·
جواب: عرب اسلامي دؤر بابت معتبر حوالا عربي تاريخن ۾ موجود آهن،
پر ان دور بابت جيڪا تاريخ هتي سنڌ ۾ مرتب ٿي ۽
جنهن کي ”فتح نامو“ سڏيو ويو ۽ جنهن کي پوءِ عام
طرح ”چچ نامو“ چيو ويو، اهو نهايت ئي قيمتي ڪتاب
آهي. اهو نه فقط سنڌ جي تاريخ بابت هڪ بنيادي ڪتاب
آهي، پر پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جيڪو هن سڄي
برصغير ۾ مرتب ٿيو، يعني پاڪستان، بنگله، ديش ۽
هندستان، سڀ ملڪ ملايو ته مڙني تاريخي ڪتابن ۾ فتح
نامو پهريون ”تاريخي ڪتاب“ آهي، جو سنڌ جي سرزمين
۾ ئي مرتب ڪيو ويو. اهو ڪتاب شهر اروڙ جي قاضين
مرتب ڪيو. انهيءَ جا ماخذ البت ٻيا اڳيان عربي
ڪتاب هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اسلام کان اڳ واري
تاريخ توڙي اوائلي اسلامي تاريخ بابت اسان کي سڀ
ڪجهه ملي ٿو. هن ڪتاب تي شروعاتي تحقيق ڊاڪٽر
دائود پوٽي مرحوم ڪئي ۽ پهريون ڀيرو ان جو فارسي
متن شايع ڪيائون. 1952ع ۾ مخدوم امير احمد صاحب
مرحوم ان جو جيڪو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، تنهن ۾ اسان
ڪافي نوٽ ۽ حاشيا لکيا. ان وقت کان وٺي هن اهم
ڪتاب تي بنده طرفان تحقيقي ڪم هلندو هليو ۽ هاڻي
ڇهه مهينا کن ٿيا آهن، جو هن ڪتاب ”فتح نامي“ جو
فارسي متن انگريزي ۾ لکيل تفصيلي حاشين ۽ مقدمي
سان اسلام آباد جي تاريخي ۽ ثقافتي اداري طرفان
شايع ٿيو آهي.
اهو ٽي __ چار سؤ صفحن جو جلد آهي، جنهن ۾ نئين
تحقيق سامهون آئي آهي، جيڪا اڳ اسان جي آڏو ڪانه
هئي. گذريل ويهن پنجويهن سالن ۾ اسان کي جيڪا نئين
معلومات ملي هئي، سا اسان هن ايڊيشن ۾ ڏني آهي، پر
تنهن هوندي به اڃان گهڻي ڪجهه ڪم جي ضرورت آهي.
عربي دور کان پوءِ آهي ”سومرن جو دور“، جنهن تي منهنجي
مسلسل محنت ۽ ڪوشش سان ٽي وڏا جلد شايع ٿيا آهن.
ٻه جلد ”دودي چنيسر“ جي ”ڳالهه“ تي آهن ۽ هڪڙو جلد
خاص طرح سان ”سومرن جي دور بابت آهي، جنهن ۾ دودي
چنيسر جي ڳالهه کي سامهون رکي، اسان ان دؤر جي
قابل قبول تصوير پيش ڪئي آهي. اميد ته اهو ڪتاب
اڳتي هلي ”سومرن جي دؤر“ بابت هڪ مکيه ماخذ ٿي
رهندو. اهي ٽيئي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع
ٿيا آهن.
سومرن کان پوءِ ”سمن جو دؤر“ صحيح معنيٰ ۾ هڪ تاريخي
دور آهي، جنهن تي مون سڀ کان پهريائين ڪم 1952ع ۾
شروع ڪيو، جو سمن سلطانن جي حڪمراني جي سنن وار
تحقيق ڪيم. اهو تحقيقي مقالو، پاڪستان آثار قديمه
ڪميشن جي پشاور واري اجلاس ۾ پيش ڪيم، جيڪو پوءِ
ان اجلاس جي ڪارگذاريءَ ۾ ڇپيو. هاڻي سڀ لکندڙ
بنيادي طور انهيءَ تي ئي مدار رکن ٿا. ان دؤر جي
تاريخ جا ٻيا پهلو به اڃا روشن ڪين آهن. مثلن سما
حڪومت ۾ ڪيئن آيا؟ سومرن کان حڪومت ڪيئن ورتائون؟
آخر ۾ جيڪو سومرو حڪمران هو، سو ڪير هو ۽ پوءِ
انهيءَ جا پويان ڪيڏانهن ويا؟ انهن مسئلن کي،
هندستان مان جيڪي تاريخي ڪتبا مليا آهن، تن جي
آڌار تي مون حل ڪيو آهي ۽ مقالو رساله ”مهراڻ“ ۾
ڇپيو آهي. آخري سومرو حڪمران همير هو، جنهن کي ڄام
هالي جي پٽن جنگ ۾ شڪست ڏني. پوءِ حقيقت ۾ حڪمران
ڄام هالو ٿئي ها، پر حڪمران وڃي ٻيا ٿيا، جيڪي
سؤٽاڻن مان هئا. اهو ڇو ٿيو؟ انهيءَ جي اڃان پوري
خبر نه پئي آهي، پر ڀانئجي ٿو ته هيئن ٿيو: همير
جي مارجڻ کان پوءِ سلطان فيروز شاهه وڏي ڪوشش ڪئي
ته همير جا ڀاءُ يا پٽ تخت تي ويهن. پر سما مريد
هئا مخدوم غوث الحق بهاءُ الدين زڪريا ملتانيءَ
جا، سو جناب غوث رڪن الدين ۽ اچ جو سيد جلال الدين
جهان گهشت وچ ۾ پيا. انهن سلطان کي غالباَ سفارش
ڪئي ته هاڻي حڪومت ڀل سمن وٽ هجي ۽ توهان سومرن کي
زور نه وٺايو. پوءِ سلطان ڪتبا مليا آهن، تن مان
اسان کي خبر پئي آهي ته همير جا ٻيا ڀاءُ ڪهڙا هئا
۽ انهن جو اولاد ڪهڙو هو. اهي مسجدن ۽ قبرن جا
ڪتبا آهن، جن کي پنهنجي مضمون ۾ مون نقل ڪيو آهي،
جيڪو ”مهراڻ ۾ ڇپيو آهي.
اها هڪ نئين کوجنا آهي.
فٽ نوٽ
هڪ ٻي تحقيق جو تعلق ڄام نظام الدين جي دور سان آهي، جيڪو
پنهنجي دور جو وڏي ۾ وڏو حڪمران ٿي گذريو آهي.
ساڳيءَ طرح سندس پرائيم منسٽر ۽ سپه سالار درياخان
هو، جا هڪ وڏي هستي آهي، پر ان بابت هن کان اڳ فقط
ڏندڪٿائون هيون. يقيني طور ڪيل تحقيق جي بناعه تي
هاڻي معلوم ٿيو آهي ته درياخان اصل لاشاري قبيلي
مان هو، پر اهو ڇو هتي آيو؟ لاشارين ۽ رندن جي
ڪيئن لڙائي ٿي؟ ڪيئن درياخان هتي آيو؟ سبي جون
لڙايون ڪيئن ٿيون؟ ڄام سلطان نظام الدين جي وقت ۾،
لاشارين جا قبيلا سنڌ ۾ ڪهڙي هنڌ هئا؟ انهن سڀني
مسئلن تي درياخان بابت رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل مضمون2
۽ ان بعد ”جنگ ناما“ ڪتاب ۾ تفصيل سان بحث ڪيو ويو
آهي. هاڻي سمن جي دور بابت اسان وڌيڪ تحقيق ڪري
سگهون ٿا. ڪي ڪتاب سمن جي دور ۾ لکيا ويا، جن مان
ڪن ڳالهين جي وڌيڪ خبر پوي ٿي. انشاالله ته اهو ڪم
اڳتي هلي ٿيندو.
·
سوال: معنيٰ ته سمن جي دور جا اهي ڪتاب اوهان
کي مليا آهن؟
·
جواب: سمن جي دور جا ڪتاب موجود آهن. گهڻا نه ته
ٿورا، انهن کي بنياد بنائي اسان ڪنهن حد تائين ان
دور جي علمي تاريخ مرتب ڪري سگهون ٿا.
·
سوال: مهرباني سائين، اوهان گهڻيون معلوماتي
ڳالهيون ٻڌايون آهن. وڌيڪ ته ”لوڪ ادب“ جي اسڪيم ۾
اوهان چاليهارو کن ڪتاب شامل ڪيا هئا، جن مان
تقريبا پنجٽيهه جلد ڇپجي چڪا آهن، ۽ باقي ڪتاب به
انشاالله جلدي ڇپجي ظاهر ٿيندا. ان ”اسڪيم“ جي
پوري ٿيڻ کان پوءِ اهڙي ڪا ٻي اسڪيم به اوهان جي
اڳيان آهي؟
·
جواب: سڀڪو چاهي ٿو ته هيئن به ٿئي، هونءَ به ٿئي،
پر ڪنهن به ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته
حالات سازگار هجن، انهيءَ کان سواءِ ته ڪم نٿو ٿي
سگهي، مثال طور منهنجي ذهن “ يا لکيت ۾“جيڪو مواد
آهي، تنهن جي آڌار تي ”سنڌ جي سماجي تاريخ“ لکي
سگهجي ٿي، اها ڪنهن ڪانه لکي آهي. سنڌ جا نسب
ناما، سنڌ جون قومون، قبيلا ۽ انهن مان جيڪي لائق
ماڻهو ٿي گذريا، راڄن جون ڳالهيون ۽ انهن جا لڳ
لاڳاپا، اهو هڪ وڏو موضوع آهي. انهيءَ سلسلي ۾ لوڪ
ادب هيٺ اسان رسمن تي هڪڙو ڪتاب مرتب ڪيو آهي، پر
سنڌ جي نسبنامن بابت ايترو ته مواد موجود آهي، جو
اهو پنجن ستن جلدن ۾ شايع ڪري سگهجي ٿو. سنڌ جا
ماڳ مڪان، ڳوٺن ۽ ديهن جا نالا يا ٻيا جيڪي جا
گرافيائي نالا آهن، تن ۾ وڏي معنيٰ آهي. ضروري آهي
ته هڪ جامع فهرست يا ڊئريڪٽري مرتب ڪجي، ۽ انهن
نالن ۾ جيڪي معنائون سمايل آهن، تن تي روشني
وجهجي. اهو بذات خود هڪ وڏو تحقيقي ڪم آهي، جنهن
کي هٿ ۾ کڻجي، پر ضروري آهي ته انهيءَ لاءِ حالات
سازگار هجن.
·
سوال: توهان سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ لکي آهي ۽ سنڌي
ٻوليءَ تي تحقيق جو ڪم توهان وٽ جاري آهي. انهيءَ
سلسلي ۾ اوهان کي ڪو وڌيڪ مواد مليو هجي، يا
انهيءَ باري ۾ اوهان جي ڇا راءِ آهي؟
·
جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ هڪ اهم مسئلو آهي ۽
ضروري آهي ته ان تاريخ کي اسان پوري تحقيق سان
مرتب ڪريون. اوهان کي خبر آهي ته پهريائين جڏهن
انگريز آيا يا ٻيا جيڪي مغربي ماڻهو هت آيا، تن
پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سببان چيو ته سنڌي سنسڪرت مان
نڪتل آهي. نه رڳو سنڌيءَ لاءِ بلڪ سنڌ ۽ هند جي
گهڻين ٻولين لاءِ چيائون ته اهي سنسڪرت مان
نڪتيون. سنڌي ٻوليءَ بابت انهيءَ غلط نظريي کي
درست ڪرڻ جي پهرين پهرين مون ڪوشش ڪئي ۽ انهيءَ
طرف ڌيان ڏنو، ڇو ته سنڌي ٻولي ”سنڌو جي وادي“ جي
قديم ٻولي آهي، ۽ سنسڪرت کان به اڳ جي دور جي آهي.
سنسڪرت جا اڪثر الفاظ پوءِ دير سان پالي زبان
ذريعي سنڌيءَ ۾ داخل ٿيا. سنڌي ٻولي ”پروٽو
پراڪرت“ (Proto
– Prakrit)
دفعي جي ٻولي آهي، ۽ انهن ماڻهن جي عوامي ٻولي
آهي، جيڪي ان دور ۾ هت رهندا هئا.
ان آڳاٽي دور کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي ”دؤر وار تاريخ“
اسان وٽ ڪانه هئي، البت اڳيان بيان نقل ڪري هڪ
تاريخي ڪتاب ته ويچاري ڀيرومل لکي ڇڏيو، پر تاريخي
لحاظ سان ڪو پڇا ته ڪرين. سومرن يا سمن جي دور ۾
سنڌي ٻولي ڇا هئي ته ان لاءِ ڪو جواب ڪونه هو.
انهيءَ مسئلي تي پهريون مضمون مون آڳاٽو لکيو هو
1952ع ۾، ان بعد وڌيڪ جيڪي حالات مليا، تن کي هڪڙي
ننڍڙي ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيم. ويهه سال کن ٻيا به
ڪم هليو، ۽ ان عرصي واري تحقيق کي ڪتاب ”سنڌي ٻولي
۽ ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ آندو ويو آهي. اها سمن جي
تاريخ، سمن جي دور جي آخر يعني 1520ع تائين پهچي
ٿي. ان بعد تحقيق جو سلسلو جاري رهيو آهي، ۽ مغليه
دور کي مطالع ڪيو ويو آهي. جڏهن هن ڪتاب جو ٻيو
ايڊيشن ڇپيو ته مغليه دور واري باب ۽ ٻئي مواد جو
اضافو ٿيندو. انشا الله اڳتي هلي ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽
انگريزن جي دورن تي بحث ڪنداسون. اهو هڪ خاص سلسلو
آهي، جنهن تي غور ٿي رهيو آهي. پر اهو آهي تاريخي
سلسلو، انهيءَ کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي اندورني
مطالعي بابت هڪ ٻن جلدن لکڻ جي ضرورت آهي. سنڌي
ٻوليءَ جو اندورني مطالعو، يعني ته ٻوليءَ جو نحو
صرف ڪيئن بيٺل آهي، ٻوليءَ جا الفاظ ۽ اصطلاح ڪيئن
بيٺل آهن، يا جملن ۾ انهن جي سٽاءِ ڪيئن بيهي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو اندروني مطالعو بذات خود هڪ
اهم باب آهي. جڏهن تاريخي مطالعي جو سلسلو پورو
ٿيندو ته پوءِ ڌڻيءَ توفيق ڏني، ته ان باب جو
مطالعو ڪنداسون.
·
سوال: سائين مهرباني، اسان اميد ٿا ڪريون ته
الله تعاليٰ توهان کي همت ڏيندو ته توهان اهو قومي
ڪم انشا الله پورو ڪندؤ. ٻيو عرض اهو ته توهان
سنڌي موسيقيءَ جي جيڪا تاريخ لکي آهي، تنهن کي
اوهان مختصر ڪري ڄاڻايو آهي. ڇا ان موضوع تي
آئيندي تقصيل سان لکڻ جو ارادو آهي؟ يعني ته اهو
ڪتاب وري تفصيلي طور لکندا ڇا؟
·
جواب: مرزا صاحب، عرض آهي ته انسان ڪيترو به
وڏو ڪم ڪري، پر حقيقي معنيٰ ۾ اهو نهايت مختصر
آهي، ڪنهن به ڳالهه بابت دعويٰ ڪرڻ ته هي تمام وڏي
ڳالهه آهي، اها جڳائي ڪانه ٿي. هڪ ته خود موسيقيءَ
جو علم وڏو آهي، ٻيو ته سنڌ جي موسيقيءَ جا جيڪي
سلسلا آهن، سي به تمام وڏا آهن. اسان هن ڪتاب ۾
پهريون ڀيرو اها تحقيق پيش ڪئي آهي ته سڄي برصغير
۾ موسيقيءَ جون ٻه مکيه روايتون آهن: هڪڙي ”هند“
جي ۽ ٻي ”سنڌ“ جي. سنڌ جي روايت هڪ مستقل روايت
آهي، جيڪا ٻئي ڪٿي به، ڪنهن به ملڪ ۾ ڪانهي، هن
برصغير جي ٻئي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڪانهي، انهيءَ کي
”مختصر“ چوڻو پيو، پر ڇاڪاڻ جو سنڌي موسيقي جي
مختلف موضوعن تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب لکي سگهجن ٿا
مثلن هتي جا ڳائڻا وڄائڻا، جيڪي ٿي گذريا يا موجود
آهن، تن تي هڪ جدا ڪتاب اچي سگهي ٿو، مون سنڌي
موسيقي جي سازن تي هڪ مختصر ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيو
آهي، پر انهيءَ موضوع تي وڌيڪ تفصيل سان گهڻو ڪجهه
لکي سگهجي ٿو. اهڙيءَ طرح سازن جي باري ۾ ۽ جيڪي
ڳائڻا ۽ وڄائڻا ٿي گذريا آهن، تن جي باري ۾ ٻن جدا
ڪتابن جي ضرورت آهي، پر سڀ ڪم ڪو به هڪ ماڻهو ڪري
ڪونه سگهندو. البت اميدون ڪري سگهجن ٿيون، پر سڀ
اميدون به ڪي پوري ٿيڻ جون نه آهن.
·
سوال: سائين، اميد ته انهيءَ کي به توهان اڳتي
وڌائيندؤ. ٻيو عرض ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح جي سوانح تي به اوهان صاحبن ڪم پئي ڪيو آهي.
انهيءَ سلسلي ۾ اوهان ڪا نئين تحقيق ڪيئ هجي يا ڪو
آئيندي اهڙو ارادو آهي؟
·
جواب: عرض آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف جي
سوانح جي سلسلي ۾ مون سوچيو گهڻو آهي، ۽ مطالعو
گهڻو ڪيو آهي پر سمجهيو ڪجهه وڌيڪ آهي ۽ لکيو گهڻو
آهي. هي مسئلو به اڃا تحقيق طلب آهي. جيستائين ڪا
ڳالهه پوري هٿ نه اچي، تيستائين رڳو نالي طور ڪتاب
لکڻ ٺهي ڪو نه ٿو. البت هن وقت تائين حضرت شاهه
صاحب جي سوانح جا ٻه پهلو، جيڪي اڳي مهم هئا، تن
کي اسان واضح ڪيو آهي. پهرين پهرين ڳالهه ته
آڳاٽو پنهنجي هڪ مضمون ۾ مون ڪافي تحقيق سان اهو
واضح ڪيو آهي ته حضرت شاهه صاحب جن ڪٿي ڄاوا سندن
والده ڪير هئي ۽ ناناڻا ڪير هئا. انهيءَ مسئلي
بابت هن کان اڳ پوري تحقيق جي بجاءِ نقلي روايتن
کان ڪم ورتو پئي ويو آهي. ٻي ڳالهه، جيڪا اسان
روشن ڪئي آهي، سا حضرت شاه صاحب جي تعليم ۽ طريقي
بابت آهي. ان سلسلي ۾ اسان به خط شايع ڪيا آهن هڪ
حضرت شاهه عبداللطيف مخدوم محمد معين ٺٽي واري
ڏانهن لکيو ۽ ٻيو جوابي خط جيڪو مخدوم محمد معين
لکيو. انهن خطن ۾ پهريون ڀيرو اهو ثبوت مليو ته
حضرت شاهه صاحب اڻ پڙهيل ڪو نه هو. مير علي شير
قانع، شاهه صاحب کي ”امي“ ڪري لکيو آهي. پر امي جي
معنيٰ ڇا آهي؟ قانع جي انهيءَ لکڻي کان سواءِ ٻيا
به دليل ۽ ثبوت آهن، جن تي غور ڪرڻ ضروري آهي.
حضرت شاهه صاحب باقاعدي نصابي پڙهائي پوري ڪري
عالميت جي پڳ ڪانه ٻڌي هئي، پر ان وقت جي رواج
موجب شاهه صاحب بنيادي تعليم يعني قرآن شريف ۽
ابتدائي فارسي تائين استادن کان پڙهيا هئا. وڌيڪ
الله تعاليٰ هنن کي پنهنجو ذهن ڏنو هو. ٽيون پهلو،
سندن سوانح جو، شاهه صاحب جي راڳ جي سلسلي جو آهي.
ته هنن ڪيئن طنبور ايجاد ڪيو، ڪيئن راڳ جو بنياد
وڌو ۽ ڪيئن انهيءَ اداري کي قائم ڪيو. انهيءَ کي
اسان پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ ۾
بيان ڪيو آهي. شاهه صاحب جي سوانح جي انهن ٽن
پهلوئن تي اسان ڪوشش ڪري روشني وڌي آهي. باقي
توهان بلڪل صحيح چيو آهي ته شاهه صاحب جي صحيح ۽
تفصيلي سوانح اڃا تائين لکي ڪانه ويئي آهي، ڇاڪاڻ
ته اها وڏي غور طلب ڳالهه آهي، انهيءَ تي سوچي
سمجهي لکڻو آهي. شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز
ڪاميٽيءَ جي تحقيقي تجويز هيٺ شاهه صاحب جي سوانح
کي روشن ڪرڻ پڻ اسان جي آڏو آهي. انهيءَ سلسلي ۾
اسان ٻه ڪتاب مير عبدالحسين سانگيءَ جو اصل ڪتاب،
جيڪو فارسيءَ ۾ لکيل هو سو قلمي صورت ۾ هو، اسان
ان کي ڳولي هٿ ڪري سهڻي نموني سان شايع ڪيو آهي.
تنهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ وارو ڪتاب، جيڪو
بنيادي طور مير صاحب واري مواد جو ترجمو آهي، پر
اڳ ۾ سن 1887ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان بعد به ڇپيو، پر
اهي ڇاپا ناياب ٿي چڪا هئا. اسان اهو ڪتاب دوباره
شايع ڪيو آهي. انهيءَ طريقي سان اميد ته حضرت شاهه
صاحب جي زندگيءَ تي اڳتي هلي ڪجهه وڌيڪ ڪم ڪبو.
·
سوال: سائين: آخر ۾ هڪڙو سوال آهي ته شاهه
سائينءَ جي ڪالم جي مستند ايڊيشن کي تيار ڪرڻ ۾
اوهان جي راءِ مطابق ڪهڙي دشواري آهي؟
·
جواب: دشواري جو سوال هيءُ آهي ته سڄي ڳالهه آهي تحقيق ۽ مطالعي
جي، جنهن لاءِ حالات سازگار هجن ۽ ماخذ معلوم هجن.
آئون جڏهن شاهه عبداللطيف ثقافتي ڪميٽيءَ جو
سيڪريٽري هوس، تڏهن 1966ع ۾ مون هڪ تفصيلي تجويز
ڏني هئي ته صحيح معنيٰ ۾ خدمت، جيڪا هي ادارو ڪري
سگهي ٿو اها اها آهي ته شاهه صاحب جي زندگي ۽ حضرت
شاهه صاحب بجي رسالي جو تحقيقي مطالعو ٿئي ڪميٽي
اها رٿ منظور ڪئي، پر ڪنهن خاص تحقيقي شعبي قائم
ڪرڻ بدران اهو بار منهنجن ڪلهن تي وڌو ۽ پڻ اهو
شرط لڳايو ته اول بنيادي مطالعو پورو ڪيو وڃي ۽
پوءِ رسالي جو جامع مستند متن تيار ڪيو وڃي. اڪيلي
سر، محدود ذريعن سان، انهيءَ بنيادي مطالعي تي ڪم
ڪندي يارهن سال کن 1966ع کان وٺي 1977ع لڳي ويا.
اهو بنيادي مطالعو انهيءَ لاءِ هو ته اسان کي حضرت
شاهه صاحب جي رسالي بابت ضروري معلومات حاصل ٿئي،.
مثلن حضرت شاهه عبداللطيف جو رسالو ڪنهن ڇپيو ۽
ڪٿان ڪٿان ڇپيو؟ حقيقت ۾ اها به خبر ڪانهي ته
رسالو ڪيترا دفعا، ڪٿان ڇپيو آهي. ”بمبئي ڇاپو“
عام طور مشهور آهي، پر ڪهڙو بمبئي ڇاپو؟ بمبئي مان
ڪم از ڪم اٺ دفعا رسالو ڇپيو آهي. ٻيو ته رسالي جا
بنيادي قلمي نسخا ڪهڙا آهن؟ ڪهڙا اصل آهن ۽ نقل
ڪهڙا آهن؟ انهن قلمي رسالن جو پتو ڪيئن لڳائجي ۽
اهي قلمي نسخا ڪيئن هٿ اچن. اسان کان اڳ ۾ به
اهڙيون ڪوششون ٿيون، جنهنڪري ڪي قلمي رسالا هيٺ
مٿي ٿي ويا. بهرحال، بنده ڳولا شروع ڪئي ۽ خدا جي
فضل سان اٺٽيهه قلمي نسخا ڳولي ڪڍيا. گربخشاڻي
صاحب کي لنڊن ۾ هڪڙو رسالو مليو هو، پر اتي ٻيو به
قلمي رسالو اتفاق سان اسان کي ايران جي شهر تهران
جي ڪتبخاني ۾ مليو. اهڙيءَ طرح وڏي ڳولا سان 38
نسخا گڏ ڪيا ويا. ان کان پوءِ اسان انهن جو غور
سان مطالعو ڪيو، جن مان انهيءَ نتيجي تي پهتاسون
ته رسالي کي ٻن صورتن ۾ لکيو ويو آهي. شروع شروع ۾
جيڪي رسالا لکيا ويا، تن ۾ ”سر سسئي“ پهريائين
رکيو ويو ۽ ان کان پوءِ ٻيا سر. پهرين دور وارا
رسالا، جيڪي اسان کي مليا آهن، سي سڀ ”سسئي“ سان
شروع ٿين ٿا. ان کان پوءِ 13 صدي هجري (19 عيسوي)
۾ ٽالپر اميرن جي دؤر ۾ حضرت شاهه صاحب جي رسالي ۽
راڳ جو تمام گهڻو رواج ٿيو. ٽالپر اميرن جا حرم به
رسالو پڙهندا هئا ۽ سندن واسطي باقاعدي رسالا
لکايا ويندا هئا. حڪمران ۽ صاحبزادا پاڻ ڀٽ تي
ويندا هئا. آخري دور ۾ عبدالحسين خان سانگي اهو
سلسلو قائم رکيو ۽ پاڻ پنهنجي وصيت موجب دفن به
اتي ڀٽائي صاحب جي روضي جي ڇانو ۾ ٿيل آهي. انهيءَ
توجهه سان راڳ به زور ورتو ۽ راڳ جي لحاظ سان
رسالي جي به نئين سر ترتيب ۽ تدوين ٿي. اهو هن طرح
جو اڳيان لکيل جيڪي رسالا هئا، سي ”سرسسئي“ سان
شروع ٿي ٿيا، پر هاڻي راڳ جي لحاظ سان سر رکيا
ويا. ڇاڪاڻ ته راڳ سانجهيءَ کان پوءِ ئي شروع ٿئي
ٿو ۽ اهو وقت ڪلياڻ جي ڳائڻ جو آهي، ان ڪري پهريون
سر ڪلياڻ لکيائون. اهڙي طريقي سان اهي راڳناما
رسالا نئين سر مرتب ٿيا. اهڙن رسالن منجهان پهرين
پهرين ارنيسٽ ٽرمپ 1866ع ۾ جرمني جي شهر لپزگ مان
رسالو ڇپايو، جنهن جي شروع ۾ سر ڪلياڻ آهي. اسان
ڪوشش ڪئي ته اهو ڏسون ته انهيءَ 1866ع يعني 1282هه
۾ ڇپيل رسالي کان اڳ جو ڪو رسالو لکيل آهي؟
بمبئيءَ وارو ڇاپو به هڪ سال پوءِ 1283هه ۾ ڇپيو.
مسلسل ڪوشش سان اسان ٽي اهڙا رسالا ڳولي ڪڍيا،
جيڪي ٽرمپ واري ڇاپي کان 16 سال اڳ جا لکيل هئا.
پوءِ اهي ٽئي رسالا ڀيٽي اسان هڪ ايڊيشن شايع ڪيو،
جيڪو موجود آهي. اسان انهن رسالن جا حوالا ڏنا
آهن، اهي 1269هه، 1270هه ۽ 1281هه جا لکيل آهن.
هاڻي تازو اسان کي اهو قلمي رسالو هٿ آيو آهي، جيڪو
1267هه جو لکيل آهي. اهو آڳاٽي ۾ آڳاٽو رسالو آهي،
جنهنجي شروعات سر ڪلياڻ سان ٿئي ٿئي. انشاعه الله
انهيءَ جون پڙهڻيون پهرين ٽن قلمي رسالن سان ڀيٽي،
ٻيو ايڊيشن شايع ڪنداسون، جيڪو سر ڪلياڻ سان شروع
ٿيندڙ رسالن جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو مستند متن هوندو.
سسئي جي سر وارا نو (9) قلمي رسالا هٿ ڪري، انهن کي
ڀيٽي اسان هڪجدا متن شايع ڪري چڪا آهيون. سر سسئي
سان شروع ٿيندڙ رسالن جو اهو هڪ جامع متن آهي. ٻه
ٻيا جدا ڪتاب، شاهه جي رسالي جا سرچشما ۽ شاهه جي
رسالي جي ترتيب، شايع ڪيا ويا آهن.
انهيءَ بنيادي مطالعي بعد، 1980ع کان وٺي اسان رسالي جي
جامع مستند متن تيار ڪرڻ طرف قدم وڌايو آهي ۽ ان
تي ڪم هلي رهيو آهي. هن وقت تائين هڪڙو جلد تيار
ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سر ڪلياڻ ۽ سر يمن اچي وڃن ٿا.
هي وڏو ۽ ڏکيو ڪم آهي. اٽڪل ٻاونجاهه رسالن جي ڀيٽ
ڪرڻ آهي، جن مان ڏسڻو آهي ته ان ۾ هڪ هڪ بيت ڪيئن
لکيل آهي. ان جي هر هڪ سٽ ۾ لفظ ڪيئن لکيل آهن، ۽
معنيٰ جي لحاظ سان ڪهڙا لفظ وڌيڪ صحيح آهن. اهڙيءَ
طرح اسان رسالي جي پهرين ٻن سرن جو جامع مستند متن
قائم ڪيو آهي. نه فقط ايترو، پر هر بيت ۽ وائيءَ
جي سٽ وار معنيٰ به لکي آهي. لفظن جي معنيٰ به ڏني
آهي. هيءُ وڏو ڪم آهي. پهريون جلد ڇپائي هيٺ آهي.
ڇپجي پورو ٿئي ته ڏسون ته اڳتي ڪهڙو قدم کڻجي.
(ڊاڪٽر صاحب جو تازو نشر ٿيل، هڪ ٻيو انٽرويو، مهراڻ جي
ايندڙ پرچي ۾ پيش ڪيو ويندو. انشاعه الله
العزيز_______ ادارو.)
بـــــرو هـــــــو ڀنڀور، آريائيءَ اجاريو
نعت ڪلام
هت پڻ تنهنجو توه، هت پڻ تنهنجو تڪيو.
لافاني ڪلام
ايو امت ڪارڻ ڪارڻ
ٿي همايت هاشمي.
اچي محشر ماڳ ۾، ڪندو عاصن سارڻ سارڻ،
ٿي حمايت هاشمي.
دهلي دوزخ پاڻ ۾، آيو رونق هارڻ هارڻ،
ٿي حمايت هاسمي
ٿي سوالي دوست جو، چوري چنگ چارڻ چارڻ،
ٿي حمايت هاشمي.
اڳيان عجيبن جي، گهر جي پاڻ مارڻ مارڻ،
ٿي حمايت هاشميءَ
غلام محمد کي ٿيون، هت گهڙيون گهارڻ گهارڻ.
ٿي حمايت هاشمي.
غلام محمد خاترئي
(رسالو ص- 407)
شمشير الحيدري
نعت
ڀلي آيو سهڻن جو سردار سهڻو
ڪري آيو صورت جو سينگار سهڻو
پسي پاڪ پيرا، ڏين ڀونئر ڀيرا،
گهٽيو گام گهيرا، ٿيو ديدار سهڻو.
بجا بات برڪت، سراپا حقيقت،
ٿيو عام الفت جو وهنوار سهڻو.
کلي خوب خوشبو بدن باغ گلبو،
هلي هاڪ هرسو، هو دلدار سهڻو.
اڱڻ يار آيو، ٿيو لايو سجايو،
نصيبن ملايو، سو مهندار سهڻو.
امداد حسيني
نعت
(1)
لٿا ڏيهه ڏڪار، آرياڻيءَ جي آئي،
ٿيئڙا سهج سڪار، آرياڻيءَ جي آئي،
مير محمد جي ڄائي.
ڇمر ڪيئڙي ڇانو ڇپر ۾، سرها ٿيئڙا سانگيئڙا،
جهر جهنگ ۾ جهمريون پائي، جهونگارن ٿا جهانگيئڙا
صاحب رب ستار.
لڌي سنگهارن سار، آرياڻيءَ جي آئي.
پلر ڪئي پالوٽ ڇنن ۾ ڇيڄ وجهن ٿيون ڇوليون ڙي،
ساٺ ڪيا سارنگ، ٻرن ٿيون ٻاٻاڻن جون ٻوليون ڙي،
ٿربر ٿي ٿڌڪار.
وهسن ٿا ولهار، آرياڻيءَ جي ائي.
ڳؤرا ڳٽ ڳچيءَ مان نڪتا، ٻوٿن تان ٻوٿاڙ لٿا،
ڪاراون ۽ ڪمدارن جي، هاڻي آهي ڪاڻ نه ڪا،
ڏيهن تان ڏهڪار.
لٿا عمر آزار، آرياڻيءَ جي آئي.
(2)
دل ۾ نفرت جي چڻگ ڌڳندي هئي
۽ انهيءَ وقت، وهه وهاٽيل وقت
ته اها بغض جي هوائن ۾ جنهن جو ترياق ڪوبه ڪونه هيو
ڏسندي ڏسندي ڀڀڙ ٿي پوندي
هئي پنهنجي هٿ سان گهڙيل بتن آڏو
پوءِ ڀلي وڏ ڦڙا هزار وسن ابنِ آدم جو سر جهڪيل ٿي
رهيو.
پر اجهامي ڪڏهن نه سگهندي هئي
ربَّ کي ڪهل آئي بندن تي
هڪڙو ڀيرو جي جنگ لڳندي هئي گهُگههُ
اوندهه ۾ نور ٿيو نروار
پيڙهين تائين پيئي هلندي هئي. سيد
الانبيا ٿيو پيدا
واٽ جيڪا به وئي ٿي جيڏانهن هو
يتيمن جو يار هڏ ڏوکي
بس تباهي هئي رڳو تيڏانهن هو
ولهين واهرو اڙين آڌار
ڌيءَ کي جيئري ئي مٽيءَ ۾ جنهن جي
آئي غلام ٿيا آزاد
پيءُ پنهنجي هٿن سان دفن ڪري ظلم ۽ جبر
جي پُڄاڻي ٿي
گهر وڏي فخر ساڻ ورندو هو
ماڻهوءَ کي مرتبو ۽ مان مليو
ڄڻ ته ڏاڍي کٽي هجيس ڪا کيپ.
ماڻهپي کي شرف ۽ شان مليو.
نئشنل انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچر ائنڊ سولائيزيشن، اسلام
آباد، طرفان شايع ڪيل
مقالو: ”سنڌ جو آخري سومرو بادشاه ۽ سندس ڀائر“، مهراڻ نمبر 3،
1981ع ص ص 109___114.
2
مقالو: ”سپهه سالار درياخان جو حسب نسب“،
مهراڻ نمبر 1 ۽ 2، سال 1980ڳ. ص ص 99____ 112.
|