇٻ ڇٻ ڪري اورانگهي ٿلهي تي اچن ٿا،سدوري لونڻو ڦيري اول جاءِ کي پوءِ ڪمري کي ڏسي ٿي، بتي جي روشني ۾ڪمرو چقمق وانگر ڇڪيس ٿو، پر ان پل مٿس مرڪ ۽ عرفي جو اونو ڄار اڇلي ٿو ته لڇندي گهر، سامان، ڳهه ڳٽا، سڀ ڪجهه وسري وڃيس ٿو، مرڪ روئي ٿي ته کيس پرچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ٿلهي تي پاڻي جو تيز وهڪرو ڏسي هيسجي ڪيهر کي چوي ٿي:

”چاچا ....... پاڻي ٿلهي تي ئي پير ڪڍيو ٿو وڃي ٿي:

” جلدي ڪر..... هيٺاهين اڪري.... جامي جي ٿلهي کي رسون“

” هٿن جا هٿ ٿو چڙهي..... شل رسون!“

. هر ڳالهه ۾ مايوسي ڇڏ، ڌيءَ تون هلندي اچ“

” پاڻي ظلم جو آ.... چاچا.“

” گڏ ٿي لٿو آ..... مون به عمر آندي آ...... تر ۾ ايڏي ٻوڏ نه ڏٺم نه ٻڌم،

” ٺپ اونداهي آ.... هٿ نه ٿو لهي هٿ کي.... چاچا“

” برابر ....... پر جئدان لاءِ هٿ پير هڻڻا آهن نه !!!“

” قيامت ڪڙڪي آ.... شايد ... چاچا“

” پيروردگار کي پارت آ....حفظ ۾ رکندو.... تون همت کان ڪم وٺ“

چوطرف تر ۾ هوڪرا، راڙ، ڪوڪون، تيز هوا ۽ پاڻي جو هاسو، هر زندگي ڪيهر ۽سدوري وانگر جئدان لاءِ سرگردان،تر ۾ جاين ڪرڻ جا دهشتناڪ آواز،سڄو تر ٿر ٿلي ۾! ڄڻ آسمان جي ڇت لرزي، ڏري ڇيتون ڇيتون ٿي ڪرندي هجي ۽ زندگيون انهي هيٺان دٻجي هيون هجن، پاڻي فوٽ في سيڪنڊ جي رفتار سان وڌي رهيو هو، ڪيهر ۽ سدوري به مسجد جي ٿلهي کي مٿانهون ۽ سلامتي وارو هنڌ سمجهي کڙهه وٽ اچن ٿا، سندن گهر جو کڙهه مسجد طرف کليو ٿي، سندن گهر ۽ مسجد جي وچ واري وٿي ٻه ٽي فرلانگ آهي پر بي انت پاڻي سبب اهو وچ درياهه وانگرڪن ڏئي وهي رهيو آهي۽ پاڻي پرهه تار آهي، کڙهه اڪري انهي وٿي ۾لهن ٿا، اجهاڳ پاڻي سمجهندي سدوري گهٻرائجي ڪجيهر کي چوي ٿي:

” چاچا..... پاڻي ... تار ٿيندو وڃي.“

” ها ..... ڌيءَ..... ڌيان سان.... سڪي تي سمونڊ اٿلي پيو آ“

” شايد سڄو ڳوٺ.... جامي ڏي پيو اچي...... ماپنداسين ڪيئن!؟“

” رب شامت ۾ساڻي ٿيندو، اڀ پير رات گذاربي.... صبح جو رب مالڪ آ،

” گهر جو ٿلهومٿي ڪرائجي ها“

” ڪنوار...... اسين ماڻهوسوچيندا تڏهن آهيون جڏهن مصيبت ڪڙڪندي آ“

” ڪامل ته چيو هو“

” مون روڪيو مانس مون کي ڇا خبر.... هن پاڻيءَ جي!؟

”ڪاڪي ڪوڙي جي ڳالهه تي غور ڪجي ها.....“

” ڪنوار...... هينئر ڳالهيون نه ڳڻ...هي درياهه اڪري جامي کي رسئون !!“

پاڻي جو تيز وهڪرو چيريندي،سدوري رئندڙ ۽ ڪيهون ڪندڙ مرڪ کي ڪلهي تي کڻي هلندي.... پرچائيندي وڌندي رهي ٿي، مرڪ جي ڪيهه ڄڻ زندگي جي فرياد داخل ڪرڻ جي اپيل، عرفي ڪيهر جي ڪلهن تي ويٺل خوف جي واگهه سامهون، سندس لڙڪندر ڄنگهو پاڻي ۾ پون ٿيون ته ڇڪي مٿي ڪري ٿو، ڪيهر سنڀاليندي خاموش ٿي ويهڻ لاءِ چويس ٿو، وک ۾ وک ڦٻائيندي، مصيبت سان مقابلو ڪندي هلي رهيا آهن، پاڻي کين ڳچيءَ تائين اچڻ لڳي ٿو، اوچتو سدوري جو پير ترڪي وڃي ٿو، مرڪ سندس هٿن مان ڇڏائجي لهرن جي حوالي ٿي وڃي ٿي، مرڪ جي رڙ سيڪنڊن ۾ گم ٿي وڃي ٿي، جيئن ئي پير تر ڪيسن ٿو ته ڦان ٿي ڪرندي دانهون ڪري ٿي:

” مٺيس!! چاچا ....... مرڪ........ پير ترڪي ويو.“

” مڙسي ڪر...... ڌيءَ......ترڻ جي ڪر..... مرڪ بچاءِ“

”چاچا....... پاڻي گهليو ٿووڃي......منهنجي مرڪ لخت جگر...عرفي... چاچا....“

سدوري لڙهي لهواري ٿيندي، غوطا کائيندي، ڏور ٿيندي وڃي ٿي، جئدان لاءِ واجهائيندڙ سدوريءَ جي ڪوڪ وهندڙ پاڻي مٿان تڙپندي ڏورٿيندي وڃي ٿي، پر ڪيهربه کيس بچائڻ کان قاصر رهجي وڃي ٿو، عرفيءَ جي زندگي جي خطري ۽لهرن جي رفتار سان لرهي ويندڙ سدوريءَ کي پڄي به نه سگهيو، سدوري به ٻين بيوس زندگين جي ان لهرن جي لپيٽ ۾ اچي وئي ۽ سندس هر صدابي صدا رهجي وئي، جنهن تي آسمان به صرف نوحا ۽ مرثيا چئي، بي ڪفن اجهاڳ پاڻيءَ جي پاتال ۾ دفن ٿي ويل ٻين حياتين جيان تعزيت ڪري سگهيو، سدوريءَ جي درد ناڪ نموني غائب ٿي وڃڻ تي ڪيهر به رڳو لڙڪ لاڙي سگهيو، لهرن سان لڙندي مسجد ڏانهن رڙهي ٿو،عرفي ماءُ جون دانهون ٻڌي ڏاڍو ڦٿڙيو ٿي،پر ڪيهر کيس مضبوطي سان روڪي رکيو، هينئر ماءُ جو آواز نه ٻڌي ڪيهر کان پڇي به ٿو ته روئي به ٿو ۽ ڪيهر جهرندي، دلاسا ڏئي پر ڀائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

” ڏاڏا.....امان.......“

”ڪنوار.......اچي ٿي...... بابا.......اوندهه آ نه...... بتي کڻڻ وئي آ“

” ڪٿان........ ڏاڏا.....!؟“

. گهران......ٻيو....... ڪٿان؟ اوندهه پاڻي نه ٿا....... ٽپي سگهون.......!!“

” پاڻي..... ڪٿان....... آيو....... آ!؟“

” الله...... سائين بي...... پر واهه.....گاج تي مينهن وسيو هوندو!“

” ڏاڏا........امان ادي .....!!“

”سوگهو ٿي ويهه....بابا...... پاڻي ڇڪيون ٿو وڃي......امان ڄاڻ آئي،

عرفي خالي آٿت تي ماٺ ٿي وڃي ٿو مگر ڪيهر جي من ۾ ڏک ۽ ملامت جو طوفان برپا ٿي وڃي ٿو، هلندي سوچيائين“ ڪامل کي ڪهڙو جواب ڏيندس!؟“ ڪنهن پر جاميءَ جي ٿلهي رسي من ڪامل جي هيءُ امانت بچائي سگهان!!“ پاڻي به وڌندو وڃي ٿو، ڪيهر به ٽيهن رڳن جو زور لائيندي وٿيءَ جو وهڪرو اڌ کان مٿي اڪري اچي ٿو.

هڪ پوڙهو.... ٻيو سدوري جو صدمو....ٽيون وري غوطا...سڻو ٿي پيو هو پرسرٽوڙ ڪوشش ڪندي ڌوڪيندو رهي ٿو، ڇولين جوپاڻي وات ۾ پويس ٿو ته ساهه ٻوساٽجڻ لڳيس ٿو،پاڻي ٿو ڪاري ساهه ائين ٿي کنيائين، ڄڻ اڀ ساهي ٿي وئي هجيس، ڪيهر وڌي رهيو آهي پاڻي به وڌندورهي ٿو، تر ۾ جاين ڪرڻ جا ڌماڪا، ماڻهن جون رڙيون گونجي رهيو آهن،اوچتو هڪ وزني بنڊ پاڻي جي تيز وهڪري ۾ گولي وانگر گذرندي ڪيهر جي جهور ۽ ٿڪل چور گرفت منجهان نڪري ڇولين جي ٻيڪڙ ۾ اچي وڃڻ ڪيهرجي جسم ۾ رڦڻي پيدا ڪري ٿو، ڇڏي هو پاڻي مٿان ٿا ڦوڙا هڻي ترڻ جي ڪوشش ڪندي بي ساخته دانهن ڪري ٿو:

” عرفي..... پٽ .... تون ...... به عرفي پٽ.“

ساهه جي خوف کان ڦٿڙندي بنڊ کي چمبڙي پوي ٿو ۽بنڊ بي رحم ڇولين تي موت جو ناچ نچندي تيز وهڪرن جي ور چڙهي وڃي ٿو.

ٻئي ڏينهن ٽپهري ڌاري بچاءُ بند سان قائم طبي امداد جي ڪئمپ ۾ اکيون کوليندي ڪيهر مٿان بيٺل ڪمپائونڊر کان حيرات ٿي پڇيو.

” تون ڪير آهين!؟ مونکي  هت ڪنهن آندو......!؟ مان ڪٿي آهيان“

” ڊيگهه نه ڪر........ ڪئمپ ۾ آهين“

. عرفي ....... مرڪ ۽ منهنجي ڪامل جي ڪنوارا!؟“

” مان ڇا ڄاڻان چاچا.....!؟“

” ڪا ته ....... خبر هوندءِ!؟“

” بنڊ سان چمبڙيل هيٺين بچاءُ بند جي وٽ سان بيهوش ملئين...... ۽ بس !!“

” ڇو آندائون!؟“

” مري وڃين ها“

” اڪومران ها“

”ڇو!؟“

” جيئڻ ڪهڙي ڪم جو!؟ پٽ ڪامل کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس!؟“

” مئي جي پٺيان مربو آ ڇا چاچا!؟“

” مون کي جيئڻ جي خواهش ناهي رهي.“

قدرتي آفت آ....... توهٿ سان ته نه لوڙهيا ۽ ماريا“

” ها........ ها..... مون ٻوڙيا.... مون ماريا....... مونکي به جيئڻ جو حق ڪونهي،

. تون ڪري به ڇا ٿي سگهين!؟“

” مان ويندس...... سڪيءَ تي آيل سمونڊ جهاڳي، عرفي، مرڪ ۽ڪامل جي ڪنوار کي تلاش ڪندس“

”حياتي کان ڪڪ آهين.....ڇا!؟“

”هن حياتيءَ کان موت بهتر آ،

” آپ گهات جو شوق ٿئي..... شايد !!“

.مون کي نه روڪ .....مان ويندس..... پاڻ کي لهرن جي حوالي ڪندس،

” ٻاهر.....لاش پيل آهن..... هلي جانچ........ متان انهن ۾ تنهنجا گهرڀاتي هجن“

لاش ٻڌندي ڪيهر تي جنون جو دورو وڌيڪ حاوي ٿي وڃي ٿو، ڊوڙ پائي ڪئمپ کان ٻاهر اچي ٿو، ڪمپائونڊر سندس ڪڍ آهي، ڪيهر بند سان دربدر ماڻهن جي ڪئمپ ڏسي ويتر بدحواس ٿي وڃي ٿو، ڪمپائونڊر کيس لاشن وٽ وٺي اچي ٿو،انهن ۾کيس سدوري، عرفي ۽ مرڪ  نظر نه ٿا اچن يا لاش ڪنا ٿي سڄي خراب ٿي وڃڻ ڪري سڃاڻي نٿو سگهي، چرين جيان رڙيون ڪندي وهندڙ پاڻي ڏانهن ڊوڙ ڀري ٿو، ”ڌي سدوري....آءُ تنهنجو......عرفيءَ جو .... ۽ مرڪ جو قاتل آهيان.....مون کي......“ اچان ٿو.....

” متان ..... متان..... گهڙين..... پاڻي تار آ......“ ڪمپائونڊر سندس پويان ڀڄڻ لڳي ٿو.

” مون کي نه....جهليو..... نه روڪيو مان.... خوني....آهيان.... مان ....خوني...“ جسم جي طاقت سهيڙي ڪيهر پاڻي ڏانهن ڌوڪيندو رهي ٿو،ڪمپائونڊر  ڀروارن ماڻهن کي به کيس روڪڻ لاءِ چوي ٿو ۽ پاڻ به سندس پٺيان وٿيرڪي پنڌ سان پوري سگهه ميڙ  ڊوڙندو وڃي ٿو.

فياض چنڊ ڪليري

گلابي ڇوڪري، آلو  وهاڻو

پڄاڻي کان اڳ ۾:

      اهو صبح کيس ڏاڍو پنهنجو لڳو هو، انهي صبح کان اڳ واري رات، هن کي پنهنجي پيدائش واري رات کان وڌيڪ سڀاڳي ۽ پياري ڀاسي هئي، هو انهي سڄي رات انتظار جي ڳاڙهن گلابن کي پنهنجن تڪڙن ساهن جي آلاڻ ار پيندو رهيو هو،انهي رات هو پنهنجي گهر جي وڏي ۽ويڪرن آڳر تي دير تائين سائيڪل هلائي، پنهنجي بي چيني کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو هو، انهن لمحن ۾سندس اندر جي بزدل ماڻهو پنهنجي هٿن تي دليريءَ جا دستانا چاڙهي ڇڏيا هئا، هن چاهيون ته زمين جو هي گول دائرو ( جنهن ۾ هو سائيڪل هلائي رهيوآ هي، مٿي اڀو ٿي، موت جو کوهه بڻجي وڃي۽ڪرائي تي کنيل اها سائيڪل موٽر سائيڪل بڻجي پوي. موت جي کوهه جي مٿان جهولندڙ اڇي ڇٽي هيٺان ڪو به تماشبين نه هجي، رڳو هو گلابي ڇوڪري هجي،  جيڪا سندس بهادري ۽جرئت جي مڃتا جي موٽ مٿس نظرن جي گلابن جي ورکا ڪندي رهي ۽ پنهنجي مخروطي آڱرين کي چپن سان ڇهي،هوا جي آڌار کيس چميون ارپيندي رهي، اماوس هوندي به اها رات هن کي چوڏهين جي چانڊوڪي رات کان وڌيڪ خوبصورت لڳي هئي، رکي رکي سندس من ۾خواهش جون جهرڪيون ڦڙڪيون هڻي رهيون هيون ته ڪاش! اڄوڪي رات منهنجي سموري حياتي جيتري طويل ۽ ڊهي ٿي پوي، ۽ اها آخري گهڙين تائين منهنجي بي چينن روح جي شهر جي اداس گهٽين ۾ رات جي راڻيءَ جي خوشبو وکيريندي رهي ۽ مان صبح جو جڏهن هن گلابي ڇوڪري سان ملان ته ڀلي منهنجواکيون پٿرائجي وڃن ۽ منهنجوانگ نگ کيس منهنجي اٿاهه چاهتن جي شاهدي ڏئي....“ پر وقت جي برف کي ته ڳرڻو ئي هيو.. .... سڄي رات جاڳ جا مست گهوڙا،....سندس نيڻن جي نگر ۾ ڊوڙندا رهيا ۽ هو آسمان جا تارا ڳڻيندو رهيو.

ڊسمبر جي هڪ سرد صبح جو، هو پنهنجي وجود کي آس جو سيڪ ڏيندي گهران نڪري ٿواچي،وايو منڊل تي ڇانيل هلڪي ڌنڌ ۽ڪوهيڙي ۾ فطرت محوقص هئي، رستن تي اڃا حال جي مٽي جي دز نه اڏامي هئي،انهي ڪري رات جا مدهوش۽ ٿڪل پيرا اڃان، دفن نه ٿيا،هئا، شهر جي ويڪرن رستن تي سندس دل جي غير معمولي ڌڙڪن ۽ سرد هوا جي سرگوشن کانسواءِ ٻيوڪو به نه هيو،هو دل جي پڃري ۾ ڦاٿل پيارجي ڪوئل جي ڪوڪ ٻڌندي وڌندو ٿو رهي،گرلس ڪاليج جي موڙ کان ٿورو اوريان، هو پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙي ڏانهن ڏسي ٿو، سندس ٻي نظر هن تي پئجي ٿي وڃي.“خوشي! منهنجي اکين جي آڳند تي ويساهه جي سورج روشني جا ڪرڻا ڇو نه ٿا پون ڇونه مڃي ته  تون مون سان گڏ آهين..؟

”تون خوابن ۾ رهي رهي  حقيقت ۽ خواب جي فرق کي به وساري ويٺو آهين، ٿڌ جي برف جهڙي احساس باوجود ڇوڪريءَ جي آواز مان اطمينان جو تڙڪو ليئا پائي رهيوهو.

” خوشي! مون کي خوابن جي معنيٰ به تنهنجين انهن ساحر اکين ئي سمجهائي آهي.“ ”ڇوڪري پنهنجو نرم هٿ سندس هٿ ۾ ڏيندي چوي ٿي، ڏس محسوس ڪر! مان توسان گڏ آهيان.....،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com