ابتدا ۾ جڏهن ته ڪي به نقشا نه هئا، ماپن ڪرڻ جا
اوزار به نه هئا، ۽ نه وري سرحدن کي نروارڪري پٿر
هڻبا هئا، تڌهن سنڌ جي سرحدن تي هميشه جهيڙا ٿيندا
رهندا هئا ،ان نوئيت جا مامر ا طاقت جي زور تي
نبيرياوينداهئا
اوڻيهين صديءَ جي شروع ۾ بهاول پور جي حاڪمن ۽
راجسٿان جي راجائن جو سنڌ جي ٽالپر حاڪمن سان،
سرحدي تڪرار هلندڙ هو، راجسٿان ۽ بهاول پور جي
رياستن،ترتيب وار سال 1815ع ۽ سال 1820ع ۾ برطانوي
بالادستي قبول ڪئي هئي، انگريزن کي مذڪوره سرحدي
تڪرار جي ڀرپور ڄاڻ هئي، جنهن کي پاڻ جلد کان جلد
نبيرڻ گهريائون ٿي، کين اهڙو موقعو 1843ع ۾ سنڌ جي
فتح ڪرڻ سان ملي ويو؛ ڇو ته هاڻي انگريز فيصلا ڪن
پوزيشن ۾ اچي ويا هئا، انهن هي مسئلو هن ريت حل
ڪيو،
بهاول پور ۽ راجسٿان جي سرحد:
مير علي مراد جي حدن مان بهال پور جي حاڪم کي ڀنگ
ڀاڙه ۽ سبزل ڪوٽ ڏنا ويا؛ جڏهن ته جيسلمير جي راجا
کي شاهه ڳڙهه ۽ گوٽاڙو ڏنا ويا، ان کان علاوه
اٻاوڙي تعلقي مان: فتح پور، دولت پور ۽ کنڀ، پڻ
بهاول پور جي راست ڏي منتقل ڪيا ويا،ايڇ تي لئمبرڪ
پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ٻه دلچسپ نقشا ڏنا آهن جي سال
1839ع ۾ سال 1845ع جي سرحد جي نشاندهي ڪن ٿا، پر
اصل ۾ هي نقشا سال 1932ع جي هڪ نقشي ۾ ٿوري
تبديليءِءَ سان تيار ڪيا ويا آهن لئمبرڪ هي نقشا ”
سر چارلس نيپئر اينڊ سنڌ“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن، هي
ڪتاب آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس 1956ع ۾ شايع ڪيو هو،
ٻنهي نقشن جا عنوان هن ريت رکيا ويا آهن،
(1) Upper sindh, kachhi and parts adjoining in
1839
(2) Sindh in 1845
سنڌ جي اوڀارئين سرحد 1845ع ۾ مقرر ٿي، پر مفصل
نقشا 1862ع ۽ 1974ع ڌاري موجود ڪيا ويا،
ٿرپارڪر ضلعي سان راجسٿان جي سرحد ۽ بلوچستان سان
حدبندي:
بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر
شعبي جي ليفٽيننٽ ڪرنل نيل ڪئمپ بيل جو تيار ڪيل
سنڌ جو نقشو سال 1850ع ۾ شايع ڪيو ويو، هي نقشو
60 x 54
(انچ) سائيز جو هو ۽ هڪ ميل لاءِ اٺن انچن جي ماپ
تي مشتمل هو، ان جي هڪ ڪاپي انڊيا آفيس (I.O.NO.LV)
لئبرريءَ ۾ موجود آهي، هي نقشو پهريون ڀيرو آر،
هيوز ٿامس جي ڪتاب: ”ميمائرز آن سنڌ“ ۾ شامل ڪيو
ويو، مذڪوره ڪتاب سال 1855ع ۾ بمبئيءَ مان ٻن جلدن
۾ ڇپيو هو، ڪتاب جو سال 1979ع ۾ ڪراچيءَ مان به هڪ
ڇاپو نڪتو آهي، ليڪن ان ۾ هي نقشو شامل ڪونهي،
نقشو اڻ چٽو آهي، مون ڏي ايمانداريءَ سان ان کي
نئون ڪري، هر هڪ چيز کي پنهنجي جاءِ تي رکي،
جاگرافياڻي ماڳن جي نالي کي اصلي هجي (Spellings)
سان نروار ڪيو آهي ( هي نقشو پنهور صاحب وٽ موجود
آهي)، هن نقشي ۾ سنڌ جي سرحدن جي مقرريءَ بابت ڪي
مکيه ڳالهيون هي آهن:
* رڻ ڪڇ واري سرحد ڪيپٽن اليگزينڊر برنس جي ڪيل
سروي موجب (1825ع کان 1828ع تائين) ڏيکاريل آهي،
جنهن کي 1829ع ۾ نقشي جي شڪل ۾، آندو ويو هو، ليڪن
ڪئارٽر ماسٽر هن سرحد جي منظوري نه ڏني هئي،
ٻاڙميڙ ضلعي سان سنڌ جي اوڀارين سرحد، ڏکڻ ۾ ننگر
پارڪر تعلقي جي هالا ڳوٺ ۽ ٻاڙميڙ جي ڳوٺ گواربو
کان وٺي خيرپور ضلعي سان موجوده سانگهڙ ضلعي جي
ڳوٺ ڪوملالاٿور تائين اتر ۾ تڏهوڪي مير علي مراد
جي علائقائي سرحد تائين ڏيکاريل آهي،
* 1855ع جو نقشو قلات ۽ لس ٻيلي سان سنڌ جي
اولاهين سرحد، هاڻوڪي شهر خيرپور ناٿن شاهه جي
اٽڪل روءِ اولهه ۾ جيڪو تڏهن ڪراچي ضلعي جي حدن
اندر هو ۽ ڏکڻ،اولهه ۾ حب نديءَ تي ڳوٺ جهنگ ڪنڊ
تائين، جيڪو تعلقي ٿاڻي بولاخان ۾ هو پنهنجي حد
ڏيکاري ٿو، هن نقشي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مستقل ۾
سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي بندي، حب نديءَ جي وچ تي
ٿيڻي هئي، جيڪا هڪ دائمي ندي آهي،
جيڪب آباد ضلعي سان اترين سرحد:
اپر سنڌ فرنٽيئر جي سياسي سپرنٽنڊنٽ ۽ ڪمانڊر ميجر
جان جيڪب، بمبئي سرڪار کي 2 نومبر 1854ع تي هڪ
رپورٽ موڪلي، اتر ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد وٽ
آباد قبيلن جي فهرست رواني ڪئي هئي، هن رپورٽ سان
گڏ هڪ نقشو به آهي، جنهن ۾ جيڪب آباد ضلعي سان سنڌ
جي ارين سرحد: قلات، پنجاب ۽ بلوچستان سان ڏيکاريل
آهي
سرحد موجوده سرحد جي ڏيک ڏئي ٿي، پر جڏهن ان وقت
جي ماڳن جي مفاصلي
کي مابچي ٿو، تڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اها حقيقي
ماپن، بجاءِ زور زبردستيءَ سان طئه ڪئي وئي هئي ،
ٿي سگهي ٿو ته سرحد مقرر ڪئي وئي هجي، پر نقشا
درست ماپ ذريعي نه ٺاهيا ويا هجن،
انگريزن شڪارپور ۽ جيڪب آباد (خان ڳڙهه) جا علائقا
سال 1839ع ۾ والاريا هئا، جڏهن انڊس آرمي
افغانستان ڏي رواني ٿي هئي، هي قبضو سال 1843ع
تائين جاري رهيو، جڏهن سنڌ کي به فتح ڪري گورنر
جنرل جي حوالي ڪيو ويو،
جان جيڪب آباد سال 1848ع ۾ سرحد کي مقرر ڪيو ۽ سنڌ
هارس چيڪ پوسٽون: شهدادپور، ڳڙهي خيرو جمالي،
روجهاڻ، دل مراد، ڳڙهي حسن، تنگواڻي، ڪمري ۽ ڪنڌ
ڪوٽ ۾ مقرر ڪيون ويون، جن جو انتظار جان جيڪب وٽ
خان ڳڙهه (جيڪب آباد) ۾ هو، هي چيڪ پوسٽون ٻروچن
تي نگاهه رکڻ لاءِ قائم ٿيون، جي سنڌ جي ڳوٺن تي
حملا ڪندا رهندا هئا، لئمبرڪ جي ڪتاب (جان جيڪب
آباد آف جيڪب آباد) ذريعي تصديق ٿئي ٿي ته، هي
پوسٽون سرحد کان ڪجهه ميل پري هيون، خان قلات يا
ٻروچ قبيلن سان ٺاهه ڪرڻ کانسواءِ هي سرحد زوري
مقرر ڪئي هئي، ان جو مقصد آباد ڳوٺن جو تحفظ ڪرڻ
هو ۽ هي ڪم مناسب طرح سان ٿي ويو، مٿي ذڪ ڪيل
جايون يا ماڳ لئمبرڪ هڪ نقشي ۾ ڏيکاريا آهن، هن
نقشي جو عنوان هن ريت آهي:
Upper Sindh kachhi and adjoining Countries
1839-1858
هي نقشو ” جان جيڪب آف جيڪب آباد“ ۾ ڏنل آهي،
برحال استعمال ڪيل نقشو گهڻو پوءِ جي دورجو لڳي ٿو
۽ بلڪل انهن نقش جهڙولڳي ٿو، جيڪي ويهين صديءَ جو
شروع ۾ ڪتب ايندا هئا
ڪڇ سان سرحد؛
سال 1851ع ۾ بمبئي فوج جي ڪئارٽر
ماسٽر جنرل ”20x13“(انچ)
جي چئن ڪاغذن (Sheet)
تي حيدرآباد ضلعي جو هڪ نقشو جاري ڪيو، جنهن ۾ هڪ
انچ برابر ٻه ميل ڏيکاريل آهن، هي اصل ۾ مختلف
رستن جي ماپن بابت، چيف انجنئر جي ماپ تي مشتمل هڪ
نقشو هو، هن ۾ رڻ ڪڇ سان سنڌ جي ڏاکڻين سرحد
ڏيکاريل آهي، پر معتبر ڪانهي، ٽالپرن جي دور ۾ ”
سنڌڙي، ڪڇ سان سنڌ جو هڪ سرحدي شهر هو، اهو 1819ع
جي زلزلي سبب رڻ ڪڇ جي پاڻيءَ ۾ غرق ٿي ويو، سرحد
نقشي ۾ سنڌڙي جي اتر کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي
ڏيکاريل آهي، جا ٽالپرن جي دور ۾ ڪسٽم چيڪ پوسٽ
هئي،
ڪجهه ٻيٽ جهڙوڪر: بيار ٻيٽ، باواري ٻيٽ، گائينڊا
ٻيٽ، ڪنجر
ڪوٽ ۽ ڪي ٻيا ننڍڙا ٻيٽ، ٿرپارڪر ڪليڪٽر جي ضابطي
۾ هئا، اهو سال 1947ع تائين ڌنارن کان پنچري وٺندو
ٿي آيو، نقشي ۾ ڏيکاريل سرحد 1829ع ۾ اليگزينڊر
برنس ڇڪي هئي، جڏهن پاڻ ڪڇ ۾ اسٽنٽ ڪئارٽر ماسٽر
طور ڪم ڪري رهيو هو اليگزينڊر برنس جو هي نقشو
انديا آفيس (
MS. India Office NO.LV111,16)
لئبرريءَ ۾ موجود آهي، ان جي ماپ
22X29
آهي ۽ هڪ انچ برابر ٻن ميلن جي نمائندگي ڪري ٿو.
سنڌ ڊئريڪٽريءَ موجب سرحدون:
جارج بياس جي ”سنڌ ڊئريڪٽري“ سال 1862ع ۾، بمبئي
گزيٽ پريس مان پڌري ٿي هئي، جنهن ۾ سنڌ جو هڪ نقشو
به هو، چند خاصتيون هي آهن:
·
راجسٿان جي رياستن سان اوڀارين سرحد ساڳي آهي،
جيئن برطانوي ننڍي کنڊ بابت پونين سڀني نقشن ۾
ڏسجي ٿي، هي سرحد 1845ع جي آخري ڌاري هميشه لاءِ
طئه ڪئي هئي،
·
رياست بهاول پور سان سرحد جي ماپ ٿي هوندي، پر
درست طرح سان نقشو نه ٺهيو، يا جي نقشو ٺهيو هو ته
سروي موجب نه ٺهيو ، بهاولپور سان درست حد بندي،
سال 1870ع کان پوءِ وارن نقشن ۾ ڏسجي ٿي،
·
سنڌ ۽ پنجاب جون حدون جيئن ان وقت هيون، هڪ ٽڪنڊو
ڏيکارين ٿيون، ان جا ٽئي طرف ويهه ويهه ميل هئا ۽
ٽوٽل پکيڙ200 ميل هم چورس ڏسجي ٿي، هي ٽڪنڊو ان
وقت سنڌ ۾ هو ۽ هاڻي پنجاب ۾ آهي، ان ايراضي جون
حدون نئن ” موري لڪ“ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿيون، جيڪا
وڃي سنڌونديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، موجوده سنڌ جي سرحد
تي بيٺل نشان (منارو) پنجاب سان سنڌ جي اولاهين
سرحد ٺاهي ٿو، هي ٽڪنڊي ايراضي ايسٽوڪ موجب سال
1882ع تائين سنڌ ۾ شامل هئي،
ان
جو مطلب ته اهي ايراضي هن سال کان پوءِ پنجاب ۾
·
شامل ڪئي وئي، ايٽڪن جي سنڌ صوبي جي گزيٽير موجب،
جيڪا سال 1907ع ۾ ڇپي هئي، هي ٽڪنڊو سنڌ جي حصي ۾
ڏيکاريل ڪونهي،
·
رڻ ڪڇ سان ڏاکڻين سرحد توڙي رحمڪي بازار تائين
ننگر پارڪر تعلقي جي اوڀارين سرحد، 1829ع جي
اليگزينڊر برنس جي سروي تي مدار رکي ٿي، نقشي ۾
سرحد ڏيکاري آهي پر بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر
جنرل جي تصديق نه ڪئي هئي،
·
هن نقشي ۾ ڏيکاريل سنڌ جي ساحلي ڪناري جو مدار ٽي،
جي ڪارلس جي ڪيل سروي تي آهي
هو، ڏس ۾ هندستاني بحريه جي ليفٽيننٽ اي ايم گريو
جي نقشي جو به خيال نه ڪيو ويو آهي، جنهن سنڌوندي
جي ڇوڙ واري اوڀارين شاخ جو چارٽ سال 56- 1855ع ۾
ٺاهيو هو، هن چارٽ ۾ اهڪ انچ برابر هڪ ميل هو اهو
26X39
(انچ) پکيڙ جو هو (
MS. India Office No.U.V.A).
·
بلوچستان سان سنڌ جي اترين سرحد مقرر ٿيل آهي ۽
بلڪل موجوده حد بنديءَ وانگر آهي، جنهن ۾ ننڍڙي
ٽڪنڊي جي پنجاب واري ايراضي ڪانهي، جنهن جو ذڪر
مٿي ٿي چڪو آهي،
سنڌ جي اتر اولهه واري سرحد دل مراد خان کان
ستاويهه ڊگريون اتر طرف (270
N)
مقرر ٿيل ڪونهي، ۽ اها هڪ سڌي ليڪ ذريعي ڏيکاريل
آهي، جيتوڻيڪ هي سرحد بمبئي فوج جي ڪئارٽر ماسٽر
جنرل جي ڪيپٽن ميڪڊونالڊ ۽ ڊاڪٽر ليلور جي ماپيل
آهي، جن 1860ع جي اونهاري جي سجھي موسم ڏاڙهيارو ۽
ڪني جي قبر وارين چوٽين تي گذاري هئي،
1876ع جي گزيٽير موجب سرحدون:
هيوز جو سنڌ گزيٽير 1874ع نڪتو ۽ وري
1876ع ۾ جاري ٿيو، ان ۾ هندستاني سروير جنرل جي
جاو ڪيل سنڌ جي نقشي کي به شامل ڪيو ويو هو، هي
نقشو مٿي ذڪر ڪيل مختلف ماپن جهڙوڪر ڊاڪٽر ليلور ۽
ڪيپٽن ميڪڊو نالڊ (1860ع) ؛ اي، ايم گريو
(56-1855ع ۽ ٻين جي ڪيل سروي کي سامهون رکي ٺاهيو
ويو آهي، 1874ع کان ڪري 1880ع تائين هي نقشا جاري
ٿيا، جي سنڌ جون سرحدون ڏيکارين ٿا،
تان سان اترين سرحد پڻ تصديق ٿي چڪي هئي!
(الف)، پنهور صاحب جي هن معلوماتي مقالي ۾ ڪجهه
اهم ماخذ هن ريت ملن ٿا،
1) R. Hughes Thomas: “Memoirs on sind” ,
Selections from the records of the Bombay
Government, No XVII, new series, Bombay 1855.
2) R. Hughes Thomas: “Memoirs on Sindh”, new
edition, Karachi,
1979,
3) H. T lambrick: “Sir charles Napier and Sind”
.
1975.
4) H. T lambrick. “John Jacobo of Jacobabad”.
Karachi 1862.
5)George Bease: “The Sind Directory”,Bombay
1975.
6) A.W. Hughes: “Gazetteer of the Province of
sind” , 1874 , reprint London 1876
7) E. H Aitken: “Gazetteer of the Province of
sind” , 1907, reprint Karachi 1986.
8)Eastwick W. J: “The Handbook of the Punjab,
rajputtana , kashmur and upper sind”, John
Murray London 1883.
(ب) هن مقالي ۾ ڪجهه انگريز عملدارن جا نالا آيا
آهن، ممڪن آهي ته سنڌي ۾ انهن نالن جو اچار درست
نه ٿيو هجي،ان ڪري اصل انگريزي لکت ۾ نالا ڏجن ٿا،
George Bease: T.G Careless: A.M Grieve:
McDonald: Dr. lalor: Neil Campbell,
(ج) مقالي ۾ ڪجهه ماڳن جي نالن کي به هت انگريزي ۾
ڏجي ٿو، ته جيئن مونجهاري جي صورت ۾ اصل لکت کي
سامهون رکي سگهجي.
Bhung Bara: Gotaru: Khumb: balmir: Gwarbo:
Koomalala Thor: Jhang Kand: Tangwani: Kumri:
Biar Bet: Bawari , Bet, Gainda Bet: Kanjar kot:
Suri pass.
(د) هن مقالي ۾ ڪجهه جاين تي ڪئارٽر ماسٽر جنرل (Quarter
Master General
) جو ذڪر ٿيو آهي، مختلف ڊڪشنرين موجب هن جي
...........معنيَ........ آهي؛: هڪ عملدار (اسٽاف
آفيسر) جيڪو فوج جي ٽرانسپورٽ، چرپر، ٻارڻ ۽ ڪپڙي
لٽي جو بندوبست رکي ٿو، پنهور صاحب جو چوڻ آهي ته
برطانوي دور ۾ هر پريزيڊنسيءَ وٽ سروي جو پنهنجو
شعبو هوندو هو، جنهن جي نگراني ڪئارٽر ماسٽر جنرل
ڪندو هو، جڏهن ته مرڪزي سطح تي سروي آف انڊيا نالي
کاتو هوندو هو، جنهن جي سربراهه کي سرويئر جنرل
سڏيو ويندو هو.
محمد پنهل ڏهر
پير حسام الدين راشدي جون ادبي ۽ تحقيقي خواهشون
دنيا ۾ ڪنهن انسان کي زندگي گذارڻ لاءِ
ڪانه ڪا خواهش ضرور هوندي آهي، جنهن جي پورائي
لاءِ هو پنهنجي سڄي زندگي ڪوششن ۾ گذاري ڇڏيندو
آهي، اهڙيءَ طرح سائين حسام الدين راشدي کي به
خواهشون هيون، جن مان ڪافي خواهشن کي هن زندگيءَ ۾
ئي تڪميل تي پهچائي ڇڏيو ۽ ڪجهه خواهشون سندس
حياتي جي وفا نه ڪرڻ ڪري سندس دل ۾ رهجي ويون،
سائين حسام الدين راشدي جون اهي خواهشون دنيا يا
مال گڏ ڪرڻ جون نه هيون، پر سائينءَ جون اهي
خواهشون خالص علمي اثاثي کي اونده مان ڪڍي ڪتابي
روشني ءَ ۾ آڻڻ لاءِ هيون، پير صاحب جون اهي
خواهشون ڪي لڪل نه آهن بلڪ سائين پنهنجن انهن رهيل
خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجن لکيل
ڪتابن، مقالن مضمونن ۽ تقريرون ۾ تاڪيد سان حڪم
ڏنو آهي.
هونءَ ته ٻيا به ڪيترائي عالم تي گذريا آهن، جن
جاکوڙ ڪري ڪيترائي ناياب علمي ۽ ادبي شهپارا منظر
عام تي آندا آهن، ليڪن پر حسام الدين راشدي جو
انداز نرالو آهي، سائين جنهن به تحقيق جو ڪم هٿ
۾کنيو آهي ته ان جو ڪو به ظاهر پهلو نه ڇڏيو اٿس،
انهي مضمون يا مقالي جي تياري وقت سائين پنهنجي
موضوع سان واسطو رکندڙ سڀني ماڳن ۽ ملڪن جو سير
سفر ڪري، انهن سان تعلق رکندر ماڻهن سان مليو ۽
انهن کان سموري معلومات حاصل ڪيائين، پنهنجي
ڪتابن يا مقالن سان تعلق رکندڙ ماڳن، مڪانن ۽
مقبرن جا فوٽو ۽ نقشا به تيار ڪيائين، انهن مقالن
۽ ڪتابن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا شجرا تيار ڪيائين
۽ انهن سان تعلق رکندڙ سوين قلمي خواه ڇپيل ڪتابن
جي مطالعي ڪرڻ لاءِ دور دراز ماڳن ۽ ملڪن جي ڪتب
خانن کي وڃي ڏٺائين، اهو سڀ ڪجهه انهي لاءِ ڪيائين
ته متان انهيءَ ڪتاب يا مقالي جو ڪو پهلو رهجي
وڃي، ها، سائينءَ جي ڪنهن ڪتاب يا مضمون وغيره جو
ڪو پهلو اڃا رهيل به ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نشاندهي
هاڻي يا ايندڙ وقت ۾ ڪو صاحب علم ڪري مگر منهنجي
چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته سائين ڪنهن به پنهنجي
ڪتاب يا مقالي جو ڪو به پلو ڄاڻي ٻجهي نه ڇڏيو آهي
سائين کي اگر پنهنجي ڪنهن مقالي کي مڪمل ڪرڻ کان
پوءِ به اها خبر پيئي ته سندس انهي مقالي جو ڪو
پهلو رهجي ويو آهي ته پوءِ به انهي رهيل پهلو جي
پورائي لاءِ کيس جتي به وڃڻو پوندو هو، اوڏانهن
ضرور سفر ڪندو هو، پوءِ توڙي کيس ملڪ اندر يا ٻاهر
ڇو نه وڃڻو پويس، ليڪن انهي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ
ضرور ويندو، پوءِ توڙي اهو ڪم ٿورو رهيل هجي يا
گهڻو، توڙي صرف هڪ تصوير وٺڻي هجي يا ڪنهن ڪتبي
لکڻ لاءِ يا ڪنهن لکيل شهر کي لکڻ لاءِ هجي يا
ڪنهن ڇپيل ڪتاب يا ڪنهن قلمي نسخي مان ٿوري
معلومات وٺڻ وغيره ڇو نه هجي، اهڙن مثالن سان
سائين جي سڄي زندگي ڀريل نظر ايندي، صرف چنڊ مثالن
لاءِ اسان کي سائينءَ جا لکيل ڪتاب ” ٺٽي جي آڳاٽي
جاگرافي“ تذڪوره امير خاني“ . ” مير معصوم بکري“
ڏسڻ گهرجن. (1)
راقم الحروف جو سائين حسام الدين مرحوم سان ڪو به
تعلق نه رهيو آهي ۽ نه وري زندگيءَ ۾ سائينءِ جي
زيارت به نصيب ٿي، صرف ادبي ميدان ۾ تاريخ سان
دلچسپي جي حوالي سان غائبانا محبت آهي، پير صاحب
جي تقريبن سڀني ڪتابن جو مطالعو چاهه سان ڪيو اٿم،
انهن ڪتابن جي مطالعي مان پير صاحب جي چنڊ خواهشن
متعلق ڄاڻ ملي، جيڪي هن پنهنجي لکيل، ايڊٽ ڪيل ۽
ترجمو ڪيل ڪتابن جي مهاڳن، مقدمن ۽ تعارفن وغيره ۾
ظاهر ڪيون آهن، انهن رهيل خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ
ئي هي مقالو لکيو ويو آهي، اميد ته سنڌ جا اديب،
محقق ۽ مورخ اهي ادبي ادارا، جن سان پير صاحب جو
ڪجهه وقت تعلق رهيو آهي، سي پير صاحب جي هيٺ
ڄاڻايل خواهشن جي پوئيواري لاءِ پاڻ پتوڙيندا،
1.
” مشنويات وقصائد قانع“ جي تعارف ۾ پير صاحب لکي
ٿو ته ” مير علي شير قانع ٺٽوي جي منظوم ذخيري
منجهان جيڪي تصنيفون اڍائي صدين جي گرداين ۽ گردشن
کان پاڻ بچائي جهالت، بي علمي ۽ ڪور ذوقي جي جهلن
۽ جهولن، طوفان ۽ توکنازن کان پار پئجي صحيح سالم
۽ امانت با سلامت اسان وٽ پهتيون آهن سي هي آهن،
(1) مثنوي قضا و قدر(2) مثنوي قصاب نامه (3) مثنوي
محبت نامه (4) مثنوي مختار نامه (5) مثنوي ختم
السلوڪ (6) ڪجهه نعتون، منقبت، ترجيع بند، مسدس ۽
قصائد جيڪي مڪلي نامه واري بياض ۾ محفوظ رهجي ويا
آهن، (7) انهن کانسواءِ سندس اهي منتشر اشعار ۽
غزل، ڪجهه تاريخون ۽ رباعيون، جيڪي سندس نثري
تصنيفن يا بياضن ۾ موجود آهن، اهي منظوم ذخيري مان
مختارنامو، رزميه نظم آهي ۽ ختم السلوڪ تصوف تي هڪ
جامع مثنوي آهي، اهي ٻيئي مستقل ڪتاب آهن جن کي
شايع ڪرڻ جو ارادوآهي، اهڙيءَ طرح مير قانع مرحوم
جي منتشر شعرن، غزلن، رباعين يا تاريخي قطعات جو
جيڪو غير مسلسل ۽ پکڙيل اثاثو آهي، ان کي پڻ خدا
توفيق ڏني ته سندس سڀني ڪتابن مان چونڊي ۽ ترتيب
ڏيئي ڇاپيو ويندو“ (2)
2.
پير صاحب ڪتاب ”منشورالوصيت و دستور الحڪومت“ جي
تعارف ۾ لکي ٿو ته ” ڪلهوڙن جي تاريخي مواد جو هي
پهريون مجموعو سمجهڻ کپي، ليڪن انهي عهد متعلق
اڃان ڪيترا اهم ماخذ منتشر آهن، جن مان ڪي دستياب
ٿيا آهن ۽ ڪن جواڃان تائين پتو پئجي ڪو نه سگهيو
آهي، مهيا ٿيل ڪتابن مان هيٺيان ڪتاب فوري توجهه
جي لائق آهن، اميد ته سنڌي ادبي بورڊ انهي ڪتابن
جي اشاعت لاءِ ضرور اهتمام ڪندو. (1) قصيده بمدح
عبدالنبي از، اميد علي شاهه شائق (منجهس ميان
عبدالنبي جي دور متعلق اهم معلومات موجود آهي) (2)
نامه نغز، هي باغ علي خائق جي مثنوي آهي، جنهن جو
اقتباس هن ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي، (انهي ڪتاب جا غير
ضروري اشعار ڪاٽي تاريخي لحاظ سان مطلب جي شعرن جو
انتخاب ڪري شايع ڪرڻ کپي) حاشيه تي فوٽ نوٽ،
3.
گلدسته نورس بهار، از منثي عبدالرئوف سيوستاني،
(ڪلهوڙن جي سرڪاري خطن جو نهايت اهم مجموعو جنهن
کي ڪلهوڙن جي خاص منشي ميان عبدالرئوف گڏ ڪيو.)
(4) گلدسته هميشه بهار، ڪلهوڙن جي دور جي خطن جو
هي ٻيو نادر مجموعو ساڳئي ميان عبدالرئوف جو گڏ
ڪيل آهي، (5) انشاءِ عطارد از شيوڪ رام عطارد، (هن
مجموعي ۾ ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ۽ مير بجار
جي دور جا اهم ۽ نهايت قيمتي خط آهن) (6) اسناد ۽
فرامين (ڪلهوڙن جي جاري ڪيل پروانن ۽ سندن فرمانن
جي جمع آوري ۽ تصويرن ۽ وضاحتي حاشين سان انهن جي
اشاعت.) (7) مڪاتيب انندرام مخلص، از انندرام مخلص
( انهن خطن مان ڪلهوڙن جي تاريخ ۾ مولانا غلام
رسول مهر جزوي ڪم ورتو آهي، جنهن ڪري ضرورت آهي ته
انهن جو پورو متن شايع ڪيو وڃي. (3)
(مڪاتيب اننندرام مخلص پهريون دفعو 1852ع ۾
دهلي جي شمس المطابع مان ڇپيو هو ، هاڻ ناياب
آهي )
3. پير صاحب، ” تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد پهريون
جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته هن صفحن ۾ مسودي جي پهرئين
ڪاپي پهرئين جلد جي نالي سان شايع ڪئي وڃي ٿي، اڃا
چار ڪاپيون باقي آهن جن ۾ 348 سوانح موجود آهن،اها
خبر فقط خاوند کي آهي، ته انهي رهيل مواد جي شايع
ڪرڻ جي سعادت منهنجي زندگي نصيب ڪندي يا نه !
بهرحال جيئن رب ڪريم گهريو تيئن ئي ٿيندو.“ (4)
4. هڪ مقالي ” شاهه تي تحقيق“. ۾ پير صاحب لکيو
آهي ته ” مون ڏٺو آهي ته ٻارهين صدي هجري ۾ شاهه
عبداللطيف کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي شاعر هئا، جن
جو ڪلام پڻ ......اعليَ.......... درجي جو آهي،
اهو جديد اصول آهي ته ڪنهن شاعر جي صحيح تجزيي
لاءِ ان جي معاصر شاعر جي ڪلام جو مطالعو ڪيو وڃي،
(1) جنهن لاءِ ضروري آهي ته انهن همعصر شاعرن جا
ديوان گڏ ڪيا وڃن، ان مان ان مسئلي جي خبر پوندي
ته شاهه صاحب انهن شاعرن مان منهن موڙي پنهنجي
شاعري ۾ ڪهڙيون نيون راهون ورتيون، (2) شاهه
عبداللطيف ۽ سندس خاندان جي صحيح سوانح مرتب ڪئي
وڃي، سندس استاد ڪير هو، سندس اٿڻي ويهڻي ڪيئن،
ڪهڙي هئي.... تنهن ڪري انهيءَ تي به تحقيق ڪريو ۽
ڪتاب لکو. (3) شاهه عبداللطيف جي دور جي سياسي ۽
تمدني تاريخ تي مواد گڏ ڪري مفصل نموني تي لکجي،
پوءِ اسان کي معلوم ٿيندو ته ڪهڙا محرڪات هئا، جن
جي بنياد تي شاهه اهو شعر جوريو، (4) انهي موضوع
تي تحقيق ڪئي وڃي ته شاهه جي زماني ۾ سنڌي ۾ تصوف
جون ڪهڙيون ڪهڙيون جديد تحريڪون هيون، انهي مان
آساني سان اندازو لڳائي سگهنداسين ته انهي تحريڪن
۾ شاهه ڪهڙو حصو ورتو، (5) شاهه جي رسالي جو قيمتي
ايڊيشن شايع ڪرائجي جو رڳو محققن لاءِ هجي. (5)
5. پير صاحب پنهنجي هڪ ٻئي مقالي ” نئين سنڌ جا
اهم مسئلا ۽ معاملا ۾ لکيو آهي ته“ جيڪي به سنڌ جا
فنڪار ٿي گذريا آهن،انهن جو تصويرون ۽ انهن جا
حالات شايع ڪرڻ گهرجن“ (6)
6. مڪلي نامه جي مقدمي ۾ پير صاحب لکي ٿو ته ” هن
دفعي اڃان به ڪئي آثار حاشين لکڻ کان رهجي ويا
آهن،باوجود هر ممڪن ڪوشش جي به راقم انهن کي ڏسي
ڪو نه سگهيو، تنهن ڪري نه جاءِ وقوع جو ڏس پتو پيو
نه صورت حال جو مشاهدو ٿي سگهيو، تنهن ڪري مجبوراَ
(1) ارض پاڪ مصلي (2) چاهه محاذي محراب عيد گاهه
(3) غار هائي جبل مشرق رويه زمين ميڪرا (4) پير
غيب (5) تالاب اگهور (ترديڪ طفرل آباد) ۽ (6)
ملادائود درس، مسجد وتالاب.“ (7)
7. راشدي صاحب پنهجي مقالي ” سنڌي جي تاريخ جا
ماخذ“ ۾ هڪ تاريخي ۽ قلمي ڪتاب ” جغرافيه سنڌ“
متعلق لکي ٿو ته ” هن ڪتاب جو صحيح نالو معلوم ٿي
ڪو نه سگهيو آهي، برادرم مڪرن مولائي شيدائي تازو
مون کي اطلاع ڏنو (الوحيد جي ذريعي) ته اهو ڪتاب
ميان نور محمد جي فرزند ميان عطر خان ٻارهن جلدن ۾
تصنيف ڪرايو، اهي ٻارهن ئي جلد گويا سنڌ جي تاريخ
لاءِ اکٽ ۽ عظيم الشان سرمايو آهن، تاريخ سنڌ جي
سلسلي ۾ خدا ڪري جو هي ڪتاب ملي وڃي ۽ ان کي شايع
ڪري سگهجي، ان ڪتاب جو نالو نگران سنڌ، چيو وڃي
ٿو.“
8. پير صاحب پنهنجي مقالي ” سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي
خط“ ۾ سنڌ جي تاريخ سان ڳانڍاپيل خطن جي ڪن مجموعن
جهڙوڪ (1) گلدسته نورس بهار از شيخ عبدلرئوف
سيوهاڻي (2) خلاصته المڪتوبات، از ميان
هارون ۽ منشي عبدالرئوف (3) انشاءِ نور الحق
مشتاقي، از نور الحق مشتاقي سيوهاڻي، (4) انشاءِ
عطارد، ازمنشي شيوڪ رام عطارد (5) مجموعه مڪاتيب
دانشگاهه سنڌ (6) مجموعه رقعات دانشگاهه سنڌ. (7)
گلدسته باغبان، از ميان قاضي حافظ محمد نصرپوري
(8) انشاءِ ابري جلد اول، از ابراهيم سيوهاڻي (9)
انشاءِ ابري جلد دوم (10) منهاج الشعور، از
ابراهيم ابري سيوهاڻي (11) تاريخي انشاءَ (12)
انشاءِ خبرت، از سلطاني مل خبرت (13) انشاءِ منشي
محمد سعيد (14) رقعات امام الدين، از مان الدين
هالائي (15) انشاءِ (16) مجموعه شاهي استاد
وفرامين (17) مجموعه اسناد وفرامين (18) مڪتوبات
قانع، از مير علي شير قانع (19) مڪتوبات مير عظيم
الدين ٺٽوي (20) مڪتوبات مير نصير خان ٽالپر جو
ذڪر ڪيو آهي.
انهي مقالي ۾ پير صاحب مڪاتيب جي پهرين مجموعي
متعلق لکي ٿو ته ” هن ڪتاب جا ٻه نسخا منهنجي ڪتب
خاني ۾ موجود آهن، جن کي آڏو رکي مون هن ڪتاب جو
متن تيار ڪيو آهي ۽ انتظار ۾ آهي ته تاريخي حاشين
۽ چٽاين سان انهي کي ڇاپيو وڃي“ اڳتي هلي پير صاحب
وري لکي ٿو ته ” زنده قومون پنهنجي تاريخي اثاثي ۽
تهذيبي ورثي کي سيني سان سانڍين ٿيون، ڪاش اسان وٽ
به هن قومي سرمائي
جي بچاءُ جو احساس سجاڳ ٿئي ۽ اسين به هوش ۾ اچون
۽ تاريخي خطن جا قدم بقدم اهڙا مجموعا گڏ ڪرڻ ۽
ڇاپڻ شروع ڪريون، جنهن ذريعي اسان جي تاريخ جون گم
ٿيل ڪڙيون ملي وڃن ۽ دلچسپ اندروني معاملا ۽ مسئلا
معلوم ٿين، جن جو اڄ تائين اسان کي علم نه ٿي
سگهيو آهي.“ (9)
9 پير حسام الدين راشدي، پنهنجي ايڊٽ ڪيل تذڪري ”
تذڪره مشايخ سيوستان“ جي شروعات ۾ لکي ٿو ته هي
تذڪرو ٽن قسطن ۾ شروع ڪري رهيو آهيان، (1) فارسي
متن (2) فارسي متن جو سنڌي ترجمو (3) حاشيه، مقبرن
جو احوال، نقشا ۽ تصويرون،“ (10) انهي تذڪري جو
فارسي متن پير صاحب مهراڻ نمبر 3/1974ع ۾ شايع
ڪرايو ۽ انهي متن جو سنڌي ترجمو نياز همايوني ڪيو،
جيڪو مهراڻ نمبر 3
-4/
1979ع ۾ شايع ٿيو، ليڪن انهيءَ تذڪري جو ٽيون
مرحلو يعني ” حاشيه، مقبرن جو احوال، نقشا ۽
تصويرون“ اڃان تائين مڪمل نه ٿيو آهي،
10. ڪتاب”هت بهشت“ جي شروعات ۾ پير صاحب لکي ٿو
ته” ٺٽي جي مشهور ۽ باڪمال فارسي شاعر، ملا
عبدالحڪيم عطا جي ديوان جو هڪ نهايت ناقص ۽ زبون
نسخو اڄ کان تقريبن-- اٺ سال کن اڳ اسان کي جو
انهن جو پڙهڻ، لفظن ۽ اکرن جو پروڙڻ هڪ ڪٺن ڪشالي
جو ڪم هو، اهو نسخو مرتب ڪرڻ لاءِ سيد محمد مطيع
الله راشد برهانپوري جي حوالي ڪيو ويو، راشد برهان
پوري مهينن جي مشقت بعد جيڪو ڪلام مرتب ڪري ڏنو،
سو انهيءَ خطي ديوان جي اڌ کان به ڪي قدر گهٽ صحيح
سالم وڃي بيٺو، (ديوان جو اهو حصو سنڌي ادبي بورڊ
1956ع ۾ شايع ڪيو.) نسخي جي باقي حصي جا اڌوگابرا
شعر جن جا اڌ ڪيل ۽ جتان ڪٿان ضروري لفظ ٽڪيل جيڪي
ڇپجڻ لائق نٿي ٿي سگهيا، سي بورڊ جيڪتب خاني ۾
محفوظ ڪيا ويا تاڪ جڏهن قسمت جاڳي، نصيب کلن، سنڌ
سونهاري جي علمي ماضي جا مدفن خزانا هٿ لڳن،انهي
جون ڪنجون ملن، ڪلهن تان ڪٽ لهي ۽ اهي کلن، لڪل
راز پاڻ ئي آشڪار ٿين ۽ منجهان ديوان عطا جو ڪو
ٻيو نسخو هٿ چڙهي، ان وقت نه ڇڙو اڻ ڇپيل اوراقن
جاخال ڀرجن بلڪ ڇپايل حصي جي ڪيترن نا مڪمل شعرن
جي پڻ تصيح ڪري مڪمل ديوان کي دوبارو ڇپائجي،
1960ع ۾ آءُ منيلا منجهه هيس جو سنڌي ادبي بورڊ جي
سابق ۽ لائق سيڪريٽري محدم ابراهيم جوئي صاحب
اطلاع ڏنو ته عطا جي سلسلي ۾ ٻه ٻيا نادر نسخا به
هٿ لڳا آهن يعني عطا جي مدحيه ۽ نعتيه قصيدن جو
مڪمل ۽ ضخيم ديوان ۽ ٻيو هشت بهشت جي نالي سان عطا
جون اٺ مشيون (11) (عطا جون هٿ آيل اٺ عدد
مشينون“ هشت بهشت جي نالي سان پير صاحب ايڊٽ ڪيون
آهن، اهو ڪتاب 1963ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو
آهي.)
11. تاريخ مظهر شاه جهاني فارسي (از ميرڪ يوسف) جو
ٻيو ۽ آخري حصو جيڪو سنڌي تاريخ
وابسته آهي، سو پير حسام الدين ايڊٽ ڪيو آهي اهو
حصو 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي،
(هن ڪتاب جي انهي حصي جوسنڌي ترجمو به سنڌي ادبي
بورڊ طرفان ڇپجي چڪو آهي ۽ انگريزي ترجمو ڊاڪٽر
سليم 1 اينڊسولائيزيشن اسلام آباد طرفان شايع ٿيو
آهي.) پير حسام الدين راشدي، تاريخ مظهر شاهجهاني
جي انهي ڀاڱي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته ” پهر جب کبهي
اس کتاب کان دوسرا ايڊيشن تيار کيا جائي تو ان
تمام باتو کان خيال رکهنا از بس لازمي هي تاکه اس
کان دوسرا ايڊيشن زياده جامع او مکمل بن جائي،
بلکه اس وقت ضرورت اس بات کي بهي هي کي قسم اول
بهي اس کي ساتهه شامل کردي جائي، جو بجاءِ خود
نظام حکمراني کي کتابيات کي ايک اهم کڙي هي.“ (12)
16. مقالات الشعراٰءِ (از مير علي شير قانع) ايڊٽ
ڪرڻ وقت پير صاحب جي خواهش هئي ته نه مٿس تعليقات
به لکيا وڃن، ليڪن اهو ڪم ڪنهن ٻئي موقعي تي ڪرڻ
جي صلاح سبب ڇڏي ڏنائون، انهي سلسلي ۾ مقالات
الشعراءَ جي” آغاز“ ۾ لکي ٿو ته ” در ابتداءِ
اراده داشتم که معلوما مزيدي را راجع باحوال
شعراءِ و وقائع تاريخي بصورت تعليقات در آخراين
کتاب فراهم آورم، ولي چون ضخامت کتاب پيشتر گرديد،
بران شدم که قسمت تعليقات را دريک جلد علحده
بياورم، که انشاءَ الله بعد از طبع اين جلد بزودي
بنظر دانشمندان خواهد رسيد“ (13) انهي ڪري پير
صاحب مقالات الشعراءَ جي ڪيترن ئي صفحن جي حاشين
کي لکندو ويو آهي ته ” رجوع ڪنيد تعليقات“ ڏسو
مقالات الشعراءِ جا صفحا 25، 93، 7. 1. 169. 176.
241. 679. 68. 282. 283. 284. 357. 362. 373. 391.
448. 445. 475. 489. 650. 697. ... 7، .74، 755،
778، 792، 3، 8، 835، 836، 837، 875، ۽ 877 وغيره،
افسوس جو تعليقات وارو اهو ڪم نه پير صاحب حياتي
جي وفا نه ڪرڻ سبب نه ڪري سگهيو،
پير صاحب هڪ انٽرويو ۾ فرمايو آهي ته ” ٽن چئن
سالن کان وٺي منهنجي ذهن تي ٽي ڪم آهن،خدا موقعو
ڏنو ته انهن کي پورو ڪندس، هڪڙو ڪتاب آهي، ”تاريخ
رشيدي“ منهنجي هڪڙي مرحوم دوست جي فرمائش آهي، ته
اهو ڪتاب مان ايڊٽ ڪريان ۽ شايع ڪيان، خدا توفيق
ڏئي، منهنجو اهو هڪڙو فرض آهي جيڪو ادا ڪرڻو آهي،
ڪم اڃان شروع ڪو نه ٿيو آهي ، هن ڪتاب جا پنج ڏهه
نسخا جيڪي دنيا جي مختلف هنڌن تي هئا سي سڀ گڏ ڪري
رکيا اٿم ۽ انهي کي فقط تصيح ڪري متن تيار ڪرڻو
آهي ۽ اهو ڪم اڃان تائين ان ڪري شروع ڪري نه سگهيو
آهيان جو محنت تمام گهڻي آهي ۽ اها طاقت مان پاڻ ۾
نٿو سمجهان، مون نه ڪيو ته انشاءَ الله ڪو ٻيو
ڪندو ۽ بهرحال اهو ڪم منهجي ذهن ۾ آهي.
ايڇ، ٽي، لئمبرڪ: ” جان جيڪب آباد “ ص ص 157-
158هي نقشو ڪتاب جي ٻئين ڇاپي ۾ به آهي، جو
آڪسفورڊ يونيورسٽي 1975ع ۾ ڇپيوآهي.
ڊي هينڊبڪ آف دي پنجاب، ويسٽرن راجپوتانا،
ڪشمير اينڊ اپر سنڌ، جان مري لنڊن سال 1883ع،
T.G. Carless, memoir to accompany the survey
of Delta of the Indus, RoyelGood, Soc, Vol,
(1837 p. p 459-500) p.p 328-366 and vol,
v111 (1838),
|