گذارش
سنڌ جي تاريخي ورثي جي سار سنڀال
سنڌ جي قديم تهذبي آثارن ۽ تاريخي نوعيت
جي ثقافتي مرڪز جي برباديءَ جون خبرون
،
هاڻي ته اخبارن جو هڪ مستقل موضوع بنجي چڪيون آهن،
سڄيءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي، تقافتي ۽ تعليمي،
صحافتي ۽ تحقيقي حلقن وٽان اها رڙ لاڳيتو ٻڌڻ ۾
ايندي رهي ٿي ته سنڌ جا قديم آثار جهري ۽ ڀري رهيا
آهن، پر انهن جي مرامت ۽ سار سنڀال لاءِ ڪو به
ڌيان ڪو نه ٿو ڏنو وڃي، ادبي حلقن ڳڻتي پئي ظاهر
ڪئي آهي ته اگر انهن جي نگهداشت جو بندوبست نه ڪيو
ويو ته سنڌ جا اهي عظيم الشان تاريخي ماڳ ۽ ثقافتي
آثار هڪ ڏينهن پڌر پت ٿي ويندا ۽ انهن جي اهميت جا
داستا فقط ڪتابن جي ورقن تائين وڃي باقي رهندا.
ادبي حلقن ۽ سجاط سماجي ادارن جي اها ڳڻتي
بجا طور تي واجبي ۽ جائز آهي، ڇو ته سنڌ جا قديم
آثار، بدقسمتيءَ سان تيزيءَ سان تباهه ٿي رهيا
آهن، انهن کي بربادي کان بچائڻ لاءِ ڪو به بندوبست
ڪو نه آهي انهيءَ موضوع تي، هن ملڪ ۾ ڪو به آواز
ٻڌڻ وارو ڪو نه آهي، قديم آثارن کي بچائڻ وارو
کاتو ”محڪمه آثار قديمه“ هڪ زماني کان وٺي،
پنهنجن ڪنن ۾ ڄڻ ته ڪپهه وجهي چڪو آهي جنهن وٽ صدا
جي سڻڻ جو ڪو سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي، عظيم
الشان سنڌ جي شاندار ماضي جي روشن نشانن جي عنوان
کي جڻ ٻڌڻ لائق ئي ڪونه ٿو سمجهيو وڃي هيءَ به ڪا
ماجرا ۽ موضوع آهي!
سڄي دنيا مان هزارين سياح ”موهن جي دڙي“ جي
عظمت کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، ان طرح مڪلي جي تاريخي
قبرستان تي به پرڏيهين جي اچ وڃ، ان جي اهميت جي
علامت آهي، سنڌ جي انهن ٻنهي وڏن تهذيبي مرڪز جي
حالت نهايت ڳڻتي جوڳي آهي، هڪ طرف ”موهن جي دڙي جا
آثار مناسب ڌيان کان وانجهيل هجڻ ڪري تڪڙا تباهه
ٿي رهيا آهن ته ٻئي طرف مڪلي جا مقبرا ۽ ماڳ مڪان
مرامت کان محروم رهڻ ڪري ميسارجي رهيا آهن، مڪلي
جو نڪ، ڄام نظام الدين سمي جو آخري آرامگاهه، جو
اڏاوت جي فن جي لحاظ کان به هڪ نهايت منفرد اهميت
جو حامل آهي، برباد ٿي رهيو آهي، ته سنڌ جي محافظ
دولهه درياهه خان شهيد جي مرقد جي پٿرن مان مٽي
پيئي ڇڻي! سمورا آثار نڌڻڪاني جي حالت ۾ ڏينهون
ڏينهن زوال پذير آهن، بلڪ انهن مان گهڻا تڻا ته
مڪمل طرح مٽجي به چڪا آهن محڪمه اثار قديمه جي
ڪوتاهين تي مڪلي جو تاريخي قبرستان خاص طرح سان
ماتم ڪري رهيو آهي.
فقط موهن جي دڙي ۽ مڪليءَ جو معاملو ڪونهي،
ڀنڀور جا ڀاڻ هجن يا برهمڻ آباد / منصوره جو ماڳ
هجي، قلعو رني ڪوٽ جو هجي يا حيدرآباد ۽ عمر ڪوٽ
جو هجي، دڙو ڪاهوءَ جو هجي يا ڪوٽڏيجيءَ جا آثار
هجن، مقبرا ڪلهوڙن جا هجن يا قبا ميرن جا هجن، سنڌ
جي هر هڪ ضلعي ۾ جتي جتي به تاريخي آثار ۽ تهذيبي
مرڪز آهن، اهي سڀ جا سڀ محڪمه آثار قديمه جي غفلت
۽ بيڌياني جي ڪري برباد ٿي رهيا آهن نه انهن جي
خاطر خواهه مرامت جو انتظام آهي ۽ نه وري سارسنڀال
جو ڪو بندوبست، سنڌ جي شاندار ماضي سان محڪمي جي
ان مجرمانه سلوڪ کي ڪنهن به طرح نظرانداز ڪري نٿو
سگهجي.
سنڌ ۾ خاص ڪي نئين ٽهي ۾ هن وقت جا ڳرتا جي
جا لهر اڀري آهي، ان ۾ ماضي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جتن
هڪ اهم نقطو آهي، اهو هڪ سجاڳ ۽ ساڃهه وند سماج جو
شعار آهي ۽ اسان جي نوجوان ليکڪن ۽ دانشورن کي جس
هجي جو انهن عظيم ۽ روشن سنڌ جي ثقافتي ۽ تهذيبي
ورثي کي سڀالڻ لاِءِ ڌيان ڏنو آهي ان ڏس ۾ مسلسل
پڪاري رهيا آهن.
سنڌ جي علم دوست ۽ ادب نواز وزير اعلي جناب
سيد عبدالله شاهه صاحب کي اسان جي استدعا آهي ته
هو صاحب ان ڏس ۾ خاص توجهه ڏيئي، وزير اعظم
پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۽ ٻين اختيارين
وارن سان رابطو پيدا ڪري سنڌ جي تهذيب کي سنڀالڻ
لاءِ ڪا اهڙي جامع رٿا جوڙائي، جنهن سان انهن سڀني
شڪايتن جو ازالو ٿي سگهي،ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار جو
ثقافت ۽ سياحت کاتو به ڪار آمد ڪردار ادا ڪري سگهي
ٿو، جنهن سان به صلاح مشورو بيحد ضروري آهي.
مانوارن ليکڪن ڏانهن
سنڌ جي مانوارن ليکڪن ۽ دانشورن هميشه وانگر
ڀال ڀلائيندي هن ڀيري به اسان کي پنهنجي علمي
سهڪار سان نوازيو آهي ان لاءِ اسان سندن ٿورائتا
آهيون، اسان کي اميد آهي ته سنڌي ادب جي خدمت جي
نيڪ جذبي کي نڀائيندي، اهي آئنده به پنهنجا ادبي
اخلاص جاري رکندا ۽ مهراڻ کي مچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار
ادا ڪندا رهندا.
ان طرح هتي اهو ذڪر ڪرڻ به موزون آهي ته
بورڊ جي مانواري چيئرمن سينيٽر حسين شاهه راشدي
صاحب طرفان 1 اپريل 1996ع کان وٺي بورڊ جي
سيڪريٽريءَ طور ذميواريون نباهڻ لاءِ اضافي فرض
ادائي منهنجي حوالي ڪئي وئي، ڪم جي گهڻائي سبب
تاريخ 31 جون کان مهراڻ جي سب ايڊيٽر ۽ منهنجي
عزيز ڀاءُ طارق عالم مهراڻ جي سڄي ڪم ڪار کي جنهن
محنت ۽ جاکوڙ سان منهن ڏنو آحي، ان لاءِ مان سندس
ٿورائتو آهيان، هي پرچو ادي طارق عالم جي جفاڪشي
جو نشان آهي،
___ن. ا. ش
شاهه جي بيتن ۽ واين جي اسلوب بيان ۾ وڏي وسعت
آهي، جنهن ۾ عام سنڌي ٻولي جي مختلف محاورن سان گڏ
عليم لفظن ۽ ادبي عبارتن توڙي تصوف ۽ طريقت جي
اصطلاحن ۽ ڪناين جي آميزش جو معياري مثال موجود
آهي، شاهه صاحب سنڌ جي سڀني ڀاڱن- وچولي، لاڙ،
اتر، ٿر، ڪوهستان، درياهي ڪچي، سامونڊي ڪناري ۽
کاري- توڙي سنڌ کان ٻاهر لس ٻيلي ۽ ڪڇ طرف ويو، ۽
اتي جي عام ماڻهن سان گهڻو وقت گذاريائين، انهي
ڪري انهن سڀني ڀاڱن، جا لفظ، اصطلاح ۽ محاورا سندس
ذهن نشين ٿيا، ٻئي طرف قرآن شريف، مولانا رومي جي
مثنوي ۽ ميين شاهه ڪريم جي بيان العارفين جا درس ۽
دور ٻڌائين ۽ پڻ ٻين وڏي ڄاڻ وارن عالم ۽ درويشن
سان صحبتون ڪيائين، جنهن ڪري قرآن شريف جون آيتون،
علمي ادبي الفاظ ۽ عبارتون ۽ طريقيت جا اصطلاح ۽
اشارا سندس فهم ۽ فڪر جا جز بنيا، ان کان سواءِ
پنهنجي دور جي وڏي سالڪ شاعر ميين شاهه عنايت توڙي
اڳين عارف شاعرن (ميين شاهه ڪريم، قاضي قادن ۽
ٻين) جي ڪلام جي کيس پوري جاڻ هئي، جنهن ڪري
اعليَ سنڌي شاعري، جي روايت توڙي ان شاعري جي ٻولي
۽ عبارت کان باخبر هو، انهي ڪري، ٻولي جي لحاظ
کان، شاهه جي بيتن ۽ واين ۾ سماعيل بالغانه فڪر جو
بياني انداز هڪ وڏي معيار وارو آهي، جنهن ۾ سندس
پنهنجي مادري ٻوليءَ جي تر ۽ بر ۾ وڏا رنگ ڀريل
آهن، معنويت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي جڻ،
سنڌي ٻولي جي اندروني فطري مزاج سان هم ڪنار آهي؛
وسعت جي لحاظ سان شاهه جي ڪلام جي ٻولي ساڳئي وقت
عوامي توڙي علمي ٻولي آهي؛ ۽ عام مقبوليت جي لحاظ
سان اها اڻپڙهيلن توڙي پڙهيلن، سڀني جي آهي ۽ سڀني
لاءِ آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
شيخ اياز
(نوٽ؛ هيٺين وائين جي گهاڙيٽي ۾نوان تجربا ڪيا ويا
آهن.)
سج ۾ مڇيءَ ڇلر، ڪيترو چمڪن پيا!
هي اڏيءَ تي ڪير ٿو ٻيرا ٿئي ڪنهن کي خبر!
ڪيستائين ٿا وڃن هي جڳ جڳانتر جا چڪر؟
ڪيستائين موت ۾ ماڻهو وڃي ٿو پائي پر؟
ڇا نه ٻي ڪنهن هنڌ آهن ڀونءِ وانگر جال جر؟
ڇا ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي مڇيءَ ڇلر،
ايترو
چمڪن پيا؟
(3)
مان نه هوندس، شاعري تو وٽ ڇڏيندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
ڪمن ڪتيءَ جي شاخ جنهن وقت آکيرو اڏيندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
گيت ڳائيندينءَجڏهن منهن جا،ته تو وٽ آنءُ وندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
اوڙڪون ٿي رات ڀر، رابيل مان توکي سڏيندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
رات جي راڻي جڏهن ٽڙندي، تڏهن هٻڪار ڏيندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
آنء تنهن جي زندگي هان،موت ۾ڪيئن منهن مٽيندس.
شاعري تو وٽ
ڇڏيندس.
آنءُ
ايندس!
آنءُ
ايندس!
(4)
تون نه ايندين، تون نه ايندين، جيئري منهن جي نه
ايندين!
تون نه ٿيندين، تون نه ٿيندي، ڏک ۾ ڪو ڏڍ ڏيندين!
تون نه ٿيندين، تون نه ٿيندي، تون ته منهن جي
ننڊنيندين!
مان چوان ٿو روز مان لکندس، پيو جي تون سڏيندين!
چئن منهن جوتون ته آهين، چئن منهن جوڪيئن سيندين!
شمشير الحيدري
سونهن جي صدقي
هوءَ سهڻي هئي، ڏاڍي سهڻي،
ايڏي سهڻي،
جنهن کي ڏسندي، اکيون يڪٽڪ ڄمي ويون ٿي؛
صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شفق،
جهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي اينءَ جهلڪ،
هو پياري هئي، ڏاڍي پياري،
ايڏي پياري،
جنهن کي ڏسندي، دل سيني مان نڪري وئي ٿي؛
ڳالهيون هن جون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصريءَ تڙَ،
ٽهڪه ائين جئن گهنگهريون گونجن مرڪته وڄ وڪڙ،
هوءَ نياري هئي، ڏاڍي نياري،
ايڏي نياري،
جنهن کي ڏسندي، دل ۾ دردن دود دکيا ٿي؛
اکڙيون هن جون انتر منتر، جادو جنتر قد،
مڙي ڏٺو جنهن پنڊ پهڻ ٿيو، رستا راهون رد.
پوءِ هڪڙي ڏينهن ائين ٿيو،
هڪڙي وحشي ظالم شخص (جنهن جي هوءَ طلاقيل هئي).
وجهه وٺي،
اهڙيءَ سهڻيءَ، پياريءَ، نياريءَ صورت کي گهٽو
ڏيئي ماري ڇڏيو!
ڇا جي لاءِ؟
جيڪا هن جي لاءِ بڻجي ويئي هميشه لاءِ حرام،
سا ته وري ڪئن ٻئي جي لاءِ ٿئي حلال!
يعني؛ ” منهنجي چکيل ڀاڄي، ٻيو ڪوئي ڪئن
کائيندو؟“
اي مالڪ، اي خالق، ساري جڳ جا پالڻهارا،
قادر قدرت وارا، سائين، ”دوست مٺا دلدارا،
هڪڙو عرض اگهائج، مولا،
پنهنجي هنگناهن ڀريل، عاجز، گندي بندي جو؛
.......هن کان پوءِ – هن کان پوءِ .......
(معاف ڪجئين، اي منهنجا مولا!)
هن کان پوءِ، هن ڌرتيءَ تي،
سهڻي، پياري صورت ڪا تخليق نه ڪج؛
۽ جي نرمل نازڪ ماڻهو ڌرتيءَ تي موجود رهن پيا،
سڀ جا سڀ ناپيد ڪري ڇڏ--
هڪ ئي پل ۾ هيڪاندا!
ڀل ته اها بيقدرن ۽ بيذوقن واري،
بيدردن، بيرحمن واري دنيا،
سونهن کان خالي، پيار کان خالي،
بد روحن جو دوزخ بڻجي!
جنهن ۾ ڪنهن کي آئيني ۾ شڪل ڏسڻ جي لوڙهه نه رهندي
ڪنهن کي پاڻ وڻاڻن خاطر،
وهنجي سهنجي ، ڌوتل پوتل ڪپڙا پائي،
عطر لڳائي،
ڪنگي ڏيئي، وار سجائي،
ماڻهو بنجي،
جڳ سان گڏجي جيئري رهن جي آس نه رهندي،
پوءِ اکين مان گهور، چپن تان مرڪ اڏامي ويندي،
دلين اندر چاهت واري جوت اجهامي ويندي،
چڙ اندر جي اڌما ڏيئي ، ذهنن کي ساڙيندي،
جسمن کي ڳاريندي؛
هر ڪنهن منظر ۾ نفرت جا ڀوت پيا دانهيندا،
هر ڪنهن چهري مان وحشت جي ڏائڻ ليئا پائي،
ڏند ڪڍي پئي ٽهڪ ڏيئي ڊيڄاريندي؛
تڏهين پاڻان بيزاريءَ مان هر ڪو پنهنجو ماس
پٽيندو،
تڏهن هر ڪو هڪٻئي جو رت چٽيندو،
اڀ ۾ ڪتيون، چنڊ ۽ تارا پوءِ به هوندا،
سمنڊ ۾ مڇيون ۽ موتي پوءِ به هوندا،
ڪڪر هوا ۾ پوءِ به ترندا، مينهن به پوندا،
ڌرتيءَ تي درياهه به هوندا،
پکي پسون ۽ وڻ ٽڻ وليون، باغ بهارا پوءِ به هوندا،
بس، هڪ ماڻهوءَ ذات نه هوندي،
ماڻهوءَ جي ڪا ڏات نه هوندي؛
اڀ کان ڌرتيءَ تائين شاهي دوزخ ۾، بدروحن جو واسو
هوندو!
منهنجا مولا،
تون سنهارو، سونهن سان پيار ڪرين ٿو*،
بس، تون پنهنجيءَ سونهن جي صدقي،
سونهن سان پنهنجي پيار جي صدقي،
پنهنجي هن گناهن ڀريل، عاجز،گندي بندي جو هي عرض
اگهائج؛
ڀل هيءَ دنيا بد روحن جو دوزخ بنجي!
بيشڪ، مان به انهي دوزخ ۾، بد روحن سان شامل
هوندس،
جيڪو پوءِ به سڪندو رهندس پنهنجي وڃايل، سهڻيءَ
صورت واري پياري ماڻهوءَ لئه!
بخش ڪجئين، اي بخشڻهارا،
* الله جميل ويحب الجمال
تاج بلوچ
هڪ عڪس
ڪڻڪ جو ديرو؛
ڏاندن ڳاهه پئي ڳاڌو،
منهنجو هيانءُ اڪيلو،
نار جي ڳاڌيءَ تي ڪو ڳهلو!
گيت سريلو ڇيڙيو ڇيڙيو
ويٺو هو ،
لفظن سان هو جهيڙيو جهيڙيو
ويٺو هو،
ٽاڪ منجهند هئي
شاخ شاخ تي ڳيرو ڳيرو
گهوگهو گهوگهو لاتيو ويٺو هو؛
۽ ڪنهن جو روح بنفشي جهڙو
ڇانءَ جو رستو روڪيو روڪيو بيٺو هو،
ڪڻڪ جا داڻا
منهنجي من جي ڇڄ مان ترڪي ڇڻڪي ڇڻڪي هيٺ ڪريا ٿي
نير وڙها ٿئي،
ڪڻڪ جوديرو؛
ڏاندن ڳاهه پئي ڳاڌو،
منهنجو هيانءَ اڪيلو
واجد
غزل
نينهن منهنجو نج هو دوکو نه هو،
ڏيڻ لئه پر قيمتي تحفو نه هو !
پيءَ جي پونجي تڳائڻ ٿي گهريئون،
جو اڃان ويٺو هئو، ليٽيو نه هو !!
توکي پرکڻ جي ڪڏهن چنتا نه ٿيم،
توکي سمجهڻ، هونئن ڪو اوکو نه هو!
ڪيئن بدلائي سگهون ها قوم کي،
پاڻ سان ڪوئي مئو سيٺيون نه هو!
توکي پائڻ جي تمنا هئي مگر،
پيار جي تعميل لئه، پئسو نه هو !!
راشد مورائي
غزل
ختم شام جو هي پهر ڪيئن ٿو ٿئي،
خبر هوندي هو بي خبر ڪيئن ٿو ٿئي،
ڪلهي غير جي تي رکي ٻانهن پڇيئين
ته”خوش آهيان؟اڄ ڪلهه گذر ڪيئن ٿو ٿئي؟“
ڀڳل آهه گاڏي، ڦٽل آهه رستو،
هنن حالتن ۾ سفر ڪيئن ٿو ٿئي،
چڙهي تون به ڪوٺي تي ڏس هي تماشو،
ڪهڻ منهن جي لئه گڏ شهر ڪيئن ٿو ٿئي،
حقيقت نه سمجهيم سو حيران آهيان،
هي معصوم، دل جو پٿر ڪيئن ٿو ٿئي،
نه عاشق ٿئين ۽ نڪا سمجههه آيئي!
” عطر جهڙو ڪنهن جو پگهر ڪيئن ٿوٿئي،“
ڏسي ڪنهن کي رئندو پريشان آهيان،
ته بوندن مان راشد بحر ڪيئن ٿو ٿئي،
آثم ناٿن شاهي
غزل
ڪي ڪي سپنا، ساڀيائن کان سهڻا هوندا آهن،
توڙي جو، هو سچ ڪڏهن به نه ٿيڻا هوندا آهن،
عذر بهانا ڪو نه گهڙيندا آهن اهڙا ماڻهو،
جيڪي ڪنهن وٽ رات خوسي سان رهڻا هوندا آهن
تنهنجي سندرتا تي، سرتي! گيت لکان ٿو جيڪي
تنهنجي عضون ۾ پاتل ڳهڻا هوندا آهن
مول- متو ڪوجن به سوالن جو هندو ئي ناهي،
مجبورن تن جا به جواب ته ڏيئا هوندا آهن.
ٽهڪن ڏيندي، سڏڪن ايندي، يا هڏڪيءَ ۾؛ آثم!
لڙڪ ته ڪيئن ڀي وهندا، جيڪي وهڻا هوندا آهن
اڪ ٽٽڙي جا ڊوهر ٿوري دير خلا ۾ ڀٽڪي،
آخر موٽي پاتالن ۾ ڊهڻا هوندا آهن!
سميع بلوچ
غزل
آب اکين مان هاريو هوندئي،
ڪيڏو مون کي ساريو هوندئي،
آئي هوندئي جيڪا هڏڪي،
منهنجو نانءُ، اچاريو هوندئي،
در جي هر هر کڙڪي تي،
نيڻ کڻي ته نهاريو هوندئي،
منهنجي يادن کي او جاني،
آرس ڀڃيندي ٽاريو هوندئي،
ادل سومرو
غزل
بادل جي دلداريءَ تي،
ٿري سمهي پيو واريءَ تي،
ڪين رهيو ويساه وڻن کي،
طوفانن جي ياريءَ تي،
ذهن تي آ مايا جو پاڇو،
ڪاوڙ سرمائيداريءَ تي،
واهر بدران بيان ڇپياهن،
ليکڪ جي بيماريءَ تي،
اندر ۾ اوگهڙ جي اوندهه،
فخر آ پرديداريءَ تي،
ڏاڍو ٿيو افسوس آ مون کي،
سوچ تنهنجي درٻاريءَ تي،
پن سمورا ٻڪهڻ لڳا،
ڪوئل ويٺي ٽاريءَ تي،
لهر وئي ڳڙڪائي ان کي،
گيت لکيم جو واريءَ تي،
راهي چنا
غزل
اسين پنهنجي ادراڪ جا پاڇا،
پنهنجي هٿ نفرت جا سڪا.
پهچي ڪيئن ڪوڪ ڪپر ڏي،
نڙيءَ ۾ ڦاٿل ورهين جا واڪا،
پنهنجي رستي روڪ او سائين،
رهزن پاڻ کان اڳ ۾ پهتا،
هي پريم نگر جا مٺڙا ماڻهو،
ڏس پاپ نگر ۾ پهچي ڦاٿا،
ادب، ٻولي، قوم جون ڳالهيون،
شعر ڀڳڙن مٺ جئن سستا
هي ڪير هتان لنگهيوآهي،
ماڻهون ماڻهون سڀ رستا،
توتان سڀ ڪجهه گهوري ڇڏيو،
دلگير نه ٿي او ڌرتي ماتا،
مير محمد پيرزادو
غزل
شام، جهيڻي راڳڻي ڄڻ ڳائجي،
پرهه ويلي ماڪ ڳائي مانجهه آ!
سانت، يڪتاري سندي تند تائجي،
شام، جهيڻي راڳڻي ڄڻ ڳائجي!
سر سندي سرهاڻ، لئه سان لائجي،
سانت ۾ سرايت ٿي جا ڀانئجي،
ڄڻ ته جهرڻي سا وجھائي جهانجهه آ،
پرهه ويلي ماڪ ڳائي مانجهه آ! |