سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :26

جپان ۾، هائيڪي جي ابتدا 14—صدي عيسويءَ ۾ ٿي. هن صنف جا بنياد وجهندڙ مارتيڪ ۽ سوڪن هئا. کائن پوءِ ٽيٽوڪو، هن صنف لاءِ نهايت ڏکيا قاعدا ترتيب ڏنا، جنهنڪري هن صنف جي فطري اوسر رڪجي ويئي ۽ هيءَ صنف يڪسانيت (هڪجهڙائپ) جو شڪار ٿي ويئي. اڳتي، سوئن (82--------1605ع) ان لاڙي جي مخالفت ڪئي. هايڪي جي صنف کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ باشو (94------1644) جو نالو وڏي اهيمت رکي ٿو. هيءُ سڄي ڄمار، هائيڪو جي تعليم ڏيندو رهيو ۽ سندس شاگردن مان ڪيترا هائيڪو جا وڏا ۽ مشهور شاعر ٿي گذريا آهن.

        باشو کان پوءِ بوسن (83-------1715ع)، هائيڪي جو تمام وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. بوسن کان پوءِ هائيڪو جي وڏن شاعرن ۾ ايسا (1826-------1763ع) جو نالو اچي ٿو هن جو هائيڪو شاعريءَ کي عوامي شاعري بنائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. ايسا زندگيءَ جي ڪٺن سفر ۾ ڪيترا ڀيرا شڪستون به کاڌيون، پر هن جي شاعراڻي دل ۽ ذهن ڪڏهن به مايوس نه ٿيا. جپان جا عام ماڻهو، ايسا کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن.

        هائيڪو جو جديد دؤر، 1868ع ڌاري کان شروع ٿئي ٿو. پر لاڙن جي اثر 1880-1890ع ڌاري پکڙڻ شروع ڪيو. هن دور جي شروعات هن دور جي شروع  شڪي (1902-----1868ع) ڪئي، جنهن ”فطرت جي شاعريءَ“ جي اهيمت تي وڌيڪ زور ڏنو. شڪي ۽ ڪيوشي، 1889ع ۾ گڏجي، هائيڪو مخزن ”ڪوئل“ ڪڍي. شڪي، هائيڪو جو سٺو شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نقاد به هو. هن باشوءَ کان وڌيڪ بوسن کي اهيمت ڏني. هن کي، باشو، بوسن ۽ ايسا سان گڏ، هائيڪو جي چئن وڏن شاعرن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.

        شڪي جي شاگردن مان هيگي ڪوڌو وڏو نالو ڪڍيو هن ڪلاسيڪيت ۽ روايت جي ابتڙ  آزاد هيڪو“ لکڻ شروع ڪيا، جن ۾ ماترائن جو ڪو به خيال نه ٿي رکيو ويو. اڳتي هلي، ڪيوشي، ان تحريڪ جو اڳواڻ بڻيو، ۽ ٻين ڪيترن شاعرن سئي ها، ڊڪوتسو ۽ سيڪتي به ان تحريڪ کي زور وٺايو.

        26-------1912ع ڌاري، ٻيهر هائيڪو ۾ باشوءَ وارو رنگ موٽي آيو. اهو رنگ، جديد يورپ جي اهڃاڻي شاعريءَ جا اثر کان پوءِ ئي ظاهر ٿيو. ڪيوشي سان گڏ شئوشي، يوشا، ڪشادئو، تڪاشي، هڪيو، شوشن ۽ ٻين نئين اسلوب واري هائيڪو کي رواج ۾ آندو، ۽ جديد اثر هيٺ اچي، پراڻو ڪلاسيڪي ۽ روايتي هائيڪو، نئين رنگ ۾ لکجڻ لڳو.

هائيڪو جو گهاڙيٽو:

        هائيڪو يا هيڪو، هڪ مختصر نظم (Miniauture Poem) جو قسم آهي. هيءَ صنف، جپاني ڊگهي نظم ”ٽنڪا“ (Tanka) مان نڪتي آهي. ٽنڪا، ڪيترن بندن تي ٻڌل نظم ٿيندو آهي، جنهنجو هر بند، پنج+ ست+ پنج+ ست+ ست+ ماترائن تي رچيل هوندو آهي. اڳتي هلي ”ٽنڪا“ جو هڪ بند، الڳ صنف ”رينگا“ (Renga) ٿي پيو، ۽ وري ”رينگا“ جو شروعاتي حصو، هڪ ڌار گهاڙيٽو بنجي پيو، ۽ ان کي ” هائيڪو“ (Haiko) يعني ”شروعات“ سڏيو ويو. ان جو گهاڙيٽو، پنج+ ست+ پنج ماترائن تي ٻڌل آهي، ۽ ان ۾ ڪل سترنهن (17) ماترائون ٿين ٿيون. نه رڳو هائيڪو، پر سموري جپاني شاعري، انهيءَ هيئت جي ٿوريءَ ڦير گهير تي ٻڌل آهي.

        هائيڪو لکڻ لاءِ هيٺين فني ضرورتن جو خيال رکيو ويندو آهي:

(1)     گهاڙيٽو: هائيڪو پنج ست، پنج ماترائن تي مشمتل هوندو آهي ۽ ان جي پهرين ۽ آخري سٽ ۾ قافيو ٿيندو آهي.

(2)    فطرت سان لاڳاپو: هائيڪو ۾ فطرت، ان جي نظارن ۽ نازڪ انساني احساسن جو ذڪر ضروري آهي.

(3)    خاص واقعو: هائيڪو ۾ ڪنهن خاص واقعي يا عڪس ڏانهن اشارو هجڻ ضروري آهي. اهو واقعو فطري نظارن، ڪنهن سماجي واقعي، نازڪ انساني احساس وغيره تي مشتمل ٿي سگهي ٿو. پر شرط آهي ته ان جي ذڪر سان هائيڪو جي فطري حسن کي ڇيهو نه رسي.

(4)    مسلسل عمل: خاص واقعي نظاري يا احساس جي ڪنهن مسلسل عمل کي ”ٿي رهيو هجڻ“ (استمراري) جي حالت ۾ قلمند ڪرڻ گهرجي.

هائيڪو جو مزاج، موضوع ۽ دائرو:

        جپاني شاعريءَ جو سڀاءُ، فطري نظارن، محبت جي اظهار ۽ داخلي جذباتي بيان جي انداز سان معمور نظر ايندو. سنڌ جي نامياري شاعر، شيخ اياز، پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾، جپاني شاعريءَ بابت، ڪنوز ورايوڪي جو رايو نقل ڪيو اهي، جو هن ريت آهي:

        ”جپاني شاعريءَ جي جڙ، انساني روح ۾ آهي، جنهن مان لفظن جا لاتعداد گل اسرن ٿا. انسان گهڻو ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي ٿو ۽ هو جنهن جنهن تصور ۽ حقيقت کان متاثر ٿئي ٿو، اُن جي رنگ ۾ پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي رنگي پيش ڪري ٿو. اهڙو ڪهڙو انسان  آهي، جو بلبل کي موسم گل ۾ ڳائيندو ڏسي، يا ڏيڏر کي پاڻيءَ ۾ جهونگاريندو ڏسي شعرنه چوي! شعر اهو آهي، جو زمين ۽ آسمان کي جنبش ۾ آڻي، اڻ لک دئيتن ۽ ديوتائن ۾ ديا پيدا ڪري، جومرد ۽ عورت جي رشتي کي زياده خوشگوار بڻائي، جو جنگجو جوانن جي حوصلي افزائي ڪري.“ (ص 95)

        شاعر، جن حالتن کان متاثر ٿي شعر چوندا آهن، تن جو ذڪر، ڪنوزو رايوڪي اجهو هيئن ڪيو آهي:

        ”جڏهن هو بسنت جي باک ۾ ٽڙيل مکڙيون ڏسن ٿا، جڏهن هو سرءُ جي سانجهيءَ ۾ ڇڻدڙ پنن جو آواز ٻڌن ٿا، جڏهن هو برفباري ڏسي، ٿڌو ساهه ڀري، آرسيءَ ۾ پنهنجي پيشانيءَ تي گذرندڙ ورهين جا پيرا ڏسن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ جي اختصار تي سوچڻ لڳن ٿا، جڏهن هو ڪيترو ئي وقت فارغ البال رهن ٿا، ۽ پوءِ قسمت هنن کي تنهائيءَ جي غار ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏي ٿي، يا جڏهن هنن جو محبوب هنن سان بيوفائي ڪري ٿو.“ (ص 85)

        جپانين کي شعر چوڻ لاءِ ڪنهن خاص مهارت ۽ تعليم جي ضروت نه هوندي آهي. جنهن کي به قلم هٿ ۾ آهي، ۽ جنهن جي به جيءَ  ۾ اڌمو ۽ امنگ آهي، اهو شعر لکي ٿو وٺي. اهو جپاني شعر جي تقطيع (ڀڃ گهڙ) جي سادگيءَ ۽ سليس پڻي جي ڪري آهي. جيتوڻيڪ ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته جپاني شعر جا موضوع نهايت محدود ٿي ويا آهن. محترم شيخ اياز، جپاني شاعريءَ جي محدود موضوعن ۽ مختصر بيانيءَ تي بحث ڪندي لکيو آهي:

        ”شعر جي اختصار سبب، ان ۾ بيانيه شاعريءَ جي گنجائش نه آهي.... فڪري ۽ غير جذباتي شعر جي ڪمي به آهي............. جپاني شاعريءَ ۾ نه فقط موضوعات جي ڪمي آهي، پر انهن جي منظوم ڪرڻ جا طريقا به محدود آهن، پر جيڪي ڪجهه به ان ۾ آهي، اهو واقعي زنده جاويد آهي.“ (ص 88)

        پر باوجود محدود موضوعن ۽ مختصر بيانيءَ جي، اياز جپاني شاعريءَ جي لطيف جذبن ۽ احساسن جي تعريف هيئن ڪئي آهي ”جپاني شعر ۾ محبت ۽ فطرت جي باري ۾ آهي جنهن ۾ بي انتها گواز آهي ائين ٿو محسوس ٿئي ته شاعر جو هيانءُ هڄي پيو آهي. سٽ سٽ ۾ هن جي جيءَ جي جهوري آهي. هر تخيل ٿڌو ساهه ڀري رهيو آهي. هر سٽ کي ڪاري ڪجلي ڀنل اک آهي. سرءُ ۾ پنن جو ڇڻڻ ۽ چيريءَ جي شگوفن جو ڪرڻ، جنهن سان زندگيءَ جي بي اعتنائيءَ ۽ وقت جي گريز ڏانهن اشارو آهي، جاپاني شعر جو محبوب ترين موضوع آهي.“ (ص 89)

        جپاني شعر جو موضوع سادو ۽ سليس آهي. ان ۾ اشاراتي عنصر وڌيڪ آهي. جپاني هائيڪو، جپاني چترڪاريءَ (جياڪ اهڃاڻي، اشاراتي ۽ اختصار تي ٻڌل آهي) کان متاثر چيو وڃي ٿو. تنهن کان سواءِ ان جي مزاج تي ٻڌ مت جو پڻ اثر آهي. اوچتي من اڇل ۽ احساس جي اٿل، جپاني هائيڪي جو خاصو آهن.

سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪو جو رواج:

        سنڏڌي شاعريءَ ۾ هائيڪو کي متعارف ڪرائڻ وارا، سنڌ جا ٻه چوٽيءَ جا شاعر نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي آهن. اياز چواڻي، شيام ته ”ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي“ آهي، ۽ کيس ”هائيڪو“ جي هڪ هٽي آهي. سنڌيءَ ۾ سڀ کان اڳ، تنوير عباسيءَ (سندس چواڻي) 60-------1959ع ڌاري هائيڪو لکيا، جيڪي ماترائن بجاءِ فارسي بحر وزن تي هئا. جنهن بعد حمايت علي شاعر اردوءَ ۾ هائيڪا لکيا. شيخ اياز جا ”اردو هائيڪا 1962ع ۾ ”پاڪستان رائٽرس گلڊ“ جي اردو رسالي ”هم قلم“ ۽ شعر جي انتخاب ”ريگزار ڪي موتي“ ۾ شايع ٿيا هئا، جن کي اردو ادب ۾ ڪافي اهيمت ڏني ويئي ۽ خوب ساراهيو ويو.

        نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسيءَ کان پوءِ هري دلگير، ذوالفقار راشديءَ عبدالجبار جوڻيجي، ولي دائود پوٽي، سروپچندر شاد، امداد حسينيءَ، فتاح ملڪ ۽ ڪجهه ٻين شاعرن هائيڪو لکڻ شروع ڪيا. هريءَ ڪامياب هائيڪا لکيا آهن. ذوالفقار راشديءَ جا هائڪو ٽه سٽا آهن، ۽ هائيڪو جي موضوع ۽ گهاڙيٽي سان ٺهنڪدڙ نه آهن. جبار جوڻيجي ڪجهه بهتر هائيڪو لکيا پر ان جا به گهڻا هائيڪا ٽه سٽا“ چئي سگهجن ٿا. تنهن کان سواءِ انهن جو رچاءُ فارسي وزن تي هئڻ ڪري، انهن ۾ تخليقي رنگ، فطرت جو عڪس ۽ قدرتي سونهن گهٽ ڀريل آهي. هري دلگير، پنهجن هائيڪن کي ”تصوريرون“ ڪوٺي ٿو. ولي دائود پوٽي، تنوير ۽ شيام واري سٽا ۽ گهاڙيٽي تي هائڪو لکيا آهن، پر انهن ۾ خارجي رنگ هگڻي هجڻ ڪري، منجهن لطيف ۽ نفيس احساس ۽ رنگ گهٽ ملي ٿو، جيڪو هائيڪو ۾ هجڻ اشد ضروري آهي، جديد شاعرن مان امداد حسينيءَ، ”هائيڪو“ کي ”ٽيڙو“ جو وڻندڙ ۽ خوبصورت نالو ڏئي، ان ۾ موضوع ۽ گهاڙيٽي جا سٺا تجريا ڪيا آهن. فتاح جا هائيڪو، جپاني هائيڪو وارو رنگ حاصل ڪري نه سگهيا آهن، پوءِ به ذوالفقار راشديءَ ۽ عبدالجبار جوڻيجي جي هائيڪن کان وڌيڪ بهتر سڏي سگهجن ٿا.

        امداد حسينيءَ جي آزاد تجربن کي ڏسي، نئين ٽهيءَ جي تمام گهڻن شاعرن زورشور سان ”ٽيڙو“ لکڻ شروع ڪيا، ۽ هائيڪو جي اصلي مزاج ۽ سٽآءَ واري نفاست ۽ فطري پڻي کي ڇڏي، ان کي پروپيگنڊائي قسم، جي شاعريءَ لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن ڪري، هائيڪو مان فطري حسن ۽ لطيف پڻو موڪلائي ويو هنن نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي هائيڪو جي اصل پسمنظر جي ڄاڻ ڪانه هئي، ان ڪري هنن امداد حسينيءَ جي تتبع ۽ تقليد ڪندي، بنا سوچ ۽ سمجهه جي، ٽيڙو لکڻ شروع ڪيا، جنهنڪري لازمي طرح انهن ۾ اهو رس ۽ اها رنگيني ۽ سونهن قائم رهي نه سگهي،. البت الطاف عباسيءَ، مير محمد پيرزادي، راشد مورائي، ايازگل، خاڪي جويي، مختيار ملڪ، سحر امداد ۽ وسيم سومري ڪافي بهترين ٽيڙو لکيا آهن. هونئن ته واجد، ذوالفقار سيال، سرور سيف، بشير سيتائي، اطهر منگيءَ، سرفراز راڄڙ فيض پيرزاديءَ، سرواڻ انصاريءَ، رزاق انصاريءَ ۽ ٻين تمام گهڻن شاعرن ٽيڙو لکيا آهن، پر سندن ڪن ٿورن ٽيڙن (هائيڪن کان سواءِ اڪثر موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هائيڪو جي دائري کان ٻاهر آهن. جيتوڻيڪ هنن مان گهڻن ٽيڙو/ هائيڪي جو فارم اهوئي قائم رکيو آهي، جيڪ تنوير ۽ شيام وٽ آهي.

تازو سال اڌ ۾، شيخ اياز، هائيڪو جو هڪ وڏو تعداد لکي، سنڌي هائيڪي جي شاعريءَ ۾ تمام وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جو بهتر مثال سپٽمبر ___ آڪٽوبر 1984ع جي هفتيوار ”برسات“ ۾ ڇپيل سندس تازا هائيڪو ۽ سمبارا پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران سندس شايع ٿيل ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ آهي، جيڪو صرف صرف هائيڪو جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.

سنڌي هائيڪو ٺاهڻ جا انداز:

       سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين هائيڪو، جن صورتن ۾ لکيو ويو آهي، تن مان پهرين صورت، ”ٽه سٽي“ واري آهي. هن فارم تي ذوالفقار سيال جا ڪجهه هائيڪو (ٽيڙو) اچي وڃن ٿا. ذوالفقار راشديءَ جي هائيڪن جو وزن ”فاعلاتن، فاعلاتن، فاعلن، آهي، ۽ جبار جوڻيجي، مفعول، مفاعلين“ ورزن تي ڪجهه هائيڪو لکيا آهن.

    چنڊ تي ئي وڃي رهجي،

    هت شعر لکيم ڪيئي،

    ات شــــــــعــــــــر وڃــــــــــ‎ــــي چـــــئـــــــــجي!   (جبار جوڻيجو)

يوڊي ڪولون هڻي آيو آهي،

نئين ڪار، وڏا وار ۽ سگريٽ هٿ ۾

نــــــئـــــــون نـــــئــــون سياست ۾ آيو آهي.   (فتاح ملڪ)

نيڻن نير وهائي ويٺي،

ست سنگيڻي، بک وهيڻي

پـــنــــهـــنــــجـــــي لـــــــڄ لــــــٽــــــــائــــــي ويــــٺي. (مير محمد پيرزادو)

هي خاموش به ڪي زبانو رکن ٿا،

متان ائين سمجهين ته موڳا ٿيا هن،

نئين باب جون ڪي نشانيون لڳن ٿا.    (ذوالفقار سيال)

مٿين مثالن مان جبار ۽ مير محمد جي ”ٽه سٽن“ ۾ هائيڪو (ٽيڙو) واري ڪجهه ڪيفيت ملي ٿي، باقي فتاح ۽ سيال جا ٽيڙو، سٽاءَ توڙي موضوع جي خارجي بيان سبب ”ٽه سٽا“ چئي سگهجن ٿا، ۽ منجهن هائيڪو واري سونهن، مواد ۽ لطافت موجود نه آهي.

        هائيڪو جو ٻيو فارم، جنهن تي نارائڻ شيام، تنوير عباسي، شيخ اياز، هري دلگير، ولي دائود پوٽي، سروپچندر، راشد مورائي، فتاح ملڪ، مير محمد پيرزادي، اياقز گل، خاڪي جويي، مختيار ملڪ، تاج جويي، وسيم سومري ۽ ٻين اڪثر شاعرن لکيو آهي، سو بيت جي ماترائن موجب آهي، يعني هن ۾ يارنهن تيرنهن، يارهن (11 X 13 X 11X) ماترائن جو سٽاءُ رکيل آهي. سنڌيءَ ۾ هيل تائين لکيل هائيڪن (ٽيڙن) جي اڪثريت هن ئي فارم تي چئي وئي آهي.

ائين نه مرندي ڪونج،

جيسين پورين روهه ۾

ان جي ساري گونج!

--

وڏي آسر جنڊ

جيجل تو جاڳائيو،

ســـــارو مــــانــــــــــــڊيءَ مــــنـــــــــــــــڊ!          (شيخ اياز)

--

جرڪيو اهڙيءَ ريت،

اوندهه ۾ ڄڻ ڪا کنوڻ،

مـــنــــهــنــــجو روشــــــن گـــيــــــــت!          (تنوير عباسي)

--

ٽيڙو رچڻ جو موهه،

ڄڻ ته ڪنڍيءَ مينهن جو،

ڦــــــــــــــــــاٽـــــــــــي ٿـــــــــــــو پيو اوهه!          (امداد حسيني)

--

مرڪڻ تنهنجو ايئن،

کلڻ ۽ لپاٽڙو،

ڦــــــــلا ڀـــــڄــــــن جــــــــيــــــئــــــــــــــــن!           (راشد مورائي)

--

ڪوسا ڪوسا چپ

هنيانءَ تي ڇنڊو هڻ،

ڄــــــــــــڻ تـــــــــــه پــــــــــــاڻــــــــــــيءَ لپ.        (الطاف عباسي)

--

اکڙيون هونديون بند،

سپنن جي سنسار ۾،

مــــــاڻــــهــــــــــو ٻئي ڪنهن هنڌ.  (مير محمد پيرزادو)

--

سنجها ٽاڻي ڪير،

ڇڏي ذهن ۾ آيو،

لـــفــــظـــــن جـــــــــو ڪــــــــــــــــــو ڍير!          (مختيار ملڪ)

          هائيڪو جي ٽينءَ صورت موجب پهرينءَ ۽ آخري سٽ ۾ ٽي ٽي لفظ ۽ وچينءَ سٽ ۾ هڪ لفظ لکيو وڃي ٿو. هن فارم تي موري جي ڪجهه دوستن ٽيڙو رچيا آهن. امداد ۽ الطاف عباسيءَ جي ڪن ٽيڙن جو سٽاءُ پڻ ساڳيو آهي:

ڪڪر، گجگوڙ، وڄ

مينهوڳي

ڀاڪر پائي ڀڄ!                           (الطاف ميمڻ)

ڪانون جي ڪان ڪان،

رات

ڏيڏر جي ٽان ٽان!                (امداد حسيني)

        هائيڪو جو چوٿون ”آزاد فارم“ آهي، جيڪو امداد حسيني جي ايجاد آهي. هن فارم موجب لفظن جي تعداد، وزن ۽ قافين جو خيال ڪو نه ٿو رکيو وڃي. ڪڏهن قافيا پهرينءَ ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ملن ٿا، ڪٿي وري قافيو پوئين ٻن سٽن ۾ هوندو آهي ۽ ڪٿي ٽيئي سٽون قافين کان خالي آهن:

ٽرين ڪئي هئي ڪوڪ،

نهار__ ڏور تاڻجي،

ٽٽي جڙڻ جي لاءِ.                (سحر امداد)

--

نوڪري ۽ تنهنجو پيار،

--

ڪاتي مار،

ڪاتي جيار ___                  (امداد حسيني)

گل خود به خود مون ڏانهن مڙيو،

پــــــــــر بيوقوفن جيان مان ڍونڍيو،

هوا جي ڏس کي!                        (ڪمل پياسي)

سنڌي هائيڪو جو مستقبل:

        هاڻي ڏسڻو آهي ته هائيڪو يا ٽيڙو، اسان وٽ مستقل ۽ مقبول صنف طور زنده رهي سگهي ٿو، يا ان ۾ اهڙي صلاحيت ئي ڪانه آهي.

        هائيڪو تي سڀ کان وڏو اعتراض، ڪافي سال اڳ، شيخ اياز، ڪيو هو. هن پنهنجي هڪ خط ۾ مشهور اديب ۽ ”روح رهاڻ“ رسالي جي اڳوڻي ايڊيٽر، حميد سنڌيءَ ڏانهن لکيو هو ته:

        ”سنڌي هائيڪو جي باري ۾ منهنجو رايو آهي ته اهو سنڌي شاعريءَ جي سڀاءُ سان ٺهڪي نه ٿو اچي. هيءُ پسيءَ ۽ پيرونءَ جو ديس آهي ۽ ان ”چيريءَ“ جي گل جي اهيمت فقط وقتي ۽ تجرياتي آهي.......... شاعريءَ جي جڙ، پنهنجيءَ ڌرتيءَ ۾ هوندي آهي، ۽ ان مان پٽجي، شاعري اها خوشبوءِ نه ڏيندي آهي، جا ان جي خمير ۾ هوندي آهي. ان ڪري، مون کي سنڌيءَ ۾ هائيڪو، سانيٽ، ترائيل وغيره جو تجربو انهيءَ ڳنڍ ڪپ جي جهڙپ وانگر لڳندو آهي، جنهن جو پنهنجو کيسو خالي هوندو آهي“، (لامون تنهن وڻ سنديون، ص 7)

        ”هائيڪو، فطرت جي شاعري آهي، ۽ مون کي فطرت جي شاعريءَ جي اهميت کان انڪار نه آهي، پر جي ڪوئي وچ سير ۾ غوطا کائيندي، ترندڙ هنس جي ڳچيءَ تي گهڻو ڌيان ڏيندو ته هن جو ٻڏڻ اوس آهي“. ”مون کي سنڌي هائيڪوءَ جي فارم ۾، بيت جي هيئت سان هٿ چراند چڱي نه ٿي لڳي...... ڇا، سنڌي هائيڪوءَ جي وچين سٽ جا ڪنهن ڍنڍ جي ڍيڍ وانگر نڪري اچي ٿي، توکي وڻي ٿي؟..... ڇا اسان جو ڪو ڪلونت هائيڪو ڳائڻ لاءِ تيار ٿيندو، ۽ جي ٿيندو ته تنهنجي ڪنن کي ڪپهه جي ضروت نه پوندي“ (ص_____8).

        ”جپاني هائيڪوءَ جو فني حسن دائمي ۽ عارضيءَ جي ٽڪراءِ ۾ اهي، جو اڃا سنڌي هائيڪوءَ ۾ پيدا نه ڪيو ويو آهي. ان ڪري سنڌي هائيڪو فقط مور جو کنڀ آهي، جنهن اسان جي بيت جي چال بگاڙي آهي.......مون کي ڪاوڙ سنڌي هائيڪو تي آهي، جنهن بيت کي ڏيڍ ٽنگ ڏني آهي“. (ص 11—12).

        ”جتي انسان کي نه تحفظ آهي، نه تسلي آهي، نه اجهو آهي، نه لٽو آهي، نه اگهائيءَ ۾ آسرو آهي، جتي زبان تي پهرو آهي، قلم تي بندش آهي، اتي تصور جي عياشي لاءِ ڪنهن به اهل دل شاعر وٽ گنجائش گهٽ آهي. جڏهن شاعر کي انهيءَ ڳالهه جو احساس اچي ٿو ته ٻولي گوليءَ جو ڪم ڏئي سگهي ٿي ۽ انڌير ۽ انياءَ جا اڀماني ڳاٽ اڏائي سگهي ٿي، تڏهن هن کي اڪ مڪڙ تي هائيڪو لکڻ ڪيترو نه بي معنيٰ ٿو لڳي.“ (ص ----- 14)

        هائيڪو تي شيخ اياز جي ماضيءَ ۾ ڪيل جارحاني تنقيد پڙهي، هڪ وقت، هائيڪو جي سنڌي شاعريءَ ۾ آيل صنف کي رد ڪرڻ تي دل، سوچڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿي، ته ٻئي وقت، جڏهن سنڌيءَ ۾ لکيل هائيڪن ۽ خاص ڪري تازو اياز جي پنهجن لکيل هائيڪن جو مطالعو ڪجي ٿو، ۽ انهن جي سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءِ جي سڀاءَ سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته ڪجهه دلي آٿت ۽ تسلي ملي ٿي ته هائيڪو هروڀرو ايترو خراب نه آهي، ۽ نه ئي ان جو سڀاءُ اسان جي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ کان جدا ۽ اڀونئو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com