وسيم سومرو
ڏيڍوڻا
مهراڻ جيان ڇليندين،
تون منهنجي سوچن ۾، چانڊاڻ جيان ڇلندين.
جا ڪوڪ اڏي آهي،
ڪيئن ڌار چوان ان کان، جا لام لڏي آهي،
آڪاس ٻڏي ويو آ،
ڄڻ ٽهڪ، پکي بنجي، هر ڪنٺ اڏي ويو آٰ،
هو ڀاڳ- ڀٽون منهنجون،
ٿيون واريءَ تي اڏرن، ٿي سونهن، سٽُن منهنجون،
آجيون رقص جيان،
جي سورج جيئن ڏسين، آجر جي عڪس جيان،
ڄڻ جهرڻن جيئن آهين،
مان اونداهي آهيان تون ڪرڻن جيئن آهين
ٿي سپنو موت اڃان،
ڪا مڌ حياتيءَ جي، تون مون ۾ اوت اڃان
ڪا ڇولي ٿي آئي،
هيءَ تنهنجي ساروڻي، جھڻ هولي ٿي آئي،
احمد سولنگي
غزل
لهرون، پکي، ڪنارا، ساحل ويچار ۾ هن،
نيرا اٿارهه ساگر تنهن جي نهار ۾ هن،
ڪي زلف سرڪشيءَ ۾ زنجير ٿي پون ٿا،
ڪيئي سنگين گهيرا ٻانهن جي هار ۾هن،
موسم جون مهربانيون هرنديون رهيون هوا ۾،
گهر جون گليون اوهان لئه مهڪيون بهار ۾ هن،
ڏي جهول ۾ گلابي، انمول گل اسان کي،
توئي گلاب پوکيا، پنهنجي خمار ۾ هن،
ڪنهن چنڊ جي تمنا پاڳل ڪيو اسان کي،
ڪي رات جا ستارا پنهنجي پچار ۾ هن،
مولابخش چانڊيو
هائيڪا
اڄ خاموشيءَ ۾ ڪيڏو
کيپ خريب
چنڊ روئي پيو مون سان پياري تنهنجي
پيار جون
راڪا پوشيءَ ۾ راهون
پر فريب
سارو ڏينهن ڪڙهي مار نه
پاهيڙي
سرمئي سانجهه اچي پئي آڙي نيري سمنڊ
جا
سوني تشت چڙهي آهي ساهيڙي
ملون ات موٽي
پنهنجا سار ته تون
جڙيل جت جيل جي پنڇي نيري
سمنڊ جا
چانديءَ مان چوٽي ماري
مار نه تون
برسي جيارين
سارنگ توکي سڪ مان
سانگيئڙ سارين
زوار نقوي
نثري نظم
تنهنجي مٿي جا وار،
منهنجي هٿن جي آڱرين ۾،
ائين وکريا پيا هن،
جيئن،
زندگي جي ڪينواس تي،
رابيل جا گل تڙي پون!
محسن عباسي
غزل
هتان ماڳ ڊاهي ٿو ٻئي پاسي ٺاهي،
سفر جو ثمر اڄ سڄڻ ٿو سنڀاهي!
نصيبن ۾ لکيل اڳي اونڌ هئي پر،
وڃڻ وارو ويتر ٿو ڳڻين ۾ ڳاهي،
چڪايا چري چاهه ۾ چاڪ چت جا،
پريان وس پنهل جي ته چاهي نه چاهي!
سڙيءَ کي سريون سڪ ۾ سورن جون سوٽُون،
اڃا چئو ته سر جو ڇڏيون سانگو لاهي!
مئي ماڳ مڪليءَ تي ويٺي اڏي پر،
ڇپر ڇڏيو ڇوريءَ جو ڇانئي ته ڇاهي!
ننگر ۾ ڪا نانگي، گهنگهر ويٺي گهاري
نماڻيءَ سان نينهن جو ڪو ناتو نباهي
مناسب نه ”محسن“، جڏيءَ سان جدايون
ڪري قرب ڪنهن ڏينهن اچو ڪرهو ڪاهي
منظر راڄپر
وائي
ايڏي تائيءَ،
ڪنهن کي ڳولين ٿي؟
گهوري گهريءَ سوچ مان
اڀ سرمائيءَ ۾،
ڪنهن کي ڳولين ٿي؟
تڪي پنهنجي ڳوٺ جي،
هر نم سائيءَ ۾،
ڪنهن کي ڳولين ٿي؟
کولي رسالو شاه جو،
هر هڪ وائيءَ ۾،
ڪنهن کي ڳولين
ٿي؟
ايوب کوسو
وائي
اکيون ائين نه تاڻ-
متان سج لهي وڃي!
ڪيڏا جذبا جيءَ ۾،
ڪيڏي آ سرهاڻ،
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
ٽڙندا گل رابيل جا،
راهن ۾ پل ڄاڻ،
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
ڪير ٿو جھاڻي تنهاڻي،
ڇا ڇا ڪندي هاڻ!
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
سدا وسندي ئي رهي،
چئونرن تي چانڊاڻ،
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
وڇڙي پوءِ به رهنداسين،
ساروڻين ۾ ساڻ،
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
اوشل ائين نه ٿي،
رهون نه ساڳيا پاڻ،
اکيون ائين نه تاڻ!
متان سج لهي وڃي!
عبدالحميد آس ٻٻر
غزل
ڌيري ڌيري، خوشبو وکري ويندي آ،
خوابن جهڙي ياد به، وسري ويندي آ،
ڪي ڪي لمحا، رنگ ڇڏن ٿا نيڻن ۾،
هونئن نه ته، هرڪا موسم گذري ويندي،
ڪڏهين ڪڏهين، ننڊ به چوري ٿيندي آ،
ڪڏهين ڪڏهين، دل به نڪري ويندي آ،
جهڙ بنا ڀي، ماڻهو پسندو آهي، دوست!
ياد به ڪڏهين بڻجي ڪڪري ويندي آ،
ڪويل ناهي ٺاهيندي ڪو آکيرو،
بي گهرآهي آخر اڏري ويندي آ،
تو کان پوءِ، ڏينهن به گذري ويندو آ،
چنڊ تڪيندي، رات به نبري ويندي آ،
نصير ڪنڀر
غزل
گهاءُ اندر جو، ڀرجڻ گهرجي،
ڏات نئين ڪا، سرجڻ گهرجي،
ڪو به رسامو، ٺيڪ ئي ناهي،
هاڻي پاڻ کي، پرچڻ گهرجي،
ڪيسين هينئن، ڪنارن هلبو؟
گهاٽ بنا به، اڪرڻ گهرجي،
روشنين ڏي، وک وڌائي،
انڌريان مان، نڪرڻ گهرجي،
پاند بچائي، ڪيسين رهبو؟
قاتل سان به، ٽڪرڻ گهرجي.
درد دلين ۾، اڻ کٽ ليڪن،
هر ڏک ساندي، مرڪڻ گهرجي.
نظر محمد بڙدي
غزل
شام آهي رتل رنگ ۾،
سج به آ ٻڏل رنگ ۾،
اڄ مليا اوپرن وانگيان،
خواب پنهنجا رٺل رنگ ۾،
مينهن سان شل هجي آ گميل،
ڀونءِ ٿر جي ڀنل رنگ ۾،
زندگي ٿي گهري آجپو،
آدميءَ کان ڊنل رنگ ۾،
سونهن ۽ سچ جي ميڙ سان،
ڏات آئي غزل رنگ ۾،
مهر خادم
”هائيڪا“
گهوري تڪيائين،
هيڏي هوڏي ڏسي پوءِ،
انبڙي پٽيائين
بلب ٻري ٿو پوپٽ تيز اڏرندو
اوڏهن وڃي ٿو
هيءَ به ڪائي ڇانو
کجيءَ هيٺان ويهي ڪري
نڪر ويس دانهن
هيون مينهن ڪڻيون
هوا جي جهوٽي لڳڻ سان
وڻ مان جي ڪريون
ڪنن تي پڙلاءِءُ
اٿي بيهي ٻڌائين
ڪونجن جو ڪرلاءُ
سامهون آئي پئي
ڏسي مرڪي چميائين
کڻي ٻار کي،
اقبال رند
گيت
هر خواب کان آڳانجهڙيون،
تنهنجون اکيون نيرانجهڙيون،
تنهنجن اکيون نيرانجهيڙيون،
ايندا ڳلن تي ڳاڙڻا،
ٿينديون لڄاريون لانجهڙيون،
تنهنجون اکيون نيرانجهيڙيون،
ڄاتو نه مون هو، موهه جون،
ٿيندي ڳليون ميرانجهڙين،
تنهنجون اکيون نيرانجهيڙيون،
پڻڇي وڻين ووڙي لهن،
سر، ٿي وڃن ٿيون سانجهڙيون،
تنهنجون اکيون نيراجهڙيون،
حبدار سولنگي
غزل
جهڳي، جهڳي اداس آ،
نظر، گهٽي اداس آ،
امن اڏي هليو ويو،
اڇو پکي اداس آ،
اوهان بنا بهار ۾ ،
ڪلي ٽڙي، اداس آ،
ڪنوار پرڻجي وئي،
هوا سکي، اداس آ،
ڪوي ٿومونجهه ۾ رهي،
الئه مٽي اداس آ؟
هليو وئين، ته ڳوٺ ڀي،
سچي پچي اداس آ،
”اديب“ انقلابي
غزل
حسن آ انتخاب شاعر جو،
خيال آهي عقاب شاعر جو،
شاعري وڃ خدارا اڄ موٽي،
موڊ آهي خرابشاعر جو،
ان کان بهتر اڃا ڇا قسمت جو،
چمڪندو آفتاب شاعر جو ؟
باغ جي بئنچ تي، حسينا کي،
هٿ ۾ هو ڪتاب شاعر جو!
گيت ڪاڳر تي جڏهن آ لکندو،
ڪنهن ڏٺو اضطراب شاعر جو؟
روح بي تاب ۽ ٿئي ٿو پيو،
جگر، جيرو، ڪباب شاعر جو!
هڪڙو شاعر نه پر، پڙهندڙ بي،
ڀوڳيندو آ عذاب شاعر جو!
امن عالم ۾ ٿي پوي رائج،
ساڀ ٿي شل خواب شاعر جو،
پشپا ولڀ
ڪچن ۾ رکيل تئي جهڙو روپ
محبت جي آرسي
جنهن ۾ منهن ڏسي سگهيو آهي
ڏسي خوش ٿيو آهي،
پڇبو آهي:
مون جهڙو حسين ڪٿي ڏٺو اٿيئي؟
مون جهڙوخوش ڪٿي ڏنو اٿيئي؟
سو ڪچن (Kitchen)
۾
سئي گئس پٺيان رکيل
تئي جهڙو ٿي ويو آهي
دونهين ۽ سڻڀ ۾ ڪاراٺجي ويو آهي!
گوري ولڀ
سيما
آس نراس جي
ٽياس تي لٽڪيل
ميلاپ ۽ وڇوڙي
جي وچ ۾
آهيان مان
اها ڪهڙي سيما آهي
جنهن مونکي
وچ تي ئي روڪي
رکيو آهي
مصطفيَ ارباب
هڪ ڪهاڻي
اها ڇوڪري،
جيڪا ننڍي هوندي
مون سان گڏ کيڏندي هئي
هاڻي ستين ماڙ تي
هڪ فليٽ ۾ رهي ٿي
۽ آئون گرائونڊ فلور تي
آئون مٿي نٿو چڙهي سگهان
۽ هوءَ
هيٺ لهڻ جي سگهه نٿي رکي
خواب
فاصلن کي ختم نٿا ڪن
۽ آئون هڪ ڪهاڻي لکان ٿو
جنهن ۾ اسين ٻئي
گڏ ويهي چانهه پيئون ٿا
۽ محبت جون ڳالهيون ڪندا رهون ٿا
هڪ ڪهاڻي
هڪ ملاقات ڪرائي سگهي ٿي
سڀاڻي آئون
وري هڪ ڪهاڻي لکندس.
سرور نواز ٻگهيو
غزل
حسن جو شاهڪار هين والله!!
سر بسر ڄڻ ته پيار هين والله!
دل چوي ٿي ته پوڄجي توکي،
منهنجو تون اعتبار هين والله!
تنهنجي آئي ٿو ڳاٽ ٿئي اوچو،
ماڻهون تون شاندر هين والله!
تو سوا ڪير منهنجا ميٽي غم؟
تون ئي هڪ غمگسار هين والله!
ايڏو سهڻو خدا اٿئي خلقيو ،
هر جڳهه آ شڪار هين ولله!
چيٽ جي رت هجي يا سانوڻ جي،
تون سدائين ملهار هين والله!
توکي ڏسندي خطا ٿئي ٿو هوش،
اهڙو ڪوئي خمار هين والله!
ساهه سرور جوتو ۾ آ، ۽ تون
ان جي دل جو قرار هين والله! |