رفيق سوچڻ لڳو. صائمه کي گلن سان ڪيڏو نه پيار هو. گل دائودي جي
هڪ نمائش ۾ جڏهين هو ٻئي ساسر جيڏن وڏن گلن وٽ اچي
بيٺا هئا، جن تي پهرين نمبر انعام جي چٽڪي لڳل هئي
ته هو سندن شيڊ ڏسي ڪيڏو نه خوش ٿيا هئا. ڪاسني
رنگ جا اهي دائودي گل ٻين سڀني گلن جا سردار پئي
لڳا، ۽ جڏهين انهن جي مالڪ جو پڇائيندي هو ٻئي مسز
موني ايرانيءَ سان وڃي مليا هئا، ۽ ساڻس گلن بابت
ڳالهيون ڪيائون ته ڪيڏي نه ڄاڻ پرائي اٿيا هئا
ٻئي! ان ئي نمائش جي ڳالهه هئي نه؟ صائمه گلن جي
هڪ اسٽال تي شيشي جي ننڍي پيالي ۾ هڪ ڪيڪٽس جو
گنبذ نما ننڍڙو ٻوٽو ڏٺو هو ۽ ان جي خريد ڪرڻ لاءِ
کيس چيو هئائين ۽ هو ان جي پنجاه رپيا قيمت ٻڌي
ويچار ۾ پئجي ويو هو ۽ صائمه جي اکين ۾ هڪ خاص چمڪ
ڏسي کيس ڪيڪٽس خريد ڪرڻو پيو ته گهر اچڻ بعد صائمه
ڪيڏو نه خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. رفيق کي پنهنجي
شاديءَ جي پندرهين سالگره ياد اچڻ لڳي. صائمه تازو
ٻاهران آئي هئي. دستور جي خلاف هوءَ پهريائين سندس
ڪمري ۾ اچڻ جي بجاءِ پنهنجي ڪمري ۾ هلي ويئ هئي ۽
پندرهن منٽن بعد کيس هٿ کان وٺي ڊرائنگ روم ۾ هڪ
پينٽنگ جي اڳيان وڃي بيهاريو هئائين ته هو ڪيڏو نه
حيران ٿي ويو هو. ڀت تي سندس اڳيان مشهور آر ٽسٽ
گل محمد کتريءَ جي تصوير، ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا
مٿن ويس“ ٽنگيل هئي، جنهن جي قيمت آرٽ ايگزيبيشن ۾
ڏهه هزار ڏٺي هئائون ۽ هن صائمه کي چيو هو ته هيءَ
تصوير اسان جي ڊرائنگ روم ۾ ڪيڏي نه جيڪر سٺي لڳي؟
ڏهه هزار! صائمه پيڪن مان شاديءَ تي مليل سمورا
پيسا تصوير خريد ڪرڻ ۾ صرف ڪيا هئا. هو لڄي ٿيڻ
لڳو. ڪيڪٽس جي خريديءَ ۾، جنهن جي قيمت رڳو پنجاه
رپيا هئي، سندس پس وپيش ڪرڻ ۽ چترڪار کتريءَ جي
تصوير خريد ڪرڻ ۾ صائمه جي دريا دلي! ڪيڏو نه
تفاوت هو ٻنهي ۾؟
ڇا نه ڪيو هو صائمه سندس لاءِ؟ هو آفيسرس هاسٽل ۾
پنهنجي مختصر مڏيءَ سان پيو هوندو هو ته کيس لٽي
ڪپڙي پائڻ جي تميز هئي ۽ نه مجلس ۾ اٿڻ ويهڻ مان
واقفيت ۽ هڪ ڏينهن ڪلفٽن جو سير ڪندي هن جي ننڍ پڻ
جي دوست ڪمال سان ملاقات ٿي وئي سالن کان هڪ ٻئي
سان ملي ڪو نه سگهيا هئا. ڪمال سان گڏ سندس ڀيڻ
هئي صائمه. صائمه، جا هاڻي سندس حق ٻڌي زال هئي.
ڪيڏي شوخ ۽ چنچل هئي هوءَ. انهن ڏينهن ۾ گويا باه
جي ڄڀي هئي ڀڙڪندڙ ۽ بي قرار. ۽ هاڻي؟ هوءَ هڪ
پراسرار ۽ خاموش ڍنڍ وانگر ماٺي هئي، جنهن ۾ نه
گهرئي ۾ ۽ نه سطح تي ڪا لهر هئي يا ڇولي، جنهن ۾
پٿر ڦٽي ڪرڻ سان به ڪا لهر پيدا ڪانه پي ٿي سگهي.
پنجٽيهه سال ٿيا هئا سندن شاديءَ کي. ٽيهن سالن
تائين صائمه جي چنچلتا قائم رهي. جيئن بتيءَ مان
تيل ختم ٿي ويندو آهي، پنجن سالن کان وٺي صائمه
اجهاميل هئي، بتي وانگر.
رفيق سوچيو. آخر ائين ڇو ٿيو؟ عمر جي تقاضا هئي يا اڻ
ڄاڻائيءَ ۾ هن صائمه جي حساس دل کي ڪا ٺيس ته نه
پهچائي هئي؟ ڪا اندر جي لوري، ڪا جيءَ جي جهوري ته
نه لڳل هئي کيس، جنهن جو ذڪر زبان تي آڻي نه ٿي
سگهي. وسان هن به نه گهٽايو هو. هر طرح جو علاج هن
ڪرايو هو سندس. ايتريقدر جو ملن موراڻن کان به پڇا
ڪرائي هئائين، جن ۾ سندس اعتبار هوئي ڪونه . صائمه
گهڻو ڪري پنهجي ڪمري ۾ پلنگ جي حوالي هوندي هئي.
اکيون کوليو فضا ۾ ڪنهن چيز جي ڳولا ڪندي رهندي
هئي، اها چيز جا کيس پهريائين حاصل هئي ۽ هاڻي
ڪانه.
صائمه ڪک مان لک ڪيوهو. سندس ترغيب سان ئي رفيق مقابلي
جي امتحانن ۾ ويهي مٿاهين درجي کي وڃي پهتو هو کين
پنهنجي بنگلو هو، جنهن ۾ قيمتي فرنيچر، قالين ۽
ڪراڪري موجود هئي. بنگلي ۾ خوبصورت لان ۽ گلن جا
ٻارا هئا. ايئر ڪنڊيشنڊ ڪار وٽن موجود هئي. سندن
اٺ پٽ ۽ ڌيئرون فرمانبردار ۽ محبت ڪندڙ هئا. آخر
اها ڪهڙي چيز هئي جنهن جي وٽن ڪمي هئي. رفيق جو
دماغ سوچي شل ٿي چڪو هو. سندس لوندڙيون ڌنئي رهيون
هيون. هن وڌيڪ سوچڻ ڇڏي اکيون پوري ڇڏيون.
صائمه ڪٽنب سان گڏجي گلن جي نمائش
۾ ويئي، محسوس ائين پئي ٿيو ڄڻ هوءَ اتي حاضر
هوندي به موجود ڪانه هئي ٻه دفعا البت هن ۾
زندگيءَ جي لهر موٽي آئي. هڪ مسز مونيءَ جي گلن
وٽ، جتي ڪارنيشن جي نئين شيڊ کي ڏسي حيران ٿي وئي.
مونيءَ کيس ٻڌايو ته ان شيڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کيس
ڪيڏي نه محنت ڪرڻي پئي هئي ۽ ٻيو دفعو جڏهن هڪ
ننڍڙي ٻار ماءُ جي دوکي ۾، جا قطار ۾ اڳيان هلي
رهي هئي، صائمه جي ساڙهيءَ ۾ اچي هٿ وڌو. هن کيس
کنيو ۽ سندس گلابي ڳلن کي چمي سندس ماءُ جي حوالي
ڪيو. صائمه هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
سارو گهر ٻهڪي اٿيو، جنهن وقت ڀاڳان اچي خوشخبري ٻڌائي
ته توفيق کي الله نوازيو آهي، ٻچڙو پيدا ٿيو اٿس.
پوٽي جي پيدا ٿيڻ اڪسير جو ڪم ڪيو. مامتا جا سالن
کان وٺي صائمه جي من ۾ ستل هئي سا ڪر موڙي اٿي کڙي
ٿي. صائمه اڳي جهڙي صائمه ٿي ويئي. ٻٽونءَ مان سئو
جو نوٽ ڪڍي ڀاڳان جي هٿ تي ”مبارڪيءَ“ رکيائين. رڙ
ڪري چيائين ته گاڏي لڳايو، مان اسپتال وينديس.
ساڳي وقت ٻه ٽوڪرا مٺائيءَ جا ٻه گهرايائين هڪ
بيٽي بيٽي گهر ۾ ورهايائين ۽ ٻيو کنيائين پاڻ سان
اسپتال ۾ وهرائڻ لاءِ.
شفيق گهر ۾ ڇا آيو، صائمه جي اجڙيل من ۾ بهار آيو هوءَ
شفيق کي ساڳيءَ طرح گود ۾ کيڏائڻ لڳي، جيئن پنهجن
ٻچن کي کيڏائيندي هئي. شفيق ماءُ کي ساريندو به
رڳو ان وقت هو، جنهن وقت کيس بک ستائيندي هئي، نه
ته پيو ڏاڏايءَ سان کيڏيندو هو. صائمه جي طبيعت ۾
ڦيرو اچي ويو هو. هاڻي هوءَ پنهجي دلپسند مشغلي
موسيقي ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳي. هاءِ فاءِ ۽ اسٽريو
تي نوان گيت ۽ ڌنون سندس ڪمري ۾ وڄڻ لڳوين.
ٽيليويزن لائونج ۾ به پنهنجن پسنديده پروگرامن ۾
صائمه پنهنجي مخصوص جڳهه تي ويٺل نظر ايندي هئي.
شادي مرادي، مجلس ميلادن ۾ به اچڻ وڃڻ لڳي. هڪ
دفعي ته سندس تقاضا تي پورو گهراڻو ڪينجهر جي
ڪناري تي سير ۽ تفريح لاءِ پڻ ويو هو.
شفيق هاڻي پير پير کڻ لڳو هو. پنهنجي ٻاراڻين بولين ۽
حرڪتن ڪري ساري گهر کي پيو وڻندو هو. سندس پڦيون ۽
چاچا مٿس گهور گهور ويندا هئا. پنهنجي ننڍڙي وجود
سان شفيق هن وڏي گهر ۾ خوشين ۽ محبتن جا درياهه
وهائي ڇڏيا هئا.
ان سال ٿڌيون به زوردار پيون.
صائمه پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي هئي ته ٻاهران دٻڪو ۽
شفيق جي رڙ ٻڌائين. شفيق ڪرسيءَ تان ڪري پيو هو.
مٿي ۽ پيرين اگهاڙي صائمه ”مان صدقو، مان قربان“
چوندي ٻاهر ڊوڙي. شفيق کي ته کنيائين، پر اچي سيءُ
چڙهيس. بستري داخل ٿي وئي. پهريائين زڪام ۽ بخار
ٿيس ۽ پوءِ پاسي ۾ سور. پاسو به ورائي نه سگهندي
هئي. بلغم به ٽشو پني ۾ وٺندا هئس. سارو مهينو
بستري ڀيڙي هئي. باوجود اگهائي جي شفيق به ڏاڏيءَ
جي حالت ڏسي، جڏهن وٽس ايندو هو ته ارڏائي ڇڏي
سندس پاسي ۾ چپ ڪري اچي سمهي رهندو هو ۽ پنهنجي
ننڍي ٻانهن صائمه جي مٿان رکندو هو.
اڄ وري گهر ۾ چهل پهل ٿيڻ لڳي. صائمه مٿي پاڻي وڌو هو.
گهر جا ڀاتي سڀ خوش هئا ۽ هوءَ پاڻ به پنهجي پوٽي
جون حرڪتون ڏسي پئي خوش ٿيندي هئي، جي سندس ننڍي
چاچي کيس سيکاريون هيون. هڪ ڏينهن چور ۽ پوليس
کيڏندي، جڏهن شفيق پنهنجي پلاسٽڪ جي پستول سان
”ٺا“ڪيو ۽ کل ڦل جي گولي سندس ننڍي چاچي کي وڃي
لڳي، ۽ هو ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪندي وڃي پلنگ تي ڪريو ۽
سندس مٿو پلنگ جي پئي سان سچ پچ ۾ ”ٺا“ ڪري وڃي
لڳو ته گهر جا سڀ ڀاتي بي تحاشا کلڻ لڳا، ان ۾
صائمه جو به ساٿ هو. کلندي کلندي صائمه جي کل
کنگهه ۾ تبديل ٿي ويئ ۽ کنگهندي کنگهندي هوءَ ٻٽجي
ويئي ته گهر ۾ هائيدوس مچي ويو. اتفاقا رفيق به
گهر ۾ موجود هو، پنجن منٽن ۾ ڊاڪٽر کي وٺي گهر
واپس وريو. ان وچ ۾ صائمه کي آرام اچي ويو هو.
ڊاڪٽر چڪاس بعد ڪجهه وٽامن ۽ ڪجهه گوليون صائمه
لاءِ تجويز ڪيون. صائمه اٿي ته سهي پر کيس وقفي
وقفي سان کنگهه ستائڻ لڳي. ڊاڪٽر تبديل ٿيڻ لڳا ۽
دوائون به. طبيعت سڌرڻ لڳي، پر کنگهه جو ٽونڪارو
ڪونه ويو. هڪ ڏينهن ماني کائيندي صائمه جي نڙي سري
ويئ کنگهڻ سان گرهه اچي اگالدان ۾ پيو، پر ان سان
گڏ رت جو چڪو پڻ رفيق تي ڄڻ. بجلي ڪري. پهريائين
ته سن ٿي ويو ۽ پوءِ اوچتو ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري ويو
۽ وڃي شهر جي بهترين فزيشن آصف کي وٺي آيو.
اڌ ڪلاڪ کن چڪاس هلي. ٽيمپريچر ڏٺو ويو، نبض چڪاسي
ويئي، دل جا آواز ٻڌا ويا، ڦڦڙن کي اسٽيٿوسڪوپ سان
چڪاسيو ويو، ڇاتي ۽ پٺيءَ کي آڱرين سان وڄائي ڏٺو
ويو. سمهي، ويٺي ۽ بيٺي بلڊ پريشر ڏٺو ويو، اکين
جي ڇپرن کي هيٺ ڪري اکين جو معانئو ڪيو ويو، پيرن
۽ مرن کي زور ڏئي سوج لاءِ چڪاس ڪئي ويئي، مطلب ته
سئو جو نوٽ کرو ڪرڻ بعد فزيشن صاحب بلغم، رت ۽
پيشاب جي چڪاس سان گڏ اڪيسري ڪرائڻ جو مشورو ڏيندي
في الحال کنگهه جو شربت ۽ ٽرئنڪلائيزر وغيره نسخي
۾ لکي روانو ٿي ويو.
فزيشن، لئباريٽري رپورٽون ۽ ايڪسري رپورٽ ڏسي رفيق کي
ٻڌايو، ”مسٽر! مون پهريائين ئي سمجهيو هو، وڌيڪ
تصديق رپورٽن ۽ ايڪسري مان ٿي آهي. اوهان جي
گهرواري کي سلهه آهي.“
”سلهه!“ رفيق کان رڙ نڪري ويئي.
”پريشان ٿيڻ جي ڳالهه ڪانه آهي رفيق صاحب! اڄ جون
دوائون ڪافي اثرائتيون آهن ۽ بيماري ڪا اهڙي وڌيل
به ڪانه آهي.“
”اوهان سئنيٽوريم ۾ وڃڻ جي صلاح ڏيندو ڇا ڊاڪٽر؟“
”بالڪل نه،“ ڊاڪٽر وراڻيو، ”گهر ۾
مريض جي ديک ڀال سٺي ٿي سگهندي. البت ڪن ڳالهين جو
اوهان کي خيال رکڻو پوندو. دوا وقت تي ڏني ويندي،
کاڌو برداشت مطابق طاقتور ڏبو، مريضه کي وڌ ۾ وڌ
آرام ڪرايو ويندو، مريضه جا بسترٽوال ۽ کاڌي جا
برتن ٻيو ڪو به ماڻهو استعمال نه ڪندو، ٿڪون ۽
بلغم ڊٽال ۾ ورتاويندا، ڪمزور هاٺي وارن خاص طرح
ٻارن کي مريضه کان دور رکيو ويندو.“
دستور موجب اڄ به صائمه چانهه ۽ بسڪوٽ رکي شفيق جي اچڻ
جي منتظر هئي. هر صبح اڌ بسڪوٽ ۽ ساسر ۾ کيس چانهه
پياري پوءِ پاڻ باقي اڌ بسڪوٽ ۽ چانهه پيئندي هئي.
ڪجهه وقت گذرڻ بعد به جڏهن شفيق وٽس نه آيو ته هن
ننهن کي سڏ ڪري چيو، ”ڪنوار! شفيق کي وٺي آءُ
چانهه ٿي ٿڌي ٿئي.“
”امان.“ننهڻس چيو، ”چانهه اوهان پيو، شفيق جي اڄ طبيعت
خراب آهي سمهيو پيو آهي.“
هٿ مان بسڪوٽ ڪري پيس. رڙ ڪري صائمه چيو، ڇو، ڇا ٿيو
آهي شفيق کي؟ مان ته سندس آواز ٻڌو هو. تون ٿي
چئين ته سمهيو پيو آهي.“
”امان، جاڳيو ته آهي، پر پيٽ ۾ سور اٿس، انڪري مان
مناسب نه سمجهيو.............“
”پيٽ ۾ سور!“ ننهن جي ڳالهه ڪٽيندي صائمه پڇيو.
”ها امان!“
صائمه اٿي کڙي ٿي ۽ شفيق جي ڪمري ڏانهن وڌڻ لڳي. شفيق
جو آواز سندس ڪن تي پهچي رهيو هو. هو چئي پيو.
”امان بسڪٽ، امان سانهه.“ امان هو ڏاڏيءَ کي
سڏيندو هو ۽ ماءُ کي ”مومي“. چانهه کي ”سانهه“
سڏيندو هو.
صائمه شام جو مڙس کي چيو، ”رفيق، ڏس ننهن جا حال! شفيق
کي مون ڏانهن اچڻ کاڻ روڪيو اٿائين. پان ته اهڙي
نه آهي، شايد توفيق جهليو هوندس.“
رفيق سوچ ۾ اچي ويو. جي سچ ٿو ٻڌائي، ته به خراب ۽ جي
نٿو ٻڌائي، ته به برو. آخر کيس چوڻو پيو، ”صامون!
تنهنجي بيماري ئي اهڙي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شفيق
لاءِ چيو آهي ته احتياط طور تو وٽ ڪجهه ڏينهن نه
اچي. کيس به نه ته بيماري لڳي سگهي ٿي.“
صائمه جي چهري جي شگفتگي گم ٿي وئي. اداسيءَ ان ۾ واسو
ڪيو هوءَ پاڻ کي ڪنهن اجاڙ بيابان ۾ محسوس ڪرڻ
لڳي، جتي سندس ذات کان سواءِ نه ڪو اوهي هو ۽ نه
واهي!“
تعبير
نه ڪا
طارق عالم
”ڪيڏو پيارو ٻار آهي! تون ايترو سهڻو ناهين، هي ڪنهن تي
ويو آهي؟“ احسان سال جي پشم ٻار کي هٿن ۾ کڻندي
چئي ٿو. ”ماءُ تي“. فيروز پٽ ڏانهن مرڪي ڏسندي چئي
ٿو. ”ڀاڀي ڪاٿي آهي؟“ احسان کي اوچتو ڄڻ ياد اچي
ٿو وڃي.
”اچي ٿي، چانهه ٿي ٺاهي.“
”يار، ڀاڀيءَ کي آهي سلام، توکي سچائي سان ساٿ ڏنائين.
فيروز احسان جي ڳالهه ٻڌي، پرسڪون مرڪ مرڪي پئي ٿو ۽
چئي ٿو: ”ها، وڏن جهيڙن کان پوءِ اسان ٻنهي هڪ ٻئي
کي ماڻيو آهي.“
فيروز جي ماءُ مختصر ڪمري جي سوڙهي در مان اندر اچي،
احسان کان ٻار وٺندي چئي ٿي: ”مون کي ڏي پٽ، هن جي
کير جو ٽيم ٿي ويو آهي.“
احسان ٻار فيروز جي ماءُ ڏانهن وڌائي ڇڏي ٿو ۽ کيسي مان
ڏهه رپيا ڪڍي ٻار جي بند ٿيل مٺ کولي ڏئي ڇڏي ٿو
فيروز جي ماءُ پوٽي کي چميون ڏينددي ڪمري مان نڪري
ٿي وڃي، ۽ هو ٻئي ٻيهر ڳالهائڻ لڳن ٿا.
”فيروز، سچ ٻڌاءِ....... شاديءَ کان اڳ خوش هئين، يا
هاڻ؟“ فيروز سگريٽ جوڪش هڻي، تيلي کي هوائن ۾ لوڏي
وسائي ڇڏي ٿو. ”هاڻ______ شاديءَ کان پوءِ ماڻهوءَ
جي زندگيءَ ۾ ليول اچيو وڃي، ليول سمجهين ٿو
نه______ منهنجو مطلب آهي توازن.“
احسان گهري سوچ سان سموري ڪمري جي هرشيءَ کي غور سان
ڏسڻ لڳي ٿو، ۽ سوچڻ لڳي ٿو. (ڪيڏو مختصر، ۽ ساهه
گهٽيندڙ ڪمرو آهي. ڪجهه به ته ناهي هن ڪمري ۾_____
سواءِ هڪ پلنگ ۽ ڪراڪري جي) ايڏي وڏي گهر مان آيل
ڇوڪري، ڇا هن اونداهي ڪمري ۾ خوش گهاريندي
هوندي_؟) ۽ کن رکي چئي ٿو: ”توکي هاڻ، گهر ۾
ٽي__وي وغيره رکڻ گهرجي هلڪي سلڪي تفريح ٿي
پونديئي____؟“
”ها، وٺي ڇڏبي.“ فيروز سرد آواز ۾ چئي ڇڏي ٿو.
”ڀاڀي هت خوش رهندي آهي__!!؟“ احسان کان اوچتو جملو
ڇڏائجي وڃي ٿو.
”ڀئي، عورت کي گهرجي ڇا__؟ رهڻ لاءِ گهر، ٽن وقتن جي
ماني ۽ پيار ڪندڙ مڙس.“
احسان ڪو جواب ڏئي ئي، ڪمري جي در ٻاهران آواز اچي ٿو:
”چاءِ وٺ فيروز.“
”اندر هلي اچ ثمينا، هي منهنجو دوست ۽ تنهنجو ڏير آهي،
احسان.“
”منهنجا ڪپڙا ٺيڪ ناهن، هي چاءِ وٺو.“
ثمينا سرد لهجي ۾ چئي ٿي، احسان تڪڙ ۾ چئي ٿو:
”اڙي ڀاڀي، ڪمال ٿا ڪريو __. مان توهان جو ڏير آهيان،
غير ته ناهيان.“ |