ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان وٺي ڪپڙن پهرڻ جو انداز تائين
تبديل ٿي ويو هو، اڳ جيڪو هو ڏاڙهي به نه لاهيندو
ڇا جا سندس سڪل منهن تي ائين بيٺي هوندي هئي ڄڻ
ڪنهن ڪلراٺي زمين تي ڊڀ ڦٽي پيا هجن، پرهاڻي ڏاڙهي
ته هن کي پنهنجن ڪوئي جي پڇ جهڙين مڇن تي به ڪو
رحم ڪونه آيو هو.
چيم: ” يار تون گهڻو تبديل ٿي ويو آهين.“
چائين: ”تبديلي زندگي جو نڪ نيم آهي.“
ان رات گهڻي دير تائين ويهڻ کان پوءِ هوا ٿي هليو
ويو ۽ پنهنجي پٺيان پنهنجن خطن جي سرهاڻ ڇڏي ويو
ٻي رات هو وري آيو پر هڪ غير متوقع ۽ عجيب تبديلي
سان،سندس وارا اهڙا بڻيل هئا، جنهن کي غالبا ڪو نه
هينئر اسٽائيل نه ٿو چئجي سگهي،سندس منهن ڏسي مون
کي سياري واري سنڌو درياءُ جو خالي پيٽ ياد اچي
ويو، سندس منهن تي ڪي اوپرا واچوڙا پئي ڦريا، جنهن
۾ڪو جن ڀوت ڪو نه هو پر اهي اداسي جي واري ۾ خواهش
جي سڪل ڪکن سان ڀريل هئا، سندس منهن تي ايتري ته
واري اڏامي رهي هئي جو مون کي لڳو ته منهنجي ڪمري
جي هر هڪ شئي تي ان اداس واريءَ جا تهه چڙهي ويا
آهن ايتري قدر جو اها واري منهنجي وات منجهه به
ڪرڪر ڪرڻ لڳي تڏهن کائنس پڇيم:“
” خير ته آهي دنيا کي واري سان پورڻ جو خيال آيو
اٿئي ڇا.“ چيائين: ” دنيا کي ڪونه ٿو پوريان
پنهنجو پاڻ کي پورڻ جي پيو ڪوشش ڪيان.“
چيم: ” ڇو ٿو پاڻ کي پورين...... توکي قبر جي
اونداهيءَ کان ڀو ناهي ٿيندو.“
قبر جي گهرائي جيڏو گهرو ساهه کڻندي چيائين: ” قبر
جي اونداهي کان وڌيڪ ڊيڄاريندڙ اونداهي ته هتي
آهي..... مان ته روشنين ڏي وڃڻ ٿو چاهيان.......
روشنين ڏي....... مون کي سندس خيالجهٽڪو ڏئي ڪڍيو.
چيم: ” يار ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين....... خط
لکندڙ ڏي ته خير آهي نه!؟“
منجهيل ساهه کڻندي چيائين: لکندڙ ۽ پڙهندڙ منجهان
وڌيڪ عذاب ڪير ڀوڳيندو آهي.؟“
چيم: ” دوست،لکڻ وڏوعذاب ڏيندڙ عمل آهي.“
چيائين: نه ” پڙهڻ وڌيڪ پيڙا ڏيندڙ عمل آهي،
لکندڙ پنهنجي لکڻي لکڻ کانپوءِ صرف هڪ دفعو
پڙهندوآهي جا به کيس شڪار ٿي ويل شينهن جيان لڳندي
آهي، جڏهن ته پڙهندر کي اگر ڪا شيءَ وڻي وئي ته
پوءِ هو ان شيءَ کي سڄي زندگي پيو پرهندو آهي ۽
سڄي عمر پيوعذاب ڀوڳيندوآهي.“
چيم: ” مقصد جي ڳالهه ڪر يار هي ڪهڙوپيو ابتو
فلسفو ڳالهائين“
ڏڪندڙ هٿن سان خط کي ٽيبل تي منهنجي نگاهن آڏو
کولي ڇڏيائين، جنهن تي هي اکر پکڙيل هئا،” ڊيئر،
مون کي يقين آهي ته تون اهوٻڌي روئندين نه، ته
منهنجي شادي ڪنهن ٻئي سان طئي ڪئي وئي آهي، منهنجي
ٿيندڙ ور جو آمريڪا ۾ تمام وڏو بزنس آهي ۽ مان به
شادي کان پوءِ آمريڪا هلي ويندس ۽ لائف انجواءِ
ڪندس زندگي خدا ماڻڻ لاءِ ڏني آهي ته پوءِڇو ڀلا
ان کي ڪنهن جي ياد ۾ گهاري ڳاري ڇڏجي، ڊيئر تون به
مونکي وساري ڇڏجانءِ ۽ پنهنجي لائف کيان جواءِ
ڪجان، فقط تنهنجي (محبوبه).“
خبر ناهي ته ان وقت لفظن مان مس اڏامي وئي هئي يا
منهنجي اکين آڏو ڪي بادلن جهڙا پردا اچي ويا هئا،
جو سڀ اکر ڌنڌلا ٿي ويا هئا، مان هڪ اڇاتري نظر
سندس چهري تي اڇلائي....... سندس چپن تي اڻلکي مرڪ
سڏڪا ڀري رهي هئي.
چيائين: ”هن صحيح لکيو آهي ته، مان روئندس ڪو نه
....... مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.“
،هان يقينن ان وقت شاڪ ۾ هليو ويس ۽ جيسين مان شاڪ
منهجان نڪران هوڪمري مان تيز هوا جي جهوٽي جيان
نڪري ويو ۽ پٺي اندر هڪ وڏي رڙ ڪري ماٺ جي عميق
منجهه ٻڏي ويو، مان سندس پٺيان لڳڻ جي ڪوشش ڪئي،پر
ٻاهر ايتري ته اونداهه هئي جو مان پنهنجوپاڻ کي ئي
نه پئي ڏسي سگهيم.
صبح جو هاسٽل ۾ سندس لاش ايمبولينس تي کڄي آيو،
پوءِ هو قبر جي اکين ۾ پنهنجي وصيت جي ابتڙ پنهنجن
خطن کانسواءِ دفنايوويو ڇو ته خطن کي ساڻس گڏ پورڻ
تي ڳوٺ جي ڪيترن يئي مذهبي ماڻهن اعتراض ڪيو هو.
گهڻا ڏينهن پوءِ مون کي سندس ڊائري ملي هئي، جنهن
مون کي ٻڌايو ته هن جي زندگي ۾ اهڙي ڪنهن به
ڇوڪريءَ جو وجود نه هيو، جيڪا هن کي خط لکي ها.
مون کان وڌيڪ سندس ڊائري حيران هئي ته آخر هن
خودڪشي ڇو ڪري ڇڏي.؟
آصف فرخي
سنڌيڪار: رضيه طارق
شهر ۾ آواره
”شهر ۾ڪتن ٻلين سان اهوئي ٿيندوآهي.“ مان
سيما ک سمجهائڻ چاهيو هو،صبح جو وقت هو، شايد انهي
لاءِ هو ايترو ڳهٻرائجي وئي هئي.
روڊ تي جيڪو چيڀاٽيو پيو هو تنهن مان صاف بکي رهيو
هو ته ٻلي هوندي يا گلر هوندو،کَلَ ۽گوشت جا ٽڪر
روڊ کي چهٽي پيا هئا کَلَ جي رنگت اهڙي ميرانجهڙي
هئي جو اندازو لڳائڻ به مشڪل هيو ته ان جو رنگ اصل
۾ ڪهڙو رهيو هوندو. ان وقت يعني جنهن وقت اها
جيئري جانور جي کل هئي،ان گهڙي کانپوءِ هن پل
تائين اهاهڪ ٿيلي بڻجي چڪي هئي، جنهن ۾ گهتيل آنڊا
۽ اندروني عضوا روڊ تي هارجي ويا هئا اهي سڀ پڻ
الڳ الڳ رهيا هوندا پرهاڻ ڦيٿن هيٺيان اچي ڦسي سڌا
ٿي چڪا هئا ۽ جهلين جيان روڊ تي چهٽيل هئا،انهن
مان نڪرندڙ رت جون ليڪون ڪجهه پري تائين وڃي روڊ
جي ڪاري رنگ ۾ اهڙي ريت ختم ٿي رهيون هيون جو ڪا
سڌ ئي نه ٿي پئي، اهي سموريون ڳالهيون مان هڪدم نه
پر هوريان هوريان ڏٺيون ۽اهو به تڏهن جڏهن ان ڍير
ڏانهن ڏسندي سيما جون اکيون ۽ ڳلو ڀرجندي ڀانيم،
ان کان اڳ مون اهوئي ڏٺو هو ته هن جو سر نه آهي ۽
پٺيان هڪ چنبو صاف نظر اچي رهيو هو.
گاڏي سان چيڀاٽيون ويو آهي، امالڪ سامهون اچي ويو
هوندو ۽ گاڏي هلائيندڙ کان اوچتي بريڪ نه لڳي
هوندي.“ مان پنهنجي پاڻ کي چوندي ٻڌو، مونکي ائين
لڳو ته ان جو مطلب سيما کي ٻڌائڻ گهريم، جو ڪجهه
اسان کي روڊ تي پيل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي،هڪ چپيل
جانور جنهن جو سر ۽ پير چيٿاڙجي دز ۽مٽي ۾ گم ٿي
ويا آهن.
” اهو به ٿي سگهي ٿو ته گاڏي هلائيندڙ بريڪ لڳائڻ
ضروري نه ڄاتو هجي، آخر ۾ هو پنهنجي گاڏي جي رفتار
گهٽ ڇا لاءِ ڪري؟“ منهنجو لهجو پهريان کان وڌيڪ
کوکلو هيو. پر ان فرضي صورتحال ۾ ڊرائيور جو نقطئه
نظر درست معلوم ٿيڻ لڳو، ” آخر هو پنهنجي گاڏي جي
رفتار ڇو گهٽ ڪري؟ ڪتو ئي ته آهي، گهڻائي ڦرندا
رهن ٿا شهر جي ڳلين ۾، گاڏي هيٺيان اچي چيڀائٽجي
مئو ته ڪهڙو فرق پيو، شهر ۾ ڪتن ٻلين سان اهو ئي
ٿيندو آهي.“
”ته اوهان جي خيال ۾ جيڪو ٿيو ٺيڪ ٿيو؟“ سيما جي
آواز ۾لرزش هئي، جنهن کي محسوس ڪري منهنجي توائي
وڌي وئي.
تڪڙو جواب ڏيڻ لاءِ مان هن طرف منهن ڪيو پوءِ ڪڙو
ڍڪ ڀري ڇڏيم، مان ان سموري ڳالهه جي منطقي تاويل
پيش ڪرڻ چاهي، اهو احساس دير سان ٿيم ته ان وقت
مان اهو ڪرڻ جي لائق هيم
” ٺيڪ ٿيو يا نه ٿيو، اهوڪڏهن چيو مون، توکي اهو
سمجهائڻ چاهيان ٿو ته اهي آواره جانور آهن، انهن
جو فطري ماحول ٻيو آهي، اهي
وائکين جڳهن جا عادي آهن،انسانن سان گڏ رهڻ سبب
شهر ۾ اچي ويا ۽ان جي قيمت پنهنجين زندگين
سان چڪائن ٿا،
هلندڙ گاڏين آڏو اچن ٿا ۽ ماريا وڃن ٿا ٻيو ڇا چيو
آهي مون؟“
مان وري هن طرف ڏٺو، هن جو چهروماٺ هو ڄڻ هوءَ وڏي
ڪوشش سان پاڻ کي کي روڪيندي هجي، هن جو ساهه تکو
هليو پئي۽ ناسون هوريا هوريان هڪ ٻه ڀيرو ڦڙڪيون ۽
اهو به سڀ هڪ ڪتي لاء؟ِ جنهن ڪتي يا ٻليءَ کي هن
پهريان ڪڏهن ڏٺو به نه هو،منهنجي توائي وري ورڻ
لڳي ۽ مان چڙي ڪجهه چوڻ وارو هيس ته مون کي احساس
ٿيو مان گاڏي روڊ جي ڪناري بيماري ڇڏي آهي،
ڇرڪي گاڏي اسٽارٽ ڪيم،گاڏيءَ جي پاسي واري شيشي
مان خاموشي سان ڍير کي پٺيان رهندڙ فاصلي ۾ گم
ٿيندي ڏسندو رهيم اوسين جيسين ان کي ڏسڻ ممڪن نه
رهيو.
باقي جو سفر اسان ٻنهي ماٺ ۾ طئي ڪيو، ان لاءِ به
جو ان ڳالهه تي اسان وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه هيو ۽
جيڪو چئي سگجهي پيو اهو چوڻ ٻڌڻ لاءِ اسان تيار نه
هئاسين.
ان ڪتي جي موت تي هوءَ رني ضرور هوندي پر منهنجي
آڏو نه.
ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، منهنجي سمجهه ۾ نه
آيو.
هيءَ، ڳالهه هجي نه هجي روئڻ ڇو ٿي لڳي، هي به ڪي
روئڻ جا ڏينهن آهن؟ ائين روئي ڏيڻ هن جي عادت آهي
يا هن جي دل پهريان کان ئي ڏکايل آهي، ڪو غم آهي
جيڪو هن جي اندر ڀريل آهي ۽ هلڪي ڌڏڪي تي هن جي
نيڻن مان ڇلڪڻ لڳي ٿو، ڪهڙوغم؟ اهاڳالهه ڪهڙي
هوندي جنهن جو غم ايڏو گهرو آهي، جو شادي کي چار
مهينا ٿيا اٿس ۽هن کي روئڻ اچي ٿو وڃي، اهڙوڪو ڏک
اٿس ته هن مون کي ڇو نه ٻڌايو، ٻڌائڻ نه چاهيو
هوندائين......
منهنجي توائي ٻيهر ڪر کڻڻ لڳي، نه ٿي ٻڌائي ته نه
ٻڌائي، پر اعتماد جي به ته ڳالهه هوندي آهي، شادي
جي چئن مهينن ۾ هن اعتماد لائق نه ڄاتو، پنهنجي
ڳالهه دل ۾ ئي رکيائين ته پوءِ اڳتي ڇا ٿيندو.
توائي جي جڳهه افسوس والاري، جنهن تي مان روئي به
سگهيم ٿي جيڪڏهن افسوس ۾ بيزاري شامل نه هجي ها.
مون کي سڌ نه آهي اها بيزاري، افسوس ڪنهن تي هيم،
هن تي، پنهنجي پاڻ تي يا اسان ٻنهي تي جن کي
پنهنجيون پنهنجيون ڪيفيتون وٺي گڏ رهڻو هو.
هن جون ڪي عادتون اهڙيون هيون جيڪي منهنجي لاءِ
عجيب هيون، پر هو انهن کي بدلائڻ لاءِ تيار نه
هئي، ان جو اندازو مون کي شادي کان پوءِ ٿي چڪو
هو، بلڪ ان ڏينهن ئي ٿي ويوهو، جڏهن مان منهن ڌوئڻ
لاءِ غسل خاني ۾ ويم ته ٽوال ابتي پاسي ٽنگيل هو،
منهنجو مطلب آهي ته اهو حصو جيڪو ڪونئرو هوندوآهي
اندرين پاسي هو، مان ته ان پاسي کان منهن اگهڻ جو
عادي هيس، مان ٽوال جو ٻاهر وارو حصو اندر طرف ڪري
ڇڏيو ۽ ان سان منهن اگهي ٻاهر اچي ويم.
پر ان کان پوءِ روز صبح جو ٽوال ابتي پاسي ٽنگيل
مليم، منهنجي هرهر سڌي ٽنگڻ جي باوجود، هڪ خاموش
پر مستحڪم ارادي سان هوءَ ٽوال کي پنهنجي مرضي
موجب ٽنگي ڇڏيندي هئي، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي ته
ٽوال جي ان حصي سان ڪو ڪيئن ٿو منهن اگهي سگهي،
جنهن تي بج نه هجي، ڇا اها ڳالهه صرف هن جي عادت
هئي يا ٽوال کي ابتو ڪري ٽنگڻ ۾ هن جي اندر ۾ ڀريل
منهنجي خلاف مزاحمت به شامل هئي، هوءَ ٽوال کي
ابتو ڪري ٽنگيندي هئي ۽ مان خاموشي سان ان کي
بستو ڪري ڇڏيندو هوس، ان جنگ ۾ اسان ٻنهي هڪ لفظ
به ادا نه ڪيو.
غسل خاني ۾ ٽوال کان علاوه ڪپڙا به ٽڻگيل رهندا
آهن، مون کي ان ۾ سهنجائي محسوس ٿيندي آهي، ته
ڪپڙا لاهي اتي ٽنگي ڇڏيان جڏهن به بدلائڻا پون ته
اتي جو اتي لاهي پائي ڇڏيان پر هوءَ اهي سمورا
ڪپڙا ويڙهي الماري ۾ رکي ڇڏيندي آهي ۽ مون کي ائين
لڳندو آهي ته غلسخاني جي ڏٺل وائيٺل، واسطي واري
سڃاڻپ ختم ٿي چڪي هجي، هن کي پاڻ کي جڏهن ڪپڙا
بدلائڻا هوندا آهن ته غلسخاني جي بجاءِ ڪمري ۾
بدلائيندي آهي،۽ هو ويهي قميص بدلاهيندي آهي، ڪمري
۾ ايئن ئي ويڙهجي سيڙهجي پهرين هڪ ڪپڙو پوءِ ٻيو
پائي ڇڏيندو آهي، جڏهن ٽوڪيومانس ته شڪي ٿي وئي ۽
خفت سبب کلڻ لڳي.
هن جو ننڍپڻ هيٺين وچولي گهراڻي ۾ گذريو آهي، اهي
ان وقت جون عادتون آهن، دل ۾ خيال ڪيم، مون کي
اهڙي گهراڻي جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ کان اڳ ان جي
مونجهارن جي باري ۾ سوچڻ کپندو هو.
ضروري ناهي ته اهو ٿوري جڳهه ۾ گذارو ڪرڻ جو
نتيجو هجي اوچتو مون کي خيال آيو ته هو مون کان
پنهنجو بدن لڪائي رهي آهي.
هن جي عجيب عادت آهي، هونئن ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماٺ
ويٺو رهندو پر جڏهن به گاڏي ۾ نڪرندو ته هڪ هڪ
ڳالهه ٻڌائڻ لڳندو، سڄو ڏينهن دفتر وارن سان جيڪي
شڪايتون رهيون هوندس، هتان جون پرائيون ڳالهيون،
ٻيو ڪجهه نه ته شهرجي جن عمارتن جي سامهون کان
گذري رهيو هوندوآهي، ان جي تفصيل يا وري راهگيرن
جي باري ۾ ڪمينٽري ڪندوويندو، هن جي شڪل هينئن
آهي، هن کي ڏسي فلاڻو ياد ايندو آهي، ايترون
ڳالهيون، ايتريون ڳالهيون ڪندو جو بس.
هلندي هلندي اشارو ڪري مون کي ضرور ٻڌائيندو آهي،
هو ڏس سامهون کان ٽين گاڏي، جا هن طرف اچي رهي
آهي، ان ۾ جيڪو صاحب ويٺل آهي سو ماسي نجمه جو
نياڻو آهي، بئنڪ ۾ ڪم ڪندو آهي، حسن اسڪوائر وٽ
فليٽ آهي،هن جو وڏي ترقي ڪئي آهي انهن ماڻهن،نه ته
ڇا هيو هنن وٽ؟ هو مون کي هڪ هڪ تفصيل اهڙي ريت
ٻڌائيندو ٿووڃي ڄڻ ڪنهن خاص ڳالهه ۾ شريڪ ڪندو
هجي،۽ جيڪڏهن هن کي اهو لڳي ته غور سان نه ٻڌي رهي
آهيان ته پوءِ چڙي پوندو آهي.
مون کي اهو سڀ ياد رکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي، پر هو
هڪ هڪ ڳالهه ٻڌائيندو هو، ” منظور ماما پنهنجي
پوٽي جو عقيقو ڪيو هو، پر سال، ماسي نجمه کي سڏ
ڏيڻ لاءِ فون ڪيائين ته نجمه ماسي پاڻئي، وات
ڦاڙي چيو ته منهنجي ڌيءَ ۽ ڄاٽي کي به سڏايو .
پر هن هڪ ٽڪ جواب ڏنو ته صرف وڏن کي سڏ ڏنو ويو
آهي ، پرڻيل ڌي ته غير خاندان جي ٿي ويئي ڪنهن
ڪنهن کي سڏيان، نه نه ڪري به ايترا ماڻهو ٿي ويا
آهن، دراصل اسان جو ڪٽنب ڦهليل گهڻو آهي....“
مان ماٺ ميٺ ۾ ٻڌندي رهيس ساجد ڳالهائيندورهيو،
منهنجي سمجهه ۾ نه آيو ته هو نجمه ماسي جي رويي کي
درست چئي رهيو آهي يا منظور ماما جي ڳالهه کي ۽
مون کي ڇا ڪرڻو آهي؟ انهن ٻنهي روين مان ڪنهن هڪ
کي درست قرار ڏيڻو آهي يا انهن ماڻهن جيڪو ڪجهه
پنهنجي وقت ۾ ڪيو هو،ان جي باري ۾ فيصلو ڏيڻو آهي
ڪجهه نه سمجهيم ان ڪري چپ رهيم، ساجد مون ڏانهن
ڏٺو ۽ پوءِ چڙي پيو، هن جي چهر تي خفت جا اهي آثار
چٽا ٿي پيا جيڪي ساوڻ جي بادلن جيان ڀرجي ايندا
آهن چپ چپ رهندا آهن ۽ نيڻ گرجي پوندا آهن.
۽ پوءِ هورستا پڇي منهنجوامتحان وٺندو هو، ” هيءُ
واٽر پمپ چوڪ آهي هتان کان چاچا اڪرم وارن جو گهر
جو رستو ساڄي طرف کان ايندو آهي يا کاٻي کان؟ ۽
سبزي منڊي کان چاچا انور وارن ڏانهن ويندڙ ڪهڙي
ڳلي آهي“؟
” سلمان وارن جي گهر وڃڻ لاءِ گلبرگ ٿاڻي کان پوءِ
ڪهڙو موڙ آهي؟ اڃان ڪجهه ڏينهن اڳ ته توکي
ٻڌيوهيم، سمجهين ڇو نٿي؟ تون منهنجي ڳالهه ڌيان
سان ڇو نه ٿي ٻڌين؟ تنهنجو ڌيان ڇو ٿو ورهايل هي؟
تنهنجو ڌيان ڪاڏي ٿو رهي؟“....... ۽ سڄي ڳالهه هڪ
وار وري برهمي تي ختم ٿيندي هئي، منهنجن نيڻن ۾
لڙڪ ڀرجيو اچن ته وڌيڪ ڪاوڙجڻ ٿي لڳو، هڪ اڌ دفعو
کيس سمجهايم به ته ڪالج کان پوءِ ڪاڏي اچڻ وڃڻ جي
عادت نه رهي.
جتي به ويس امان سان ياءُ سان وڃڻ ٿيو، ڪو گڏ وٺي
وڃڻ وارو هوندو هو ان لاءِ رستا ياد رکڻ جي ضرورت
ئي محسوس نه ٿيندي هئي، پر جي رستو ياد به رهي ته
ڪهڙو وري ڪٿي وڃڻ ممڪن هو.
پرهو منهنجي ڳالهه ٻڌي ئي ڪو نه، ناراض ٿيو وڃي،
ڪڏهن ته ڄڻ تفريح جي طور تي منهنجو امتحان
وٺندوهجي، اهو ٻڌاءِ ته مان پاپوش نگر واري گهر ۾
ڪهڙي سن ۾ رهندو هوس؟ سلطاني ڏاڏي اسان جي ڪير
هئي؟ شاهده آپا جي مڙس جو نالو ڇا آهي؟ خبر ناهي!
تون خاندانيات جي امتحان ۾ ناپاس ٿي چڪي آهين، خبر
ناهي جو ڇا مطلب؟ ڇا هن جي ان ڳالهه جا هڪ کان
وڌيڪ مطلب نٿا نڪرن؟ ڇا هو واقعي مذاق ڪري رهيو
آهي؟ يا هن امتحان ۾ ناپاس ٿي مان سچ پڇ هن کي
مايوس ڪيو آهي.
ڪيترائي ڀيرا هن، سڻڪ جي ڪناري بيٺل ڇوڪرين طرف
اشاروڪيو،“ هوءَ جا بس اسٽاپ کان ٿوري فاصلي تي
بيٺل آهي ڪاري وڳي ۾۽ تکي لپ اسٽڪ لڳايل- نظر
آيئي؟“ هن جي چوڻ تي غور ڪندي هيس ” اها غلط ڪم
لاءِ بيٺل اٿئي،ڪا گاڏي اچي بيهندي ۽اها ان ۾ ويهي
راهي ٿي ويندي.“
هن چپن جونڪندون اهڙن موقعن تي هميشه مرڪ سان گڏ
ڦهلجي وينديون آهن، اسان ڪٿي به وڃڻ لاءِ نڪرندا
هئاسين ته هو سڻڪ ڪناري بيٺل تيار ۽ سجيل سنوريل،
پرس لوڏيندڙ يا ڪنهن جواوسيئڙو ڪندڙ عورت تي
اڇاتري نظر ڊوڙائي وٺندوهو، مان ٽيڏي اک سان هن
ڏانهن ڏسي وٺندي هيس ۽انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪري
جي باري ۾ هو ضرور چوندو هو ته هن کي ڏسين ٿي، اها
انهن مان اٿئي يا اها ان ڪم لاءِ نڪتل اٿئي، اهڙن
موقعن تي منهنجو ذهن هڪ ئي سوال تي اچي بيهي رهندو
هو.
ان ڏينهن به اهوئي ٿيو هو، ساجد کي وڳا وٺڻا
هئا،طارق روڊ کان نڪري اسان بهادر آباد آياسين.
۽ هي جو هيترا سا ريڊي ميڊ ڪپڙن جا دڪان کلي ويا
آهن انهن ۾ هڪ هڪ ڪري پڇندا رهياسين، پر ساجدکي
پنهنجي پسند جو بليزر ڪوٽ نه مليو، دڪاندار هن جي
ڳالهه ٻڌندي ئي ڪنڌ لوڏي ٿي ڇڏيو، ” اهڙا ڪوٽ
اڄڪلهه نٿا هلن ڊبل بريسٽ جو فيش آهي اهي ڏسڻ
چاهيو ته ڏسي وٺو،نه سائين اڄڪلهه اچن ئي اهي ٿا.“
مان دڪاندار کي جواب ڏنو،”اهوڪيئن ٿو ٿي
سگهي،....... هاڻي سڀني دڪانن تي ساڳيو شيون ڀريل
آهن.“
ساجد جي چهري تي ڪاوڙ جا آثار چٽا ٿيڻ لڳا، جن کي
هاڻي مان سڃاڻڻ لڳي هيس. ” واپس هلون“ هن کي چيم
بتين سان جڳ مڳ ڪندڙ دڪان مان ٻاهر نڪري آياسين ۽
اڳيان هلڻ لڳاسين ته جيئن سڻڪ پارڪري ان طرف وڃون
جتي گاڏي بيهاري آيا هئاسين.
اسان هڪ پاسي بيٺا هئاسين ۽ سڻڪ اسان آڏو هلي رهي
هئي. ٽريفڪ جو ريلو رڪيو نٿي، مان پٺيان ڏٺو دڪان
جي شيشي مان پلاسٽڪ جو پتلو ڪپڙي جو اشتهار بڻيو
بيٺو هو، هن جا نيڻ جن جو رنگ نيرو ڪانچ ڪري ڇڏيو
هو،سي پنڊ پهڻ هيون پرانهن ۾ هڪ ڪشش محسوس ٿي رهي
هئي، مان ان طرف نه نهاريو، جتي ساجد اشاروڪري
رهيو هو، پوءِ هن مون کي ٺونٺ هنئين ته مان ڇرڪي
پيس.
” وري گم ٿي وئينءَ؟ هوءَ جا سامهون بيٺل
آهي.....“ فوٽ پاٿ کان هيٺ ٿورو اڳيان اڪيلي ڇوڪري
بيٺل هئي، هن جي پٺيان اسڪوٽر بيٺل هو،جنهن تي
ويٺل اڌڙوٽ ڄمارجو شخص هن جي توجهه حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪري رهيوهو پر ڇوڪريءَ جي تاثرمان معلوم ٿي
ٿيو ته هوءَ ان طرف نه ڏسندي، جيڪڏهن ساجد ڌيان نه
ڏياري ها ته ان مختصر واقعي طرف نظر به نه وڃي ها
”هڪ عورت هئي ڪوثر نانءَ واري، جا هڪ ڀيري اسان
جي گهر ” آيا“ جي نوڪري سانگي آئي به هئي، هيءَ ان
جي ڌيءَ آهي هوءَ، ها اهائي.“ ساجد اکين سان اشارو
ڪيو.
” ڪمال آ، اوهان کي سمورا ماڻهو پنهنجي پاڙي جائي
لڳندا آهن“ مون چيو.
” نه اها ڳالهه ناهي،“ ساجد جي چهري تي چڙ بکڻ
لڳي، ”اسان ان عورت کي ان لاءِ نه رکيوهو جو ماڻهو
چوندا هئا خراب آهي، هيءَ ان جي ڌيءَ آهي، بختيار
جو ننڍو ڀاءُ جي پٺيان پئجي ويو هو، سول اسپتال ۾
آپريشن ڪرايائين، چون ٿا هن جي جسم تي نشان آهن.“
منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي سوال ان مک جيئن ڀون ڀون ڪرڻ
لڳو جا شيشي اندر بند ٿي وئي هجي، اسڪوٽر وارو وڃي
چڪو هو...... هڪ رڪشا اچي بيٺي، رڪشا واري ڇوڪريءَ
کان ڪجهه پڇيو، ڇوڪري ڪوبه جواب نه ڏنو.
رڪشا هلي وئي، ساجد منهنجو هٿ پڪڙي سڻڪ پار ڪئي
۽اسان ٻئي گاڏي ۾اچي ويهي رهياسين، ساجد گاڏي جو
رخ طرف موڙي ڇڏيو.
هو ڪجهه ڳالهائي ئي نه سگهيو هو ته اهو سوال
منهنجي منهن مان نڪري ويو هو.” اوهان کي ڪيئن
خبرآ؟“
ساجد مون ڏي نهاريو، هنجي چهري تي توائي نه حيرت
هئي، ان مان مون کي اندازو ٿيو ڳالهه پري پهچي چڪي
آهي هاڻ بڻائڻي پوندي، مون تڪڙ ۾ اهائي ڳالهه چئي
ڇڏي جيڪا منهنجي دماغ ۾ آئي.......“ ان ۾ ڇوڪريءَ
جو ڪهڙو ڏوهه؟ هن اک کوليندي پنهنجي ماءُ کي ڏٺو
هوندو........“
ساجد کي شايد لڳو هوندو ته مان فيصلو ٻڌائي رهي
آهيان، اهو رڪيل فيصلو جو مون نجمه ماسي ۽ منظور
ماما جي ڳالهه تي نه ٻڌايو هو، هن جي چهري تي بادل
گهرا ٿيڻ لڳا، ڳالهه جو رخ وري موڙڻ کپي، مون کي
دل ۾ خيال آيو.
”سڻڪ ڪناري بيٺل اڪيليون ڇوڪريون سڀئي اهڙيون ناهن
ٿينديون.“ مان ٻيهر اهو ڪجهه چوڻ شروع ڪيو جيڪو
منهنجي دماغ ۾ آيو، ” کين بيٺل ڏسي ماڻهو غلط مطلب
ڪڍي وٺندا آهن ۽گاڏيون روڪي ڇڏيندا آهن ۽ پوءِ
ڇوڪري لفٽ وٺي ته ان جو اهو مطلب ته نه ٿيو جيڪو
اوهان ڪڍي رهيا آهيون.“ ساجد جو چهرو گهرن بادلن ۾
لڪي ويو.“ هڪ ڀيري ڪاليج کان گهر اچڻ لاءِ اسٽاپ
تي بيٺل هيس ته هڪ گاڏي اچي ڀرسان بيٺي ۽ گاڏيءَ
واري اهڙي طرح دروازو کوليو جو مان انڪار نه ڪري
سگهيس......“
اتي چهرو نه هو بادلئي بادل هئا.
” هن مون کي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ڪافي پيئاري ۽بن ڪباب
کارايو پوءِ گهر تي ڇڏيائين ۽ بس......
مانگهٻرائجي ڳالهه کي سهيڙيو.
ساجد جا نيڻ مون طرف موٽيا، هڪ لحضي ۾ منهنجي چهري
کان گذرندا هليا ويا، ڄڻ چوندا هجن، ڪنهن ڪتي
ٻليءَ جي آيل هجي ته توکي اچي وڃي،آواره شهر سڄي
جي...... تڏهن
مون کي احساس ٿيو ته سڻڪ چالو آ ۽اسان جي گاڏي
بيٺل آ.
آصف فرخي اردو ادب ۾ طاقت سان اڀري ايندڙ
ڪهاڻيڪار آهي، رڳو ڪهاڻي ئي هن جو ميڊيا ناهي، پر
هو دنيا جي بهترين ادب جو پارکو ۽ مترجم به آهي،
هن جي مطالعي ۾ لڳ ڀڳ هر ٻولي جي بهترين ادب جو
شعور سمايل آهي، برصغير جي روشن خيال حلقن ۾ آصف،
پنهنجي ڀرپور شخصيت ۽ گهڻ رخي صلاحيتن جي بنياد تي
نروار ٿيو آهي، سنڌي شاعريءَ جي هڪ اهم۽ ڀرپور
انتخاب جي انگريزي ترجمي جو ڪريڊٽ به هن جي حصي ۾
آيو آهي، جيڪو ڇپجڻ جي مرحلي مان گذري رهيو آهي،
هن وقت همعصر ٻولين جي هڪ جيڏن ۽ سينئرس ۾ خير
سگالي وارو جذبو رکندڙ ليکڪ جي حيثيت سان، آصف
فرخيءَ کي وڏو مان حاصل آهي..
1959ع تي ڪراچي ۾ جنم وٺندڙ ۽ هارورڊ يونيورسٽي
مان اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ آصف، ڪرت جي حوالي
سان ڊاڪٽر آهي، 1978ع ۾هن پهرين ڪهاڻي لکي،
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1982ع ۾ شايع ٿيو،
سندس ڇهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، ڪيترائي مضمون ۽
ڌارين ٻولين جا بهترين ترجمان سندس قلم مان لفظن
جو روپ ڌاري ادب جو اڻمٽ حصو بڻجي چڪا
آهن (نصير
مرزا)
مذهب جو فلسفو
مولانا عبدالله
سنڌي ويجهڙائي واري زماني ۾ ننڍي کنڊ جي عالمن ۾
نهايت بلند مرتبي وارو عالم، قرآن جو انقلابي
شارح ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريوآهي، جنهن پنهنجي
سموري زندگي قرآن فهمي، ديني علمن ۽فنن جي مطالعي،
مسلمانن جي سياسي ۽ علمي برتري کي حاصل ڪرڻ ۽ قرآن
جي انقلابي پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ
لاءِ وقف ڪري ڇڏي، الله پاڪ کيس ننڍي هوندي کان ئي
اهڙين اعليٰ خوبين ۽ بيشمار وصفن سان نوازيو هو،
جيڪي هڪ ئي وقت ڪنهن انساني ۾ گهٽ نظر اچن ٿيون،
سموري برصغير هند وپاڪ تي انگريزي راڄ جڏهن مڪمل
طرح مسلط ٿي چڪو هو ۽ سموري قوم ذهني ۽ تهذيبي طور
تي مفلوج ٿي چڪي هئي،اهڙي نازڪ دور ۾ الله پاڪ سک
گهراڻي مان مولانا عبيدالله سنڌي جهڙي روشن
خيال،انسان دوست ۽ تنگ نظري کان بيزارشخص کي عمرجي
ابتدائي حصي ۾ اسلام قبول ڪرڻ جي سعادت عطا ڪري ،
اسلام جي اصل روح ۽ انقلابي تعليم کي پوري دنيا
۾روشناس ڪرائڻ جو ذريعو بڻايو، مولانا سنڌي جي
سموري زندگي جو جڏهن مطالبو ڪجي ٿو ته اسان کي
سندس زندگي جا ٻه پهلو نمايان نظرن چان ٿا، هڪ
علمي ۽ ٻيو علمي، علمي لحاظ کان مولانا سنڌي قرآن
پاڪ کي عالمگير انسانيت جي ڀلائي جو سرچشمو قرار
ڏئي، ان جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ مظلوم قومن۽
طبقن کي جدوجهد جو حوصلو ڏيندي نظر اچي ٿو، سندس
سموري زندگي اهڙن انقلابي منصوبن جي تيار ڪرڻ ۾
گذري، پاڻ جنهن فڪر ۽ نظريي کي علمي حوالي سان
صحيح سمجهيائين ،ان کي نه صرف ٻين انسانن تائين
پهچائڻ جي ڪوشش ڪيائين بلڪ پنهنجي عملي زندگي ۾به
انهي فڪر ۽ نظريي مطابق ڀرپور عمل ڪري ڏيکاريائين.
مولانا عبيدالله جي تحرير ۽ تقرير جو سمورو محور
قرآن پاڪ ئي رهيو آهي، پاڻ جڏهن به ڪنهن موضوع تي
بحث ڪيو اٿس، خواهه اهو موضوع سائنسي هجي يا
سياسي، تهذيبي هجي يا تمدني، تاريخي هجي يا
جاگرافيائي، ان جو تعلق روح سان هجي يا موجوده دور
جي حالتن سان، مولانا سنڌي قرآني نقطه نگاهه کان
ان جي اصليت کي اهڙي ته سهڻي نموني وائکو ڪيو آهي،
جنهن جو مثال کانئس اڳ جي عالمن جي تحريرن ۾ گهٽ
نظر اچي ٿو، اهوئي سبب آهي جو سندس تفسيري انداز
سندس همعصر ۽ قديم عالمن جو تفسيرن کان مختلف آهي،
قديم تفسيرن ۾ آيتن جي شان نزول ۽ اسرائيلي قصن تي
تمام گهڻي اڪتفا ڪئي وئي آهي، ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو
ته قرآن پاڪ شايد مخصوص حالتن پٽاندر نازل ٿيو آهي
ان جي برعڪس مولانا سنڌي جونظريو الڳ آهي، پاڻ
قرآن پاڪ کي صرف مسلمانن جو مذهبي ڪتاب سمجهي شرح
نه ڪئي آهي بلڪ ان کي تمام انسانيت جي لاءِ
انقلابي فڪر ۽ جدوجهد جوبنياد قرار ڏنو آهي، سندس
تقريري تحريرون اهڙي قسم جي علمي بحث ۽نڪتن سان
ڀرپور آهن، پنهنجن تحريرن ۾نه صرف فلسفي، سائنس،
سياست، تهذيب، تمدن ۽روحانيت وغيره کي قرآني مسئلن
جي سمجهڻ جو رستو ٻڌائي ٿو، بلڪ قرآني نقطه نگاهه
کان انهن جي اصل حقيقت کي پرکڻ جو اهم ذريعو پڻ
قرآن پاڪ کي ئي قرار ڏئي ٿو. |