سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1996ع

مضمون

صفحو :7

مثنوي معنوي

تاليف ونظم: جلاالدين محمد بن محمد بن حسين البلخي الرومي (م:672هه)_ مولانا روميءَ جي هن مشهور زمانه مثنويءَ کي فارسي ادب ۾ ممتاز درجو حاصل آهي، جنهن ۾ تصوف جا راز ۽ رمزون، عارفانه، نڪتا، پاڪيزه گفتا، تمام سهڻي انداز ۾ سمجھايل آهن. هيءَ منثوي بحر رمل ۾ چيل آهي ۽ ڇهن وڏن دفترن ۾ ورهايل آهي،منثوي رومي جي هڪ سنڌي منظوم ترجمي(ازدين محمد اديب فيروز شاهي) جو ذڪر اختر راهيءَ ڪيو آهي. باقي ترجما هيٺ ڏجن ٿا:

(91) علمي خزانو:

از غلام محمد شاهواڻي (م:1951ع)_ مثنوي روميءَ جي پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين دفتر جو هيءَ نثر منتخب ترجمو، ٽن ڀاڱن ۾ آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد طرفان ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيو (32).

(92) تشبيهات رومي:

مترجم: عبدالجبار صديقي پاٽائي. مثنوي روميءَ ۾ تصوف جا ڪيترا نڪتا، قصن ڪهاڻين جي شڪل ۾، تشبيهون  ڏيئي سمجھايا ويا آهن. اهڙن تشبيهن کي خليفه عبدالحکيم اردو ۾ گڏ ڪيو، جيڪو 1989ع ۾ اداره ثقافت اسلاميه لاهور طرفان شايع ٿيو هو. هيءُ ڪتاب اُن جوسنڌي ترجمو آهي، جيڪو 1994ع ۾ اداره پاٽ هائوس حيدرآباد طرفان شايع ٿيو.

(93) ترجمو:

از دين محمد سانوڻي هالائي. هن ترجمي جو ذڪر علامه غلام مصطفي قاسي صاحب ڪيو آهي . لکن ٿا ته(دين محمد سانوڻيءَ) مثنويءَ  جي ڇهن دفترن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڀٽائي صاحب جو بيت به پيش ڪندو ويو آهي(37).

(94) ترجمو:

از محمد اسماعيل عرساڻي_ مثنوي رومي جو هيءُ نثري سنڌي ترجمو، ماهوار ”المدينه“ ڀينڊو شريف جي مختلف پرچن ۾ قسطوار شائع ٿيو هو(38).

(95) منظوم ترجمو:

از حڪيم سومرو غلام محمد عرشي _مثنوي جي دفتر اول جي اوائل واري حصي جو منظوم ترجمو آهي، جيڪو ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر 1981ع ۾ شايع ٿيو هو. وڌيڪ جي خبر نه پئجي سگهي ته اڳتي به اهو ترجمو ٿيو هو يا نه؟(39)

منثوي يوسف زليخا

از ملا عبدالرحمن الجامي (م:898هه) فارسي ٻوليءَ جي مشهور مثنوي جنهن جو دنيا جي ڪيترن ئي سڌريل ٻولين ترجمو ٿي چڪو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مون کي سر دست 5 ترجما معلوم ٿيا آهن، جن مان هڪ جو ذڪر لاکي صاحب ڪيو آهي. (يعني سيد غلام مرتضيٰ ٺٽوي جو) باقي چار هي آهن.

 (96) ترجمو منظوم:

از ميان عبدالواحد بن حاجي محمد لقمان سائل- هيءُ  ترجمو سائل موصوف 1306هه ۾ جوڙي تيار ڪيو جيڪو 1315 هه ۾ مطبع عزيزي گلدسته محبوبي ٽنڊو مير حسن علي خان ۾ ڇپيو ، ترجمي جي آخر ۾لکي ٿو ته ڪيم هي، نظم نامه فارسي تان، ڏٺم جامي سندي تنه آرسي تان (40).

(97) ترجمو منظم:

از غلام الله ولد ميان دائود عباسي ويٺل چو درو، تعلقو واره ضلع لاڙڪاڻه – 1318هه ۾ جوڙيل هن مثنويءَ جا 2 ڀاڱا آهن پهرئين ڀاڱي جو نالو ” يوسف زليخا“ ۽ ٻئي ڀاڱي جو نالو ” اخوان يوسف“ آهي، مثنوي 1328هه ۾ ويڙهي مل کٽڻ مل لاڙڪاڻه طرفان شايع ٿي، هن  ۾ ترتيب  ملا جامي واري رکي اٿائين (41).

(98)پرت نامو سنڌي:

ازابي الحسن حضرت مولانا تاج محمود امروٽي (م: 1348هه،1929ع يوسف زليخا جي قصي تي مشتمل هيءَ مثنوي به ملا جامي واري مثنوي تان ورتل آهي، جيئن لکي ٿو ته: قصو يوسف زليخا نينهن وارو- بنايواڳ هيو جامي سو سارو،

ڏنو تنهن ۾ سخن جو ڌيان سياڻي، ڪيو تنهن کي سنڌي ۾ يا رهاڻي (42).

هيءَ ڪتاب 1952ع ۾ مولوي عظيم شڪارپور طرفان شايع ٿيو، علي ڳڙهه بوڪ اسٽور سکر طرفان به شايع ٿيو هو.

(99)ترجمو منظوم:

از مولانا عبدالڪريم ڪهاڙو ڪورائي بلوچ (م: 1939ع ) هيءَ ترجمو اڃان ڇپيو نه آهي (43)

مجمع الفيوضات

از خليفه محمود ڪڙيه وارو (م: 1267هه)م هيءَ ڪتاب حضرت محمد راشد روضي ڌڻي (م:1233هه) جي ملفوظات تي مشتمل آهي، 6 حصن ۾ ورهايل آهي، پهرئين 3 حصن جو ترجمو مولانا مشوري صاحب ۽ پوين 3 حصن جو ترجمو مفتي محمد رحيم سڪندري صاحب ڪيو آهي جن جو ذڪر لاکي صاحب به ڪيو آهي، پر انهيءَ ملفوظات جا ٻه ترجما ٻيا به آهن.

(100)ترجمو:

عبدالقادر نالي هڪ عالم ان جو سنڌي ترجمو ڪيو هو، جيڪو 638 صفحات تي مشتمل قلمي مخطوطي جي شڪل ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي لائبريري ۾ موجود آهي، اڃا ڇپيو نه آهي (44)

(101)جامع البر کات ترجمه مجمع الفيوضات:

از قاضي فتح محمد نظاماڻي، ان ترجمي لاءِ جناب نور احمد نظاماڻي لکي ٿو ته: هن فقير جي والد، سندن دستخط واري سنڌي ترجمي تان 475 نقل، ڪري رکيو آهي،باقي سنڌي ترجمي جو پتو نه آهي (45)

محبوبيته  المحموديته

مولفه: خليفه محمود ڪڙيي وارو (م: 1267هه) هن ڪتاب ۾ تصوف جا آداب و اشغال، ۽ اذڪار و افڪار قادري طريقي مطابق بيان ڪيل آهن.

(102)ترجمو:

از ميون حامد بن حسن هيءُ ترجمو، مولف جي فرزند خليفه ميان عبدالله صاحب جي حڪم تي تيار ٿيو ۽ 1312هه ۾ مطبع فيض سبحاني، ڪوٽڙي ۾ ڇپيو،

*مطلع العلوم و مجمع الفنون

مولف حڪيم منشي واجد علي خان- هيءُ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهريون ڀاڱو ” مطلع العلوم“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ 37 مختلف علمن جو ذڪر آهي ۽ ٻيو ڀاڱو ” مجمع الفنون“ جي نالي سان آهي، جنهن ۾ 136 فنون جو ذڪر آهي (46).

(103)خوابنامو:

از محمد حسن، هيڊ ماستر اسڪول ٽنڊو سومرو، ٽنڊو الهيار خان، هيءَ ڪتاب در حقيقت مٿين ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي يعني مجمع الفنون جي پهرئين فصل  ” در بيان تعمير خواب“ جو مڪمل سنڌي ترجمو آهي، جنهن جي آخري ۾ ٻين فارسي ڪتابن کان مدد وٺي ڪجهه واڌارو به ڪيو ويو آهي پوڪرداس، شڪارپور طرفان شايع ٿيو.

*مفتاح الصلوات

از مخدوم فتح محمد بن عيسيٰ جند الله پاٽائي برهانپوري (م: 1061هه9 نماز جي مسئلن تي فارسي ٻولي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب، نهايت مقبول ۽ مشهور تصنيف آهي، هيءُ ڪتاب نماز جي مسئلن تي سند جي حيثيت رکي ٿو، سنڌ ۽ هند ۾ نصابي طور تي پڙهايو ويندو هو، سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جا ڪيترائي ترجما ۽ اختصار جوڙيا ويا، جن جو تفصيل هن ريت آهي:

(104)مفتاح الصلوات جو سنڌي ترجمو:

از مخدوم محمد انور هي مفتاح الصلوات جو پهريون سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ذڪر سيد علي محمد شاهه پنهنجي ڪتاب ” مصلح المفتاح“ ۾ ڪيو آهي (47) مخدوم انور بابت حال احوال نه ملي سگهيو،

(105)مصلح المفتاح يعني سيد دائري وارن جي سنڌي:

سيد علي محمد شاهه دائري وارو (م: 1287هه) هيءُ ڪتاب مفتاح الصلوت جي ترجمي ۽تشريح تي مشتمل آهي، مٿئين ترجمي کي ناڪافي سمجهندي، شاهه  صاحب هيءُ ڪتاب الف اشباع وارو نظم ۾ جوڙيو، مصلح المفتاح پهريون دفعو 1324هه ۾ مطبع فيض سبحاني بندر ڪوٽڙي، جامع مسجد طرفان شايع ٿيو، ٻيو دفعو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي تحقيق سان 1970ع ۾ سنڌالاجي ڄامشورو طرفان شايع ٿيو.

(106)مختصر مصلح المفتاح يا دائري وارن

جي ننڍي سنڌي:

از سيد علي محمد شاهه (م: 1287هه) هيءُ ڪتاب مصلح المفتاح جو اختصار آهي، جنهن ۾ ڪتابن جي حوالن ۽ تحقيقي بحثن کي ڇڏي، صرف مسائل درج ڪيا ويا آهن جيئن عام پڙهندڙ، سولائي سان سمجهي سگهن، هي اختصار اصل ڪتاب کان اڳ 1322 هه ۾ مطبع فيض سبحاني، ڪوٽڙي طرفان شايع ٿيو هو (48).

(107)سنڌي مفتاح الصلوات:

از مخدوم عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽو،الف اشباع جي قافيي تي مفتاح الصلوات جو هيءُ منظوم سنڌي ترجمو 1393 ۾ لکجي تيار ٿيو، جيڪو پهريون دفعو 1305هه مطبع ڪريمي بمبئي طرفان ڇپيو (49)م ٻيو دفعو 1355هه ۾ هيمنداس،سکر طرفان ڇپيو.

مکتوبات امام رباني

مشهور ڪتاب آهي، جنهن ۾ حضرت امام رباني مجدد الف ثاني (م: 1034هه) جا فارسي مکتوبات گڏ ٿيل آهن.

(108)قصه و نصيحت نامه حضرت امام رباني:

از مولانا عبدالڪريم صاحب ديروي رح (م: 1373هه) هيءُ ڪتاب امام صاحب جي احوال زندگي (ان حصي جو نالو ” حصول الشرف السرمدي في تذڪرت الشيخ السرهندي“ رکيو اٿس) ۽ مڪتوبات مان چونڊ مڪتوبن جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، مدرسه دارلقرآن ميهڙ طرفان شايع ٿيو.

*ميزان الطب

از حڪيم محمد اڪبر ارزاني – فارسي ٻوليءَ ۾ حڪيم صاحب جي هيءُ ابتدائي تصنيف آهي، (سندس ٻي اهم تصنيف طب اڪبر آهي، جن جي ٻن سنڌي ترجمن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

(109)ترجمو:

از حيڪم آئل مل نصرپوري، هيءُ ترجمه پهريائين، منشي پوڪرداس ، شڪارپور وارن 1928ع ۾ شايع ڪيو هو، (50)، ان ترجمي کي نئين سر سڌاري، مولوي محمد عظيم اينڊ سنز شڪارپور وارن ڇاپيو، ٽيون ڇاپو 1981ع ۾ شايع ٿيو.

ناگهان مسمي بقصه سلطان جمجمه

مشهور فارسي مثنوي آهي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ جمجمه بادشاهه جو قصو آهي. جنهن جي ڌڙ کان ڌار ٿيل سسيءَ سان حضرت عيسيٰ عليه السلام ڳالهايو هو.

(110)ناگهان ۽قصو بادشاهه جمجه جو:

از حاجي دين محمد آخوند سانوڻي، هيءُ نثري ترجمو 1313هه ۾ مطبع عزيزي ٽنڊو مير حسن ٽالپر ۾ ڇپيو.

(111)قصو بادشاهه جمجمه جو سنڌي:

ساڳيوئي قصو،قدري تفصيل ۽تشريح سان، ٻين ٻن ڪتابن (مجموعه ڪافين جو سنڌي ۽ مجموعو مولودن جو  سنڌي) سان گڏ 1312هه ۾ مطبع صفدري بمبئي ۾ ڇپيو، مترجم جو نالو لکيل نه آهي.

نام حق

از شرف الدين بخاري وضو، طهارت ۽ نماز جي مسئلن تي مشتمل  هيءَ مثنوي، ديني مدارس جي نصاب ۾ شامل آهي.

(112)ترجمو منظوم:

از مولانا نور محمد ملڪ عادلپوري رح (م:1944هه) نام حق جو منظوم سنڌي ترجمو آهي، مترجم ابتداء ۾ ڪتاب جو انتساب پنهنجي مرشد امروٽي ڏانهن ڪيو آهي  . قلمي مخطوطه مترجم جي پوئينرن وٽ عادلپور ۾  محفوظ آهي، ان جو فوٽو راقم وٽ موجود آهي.

نحومير

مولف: مير سيد شريف علي بن محمد الجرجاني (م:816هه) فارسي ٻوليءَ ۾ عربي نحو (گرامر ، لاءِ جوڙيل) هي ڪتاب برصغير جي مدارس عربيه جي نصاب ۾ داخل آهي.

(113)تسير النحو:

از مولانا شبير احمد ڀٽو- هيءُ ڪتاب نحو مير جي سليس ترجمي تي مشتمل آهي، ڪٿي ڪٿي وڌيڪ نحوي مسائل به ذڪر ڪيا ويا آهن ته ڪٿي ترتيب به مٽايل آهي 1979ع ۾ مڪتبه سعديه الر، پريالو، خيرپور طرفان شايع ٿيو،

(114)ترجمو ۽ تشريح (القوم الظهير):

از مولانا غلام قادر ميمڻ، شيخ الحديث جامع دارالهديٰ ٺيڙهي، نحو مير جو سليس ترجمو ۽ شرح آهي ۽ ڪافي واڌارا به ڪيل آهن، اڃان تائين شايع نه ٿيو آهي.

نل دمن فارسي مثنوي

از ملا فيصي ابوالفيض (م: 1004هه) هي ڪتاب دراصل سنسڪرت ۾ منظوم شڪل ۾ ڪاليداس جوڙيو هو، جنهن جو دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ملا فيضي ان جو فارسي نظم ۾ ترجمو ڪيل هو،

(115) نل دمنتي (سنڌي مثنوي ۾):

از رشيد احمد لاشاري (م: 1970ع) لاشاري صاحب نل دمنتي جي منظوم سنڌي ترجمي ڪرڻ ۾ ٻين ترجمن سان گڏ، ملا فيضي جي مثنوي ” نل دمن“ مان به استفادو ڪيو آهي(ان ڪري هن مضمون ۾ شامل ڪيو ويو) هيءُ ڪتاب پهريون دفعو 1959ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو

همايون نامه

تاليف؛ گلبدن بيگم بنت بابر بادشاهه مغل (م: 1603ع) ڪتاب در حقيقت بيگم موصوفه جي آپ بيتي يا آتم ڪهاڻي آهي، جنهن پنهنجو ننڍڻ بابر بادشاهه وٽ، جواني همايون جي حڪومت ۾ ۽ ڪراڙپ اڪبر بادشاهه جي دور ۾ گذاري،

(116)ترجمو:

ا ز احمد خان  آصف مصراڻي ۽ محمد خا ن ٻٻر – هي ترجمو پهريون دفعو 1956ع ۾  آر ايڇ احمد اينڊ  برادرس  حيدرآباد  طرفان  شايع ٿيو .

الينابيع الصافيته في حڪم المسائل الثمانيه

مولفه: الشيخ الفقيه المحدث مولانا حماد الله بن محمود الهاليجوي (م: 1381هه) هن فارسي ڪتاب ۾ حضرت هاليجوي صاحب مختلف اٺن سوالن (جن جو تعلق اعتقاديات سان آهي) جا جواب ڏناآهن ” الياقوت والمر جان في شرح الغات القران “ (مولفه حضرت هاليجوي) جي آخر ۾ شايع ٿي چڪو آهي.

(117)ترجمو:

از حضرت مولانا عبدالصمد هاليجوي بن حافظ محمود اسعد بن حضرت حما الله هاليجوي، ترجمو اڃان ڇپيو نه آهي، عنقريب شايع ٿيڻ وارو آهي.

امامت

از شهيد مرتضيٰ مطهري، هن ڪتاب ۾ شيعه عقيده مطابق امامت ۽ولايت تي بحث ڪيو ويو آهي.

(118)امامت ۽ رهبري:

ترجمه ۽ ترتيب حسين موسوي، اصغريه آرگنائيزيشن س طرفان شايع ٿيو،

 وضاحتي نوٽ: (1) راهي صاحب، پير محمد راشدي روضي (1234هه) جي ملفوظات جو نالو ” جامع الفيوضات“ لکيو آهي، جڏهن ته صحيح نالو ” مجمع الفيوضات“ آهي(2) لاکي صاحب ” احياء علوم الدّين“ ترجمه از غلام اصغر ونڊير کي ” ڪيميائي سعادت“ امام غزالي جو ترجموقرار ڏنو آهي، حالانڪ  ” احياء علوم الدين“ امام غزالي جي الڳ تصنيف آهي، جيڪا عربي ۾ آهي، ونڊير صاحب ان جو ترجمو ڪيو هو.

(3)لاکي صاحب ” مثنوي گلشن راز“ جو ترجمو ” ڪشف اعجاز“ از قليچ بيگم ذڪر ڪيو آهي ۽ لکيو آهي ته وڌيڪ تفصيل نه ملي سگهيو، ان متعلق عرض ته منظوم ترجمو 1914ع ۾ اسٽينڊرڊ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد مان ڇپيو هو.

حوالا ۽ سمجهاڻيون

(1)             پهريون ڀاڱو مون وٽ ڪو نه آهي،البت آر، ايڇ احمد اينڊ برادرس جي ” ٽائيٽلز فائيل“ ۾ ان جو ٽائٽل چسپان آهي. ياد رهي ته آر، ايڇ احمد وارا پنهنجي سمورن ڇپرايل ڪتابن جا ٽائٽل هڪ ” آلبم نما فائيل“ ۾ چپسان ڪندا هئا، آر ايڇ احمد وارن جا اهڙا ٻه فائيل هن وقت قاسميه لائبريري ۾ موجود آهن.

(2)            هن ترجمي جوذڪر ” الانوار الالحمديه في حالات المشائخ النقشبنديته“ (حصو پهريون) جي مقدمه (از نوراحمد سومرو) ۾ آيو آهي.

(3)            اخلاق محسني جي هڪ ترجمي جو ذڪر اختر راهيءَ به ڪيو آهي، پر جيئن ته ان جي مترجم جو نالو ٻڌايو اٿس، تنهن ڪري هت ٽنهي ترجمن جو مترجمن سميت ذڪر ڪيو ويو آهي.

(4)            ٽماهي مهراڻ سوانح نمبر 3/04، 1957ع.

(5)             هن ڀاڱي جو ذڪر لاکي صاحب ڪونه ڪيو آهي.

(6)            محمد صديق مسافر، ” منازل مسافر مع ڪليات مسافر“ دفعو اول آر ايڇ احمد 1955ع، ص 48.  

(7)            هڪ سنڌي پسند نامي جو ذڪر ڊاڪٽر ٻٽ صاحب پنهنجي مضمون” 1819ع کان وٺي ڇپيل سنڌي ڪتاب جو جائزو “ مهراڻ 3/ 1995 ۾ ڪيو آهي، جيڪو محمد عارف جو جوڙيل آهي ۽1896ع ۾ ڇپيو (هيءَ معلوم نه ٿيو ته: هي ڪتاب پندنماء عطار جو ترجمو آهي يا ڪريما (پند نامهء سعدي) جو ترجمو آهي يا ڪو ٻيو ڪتاب آهي.

(8)            محمد يوسف ابڙونصرپوري، پنهنجي ترجمي جي مقدمه ۾ لکي ٿو ته : هيءُ ڪتاب اصل فارسي ۾ هو جنهن کي حامد بن حسن ويٺل ڀڄ ڪڇ جي، سنڌي ۾ ترجمو ڪيو (تحفت المجربات، مقدمه)

(9)            ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي تاريخ ” ٽيون ايڊيشن،پاڪستان اسٽڊي سينٽر 1990ع ۾ص 417.

(10)        شيعه مسلڪ ۾ توتي يعني امامن، اهلبيتن سان محبت جو اظهار ۽ بتري يعني مخالفن کان برائت ۽ بيزاري جو اظهار اهم اصولن ۾ شامل آهي.

(11)         راقم وٽ قاسميه لائبريري ۾ اصل فارسي وارو نسخو موجود آهي، جيڪو 1934ع ۾ ملڪ دين لاهور طرفان ڇپيو هو،

(12)        فهرست ڪتب آر،ايڇ احمد سال 1963ع ص 14 تي انهيءَ قصص النيباء لاءِ لکيل آهي ته هيءُ فارسي ڪتاب خلاصت الانبياء تان ترجمو ڪيل آهي.

(13)        قاضي علي مردان: ” سوانح حيات قاضي علي اڪبر درازي“، مادرن پرنٽنگ پريس شڪارپور، 1965ع ص 283.

(14)        ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، مقالو ” سنڌي مثنويون قسط 9“ ماهوار نئين زندگي جون 1960ع غلام محمد لاکي سڪندر نامي جي ٻئي نمبر ترجمي لاءِ غلام محمد خانزئي جو نالوکنيو آهي، ٿي سگهي ٿو ته هيء غلام محمد اهوئي هجي، پر جيئن ته لاکي صاحب ان جي وضاحت نه لکي آهي، تنهن ڪري هت تفصيل سان لکيو ويو.

(15)         لاکي صاحب، غلام مرتضيٰ شاهه واري ترجمي جو ذڪر ڪري ڇڏيو آهي.

(16)        ڊاڪٽر ابراهيم خليل مقاله ” سنڌي مثنويون قسط 9 “ ماهوار نئين زندگيءَ جون 1960ع.

(17)        مولانا دين محمد وفائي: ” مشاهير سنڌ“ ج-ا سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٻيو 1985ع ،ص 288.

(18)        امداد حسيني، سنڌي جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ (سنڌي عالمن جي تصنيفات جو قلمي ذخيرو) سنڌالاجي ص 18، هن ترجمي جونالو شايد ” ارشاد الطالبين“ آهي، ڇو ته مولانا وفائي، هدايت الله شاهه جي تصنيفن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: رسالو ارشاد الطالبين مصنفه پير محمد ياسين شاهه جو تخت اللفظ سنڌي ترجمو ڪري ڇپرايائين، ڏسو ” تذڪره مشاهير“ سنڌ جلد –ا ص 283.

(19)         هن ترجمي جو علم ” جلال المظهر ترجمه طب اڪبر “ طابع هريسنگهه جي آخر ۾ ڏنل هڪ اشتهار مان ٿيو.

(20)       مهراڻ سوانح نمبر 3/ 4- 1957ع – ص 397.

(21)        ڊاڪٽر بلوچ، ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ٽيون ايڊيشن، 1990ع، ص 415.

(22)       لطيف الله بدوي، پيش لفظ ” چار درويش“ مترجم امام بخش خادم، سنڌي ادبي بورڊ، 1960ع،ص 11.

(23)       ڊاڪٽر بلوچ، ” سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ٽيون ايڊيشن  1990ع ،ص 417.

(24)       ڊاڪٽر غلام علي الانا :”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي “ 1947ع کان 1973ع تائين، ص 468.

(25)        راهي صاحب 3 ترجما ڪريما جا ڄاڻايا آهن ۽ لائي صاحب 4 ترجما وڌايا آهن، 49 نمبر تي آيل، مولانا ڪهاڙي ڏانهن منسوب ترجمو، در حقيقت علامه عبدالرئوف وارو ترجمو ئي آهي، مولانا ڪهاڙو صرف ڪتاب آهي، اهڙي طرح 05 نمبر تي ڄاڻايل عبدالرئوف وارو ترجمو اهوئي آهي، جنهن کي راهي صاحب عبدالرئوف متوفي 1138 هه ڏانهن منسوب ڪيو هي، 51 نمبر تي ڄاڻايل ترجمي کي سيد حسام الدين راشدي صاحب، مخدوم عبدالرئوف ڀٽي ڏانهن منسوب ڪيو ” سنڌي ادب“ مترجم غلام محمد لاکو ص 4. 1 سئو غلط آهي، ڀٽي عبدالرئوف ته 1166هه ۾ وفات ڪري ويو هو، جڏهن ته هيءُ ترجمو 1178هه ۾ ٿيو هو.

البته 48 نمبر تي ڄاڻايل ترجمو (ڇپايل پوڪرداس شڪارپور) نئين شيءِ آهي، جنهن جي ملائڻ سان، راهي صاحب جي ذڪر ڪيل 3 ترجمن سوڌو ڪل 4 ترجما ٿيا.

(26)       هن ترجمي جو قلمي نسخو خليفه عبدالغفور سومرو شڪارپور، جي ذاتي ڪتبخانه ۾ موجود آهي، ڏسو مقالو ” شڪارپور جا ڪتبخانا“ امين الله علوي، ڪتاب ” شڪارپور صدين کان“ ڇپايل شڪارپور ڊسٽرڪت هسٽاريڪل سوسائٽي،شڪارپور 1988ع، ص 306.

(27)       هن ڪريما جي قلمي نسخي جو فوٽو اسٽيٽ مون کي ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب طرفان مليو، نسخي جو ڪاتب خود ميان فيض محمد آهي.

(28)       مولانا وفاقي ” تذڪره مشاهير سنڌ“ ج – 2، طبع اول، 1985ع سنڌي ادبي بورڊ ص 139.

(29)       پهرئين ترجمي جو ذڪر راهي صاحب ۽ ٻئي ترجمي جو ذڪر لاکي صاحب ڪيو آهي.

(30)       هن ترجمي جو ذڪر ڪتبخانه هريسنگهه سکر جي هڪ قديم فهرست ڪتب ۾ موجود آهي.

(31)        هت ٻنهي ڪتابن جو گڏ ذڪر ڪيو ويو آهي، ڇو ته هيٺ ايندڙ ڪي ترجما، ٻنهي ڪتابن (گلستان ۽ بوستان) جي ترجمي تي مشتمل آهن.

(32)       قاضي يار محمد: ”سنڌي ۾ فقهي تحقيق جو ارتقا“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد 1992ع، ص 139.

(33)       مسٽر الهه بخش ” مولانا حافظ دين محمد پٽائي ” ٽه ماهي الرحيم ، 2- 1966ع، ص 25.

(34)       حامي جي ترجمن جو ذڪر لاکي صاحب ڪري ڇڏيو آهي.

(35)        ڪريم بخش خالد: ” ڪتاب سچل سائين“ پندرهين هجري مطبوعات ڪراچي، 1983ع،ص 29.

(36)       منهنجي سامهون جيڪي ڀاڱا موجود آهن،انهن جو تفصيل هن ريت آهي، پهريون ڀاڱو 1965ع “، چوٿون دفعو، ٻيو ڀاڱو 1965ع ۾ چوٿون دفعو، ٽئين ڀاڱي تي سال لکيل نه آهي البت ڇاپو ٻيو آهي.

(37)       علامه غلام مصطفيٰ قسمي: ” منهنجي علمي ڊائري“ ٽه ماهي الرحيم سنڌي: 3- 1966ع، ص، 59.

(38)       ڪل 3 قسطون شايع ٿيو هو، جمادي الثاني ، رجب ۽ شوال ذوالقعد، 1390هه جي پرچن ۾ ماهوار ” المدينه“ جي بند ٿي وڃڻ ڪري اهو سلسلو به بند ٿي ويو.

(39)       مثنوي رومي سان سنڌي عالمن جو تعلق ۽ لاڳاپو تمام پراڻو آهي، مخدوم محمد معين ٺٽويءَ به مثنوي رومي جو شرح لکيو هو، جنهن جو ذڪر، حضرت امروٽي جي استاد مولانا عبدالقادر پنهوار واري جي ” بياض الطائف العلوم“ ۾ ملي ٿو.

(40)       ميان عبدلواحد سائل ” يوسف زليخان سنڌي“ مطبع عزيز گلدسته محبوبي 1315 هه ص 271.

(41)        ڊاڪٽر ابراهيم خليل: ” مقالو“ سنڌي مثنويون قسط 12 ماهوار نئين زندگي مئي، 1961ع.

(42)       حضرت امروٽي، ” پريٽ نامو سنڌي“ مولوي عظيم شڪارپور . ص 19.

(43)       ماهوار شريعت سکر، سوانح نمبر طبع 1401- منهنجي خيال ۾ هيءَ ترجمو مولانا عبدالڪريم ڪهاڙي جي پنهنجي تصنيف نه هوندو، صرف ڪتابن مولانا عبدالرڪيم ڪهاڙي جي هوندي ۽ ترجمو اهوئي امروٽي جو هوندو ” والله اعلم نالصواب“

(44)       امداد حسيني” سنڌ جي ديني ادب جوڪئٽلاگ،“ سنڌ الاجي. 1971ع.

(45)        جناب نور احمد نظاماڻي ” مقالو“ خليفو محمود نظاماڻي ڪڙيي وارو، ” ٽه ماهي الرحيم 1-66ع ص 74، هن ترجمي جو ذڪر راهي صاحب ڪيو آهي، پر جيئن ته اهو اجمالي هو، تنهن ڪري ڪجهه تفصيل سان، ترجيم جي نالي سميت لکيو  ويو.

(46)       بهترين ڪتاب آهي، منشي نولڪشور هندوستان طرفان شايع ٿيو هو، تازو پشاور ۾ شايع ٿيو آهي.

(47)       سيد علي محمد شاهه: ” مصلح المفتاح“ تحقيق ڊاڪٽر بلوچ، سنڌ الاجي 1970ع، ص 4۽ 5.

(48)       ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ” مقدمه مصلح المفتاح“ سنڌالاجي،“ س 1970ع ص 32.

(49)       حوالو ساڳيو 34.

( 50)   منشي پوڪرداس وارن جي فهرست ڪتب ڇپرايل 1928ع ۾ ان جو نالو ملي ٿو.

”....مان مڃان ٿو ته اهڙا ليکڪ به هوندا آهن؛ جيڪي هميشه هر حڪومت جو ساٿ ڏيندا آهن. اُهي پئسن؛ انعامن، عهدن ۽ وقتي شهرت کي ئي ادب جو معراج سمجهندا آهن، ۽ اُهي پڙهندڙن جي آڏو اچڻ بدران حاڪمن جون حاضريون ڀريندا آهن. پر هنن جون به ڪي مجبوريون هنن کان اهڙا ڪم ڪرائينديون هونديون.  پر، هر دور ۾ اهڙن ليکڪن جي کوٽ  به ته رهي آهي، جن سچ کي نه ڇڏيو، پنهنجن اصولن کي نه ڇڏيو. جن کي وقتي شهرت ۽ پئسي کان وڌيڪ پنهنجا ماڻهو، پنهنجو ادب، پنهنجي ٻولي، پنهنجا اصول ۽ سچ وڻندو رهيو آهي. هر ليکڪ هٿڪڙين ۽ جبلن کان ڊڄي، قلم ته نه ڦٽو ڪندو ۽ نه ئي قلم وڪڻندو ڇو ته اهڙو وقت به ايندو جڏهن نه هن لاءِ جيل هوندا، نه حڪومت ۽ نه ئي انعام اڪرام ۽ عهدا. ڇو ته هڪ ڏينهن دنيا ۾ هو نه، فقط هن جي قلم مان نڪتل لکڻيون رهنديون. گهڻن کي رڳو پنهنجي  ”اڄ“ سان ئي پيار آهي. هنن جي لاءِ سڀ ڪجهه اڄ ئي آهي، پر ڪن ليکڪن کي پنهنجي ”اڄ “ کان وڌيڪ ”سُڀاڻي“ سان پيار. آهي. ۽ مان به چاهيان  ٿو ته منهنجو شمار ”پوين“ ۾ ٿئي، ڇو ته سُڀاڻي کي ”دائمي حيثيت“ حاصل آهي........“

طارق اشرف

 (”هٿين هٿ ڪڙول“ )

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com