سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1983ع

مضمون

صفحو :8

پشپا ولڀ

نثري نظم

اوسيڙو

·       هرکن ڪن ڪنهن آواز جي اوسيڙي ۾ رهن ٿا،

آڪارڻ ڇرڪي پون ٿيون دل جون ڌڙڪنون.

نه ڏنل دستڪ،

ٻڌجي پئي اميدن جي ڪنن ۾.

من اڪثر اکين ۾ اچي وڃي ٿو،

۽ نه ڄاڻان دير تائين ڇا ٿو ڏسي،

جهروڪن مان.

خواهشون ويس وڳا ڪيو ڏکجي چٽجي،

ڪڏهن ديوار تي ديئا رکيو،

ڪڏهن ڏاڪڻين تي هڪ هٿ ڳل تي ڏيئي،

نه ڄاڻان ڇو ٿيون ويهو رهن!

ساروڻي

·       ڪالهه تنهنجي ساروڻي جو مينهن،

منهنجي گهر جي ڇت تي زور سان وٺو،

سوچ جون ننڍيون ننڍيون ڌارائون،

منهنجي گهر جي در کان وهي نڪتيون،

۽ تنهنجي گهر جا بند دروازا کڙڪائڻ لڳيون.

ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندي آهيان،

مون کي اهو سڀڪجهه چئي ڇڏڻ گهرجي،

جيڪي مان اڪثر چوڻ چاهيان ٿي،

پر لفظ ان وقت ڪنهن کيچلي ٻار وانگيان،

پردن پويان لڪي ويندا آهن،

۽ ڪڏهن هڪ اک ڪڍي ڏسندا آهن،

جيئن منهنجي منهن مان،

ٽٽل ۽ بي ربط لفظ ۽ جملا نڪرندا آهن.

بشير احمد ”شان“

غزل

نينهن جي ناوڪ سهڻ سولو نه آ،

روح جو رشتو ڳنڍڻ سولو نه آ.

زندگيءَ جي آس هرڪو ٿو رکي،

سو هجن شڪوه شڪايت پر مٺا،

هام هرڪو ٿو هڻي هت عشق جي،

لوڪ لهوارو ته هت هرڪو وهي،

ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي ڀل ڇا چوي،

ساهه جي سٽ عشق واري راند ۾،

”شاد“ جا همراز هت ڪيئي مگر،

مرڻ کان اڳ ۾ مرڻ سولو نه آ.

محب جي آڏو ڪڇڻ سولو نه آ.

قرب ۾ ڪسجي پوڻ سولو نه آ.

لوڪ اوڀارو وهڻ سولو نه آ.

آ چوڻ سولو ڪرڻ سولو نه آ.

ساهه جو سودو سلڻ سولو نه آ.

ڪو هتي هم غم ملڻ سولو نه آ.

محمد شريف ”طالب“

غزل

سڄڻ تو لئه سارا سهارا ڇڏيا مون.

پرين پرت وارا پيارا ڇڏيا مون.

سڄڻ تنهنجي صورت ڇڏيو مون کي موهي،

نه ڄاڻان ڪٿي قرب وارا ڇڏيا مون.

ڇڏي لوڪ سارو ٿيس تنهنجو جاني،

اڱڻ يار پنهنجا اوتارا ڇڏيا مون.

ٻوڙين يا ڪي تارين آهيان وس تنهنجي،

توکي يار سمجهي ڪنارا ڇڏيا مون.

فقط توسان مٺڙا نڀائڻ جي خاطر،

سوين دوست دلبر دلارا ڇڏيا مون.

ٿيس تنهنجو ”طالب“ مان سڀ ڪجهه وساري،

ڪٿي تخت پنهنجا هزارا ڇڏيا مون.

جميل الزمان ”جميل“

غزل

شيخ صاحب مئگسارن ساڻ شامل ٿي ويو،

تلخيعه دوران جي پيچرن کان غافل ٿي ويو.

ديرو مسجد جي مسائل ۾ ته ٻڏندو ئي رهيس،

ميڪده شايد هو قسمت ۾ جو ساحل ٿي ويو.

اک وجهي منهنجي اکين ۾ غور سان دلبر ڏٺو،

دفعتا گردن جهڪائي منهنجو قائل ٿي ويو.

آئيني جي روبرو بيٺو اچي جنهن دم صنم،

ماهرو ڄڻ پنهنجي ئي مد مقابل ٿي ويو.

ڪلهه عقيدت سان ڏٺئين منهنجي مٺي محبوب کي،

اڄ شب مهتاب آئي ماه ڪامل ٿي ويو.

فرط الفت ۾ سڄڻ جي دست بوسي مون ڪئي،

”پيار ۾ ڪيڏو وڏو اعزاز حاصل ٿي ويو.“

هي ڪمال آهي اوهان جي بي رخي جو بيوفا!

نيڻ کلندا ئي رهيا پر قلب گهائي ٿي ويو.

اتفاقا اجنبي سان ٿي ملاقات اي ”جميل“،

هو اگرچه سنگدل پر خواهش دل ٿي ويو.

منير سولنگي

غزل

ڪي ڪي ماڻهو ويندا آهن، منهن کي موڙي ويندا آهن،

مور نه چت تي چڙهندا آهن ناتو ٽوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو عيسيٰ بڻجي، مرده دليون روز جياري.

مهر محبت وارا خيما جڳ ۾ کوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو ماکي مصري، سورج کان وڌ روشن روشن،

هر ڪنهن جي دل اندر يارو جايون جوڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو رڃ جا راهي، سسئي وانگر پنڌ پڇائي،

من جي مقصد ماڻڻ خاطر برٿر ووڙي ويندا آهن.

ڪي ڪي ماڻهو وڄ وراڪا، سون سريکا، پيار جا پياسا،

رانجهوءَ واري رمز سان سائين زهر نچوڙي ويندا آهن.

 ڪي ڪي ماڻهو يار ”منير“، ٿيندا آهن ساهه سڌير،

سونهن مٿان سر گهورڻ خاطر پاڻ پتوڙي ويندا آهن.

فهيم انصاري

نثري نظم

گل محمد کتر جي ياد ۾

وار اڻڀا،

جڙ ٻاٽون نڪتل،

هڪ هڏائون پڃرو،

هڪ زنده لاش،

هٿ ۾ برش،

هڪ مصور،

ٺاهي ويٺو تصوير.

 

سڀني ڳالهين کان بي خبر،

پنهنجي وجود کي نه ڀائيندڙ،

سارو ڏينهن تصويرون ٺاهيندڙ،

حقيقي خيالن کي عوام جي اڳيان پيش ڪندڙ،

مصور،

جنهن جي تقدير آهي کوٽي،

سکن بدران تقدير ۾ لکيل اٿس ڏک.

اڄ اهو مصور،

بک، ڏک، بيماري ۽ غربت سبب،

موت جي،

گهاڻي ۾ پيهجي ويو!

کيم چند شرما

نثري نظم

ڪيڏي،

ماٺ! سنسان!! ايڪانت!!!

ڪٿان به،

ڀڻڪو ڪونه ٿو اچي.

پوري ڪائنات،

چپ چاپ،

سڄو لوڪ،

آرام جي آغوش ۾ ستل.

مان...........!

روزگار جي مسئلي ۾،

ٻڏل غلطان

سوچ جي صليب تي لٽڪيل!!

نند لعل مالهي

ٽيڙو

ڪنهن کي ڏيان دانهن،

جنهن کي سمجهان پنهنجو،

سو پڻ کائي ٻانهن.

منهنجو ملڪ ملير،

جنهن جو کارو پاڻي،

منهنجي لاءِ ڄڻ کير.

ڀڻ ڀڻ نه ڪر او ڇوري،

سڻي نه متان لوڪ،

ڳالهه رهي نه اڌوري.

او ڌارين جا دلال،

هڪ ڏينهن ٿيندو،

تنهنجو بڇڙو حال.

مير غلام الله خان ٽالپر

نظم

(مور جهنگو)

اڃان به وقت زماني کي آئون ڳولهيان پئي،

اڃا به تنهنجي ڳلين ۾ پاڻ روليان پئي،

 

اڃان به آسرو آهي ته موٽي ايندين سڄڻ،

اڃان به تولاءِ دروازا دل جا کوليان پئي.

 

اڃان به منهنجي اڱڻ تان ڪانگ اڏرن ٿا،

اڃان به باغ تمنا جا گل ڪي مهڪن ٿا.

 

اڃا به رات جي اوندهه ۾ چنڊ اڀري ٿو.

اڃان به خواب سان جذبات منهنجا وندرن ٿا،

 

اڃان به دل تي اميدن جو آسرو آهي،

اڃان به دل جي ڳلي ڏي ڪو سوجهرو آهي،

 

اڃان به ياد آهن ٽهڪ تنهنجي قربت جا،

اڃان به آسرو الله جيترو آهي.

 

اڃان به درد سڻايان لڄي لڄي سڀ کي،

اڃان به حال ٻڌايان ڊڄي ڊڄي سڀ کي،

 

اڃان به ساڳي محبت جي ڪم نگاهي آ،

اڃان به سور سڻايان ڀڄي ڀڄي سڀ کي.

الطاف اثيم

غزل

راهه اهڙي ڪا اختيار ڪريون،

جو خزان کي کڻي بهار ڪريون.

سونهن سڪ جي سڳنڌ ڦهــلائي،   سارو ماحول مشڪبار ڪريون.

حق ٻين جا هڙپ ڪري ويــــــــــهن،   سي شريفن ۾ ڇا شمار ڪريون.

جـــــو به هتڙي آ ظلم جـــــــو حامي،   پاڻ ٿا تنهن تي بي شمار ڪريون.

هــــــت ته پنهجائي عيب اڻ کٽ هن،        ٻين جي پاپن جي ڇا پچار ڪريون.

نـــيــــــــــٺ ايندو سکن جو سج اڀري،   روز پيا جنهن جو انتظار ڪريون.

پنهنجو سينو ۽ پنهنجا سور ”اثيم“،     ڇو ڀلا ٻئي کي رازدار ڪريون.

ناظم منگي

غزل

سڳوري عشق پهچايو، پرين جي پار جي ويجهو،

پڇائي نيٺ مان پهتس مٺي منٺار جي ويجهو.

ٽٽي پيو ضبط دل جو حوصلا ڀي ٿي ويا پسپا،

جڏهن منهنجي نظر پهتي وڃي رخسار جي ويجهو.

جهلي آغوش ۾ جيڪر چمان هٿ پير هن جا پر،

نٿو ڏئي پاسبان مون کي اچڻ درٻار جي ويجهو.

ستائي سنگدل ٿو پر سهپ منهنجي به ڏس ناصح،

جو ائين محسوس ٿو ڪريان ته ڄڻ هان ٻار جي ويجهو

طبيو! موت جي بستر تان جي چاهيو اٿارڻ ٿا،

خدارا ڪجهه نه ڪجهه آڻيو سڄڻ بيمار جي ويجهو.

سر مقتل هلي ويو قتل هي آهي نگاهن جو،

ڪٺل آ، پر ويو ناهي ڪڏهن تلوار جي ويجهو.

بهارن تي لکي ڪريان خزان کي ڪيئن نظرانداز،

جو گل جو ڀي دخل آهي رهي ٿو خار جي ويجهو.

نڀائڻ وارا ”ناظم“ سر ڏيڻ کان ڪين هٽندا جو،

انهن گهاري ڏٺو آ عشق جي آزار جي ويجهو.

ماڪن شاهه رضوي

غزل

گلبدن تنهنجي ڪري، آهي گلن ۾ چهچٽو،

بلبلن توکي ڏسي، ڪيڙو چمن ۾ چهچٽو.

تو مٿان راهون فدا، گهر گام ڳليون ڳوٺ سڀ،

منهنجا من، قدمن ڪري آهي گسن ۾ چهچٽو.

ملڪ ۾ موتي گهڻا ير، ملهه نه ماڻڪ تو سندو،

ٿا لکن لکيو لکن، توسان لکن جو چهچٽو.

عرش ڪرسي فرش هي، سڀ ۾ حسن تنهنجي ڪري،

بادلن برسي تو لئه ڏس، ڪيو برن ۾ چهچٽو.

جن اکين تنهنجين مان پيتو، تن طهورا کي ڇڏيو،

ڇو ته ان اکڙين ڪري آهي نشن ۾ چهچٽو.

تنهنجي جلون جي ڪري آ سونهن سهڻا شهر جي،

هي حسن تنهنجو ڏسڻ لئه آ گٽين ۾ چهچٽو.

پارکو شائق سخن، اعليٰ ذهن جيڪي ٻڌن،

ٿا چون ”رضوي“ سان آ، بزم سخن ۾ چهچٽو.

آصف مٺياڻوي

غزل

چوماسي جون تيز هوائون،

تنهنجو پياريون ڍول ادائون.

تنهنجي هوندي سڀڪجهه آهي،    توبن آهيان ڪجهه به نه آئون.

هيـــکـــــل هــتـــــــــــــڙي آئون اڪيلو،    ڀوڳيان ويٺو کلوڙ سزائون.

تنهنجي يــــــاد هــميــــشه وانــــــــــگر،    مون وٽ تنهنجي ڪاڻ دعائون.

تنهنجون ايندڙ ويندڙ کان پيــــــو،     روز ڪيان ٿو يار پڇائون.

”مخمور“ ميرانپور

غزل

ڪڏهن احساس محرومي، ڪڏهن احساس تنهائي،

مصيبت ذهني قيديءَ لئه، ڪڏهن ڪائي ڪڏهن ڪائي.

مقدر ۾ ميسر ۾ نصيبن کي نراسائي،

پريشان حال تي ڪيسين جهان رهندو تماشائي.

ڏنو جنهن جي فراموشيءَ تخيل کي فروغ آهي،

چوان تنهن مهربان محبوب کي مان ڪيئن هرجائي.

ڏني سون اوج الفت کي ڪري رت ڇاڻ دامن پر،

ملي اڄ موٽ ۾ اهل سخن کان ڀي آ رسوائي.

شب تاريڪ غم ٿي وحشتن سان ساز باز آهي،

اچي ڏائڻ جان کائڻ ٿي اڙي گهوڙا اڪيلائي.

زمين و آسمان جو نيٺ ٿيندو پاڻ ۾ سنگم،

فضول آهي اها ”مخمور“ تنهجي قياس آرائي

”گل“ ٽکڙائي

غزل

پرين پنهنجي چهري تان پردو هٽايو،

اسان کان مٺا ڪين منهڙو لڪايو.

سرراه نظرن سان نظرون جو ٽڪريون،

چٽي تير دل تي تو قهري هلايو.

زماني جا آهيون اڳيئي ستايل،

اوهين ڇو اسان کي ٿا ايڏو ستايو.

اسان جي اندر ۾ پنهنجو گهر بنائي،

ڀلا ڇو انهيءَ کي اوهين ٿا مٽايو.

محبت ته ٿيندي هزارن سان ناهي،

اسان هوندي دل ڇو ٻين سان لڳايو۔

هي ”گل“ تنهنجو آهي ۽ تنهنجوئي رهندو،

اچي ان سان مٺڙا ڪا محفل مچايو.

خميسو خان خانوٺي

نظم

سنڌو! گيت تنهنجا لکان ڪهڙا ڪهڙا،

ترانا سي ڳائي چوان ڪهڙا ڪهڙا.

 

مٽي مشڪ عنبر کان خوشبوءِ واري،

ڪيان ان جا ويهي بيان ڪهڙا ڪهڙا.

سڳنڌ سونهن سوڀيا جڳن کان جڳن ۾،

ڪري سي فسانا زبان ڪهڙا ڪهڙا.

 

وهي ٿي جا مهراڻ مصري ۽ ماکي،

ڪيا سبز تنهن باغبان ڪهڙا ڪهڙا.

 

ٻنين ۾ ڦٽا گاهه، هر هنڌ ٿي ساوڪ،

سنگ هيرا موتي ڏسان ڪهڙا ڪهڙا.

 

بهادر سخي هت شهنشاهه عالم،

اهي ٿورا آهيون اسان ڪهڙا ڪهڙا

 

سچل، شاهه، قلندر ۽ درويش تن جا،

”خميسو“ ڏسي آستان ڪهڙا ڪهڙا.

مظهر لغاري

وايون

مظهر، منهنجو من لڳي ٿو بَنُ،

وسن ڪي ورشائون.

جيون جي سرندي جون سائين، تندون ٿيون تڙپن_ لڳي ٿو بَنُ ،

ڀوڳيون پيا بنواس، اندر ۾ باهيون ٿيون ڀڙڪن--- لڳي ٿو بَنُ

پرينءَ پڄاڻا، جيءُ جڏي سان جاڙ ڪئي جيون ------لڳي ٿو بَنُ

ڪارونجهر جي ڪور اتر ۾ ڪونجون ٿيون ڪڻڪن__لڳي ٿو بَنُ.

آگم هاڻي آءٌ، ته پاڻي پهچي ڪو پياسن________لڳي ٿو بَنُ

اوندهه اوندهه آهي پو ڀي، ٽانڊاڻا ٽمڪن_______لڳي ٿو بَنُ

شاعر آڇيا شعر، هتي ٿا ماڻهو بک مرن_______لڳي ٿو بَنُ

بخشڻ مهراڻوي

نيڻ اڃايل،

رت وياڪل

ڏور پکيئڙا اڏري ويا.

بيوس بن ۾،

جند هيکل،

ڏور پکيئڙا اڏري ويا.

ڌک وڇوڙا،

مک مرجهايل

ڏور پکيئڙآ اڏري ويا.

يگ لڳي ٿو،

هر هڪ پل،

ڏور پکيئڙا اڏري ويا.

غلام قادر مظهر ڏاهري

غزل

گلن جي سيج تي ساٿي ڪري سرهاڻ ملنداسين،

وصل جو وقت آيو آ اجهو ڪي ڄاڻ ملنداسين.

جفا جيڪا سڄڻ تو ڪئي سا مون لئه وفا ٿي پئي،

وفا جا پيچ پائي اڄ پرين پوءِ پاڻ ملنداسين.

جدائي جون سهي سختيون گذاري رات روئي مون،

اسين توسان جي ”ملياسين، متي مانڌاڻ ملنداسين.

محبت جي ئي راهن ۾ ڪنڊا هي جنهن ڪيا آهن،

گلن سان تن کي سينگاري، ڪري ڇنڊ ڇاڻ ملنداسين.

لڙهي درياعه سنڌڙيءَ ۾ ڪيو هو قول هي سهڻي،

مٺا ميهار توسان هر طرح مهراڻ ملنداسين.

متي مهراڻ جون ڇوليون محبت کي نه ٻوڙينديون،

اچين جي سير ۾ ساهڙ ته پو تو ساڻ ملنداسين.

ڪيرائي قيد جا ڪنگرا ٿيو آزاد عاشق جي،

بهارن ۾ نه ملياسين، خزان ۾ هاڻ ملنداسين.

ڪشالا ڪئين ڪري ”مظهر“ رسيو دلدار تو در تي،

سڄڻگر اڄ نه ملياسين، وري صبحاڻ ملنداسين.

 

محمد رمضان ”زلفي“

غزل

وري ياد آيا ته ماضيءَ جا منظر،

چڀن ٿا سندم دل ۾ دردن جا نشتر.

 

حسن اڄ وري انجمن آرا ٿيو آ،

بپا ٿيو وري آهه جلون جو محشر.

 

هجر ۾ ته ٿيو آهيان بيتاب اهڙو،

سندءِ ديد جي لئه ڦران ٿو مان در در.

 

لنوي ڪانگ ٿو ۽ چوي ٿو ته ايندس،

نهاريان ٿو واٽون، واجهايان ٿو ور ور.

 

سندءِ قهري نيڻن هنيا تير ڪاري،

جو بي قابو ٿي ويو سندم دل مضطر.

 

تنهنجي ياد دل ۾ آ هلڇل مچائي،

جو اٿلي پيو آ امنگن جو ساگر.

 

پنهنجي حسن جي بيک مون کي به ڏي تون،

ازل کان سندءِ در جو آهيان گداگر.

 

تنهنجي رس رهاڻين ڪيو آهي جادو،

نه آهي سندءِ ثاني، ٻيو ڪو سخنور.

 

هي مهتاب رخ تنهنجو ڏاڍو وڻي ٿو،

سندءِ رخ ڏانهن ”زلفي“ نهاريان ٿو هرهر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25    26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com