سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :18

موجوده زماني ۾ جيڪي مختلف حالتون ۽ رجحان پيدا ٿي رهيا آهن انهن سڀني ڳالهين جي سلسلي ۾ قرآن پاڪ کي ئي رهبر ۽ رهنما ثابت ڪندي اهو واضح ڪيو اٿائين ته قرآن پاڪ ئي انساني هدايت ۽ رهنمائي جو عالمگير رستو آهي ۽ سموري انسانيت هردور ۽ هرزماني ۾ صرف قرآن پاڪ کان ئي رهنمائي ۽ فلاح حاصل ڪري سگهي ٿي.

تبصري هيٺ آيل ڪتاب ” مذهب جو فلسفو“ پڻ مولانا سنڌي جي مختلف تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جن کي اڄ کان پنجاهه يا سٺ سال اڳ قلمبند ڪيو ويو هو، ان وقت جي حالت جو جيڪڏهن موجوده حالتن سان موازنو ڪجي ٿو ته صورتحال بدستور ساڳئي محسوس ٿئي ٿي، قومي غلامي، سماجي ابتري ۽ مذهبي گروهه بنديون اهي ساڳيون ئي قائم آهن جيڪي ان وقت موجوده هيون، بلڪ هن وقت ته اهي سموريون خرابيون هڪ ناسور جي شڪل اختيار ڪري چڪيون آهن فڪري لحاظ کان اهڙيون تحريڪون ۽ شعوري ڪوششون وجود ۾ اچي ويون آهن، جنهن جي ڪري اڄ جو مسلمان خاص طرح نوجوان نسل لامذهبيت جي اوڙاهه جي ور چڙهندو ٿو وڃي، مذهب کي مدي خارج قرار ڏئي، نوجوان نسل کي ان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن کين ذهني طور ڇڙواڳ بنائي قومي ۽ عوامي مسئلن کان وانجهيل رکيو وڃي، عين اهڙي وقت ۾ جڏهن اسان جي معاشرتي حالتن انتهائي حد تائين خراب هجي سياسي استحڪام بي معنيٰ ٿي وڃي، اخلاق ۽ ڪردار اڻلڀ ٿي وڃي، ايمان جو فقدان هجي ۽ بلند مقصد جو جذبوختم ٿي وڃي، اهڙين حالتن ۾ مولانا سنڌي جون تحريرون اسان لاءِ مشعل راهه جي حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن جي اشاعت جي اڄ به ايتري ئي ضرورت آهي، جيتري اڄ کان پنجاهه سال اڳ هئي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي جي روح روان محترم نور احمد ميمڻ کيريون لهڻيون، جنهن هن قومي ۽ مذهبي ضرورت کي محسوس ڪندي، مولانا عبيدالله جي تحريرن جي موجوده تقاضائن کي سامهون رکندي، چونڊ ڪري، مختلف علم دوست شخصن کان آسان ۽عام فهم سنڌي ۾ترجعمو ڪرائي شايع ڪرايو آهي.

ڪتاب ۾ آيل مواد جو جيتريقدر تعلق آهي ته ان ۾ شروعاتي ست مضمون مولانا عبيدالله سنڌي جي شاگرد ۽ جلاوطني دوران همدسفر ساٿي پروفيسر محمد سرور جي مرتب ڪيل ڪتاب ”مولانا سنڌي، تعليمات ۽ سياسي افڪار“ تان ترجمو ڪيا ويا آهن،جن ۾ انساني وحدث،خدا پرستي انسان  دوستي، جهاد انقلاب، تصوف، ”اسلامي تصوف ۽تمدن“ جي عنوان سان تحريرن کي ڏنو ويو آهي، مولانا سنڌي انهن سمورين ڳالهين جي مذهبي ڪٽرپڻي کان هٽي ڪري اصل خدا پرست ۽انسان دوست فڪر جي بنياد تي تشريح ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ قومن جي ڪمال۽زوال جي ارتقائي مرحلن تي روشني وجهندي مذهب جو اهڙو ته  عالمگير تصور پيش ڪيو اٿائين جنهن ۾ غلط فهمين پيدا ٿيڻ جي گنجائش باقي نه ٿي رهي، دراصل مولانا سنڌي مٿين عنوان جي نسبت سان پيش ايندڙ حقيقت کي نهايت واضح ۽ پيرائتي نموني، اهڙو ته دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو آهي جو پڙهڻ دوران ذهن ۾مذهب متعلق جيڪي سوال اڀرن ٿا تن جا جواب پڻ خودبخود سامهون ايندا رهن ٿا، ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ دين، ايمان ۽ عمل ، قرآن پاڪ جي انقلابي تعليم ۽ اسلام ۽اجتماعيت جهڙن موضوعن کي شامل ڪيو ويو آهي،انهن موضوعن تي روشني وجهندي،مولانا سنڌي اسلام کي هڪ ڪامل دين جي حيثيت مذهبي ضابطي جي انتهائي منزل ثابت ڪيو آهي،ان لحاظ کان ڪتاب جو نالو ” مذهب جو فلسفو“پڻ نهايت ئي موزون تجوير ڪيو ويو آهي، بهرحال مولانا سنڌي جي تحريرن جو هيمجموعو مذهب کي طبعي تقاضائن مطابق سمجهڻ ۾ معين ۽ مددگارٿئي ٿو ۽ اهو صاف طرح سان واضح ٿئي. ٿو ته مذهبي ڇڙواڳي دراصل ترقي جو ذريعو نه بلڪ تنزل جو سبب بنجي ٿي.

آخر ۾ آئون هڪ دفعو ور ڪتاب جي سهڙيندڙ نور احمد ميمڻ ۽ ترجمو ڪندڙ دوستن محترم رحميداد ” استاد راهي“ ۽محترم محمد انس راڄپر کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿوجن جي ڪاوشن سان هيءُ ڪتاب سڻهي سرورق سان، سفيد اڇي ڪاغذ تي معقول قيمت تي ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي،اميد ته سنڌ جو باشعور نوجوان ڪتاب جو مطالعوڪري، پنهنجو پاڻ کي نه صرف ذهني انتشار کان محفوظ رکي سگهندو، بلڪه پنهنجي صلاحيتن کي صحيح ۾ استمعال ڪري آئنده جي نوجوان جي رهبري ۽ رهنمائي جي ذميواري کي پڻ احسن طريقي سان تباهي سگهندو.

ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو

”ٻول اسانجي ٻارن جا“

      سنڌي ٻاراڻي ادب جو اهو وڏو الميو رهيوآهي ته ان کي لاڳيتو لکندڙ اديب نه مليا آهن ڪو وقت هوندو هو جو سنڌين ۾ ٻاراڻو ادب ڪثرت سان لکيو ويندو هو، ڪيترائي نوجوان شاعر ان دور جي ٻاراڻي ادب جي پيداوار آهن جن ۾ ادل سومرو، نصير مرزا، نياز پنهور، اياز گل، تاج جويو، وسيم سومرو، عرفان مهدي (مرحوم) ظفر عباسي ۽ ڪجهه ٻيا شامل آهن جن سنڌي ٻاراڻي ادب کي شاعري، ڪهاڻي سان مالا مال ڪيو، منهنجي خيال ۾ سنڌي ۾ سرجندڙ ٻاراڻي ادب ان دور ۾ جيڪو 1978ع کان 1983ع تي اچي ختم ٿئي ٿو، جيڪا ترقي ڪئي آهي، سان هاڻ نه ڪري سگهيو آهي ۽ اهو دور ٻاراڻي ادب جو سونهري دور هو، ايئن به ناهي ته ان دور کانپوءِ ٻاراڻو ادب  اسري ناهي سگهيو. پر ان جي  لکجڻ جي رفتار ۾ شديد گهٽتائي ضرور  ٿي آهي پر ڪي شاعر اڃا به ٻاراڻي ادب ۾ پيدا ٿيل کوٽ کي محسوس ڪن ٿا ۽ ٻارن لاءِ لکن ٿا.

تازو آصف مٺياڻوي جي ٻارن جي شاعري جو مجموعو ” ٻول اسان جي ٻارن جا“ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو ڄام پاران شايع ٿي مارڪيٽ ۾ پهتو آهي، آصف مٺياڻوي به ان ئي ٽهي جو شاعر آهي، جنهن جو ذڪۡر مون مٿي ڪيوآهي هن ٻارن جي جذبن ۽ احساسن کي محسوس ڪيو آهي،ان جو ثبوت سندس ٻارن جي شاعري جو مجموعو ” ٻول اسان جي ٻارن جا“ آهي، اڪثر وڏا شاعر اهو چوندا آهن ته ٻارن لاءِ لکڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي پر ان راءِ ۾  جيتري صداقت نظر اچي ٿي،ان کان وڌيڪ اسان جي سينئر ليکڪن جو ٻاراڻي ادب سان غير سنجيدگي يا لڳاءُ آهي، اسان جا احترام لائق سينئر ليکڪ پنهنجين ادبي مصروفيتن مان ڪي پل جيڪڏهن ٻاراڻي ادب کي به ڏين ته اسان جي ٻاراڻي ادب ۾معياري ادب جي کوٽ گهڻي ڀاڱي پوري ٿو وڃي، جنهن جوهڪ ننڍڙو ثبوت آصف جو هيءُ مجموعو آهي.

 هن مجموعي ۾ نهايت خوبصورت ٻاراڻا نظم شامل آهن، جن جي سامهون نيڻن کي وڻندڙ اسڪيچز ڪتاب کي هيڪاري خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي

مجموعي ۾ شامل نظمن جا موضوع ديس سان محبت، ٻڌي، ٻولي سان پيار، ڌرتي سان ازلي رشتي جو احساس، هڪ ٻئي سال الفت جو درس آهن، نظمن جي ٻولي بلڪل ٻاراڻي ذهن وٽان آهي، جيڪا شاعرکي هڪ ڪامياب ٻارن جواديب ثابت ڪري ٿي، آصف نظمن ۾ ٺيٺ ادبي، ڏکي ٻولي استعمال ڪرڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي آهي ۽ نهايت سادي ٻولي ۾ نظم لکيا اٿس، جيئن ٻارن کي پڙهڻ ۾ سولائي ٿي.

توڙي جو آصف جي نظمن جا موضوع ساڳيائي آهن جن تي ٻين شاعرن گهڻو ڪجهه ٻارن لاءِ لکيو آهي پر آصف جو لهجو کيس ٻين کان منفرد بڻائي ٿو،

هي پوپٽن، گلڙن، جهڙا پيارا نظم پڙهڻ وٽان آهن جن ۾ هڪ خوبصورت نظم چنڊ مامو آهي، جنهن ۾ڪيڏي نه احساس جي سندرتا آهي.

ٻهراڙيءَ جاٻار گڏيا، گڏجي رانديون خوب ڪندا،

چنڊ ورڻ جي جڏهن ڪئي،ٻارن گڏجي ڳالهه چئي،

تون جي ماما واپس ويندين، اسان بنا تون هيڪل ٿيندين

پوءِ ته لڳندو توکي ڀوءُ، چنڊ ماما ترسي پو.

ان کانسواءِ آصف جا نظم ” ديس جا ٻار“ ” ٻالڪ ٻڌي“ ” منهنجو گهر“ ” مٽي هاڻو ٻار“ ٻارن جي ڳالهه ” ساٿي پنهنجو“ ڏاڍا پيارا نظم آهن چوهٺ صفن تي پکڙيل ڪمپيوٽرائزڊ ڇپائي سان سجيل ٻارن جي شاعري جي هن مجموعي جي قيمت ويهه رپيا آهي.

جاويد سوز هالاڻي

 سرجڻهار صدين جا

ڊاڪٽر نجم عباسيءَ جو يادگار انٽرويو                                                                                             نصير مرزا

     سنڌي ٻولي جي نامياري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسي کان ” پارس“ جي لاءِ انٽرويو وٺڻ لاءِ طئي ٿيل وقت کان ٿوري دير سان جڏهن سندس گاڏي کاته واري ڪلينڪ جي آڏو اچي رڪشا مان لٿس، ته شام ٿي چڪي هئي ۽ چوڌاري اوندهه ڦهلجي چڪي هئي ۽ اسٽريٽ لائٽس روشن ٿي چڪيون هيون، مان جلدي جلدي ڪلينڪ جا ڏاڪا چڙهي اندر داخل ٿيس ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪرسي خالي هئي ۽ هو پاڻ زناني چيمبر ۾ مريضائن کي چڪاسي رهيو هو مان، چپ چاپ ڪرسي ريڙهي ويهي رهيس، ڊاڪٽر صاحب جيستائين چيمبر مان ٻاهر اچي مان بحيثيت ڪهاڻيڪار جي ڊاڪٽر نجم عباسي جي تعارف جو پهريون ڊرافٽ لکڻ ٿو شروع ڪيان، ڊاڪٽر صاحب 18 آڪٽوبر 1927ع جي ڪنهن وقت پنهنجي زندگي جا پهريان پساهه خانواهڻ جي هوائن ۾کنيا ۽جڏهن 1944ع ۾ هو صرف سترهن سالن جو ڳڀرو نوجوان هو ته هن پنهنجي زندگي جي پهرين ڪهاڻي ” قلب اندر ڪعبو“ لکي، جيڪا پوءِ 1946ع ۾مهراڻ جي آڪٽوُبر واري پرچي ۾ ڇپي هئي ۽ ان کان پوءِ هن جي شهرت جو سورج خانواهڻ مان اڀرندو سڄي سنڌي تر ڪرڻا ڦهلائيندو پکڙجندو ويو، هن کي پهريون پٽ ته الائي ڪهڙي سن ۾ ڄائو، پر سندس پهريون ڪتاب ” طوفان جي تمنا“ جي نالي سان جڏهن ڇپجي پڌرو ٿيو ته ڇپجڻ سان ئي آئوٽ آف اسٽاڪ ٿي ويو ۽سندس ان ڪتاب کي نه فقط سنڌ الاجي انعام سان نوازيو پر گڏوگڏ رائيٽس گلڊ پڻ سندس ان ڪتاب کي بهترين ڪهاڻين جي مجموعي جو ايوارڊ ڏنو ۽ اڄ ڊاڪٽر نجم عباسي بنا ڪنهن وڌاءُ جي سنڌي ٻولي جو اهو واحد ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو پڙهندڙن ۾ نه فقط بيحد هر واسي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ڪهاڻيڪار پڻ آهي.

”طوفان جي تمنا“ مجموعي ۾ سهيڙيل سماجي موضوعن تي لکيل ڪهاڻين کان پوءِ هن باقاعده سنڌ جي  حالتن جو جائزو وٺي نهايت ذميداري سان، پنهنجن ڪهاڻين ۾ سياسي موضوع انٽرڊيوس ڪيا ۽ اڄ حالت اها آهي،  جوسندس ڪهاڻين جو اهو Locale نه فقط عام پڙهندڙ لاءِ گڏوگڏ ادب جي تاريخ ۾ به سندس سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، فني سطح تي وري سادي سودي ٽريٽمينٽ هن جي فن جي انفراديت ۽ هن جي ڪهاڻين جي سڃاڻپ بڻجي چڪي آهي، ۽ان ڏس ۾ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جڏهن به ۽جنهن به هن جي ادبي خدمتن جو ورق لکيو ته هن کي اهو ضرور لکڻو پوندو ته سنڌ ۾قومي جاڳرتا ۽ سجاڳي آڻڻ لاءِ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان جيترو ورڪ ڊاڪٽر نجم  عباسي ڪيو آهي، سو شايد ئي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار ڪيو هوندو.

مان ايستائين لکي چڪس ته اوچتو ڊاڪٽر صاحب زناني چيمبر مان نڪري ظاهر ٿيو، تڏهن مان اٿي بيٺس. ڊاڪٽر صاحب سان هينڊ شيڪ ڪندي، اچانڪ منهنجي نظر سامهون ديوار تي لڳل ان تختي تي وڃيو ٿي پئي جنهن تي لکيل هو: ” پراڻا واقفڪار نئين سر واقفيت ڪرائين- مهرباني!“

تڏهن مان ساڻس هينڊ شيڪ ڪندي کيس پنهنجو نالو ٻڌايان ٿو...... نصير مرزا..... ان طرح پنهنجو تعارف ڪرائڻ تي ڊاڪٽر نجم عباسي مرڪي ٿو پوي، شايد ڊاڪٽر صاحب مرڪي ديوار تي لڳل ان جملي جي وضاحت ڪرڻ ٿو چاهي، پر مان ان کان ڪن لاٽار ڪندي کانئس انٽرويو شروع ڪرڻ جي اجازت ٿو گهران، تڏهن ڊاڪٽر صاحب مرڪي وراڻي ٿو، ها! ها! ڇو نه ڇو نه..... بلڪل شروع ڪريو.

مون چيو، ڊاڪٽر صاحب توهان شايد خانواهڻ ضلعي نوابشاهه ۾ جنم ورتو هو، ان وقت بابت ڪي ادبي خبرون چارون؟

ڊاڪٽر صاحب وراڻيو: اک کلندي ئي ڪتاب مون گهر ۾ موجود ڏٺا هئا، منهنجو پيءُ سنڌي ماستر هو ۽اسان جي گهر ۾ ان حوالي سان ڪتابن جو چڱو ذخيرو موجود هو، گهر کان ٻاهر،ڳوٺ جا هندو ماستر ڪتاب ۽ رسالا گهرائيندا هئا  ۽ ” ڪهاڻي“ ۽ ” سندر ساهتيه“ نالي سان رسالا هر مهيني خانواهڻ پهچندا هئا ۽اهو زمانو آهي، 39-1938 جو ڪتابن جي سنگت ۽ استادن  جي همٿ ڏيارڻ تي مان ڪتاب تيزي سان پِڙهندو ويس ۽ نيٺ 1941ع ڌاري منهنجي مطالعي ۽ مشاهدي مون کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو.

سوال: پنهنجي ڳوٺ، گهر ۽گهٽين بابت ڪي ساروڻيون؟

ڊاڪٽر صاحب: جيئن ٻيا ڳوٺ هوندا آهن ۽ ڳوٺن ۾ گهرن جو ڄار پکڙيل هوندوآهي، اسان جو گهر به ائين ئي هو، عام گهٽين وانگر هئي، ان ۾ اسان جوگهر هو، ڊاڪٽري پڙهڻ کانپوءِ جڏهن مان حيدرآباد هليو آيس ته اهوگهر، ڳوٺ جا وڻ ويڙها، گهٽيون،ديوارون، لوڙها، ڀيڻ ڀائر سڀ ڪي پٺيان رهجي ويا ۽اصل ۾ ڇاهي ته هاڻي اهي سڀ شيون اوئين ناهن، جيئن آئون انهن کي ڇڏي آيو هئس، زماني جا سڀاويڪ ڦيرا گهيرا خانواهڻ تي به پيا آهن جڏهن اسين اهي ساڳيا ناهيون رهيا تڏهن ٻيو ڪجهه پوءِ ساڳيوڇو رهي آخر؟.......

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي جواب کي سوال تي آڻي ختم ڪيو ته ان کان اڳ جو مان ڪو جواب ڏيان، دروازي مان هڪ مريض اندر داخل ٿيو ۽ چپ چاپ ڊاڪٽر صاحب جي ڀرسان اسٽول تي ٿي ويٺو، ڊاڪٽر صاحب، تپ ڏسڻي ڪنن ۾ وجهي، هن کي وڏا ساهه کڻايا ۽ پوءِ کانئس نالو پڇيو، هن پنهنجونالو ايترو ته آهسته ٻڌايو جو مون ڪو نه ٻڌو،صرف ڊاڪٽر صاحب جو آواز ٻڌم، چيائين هي پرچو وٺو ۽ ڪمپائونڊر کان دوا وٺو، هاڻي مريض زور سان پڇيو، سُئي به لڳندي ڇا، ڊاڪٽر صاحب وراڻيو ها! سُئي به لڳندي ۽ پوءِ اٿي ڊاڪٽر صاحب سُئي ڀري ۽ جڏهن اها هنئي ته مون کانئس پڇيو: ” ڊاڪٽر صاحب، توهان ڊاڪٽر آهيون ۽ ڪهاڻيڪار به، ڇا توهان کي پنهنجي جنم وٺڻ جو جواز معلوم ٿي ويو آهي، ۽ مطمئن آهيوته جنهن ڪم لاءِ اوهان دنيا ۾ موڪليا ويا آهيو، اهو اوهان هٿان ٿي رهيو آهي؟“

ڊاڪٽر صاحب منهنجي سوال تي گنڀير ٿي ويو، وراڻيائين، اهوڪٿي ٿو سمجهه ۾ اچي ته ماڻهو ڇو پيدا ٿيو آهي، حياتي  جو مقصد ڇا آهي؟ ها، البته اديب جي حيثيت ۾ مان پنهنجي زندگي جو واضح مقصد سمجهان ٿو پنهنجي لکڻين کي پنهنجو با معنيٰ ورڪ سمجهان ٿو ۽ مطمئن آهيان ته پنهنجي حياتي جو جواز موجود آهي، باقي منهنجي هٿان جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، ان جي ڪٿ ته ڪو ٻيو ڪري ٻڌائي باقي مان ته پنهنجو ذهن سمجهه ۽ ساڃاهه آهر آئيندي جي روشني جي تلاش ۾ آهيان ۽ ان ڏس ۾ پنهنجي سنڌ جي حوالي سان قومي جاڳرتا ۽ غير طبقاتي سماج جي خوشحالي لاءِ جيڪو پاڻ پتوڙيان پيو ۽ ان بامقصد ڪم لاءِ جيڪي هٿ  پير هڻندو رهان ٿو آخري ساهن تائين ان لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندس.

سوال: پيشي جي لحاظ کان ته اوهين ڊاڪٽر آهيو ۽ اهو اوهان جو هڪ لحاظ کان روزگار آهي،اديب بڻجڻ جي پٺيان اوهان جا ڪهڙا ارادا ۽ خواهشون لڪل آهن؟

ڊاڪٽر صاحب؛ منڍ ۾ ته ڪي امنگ، اڌما ۽ جذبا اندر ۾ اٿڻ لڳا ۽اهي پڌرا ڪرڻ لاءِ لکڻ شروع ڪيم، پوءِ خواهش ٿي ته هي جو ڪجهه لکان پيو، اهو ڇپجڻ گهرجي، جڏهن  ڇپجڻ شروع ٿيس ته شهرت جي خواهش ٿي ۽ جتي ڪٿي، جنهن تنهن رسالي ۽اخبار ۾ پنهنجي نالي ڇپائڻ جو شوق رهيو، پوءِ جڏهن زندگي سان ڀرپور ۽ باشعور دوستن جي سنگت نصيب ٿي ۽ مارڪسي فلسفي جي مطالعي ڪري رسول بخش پليجي جي صحبت نصيب ٿي ته پنهنجي لکڻين کي مقصدي بڻائڻ جي ڪوشش ڪيم، شروع ۾ مون گهڻو ڪري رڳو سماجي براين تي لکيو ، پر پوءِ جيئن جيئن شعور وڌندو ويو ته سنڌ ۾سماجي ۽ سياسي انقلاب قومي جاڳرتا ۽غير طبقاتي سماج پيدا ڪرڻ لاءِ مون پنهنجي لکڻين ۾جدوجهد ڪئي ۽ منهنجي لکڻ جو مرڪزي مقصد ئي پوءِ سماج بدلائڻ جو ٿي ويو، هاڻي سنڌي سماج ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ ئي لکان ٿو ۽پنهنجي ان لکڻ کي مان سنڌيت جو جذبو سڏيندو آهيان.

سوال: ترقي پسند ڪهاڻي، جيڪا ورهاڱي کان هن زماني تائين لکجي رهي آهي، توهان سمجهو ٿا ته ان جي لکڻ سان سماج ۾ ڪي صحتمند تبديليون پيدا ٿيون آهن؟

ڊاڪٽر صاحب: تبديلي بلڪل آئي آهي، ڊاڪٽر صاحب نهايت اعتماد سان جواب ڏيندي چيو، مان ته ائين به چوندس ته قومي احساس،قومي جذبو ۽ سياسي سجاڳي جيڪا هن ماحول ۾موجود آهي، اهاصرف ۽صرف سنڌي جي ترقي پسند ليکڪن پيدا ڪئي آهي،سجاڳي پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾، اسان وٽ سياست جي ميدان ۾ جهڙوڪر ڪجهه به ڪو نه ٿيو آهي ۽ماضي جو ته اسان وٽ ڪو وڏو سماجي ڪارڪن به موجود ڪونهي، مان سمجهان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪا سياسي سجاڳي ۽ نظرياتي شعور آهي، ان ۾ صرف ترقاتي پسند ڪهاڻي جو ئي هٿ آهي ۽ ان ڏس ۾سنڌي سياستدان کان وڌيڪ، بلڪه گهڻو وڌيڪ اثر سنڌي ساهتڪارن ۽ ڪهاڻيڪارن جو آهي، خاص ڪري سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جوحوالو ڏيندس، جتان جا شاگرد سنڌي ادب پڙهي پوءِ سجاڳ ٿيا آهن.

سوال: اوهان کي موجوده وقت ۾ ” عوامي ڪهاڻيڪار“ جي لقب سان ياد ڪيو وڃي ٿو،ان حوالي سان اوهان جي پهچ ڪهڙي طبقي جي پڙهندڙن تائين آهي ۽اوهان جا خاص پڙهندڙ ڪير آهن؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com